ڪھاڻيون

عدد ناهي عشق

وفا اسلم شيخ وڏي عرصي کان ڪھاڻيون لکندو رھيو آھي. 15 سالن جي وقفي کانپوءِ سندس ڪھاڻين جو ٻيو ڪتاب ”عدد ناھي عشق“ ڇپيو آھي. وفا اسلم شيخ جي ڪھاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالھ گھرائيءَ سان محسوس ٿئي ٿي تہ هن ڌرتيءَ جي ماڻھن جا جذبا، احساس، مسئلا، خوشيون ۽ غم پنھنجي ڪھاڻين ۾ پيش ڪيا آهن. ساڳي وقت ھن تھذيبي، معاشي ۽ سماجي مسئلن کي پڻ ڪھاڻين جو موضوع بڻايو آھي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻولي سولي ۽ سليس آهي ۽ هن ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جا رنگ ۽ عڪس چڱي نموني پيش ڪيا آهن.

Title Cover of book عدد ناهي عشق

ڊائري

هوءَ ايڏي به حسين نه هئي. واجبي وصفن واري،ڪڻڪ رنگي پر وڏن گهاٽن وارن جي ڪري پرڪشش نظر ايندي هئي. شيراز جو جڏهن به رخسار جي گهر کان گذر ٿيندو هيو ته رخسار هن کي گهوري ڏسندي هئي. هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهندي اڪثر ٻنهي جو هڪٻئي سان ٽڪراءُ پيو ٿيندو هيو پر نه شيراز هن سان ڳالهائيندو هيو ۽ نه وري رخسار. رخسار جون ڪڏهن ڪڏهن هن سان نظرون ٽڪرائجي وينديون هيون ته سندس نيڻن ۾ هڪ عجيب قسم جي چمڪ اچي ويندي هئي پر شيراز انهن ڳالهين کان چپ چاپ بي نياز گذري ويندو هيو.
ميٽرڪ شيراز ڳوٺ جي ئي اسڪول ۾ ڪئي. رخسار به ميٽرڪ ڪري گهر ويهجي وئي. شيراز ڀرسان ئي هڪ شهر ۾ ڪاليج پڙهڻ ويو. هاڻي هي هڪٻئي جي آمهون سامهون ڪو نه ٿيندا هئا پر ڪڏهن ڪڏهن. ڇو جو شيراز هفتي ۾ هڪ دفعو ڳوٺ جو چڪر ضرور لڳائيندو هيو.آخر هن انٽر سٺن نمبرن سان پاس ڪئي ۽ ڪراچي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. سندس والدين خوش به هيا ته مايوس به. ڇو جو سندن اڪيلو پٽ پڙهڻ خاطر کانئن ڏور وڃي رهيو هو.شيراز ڳوٺ جي دوستن ۽ مٽن مائٽن کان موڪلايو. سندس گاڏي جڏهن رخسار جي گهر اڳيان گذري ته رخسار هن کي پنهنجي گهر جي لوڙهي وٽان نظر آئي. اڄ سندس نيڻن ۾ اها چمڪ نه هئي. سندس دل اداس هئي. ڀلي جو هِنَ هنَ سان هڪ لفط نه ڳالهايو هيو پر پوءِ به رخسار کي لڳو ته سندس دل جو هڪ حصو ويران ٿي رهيو آهي،پهريون دفعو شيراز جي دل ۾ آيو ته جيڪر پڇانس،
“اڄ تنهنجي چهري جي رونق کي ڇا ٿي ويو آهي،تنهنجيون اکيون ائين اداس ۽ ويران ڇو لڳيون پيون اهن.”
شيراز ائين سوچي ئي رهيو هو ته سندس گاڏي ڳوٺ جي گهٽين،رستن،ڳالهين ۽ يادن کي گهڻو پوئتي ڇڏيندي وئي. ڪراچيءَ جهڙي وشال شهر ۾ اچي هن سڄو ڌيان پڙهائيءَ ۾ لڳايو. ڪاليج کان هاسٽل ۽ هاسٽل کان گهر جو سفر ڪڏهن ڪڏهن هن کي بور لڳندو هيو پر آهستي آهستي جڏهن سندس دوستن جو دائرو وڌيو ۽ ڪوايڊيوڪيشن جون مستيون ۽ رونقون سمجهيائين ته سندس دل به ڪنهن حسين واديءَ جي پوپٽن جيان اڏرڻ لڳي. هن کي لڳو ته جي ڳوٺ جا صبح پربهار ۽ حسين آهن ته وري هتان جون شامون ۽ راتيون به رنگين اهن ۽ پوءِ آهستي آهستي هو به ان شهر جي رنگن ۾ رنگجي ويو. ڪاليج کان هاسٽل پهچي ته دوستن جون محفلون شروع ٿي وڃنس. کل،ڀوڳ،مزاق،مستيون،پيئڻ پيارڻ مطلب هر رنگ هيس هاسٽل تي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هو ته زندگيءَ جي تنها سفر ۾ ڪنهن پوپريءَ جو هجڻ ضروري آهي. پر اهو مشڪل معاملو دل جو هيو ان ڪري ان اهو دل تي ئي ڇڏي ڏنو ته وڃي جنهن سان به اٽڪي.
بهار جون هوائون لڳڻ شروع ٿيون ته هر طرف گل ئي گل نکرڻ لڳا. وڻن پنهنجو سائو لباس پهري ڇڏيو. شيراز لائبرريءَ ۾ مطالعي ۾ مصروف هيو. ٻاهر بهار جي موسم لڳي پئي هئي ويتر بارش به شروع ٿي وئي. شيراز اٿيو ۽ دوستن سان من مستيون ڪندو مينهن ۾ ڀڄندو هاسٽل پهتو. رات دير تائين دوستن سان جاڳيو. جڏهن سمهڻ جي ڪيائين ته هن کي اوچتو پنهنجي ڊائري ياد آئي جنهن تي اڪثر هو پنهنجون يادون ۽ پنهنجا پسنديدھ شعر ۽ خاص ڪري لطيف سائينءَ جا شعر لکندو هو. سا هن کي هٿ نه آئي. گهڻو ئي ڳولهيائين آخر سمجهي ويو ته پڪ لائبرريءَ ۾ وسري وئي هوندي. نيٺ صبح جي انتطار ۾ ئي اک لڳي ويس.
صبح جو دير سان اٿيو يارنهن ٿي ويس. جلدي جلدي تيار ٿي ڪاليج پهتو. اچڻ سان ئي لائبرريءَ جو رخ ڪيائين. گهڻي جاچ ورتائين پر ڊائري نه مليس.لائبرريءَ واري کان پڇيائين،جنهن چيس،
“اهڙي ڪا به ڊائري هٿ نه آئي آهي.”
مايوس ۽ اداس ٿي پيو. ڪا به ڳالھ سمجھ ۾ نه آيس. لائبرريءَ ۾ ئي ويٺو رهيو. سڄو خيال ڊائريءَ ۾ هيس جنهن ڪري صحيح اسٽدي به نه پيو ڪري سگهي. تانيه جي داخل ٿيندي ئي لائبرري خوشبوءِ سان مهڪي پئي اهو سندس سينٽ جو ڪمال هيو. نارنگي ڪپڙن ۾ ملبوس مٿان وري اڇي رنگ جو ايپران پاتل،ڪجھ ڪتاب هٿ ۾ کڻي اچي شيراز جي ڀرسان ويٺي. شيراز کان ڊائري ئي وسري وئي تانيه جيتري حسين هئي اوتري ئي دلڪش مسڪراهٽ سندس چهري جي به هئي. تانيه ڊائري ڪڍي شيراز اڳيان رکي چيو،
“هي ڊائري توهان جي آهي؟ ڪالھ مون کي هتان ئي ملي هئي.”
“هاڻي توهان جي ئي آهي.” شيراز جو خيال رڳو تانيه ۾ هيو.
“ڇا؟”
“منهنجو مطلب آ وڏي مهرباني. سڄي رات پريشان هيس.”
“ڇو اهڙي ڪهڙي خاص ڳالھ آ ان ۾.”
“منهنجي زندگي سمايل آ ان ۾.”
“مون کي ته ان ۾ ڪجھ شعر ۽ لطيف سائينءَ جا بيت نظر آيا. ها البته ڪي پڙهندي اکيون آليون ٿي ويون.”
“تڏهن ته مون چيو ته هن ۾ زندگي سمايل آ.”
تانيه اٿيندي چيو،“ٺيڪ ته پوءِ ان زندگيءَ جي حفاظت ڪجانءِ.”
“پليز ٻه منٽ ويهو ته! مان اوهان جو شڪريو ڪيئن ادا ڪيان.”
تانيه هن کي ڏسي هڪ دلڪش مرڪ اڇلائي هلي وئي. شيراز جو ڪجھ وقت اڳ پريشان هيو سو خوشيءَ ۾ ڍاپي ئي نه پيو. سندس دل هٿن مان هلي وئي. سڄي رات تانيه جي خيالن ۽ زلفن جي ڇانوَ ۾ ننڊ ڪندي گذاريائين. ٻي ڏينهن ڪاليج آيو ته هن کي هر شيءِ حسين لڳي رهي هئي. باغ،باغيچه،گل،ٻوٽا،پوپٽ،مکڙيون،گلن جون پتيون هر شيءِ هن کي محبت جي سرهاڻ بخشي رهي هئي. ليڪچر اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ وڃي لائبرري ويٺو. ڪجھ دير ۾ تانيه ايندي نظر آيس.سندس دل جو ڌڙڪو وڌي ويو. سوچي رهيو هو ته اڄ ايندي به الاءِ نه پر سندس حيرت جي حد ئي نه رهي. تانيه هن وٽ اچي سلام ڪيو،
“ڇا هال آ مسٽر جونيئر.” شيراز جو وات ئي پَٽجي ويو.
“مان سمجهان ٿو اوهان منهنجي نالي کان واقف آهيو.”
“ها بلڪل. توهان جي ڊائري جو مون وٽ هئي.”
“پر مون کي ته اوهان جي نالي جي ئي خبر ناهي.”
“تانيه! سيڪنڊ ايئر.”
“او نائيس. ته پوءِ مون کي پنهنجي استاديءَ ۾ وٺو نه.”
“ڇا مطلب.”
“مطلب ته مون کي فزيولوجي سمجهايو. صفا چٽ آهيان.”
“اڇا. هون! ته پوءِ وري ائين نه چئجانءِ ته ايناٽامي به سمجهاءِ.”
“اصل نه. پر سچ ٻڌايانوَ.”
“ها ٻڌايو.”
“مون کي بايو ڪيمسٽري به ڪو نه ايندي آ.” هڪ ٽهڪ تانيه کان نڪري ويو.
شيراز کي ان ٽهڪ م پنهنجو فيوچر نظر آيو. هن پنهنجو جيون انهن ٽهڪن ۾ ٿي گذارڻ چاهيو. ائين ئي شيراز ۽ تانيه جو پيار چاهت ۽ محبت جي وادين ۾ پلجندو رهيو. ڪي ئي ملاقاتون ڪي ئي واعدا،وچن،قول،اقرار هر شيءِ تانيه تان فدا ڪرڻ لڳو. جنهن ڪري سندس خرچ ۾ به اضافو ٿي ويو. هاڻي هر مهيني گهران پئسه وڌيڪ گهرائڻ لڳو. جنهن تي سندس والدين به پريشان ٿي ويا ته شيراز کي ٿي ڇا ويو آ. پر هي مختلف بهانن سان والدين کان خرچ وٺندو رهيو. سندس پيءُ هن جي ڪري ڪافي زمين به وڪڻي ڇڏي ته جيئن سندس پٽ ڪهڙي به صورت ۾ پنهنجي پڙهائي پوري ڪري. هڪ دفعي سندس پيءُ ملڻ آيس ته اتي ڪن دوستن کان هن کي خبر پئي ته شيراز ڪنهن ڇوڪريءَ جي چڪر ۾ اهو سڀ ڪجھ ڪري رهيو آ جنهن تي سندس پيءُ کي دلي صدمو رسيو ۽ ڪجھ ئي مهينن ۾ گذاري ويو. شيراز کي پيءُ جي موت جو ڏاڍو ڏک هيو پر ڪجھ وقت کان پوءِ ساڳي روٽين تي اچي ويو. هڪ دفعي عيد جي موقعي تي ڳوٺ آيو ته ماڻس هن کي چيو،
“پٽ منهنجي هاڻي ڳالھ مڃ مان جلد کا جلد تنهنجي شادي ٿي ڏسڻ گهران.”
“پر امان اڃان پڙهائي پوري ڪو نه ٿي آ،هڪ سال ته بچيو آ.”
“پر ابا شاديءَ کان پوءِ به ته پڙهائي جاري رکي سگهجي ٿي نه.”
“او منهجي مٺڙي امان پر اها دلچسپي نه رهندي. بس رڳو سال کن انتظار ڪر. هان منهنجي امان؟.” ماءُ سان ناز ڪرن لڳو.
“پٽ تنهنجي پيءُ جي به خواهش هئي. ڇوڪري به تنهنجي پنهنجي ڏٺل وائٺل آ. رخسار جڏهن به ايندي آ تنهنجي باري ۾ پڇندي آ. پٽ تنهنجي پيءُ کي به رخسار پسند هئي.”
امان هي ڇا. هڪ ته شادي سا به وري رخسار سان. نه امان مان رخسار سان شادي ڪو نه ڪندس. مان جلد توکي پنهنجي پسند ٻڌائيندس.”
“اڙي ابا رخسار پنهنجي آ. پنهنجي ڳوٺ جي آ. ائين ته نه ڪر ابا.”
“منهنجي امان منهنجي مٺڙي امان ڀلي پنهنجي هجي،سدائين خوش هجي پر ضروري ته ناهي ان سان شادي ڪجي. ڏس امان تنهنجو پٽ هيڏي وڏي شهر ۾ ٿو پڙهي جتي رات کي ڏينهن ۽ ڏينهن کي رات ڪيو ويندو آ. اتي ڀلا تنهنجي پٽ جي به ته ڪا پسند هوندي نه.”
اهڙيون کوڙ ساريون ڳالهيو ڪري ماءُ کي مطمئن ڪري موٽي آيو. اچڻ سان ئي تانيه جي محبت ۾ مگن ٿي ويو. هاڻي ته رهندو سندس خرچ اڃان وڌي چڪا هيس. ايتري قدر جو رهي کهي زمين به وڪڻي ڇڏيائين سڀ ڪجھ تانيه جي پيار ۾ لٽائيندو ويو هوش تڏهن آيس جڏهن تانيه ئي چيس،
“شادي! سا به توسان. نه بابا نه مان ته هميشه توکي پنهنجو سٺو دوست سمجهيو آ. نه مان توسان شادي نه ٿي ڪري سگهان .آءِ ايم سوري ويري سوري مان توسان شادي نه ڪنديس پليز اهو سوچجانءِ به نه.”
شيراز جي دل ئي ٽٽي پئي. ڊائريءَ جي ورقن ۾ دل مان ڪريل رت ڦڙا نظر آيس. سڄو ڏينهن اداس ۽ ويڳاڻو لڳو پيو هوندو هو. نه دوستن جي آٿت پلئه پوندي هيس نه وري ڪراچيءَ جون رونقون پيون وڻنس. ڏاڍو پريشان رهندو هو تانيه سان به ملڻ ڇڏي ڏنو هئائين سوچيندي سوچيندي راتيون وهامي وينديون هيس. هڪ رات سوچيندي ڊائريءَ جا ورق ورايائين ته رخسار جي ياد سندس ڳوٺ جي محبت اکين جا بند ڀڃِي وڌا. دل جي درد کي گهٽائڻ لاءِ اکين جو آب رڪجيس ئي نه پيو اهڙو ته دل کي جهوٻو آيس جو صبح سان ئي ڳوٺ جي تياري ورتائين.
اڄ شيراز تانيه جو نه پر واقعي رخسار جو شيراز لڳي رهيو هو. سندس اکين مان ماءُ پيءُ جي محبت ۽ رخسار جو پيار وسي رهيو هيو. سندس گاڏيءَ جو رخ ڳوٺ طرف هيو. رستي ۾ سوچيندو رهيو شايد رخسار جي بددعائين جي ڪري ائين ٿيو آ پر نه سچو پيار ڪنهن کي به بددعا نه ٿو ڏئي سگهي جيئن مان تانيه کي بددعا نه ٿو ڏئي سگهان. ائين سوچون ويڙهائيندين اچي ڳوٺ پهتو ته سڄو ڳوٺ ڪنوار جيان سينگاريل هيو. شيراز جي آءُ ڀڳت ته سڀ ڪنهن ڪئي پر سندس دل جو جنازو تڏهن نڪتس جڏهن خبر پيس ته ڳوٺ ۾ ته شادمانا رخسار جي شاديءَ جا ٿا وڄن.