چوڏهينءَ جي رات
“اڙي ڪير آهي! هي چاچا بچل ڪاڏي ويو آهي.” چاچا بچل ملازم آ ۽ ان سان گڏ مالهي به آ.
“ڪوئي هن ديواني کي هتان هٽائي ته سهي. مسلسل هن جو آواز منهنجي ذهن ۾ هٿوڙا هڻي رهيو آهي ننڊ ئي خراب ڪري ڇڏي اٿائين.”
پر ڪوئي به منهنجو آواز نه ٿو ٻڌي. مان وري ڪنن سان وهاڻي کي ٿو لڳايان. هاڻي مون کي هن جو آواز گهٽ ٿو محسوس ٿئي شايد مان ڪنهن ٻئي خيال ۾ گم ٿي وڃان ٿو.
“ڪاش منهنجا ٻار هجن هان ته اڄ هن کي هتان ضرور ڀڄائي ڇڏين هان.”
منهنجي ذهن ۾ هڪدم زوبي اچي وڃي ٿي جنهن سان منهنجي شادي ٿيڻ واري هئي،اسان کي پنهنجي خوابن جي تعبير ملڻ واري هئي. مون کي هن سان شديد محبت هئي. منهنجا ڪجھ دوست به ان راز مان واقف هئا ۽ اڪثر ديوانو ڪري سڏيندا هئا. ديواني جو لفظ ذهن ۾ ايندي ئي وري مون کي هن جو آواز ستائڻ لڳو. مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي.
“آخر پاڙي وارن کي ڇا ٿيو آ، ڪو هن جو آواز ئي نه ٿو ٻڌي. ڇا هنن ماڻهن جي سيني ۾ دل ناهي ايڏا پٿر دل ٿي ويا آهن. آخر هن کان هن جي روئڻ جو سبب ڇو نه ٿا پڇن آخرهن جي درد جي ڪا ته دوا هوندي ڪا ته ڪهاڻي هوندي. ڇا هي معاشرو ايڏو بي حس ٿي پيو آ،انهن جو ضمير مري چڪو آهي ڇا هنن کي خبر نه ٿي پوي ته هڪڙو ماڻهون هنن جي ئي پاڙي ۾ ڪيڏي ته اذيت ۾ آهي.”
هر هنڌ خاموشي لڳي پئي آهي ڪنهنجي به ڪن تي ڪا جونءَ ئي نه ٿي چري.
“آخر ڪنهن ته هن کي اذيت ڏني هوندي. اگر ڪو ان جو ذميوار نه به آهي ته به ڪو هن جي زخمن تي مرهم رکڻ وارو ته هجي. آخر ٻن جهڳڙي ڪرڻ وارن کي به ڪو نه ڪو ڇڏائي وٺندو آهي.” مان رڙيو ڪرڻ لڳان ٿو،
“اڙي ڪو هن کي بچائي وٺي ڪو ته هن کي دلاسو ڏئي متان هن کي ڪجھ نه ڪجھ فائدو ٿي پئي.” پر افسوس ڪو به منهنجو آواز ڪو نه ٿو ٻڌي.
زوبيءَ اچڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ مون کي يقين هيو ته ضرور ايندي ۽ هن کي اچڻو ئي پوندو. اڄ چوڏهينءَ جي رات آ هن جو واعدو آ هوءَ ضرور ايندي. پر نه آئي مون کي اڪيلو ڪري وئي. چوڏهينءَ جي چنڊ کي ڏسندو رهيس جنهن ۾ زوبيءَ جي تصوير صاف نظر اچي رهي هئي. اڃان انهن ئي سوچن ۾ هيس ته وري هن ديواني جي آواز ڪنن جا پڙدا پاش پاش ڪري ڇڏيا. هو چنڊ طرف ڏسي رهيو هو، ڪنهن جو انتظار ڪري رهيو هو، سوچيم مان ئي وڃي هن کي دلاسو ٿو ڏيان پر ڏٺم ته منهنجا پير پنڊپهڻ ٿي ويا هئا. مون کي سمجھ ۾ نه آيو ته مان رڙهي ڇو نه ٿو سگهان ته يڪدم مون کي گمان ٿيو ته اڙي هن کي ته مان سڃاڻان ٿو ته هي ڪير آ. ڇو روئي رهيو آ ۽ رڳو هن جون نظرون چنڊ ۾ ڇو آهن. مون کي هن جي شڪل پاڻ سان ملندڙ جلندڙ لڳي ۽ مان زور زور سان پڪارڻ لڳس،
“وڃ خدا جي واسطي، هتان هليو وڃ جنهن توسان اچڻ جو واعدو ڪيو آ اها نه ايندي زوبي نه ايندي. چنڊ کي ڏسي ڏسي تنهنجيون اکيون زوبيءَ جو جلوو وڃائي ويهنديون. وڃ هليو هتان. ڪوئي تنهنجو آواز نه ٻڌندو هتي ڪو به تو کي دلاسو ڏيڻ وارو ڪونهي. اگر ڪنهن کي جاڳ به ٿي ته توکي چريو،ديوانو،پاڳل سڏيندا. توکي هتي انصاف ڪو نه ملندو. تون پنهنجي حق تان دستبردار ٿي وڃ يا ته پنهنجي حق لاءِ وڙهڻ سک. باقي هن بي حس معاشري مان ڪا به اميد نه رک. وڃ هليو هتان.خدا کي مڃ. وڃ وڃ.”
مون کي محسوس ٿيو ته مان بيڊ تان ڪري پيو آهيان. پٺيءَ ۾ سور محسوس ٿيو . فرش تي سڌو ٿيس ته اکيون کلي ويون. ڇت ۾ لڳل پکو بند هيو،ڪمري جي دري بند هئي،پڙدا دريءَ جي مٿان لڙڪن پيا،ڪوئي آواز نه هو، ڪو ديوانو نه هو ۽ نه ئي پاڙي ۾ نم جو وڻ هيو.