گورک ڏانھن گُهت
روانگي
گورک ڏانھن گهُت، هنئين جِني حُب مان،
تِني جو تُرت، قدر ڪندا قرب وارا.
صبح چار وڳي اُٿڻ باوجود به دير ٿي وئي، پنج وڳي ادا منظور جي فون آئي ته: ’شيخ عبدالله وارا ڄامشورو پُھچي ويا آهن، پاڻ کي ڇھه وڳي ڄامشورو پُھچڻو هو.‘ گاڏي کي ٿورو اڃا به وڌيڪ اسپيڊ ڏئي ڇھه وڳي ماتلي پُھتاسين، عبدالجبار ’قاسم‘ وٽ ناشتو تيار هو، پر منھنجي دير جي ڪري اُن کي ڪينسل ڪيوسين، ناشتو هاڻي جِتي نصيب هوندو.
ماتلي کان منظور احمد جوڻيجو، معشوق جوڻيجو، شعيب جوڻيجو، عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي، فھد احمد مخدوم ۽ آئون ڪار ۾ سوار ٿي روانا ٿياسين ڄامشورو طرف. ڪلاڪ سوا جو سفر ڪري ڄامشورو پُھتاسين، رِند هوٽل جي پُڇا ڪري، هوٽل اڳيان گاڏي پارڪ ڪئي، اُتي سفر جا ساٿي شيخ عبدالله ڪوهستاني، مصطفيٰ ميمڻ، سرَوَرَ خاصخيلي، منٺار خاصخيلي، ۽ رتوديرو جو سندن دوست اياز سمون انتظار ۾ هئا. ساڻن مِلياسين، گڏجي ناشتو ڪيوسين. منھنجي طبيعت رات کان صحيح نه هئي تنھن ڪري ناشتي ۾ صرف جوس ئي پيتم، سفر جي دُعا پڙهي روانا ٿياسين.
ڳوٺ ڳاڙهي واري ۾ ناشتو ڪيوسين
سيوهڻ جي ويجهو ئي پُھتاسين ته گاڏين کي ڪچي ۾ ڏکڻ طرف موڙيو ويو، بس ٿوريءَ ئي فاصلي تي ڳوٺ ’ڳاڙهي واري‘ هو، هِتي محترم حافظ الھڏتو برهماڻي اسان لاءِ ناشتو تيار ڪرايو ويٺو هو. تمام گهڻين محبتن ۽ سِڪ مان اسان جي آجيان ڪئي وئي. سڀني گڏجي ناشتو ڪيو، پر منھنجي قسمت ۾ هِتي جو داڻو نه هو، صرف پاڻي جو گلاس پي ورتم. سرَوَرَ وارن سان گڏ جيڪو مھمان همراهه هو، تنھن جيئن ئي ناشتو ڏِٺو، جنھن ۾ ڪُڪڙ جو ٻوڙ به هو، انب به هئا، مانيون ۽ چانوَر به هئا، سڀني تان نظر گهمائي چيائين: ’ڀاءُ لسي ڪانھي ڇا؟‘ همراهه کي لسي جي طلب ضرور هئي، پر هِتي اِهو سوال پُڇڻ مُناسب نه هو. پوءِ مھربان ميزبانن کان موڪلائڻ مھل پنھنجي عادت موجب پُڇي ورتم ته هِن ڳوٺ تي ڳاڙهي واري نالو ڪيئن پيو؟ جواب مِليو ته وڌيڪ تفصيل جي خبر اسان کي به ناهي پر هِتي جي مِٽي يا واري جو رنگ ڳاڙهسرو هوندو هو، اُن ڳاڙهي مٽيءَ يا ڳاڙهي واري جي ڪري ڳوٺ تي نالو ’ڳاڙهي واري‘ پيو. روانا ٿياسين پنھنجي منزل طرف اسان جي هِن سفر جي منزل ته ’گورک هِل‘ ئي آهي، پر رستي ۾ ايندڙ جيڪي به ڪوٽ، قلعه، درگاهون، دڙا، ڍنڍو ڍورا اُنھن جي زيارت به ڪندا وينداسين.
ٻه جاڙا شھر - جهانگارا باجارا
سيوهڻ کي باءِ پاس ڪري باجارا جهانگارا طرف روانا ٿياسين، ڪُجهه وقت گاڏيون شديد گرمي ۾ روڊن تي ڊوڙنديون رهيون، سيوهڻ کان 11 ڪلوميٽر ڪري فضه غزل جي شھر ’باجارا‘ کي ڪِراس ڪيوسين، باجارا کان ٽِن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي جهانگارا آهي، جهانگارا مان پُڇا ڪئسين ’پير آري شاهه‘ ويندڙ رستي جي. جهانگارا باجارا جاڙا شھر آهن ۽ هِنن شھرن جو نالو پھريون ڀيرو مون ريڊيو پاڪستان جي پروگرام ’سُرهي سُرهي سوچ‘ ۾ ٻُڌو هو، جيڪو سائين ماڪن شاهه رضوي پيش ڪندو هو، تمام مقبول ۽ پوري سنڌ ۾ وڏي چاهه سان ٻُڌو ويندڙ پروگرام هو. اسان اُن وقت هاءِ اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ۽ ڇنڇر جو ڏينھن اسان کي ياد هوندو هو، جيئن ئي موڪل ٿيندي هئي، ڪِٿي به نه بيھندا ھئاسين، ڀڄندا ڀڄندا گهر پُھچندا ھئاسين ۽ ڪِتابن کي ھِڪ پاسي رکي پھرين اچي ريڊيو کوليندا هئاسين، تڏھن اِنھن شھرن جا نالا ماڪن شاھه وٺندو ھو ته شھر جهانگارا باجارا کان ھي غزل موڪليو آھي رجب آزاد ٻُگهيو، جهانگارا باجارا کان محترمه فِضا غزل لکي ٿي ته:
هِڪڙي پيار ۾ گُم ٿي وياسين.
نيڻ نِھار ۾ گُم ٿي وياسين.
مُرڪندي چيوسين الوداع،
سھڻي سار ۾ گُم ٿي وياسين.
فضه شاهه ڪاظمي، 22 سيپٽمبر 1974ع، باجارا ۾ پيدا ٿي، ۽ پوءِ 1990ع ۾ فضه شاهه ڪاظمي، بدران صرف ’فضه غزل‘ بڻجي ادب جي دُنيا ۾ پير پاتائين. اسڪول جي هيڊ ٽيچر فضه شاهه ڪاظمي، ’فضه غزل‘ جو شاعري جو مجموعو ’چنڊ ۽ چاهتون‘ پُڻ ڇپجي چُڪو آهي. يا ساجده جبين به باجارا ۾ ئي پيدا ٿي آهي. پر هاڻي ڊکڻ ضلعي شڪارپور ۾ رهي ٿي. ھي ٻئي جاڙا شھر اُنھن خوبصورت شاعرن ۽ شاعرائن جا شھر آھن، گهڻي وقت کان پوءِ هاڻي ويجهڙائي ۾ رجب آزاد سان به ملاقاتون رھيون آھن، جو سندس شاعري جو ڪِتاب آسي زمينيءَ جي معرفت اسان ئي ڇپيو آھي. پندرھن ويھن مِنٽن جو فاصلو طئه ڪري اچي آري پير جي آڳند آڏو گاڏيون پارڪ ڪيونسين، ۽ آئون به ماضي جي ميلي مان موٽي واپس آيس.
آري پير اڱڻ آياسين
آري پير جي پَڌَر تي جيئن ئي پيـرَ ڌريا ته هيٺ زمين اهڙي گرم هُئي جو لڳو ڄڻ ٽانڊن تان گُذرون پيا. توڻي جو مسجد ۽ درگاھه جي اڱڻ ۾ ماربل لڳل ھو، پر سِج به ڄڻ سوا نيزي تي هو، تنھن جي تپش ۾ ماربل اھڙو ته تپي ويو جو اصل پيرَ پيو ساڙي، اسان اهڙيِ سخت گرم زمين تي به پيرَ رکي فوٽوگرافي ڪري ورتي، مسجد ۽ درگاهه گڏوگڏ آھن، درگاھه اندر جيئن ئي داخل ٿجي ٿو ته مٿي وڏا چڙا ٻَڌل نظر ايندا، جيڪو پانڌيئڙو ايندو اُنھن چڙن کي چوري پوءِ اندر داخل ٿيندو. مون محسوس ڪيو ته اڪثر سماجن ۾ ٿوريَ گهڻي فرق سان سڀ شيون ساڳيون ئي آهن. اندر داخل ٿياسين، هاڻي وري ساڳيون ماربل اهڙو ٿڌو جو آئون ته ڪجهه گهڙيون هيٺ فرش تي ويھي رھيس، ٻاھر سخت اُس ھڻي ساڙي رکيو هو. درگاهه اندر ٽي مزارون نظر آيون هِڪ وچ ۾ وڏي ۽ ٻه پاسن کان ننڍيون، جنھن لاءِ اُتي موجود ماڻھن ٻُڌايو ته: ’هي سائين جا فرزند آهن.‘ اسان اڃا فوٽوگرافي ئي ڪري رهيا هئاسين، ايتري ۾ هِڪڙو جُهونو شخص مٿي ته ٽوال (توليُو) رکيو آيو اُس کان بچڻ لاءِ. اسان جي سفر جي امير شيخ عبدالله ٻُڌايو ته: ’هي سائين قبول شاهه آهي، هِن آري پير درگاهه جو گادي نشين.‘ سائين قبول شاهه اسان سڀني سان تمام خوش اخلاقيءَ سان مِليو ۽ تمام سادو ماڻھو لڳو،
عبدالجبار ’قاسم‘ کي چيم ته: ’سائين کانئس ٿوري معلومات وٺو،‘ پر پوءِ وقت گهٽ هُئڻ ڪري اسان کي تڪڙو تڪڙو هِتان کان نِڪرڻو ھو تنھن ڪري ڪي تفصيل وٺي نه سگهياسين، ايترو ضرور ٻُڌايائون ته: ’هي آري پير جيلاني بادشاهه آهي اصل ۾ عراق کان آيل آهي، پھرين لسٻيلي، سون مياڻي، نُوراني کان ٿيندا آخر ۾ هِتي اچي آباد ٿيا.‘
درگاهه جي پاسي ۾ تاريخي باغ به موجود آهي، جنھن ڏانھن پُڻ وياسين، باغ ۾ وڏا ۽ جهونا وڻ موجود هئا، ۽ وڻن هيٺ آري پير جا فقير پُڻ موجود هئا، هِڪڙو فقير هٿن، پيرن ۽ مٿي تي ميندي رکيو وڻ جي ڇانوَ ۾ ويٺو هو. اسان کي ڏِسي چوڻ لڳو: ’اچو اچو آري پير جي ميندي لڳايو‘، شيخ عبدالله چيو: ’آري پير کي ٻيو ڪم ئي ناهي جو توکي اچي ميندي ڏئي ويو.‘ تقريبن سڀني درگاهن تي عجيب قسم جي جھالت جون جهلڪيون نظر اينديون، پر جھالت بجاءِ عقيدت چئي سگهجي ٿو. شايد اهو سِلسِلو هلندو رهندو صدين تائين، تڏهن ئي ته درگاهون به ايئن آباد آهن صدين کان.
باغ ۾ وياسين تمام پُراڻا وڻ هئا، اُنھن وڻن ۾ موجود ٻه کجي جا وڻ به هئا اُنھن ۾ خاص ڳالھه اِها هئي ته ٻئي کجيون نانگ ورَ هُيون، زمين تي پوري طرح نانگ وانگر ورَ ڏئي پوءِ مٿي اُڀيون هيون ۽ سايون هيون. اُنھن وٽ سڀني فوٽوگرافي ڪري. اڳتي نظر ڪئيسين ته کوڙ قبرون نظر آيون ۽ کوڙ فقير به نظر آيا. ڪي وڻن هيٺ ننڊون ڪري رهيا هئا، ڪي ڪچھري ڪري رھيا ھئا. ھِن کي قديم قبرستان به چئي سگهجي ٿو يا پُراڻو باغ به، اسان گُهمي ڦِري ٻاهر نِڪتاسين هاڻي وري دگاهه جي ٻي پاسي کان مُسافر خانه هئا، جن ۾ فقير رھيا پيا آھن، اُنھن اڳيان ساوا وڻ ۽ پارڪ به آھي. پاسي کان پاڻي جي ھِڪ وڏي ٽانڪي ٺھيل آھي، جنھن مان ھمراھ گرمي سبب وِنھنجي رهيا هئا، اُنھي ٽانڪي جي پاسي ۾ وڏو ڇپرو ٺھيل ھو، ھِتي پُڻ فقير موجود ھئا، ڪي سُوٽا ھڻي رھيا ھئا، ڪي مال مِلائي رھيا آھن، پر سڀڪو پنھنجي پنھنجي ڌُن ۾ مگن ھو. ھِڪڙو فقير ٿورو سُر ۾ پي لڳو جنھن سان گڏ فوٽو به ڪڍرايم ته خوش ٿيو، چيومانس ڀلا اِھي پنھنجا فقيراڻا ھار لاھي ڏي ته فوٽو ڪڍرايان. مُسڪرائيندي پنھنجي گلي مان ھار لاھي مونکي ڏِنائين ۽ مون فوٽو ڪڍائي کيس واپس ڪيا. پاڻ پنھنجو تعارف ڪرائيندي چيو، ’مونکي فقير اسلم چوندا آھن‘. مونکان پُڇيائين ته مون به جوابن چيومانس: ’هِن ناچيز کي فقير مور ساگر چوَن ٿا.‘ ايئن پوءِ کِلندي کِلندي آري پير جي فقيرن کي الوداع ڪيوسين.
جهانگارا جي ٿـڌي لَسي
آياسين جهانگارا، هِتي به شيخ عبدالله جا دوست موجود هئا، جن اسان کي ڪجهه گهڙيون ترسايو ۽ لسي پياري، اهڙي شديد گرمي ڄڻ ساهه ٿو نِڪري ۽ اهڙي حال ۾ جي لسي مِلي سا به برف مِليل ٿـڌي، مون يڪا ٻه گِلاس فُل پِيتا، سائين عبدالجبار نظاماڻي چيو، ’مور ساگر تنھنجي لاءِ لَسي بھترين آهي، اڃا به هِڪڙو گِلاس پي،‘ چيم ’سائين ڇا ٿا چئو، ٻه گِلاس! وڏي ڳالھه آهي، اوهان اڃان ٽي گِلاس جي صلاح ٿا ڏيو.‘ طبيعت خراب هئڻ ڪري صبح کان ڪجهه به نه کاڌو پيتو اٿم، هاڻي لسي مان ٿي پورت ڪئي. هي لسي پياريندڙ ميزبان ماستر عبدالحڪيم رند هو، جنھن جا تھهِ دِل سان ٿورا مڃيندي کائنس موڪلائي روانا ٿياسين.
سنڌ جي سھڻن شاعرن رجب آزاد ٻُگهيو، سنجها سرواڻ ۽ فضا غزل جي پَٽن باجارا جهانگارا کي الوداع ڪري اڳتي نِڪتاسين. سج سوا نيزي تي، پٿر جو پنڌ ۽ اسين، بس ڪچھري ڪندا، لطيفا ٻُڌائيندا ڪنھن وقت تاريخ تان پردو ھٽائيندا، ايئن سفر کي کُٽائيندا رھياسين. اڳيان ڪھڙي منزل آهي، اِن بابت اسان جي ڪاروان جي اڳواڻ شيخ صاحب نه ٻُڌايو.
منڇر ڍنڍ (رِڻ ۾ سمنڊ)
جبلن جي وِچان پٿرن جو پنڌ ڪندي اوچتو پري کان نظر ايندڙ اَڇ تي پئي، ڪو چوَي ته سمنڊ آهي ڪو چوَي ته نه دُنڌ آهي، جيئن جيئن ويجها پيا ٿيون ته ڄڻ اڳيان سمنڊ پيو نظر اچي، پر هِتي جبلن جي وِچ ۾ سمنڊ ڪِٿان آيو، اسان کي منڇر ته ذهن ۾ ئي نه هئي، نه ئي ڪو اسان جي سفر ۾ هيءَ پوائنٽ شامل هئي، نه ئي اسان جي علم ۾ هو ته هِن رستي تي منڇر ڍنڍ آهي، تنھن ڪري يقينن اسان جي حيرت جائز ھئي. ھاڻي فھد به چوي ٿو ته: ’اڳيان هلندڙ اسان جي امير کي ڪير ٻُڌائي ته هِتي بريڪ ڪري ڏِسون ته هي آهي ڇا؟‘ مون سائين جبار کي چيو ته: ’شيخ صاحب کي فون ڪريو ٻه ٽي منٽ هِن پاسي هلي ته ڏِسون هي ڇا آهي،‘ بس اڃا اسان هِڪٻَئي کي ايئن ئي چئي رهيا هئاسين تيستائين شيخ صاحب وارن جي گاڏي روڊ ڇڏي پاڻي طرف مُڙي اسان سڀني چيو ’واهه ڏِسو شيخ صاحب ته دِلين جون ڳالھيون ٻُڌي ويو، پاڻ اڃا سوچيون ئي پيا ته هو پاڻ ئي اُنھي طرف ھليو آھي‘.
بِلڪل ڪِناري تي اچي گاڏين کي روڪيوسين، ۽ مونکان سواءِ تقريبن سڀئي دوست جوتا لاھي ھيٺ پاڻي ۾ لھي پيا، ڪِناري تي فوٽوگرافي ڪئي، بِلڪل ڪنھن سمنڊ جي بيچ نظر اچي رھي آھي اِھو اُن ڪري جو اسان کي پريان ڪو به ڪِنارو نظر نه پيو اچي، صرف حدِنظر تائين پاڻي ئي پاڻي آهي. هِن منڇر ڍنڍ کي هونئن به ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ هئڻ جو اعزاز حاصل آهي. هِن کان اڳ اسان صرف ڪِن ڪِتابن ۾ منڇر بابت پڙهيو هو.
سيوهڻ کان اولھه طرف اٽڪل 18 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هيءَ ڍنڍ موجود آهي. هن ڍنڍ جي ڊيگهه ۽ ويڪر ھِڪجھڙي نٿي رھي، ڪڏھن وڌيڪ ھجي ٿي ڪڏهن گهٽ هجي ٿي، ڇو ته هي ڍنڍ اونھاري ۾ ڀربي آھي ۽ سياري ۾ ڇنڊبي آھي. ھونئن ڪِٿي ھِن جي پکيڙ 233 ڪلوميٽر چورس به ٻُڌائي وڃي ٿي ته ڪِٿي وري 200 چورس ڪلوميٽر. هي ڍنڍ پاڪستان جي سڀ کان اونھي پاڻي واري ڍنڍ آھي، ڪِٿي پڙھيو آھي ته ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي. منڇر ڍنڍ جي اولھه طرف کيرٿر، ڏکڻ طرف بڊو ۽ لڪي جبل آهن. اوڀر ۾ سنڌو درياه ۽ سيوهڻ جو شھر موجود آهن. هِن ڍنڍ تي منڇر نالو ڪيئن پيو ۽ ڇو پيو اِهو بحث ئي رهيو آهي ۽ اِهو مُنجهيل معاملو تاريخ جا ڄاڻو به حل نه ڪري سگهيا. ڪِن هن کي مَن + ڇر جنھن جي معنيٰ مھان پاڻي يا عظيم پاڻي، يا من کي وڻندڙ پاڻي چيو آھي. ڪنھن وري ايراني ’منوچهر‘ سان ملايو آهي. هِن ڍنڍ جي عمر ڏهه هزار سال پُراڻي ٻُڌائي وڃي ٿي. 1988ع ۾ هڪ سروي ۾ هِتي آبي پکين جا 50 هزار قِسم ٻُڌايا وڃن ٿا. 50 قِسم مڇين جا ۽ 26 قِسم آبي ٻوٽن جا ٻُڌايا ويا هئا، جيڪي يقينن هِن وقت سڀ انگ اکر اڳتي ته نه پر پوئتي ضرور ٿيا هوندا.
هاڻي دوستن پاڻي جي ڀريل بوتلن سان ٻاهر ڪِناري تي پير ڌوتا، پوءِ واپس گاڏين ۾ ويٺاسين ۽ اڳتي سفر ۾ نِڪري پياسين. وري به پٿرن جو پنڌ، اسين ۽ اسان جون ڪلٽس ڪارون، روان دوان هُيون.
گاجي شاهه جي گام مٿيَ
تمام گرم ڏينھن باوجود اسان سفر جاري رکيو، ھاڻي اسين گاجي شاهه درگاهه ڏانھن وڃي رهيا آهيون، تمام گهڻو پنڌ ڪيو، جيڪو پنڌ پٿرن ۽ جبلن جو ئي هو. ڪاڇي جو سڄو پنڌ ئي پٿرن ۽ جبلن جو آهي. رستي ۾ لئيءَ جا وڏا وڏا وڻ نظر آيا، ٻٻرن جا سِڌا وڻ، ڪجهه دير لاءِ رستي ۾ بريڪ ڪيوسين، وري اڳتي وڌياسين وقت ٿورو هو ۽ منزل پري هئي.
اچي اُن هنڌ پُھتاسين جِتيَ جبل جي چوٽيءَ تي درگاھه گاجي شاهه آهي. شيخ صاحب ٻُڌايو ته: ’جڏهن ساليانو ميلو لڳندو آهي ته هي سمورو ميدان، هي وَڻ ٽِڻ سڀ ماڻھوءَ ئي ماڻھو ھوندا آھن، تمام گهڻي تعداد ۾ ماڻھو ايندا آھن. ۽ هِتي ڪجهه مُنفي ڳالھيون به گردش ڪن ٿيون.‘ درگاهه تمام مٿي هئي، سيڙهين تان چڙهي مٿي وڃڻو آهي. سوچيوسين گاڏين کي ڪنھن ڇانوَ ۾ بيھاريون، پر ڇانوَ نظر نه آئي، هيٺ سيڙهين جي دنگ تي تـنبُن سان اڏيل ننڍڙي بازار آهي، جنھن ۾ اُھي ئي شيون جيڪي هر درگاهه ٻاهران رکيل هونديون آهن. نظر آيون.
اسان سيڙهيون چڙهندا چڙهندا مٿي پُھتاسين، مٿي آياسين ته هھڙي تتل ڏينھن ۽ تِکي اُس ۾ به ڄڻ ميلو لڳو پيو آهي، تمام گهڻي تعداد ۾ عورتون نظر آيون، جيڪي ٻھراڙيءَ جون لڳيون پي ۽ ڪجهه شھري عورتون به هيون. مرد نالي ماتر هئا، گهڻائي عورتن جي هئي، هِتي ديڳيون ورهايون پي وِيون، تھري ڀت هو، جيڪو اسان به ٻه ٽي گراهه ٽيسٽ خاطر کاڌو. اڃا مٿي وياسين ته اُتي عجيب رنگ نظر آيو، ٻه ٽي جوان همراه جنھن مان ھِڪڙو ستار وڄائي رھيو ھو، ھِڪڙو بين ۽ ھِڪڙو طبلو، سندن سامھون ھِڪڙي عورت گُلابي جوڙي ۾ کُليل وارن سان ڪنڌ کي تيز ڌوڻي رھي ھئي، اڃا ويجهو ٿياسين ته ڏِٺوسين ته عورت جي گوڏن هيٺ ويھاڻو رکيل آھي، وار کُليل ۽ پوتي لٿل اَٿس، جيڪا ھيٺ ڪنڌ ڪري ته گلي مان سندس ڇاتيون صاف ظاهر ٿين پيون. جيڪي سامھون ٽيئي ھمراھ ساز وڄائي رھيا ھئا، جنھن مان ھِڪڙو ھمراھ جنھن جي مُڇن کي به شايد ڪلر ٿيل هو ستار وڄائي رهيو هو، جيڪو مُسلسل عورت جي ڇاتين ڏي ڏِسي رهيو آهي. ڪنھن ڪنھن وقت آڏي نظر سان ھيڏانھن ھوڏانھن ڏِسي پيو، نه ته وري به مٿو ڌوڻيندڙ عورت جي ڇاتين ڏي سندس نظر پئي وڃي. هي سڀ منظر عجيب لڳي رهيا هئا. پر ماڻھن ويچارن کي اِن اَٻوجهائپ کان خبر ناهي ڇوٽڪارو مِلندو به يا نه. اڃا مٿي وياسين اُتي هي گاجي شاهه جي مزار موجود آهي، ان جي پاسي ۾ ئي مسجد به موجود آهي، جمع جو ڏينھن ھو پھرين ته چيوسين نماز هِتي پڙهجي، پوءِ وري سڀني دوستن چيو ته اڳيان ڪِٿي ٿا هلي پڙهون.
گاجي شاهه لاءِ کوڙ ڳالھيون، ڏند ڪٿائون، روايتون، ڪتابن ۾ ۽ ماڻھن جي واتان ٻُڌڻ/ مِلن ٿيون. جيئن ھڪ ڳالھه اِها به مشھور آھي ته (هِتي آس پاس ڪِٿي به انب ناهن ٿيندا، جنھن لاءِ چوندا آھن ته: ڪافر هِتي آباد هوندا هئا ۽ انبن جا باغ سنڀاليندا کائيندا هئا، جيڪا ڳالھه گاجي شاهه جي مريدن کي نه وڻي، تِن گاجي شاهه کي چيو ته: ’هنن ڪافرن کي هِتان ڀڄاءِ،‘ گاجي شاهه پُڇيو ته: ’اُهو هِت ويٺا ڇو آهن؟، ڇا ڪندا آهن،؟‘ مريدن چيو ته: ’انبن جا باغ آهن پيا کائين پيئن،‘ تنھن تي گاجي شاھه چيو ته: ’ٺيڪ آهي، آئون انبن کي کٻڙ ٿو بنايان،‘ ڇا ڏِسن ته سڀ انب کٻڙ ٿي ويا ۽ ايئن ڪافرن مان جان ڇُٽي).
هِتي مزار جي هيٺين پاسي اسان کي هڪ ڪچي ڀت وارو ڪمرو نظر آيو، جنھن جي دروازي مٿان ’جانڊهه‘ لکيل هو، جنھن تي اسان ويٺلن کان پُڇا ڪئي، ’ھي ڇا آھي؟‘ چيائون: ’سائين گاجي شاهه جو ’جنڊ‘ آهي،‘ جنڊ کي جانڊهه ڇو لِکيو ويو آهي، اِن بابت خبر ناهي. (هن چَڪيءَ مان فقير پاڻ اَن پيھندو ھو، پوءِ ٽِڪيون يا روٽ پچائيندو ھو، جڏھن پچائي تيار ڪندو ھو ته اُتي جيڪي به موجود هوندا هئا، اُنھن کي سڏ ڪري چوندو ھو ’اچو بابا گاجي شاهه جو ننگر تيار آهي‘).
اسان فوٽوگرافي ڪئيسين، آس پاس آخري نظر گُهمائي ته هِڪ پاسي کان ٻه نوجوان ناريون موبائل تي ڳالھائي رهيون هيون. ۽ مُسڪرائي رهيون هيون. هيٺ جڏهن لھي آياسين ته اُن موجوده ننڍڙي بازار ۾ به نوجوان ناريون پِني رهيون هيون، جنھن سان ايندڙ ويندڙ زائرين عجيب جملا ڳالھائي رهيا هئا، ۽ هو به تمام تيز نظر اچي رهيون هيون، ايئن پيو محسوس ٿيئي ته هنن جي مجبوري کان وڌ هنن جي عادت يا شوق آهي.
ٽنڊو رحيم وڃڻو آهي
هاڻي اسان کي ٽنڊو رحيم وڃڻو آهي، گاجي شاهه کان ڇھه ست ڪلوميٽر جي فاصلي تي هي شھر آھي، جيڪو سنڌ جي ٻين کوڙ شھرن جيئن بي ترتيب ڀڳل ٽُٽل روڊ، روڊن جي پاسي ۾ گند ڪچري جا ڍير، ھي شھر آھي تمام تاريخي، انگريزن جي دؤر ۾ هي ٿاڻو هوندو هو. اسانکي ته ٽنڊو رحيم جي پاسي ۾ جمالين جي ڳوٺ وڃڻو هو، جِتي اسان جي منجھند جي ماني جو بندوبست ٿيل آھي. ٽنڊو رحيم پُھتاسين ٻه ٽي ڀيرا شيخ صاحب گاڏين کي اڳتي پوئتي ٽنڊو رحيم جي گلين گهٽين ۾ گهمايو، نيٺ ڪنھن ماڻھو کان پُڇا ڪئسين ته ڳوٺ مُراد جمالي (هليجي) وڃڻو آهي. جنھن رستي جو ڏَس ڏِنو، ڪجهه وقت ڪچي جو پنڌ ڪري گاڏيون هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي ويون، هِتي ميزبان صاحبان اڳ ۾ ئي انتظار ۾ بيٺا هئا، جيڪي اسان جي گاڏي کي ڦيرائي اوطاق تي وٺي آيا. اوطاق تي انتظار ۾ بيٺل ميزبان اسان سان مُرڪي مِليا، حال احوال کانپوءِ گڏجي کاڌيسين منجھند جي ماني.
ھِن کان پھرين جڏھن اسان جي ساڳي ئي ٽيم ڪوھستان جو سفر ڪيو ھو ته اُتي به مختلف ڳوٺن ۾ ماڻھن اسان جي ايئن ئي آجيان ڪئي ھئي، ھاڻي ھي ڪاڇي جو سفر به ايئن ئي آهي، ساڳيون ئي محبتون ماڻھن ۾ نظر آيون، ساڳيو ئي خلوص نظر آيو. منجھند جي ماني ۾ ڇيلو تيار ڪيو ويو ھو، اُن سان گڏ انب، اڇا چانوَر، ڪڻڪ جون مانيون، پر افسوس جو مونکي اڄ طبيعت اھڙو سوگهو ڪيو هو، ڄڻ روزو رکيو ويٺو آهيان. هِتي به آئون پاڻي پي سُمھي رھيس، باقي سڀني دوستن خوب کائي ڍئو ڪيو. ڪچھري دوران حافظ عبدالغني جمالي ٻُڌايو ته: ’هي ڳوٺ تاريخي ڳوٺ آهي، اوهانکي رستي ۾ ڪجهه مزارون ۽ قبا ٺھيل نظر آيا ھوندا؟‘ چيوسين: ’ھائو بلڪل اُنھن جي باري ۾ ڪجهه ٻُڌايو‘
حافظ عبدالغني جمالي ٻُڌايو ته: ’اسان ’جنگو جمالي‘ سڏبا آهيون، توهان رستي ۾ جيڪو قبرستان ڏِٺو اُهو ’جنگواڻي قبرستان‘ سڏبو آهي، اِهي سڀ جنگ ۾ شھيد ٿيل آھن، جنگ جيڪا کوسن سان ھئي،‘ ۽ اُھا به ٻُڌايائين ته: ’هڪ عورت پُٺيان هئي،‘ منھنجي ھِڪ اندازي موجب ته پُراڻي دؤر ۾ عورتن تان جنگيون لڳنديون هيون، ۽ ايئن قبرستان وجود ۾ اچي ويندا هئا، جيڪي هاڻي موجوده دؤر ۾ ڪِٿي به نٿا ٻُڌجن، ٿين ٿا واقعا پر تمام گهٽ، ايئن سڄي جا سڄا قبرستان نٿا ٺھن، شايد اِھو فرق صرف ۽ صرف علم جي ڪري آھي، اُن دؤر ۾ علم نه هو، تنھن ڪري ھِڪ عورت تان سوين مرد، عورتون ۽ ٻار شھيد ٿي ويندا ھئا.
ھنن جمالين جا مختلف پاڙا آھن، جيئن جَنگواڻي، مُريداڻي، حَملاڻي، رُستماڻي، جمالي قبيلن ۾ سڀ کان پھرين مريد خان جمالي هِتي آيو، جيڪي مُريداڻي سڏبا آهن، حَملاڻي ٽنڊو رحيم واري پاسي رهن ٿا. جَنگواڻي قبرستان جيڪو هليليءَ ۾ موجود آهي، هي مقبرا به ٽالپرن جي دؤر جا لڳن ٿا. جمالين جو سردار قبيلو مُريداڻي سڏجي ٿو، هِن کي ٽِن مرحلن ۾ وِرهايو ويو آهي، مُريد خان جمالي، هيرو خان جمالي ۽ بھاوَلپور. مُريداڻي اصل ۾ بلوچستان جي لوھي علائقي کان لڏي هِتي اچي آباد ٿيا.
ڪجهه وقت تاريخ جي دري کُلي، ڪجهه پلئه پيو، (۽ مون ڪجھه نوٽ ڪيو، ڪجهه ذهن جي رڪارڊر ۾ رڪارڊ ڪري ورتم، جيڪو گهر پھچڻ کانپوءِ پنھنجي سفرڪٿا ۾ لکندس). بعد ۾ نماز پڙهي دُعا گُهري، وري ٻيھر سفر لاءِ نِڪتاسين. اسان سان گڏ اسان جو ميزبان حافظ عبدالغني جمالي به پنھنجي موٽر سائيڪل تي اسان سان گڏ ھليو، جيڪو رستو ڏيکاريندو ھليو.
واھي پانڌي ڏانھن پنڌ
گاڏين کي سِڌو واھي پانڌي جي پوليس اسٽيشن اڳيان اچي بريڪ ڪيوسين، جِتي اسان گاڏيون پارڪ ڪيون، اُن کان پھرين يونيورسٽي جي بس به پارڪ ٿيل ھئي. اسان چيو ته: ’واهه ابا يونيورسٽي جا شاگرد به اُتي ويل آهن‘. اسان به يونيورسٽي جي بس ڀرسان پنھنجون ڪارون پارڪ ڪيون ۽ ھِتان کان ٻه جيـپون ڀاڙي تي کنيوسين جيڪي ڪالھه کان ئي بُڪ ٿيل هُيون. هي جيـپون به جمالي برادري جون هيون، هِتي لڳي ٿو ته جمالي وڌيڪ آهن.
اسان جو دوست لھڻو خان ’سارنگ جمالي‘ جيڪو ڪجهه مھينا پھرين ھِڪ روڊ حادثي جو شِڪار ٿي ويو ھو، پُڻ هِتان جو هو، ۽ اسان کي گورک گُهمڻ لاءِ دعوتون ڏيندو هو. پر اُن سان گُهمڻ قسمت ۾ نه هو. بھترين ۽ بھادر دوست هو، وڏيرن سان اصل طبيعت نه لڳندي هُئس، اُنھن جي سامھون اليڪشن ۾ به بيٺو، واهي پانڌي مان ۽ ڪراچي مان چيائين کٽيندس نه پوءِ به وڏيرن کي اِهو پيغام ته پھچندو ته ’ڪو ته اسانجي مردِ مقابل آهي‘
واهي پانڌي جو شھر ڪو خاص ته ناهي، پر ٻھراڙي جو شھر آھي ڪاروباري مرڪز لڳي ٿو. اسان کي عبدالغني جمالي ٻڌايو ته: ’ساوا مرچ پوري سنڌ مان هِتي وڌيڪ ٿين ٿا ۽ وڏي منڊي لڳي ٿي، جيڪي پري پري شھرن ڏانھن ايڪسپورٽ ٿين ٿا.‘ ٿورو اڳيان ھلياسين ته ساڳيو ئي همراه جنھن لسي جي طلب ڪئي ھئي، تنھن وري به ميزبان کي فرمائش ڪئي ته: ’ڪمند جو جوس پيار‘ جنھن ڪمند جو جوس پياريو، پئسا سائين جبار کيس موٽائي ڏِنا. پر اِن همراه رتوديرو واري تي سائين شيخ عبدالله ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ته: ’ميزبان سان فرمائشون نه ڪبيون آهن. اسان کي چئو ميزبانن کي ڪا به ڳالھه نه چئو.‘ جنھن تان به رستي ۾ ڪافي تبصرا ٿيندا رهيا.
واهي پانڌي جيڪو ڪاڇي جو مرڪزي شھر سڏجي ٿو، کان گورک جو فاصلو ستر ڪلوميٽر ٻُڌايو پيو وڃي، ۽ ڊرائيوَر کان پُڇيوسين جنھن ٻُڌايو ته: ’پورا ٻه ڪلاڪ لڳندا گورک پُھچڻ تائين.‘ واھي پانڌي کي ڇڏي پٿرن جو پنڌ شروع ڪيوسين. فور باءِ فور جيپون اصل لَٽ اُڏائينديون روانيون ٿيون.
گورک هِل ڏانھن گُهت
رستو جابلو وَرَ وڪڙ واريون چڙهايون، هيٺ مٿي لاهيون چاڙهيون. مونکي سيف الملوڪ ڍنڍ جو پنڌ ياد اچي ويو، 2006ع ۾ ويو هئس اُن وقت اُهو رستو هِن گورک ڏانھن ويندڙ رستي کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ ڏُکيو هو، رڳو پٿر ئي پٿر هئا. هاڻي ٻُڌو اٿم ته بھترين رستو ٺاھيو اٿن، پر هِتي به رستو صحي ٺھيل آھي، باقي آھي ئي جبل سو ڏُکايون ته هونديون. منھنجي طبيعت بھتر نه هئڻ جو فائدو صرف هِتي اچي ٿيو جو مونکي اڳين سيٽ مِلي، بند جيپ ۾ پويون سيٽون ويتر سفر کي ڏُکيو بڻائين ٿيون، ٿڪائي وجهن ٿيون، ڪرچات کان کيرٿر جبل جو پنڌ ٿو ياد اچي، اُهو به اهڙين ئي جيپن ۾ ڪيو هو، پر اُهي اڃا به ٿوريون ويڪريون هيون ۽ اوپن (کُليل) هيون تنھن ڪري ڪجهه فائدو هو، پر پوئين سِيٽ وري به ٿڪائي وِڌو هو. سو هِن ڀيري مونکي فائدو اِهو ٿيو، جو اڳين سِيٽ مِلي ويھڻ لاءِ ۽ ڏاڍو مزي سان سڀ منظر ڏِسندو رھيس. لاھيون چاڙھيون لَڪَ ۽ لَنگهه. هِڪ ڳالھه نوٽ پئي ڪئي ته هر اڌ ڪلاڪ کان پوءِ جيپن کي بيھاري پاڻي پي وِڌو ويو، اِن سان اسان کي به فائدو پي ٿيو جو هيٺ لھي ٿورو بدن کي آزاد ڪري تازي ھوا پي ورتي، ۽ فوٽوگرافي به پي ڪئي. اڌ پنڌ تي ته پاڻي جو چڱو خاصو ٽينڪ ٺھيل ھو جِتي جيپ بيٺي اسان کان اڳ به قافلا بيٺا هئا، هِتي پاڻي جا ٻه پائپ هئا ٿڌو ۽ گرم ٿڌي پائپ مان هٿ مُنھن ڌوتا وضو به ڪيو، اُن ٽينڪ جي ڇِت تي نماز به پڙهي، هِتي به فوٽوگرافي ڪئيسين پوءِ اڳتي روانا ٿياسين، جڏهن ٿورو پرڀرو ٻي ڪنھن جيپ کي ويندو ڏِسجي ٿو ته ڊپ پيو لڳندو ته ڪِٿان وڃي رهي آهي، پر جڏهن پنھنجي جيپ اُتان لنگهي ٿي ته پوءِ ڪو ڊپ نٿو ٿئي، بلڪِ ڄڻ ڪجهه محسوس ئي نه پيو ٿيئي.
کاوَل لَڪَ لنگهاسين
جڏهن هِڪ تمام وڏي چڙهائي چڙهون ٿا ته ڊرائيوَر ٻُڌائي ٿو: ’سڄي رستي مان وڏي ۾ وڏي ۽ ڏُکي چڙهائي اِها آهي ۽ هِن لَڪَ کي کاوَل لَڪَ چيو وڃي ٿو.‘ چڙهائي چڙهي پوءِ جبل جي اندر لَڪَ ٺھيل آھي، واقعي ئي تمام ڏُکيو رستو، چڙھائي توڻي وري ھيٺ لھڻ، اگر ڪو نئون ڊرائيوَر ھُجي ته مشڪل سان گاڏي سنڀالي سگهي ٿو. ڪجهه ڏينھن پھريان ’سجيلا لغاري‘ جي گاڏي پُڻ ھِن ئي لَڪَ تي ڪلٽي ٿي ھئي، پر معجزي طور ڪِناري تي وڃي اٽڪي بيھي رھي، اگر ھيٺ ڪِري ھا ته شايد ڪو به زنده نه بچي ها. اُها جڳھه ڪِنارو به ڊرائيوَر ڏيکاريو. اسان کاوَل لڪ جي خوب فوٽوگرافي ڪئي.. وري چڙهياسين جيپن ۾ ۽ اڳتي روانا ٿياسين.
گورک هِل اسٽيشن جِتيَ برسات ڀاڪر پائي مِلي
ٻه ڪلاڪ پورا پھاڙي پنڌ طئه ڪري اُنھيءَ ئي منزل تي پُھتاسين جنھن لاءِ صبح کان پنڌ ۾ ھئاسين. گورک هِل کي سامھون ڏِسي خوشي ٿي ته پنڌ کان فِي الحال اڄ جي رات آزاد ٿياسين، پھاڙيءَ جي چوٽيءَ تي پري کان خوبصورت ريسٽ ھائوس نظر اچي رھيو آھي. اسان جي پنڌ ۽ ھِن منظر کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ برسات اُڀ تان هيٺ لھي اچي اسان جي آجيان ڪئي، جيئن ئي گاڏين کي پارڪ ڪري هيٺ لٿاسين ته برسات ڀاڪر پائي اچي مِلي، ۽ پوءِ ڊوڙي اندر داخل ٿياسين، خبر پئي ته ريسٽ هائوس پريان آهن هي ته هوٽل آهي، هوٽل ڏاڍي خوبصورت آهي ۽ هِڪڙو وڏو جنرل اسٽور جنھن تي ڪولڊ ڊرنڪ کان وٺي گوري دوا تائين سڀ شيون موجود آھن. ھِن ھوٽل ۾ به هِڪ وڏو هال آهي رهائش لاءِ. هِڪ ته منزل تي پُھتاسين، ٻيو ته شام جو منظر سِج پھاڙن پويان لھي رھيو ھو. ٽيون وري جو برسات پئي ته پوءِ قدرت جي ساري سونھن عيان ھئي ڄڻ.
ڪجهه دير برسات وسندي رهي اسان به فوٽوگرافي ڪندا رهياسين، مووي رڪارڊ ڪندا رهياسين، جيئن جيئن رات پوندي وئي ته اسان رهائش لاءِ ڪوشان هئاسين، اڄ ڪجهه وڌيڪ ئي ماڻھو آيل ھئا، تنھن ڪري ريسٽ ھائوس ۾ ڪو روم مِلي، ممڪن ئي نه هو. همراهن ٻُڌايو ته اسان وَٽ ريسٽ هائوس جي بُڪِنگ آن لائين هوندي آهي، ڪيتري صداقت آهي خبر ناهي پر اسان پنھنجي پوري ڪوشش ڪئي پر ھمراھ چيو ته منھنجي وس جي ڳالھه ناهي، پوءِ هوٽل ۾ موجود هال جو ڳالھايو ته اُهو به اڳواٽ بُڪ ٿيل آهي. هاڻي سائين جبار کي چيوسين همت ڪر بسترن جو بندوبست ڪر ٻاهر لان ۾ ئي سُمھي رھنداسين، ڪِٿي بسترا به نه ختم ٿي وڃن. شيخ عبدالله چئي ته واپس هلون رات هلي جوهي ۾ رهون اسان سڀني چيو سائين ايئن نه ٿيندو رات هِتي ئي رهبي ڏُکي يا سُکي اسان ۾ هاڻي ايتري پنڌ ڪرڻ جي همت ناهي. سائين عبدالجبار همت ڪئي جو بسترا ورتائين. پر بسترن وارا به اهڙا جو چار بسترن کان وڌيڪ نه پيا ڏين. اسان ٻه گروپ ٺاهيا ٽل ڪري چار چار بسترا وٺي پوءِ گڏ لڳائي ڇڏياسين، هوٽل ۾ ئي کُليل اڱڻ تي مٿان صرف ڇِت اڏيل آهي ۽ قدرتي هوا ڇا ته سُڪون آهي.
رهائش جو بندوبست ٿي ويو، هاڻي وري فِڪر ٿيو پيٽ جو، هوٽل اندر وياسين ماني جو به بندوبست هو عام هوٽلن کان ڪجهه مھانگي ھئي، پر ايتري گهڻي به نه، هِتي ايتري پنڌ تي ۽ ٻيو ته اڪيلي هوٽل هئي، تنھن ڪري جيڪو به وٺن ماڻھو ڏيندا. ماني، ٻوڙ، برياني وغيرھ جنھن جيڪو کائڻ پسند ڪيو گهرايوسين. مٿان وري چانھه پيتي. هاڻي سارا ٿڪ لھي ويا. اچي پنھنجن بسترن ڀيڙا ٿياسين، ڏِٺوسين ته جِن همراهن بسترا وٺڻ ۾ سُستي پي ڪئي تِن کي هاڻي بسترا لڳائڻ لاءِ جاءِ به نه پي ملي، پريشان هئا. اسان ڪچھري ڪرڻ جي موڊ ۾ ھئاسين، پر سفر جي ٿڪاوَٽ به ڏاڍي هئي. منھنجي ته اڄ طبيعت صفا ساٿ نه پي ڏِنو وڏي مشڪل سان ايترو سفر طئه ڪيو اٿم. سويري ئي سُمھي پيس.
اڌ رات گُذرڻ کانپوءِ آواز ڪنن تي پيو، سوڙھه مان مُنھن ڪڍان ته پاسي ۾ وڏي محفل لڳي پئي آهي، همراه جهومن پيا، نچن پيا ڳائين پيا. ڳائڻ وارو فنڪار ڪير هو، اُٿي ڏِسڻ جي همت نه ٿي، پر سريلو پي لڳي. شيخ اياز ۽ استاد بخاري کي پي ڳايائين، پر ٻُڌڻ وارا شايد سُر ۾ نه هئا جو رڳو ئي هوڪرا پي لڳا شايد پياڪ هئا، سندن ڊانس جي انداز مان به ايئن پي لڳو ته همراھ وڏا پياڪ آھن، اڄ ھي خاص محفل ڪرڻ هِتي آيا آهن. صبح خبر پئي ته اُهي MNA رفيق جمالي جي پُٽ جا دوست هئا، اُهو به ساڻن گڏ هو ۽ رات ريسٽ هائوس نه مِلڻ جو ڪارڻ به شايد اِهو ئي هو.
اسان رات ته ڏاڍو سُڪون سان گُذاري وياسين. صبح سِج اُڀرڻ کان پھرين ئي سجاڳ ٿياسين. جن کي نماز پڙھڻي ھئي تِن نماز پڙھي. پر اسان جي سفر ۾ تقريبن سڀئي نماز پڙهندڙ هوندا آهن. ھاڻي اسان زيرو پوائنٽ تي وينداسين.
بينظير وِيو پوائنٽ
گورک هِل جي شايد سڀ کان آخري چوٽي آهي جنھن کي ’بينظير وِيو پوائنٽ‘ نالو ڏِنو ويو آھي ۽ ھِن کي ’زيرو پوائنٽ‘ پُڻ چيو وڃي ٿو.
صبح ڪجهه ماڻھو پنڌ به هِتان کان ايندي ويندي ڏِٺاسين اسان به چاهيو ته پنڌ هلجي، پر ڪجهه دوستن منع ڪئي ته پنڌ نه پھچنداسين ٿڪجي پونداسين. تمام مٿي چوٽي آھي، جڏھن پھتاسين زيرو پوائنٽ ته هِتي به واهه جا نظارا هئا ۽ هِتي ڪجهه نظارا ڪرڻ لاءِ بينچون ۽ ڇتري نما ڇانوَ به ٺھيل ھئي، ھِتي ويھي ماڻھو چئني پاسن جو نظارو ڪري پيو سگهي ۽ هڪ ڊِگهو ور وڪڙ وارو رستو به ٺاهيو ويو آهي، جنھن کي ھڪ طرف کان لوھي گِرل لڳائي وئي آھي. ھِن گِرل کان ھيٺ ڏِسبو ته تمام هيٺ هزارين فوٽ هيٺ نظر هلي ويندي.
غلام مصطفيٰ ميمڻ جيڪو ڪي ٽي اين جو نمائندو به آهي، گِرل تي ٽيڪ ڏيئي هيٺ اونھائي ڏانھن ڏِسندي کيس چوان ٿو. مصطفيٰ يار عجب اِهو آهي ته مون ڪافي ڪِتابن ۾ پڙهيو آهي، يا ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن جو لِکيل ڪو مضمون ته اُن ۾ هِن گورک جي اوچائي جا صحي انگ اکر خبر ناهي ڪھڙا آهن، سڀني ۾ مختلف آهن. مزي جي ڳالھه ٻُڌايائين ته: هِڪڙي ڪِتاب ۾ 5889 فوٽ اوچائي لِکيل آهي، ساڳين ئي ڪِتاب ۾ ٻي هنڌ لکيل آهي ته کيرٿر جي اوچي ۾ اوچي چوٽيءَ ڪُتي جي قبر ۽ گورک آهي، 7200 فوٽ لکيل آهي، ۽ جنت السنڌ ۾ هن کيرٿر جي اوچي ۾ اوچي چوٽي 5000 هزار فوٽ لکيل آهي، اُها به ڪُتي جي قبر واري جاءِ، هِن کيرٿر جي ڊيگھه ٽوٽل 315ڪلوميٽر ٻُڌائي وڃي ٿي. هي جبل سنڌ جي ڏاکڻين حِصي کان شروع ٿي اُترين حِصي تي ختم ٿئي ٿو. ساڳي نموني هِن جبل کي هڪڙن ڪِتابن ۾ ٽِن حصن ۾ ورهايل آهي، کيرٿر، ڏاڙهيارو، پٻ ۽ ڪِن ڪتابن ۾ وري پنجن حِصن ۾، کيرٿر، پٻ، ڏاڙهيارو، سورجان ۽ ڪارو جبل، اڃا هِڪڙي ٻي ڪِتاب ۾ ته هِن جي ڊيگھه صرف 150ڪلوميٽر لکيل آهي، ۽ هن کي ڀت جبل، ڪرو ۽ کيرٿر ۾ ورهايو اٿس، ۽ اوچائي 5688 فوٽ ٻُڌائي ٿو. هاڻي ڀلا اسان ڪھڙي ڪِتاب تي اتفاق ڪريون. خير ڇڏ کڻي... اِهو پاڻھي تاريخ ۽ تحقيق لکڻ/ ڪرڻ وارا سِڌو ڪندا.
پاڻ ته چئون ٿا جيڪڏهن گورنمينٽ اڃا هِن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ چاهي ته ٻي طرف پُڻ اهڙي ئي چوٽي آهي ۽ وچ تي ڪيبل ڪار سِسٽم هلائجي ٻي پاسي پارڪ ٺاهجي ته اڃا به هِن پوائنٽ جا ڪيترا ئي رنگ نِڪري نِروار ٿيندا، گورک ڄڻ وڌيڪ نِکري پوندو ۽ ايندڙ سياحن کي اڃا وڌيڪ لُطف اِيندو، قدرتيءَ خوبصورتي ته موجود آهي، پر گورنمينٽ طرفان اڃا ڪا به اهڙي ڪوشش نه ورتي وئي آهي جو چئجي ته ها گورنمينٽ کي دِلچسپي آهي. آئون سمجهان ٿو گورنمينٽ نيڪ نيتي سان هن پوائنٽ تي ڪم ڪري ته سنڌ جا ماڻھو مري کان پريان ايوبيه گلي تائين نه وڃن، اهڙو سڀ ڪجهه هِتي به ٿي سگهي ٿو، پر هِڪڙي ٻي به ڳالھه ٻُڌڻ ۾ آئي ته هِتي اڳواڻ رفيق جمالي آهي، تنھن ڪري هِتي هر طرف صرف جمالي ذات جو ئي ماڻھو ٿي سگهي ٿو. جيئن ته جيپن وارا به جمالي ته هوٽل تي ڪم ڪندڙ سڀ جمالي، ريسٽ هائوس سنڀاليندڙ جمالي ته جنرل اسٽور هلائيندڙ به جمالي. چوڪيدار وغيرھ سڀ جمالي، ۽ ٻي ڪنھن ماڻھو کي اجازت ناھي ته ڪو پنھنجو ھٽ قائم ڪري يا ھوٽل. اِھا سوچ اگر ھوندي ته پوءِ ڪا ترقي ٿئي ممڪن نٿو لڳي.
هِن پوائنٽ تي خاص ڪري صبح پھرين ڪِرڻن ۽ جڏهن لَڙي سج لڪن تان اِهي ٻئي پھر فوٽوگرافي لاءِ انتھائي بھترين آهن، اسان به سج جي پھرين ڪِرڻن سان گڏ هِتي پھُتا آهيون، مصطفيٰ ۽ مون هڪٻئي جا فوٽو ڪڍيا ۽ پوءِ سيلفيون پُڻ آخر ۾ سڀني گروپ فوٽو ڪڍرايو.
هاڻي اسان گورک هِل جي چئني طرفن تي آخري الوداعي نظرون وجهي جيپن ۾ چڙهي روانا ٿياسين. ساڳين پنڌ پھاڙ جا، ساڳي لڪ لنگهياسين، واهه مُرشد لطيف سدا جيئو:
ڇُلي ڇڏ مَ ڇپرين، ڏُلي ڇڏ مَ ڏيھه،
پسيو وَڻ وطن جا، وڙڪيو اچيو ويھه،
سڄڻ ۽ ساڻيھه، ڪنھن اڻاسيءَ وِسري.
واهي پانڌي پُھچي پنھنجي ڪارُن ۾ ويٺاسين، مصطفيٰ ميمڻ چيو ته هاڻي هلون ٿا جوهي اُتي منھنجو دوست آھي، جنھن وٽ ناشتو رکيل آھي، پوءِ اڳتي ھلنداسين.
جوهي جي جُوءَ ۾
جوھي پُھتاسين، تعلقه اسپتال جي پُڇا ڪئيسين، جنھن طرف ٻُڌايو ويو ، اُن طرف رُخ رکيوسين، اسپتال پُھچي مصطفيٰ دوست کي فون ڪئي. ڪجهه گهڙين ۾ دوست آيو، جيڪو ڀاڪرين مِليو، اسان کي وٺي گهر اڳيان گاڏيون پارڪ ڪرايائين. ڪجهه دير ويٺاسين ۽ دوست سان تعارف وغيره ٿيو. دوست جو نالو محمد فضل ٿھيم ھو، ھِتي سرڪاري اسپتال جي ايمبولينس جو ڊرائيور ھو، ھِن کان پھرين ٿاڻو بولاخان ۾ ڪافي عرصو رھيو ھو، شيخ عبدالله ۽ مصطفيٰ ميمڻ سان تڏهن کان واسطو اٿس. اسان ڪجهه دوست ڪار ۾ سوار ٿي شھر ۾ وڃي تڙ وغيره ڪري آياسين. احمد خان مدهوش ۽ خليل عارف سومرو جو هي ’جوهي جو شھر‘ تمام سُٺو پيو لڳي. هي شاعر به ٻئي سُٺا آهن، خليل عارف ته دوست رهيو آهي، ساڻس خط و ڪتابت هوندي هُئي. احمد خان مدهوش خليل عارف سومرو جو والد آهي، مدهوش جي غزل جا ڪُجهه بند آهن:
ٻول ٻاراڻو ڪري، ڪنھن سان نه ٻاراڻي ڪجي.
جيڪڏهن ڪنھن سان ڪجي ڪا ڳالھه، مرداڻي ڪجي.
قول کان اڳ سوچجي ۽ واعدو سمجهي ڪجي،
آڱرين سان ليڪ پائي، ڌار ڇو پاڻي ڪجي؟
چاڙهي ٻيڙيءَ تي نه ڪڍجن ڪنھن جا تختا اي سڄڻ!
وقت تي واهر ڪجي ۽ ساهه سر ساڻي ڪجي.
لائجي ڪنھن سان ته اُن سان زندگيءَ ڀر ڏورجي،
توڙ اي ”مدهوش“ پنھنجي نيٺ آکاڻي ڪجي.
جوهي جو شھر تعلقي هيڊڪوارٽر آھي تنھن ڪري ڪُجهه بھتر حالت ۾ آهي، پر ڪِٿي ڪِٿي. باقي عام طور نه ئي خراب شھر چئي سگهجي ٿو نه ئي سُٺو. آياسين واپس فضل جي فيض ۾.
هِن دوست کُلي دِل سان اسان جي مھمان نوازي ڪئي. اُتي ئي شيخ عبدالله جا ٻيا دوست مولوي صاحبان اچي ويا، جيڪي گهڻو منع ڪرڻ جي باوجود به زبردستي پنھنجي مدرسي وٺي ويا، جِتي اسانکي فروٽ ۽ ڪولڊ ڊرنڪ ڏِنو ويو، ساڻن به ڪلاڪ اڌ ڪچھري ٿي، ٻاهر نِڪتاسين حافظ صاحب گَليءَ مان هلندي مصطفيٰ ميمڻ کي ٿو چوي: توهان صحافي آيو، هي گَليون نوٽ ڪريو، ۽ پنھنجي ڪالمن ۾ لِکجو ته ڪيڏو گند ڪچروآهي، نه ڪا صفائي آهي ۽ نه ڪجهه، سڀ بجيٽون کائي ٿا وڃن. مصطفيٰ موٽ ۾ چيو، سائين رڳو جوهي ناهي پر ساري سنڌ جي شھرن جي ساڳي ئي حالت آھي. جِتي به وڃو جنھن به شھر وڃو اوھان کي روڊ اُکڙيل نظر ايندا، گَلين ۾ ڪچري جا ڍير نظر ايندا. حافظ صاحب وارن کان موڪلايوسين، ھنن ھڪڙو شاگرد موٽر سائيڪل تي اسان جي اڳيان روانو ڪيو ته جيئن اسان کي جوهي کان ڀان سعيد آباد وارو روڊ ڏيکاري، دادو کان وڃو ٿا ته اسانجو پورو اڌ ڪلاڪ زيان ٿو ٿئي، تنھن ڪري ھي وچان شارٽ ڪٽ آھي. روڊ اڃا ھاڻي تعمير پيو ٿئي، بھرحال ھڪ ڳالھه نوٽ ڪيم ته ڄامشورو جيئن ئي ڇڏيوسين ته اسان کي روڊ سڀ جا سڀ نوان ٺھيل نظر آيا ۽ تمام سُٺا، هِتي جا ماڻھو ھنن روڊن کي ڪمپني وارا روڊ ڪري پيا چون، شايد ڪنھن ٻاھر جي ڪمپني تعمير ڪيا آھن. باقي پاڻ واري ٺيڪيدارن جا ته افعال ئي ناهن، جھڙا روڊ آھن. ڀان سعيد آباد روڊ تي سيوھڻ جي ويجهو قلندر سي اين جي اسٽيشن تي سي اين جي ڀرائڻ لاءِ گاڏي لائين ۾ هنئين. اسان سائين عبدالجبار، شيخ صاحب ۽ ادا منظور وارن نماز پڙهي، آئون، فھد احمد ۽ شعيب فوٽوگرافي کي لڳي وياسين. ھي سي اين جي اسٽيشن ٻين کان ٿورو مختلف آهي، انھيءَ ڪري جو هِتي سڀني جانورن جا وڏا مجسما ٺھيل لڳل ھئا، ۽ فيملي پارڪ پُڻ ٺھيل آھي. اسان موقعي جو فائدو وٺندي خوب فوٽوگرافي ڪئي.
قلندر شھباز جي نگريءَ سيوهڻ ۾
ھاڻي سيوھڻ جي شھر پُھتاسين، قلندر جي نگري ۾ اچجي ۽ قلندر سان نه مِلجي ايئن ٿي نـٿو سگهي، گاڏيون سِڌو درگاهه ٻاهران ڪار پارڪنگ ٺھيل آھي، اُتي پارڪ ڪيوسين، اڄ به گرمي ۽ سج جي تپش واهه جي آهي، جيئن ئي پيرَ جوتن مان ٻاهر ڪڍي فرش تي رکياسين ڄڻ ٽانڊن تي پيرَ پيا پوَن.
قلندر جي مزار تي هي منھنجو ٽيون ڀيرو اچڻ ٿيو آهي، پھريان 1998ع ۾ آيو ھئس، اُن کان پوءِ 2008ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت تي سندس ور آصف زرداري سان تعزيت ڪري موٽيا ھئاسين تڏھن به هِتي آيا هئاسين، تڏهن درگاهه جو ڪم هلندڙ هو. هاڻي ته سمورو ڪم مڪمل ٿي چُڪو آهي ۽ تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. هينئر توڻي جو هاڻي ڪجهه ڏينھن پھرين ئي عرصو ٿي گذريو آھي، اسان سمجهو ته هاڻي درگاهه تي رش نه هوندي، پر اسان جي سمجهه غلط ثابت ٿي، هتي ته هر وقت ۽ هر روز ايتري ئي رش هوندي آهي. اسان وانگر گهمڻ وارا ماڻھو گهٽ پر عقيدي وارا تمام گهڻا هوندا آهن، جيڪي عجيب و غريب حرڪتون ڪندي نظر ايندا، مزار جي پڃرن کي پيا چميون ڏيندا، هاڻي ته وري مزار جي هِڪڙي ڪُنڊ کان نئون رنگ ڏِٺوسين هيٺان لڪائي ڳُجهي نموني پاڻي جو پائپ آڻي مزار جي پڃري جي ڪُنڊ کان ظاهر ڪري هڪڙي ڪشتي نما مان پاڻي جو ڦُڙو ڦُڙو ڪِري پيو، چون ٿا هي پاڻي قلندر سائين پيو ڏي ۽ مردن توڙي ماين جا سڀئي هٿ اُن پاڻي کي حاصل ڪرڻ لاءِ اُڀا آهن، کين ايتري ته عقيدت آهي جو مرد ۽ مايون هڪٻئي جي سفا ويجها هڪٻئي سان بلڪل ٽچ ٿي رهيا آهن.
اڃا مزار جي هِڪ پاسي نظر جو وئي ته هِڪڙا نوجوان ڇوڪرا پاڻ ڏي سڏيندي نظر آيا ويجها وياسين ته پريان اشارو ڪندي چون پيا وڃو وڃو سائين کان دُعا وٺو، سائين هِڪڙو اسان جي هم عمر گلي ۾ گيڙو رومال وجهو وارن کي شيمپو ڪيو سنئين سينڌ ڪڍيو ويٺو آهي. سندس نظر هيڏانھن مزار ڏي لڳي پئي آھي، اٻوجهه نوجوان وڃي سندس سامھون ھيٺ جهڪن پيا، هي جوان سندن پُٺا ٺپري ڪن ۾ چوين ٿو، پئسا ڪڍي رکو، ڪم ٿي ويندو. همراھ پاسي واري کيسن ۾ ھٿ وجهندا، جنھن وٽ جيڪو آھي، سندس سامھون رکندا پيا وڃن، مونکي ھي لڪاءُ ڏاڍو عجيب لڳو، فوٽو به ڪڍيم. پر ڏوهه ڪنھن جو؟ ھِنن جو يا ھِنن وٽ ايندڙ ماڻھن جو! سمجهان ٿو هِنن ته ويچارن کوليو آهي پنھنجو دُڪان، تنھن ڪري ھِنن جو ڪو ڏوھه ناهي، جيڪي هِن دُڪان تان ڪجهه خريد ڪرڻ اچن ٿا ڏوهه اُنھن جو آھي. ڇو جو دُڪان ھجي ريتي بجري جو ۽ وٺڻ وارو اُن کي چوي مونکي سون ڏي ته ڏوهه دُڪان وارو جو ته نه ٿيو نه. سڀ رنگ ڏِسي فوٽوگرافي ڪئيسن، تيستائين ڪيمرا جي اک مٿي وئي. جتي فقير قائم علي شاهه ۽ ٻيو ڪو همراھ چنا ھو جنھن جا فوٽو درگاھ ۾ اُتي لڳا پيا آھن، جِتي ھيٺ يا الله يا محمد لِکيل آهي يا آيتون ۽ نبين جا نالا لِکيل آهن. اُنھن کان مٿان ھي ھمراھ پينافليڪس جي صورت ۾ ٽنگيا پيا آھن. حالانڪِ ٻاھر پُڻ کوڙ لڳا پيا آھن. پوءِ ھِن جاءِ ته ڪِھڙي ضرورت ھئي ھِنن کي لٽڪائڻ جي. پر ڪنھن کي ڪير چوَي سڀ ڪو ئي عقلِ ڪُل آھي.
درگاھه کان ٻاهر نِڪتاسين سوچيم هاڻي مير حاجن مير کي سلام چئي روانا ٿا ٿيون، فون ڪيم ته همراھ چوَي وڃجان نه اِتي ئي بيھه آئون اچان پيو، چيومانس دوستن سان گڏ آهيان تنھنجو سلام ڪيو ھاڻي وڃون ٿا. بس ٻه ٽي مِنٽ گُذريا فون ڪيائين ڪھڙي پاسي بيٺو آھين؟ ٻُڌايومانس درگاهه جي مين گيٽ تي. آيو، ڀاڪر پائي مِليو ۽ قلندر جي عرس جي موقعي تي شايع ٿيندڙ سووينئر به سُوکڙي طور ڏِنائين ۽ چانھه لاءِ تمام گهڻو زور ڀريائين پر چانھه لاءِ راضي نه ٿياسين پوءِ کانئس موڪلايوسين. ٻاهر روڊ تي آئيس ڪريم جو وڏو دُڪان ڏِسي شيخ صاحب ويھي رهيو چيئين گرمي آهي، آئيس ڪريم ٿا کائون، آئيس ڪريم پِستا کاڌي پر ڪا به ٽيسٽ نه هئي، مائو به پارسل ڪرائي ورتوسين. روانا ٿياسين.
لڪي شاهه صدر جو سلام
روڊ جي پاسي منجهه ئي درگاهه آهي، ڪجهه گهڙيون هِن درگاهه جي به حاضري ڀريون. گاڏيون پارڪ ڪيوسين، صفا ٽاڪ منجھند ھئي، پوءِ به ڏِٺوسين ته اندر کوڙ مايون آهن، جيڪي حاضري ڀري سامھون ٺھيل ڇپرن ھيٺ ساھي کڻي رھيون آھن. درگاھه جي آڳند تان پير گُهمائي، فوٽوگرافي ڪري ٻاهر نِڪتاسين، سامھون ٻه سوزڪيون اچي بيٺيون جنھن مان ٻه موڙ ٻڌل گهوٽ لٿا، سڀني چيو ٿورو بيھو ڪنوارون ڏِسون، پر ڪنوارون ته نه هنيون شايد ڪنوارن کي هاڻي وٺڻ ويندا پھرين ھِتي حاضري ڀرين پيا.
ھاڻي اسان جي آخري منزل رني ڪوٽ ئي آھي پوءِ سِڌو واپس روانا ٿينداسين. رستي ۾ سن ڏي ويندڙ اسٽاپ تي بيٺاسين، جلال محمود شاهه جي پيٽرول پمپ تان گاڏين ۾ پيٽرول ڀرايوسين. سامھون ٿاڌل وارو ويٺو آھي اُن کان ٿاڌل پيتسين، اِن کان اڳ جو رتوديرو وارو دوست رڙ ڪري ’ڀائو ٿاڌل پياريو‘. دوست سان ملاقات ته پھرين آهي، پر بي حجاب آهي.
روانا ٿياسين رني ڪوٽ ڏي، هِتان کان فاصلو ٻُڌائي پيو ته 37 ڪلو ميٽر پنڌ آهي. روڊ به ٺيڪ آهي صفا ويل به ناهي، گاڏيون اسپيڊ ۾ ڊوڙي پيون سگهن، ڪافي آهي. اڌ فاصلو طئه ڪيوسين ته سامھون ڊيم نظر آيو. اڳيان جيئن ته شيخ عبدالله وارا هئا، اُنھن گاڏي کي ڊيم طرف موڙيو اسان به پويان پويان، گاڏين کي سائيڊ تي پارڪ ڪيوسين.
هي سن ڊيم آهي
ڊيم ڏِٺوسين سائين شيخ صاحب ٻُڌايو ته هي سن ڊيم آهي هاڻي ته هن جو ڪم هليو آهي پ پ پ جي دؤر ۾ اڃا ڪم هلندڙ آهي، منجهس پاڻي به کوڙ سارو جمع ٿي چُڪو آهي، اڃا اِن مان مختلف واهه ڪڍي زمينون آباد ڪرڻ وارو ڪم به رهيل آهي. بھرحال ڪم ڏاڍو سُٺو آھي، ھن کي اگر لاڀائيتو بڻايو ويو ته.
رني ڪوٽ قلعو ۽ هي قافلو
وري به رستو رني ڪوٽ جو ۽ اسين. پٿر جو پنڌ ڪندي رستي سان لڳل ڪلوميٽر جي ماپ وارو پٿر به پڙهندا وڃون اُن ڪري جو وقت ٿورو بچيو آهي، ڪِٿي رني ڪوٽ ۾ رات نه ٿي وڃي. شيخ عبدالله اڳئي راضي نه هو، زبردستي وٺي آيا آهيون، چيائين رستو ڏُکيو آهي، رڻ ۾ رات پئجي ويندي. ڳالھيون ڪندا پنڌ کي کُٽائيندا اچي پُھتاسين رني ڪوٽ جي پھرين دروازي تي. پھريون اُن ڪري جو چوَن ٿا رني ڪوٽ کي ٽوٽل چار دروازا آھن، بس ھڪ ٻه فوٽو ڪڍيا تيستائين شيخ صاحب اِشارو ڪيو ته اڳتي اچو، پنڌ اڃا اڳتي آهي، تقريبن 3 ڪلوميٽر اڳيان وياسين ته سامھون بورڊ نظر آيو ميري ڪوٽ.
ميري ڪوٽ منھندان
هِتي ته واهه جو مزو لڳو پيو آهي، هي اڏاوتون، هي ڪاريگريون خبر ناهي ڪھڙي دؤر جون آھن. شيخ صاحب ٻُڌايو ته هِتي هِن جاءِ تي ارباب جي دؤر ۾ ارباب هڪ ڪانفرنس رکرائي هئي، سڀني تاريخدانن ۽ محققن کي گُهرايو هئائين ته جيڪو رني ڪوٽ جي تاريخ بابت صحي ٻُڌائيندو اُن کي پنج لک روپيا انعام ڏِنو ويندو. چوَن ٿا ڪنھن به صحي نه ٻُڌايو سڀني پنھنجا پنھنجا اندازا لڳايا.
هِن اڏاوَت کي ڏِسندي سائين عبدالجبار ’قاسم‘ به چيو ته واقعي هِن بابت ٻُڌائڻ مشڪل آهي جو هِن اڏاوت جو نمونو ڪنھن به دؤر سان نٿو ميچ ڪري، نه ئي ڪنھن مذهب جي ڪا اهڙي نشاني آهي، جو چئي سگهجي ته هي ڪھڙي دؤر جو اڏايل ٿي سگهي ٿو. ڏاڍي حيران ڪندڙ ڳالھه آهي، ايترو پُراڻو ۽ اڃا تائين جيئن جو تيئن بيٺو آهي، ڪئين زميني زلزلا آيا هوندا، ڪيتري ماحولياتي اُٿل پُٿل ٿي هوندي، ڪئين بارشون وَسيون هونديون، ڪا شئي هِن جي اڏاوَت تي اثرانداز نه ٿي سگهي آهي.
’ڇُپا رُستم نِڪلا‘
ميري ڪوٽ تي مٿي چؤطرف گُهمي ڦِري ڏِٺوسين فوٽوگرافي به خوب ڪئيسين، هِتي رتوديرو وارو همراه مصطفيٰ کي چئي ٿو ويھه روپيا ڏي توکي پنج سئو روپيا ٺاهي ڏيان. ويھه روپيا مصطفيٰ ڏِنا هٿن ۾ گُهمائي ڦيرائي پھريان ڏھين جو نوٽ ڪڍيائين وري گُهمائي ڦيرائي پنج سئو جو نوٽ ڪڍيائين، اسان حيران ٿي وياسين ته هي اِهو علم به ڄاڻي ٿو، اِهو ڪوئي وظيفو يا اهڙي قِسم جو علم ناهي، پر هٿ جي صفائي آهي، جيڪو ڄاڻي. اسان لاءِ ته فِي الحال حيران ڪُن ڳالھه هئي. ته همراه ’ڇُپا رُستم نڪلا‘.
اوهانکي چشمون ڏيکاريان
هاڻي وري شيخ عبدالله چيو اڃا اڳيان هلو، اوهانکي چشمو ڏيکاريان، روانا ٿياسين، پنڌ ته ڪلٽس جي ڪرڻ جو ڪونه هو، فور باءِ فور ئي هنن لاهين چاڙهين تان چڙهي پيون سگهن، پر اڄ اسان هِنن ڪلٽسن کان ڪم ورتو، اڄ اسان هِنن کي فور باءِ فور بڻائي ڇڏيو، وري به ٻه ٽي ڪلوميٽر اڳتي وياسين، جِتي هڪ ٻه ڳوٺ نظر آيا، بس اُنھن جي ئي ويجهو آهي چشمو، هي ننڍڙا جهوپڙا ڳوٺ به شايد هيڏن وڏن پھاڙن جي وچ ۾ اِن چشمي جي سھاري تي ويٺا آھن. نه ته ٻيو ته هِتي پاڻي جو ڪو به سلسلو ڪو طريقو ناهي. چشمي جي پاڻي مان وضو ڪيو، هٿ مُنھن ڌوتو، پيتو، ۽ فوٽوگرافي ڪئي.
واپس جو ٿياسين ته پھريان جنھن ڳوٺ جي ڀر مان لنگهيا هئاسين اُنھن ھمراھن رِڻ ۾ رَليون وِڇائي ڇڏيون ۽ گول ويھاڻا رکي ڇڏيا، سِج به لھي رھيو آھي. دوست چوَن چانھه ته پيئڻي پوندي. سندن خلوص ۽ محبتون ڏِسي انڪار ته بِلڪُل نه پيا ڪري سگهون. هو اسان کان پُڇن ها ته شايد اِنڪار ڪريون ها، پر هِنن ته اسان جي واپسي اچڻ تائين سڀ بندوبست به ڪري ڇڏيو. هي چاهه مان چانھه پياريندڙ همراه عبدالحڪيم گبول آهي. هي جيڪي ٻه ٽي جهوپڙا ڳوٺ اسان کي نظر آيا اِهي گبول آهن. بھرحال ڪاڇي توڙي ڪوھستان جا ماڻھو ڏاڍا مھمانواز آھن.
ھِنن پھاڙن جي جهولين ۾ جيئندڙ خلوص هاڻن مھربان، دوستن کان موڪلايوسين. واپسي ۾ بلڪل رات انڌيري ٿي چُڪي ھئي. تنھن ڪري پھرين مرڪزي ديوار تي چڙھياسين ته صحي پر فوٽوگرافي نه ڪري سگهياسين. هن عظيم رَني ڪوٽ جي ويڪري ديوار تان بيھي رات جي پھرين پھرين پھر ۾ هٿن کي هوائن ۾ هِلائي رني ڪوٽ کان موڪلايوسين.
واپسي
پٿرن ۽ پيچرن، روڊن ۽ رستن تان پريت ۽ پيار جو پنڌ ڪري پُھتاسين اچي حُسن جي هِندوري ڄامشوري، سنگت جي گڏيل صلاح سان ته آخري الوداعي چانھه پي پوءِ ٿا موڪلايون، پنھنجي پنھنجي ماڳ وڃڻ لاءِ. جيستائين چانھه اچي، سفر ڪيئن رهيو، اِن تي ڪچھري ڪئيسين، شيخ عبدالله ڪوهستاني چيو: ’مور ساگر هاڻي اسين تنھنجي بدين تان ڀيرو ڪرڻ چاهيون ٿا.‘ چيم: ’ڀليڪار سائين، جڏهن به پروگرام رکو ته گڏجي بدين به گُهمنداسين،‘ چانھه پي اُٿياسين، ٿاڻو بولا خان جي دوستن، شيخ عبدالله ڪوهستاني، غلام مصطفيٰ ميمڻ، سرور خاصخيلي، اُن جو دوست رتيديري وارو اياز سمون، منٺار خاصخيلي کائن کِلي خوشي منجھان ڀاڪر ڀري وري ڪنھن ٻي ماڳ تي مِلڻ تائين موڪلايوسين. هو ٿيا ٿاڻي بولا خان ڏانھن روانا، ۽ اسان ڪيو مُنھن ماتلي ڏانھن.
جيڪي سفر ۾ همسفر هئا:
پروفيسر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لکندڙ، ماتلي جي تاريخ لکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لکيو اٿس، جنھن ۾ پوري قوم جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا به ڪتاب لکيل، سھيڙيل، مُرتب ڪيا اٿس.
شيخ عبدالله ’ڪوهستاني‘: ٿاڻو بولا خان سان تعلق رکندڙ، انتھائي سُٺو سماج سُڌارڪ، پاڻ پيشي جي لحاظ کان عربي ٽيچر آهي، سدائين سفر ۾ نِنڊ ڪندو آهي، نه ته بس زندگي جي سفر ۾ هل هلان اٿس، ڪنھن وقت ڪِٿي ته ڪنھن وقت ڪِٿي، سدائين سماجي ڪمن جي پويان، سندس مختلف ڪمن، فري ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ، غريبن جي سھائتا ڪرڻ کان علاوه جيڪو ڪم هِن جي سُڃاڻپ بڻيو آهي سو آهي، اجتماعي شاديون ڪرائڻ، هي تقريبن کوڙ سارن غريب بي سھارا خاندانن جي غريب نياڻين جون شاديون ڪرائيندو آهي، ۽ کين پورو پورو ڏاج به ڏِنو ويندو آهي، هن سال ته 100 جوڙن جون شاديون ڪرايون اٿس، ايئن سدائين سفر ۾ رهي ٿو.
غلام مصطفيٰ ميمڻ: ٿاڻو بولا خان سان تعلق رکندڙ، هي صاحب سُٺو دوست سُٺي سوچ رکندڙ آهي، پاڻ صحافت ڪندو آهي، صاف سُٿري صحافت، ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جو رپورٽر آهي، ٿاڻو بولاخان اسٽيشن کان. سندس ٿاڻو بولا خان ۾ سُٺو جنرل اسٽور پڻ آهي.
منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ: منھنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دِل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آهي، پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گُهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ هميشه چوندو آهي، گُهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منھنجي حاضر آهي.
سرور خاصخيلي: سندس تعلق ٿاڻو بولا خان سان آهي، سُٺو ماڻھو آهي، پيشي جي لحاظ کان پرائمري ماستر آهي، صحافت به ڪندو آهي، ۽ شاعر پڻ آهي.
اياز سمون: رتو ديرو لاڙڪاڻو سان تعلق رکي ٿو، ساڻس هي پھرين شناسائي هئي، سرور جو مھمان هو وڌيڪ سندس باري ۾ ڄاڻ نه اٿم.
منٺار خاصخيلي: ٿاڻو بولا خان جو رهندڙ آهي، پيشي جي لحاظ کان ڊرائيور آهي، سندس گاڏي به هن سفر ۾ شامل هئي.
معشوق جوڻيجو: پيرو لاشاري جو رهندڙ، هي حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ تي ملازم آهي. ۽ کوڙ ڪم ڄاڻندڙ آهي، ڊرائيور آهي، اليڪٽريشن آهي، هلڪو ڦلڪو ميڪنڪ به چئي سگهون ٿا. وغيره وغيره.
مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪوڻ بُـليا‘
( 12 ۽ 13 جون 2015ع)