ڪھاڻيون

عدد ناهي عشق

وفا اسلم شيخ وڏي عرصي کان ڪھاڻيون لکندو رھيو آھي. 15 سالن جي وقفي کانپوءِ سندس ڪھاڻين جو ٻيو ڪتاب ”عدد ناھي عشق“ ڇپيو آھي. وفا اسلم شيخ جي ڪھاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالھ گھرائيءَ سان محسوس ٿئي ٿي تہ هن ڌرتيءَ جي ماڻھن جا جذبا، احساس، مسئلا، خوشيون ۽ غم پنھنجي ڪھاڻين ۾ پيش ڪيا آهن. ساڳي وقت ھن تھذيبي، معاشي ۽ سماجي مسئلن کي پڻ ڪھاڻين جو موضوع بڻايو آھي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻولي سولي ۽ سليس آهي ۽ هن ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جا رنگ ۽ عڪس چڱي نموني پيش ڪيا آهن.

Title Cover of book عدد ناهي عشق

ڪاراڻ

رات جو الائي ڪهڙو پهر هيو بلڪل سانت لڳي پئي هئي ڪنهن ڪنهن مهل ڪنهن ڪتي جي ڀونڪڻ جو آواز اچي رهيو هو، جنهن جو آواز سانت کي چيري پيو ڇڏي. شهر جي ٻاهران کليل ميدان تي ننڍين ننڍين جهڳين واري ننڍڙي وستي آباد هئي. ڪتن جي ڀونڪڻ ڪري ماحول وڌيڪ ڀوائتو لڳي رهيو هيو. انهن مان هڪ جهڳيءَ ۾ شادان سمهي پئي هئي. هڪ ته اماوس جي رات ۽ وري مٿان قهر جو پارو. هوءَ اڪيلي هئي ۽ خوف محسوس ڪري رهي هئي هوءَ هر هر پاڻ کي سوڙ ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي پر سندس سوڙ ٿڌ جي شدت کي گهڻو گهٽ نه پئي ڪري سگهي،سندس سوڙ هڪ ٻن هنڌان ڦاٽل هيس.سندس جهڳي خيمي نما ڪپڙي جي ٺهيل هئي جنهن ۾ ڪا به کٽ ڪا نه هئي، هيٺ ئي ڪچي فرش تي هڪ ٻه رلهي پراڻي ڦاٽل وڇايل هيس ۽ خيمي جي مٿن کان ڪجھ ٿانو ضرورت جا،ميرا ڪپڙا ۽ ٻيو سامان رکيل هيس.

اڄ هن کي سندس ماءُ ڏاڍو ياد اچي رهي هئي. ماءُ کي ساريندي هن جي رات ڪٽجندي پئي وڃي. مسلسل يادن جي ڪري هن جي ذهن تي دٻاءُ وڌڻ لڳو. ان ڪري هاڻي بغير ڪنهن نقتي جي اوندھ کي گهورڻ لڳي ۽ اٿي ويهي رهي،
”الائي ته ڪيترو ٽيم ٿيو آ.“
سوچي ٿي،اوندھ ۾ ئي ڀرسان هٿ هڻي ماچيس ڳولهي ٿي وٺي ۽ ميڻ بتي ٻاري چپل پائي جهڳيءَ کان ٻاهر ٿي نڪري اچي. هن ڏٺو ته آسمان صاف لڳو پيو هيو ۽ صبح جو تارو پنهنجي منزل جي ويجهو پهچي چڪو آهي. هن کي سڪون جو احساس ٿيو ۽ سمجهيائين ته شايد صبح ٿيڻ وارو آهي. واپس جهڳيءَ ۾ اچي ڪچين سرن سان ٺهيل چلھ تي چانھ تيار ڪري ٿي وٺي تيستائين صبح جي روشني به ظاهر ٿيڻ لڳي ٿي. پراڻي جرسي نارنگي رنگ جي جنهن جي ٻانهن تي اڇا پٽا ٺهيل ڪنهن راند جي جيڪٽ لڳي رهي هئي، پائي ۽ ٻوهارو کڻي شهر جي هڪ محلي طرف وڃي ٿي. جتي هيءَ صفائيءَ لاءِ مقرر ٿيل آهي.
شادان جي ڊيوٽي شهر جي هڪ محلي ۾ هئي جتي پهچي هن پهرين وڏي گهٽيءَ جي صفائي شروع ڪئي. هيءَ بچپن کان ئي ماءُ سان گڏ ايندي رهندي هئي.سندس ماءُ به اتي ئي مقرر ٿيل هئي،سندس ماءُ جڏهن صفائي شروع ڪندي هئي ته هيءَ به ماءُ جي رئي جي ڪنڊ پڪڙي هن سان گڏ هلندي رهندي هئي. جڏهن اهي گهٽيون صاف ٿي وينديون هيون ته هن کي ماءُ تي فخر ٿيندو هيو. اڄ به جڏهن هن ٻوهارو کڻي صفائي شروع ڪئي ۽ پوئتي نهاريائين ته هن کي محسوس ٿيو ته ڄڻ ڪائنات جي خوبصورتيءَ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو اٿائين. هيءَ انهن ئي خيالن ۾ صفائي ڪندي ڪندي وڃي ڍير ڀرسان پهتي ته هن کي ننڍڙي ٻار جي روئڻ جي آواز ڇرڪائي وڌو. هن حيرت ڀريل نگاهن سان هيڏي هوڏي ڏسڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ آواز جي طرف وڌندي وئي. صبح جي روشنيءَ ۾ هڪ ننڍڙي وجود کي پراڻن ڪپڙن جي ڳنڍ ۾ ڏٺائين. هن يڪدم پنهنجي ڏڪندڙن هٿن سان هن کي کنيو، اهو تازو ڄاول خوبصورت گل مثل ٻارڙو هيو، جنهن کي ڪيڏي ته بي رحميءَ سان پراڻن ڪپڙن ۾ ويڙهي سيڙهي ڦٽي ڪيو ويو هيو ته جيئن سندس دم ڪپڙن ۾ گهٽجڻ سبب نڪري وڃيس. پر مارڻ واري کان بچائڻ وارو وڏو آهي. ائين سوچي شادان پنهنجي جيڪٽ لاهي ٻارڙي کي ڍڪي پنهنجي ڪڇ ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ گند جي ڍير کان ٿورو اڳ ڀرو پاسي تي ٿي ويٺي. ٻارڙي کي انساني گرمي ملندي ئي سڪون مليو۽ هو ننڊ جي وادين ۾ گم ٿي ويو. شادان حيران هئي ته اها ڪهڙي قسم جي عورت هوندي جنهن کي پنهنجي ممتا تي به رحم نه آيو،شادان کي عورت جي ان بزدليءَ تي سخت ڪاوڙ آئي ۽ هن کي محسوس ٿيو ته ڪنهن وري هن جي ڳل تي چماٽ هڻي چيو هجي،
”هل نڀاڳي ڇوري.“
هوءَ ڄاڻي پئي ته گند جي ڍير تان ملندڙ ٻار جو مقدر نفرت ۽ ذلت کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه آهي ۽ پوءِ هن جي ذهن جي اسڪرين تي ماضيءَ جي فلم هلڻ شروع ٿي وئي ۽ هن جي سامهون چئن پنجن سالن جي شادان، حسرت ڀريل نگهائن سان کيڏندڙ ٻارن ڏانهن ڏسي رهي آهي پر هيءَ انهن سان کيڏي نه ٿي سگهي ڇو جو انهن ٻارن جون مائرون سندن ٻارن سان کيڏڻ کان روڪين ٿيون ۽ ڪڏهن ڪنهن ٻار هن سان کيڏڻ جي ڪئي به ته نه صرف ان ٻار کي ماڻس دڙڪا ڏئي منع ٿي ڪيو بلڪه هن کي به چماٽ هڻي چيو ٿي،
”هل ڇوري نڀاڳي،انڌيءَ جي ڌيءَ“
هيءَ روئندي اچي ماءُ کان پڇندي هئي ته،
”امان نڀاگي مون کي ٿو ٿا تون،ڀلا انڌيءَ جي ڌيءَ شائي.“
ماڻس سدائين اها ڳالھ ٻڌي سرد آھ ڀريندي هئي،اکين جا بند ٽٽي پوندا هئس ۽ هن کي پنهنجي سيني ۾ لڪائي ڇڏيندي هئي.
وقت جي وير سان گڏ هن کي انهن ڳالهين جي معنيٰ ۽ مفهوم سمجھ ۾ اچي ويو ۽ هن کي پنهنجي ئي ماءُ جي وجود کان نفرت ٿي پئي. بچپن ۾ هن کي ماءُ ٻڌايو هيو ته جيڪي ماڻهون برو ڪم ڪندا آهن انهن جو شڪليون خراب ٿي وينديون آهن سندن منهن ڪارو ۽ مڪروھ ٿي ويندو آهي ائين لڳندو آهي ڄڻ پنهنجي منهن تي دانگي ملي ڇڏي اٿن،ان ڪري هن کي ماءُ جو منهن به ڪارو نظراچڻ لڳو.
وقت گذرندو رهيو هن کي ماءُ جي جاءِ تي نوڪري ملي وئي ۽ سندس ماءُ ڏينهون ڏينهن موت جي قريب ٿيندي رهي. ماڻس گهڻي ڪوشش ڪئي ته شادان جي شادي ڪٿي برادريءَ ۾ ڪرائجي پر اتي به هن کي ڌڪاريو ويو. تڏهن شادان کي ياد آيو مرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ سندس ماءُ ڪيڏو ته درد محسوس ڪري رهي هئي ۽ هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ڏئي چيو هئائين،
”شادان تون مون کان نفرت ڪندي آن نه، اهو تون صحيح ڪندي آن. هن معاشري توسان سٺو سلوڪ نه ڪيو آ. ان جي ذميوار مان آهيان مان، پر ڌيءَ ان ۾ معاشري جو به قصور آ. هي معاشرو مايا جو غلام آ. تون مون کي ئي ڏس مان پنهنجي پيءُ جي نالي وڏي فخر سان ڄائي هيس پر والد جي زندگيءَ جٽاءُ نه ڪيو ۽ اسان جي ماءُ به وڏين مشڪلاتن سان منهن ڏيندي ڏيندي اها به گذاري وئي ۽ منهنجي هڪ ڀيڻ خود گندي معاشري جي ور چڙهي وئي. مان اڪيلي عورت اهڙي معاشري ۾ پاڻ کي ڪٿي ٿي بچائي سگهيس. تن ڏينهن ۾ هن ئي شهر جي ڇوڪري رحيموءَ مون سان پيار جا ناتا رکيا،هن مون کي حسين خواب ڏيکاريا ۽ مايا جي لالچ ۾ الجهائي ڇڏيو. پٽ مان به انسان هيس ۽ انسان سڌي راھ تي هلندي هلندي به ڪڏهن اونهي کاهيءَ ۾ ڪري پوندو آهي. جڏهن ڳالھ ڪافي اڳتي نڪري چڪي هئي تڏهن مون هن کي شاديءَ لاءِ چيو پر هو ڌوڪيباز نظرون ڦيري ويو ۽ ائين شهر مان گم ٿي ويوڄڻ هن شهر جو هيو ئي نه. هاڻي مان ڪنهن کي دانهن ڏيان ها اٽلو هر ڪو مون کي ئي ٿڪ لعنت ڪري ها، تڏهن ئي تون هن دنيا ۾ آئي هئينءَ.”
هن جو ساھ منجهڻ لڳو هو ۽ کنگھ اڀري پئي هيس، شادان يڪدم پاڻيءَ جو گلاس ڀري ماءُ کي پنهنجي هنج ۾ ڪري آهستي آهستي پيارڻ لڳي ۽ پوءِ الائي ته ڪيتري دير تائين ماءُ کي مٺيون ڏيڻ لڳي. ٻئي ماءُ ڌيئر هڪٻئي کي ڳڙاٽڙيون پائي روئديون رهيون ان وقت ائين لڳي رهيو هو ڄڻ صدين کان پوءِ هڪٻئي سان مليون هجن.
ڪجھ ڏينهن کان پوءِ سندس ماءُ گذاري وئي هئي، هن کي ڏاڍي ندامت ٿي هئي ته هن ماءُ کان نفرت ڇو ڪئي،هوءَ ته خود مظلوم هئي هن وانگي. هن کي دنيا کان هن معاشري کان سخت نفرت ٿي پئي. نه ڄاڻ اڃا ڪيتري دير تائين هوءَ انهن ئي خيالن ۾ گم هجي ها پر ٻار جي روئڻ تي هوءَ حال ۾ موٽي آئي.
سج جي روشني ڪافي ڦهلجي چڪي هئي. هڪ لمحي هن کي خيال آيو ته ڀرسان وهندڙ نالي ۾ ٻارڙي کي اڇلائي ڇڏيان،پر ائين ڪري نه سگهي ۽ پوءِ اٿي تڪڙي تڪڙي هلڻ لڳي، هلندي ويئي ۽ هلندي ئي رهي، ائين پئي لڳو ته ٻارڙي کي دنيا جي نظرن ۽ نفرت کان بچائيندي هجي. آخر ٿڪجي هڪ هنڌ بيهي رهي. هن ڏٺو ته شهر جي ڪنهن مصروف روڊ تي پهچي چڪي آ. جتي ٽريفڪ جام ۽ روڊ جي ساڄي کاٻي پاسي مختلف آفيسون،بنگلا ۽ اسڪول هيا. ماڻهن جي اچ وڃ ۽ شور لڳو پيو هيو. پر هي ڇا ؟ هن کي ماڻهن جا چهرا ڪارا ۽ مڪروھ نّظر اچي رهيا هيا هر طرف هن کي ڪارنهن ئي ڪارنهن نظر اچي رهي هئي هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ دنيا جي منهن تي ڪارنهن ملجي چڪي آ.