ڪھاڻيون

عدد ناهي عشق

وفا اسلم شيخ وڏي عرصي کان ڪھاڻيون لکندو رھيو آھي. 15 سالن جي وقفي کانپوءِ سندس ڪھاڻين جو ٻيو ڪتاب ”عدد ناھي عشق“ ڇپيو آھي. وفا اسلم شيخ جي ڪھاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالھ گھرائيءَ سان محسوس ٿئي ٿي تہ هن ڌرتيءَ جي ماڻھن جا جذبا، احساس، مسئلا، خوشيون ۽ غم پنھنجي ڪھاڻين ۾ پيش ڪيا آهن. ساڳي وقت ھن تھذيبي، معاشي ۽ سماجي مسئلن کي پڻ ڪھاڻين جو موضوع بڻايو آھي. سندس ڪھاڻين ۾ ٻولي سولي ۽ سليس آهي ۽ هن ڪھاڻين ۾ زندگيءَ جا رنگ ۽ عڪس چڱي نموني پيش ڪيا آهن.

Title Cover of book عدد ناهي عشق

مجرم

مسلسل ڍنڍ جي نيري پاڻيءَ کي تڪيندي سندس اکين ۾ به نيراڻ اچي وئي هيس. ويٺي ويٺي سندس خيال 50 سال پوئتي ماضيءَ ۾ گم ٿي ويس. جڏهن 13 يا 14 سالن جو هيو، ان ڏينهن هي به پنهنجي واديءَ کان پريان پهاڙيءَ جي پويان ٻوڙن ۾ لڪو ويٺو هو.سندس سامهون ئي ساڳي ڍنڍ جو نيرو پاڻي لهرون هڻي رهيو هو ۽ ان جي پار سندس ڪچي گهر ۾ ماتم لڳو پيو هيو. هو گهڻو ئي خوف ۾ ورتل هيو ۽ ٻوڙن مان لڪي لڪي اهو منظر ڏسي رهيو هو جتي سندس شهيد پيءُ جي ميت رکيل هئي. ميت برف جي وڏن وڏن ٽڪرن مٿان رکيل هئي اها برف شهيد جي رت کي ڄمائڻ جي لاءِ رکي وئي هئي پر شهيد جو رت ڄمڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. آخرڪار برف ڳرندي پئي وڃي ۽ برف جو پاڻي رت جي صورت اختيار ڪندو پيو وڃي. ائين رات اچي ٿي،سندس پيءُ جي ميت کي ڪجھ خيرخواھ ماڻهن ويجهي مجاهدن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو. ماڻهون حيران هئا ته ڪيترائي ڪلاڪ لاش برف تي هئڻ جي باوجود سندس رت ڇو نه پئي ڄميو. ماڻهون ان عظيم مجاهد جي شهادت تي ڳالهائيندا رهيا،آهون ڀريندا رهيا. پر هن جي ننڍڙي ذهن تي انهن ڳالهين جو وڏو بار هيو. سندس جوان ماءُ اهڙي دردناڪ حادثي جي ڪري پوڙهي لڳي رهي هئي. هن جي ننڍڙي گهر جو اڱڻ سندس حيرتن جو اهڃاڻ بڻجي چڪو هيو.
سندس پيءُ ڪشميري مجاهدن جي مدد ڪندي انڊيا جي فوج هٿان شهيد ٿيو هيو. انهن سندس گهر ۾ گهڙي هن کي گهلي غدار،دهشتگرد ۽ مجرم قرار ڏيندي اذيتون ڏئي ماريو هو.سندس اکين ۾ اهو منظر مهر بڻيو لڳو پيو هو سندس ننڍڙو ذهن پيءُ کي دهشتگرد مڃڻ کان انڪار ڪندو رهيو. سوچون هن جي اندر واچوڙي جيان هلنديون رهيون. هن سڄي رات پنهنجي اندر جي انسان کان اهو سوال ڪيو ته ڇا منهنجو بابا مجرم هيو ۽ ان جو اهو جرم هيو ته هن پنهنجي ڌرتيءَ جي آزاديءَ جي ڳالھ ڪئي هئي؟ انهن فوجن بابا کي گهليندي دهشتگرد چيو هو انهن بابا جي مٿي تان سائي پٽي لاهي نفرت مان اڇلي ڇڏي هئي. ڇا مٿي تي سائي پٽي ٻڌڻ ڪنهن جرم جو ڪارڻ آهي. ڇا سائي رنگ سان محبت ڪرڻ دهشتگردي آهي يا آزاديءَ جو نالو وٺڻ دهشتگردي آهي؟ نه ائين نه آهي جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ مان به دهشتگرد آهيان،هتان جو ٻچو ٻچو دهشتگرد آهي. هيءَ زمين جنهن پاڻ کي ڍڪيو ئي سائي لباس سان آهي ڇا هتان جا هاري ناري سڀ دهشتگرد آهن. هي سڀ وڻ،ٽڻ،ٻوٽا،زمين جو چپوچپو ،ڪنڊ ڪنڊ دهشتگرد آهي صرف سائي پٽي ٻڌڻ ئي دهشتگردي آهي ته پوءِ زمين تي اڀرندڙ هر سلو دهشتگرد آهي.
ائين ڪيتريون ئي سوچون ٻوڏ بڻجي سندس نيرين اکين جي ڌرتي ٻوڙينديون رهيون. هن جو چهرو ئي وسامي ويو هيو.ڪي ئي راتيون گذري ويس پر سندس ذهن جي اسڪرين تي اها تصوير نقش ٿي ويس. برف جا وڏا وڏا ٽڪرا،رت جو وهڻ،چنڊ جي روشنيءَ ۾ هلڪي نيراڻ. ۽ پوءِ هن سدائين اهو ئي ڏٺو ته سندس ماڻهن کي ڪيئن ڳولهي ڳولهي گهرن مان گهلي ماريو ويندو هو،ڪن کي رستن تي گولين جو کاڄ بڻايو ويندو هو ته ڪن جي مٿان بمباري ڪئي ويندي هئي. انهن ماڻهن کي پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت هئي سندن مٿي تي ٻڌل ساين پٽين تي ڪلمئه طيب ته ڪن تي ڪلمئه شهادت لکيل هوندو هيو.
ائين سندس وقت گذرندو رهيو ۽ هڪ ڏينهن پنهنجي پٽ جي مٿي تي ساڳي سائي پٽي ٻڌل ڏٺائين. هڪ وار سندس دل ۾ آيو ته اها پٽي لاهي ڇڏيانس پر اچانڪ سندس وڌيل هٿ رڪجي ويا، دل جي گنبذن سخت ملامت ڪيس،
“بزدل ڪٿان جا! پنهجي پٽ کي ته بزدل نه بڻاءِ. هاڻي جي هن پٽي ٻڌي آهي ته ڇا هي مجرم بڻجي ويو،نه! هي ته پنهنجي مقصد جو بهادر سپاهي آهي ۽ تون ته اهو آهين جنهن پنهنجي ڌرتيءَ جي محبت جو اظهار ئي نه ڪيو. ننڍپڻ کان وٺي ڄڻ ته هڪ اڻ ڄاڻ خوف تنهنجي اندر واسو جو ڪيو آ.”
پر نه هن کي نيٺ تسلي ٿي وئي ته مان نه سهي ته منهنجو پٽ ئي سهي. ڇو جو وقت ثابت ڪندو ته منهنجو پٽ دهشتگرد نه آهي. هي ته صرف پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار ٿو ڪري. اهو ڪو جرم نه آهي.
پوءِ اهو ئي ٿيو، وقت پاڻ کي ورايو. انهن بي رحم فوجن سندس پٽ کي ڳولهي گهلي سندس جسم کي گولين سان پروڻ ڪري ڇڏيو ۽ سائي پٽي لاهي حقارت مان ساڙي ڇڏيائون. هن جي اکين ۾ ساڳي ئي اڱڻ جو منظر اچي ويو جتي برف جي وڏن وڏن ٽڪرن تي سندس شهيد پٽ جو لاش رکيل هو ۽ سندس دوست ڪفن دفن لاءِ ڀڄ ڊوڙ ڪري رهيا هئا ڇو جو هن جا هٿ خالي هئا. برف به آهستي آهستي رجي رهي هئي ۽ شهيد جو رت پاڻيءَ سان ملي وڌيڪ ڳاڙهو ٿي رهيو هو ۽ پوءِ سالن کان سندس ذهن ۾ نقش ٿيل جيڪا تصوير ڌندلي ٿي وئي هئي اڄ وري سندس اکين اڳيان رقص ڪرڻ لڳي. سڀ ڪجھ ته ساڳيو هو ڪجھ به ته نه بدليو هو. اڄ سندس پٽ هيءَ ڪهڙي تصوير ٺاهي آ جنهن جو ذڪر هن ڪڏهن به پنهنجي خاموش لبن سان پٽ جي سامهون نه ڪيو هو پر تصوير هوبهو ساڳي هئي جنهن ۾ برف جا ٽڪرا،رت جو نه بيهڻ ۽ چنڊ جي چانڊاڻ ۾ ساڳي ئي نيراڻ. ها جيڪڏهن فرق هيو ته سندس گهر جي سامهون واري ڍنڍ گدلي ٿي چڪي هئي ۽ پاڻي به نه هئڻ جي برابر بچيو هو. اهڙي طرح هن جي به نيرين اکين ۾ ڪاوڙ،ڪروڌ،نفرت ۽ گدلاڻ اچي وئي ۽ ان ۾ به پاڻي نه هئڻ جي برابر بچيو هو.