دوهون ئي دوهون
“هي ڇا ايترا سارا ماڻهون. آخر هي ڪير آهن ۽ ڇو ائين در ڀڃي گهري آيا آهن.”
هوءَ اڃان سوچي ئي رهي هئي ته ڪنهن هن کي ٻاهر جي طرف ٻانهن کان ڇڪيو. هن ٻي طرف کٽ تي سمهيل مڙس کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو اڃان تائين بي سڌ سمهيو پيو هيو. پر گهڻن ماڻهن جي هوندي صحيح طرح سان ڪجھ اڃان ڏسي نه سگهي. هن جا حواس گم ٿي چڪا هئا. هن کي ڪجھ سمجھ ۾ نه اچي رهيو هيو ته ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڇو ٿي رهيو آهي. هوءَ سڪتي جي حالت ۾ لڳي رهي هئي.
هن جي چوطرف دوهون ئي دوهون هيو ڪا به شيءِ صحيح نموني نظر نه پئي اچيس. هن ٻاهر نڪري ٻين گهرن ڏانهن ڏٺو ته هر گهر مان دوهون نڪري رهيو هو. ڪي گهر گهڻا سڙي چڪا هئا ته ڪي وري اڌ کن سڙي رهيا هئا. هوا ۾ هڪ عجيب قسم جي بوءِ لڳي پئي هئي پوءِ هن کي لڳو ته هوءَ هتي گهڻو وقت بيهي نه سگهندي ڇو ته هن کي گوشت سڙڻ جي ڌپ اچي رهي هئي سا به هڪ الڳ قسم جي. جنهن سان هن جو ساھ منجهي رهيو هو. پر هي ڇا هن جي نظر هڪ ماڻهونءَ تي پئي جيڪو زمين تي ڪريل هو ۽ ان جا هٿ پويان ٻڌل هئا،هن جو منهن نظر نه پيو اچيس. نڪ تي رئو ڏئي ويجهو وڃي ڏٺائين ته هن کان رڙ نڪري وئي.
“اڙي! هي ته نويد آ. ويچارو سڌو سادو ڇوڪرو. گهر کان ڪاليج ڪاليج کان گهر، ڀلا هن جي ڪنهن سان ڪهڙي دشمني هئي.”
نويد جي چهري تي زخمن جا نشان هئا ٻه گوليون پيٽ ۾ لڳل هيس. رت ڪافي وهي چڪو هيس هٿ ٻڌل ۽ ڄنگهون ڪجھ سڙيل هيس. سڪينه اهو منظر ڏسي اچي روئڻ ۾ پئي.روئي روئي اچانڪ اٿي پنهنجي گهر ڏانهن ڀڳي پر هن کان پنهنجو گهر لڀي ئي نه پيو. سوچي پئي شايد ٻي پاسي نڪري آئي آهيان. وري جلديءَ ۾ ٻي پاسي ڊڪڻ لڳي. هوءَ جلدي جلدي پنهنجي گهر پئي پهچڻ چاهي جتي سندس مڙس ۽ ٻه ڌيئر موجود هيون. هوءَ چئني پاسي ڊڪڻ لڳي پر هن کي پنهنجو گهر سمجھ ۾ نه پيو اچي. رڳو چوڌاري دوهون ئي دوهون،سڙيل گهر ۽ انهن جون ڪاريون ٿيل ڀتيون،در ۽ دريون ڪي سڄا ته ڪي اڌ سڙيل. سڀ جايون هڪجهڙو ڏيک ڏئي رهيون هيس پر هوءَ به چرين وانگي هيڏي هوڏي ڀڄندي رهي. آخر هڪ گهر تي نظر ڄمائي بيهي رهي. ان گهرکي ڏسي ڏسي نيٺ سمجهي وئي ته اهو ئي منهنجو گهر آ. هن کان هڪ آھ نڪتي.
“او منهنجون ٻچڙيون! مالڪ رحم ڪجانءِ.”
هوءَ ڊڪندي گهر جي اندر داخل ٿي. سڄو سامان وکري ڪافي سڙي چڪو هيس. هوءَ ٻارن جي ڪمري ۾ وئي جتي سندس ٻارڙا موجود نه هيا ۽ پوءِ پنهنجي ڪمري طرف ڀڳي جتان جو منظر سندس ساھ ڪڍڻ لاءِ ڪافي هو.سندس مڙس اڌ سڙيل بي سڌ بيڊ تي سڙيو پيو هيو. هن کان اهو منطر سَٺو نه ٿيو ۽ زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي. رڙيون ڪندي ڪندي منهن ڀر وڃي هيٺ ڪري. اوچتو سندس اکيون کلي ويون پاڻ کي بيڊ تان ڪريل ڏٺائين. هر شيءِ صحيح سلامت لڳي پئي هئي. ننڍڙيون پنهنجي ڪمري ۾ سمهيون پيون هيون. اٿي ٻاهر ڏٺائين ته سندس مڙس شيو ڪري رهيو هو. سندس خوفناڪ خواب ٽٽي چڪو هيو اکيون ڦوٽاري ڪنهن مهل مڙس کي پئي گهوري ته ڪنهن مهل گهر کي پئي ڏسي.