آلا نيڻ آڪاش جا
غلام مصطفيٰ گهائل
***********************************************************
هينئر تائين سنڌ ۾ ٿيندڙ شاعريءَ کي چئن وڏن دؤر ن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾ پهرين دؤر واري شاعريءَ کي لوڪ شاعري ڪوٺيو ويو آهي جنهن ۾ ڀاڳُو ڀان سميت چارڻ فقيرن ۽ ڀٽ فقيرن وغيره جي شاعري اچي وڃي ٿي، ٻئي دؤر واري شاعريءَ کي ڪلاسيڪل شاعري ڪوٺيو وڃي ٿو جنهن ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، مِيَنِ عنايت رضوي، شاهه لطيف ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا، ٽئين دؤر کي روايتي دؤر ڪوٺيو وڃي ٿو جنهن ۾ مرزا قليچ بيگ، فيض بخشا پوري جهڙن شاعرن جي هڪ ڊگهي قطار اچي وڃي ٿي، چوٿين دؤر کي جديد شاعري وارو دؤر چئجي ٿو جيڪو دؤر 1947ع کانپوءِ شروع ٿئي ٿو جنهن دؤر جي شروعاتي شاعريءَ ۾ ڪشنچند “بيوس”، نارائڻ شيام، شيخ اياز وغيره اچن ٿا هينئر تائين جديد دؤر ۾ ٿيندڙ شاعريءَ ۾ چوٿين پيڙهي ( جنريشن ) پنهنجا پير پختا ڪري رهي آهي، جنهن ۾ وسيم “ آڪاش ” سيتائيءَ جو به شمار ٿئي ٿو.
وسيم شاعريءَ جي شروعات 2003ع کان ڪئي. سندس شاعريءَ جو سفر ڀلي کڻي ڪو گهڻو پراڻو ناهي پر سندس شاعريءَ مان سنڌي شاعريءَ جي چئني دؤر ن جي مهڪ اچي ٿي.
وسيم “ آڪاش ” سيتائيءَ جي شاعريءَ ۾ خوبصورت منظر نگاري، گهري سوچ، مظلومن جو پيڙاءُ، اڪيلائپ، اوجاڳا ۽ ڌرتيءَ سان بي انتها محبت ملي ٿي. سندس لکڻيءَ جو اسلوب ۽ ڍنگ نرالو آهي، فني ۽ فڪري لوازمات جي لحاظ کان سندس شاعري سندس همعصرن جي ڀيٽ ۾ الڳ ٿلڳ ۽ نمايان نظر پئي اچي. وسيم “ آڪاش ” سيتائي تمام ٿورڙي عرصي ۾ شاعريءَ جي سڀني صنفن تي تمام مهارت سان طبع آزمائي ڪئي آهي جنهن ۾ بيت، غزل، گيت، وايون، نظم، نثري نظم، ٽيڙو، ترائيل ۽ هائيڪا شامل آهن. فطري حسناڪين، رومانس، نفيس احساس، اندر جي اُڌمن ۽ تصوف جي رنگن سان رڱيل هي خوبصورت رنگ برنگي گلدستو “ آلا نيڻ آڪاش جا ” اسان جي هٿن ۾ آهي. اسان جون نيڪ تمنائون وسيم “ آڪاش ” سيتائيءَ سان گڏ آهن، اميد ته هو ايندڙ وقت ۾ پنهنجي بهترين صلاحيتن کي استعمال ڪندي نه صرف شاعريءَ جي آڪاش تي چمڪندو پر پنهنجي وشال خيالن جي اُڏام سان مڃتا جو معراج به ماڻيندو.
ربنواز سولنگي