سفرناما

سھڻي منھنجي سنڌ

سُھڻي منھنجي سنڌ، مور ساگر جي مطالعاتي ۽ مشاهداتي سفر جو ٻيو ڀاڱو آهي. موجوده سنڌ جي سفر کي مور ساگر، تاريخ، آثار قديمه ۽ جاگرافي جي موضوعن جا رنگ پڻ ڏِنا آهن. ڪِتاب ۾ بيان لھجو ايڏو اُتساهه ڏيندڙ آهي جو جيڪو پڙهندو اُن کي اُتساهه ۽ شوق ٿيندو ته آئون به ايئن ڪريان، پر ايئن ڪرڻ ڏُکيو آهي. جيڪو ڪندو اُن کي پتو پوندو. ان جي باوجود اسان جي ليکڪن کي ايئن ننڍا سير ۽ تفريح جا ڪِتاب لکڻ گهرجن.

  • 4.5/5.0
  • 27
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور ساگر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سھڻي منھنجي سنڌ

ماتلي کان مول

روانگي
ماتلي، سُھڻي سُٺي!، ٿا وڃون اڄ مول ڏانھن،
ڪوهستان جي ڪنڌي، رهي اچون ڪا راتـڙي.
صبح جو چئين وڳي اُٿي تياري ڪيم، هِن ڀيري ماما احمد کي به گڏ ورتم. اڳين ڀيري چيو هئائين ته مونکي به سفر تي وٺي هل، ادا منظور وري وڏي ڀاءُ عثمان کي ورتو اُهو به پيو ميارون ڏيندو آهي ته اسانکي ڪيڏانھن به ڪونه ٿا وٺي هلو، هِن ڀيري چيوسين ٻنھي، همراهن کي سُھڻي سنڌ جو سَير ڪرائي اچون. صبح پنج وڳي گهران نِڪتاسين اڳين ڀيري رستي ۾ پتنگين ڏاڍو تنگ ڪيو هو، تنھن ڪري هِن ڀيري اُن جو بندوبست ڪيو هيم، ’هيلمنٽ‘ ڪالھه وٺي آيو هئس. ڏاڍو آرام سان پي آيس، اڄ به حالت هئي ڏاڍيون پتنگيون هيون، فجر جي نماز ٽنڊو غلام حيدر ۾ پڙهيسين. ماتلي پُھتاسين، ماتلي مان ادا منظور ۽ شعيب تيار بيٺا هئا، شعيب ۽ نعمان کي هِن ڀيري ڇڏي هلڻ جو چيو هوسين، پر ادا منظور شعيب کي ورتو، ڪاليج وٽان اڳيان سائين عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي کي کنيوسين، سفر جي دُعا پڙهي روانا ٿياسين.

گنجي ٽڪر تي ڪسٽم هائوس
پُھتاسين پھاڙي تي ’ڪسٽم هائوس‘ اسان جو وڏو ڀاءُ محمد عثمان جيڪو هِتي ڪسٽم ايڪسائيز ۾ حوالدار آهي، اُن کي هِتان ڪسٽم هائوس تان ورتوسين. رستي ۾ مختلف ڳالھيون، هِتان هُتان جون، ڪچھري ڪنھن ڪنھن وقت ڪا تاريخي ڳالھه، سائين عبدالجبار ٻُڌايو ته مون هاڻي تازو هِڪڙي تحقيق پڙهي آهي ته: ڪينسر واري ماڻھو کي جڏهن بجلي جا ريز لڳايا وڃن ته ٽي ڏينھن اُن جو ويجهو ڪو به ٻار يا پيٽ واري مائي نه وڃي، ٽِن ڏينھن تائين اُنھن ريزن جو اثر رهي ٿو، اِها واقعي نئين تحقيق آهي.
اُن کان پوءِ زهيريلن مادن، ايٽم بم تي به ڳالھايو ته ناگاساڪي، هيروشيما جو به ذڪر کُلي پيو، جپان جا شھر هيروشيما ۽ ناگاساڪي،جن تي ٻي جنگِ عظيم دوران ائٽم بم ڪيرايا ويا هئا، ستر اسي سال گُذري ويا آهن پر اڃان تائين اُتي پيدا ٿيندڙ نسل کي ڪي نه ڪي خطرا ضرور هوندا آهن.
اسان جي گاڏي هاڻي سُپر هاءِ وي تان لھي ٿاڻو بولا خان روڊ تي رواني آهي ۽ هِن وقت صبح جا 8:00 وڳا آهن، گاڏي ۾ هلندڙ ايف ايم ريڊيو کي ادا منظور آواز ڏِنو خبرون ٻُڌڻ لاءِ، خبرن ۾ ته رڳو ئي روڊ حادثا، مار ڌاڙ، ڦُرون چوريون، سڀني جي راءِ هُئي ته ريڊيو کي بند ڪريو ۽ سفر جو مزو وٺو. اڳيان هِڪڙو لَڪَ لنگهون ٿا جيڪو نانگ وَر تي آهي، پر مُسلسل مٿانھين طرف وڃي ٿو، پھريون ڀيرو جيڪو هِن لَڪَ تان لنگهندو پَڪ سان پنھنجا ڪَنَ بند محسوس ڪندو، مطلب ڪنن کي ڍڪر اچي وڃن ٿا. جيئن ئي لَڪَ اڳيان لنگهياسين ته مونکي الائي ڇو اڄ سسئي اوچتو ياد اچي وئي:
تپي ڪندين ڪوه، ڏونگر ڏکوين کي،
تون جي پھڻ پٻ جا، ته لِڱ منھنجا لوه،
ڪنھن جو ڪونھي ڏوه، امر مون سين ايئن ڪيو.
واقعي سلام آهي سسئي کي، عورت ذات ٿي ڪري هھڙا پھڻ پيرين اُگهاڙي پار ڪيائين. ۽ اِهو ئي چيائين ته: ”ويندي ڏانھن پريَن، جُتي جات نه پايان“.جبلن تي سِڌو رستو هلي ٿو ۽ هِتان کان ئي ٿاڻي بولا خان جا آثار نظر اچڻ لڳن ٿا. ڪجهه پنڌ کانپوءِ باب ملڪ سڪندر به نظر اچي ٿو، جيڪو بولا خان شھر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پھريون دروازو آهي.

مِلياسين مصطفيٰ ميمڻ سان
ٿاڻي بولا خان پُھتاسين مصطفيٰ ميمڻ جي دُڪان تي، جيڪو جامع مسجد نگاههِ مدينه جي سامھون چونڪ تي آهي، سامھون جامع مسجد نگاههِ مدينه آهي، جنھن جي ديوارن تي رڳو ئي اجتماع، جلسن، دعوتن جا پوسٽر، پينا فليڪس لڳا پيا آهن. ڄڻ ته هي ديوار ڪا ايڊورٽائيزمينٽ بورڊ هجي. خبر ناهي اسان ماڻھن ۾ شين کي سُڃاڻڻ ۽ سمجهڻ جو شعور ڪڏهن پيدا ٿيندو. مسجد عبادت گاهه آهي ۽ عبادگاهه جي دَر و ديوار جو به احترام ڪرڻو آهي.
مصطفيٰ جنرل اسٽور تي پاڻي پيتو ڪاوش اخبار جون سُرخيون پڙهيوسين، روانا ٿياسين ناشتي لاءِ مصطفيٰ ميمڻ جي گهر ڏانھن.

ٿاڻو بولا خان جو ٿاڻو ڏِٺوسين
رستي ۾ ٿاڻو ڏِٺوسين ٿاڻي جي اندر هليا آياسين زبون حال عمارت جنھن جي ديوارن مان چيلاٽا نِڪري رهيا هئا، مٿي لڳل پٿر تي انگ پڙهياسين 1868ع جي اڏيل عمارت، حيرت ٿي ته هِن ۾ ڪيئن رهيا پيا آهن. سامھون اڳتي وياسين ته اُتي هِڪڙو بورڊ لڳو پيو هو، ڪنھن اين جي او معلومات لاءِ لڳايو هو، پر اُن مان ڪجهه معلومات ته ميسارجي وئي هئي، باقي نقشو اڃا چِٽو هو ۽ آدمشماري جا انگ اکر پُڻ، جيڪي هي آهن.

ٿاڻو بولا خان
ٿاڻو بولاخان جي ڪُل ايراضي 5204، ڪُل آبادي 124085، ٿاڻو بولاخان ۾ يونين ڪائونسلون 5 آهن، ديھون 28، ڳوٺن جو تعداد 236، گهرن جو تعداد 23412، هِتي جي ماڻھو جي گُذر سفر جو ذريعو چوپايو مال، باراني زراعت ۽ مزدوري ٻُڌايو وڃي ٿو.
تاريخ ٻُڌائي ٿي ته ڄام آري جو پوٽو بولا خان هو، جنھن جي نالي پُٺيان هي شھر آباد ٿيو، ڄام آري کي چئن پُٽن جو اولاد هو ڄام لوهار، حمل، ٻاپڙ، باديڻ ۽ هي بولا خان وري حمل جو پُٽ هو ۽ انھيءَ بولاخان نالي ڳوٺ آباد ڪيو، جيڪو هاڻي شھر بولا خان آهي، اڳي ضلعي دادو ۾ هو، پر هاڻي نوان ضلع ٺھڻ کانپوءِ ضلعي ڄامشوري ۾ آهي.
اِهو دائو لَڪَ آهي
اسان سان گڏ علاوالدين شھڻو، مُسلسل ڪلام ٻُڌائيندو هلي، ڪجهه پنڌ کان پوءِ چوَي ٿو اڳيان هاڻي جيڪو لَڪَ اچڻو آهي، اِهو ’دائو لَڪَ‘ آهي، جيئن ئي دائولَڪَ تي پھچون ٿا ته پوءِ دائو لَڪَ تي ڪيل اعجاز خاصخيلي جي شاعري ڳائڻ شروع ٿي وڃي ٿو.
پرديسن سان پيار ڪري، پنھنجي محبت جو اظھار ڪري.
چري دِل مارائي ڇڏيئي،ڏُکيا پنڌ دائو جا مونکي نيٺ ڪرائي ڇڏيئي.
۽ پوءِ وري مٿان سندس شعر به ٻُڌائي ٿو:
ساڳيون آهيان ساڳيون، مون ۾ ناهي ڪو فرق،
تنھنجو آهيان تنھنجو، ڪر مون تي تون پڪ،
جي ڏِسين گڏ غيرن سان ته پوءِ ماري هڻي ڌڪ،
نه ته شريفن تي شڪ، اجايو نه ڪري علاؤالدين چئي.

مِٺڙي نئه
ڪُجهه پنڌ اڳتي هلڻ کانپوءِ هِڪڙي نئه مان گُذرون ٿا، مصطفيٰ ٻُڌايو هِن کي ’مٺڙي نئه‘ سڏيندا آهن، ايئن پٿر جو پنڌ هلندو رهي ٿو، گڏ گڏ شعر و شاعري لطيف سرڪار جا بيت پُڻ جهونگاريندا رهون ٿا:
ڏونگر ڏکوئن کي، دِلاسا ڏِجن،
گهڻو پُڇجي تن کان، جِن وٽان هوت وڃن،
تون ڪيئن سندا تِن، ٿو پھڻ پير پِٿون ڪرين.
سائين عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي ٿو چوي: ’ٿورو سوچيو سسئي عورت ذات جنھن مُسلسل پيرين پنڌ هيڏا وڏا پھاڙ سَر ڪيا هوندا، ڪيڏي وڏي همت واري عورت هئي. چيم‘ ’سائين سسئي پنڌ نه ڪيا هئا، اِهو عشق هو، جنھن جبل کي ريزه ريزه ڪري وِڌو هو،
آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿيئين، (شاهه)
عشق ئي اهڙا اوکا پنڌ پھاڙ جا ڪرائيندو آهي، ڀلا هونئن ڪو به نارمل ماڻھو اهڙا پنڌ ڇو ڪري، ڇو پنھنجا پير پِٿون ڪري‘، مون چيو.
اِهو ڪرم جو ڪاڍو، نه ته پٿر ڪير پنڌ ڪري.(شاهه)
هِن کي ديڳي لَڪَ (ديڳين وارو لَڪَ) چون ٿا
اڳيان اڃا به هِڪڙو ڏُکيو لَڪَ لنگهون ٿا، مصطفيٰ ٻُڌائي ٿو ’هن لَڪَ کي ’ديڳي لَڪَ‘ چوَن ٿا، هِتي هِڪ ڀيري شيخ عبدالله موٽر سائيڪل تي آيو هو رات پئجي وئي هئي، موٽر سائيڪل بند ٿي وئي هئي، ۽ هِنن کي جِن ڦِري آيا هئا‘.
چيم ’جن ته اڳي ٻُڌبا هئا، هاڻي ڪِٿي آهن جِن!؟‘.
’نه ادا اڃا به آهن پر ماڻھن جو نالو نه ٿا وٺن‘.
’ڪِٿان وٺندا ماڻھو پاڻ جنن کان وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويا آهن‘.
اسان جون گاڏيون پٿرن تي به اهڙي اسپيڊ سان ڊوڙي رهيون هيون، ڄڻ سپر هاءِ وي تي هلي رهيون آهن، هي گاڏيون آهن ئي هِن ڪوهستان لاءِ مخصوص، سُپرهاءِ وي تي هلندڙ گاڏيون هِتي نه هلي سگهنديون، اسانجي منزل اڳتي هُئي دوستن جي صلاح سان اڳيان نظر ايندڙ ڳوٺ ۾ گاڏين کي ٿوري دير لاءِ بريڪ ڪبو ۽ پاڻي وغيره پي پوءِ اڳتي نِڪربو، جيئن ئي ڳوٺ ۾ پُھتاسين مون پُڇيو ’ادا هن ڳوٺ جو نالو ٻُڌايو ته نوٽ ڪريان‘، مصطفيٰ ٻُڌايو ’هي ڳوٺ نبي بخش باريجو آهي‘، هِتي هڪ دُڪان هو جنھن تان پاڻي پيتو، ٿوري دير بيٺاسين ۽ پوءِ وري به اسين ۽ پٿر جو پنڌ. رستي ۾ هِڪ کُليل باڊي ٽرڪ ڄڃ کڻيو پي وئي، اسان سڀني صرف اُن ٽرڪ کي ڏِٺو پر اسان سان گڏ علاؤلدين شھڻو تنھن سھرا ڳائڻ شروع ڪيا تڏهن سڀني جون نظرون وري به ٽرڪ ڏي ۽ ڌيان شھڻي جي سَھرن ڏي گڏ گڏ ٽھڪڙو به، سَھرن کان پوءِ وري مورو به ٻُڌايائين:
ڪپڙا ٿي ويا هِن ميرا،
جبل جا ڏاڏا ڏِنا ٿم ڦيرا،
ڪپڙن جي يار سلائي،
توکي ياد ڪندو آهيان الاهي،
مالڪ آيا ٿئي مينھون،
منھنجي دِلڙي ڪري پئي ڪينھون،
مينھن جي يار چال،
منھنجا ڏکن ڪيا بُرا حال.
ايئن هِتان هُتان هٿ جو مورو ٺاهي ٻُڌائي، پنھنجي ڏاهپ به ظاهرڪئي ۽ اسانکي به محظوظ ڪندو هليو، مطلب ته شھڻي اسانکي سفر ۾ بور ٿيڻ نه ڏِنو، سفر ۾ هميشه هِڪ يا ٻه ماڻھو اهڙا هُئڻ لازمي آهن. جڏهن پنڌ پري جو هُجي، سفر اوکو هُجي، رڻن جو راهي ٿجي، تڏهن علاءُالدين شھڻي جھڙا سفر جا ساٿي هئڻ سفر لاءِ انتھائي اهم آهي. جي لطيف:
ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجهه، اچي بوءِ بھار جي.
رستي ۾ ننڍا ننڍا ڳوٺ نظر آيا ۽ ڪِٿي ڪِٿي شمسي توانائي تي هلندڙ ٽيوب ويل پُڻ ڏِٺاسين انھي شمسي توانائي اچڻ کانپوءِ ڪوهستان جھڙن علائقن ۾ ڄڻ انقلاب اچي ويو هُجي، نه ته ايترو مٿي ۽ جبلن تي برسات کانسواءِ پاڻي جو پھچڻ ته تصور ۾ به نه هو، پر هاڻي جبلن مٿي ٽيوب ويل پاڻي ڏئي رهيا آهن، هڪڙي نئين لڳل ٽيوب ويل وٽ گاڏين کي بريڪ ڪيوسين، اُن ڪري جو اُن ٽيوب ويل وٽ همراه پُڻ موجود هئا ۽ رستي جي پاسي ۾ به هو، سڀئي هيٺ لٿا، پاڻي به پيتو ۽ هٿ منھن به ڌوتا، اُتي موجود همراه کان جڏهن پُڇيوسين ته هِن سولر سِسٽم ٽيوب ويل تي گھڻي لاڳت آئي؟ ٻُڌايائين ته اَٺ (8) لک خرچ اچي ويو آهي، خرچ برابر وڏو آهي، پر جبل تي پاڻي جو مِلڻ ته اُن کان به وڏي ڳالھه هُئي.
هاڻي جمع جي نماز جو وقت ٿي ويو آهي، سائين شيخ عبدالله چيو ته ’اڳيان ڳوٺ امام الدين باريجو ۾ جمع نماز ادا ڪنداسين‘، گاڏين جيئن ئي بريڪ ڪيو ته اُتي موجود مقامي ماڻھن هينڊ پمپ مان پاڻي جا لوٽا ڀرڻ شروع ڪيا، واري واري سان اسان کي وضو لاءِ پاڻي ڏِنائون، جمع نماز باجماعت ادا ڪئي. مسجد ڪچي پڪي هُئي، نماز کانپوءِ اسان کي هِڪ مقامي همراه سليماني چانھه پياري، تيستائين وري ٻيو همراه کير واري چانھه کڻي آيو، ٻنھي چانھِن جو لُطف ورتوسين، ۽ لاهور کان آيل جماعتي به خوش طبع هُئا، مُسڪرائيندي چيائون ”ہمیں تو اندازہ ہی نہیں تھا سفر اتنا دشوار ہے، اگر معلوم ہوتا تو ہم دادو کی طرف چلے جاتے وہاں بھی ہماری جماعتیں تھیں“ دِل ۾ چيم ’ڦاسڻ کانپوءِ ڦـٿڪڻ ڪھڙو‘، اِهو اڳ سوچيو ها، هاڻي روئڻ مان ڪجهه نه ورندو. ڇڪي ٻڌو سندرو پنڌ اڃان اڳتي اٿوَ.
ڄام لوهار جي درگاهه ۽ تاريخي قبرستان
اسان جو سفر هو تونگ طرف، جِتي مانجھاندي جي ماني به هُئي پر تونگ طرف ويندي رستي ۾ ’ڄام لوهار‘ جي درگاهه آئي، جيڪا هِڪ تاريخي قبرستان ۾ موجود هُئي ۽ تونگ طرف اچڻ جو اهم مقصد، جيڪا جاءِ اسان گُهمڻ گهُري هُئي اُها اِها جاءِ، اِهو تاريخي قبرستان هو.
هي قبرستان اندازي موجب چاليھه پنجاهه ايڪڙن جي پکيڙ تي پکڙيل آهي. هِن ۾ موجود قبرون وڏي اوچائي تائين ٺھيل آهن، جن تي جيڪي چِٽ چٽيل آهن، تمام وڏي ڪاريگري جو اُهڃاڻ آهن، قبرون ڪيترو پُراڻيون آهن، اِهو ته تاريخ جا ڪِتاب ئي ٻُڌائي سگهن ٿا، باقي اسين جيڪو ڏِسي رهيا آهيون سو حيران ڪندڙ ضرور آهي. هِتي هِڪڙي دانائي ۽ عقلمندي اِها به نظر آئي ته اُنھن جيڪا قبرن تي چِٽ سالي ڪئي آهي اُنھن مان سُڃاڻپ ٿئي ته ڪِھڙي قبر مرد جي آهي ۽ ڪِھڙي قبر عورت جي آهي، ڪِھڙي قبر جنگجُو يا سپھه سالار جي آهي. اُنھن جي سُڃاڻپ ڪجهه ايئن هُئي ته جيڪا مرد جي قبر هُئي اُن تي پٿر جي اُڪر سان تلوارون، تير ٺھيل هُئا، ۽ جيڪا عورت جي قبر هُئي اُنھن تي وري زيورن جا عڪس چٽيل هُئا. ڪُجهه قبرن تي گهوڙي سوار هٿ ۾ تلوار جھڙا به نشان نظر آيا جن لاءِ به مصطفيٰ ميمڻ جن جو چوڻ هو ته هي اُن وقت جا سپھه سالا هئا. هِن قبرستان ۾ ملڪ خاندان جا به ماڻھو مدفون آهن.
مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته ڄام آري کي چئن پُٽن جو اولاد هو جن مان هِڪ هي ڄام لوهار آهي، هي سڀني کان وڏو پُٽ هو. ڄام لوهار لاءِ چيو وڃي ٿو ته ننڍي هوندي کان طبيعت جو سادو فقير ماڻھو هو، جيڪو اڳتي هلي الله وارو ثابت ٿيو، هِن وٽ انسانيت اهم هُئي هندو يا مُسلمان نه، ۽ اِهو ئي ڪارڻ آهي جو هِن تي لڳندڙ ٻارهائو ميلو به هندو ۽ مسلمان گڏجي لڳائيندا آهن ۽ پاڻ ۾ ڪو به ويڇو ناهن رکندا، سڀئي هڪجھڙي عقيدت جو اظھار ڪندا آهن. شايد هي واحد ميلو هوندو، جنھن ۾ هندو ۽ مُسلمان هڪ نظر ايندا آهن. ۽ سڀ کان وڏو مذهب پُڻ انسانيت ۽ پيار ئي آهي
’ڀلي مانش جنم امول‘ هجي،
مگر ماڻھو اٿئي پيار وارا امُلھه.
تونگ شريف ۾ مِليل محبتون
تونگ جي هِن تاريخي قبرستان کان وري واپسي ۾ مِلڻ تائين موڪلائي پھتاسين تونگ شھر. کيرٿر جبل جي هنج ۾ هي تاريخي تونگ شھر موجود آهي، هِن شھر جي آس پاس موجود ڪيترائي تاريخي آثار آهن جن تي تحقيق جي ضرورت آهي. هڪ اهم تاريخي قبرستان جنھن جو مٿي ذڪر ڪيو اٿم. هِن تاريخي شھر ۾ اسان جي مانجهاندي جي ماني هِتي جي اڳوڻي نائب ناظم محمد بخش لوهاراڻي جي اوطاق تي رکيل هئي، جيئن ئي پُھتاسين تي اسان جي کُليل ٻانھن ۽ وڏن ڀاڪرن سان آجيان ڪئي وئي. هِتي ڪوهستان جي ماڻھن جون محبتون به ڏِسڻ وٽان آهن، جيڪو هڪ ڀيرو ڪوهستان جو سَير ڪري ويندو، اُن کي هِتي مِليل محبتون هميشه ياد رهنديون.
اسانکي ايندي گهڻي دير ٿي وئي هُئي، تنھن ڪري ميزبان توڙي اسان سڀني جو رايو اِهو هو ته ڪچھري ۽ تعارف پوءِ ڪبو پھرين طعام ۽ ٻاهر ڇوڪرا اسان کي هٿ منھُن ڌوئڻ لاءِ پاڻي هٿن ۾ کڻي بيٺل هئا. اسان هٿ منُھن ڌوتا، تيستائين ماني به لڳي وئي، ٽي چار ايٽم ٺھيل هُئا، تمام سُٺي نموني مانجهاندو ڪيوسين. ماني کائڻ دوران ئي هِڪٻئي جو تعارف شيخ عبدالله ڪرائيندو رهيو. ماني کان پوءِ بوتلن جو بندوبست ٿيل هو ۽ انھيءَ دوران ڪچھري به هلندڙ رهي محمد بخش لوهاراڻي ٻُڌايو ته تونگ يونين ڪائونسل ۾ چار ديھون آهن. 1. تونگ شريف، 2. ٽِڪو بارڻ، 3. ڀال، 4. پيلي ٺپ. اڳتي ٻُڌائي ٿو ته:
تونگ ٿاڻو بولا خان کان 80 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي. تونگ تي نالو ڪيئن پيو؟ پُڇيل سوال تي هِتي موجود محمد ايوب لوهاراڻي ٻُڌايوته: ’شايد تونگر خان بادشاهه پُٺيان تونگ نالو پيو‘، پاڻ اسان کي لطيف جا بيت سُر رامڪلي مان ٻُڌايائين، ۽ ٽيھه اکري به ٻُڌايائين. ڪچھري دوران ٻُڌايائين ته ’ڄام آري جيڪو ڄام لوهار جو پيءُ هو تنھن دهلي سلطنت جي بادشاهه محمد شاهه تغلق جي پُٽ کي سيوَستان ويندي اغوا ڪيو. ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اوهان جيڪو قبرستان ڏِسي آيا آهيو، ممڪن آهي انھيءَ دؤر جو هُجي‘. پاڻ ٻُڌايائين ته ’1992ع ۾ هِڪ ماهرن جي ٽِيم حاڪم علي شاهه بخاري جي سربراهي ۾ هِتي آئي هُئي، جن قبرستان جي مرمت به ڪرائي ۽ انھيءَ دوران اُنھن کي تختي به لڌي هئي جنھن تي سن اُڪريل هو، جيڪا تختي کڻائي وڃي سنڌ ميوزم ۾ رکرائي هُئي‘. اسان هاڻي هِڪٻئي کي اکين ذريعي اُٿڻ جا اِشارا ڪياسين.

رتن ناٿن جي سماڌي ۽ چشمو
سڀني دوستن چيو ته وقت تيزي سان گُذري رهيو آهي اڳتي هلجي محمد ايوب چيو ته ’هِتان ويجهو ئي رتن ناٿ جي سماڌي ۽ اُن سان گڏ تاريخي چشمو به آهي هلي ڏِسجي‘. سڀئي اُٿياسين.
هلندي محمد ايوب ٻُڌايو ته ’هِن جبل تي گِڊ، سرهه ۽ هرڻ هوندا آهن، هِتي جڏهن برساتون پونديون آهن ته ڪيئي پُراڻي دؤر جون مورتيون ۽ سِڪا ملندا آهن‘. هاڻي اسانجون گاڏيون مندر جي اڳيان اچي بيٺيون، مندر اندر ليڊيز هُئي، اُهي به ڪِٿان کان گُهمڻ آيا هئا، اسان تيستائين چشمي طرف آياسين جيڪو پُڻ مندر جي سامھون ئي آهي. هِن چشمي بابت ايوب ٻُڌايو ته ’جڏهن برسات پوندي آهي تڏهن هِن چشمي مان تمام گهڻو تيزي سان پاڻي نِڪرندو آهي. هِن وقت به هِن چشمي جي پاڻي ذريعي 350 ايڪڙ زمين آباد ڪئي وڃي ٿي. پر هِڪڙي اندازي موجب 500 ايڪڙ زمين به آباد ڪري سگهجي ٿي.
هِن وقت به تيز پاڻي وهي رهيو هو، هِن ۾ هندو ڪميونٽي جا ماڻھو وڏي شوق، چاهه سان وهنجندا آهن. اسان مان به مصطفيٰ، شيخ عبدالله، سرور، ادا منظور، شعيب ۽ شيخ عبدالله جا فرزند هِن چشمي ۾ وهنتا، پر منھنجي دِل نه ٿي وهنجڻ تي تنھن ڪري آئون چشمي جي پاڻي ۾ هٿ پُسايو مزو وٺي رهيو هئس.
ٻاهر نِڪتاسين ته آئيس ڪريم وارو بيٺو هو، جنھن کان واڻيا ڇوڪرا آئيس ڪريم وٺي رهيا هئا، هِڪ همراه ۾ ٿورو شڪ پيو ته شايد ڪِٿي ڏِٺل آهي، جڏهن ويجهو ويس ته هي ايسرداس جو پُٽ هو، جيڪو اسان سان گڏ رپ ۾ پڙهيو هو، ايسرداس رپ شھر ۾ سڀ کان وڏو دُڪاندار هوندو هو، آس پاس تر جا سڀ ماڻھو هِن جا قرضي هوندا هئا، مھيني جي اوڌر تي سامان ڏيندو هو. وقت سان گڏ هاڻي نه ايسرداس رهيو نه ئي اُهو رپ شھر رهيو، ايسرداس جا ڇوڪرا به ڪي ٿاڻي بولا خان ويا ڪي ڪيڏانھن، هڪڙو نيڻون جنھن جو هِن وقت تلھار ڀرسان دلواڻي موڙ جي سامھون ڪارخانو اٿس ۽ هيٺ دُڪان مٿي زبردست گهر ٺھرايو اٿس. اسان جيڪو آئيس ڪريم ورتو اُن جو بِل به اُن سان گڏ آيل دوست ادا ڪيو، اسانجي سخت منع ڪرڻ جي باوجود به. اُهي موڪلائي روانا ٿيا.
اسان آياسين رتن ناٿ جي سماڌي اندر، سماڌي وڏي هال اندر آهي، جنھن ۾ صفائي نظر آئي، رتن ناٿ جي سماڌيءَ جي ڀرسان مندر به آهي. مندر اندر آياسين، مندر اندر ڏيئا ۽ اگر بتيون ٻري رهيون هيون، مندر اندر صفائي سُٿرائي نظر آئي، مندر ۽ سماڌي جي وشال اڱڻ تي ڄار جو وڻ به بيٺو آهي، هڪ خاص ڳالھه ته هِن مندر ۽ رتن ناٿ جي سماڌي جي سار سنڀال ڪندڙ تونگ جا ڀٽ فقير ۽ لوهاراڻي آهن، هِتي هندو مسلم ۾ ڪا به تفريق ناهي سڀ ڪوئي پنھنجي پنھنجي مذهب سان خوش آهي، ۽ سڀ گڏجي هِن تي ساليانو ميلو لڳائين ٿا. رتن ناٿ لاءِ به چوَن ٿا ته صوفي طبيعت جو ماڻھو هو.
اُتي موجود خليفو فقير محمد ايوب جنھن اسانکي لطيف سرڪار جا بيت ٻُڌايا، سانوڻ فقير جا بيت ٻُڌايا ۽ آخر ۾ مورو به ٻُڌايائين، اسان کيس ٿوري گهڻي خرچي ڏِني، جيڪو هِنن جو حق آهي، اسانکي ڏاڍو سُڪون مِليو سندس ٻُڌايل بيتن ۽ ڳايل موري مان. کائنس ساڳي سِڪ ۽ حُب وارن ڀريل ڀاڪرن سان موڪلايوسين.
هِڪ ڀيرو وري به ڄام لوهار جي مزار ۽ قبرستان تي آياسين، هِن وقت سامھون جبل پُٺيان سِج لھڻ جو منظر پنھنجي ڪيمرائن ۾ قيد ڪرڻ چاهيوسين ۽ مصطفيٰ ميمڻ جيڪو ڪي ٽي اين ڪاوش جو نمائندو آهي تنھن به موقعي مان فائدو وٺندي ڪي ٽي اين واري هينڊي ڪيم آن ڪئي ۽ اسانکان هِن مزار ۽ قبرستان تي موجود سھولتن بابت مختصر رايو رڪارڊ ڪيو، جيڪو واري واري سان مون، سرور خاصخيلي ۽ شيخ عبدالله تاثرات رڪارڊ ڪرايا. هاڻي سِج به جبلن جي پويان لِڪي ويو، شيخ عبدالله چيو ته وضو هِتان ڪريو هلو، اڳيان ڪنھن ڳوٺ ۾ هلي ٿا مغرب جي نماز پڙهون. اسان سڀني وضو ڪيو. هِتي وضو خانه ۽ واش روم به ڪنھن ديوان جا ڏِنل هئا، لکيل پٿر ٻُڌايو پي. هِتي به مسلمان ۽ هندو گڏجي ميلو لڳائيندا آهن.
اڳيان هِڪڙو ڳوٺ آيو جِتي اسان پنھنجي جيپن کي روڪيو، مغرب نماز ادا ڪئي، بعد ۾ پُڇيوسين ته هي ڳوٺ ڪھڙي نالي سان سڏجي ٿو، ٻُڌايائون ته ’هن ڳوٺ جو نالو جھنڊو ڇُٽو آهي‘، سڀني چيو هلو بابا ڇُٽو معنيٰ ڇُٽو. مون چيو: ’اسان وٽ ڪمپيوٽر تي هِڪڙو آپريٽر هوندو هو اُهو به ڇُٽو ذات جو هو ۽ نالو هئس سومار ڇُٽو، جيڏانھن ويندو هو ته گُم، پوءِ جيڪو پُڇڻ ايندو هو ته ايئن چوندا هُئاسين، ’هڪ ته هو سومار ٻيو ڇُٽو‘

مول ڏانھن مُـنھن
رات چانڊوڪي ۽ پٿر جو پنڌ، جيپن جا آواز ۽ شھڻي جا آلاپ سڄي ماحول کي پُرڪيف بڻائي رهيا هئا، ڪنھن ڪنھن وقت اسان به کيس وارو وٺرايو ٿي، ڪنھن شاهه جو شعر ته:
چنڊ چوائين حق، جي وڙهين جي ورچين،
ٻه اکيون ٽيو نڪ، تو ۾ ناهي پرين جيھو.
ڪنھن، اُستاد بخاري ته:
چانڊوڪي رات ۾ سوَ سينگار ڪري،
سياڻو ٿي منھنجي سامھون تون ايندو نه ڪر،
متان ڪافر ٿيان، توکي سجدو ڪريان،
تون بي پرده ڪڏهن مونسان مِلندو نه ڪر.
مون ٻُڌايو هائيڪو:
چوڙين ڇَڻ ڇَڻ،
چانڊوڪي ۽ سونھن تنھنجي،
نه ايڏو وڻ.
وري ٻيو بيت ٻُڌايم ته:
اڙي او چنڊ! وڃين چئو صنم کي،
ناهي چين دِل کي ۽ ناهي نيڻن ننڊ،
هاءِ هرڪا مُند، ٿي تاوَ ڀاسي تو بنا.
ڪنھن وري ڪُجهه جهونگاريو ٿي، ڪُجهه پنڌ اڳتي هلون ٿا تيستائين جيپ جو ٽائر پنچر ٿي پوي ٿو. پوءِ هِڪ ته پھاڙ، ٻيو ته رات، ٽيون وري موبائيل سروس به نه، اسان کان اڳيان جيڪا جيپ هئي اُها گهڻو اڳتي نِڪري وئي، جڏهن پويان ڪا به روشني نه ڏِٺائون ته جيپ کي روڪيائون، ڪجهه دير انتظار کانپوءِ به اسانجي گاڏي جي لائٽ کين نظر نه آئي ته واپس موٽي آيا، هو به اچي پُھتا تيستائين اُستاد به جيپ جو ٽائر بدلي ڪري ورتو، وري به گڏجي روانا ٿياسين. هاڻي وري به شھڻي کي چيوسين بابا هاڻي تون شروع ٿي ته پنڌ کي پُڄايون، شھڻي جو هِڪ آواز سُٺو هو ٻيو ته گهڻي شاعري ياد هُيس، ۽ سُٺي سُٺي.
اڙي چنڊ! اڙي چنڊ! پرين تو ته ڏِٺو ناهي،
سندس روپ، سندس رنگ، ايئن آهي جيئن تون.
ڳائڻ لڳي ٿو. تيستائين ڊرائيور کي اڳيان لُوڪڙ نظر آيو اوچتو جيپ جي اسپيڊ وڌائي ڇڏيائين اسان چيو اُستاد ڇا ٿو ڪرين، بيزار ٿيو آهين ڇا؟ اڳيان سائين عبدالجبار ويٺو هو تنھن چيو: ’اُستاد لُوڪڙ جي پويان پيو گاڏي ڊوڙائي،‘ چيوسين ڇڏيو لُوڪڙ کي ڪِٿي اسان سڀ لُوڪڙ جي پويان لال نه ٿي وڃون. (الله نه ڪري). ڪنھن وري انشاجي جو مشھور غزل گُنگنايو:
کل چودھویں کی رات تھی، شب بھر رہا چرچا تیرا،
کس نہ کہا یہ چاند ہے، کس نہ کہا چہرا تیرا،
ہم بھی وہیں موجود تھی، ہم سے بھی سبھ پوچھا کیئے،
ہم ہنس دیئے ہم چپ رہے، منظور تھا پردا تیرا۔
سامھون شھر ۽ آبادي نظر آئي پُڇا ڪئيسين هيءَ ڪھڙو ڳوٺ يا شھر آهي؟ مصطفيٰ ٻُڌايو: ’اِهو سَري جو شھر آهي‘، سڀني چيو سفر جي ٿڪاوَٽ آهي، ڪُجهه دير ساهي به کڻجي ۽ چانھه به پيئون، سَري ۾ گاڏين کي اسٽاپ ڪيوسين، سڀني گڏجي چانھه پيتي. بِل اسانجي ميزبان شيخ عبدالله ڀريو، هاڻي اُٿياسين اڳتي سفر کي کُٽائڻ ۽ منزل ماڻڻ لاءِ. پوءِ وري به چنڊ، پٿر جو پنڌ ۽ اسين هلندا رهياسين. چنڊ جي چانڊوڪي هِنن پھاڙن جي پنڌ کي ڪجهه قدر برداشت جوڳو بڻايو بيٺي هُئي.

اڄ جي آخري منزل مول
نيٺ پنڌ کُٽو ۽ اچي مول منزل تي پُھتاسين، اڄ جي سفر جي اسانجي آخري منزل مول شھر هو، هِتي اسانجي لاءِ رات جي ماني به هُئي، رهاڻ ۽ رهائش به. اسان جا ميزبان اڳ ئي اسانجون راهون تَڪي رهيا هئا، اسان کين 9 وڳي پُھچي وڃڻ جو چيو هو، پر اسانکي رات جا 11 ٿي ويا. وچ ۾ رابطو به بحال نه هو، تنھن ڪري کين اُڻ تُڻ لڳي پئي هئي. سو جيئن ئي اسان ڳوٺ موٽڻ خان حملاڻي ۾ گاڏيون بيھاري لٿاسين ته سڀئي دوست دروازي تي ٻاهر اچي ڀاڪر پائي مِليا، ڪوهستان جا ماڻھو ملڻسار، مڻياندار، مھمانواز آهن، ڪوهستان جو منھنجو هي ٻيون ڀيرو سفر آهي.
سڀئي ساٿي اسانکي پھرين وٺي هليا اندر ڪمرن ۾ جِتي ماني لڳايائون، تمام سُٺي خاطر تواضح ڪئي، هي بلڊنگ سرڪاري ڊسپينسري يا ڪا ٻي عمارت هئي، ٻاهر اڱڻ ۾ بسترا وِڇايل هئا ۽ گول وِهاڻا لڳل هئا، جِتي ڪچھري جو اهتمام هو، ڪرچات ۾ جڏهن رات رهيا هئاسين ته ايئن گولائيءَ ۾ سڀ ويٺاسين، تعارف ۽ ڪچھري ٿي، اُهو احوال الڳ لِکيل آهي.
هاڻي شيخ عبدالله جيڪو اسانجي سفر جو سرواڻ هو، تنھن سڀني جو واري واري سان تعارف ڪرائڻ چاهيو پوءِ وري سڀني چيو ته سڀڪو پنھنجو تعارف پاڻ ڪرائي، سڀني پنھنجو تعارف پاڻ ڪرايو، اُن کانپوءِ حال احوال خوش خرابت ٿي. هاڻي باقاعدي اسانجي محفل جي شروعات تلاوتِ ڪلامِ پاڪ سان ٿي، تلاوَت جي سعادت سائين عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي کي نصيب ٿي. اسانجو ميزبان جيڪو انتھائي معزز شخصيت ۽ مول يونين ڪائونسل جو ناظم آهي، محمد الزمان حملاڻي تمام سُٺو ۽ پُختو شاعر پُڻ آهي، سڀني واري واري سان ڪُجهه نه ڪُجهه ٻُڌايو. اسانجي ميزبان محمد الزمان حملاڻي جو ’ڪوهستان جو قومي گيت‘ هِتي جي لوڪل فنڪار علي محمد سرمستاڻي ڳائي ٻُڌايو:
هي جبل هي جهنگل هي نوري نظارا آهن.
هي کٻڙ به چندن کان مونکي ته پيارا آهن.
گُريءَ تي مال گڏ ٿيو، چڙهي قطارون ڪريو،
ٿي ڪھڪشان ته گس ويو، ڄڻ ڪي ستارا آهن.
ڪئي موٽ آهي مينھن، شال مال مارو جيئن،
ڪاڙهيو پِسَ پيئن، ٿيا مال متارا آهن.
موڙائي مول بارڻ، چيٽ ڪَتي ۽ آرڻ،
ڀاڄيون بصر ۽ واڱڻ، مَڪ ڏٿ ڏؤنرا آهن.
گرميون ۽ سرديون ڪاڙها، پيرين پُٺين اگهاڙا،
ڪريو سي ڪم سمھاڙا، وريا ويچارا آهن.
ڏِٺ ڏور هنر ڳوليون، ڏيون ڳُجھارتون پروليون،
لوڪ ادب جون لوليون، سُخن سونھارا آهن.
رني ڪوٽ گورک هِل، کيرٿر، ڪانڀو جبل،
تونگ پارڪ نيشنل، روميون منارا آهن.
باجا ساز سُرندا، چڙا ۽ چنگ چُرندا،
کنيو فقير ڦرندا، دُهل دنبورا آهن.
نڙبيت بين مورا، لوڪ ڌُنون ۽ لھرا،
لولي گيت سھرا، سريلا سارا آهن.
سَري، مول، بولاخان، ڪلو ڪرچات، عارب خان،
علي مراد احمد خان، هي شھر سارا آهن.
سانوَڻ ڪرائي کيڙيون، آڌائي مُڱ لوڙيون،
ماٽيون ڏُڌ ولوڙيون، وريا ته وارا آهن.
آ ’صابر‘ ساز ڇيڙيون، محبت وارن کي ميڙيون،
ڪيون ڪي مچ ڪچھريون، ڪَٺا قُرب وارا آهن.
محمد الزمان حملاڻي جو تخلص ’صابر‘ آهي، محمد الزمان کان پوءِ علاؤالدين شھڻي وري اُستاد بُخاري جو ڪلام ٻُڌايو:
تون مڃين مڃين نه مھربان.
مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان.

هِڪ ته ڪنھن سان دِل نه لائجي،
جي لائجي ته پو نڀائجي،
جي نڀائجي ته ٿي جوان.
هڪ ته مونکان ڇڄ نه ڇا چيم،
جي ڇڄين ته غير سان نه گُهم،
جي گُهمي ته گُهم نه مون اڳيان.

هِڪ ته پنھنجو عشق آ عجيب،
ٻيو ته هي بُخاري آ غريب،
بس عجيب ۽ غريب هان.
هِن محفل ۾ علي محمد سرمستاڻي اُستاد جمن جو شاگرد موجود هو، سليمان مڱڻھار، ۽ هِن محفل ۾ سڀني جي اِسرار تي مونکي به ٻُڌائـڻو پيو پنھنجو غزل:
زندگي آ، سگريٽ سستو ناهي، جو اڌ پيتو اُڇلائجي.
پيار آ، پھريل وڳو هي ناهي، جو روز پيو بدلائجي.

تون جي نه آئين تولهءِ ترسي ترسي نيٺ هليو هي ويندو،
جوڀن آ سانوڻ رُت جيئن، تنھن کي ڪيئن ترسائجي.

ساري ٿي، سڏي ٿي، لُڇي تڙپي ۽ روئي ٿي،
دِل آ، ڪو ٻار ننڍڙو ناهي جو کڻي پرچائجي.

هو سمنڊ آ ۽ هي قطرو، روز وڃي ٿو مِلي سمنڊ ۾،
قطرو آ ڪڏهن لھر نه ٿيندو، ڪيئن تنھن کي سمجهائجي.

تنھنجي اچڻ سان عيد ٿيئي، تنھنجي وڃڻ سان ايئن لڳي،
ماتم آ ڄڻ ڏهين محرم، چئه ڪيئن خوشي ملھائجي.

هو جي نٿو چاهي، ڀلي نه چاهي ڇا ٿي پيو،
عشق آ ’ساگر‘، وٺڻ نه گهرجي، سڀ ڪُجهه ڀلي لُٽائجي.
سڀني هِڪ هِڪ شعر ٻُڌايو پوءِ فنڪارن کي سڄي رات وارو مِليو اُنھن صبح جو چئين وڳي تائين محفل کي مچايو. علاؤالدين شھڻو ۽ ٻِيو علي محمد سرمستاڻي ٻئي واري واري سان ڪلام ٻُڌائي رهيا هئا، علي محمد ڪلام ٻُڌايو:
”اڄ ڏينهن تاڻي، محبت ناهي وِڪاڻي“
ڪلام سڀني کي وڻيو، شاعر جو پُڇيوسين چيائين گل محمد غازي جو ڪلام آهي. علاؤالدين شھڻي وري آڪاش انصاري جو گيت ٻُڌايو:
جڏهن ڪنھن به بادل ولھاريون وسايون.
جڏهن چنڊ چؤڏِس ڪيون چِلولايون،
الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون.

جڏهن ڪنھن به ڪوئل اثر ويل ڳايو،
تڏهن ولھه ويتر وِڇوڙو وڌايو،
جڏهن ماڪ مُکڙيون ڀنيءَ جو ڀِڄايون،
الئه ڇو اوهان جو اکيون ياد آيون.

جڏهن کيٽ ۾ ٻاجهرين سنگ واريا،
تڏهن چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦُلاريا،
جڏهن ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻُرايون.
الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون.

جڏهن تو سان نيڻن جو ناتو ڇِنو هو،
تڏهن ڏور ’آڪاش‘ ڪيڏو رُنو هو،
جڏهن جيءُ جهورڻ ڪي آيون جُدايون،
الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون.
ڄڻ ته مقابلو هو، ڏاڍو لُطف اندوز ٿي رهيا هئاسين. ايترو سفر، ايتري ٿڪاوَٽ باوجود به ڪنھن کي نِنڊ يا ڪا ڏُکيائي نه هُئي، سڀني خوشي خوشيءَ سان سڄي رات محفل ٻُڌي.صبح جا چار ٿيا تڏهن محفل گُل ٿي، سڀ سُتاسين وري صبح فجر نماز لاءِ اُٿـڻو هو.
ڳوٺ موٽڻ خان حملاڻي ۾ ڪوهستان جي سرزمين تي ڪر موڙي جڏهن سج اُڀريو ته اسين به تيار ٿي ويٺا هُئاسين، وري اڳيان ڪنھن ٻي منزل ڪنھن ٻي ماڳ کي ڏِسڻ لاءِ.
ڪوهستان جا مھمان نواز، اسان جا مانائتا ميزبان ناشتو تيار ڪرائي کڻي آيا. ناشتو سُٺي نموني ڪرايو ويو. اُن وقت محمد الزمان حملاڻي جيڪو اسانجو ميزبان هو تنھن هن ئي ڳوٺ جي سگهڙ ابراهيم ’عاجز‘ کي گُهرايو، جيڪو رات محفل ۾ شريڪ ٿي نه سگهيو هو. ناشتي دوران ڪچھري به هلندي رهي ۽ پوءِ سُگهڙ ابراهيم عاجز جي ڏات مان ڪُجهه گُفتا ٻُڌاسين، کيس لطيف جا بيت به گهڻا ياد هئا، لطيف جا بيت به ٻُڌايائين وري به ڄڻ ادبي محفل يا بي ترتيب مشاعرو شروع ٿي ويو، سڀني پنھنجي پنھنجي فن/ ڏات مان ڪُجهه نه ڪُجهه ٻُڌايو، هاڻي چيوسين ته موڪلايون ٿا، زندگي رهي ته وري ميلا پيا ٿيندا، وري به اسان سان گڏ ٻاهرين دروازي تائين آيا ۽ ڀاڪر پائي موڪلايائون. گاڏين ۾ چڙهڻ وقت شيخ عبدالله کي چيم سائين هِتي جي ڪا تاريخي جڳھه، ڪو ماڳ مڪان، ڪا مشھور ڳالھه، چيائين محمد الزمان کان پُڇون ٿا، محمد الزمان ٻُڌايو ته ’هِتان پريان جبل تي کُڏي جو مقام تمام آڳاٽي زماني جو آهي، جنھن جا هاڻي ڪي آثار وڃي بچيا آهن. اُهي ڏِسڻ چاهيو ته اوهان سان همراه کي گڏ موڪليان. چيوسين ڀلي سائين اِهي به اوهان جون عنايتون ٿينديون. پوءِ سندس پُٽ رفيق الزمان کي اسان سان گڏ هلڻ لاءِ چيائين. ۽ اسان گاڏين ۾ ويھڻ وقت به سڀني ڳوٺاڻن ۽ ميزبانن کي هٿ لوڏي الوداع ڪيوسين.

کُڏي جو مقام جبل جي جهول ۾
ڪجهه ڪلوميٽر اڳتي هلياسين، پوءِ جبلن تي اڳيان گاڏين جو رستو نه هو، صرف موٽر سائيڪل وڃي سگهي ٿي، موٽر سائيڪل تي وري اهڙي اڙانگي رستي تي ٽيل به نه پئي کڻي سگهجي، پوءِ سڀني جي راءِ سان سائين عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي کي موڪليوسين ته اوهان وڃي ڏِسي اچو پوءِ اسانکي اچي ٻُڌايو، تيستائين اسان هِتي جبلن تي گاهه ٻوٽا ٿا ڏِسون، شايد انھيءَ ڪري محمد الزمان پنھنجو هڪ پُٽ رفيق الزمان اسان کي موٽر سائيڪل سان گڏي ڏِنو ته جيئن اسانکي کُڏي جو مقام هلي ڏيکاري.
هنن جبلن تي اسان کي ٿوهر اهڙا ته ساوا مِليا جھڙا ٿر جي علائقي ۾ برسات وسڻ کانپوءِ ٿين، ڏاڍا وڻندڙ لڳي رهيا هئا. ٿوهر ڏِسڻ سان لطيف سرڪار جو هي بيت سُر مارئي مان ته سڀني کي زبان تي اچي ويندو آهي:
ٿر ٿوهر گهر جهوپڙا، ٻارڻ جنين جو ٻُوهه،
وُٺا مينھن ملير تي، ٽھڪي پيا ٽُوهه،
رات به منھنجي روح، سڄڻ پنھنجا ساريا.
جيستائين سائين عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي کُڏي جي مقام تي تحقيقي نظر وجهي اچي، اسان هِنن ٿوهرن ۽ جبلن تي موجود گاهن سان گڏ فوٽو به ڪڍيا. علاؤالدين شھڻي اسانکي گاهن جا ڪُجهه نالا به ٻُڌايا جيڪي هِن جبل تي موجود هئا، جن تي هٿ رکندي اسانکي ٻُڌائيندي ويو:
هي جيڪو گاهه آهي انھيءَ کي ڳنڍير چون ٿا، هي سينڻ، پوتار، پوئي، گورنگو، بوسيري، ماهوري، لمب لولار، لُلُر، ڏڍ وَل، نري سنڱوٽي، ڳاڱي، منگهه ول، ٻُڌايائين ته هِن وَل ۾ ڪنڊا ڏاڍا هوندا آهن، اندر کير هوندو آهي، کائڻ ۾ وري مٺو هوندو آهي، ۽ هي جاءِ جنھن جڳهه تي پاڻ بيٺا آهيون انھيءَ کي مول واري وَنگ چيو وڃي ٿو.
اڌ ڪلاڪ گُذرڻ کانپوءِ سائين عبدالجبار نظاماڻي وارا به اچي ويا، سائين ٻُڌايو: ”اُتي هڪڙي پٿرن جي کُڏي ٺھيل آهي، جنھن جي چؤڌاري قبرن جا نشان آهن، ۽ هِڪ هنڌ مسجد جا به آثار نظر آيا، پاڻي جي نئه به ڀرسان نظر آئي، هِن کانپوءِ ٿورو ئي پريان بلوچستان جا جبل نظر اچن ٿا، منھنجي تحقيق مطابق هِتي آڳاٽي زماني ۾ ڪا جنگ لڳي هئي، هي آثار ايئن ٻُڌائين ٿا“. رفيق الزمان کان موڪلائي هاڻي هلياسين مول شھر طرف.

مول شھر شيخ عبدالله جي جنم ڀومي
مول شھر ۾ داخل ٿياسين سائين شيخ عبدالله جنھن جي هي جنم ڀومي آهي، وٺي وڃي هِڪڙي وڏي مندر اڳيان بيھاريائين، پر اڄ ڪو خاص ڏينھن عورتن جو هو، جنھن ڪري هر گهٽي مان هندو عورتون نظر آيون جيڪي ٺھي جُڙي مندر طرف وڃي رهيون هُيون، تنھن ڪري مندر ۾ اسين گُهمڻ ڪارڻ نٿا وڃي سگهون، پوءِ اسان وري مول شھر جون موجوده مسجدون ۽ مدرسه ڏِٺا، يونين ڪائونسل جي پُراڻي ٻن ڪمرن واري جڳهه به ڏِٺيسين جنھن مان هِڪ ڪمرو ناظم کي مِليل هو. هي جڳهه سَن 1964ع ۾ تعمير ٿيل هُئي، جنھن جا دريون، در ڀَڳا ٽُٽا پيا هُئا، جيئن سرڪاري آفيسن سان ٿيندو آهي ايئن حشر هِن سان به ٿيل هو.
شيخ عبدالله اڳيان وٺي ٿو اچي اُتي جِتي سندس گهر هو ۽ پاسي ۾ مسجد هُئي، مسجد جي اڳيان ٻُڌايائين ته ”هِتي منھنجي ڪئبين رکيل هوندي هئي، جيڪا منھنجي عادت هوندي هُئي صبح سويري کوليندو هُئس رات جو سويري بند ڪندو هئس، اُن ڪئبين تي ويٺو هوندو هُئس ته مسجد ۾ مولوي تلاوت ڪندو هو، منھنجي ڪَنن تي پوندي هُئي، هِڪ ڏينھن اُن مِٺي آواز ۾ تِلاوت پي ڪئي جنھن مونتي ايترو گهرو اثر ڇڏيو جو آئون سحر ۾ وٺجي ويس، ڪئبين تان لھي مسجد جي دري وٽان ديوار ڀرسان ڪَن لائي ٻُڌڻ لڳس، بس منھنجو قلب ڦِري ويو ۽ مون سڀني سان اظھار ڪيو ته آئون مسلمان ٿو ٿيان، اِها ڳالھه منھنجي مائٽن کي ڏُکي لڳي اُنھن مونکي طرح طرح سان ڊيڄاريو، ڌمڪايو، تشدد ڪيو، پر منھنجو قلب بدلجي چُڪو هو، نيٺ هِنن کان لِڪي وڃي اسلام قبوليو“. ’پاڻ ٻُڌايائين ته مون جيڪڏهن پنھنجي آتم ڪھاڻي لِکي ته پوءِ پڙهجو. وڏا درد جا داستان آهن، جيڪي ڪلاڪ اڌ ۾ ٻُڌائڻ جھڙا ناهن. اُنھن وارتائن، گهاوَن، ۽ زندگي ۾ مسلسل غمن جي گُهلندڙ گهٽائن تي پورو پنج سئو صفحن جو ڪِتاب تحرير ڪري سگهجي ٿو، ۽ انشاءَالله منھنجو ارادو به آهي ته پنھنجي آتم ڪھاڻي لکندس‘.
مون چيو سائين!
مڃيم غم خوشي ٻئي تنھنجا حِصا،
او زندگيءَ! ٻُڌائي ڪِٿي آ خوشي.

جيڏانھن ڀي وڌيا پير زخمي ٿيا،
ڪير آ جو راهُن ۾ ويو شيشا رکي.
هِتي وڻ هيٺ بئنچ رکيل هئي، بئنچ تي ويٺل همراه سان تعارف ڪرائيندي چيائين هي سائين جي ايم سيد جو عقيدتمند ڪامريڊ غلام محمد ’ناشاد‘ حُسناڻي آهي، اُن سان مختصر ڪچھري ٿي، سائين عبدالجبار سوال ڪيَسَ ته مول تي نالو ڪيئن پيو؟ پاڻ ٻُڌايائين ته: هِن شھر جو اصل نالو ٿاڻو شاهه بيگ هو، هِتان مول نئه وهندي هُئي جنھن جي ڪري هِن شھر جو نالو اُن نئه پُٺيان مشھور ٿي ويو، اِها مول نئه ملير ندي ۾ ڇوڙ ڪندي آهي.

سَري شھر موٽو مل جو
ڪلاڪ ڏيڍ جو سفر طئه ڪري اچي سَري شھر پُھتاسين، سَري شھر ۾ وڏي ۽ سُٺي هوٽل ڏِسي اُن تي ويٺاسين چانھه بسڪيٽ جو دؤر هليو، هِتي واش روم به هو، هٿ مُنھن به ڌوتوسين، ڇو ته جبل جا لَٽ وارا رستا ۽ کُليل جيپ تنھن ڪري حالت ته هر هر مُنھن ڌوئڻ جھڙي ئي هوندي.
سَري جي شھر ۾ وڏا ڪوٽ وڏيون جايون ۽ سڀئي پيلي پٿر جون ٺھيل، اُن پٿر تي مختلف چِٽ چِٽيل، اسان شيخ عبدالله کي چيو ’سائين ڀلا هِنن کي هي پٿر سستو ٿو پوَي ڇا،‘ چيائين ’اِن پٿر جو ڪارخانو ئي هِتي لڳل آهي، تنھن ڪري ماڻھو سڀ اِهو پٿر استعمال ٿا ڪَن.‘ اسان چيو ’پوءِ اِهو ڪارخانو به گُهمجي ۽ اگهه پار به معلوم ڪجي.‘ چانھه پي نِڪتاسين ڪارخاني جي طرف جيڪو ويجهو ئي هو. ڪارخاني ۾ وڏا وڏا پٿر موجود هئا، جِن کي مختلف مشينن ذريعي ڪَٽي ڪوري، بلاڪ ٺاهيا پي ويا، بلاڪن تي وري ننڍين ننڍين هٿ واري مشينن ذريعي چٽسالي پي ڪئي وئي، ڏاڍو سخت ڪم آهي. چوَن ٿا سڄي ڪوهستان ۾ اِهو هِڪڙو ئي ڪارخانو آهي، جنھن کي به قبر ٺھرائڻي آهي يا گهر ۾ خوبصورت پٿر استعمال ڪرڻو آهي ته هِن ڪارخاني تان ورتو وڃي ٿو، ڪوهستان ۾ اڃا به قبرن تي اُڪر ٿيل پٿر گهڻو استعمال ٿيئي ٿو.

موٽو مَل ڪنوَل ڪوهِستاني جي ياد
سَريءَ جو شھر گُهمندي مونکي اسانجي پياري دوست موٽو مل ڪنول ڪوهستاني جي ياد آئي. موٽو مل ’ڪنوَل‘ ڪوهستاني شاعر، صحافي ۽ ڪھاڻيڪار هو، تنھن ڪري به ساڻس واقفيت ٿي، پر جڏهن ريڊيو ايف ايم 92 سھيل ڀٽي کان ٺيڪي تي ورتائين، تڏهن اڃا به گهڻي ويجھڙائي ٿي، جو ريڊيو ايف ايم 92 جا پوسٽ ڪارڊ سڀ مونکان پرنٽ ڪرائيندو هو. پاڻ پوءِ دڙي شھر ۾ رهندو هو. جڏهن ڪارڊ کڻڻ ايندو هو ته هميشه تڪڙ ۾ هوندو هو، گهڻو ئي چوندو هئس چانھه پي وڃ، پر ايئن ئي چوندو هو ’ٻي ڀيري هينئر تڪڙو آهيان،‘ هِڪ ڏينھن ڪارڊ کڻڻ آيو، چيائين: ’ڪارڊ ڇوڪري کي ڏي ته سامھون ڪاري ڪرولا بيٺي آهي اُن ۾ رکي، تون چانھه گُهرائي ته پيئون،‘ مون چانھه گُهرائي پٺاڻن جي ٺھيل چانھه هئي، پسند آيس، ’چيائين يار چانھه واهه جي پياري اٿئي،‘ موڪلائي روانو ٿيو.
ٻي ڏينھن صبح سوير نِنڊ مان اڃا اُٿياسين ته ظفر خاصخيلي جو فون آيو چيائين يار ’موٽو مَل ڪنول ڪوهستاني گُذاري ويو‘، چيم ’صبح صبح به نٿو مُڙين‘، ظفر جي مذاق ڪرڻ جي عادت هُئي، سمجهيم مذاق پيو ڪري، پر مونکي اِهو مذاق خراب لڳو، چيائين نه يار مذاق ڪيئن ڪندس، رات ڪار جو ايڪسيڊنٽ ٿيو اٿس، جنھن ۾ پاڻ ٿڏي تي گُذاري ويو، ساڻس گڏ شھناز راڄپر زخمي ٿي آهي، (جيڪا پوءِ گُذاري ويئي) پر تمام نازڪ حالت ۾ آهي ۽ ٻيو سندس دوست عزيز جان بلوچ جيڪو ڪي ٽي اين تي خبرون پڙهندو هو، شايد اُهو به سخت زخمي آهي، مونکي اعتبار ئي نه پيو اچي، ڪيتري دير تائين بنا ڳالھائڻ جي ساڪن حالت ۾ فون ڪن تي رکيو، پٿر جيئن پٿرائجي بيٺو رهيس، پوءِ پاڻ سنڀاليندي چيم ’يار ڪالھه ته اسان گڏ چانھه پيتي آهي ڪچھري ڪئي آهي، ايئن ڪيئن هوندو‘، چيائين ’ايئن ئي آهي‘.
موت مِڙني کي مٿي تي، منجهه مِٽي هر ڪنھن مَڪان،
منجهه مِٽي منزِل اسان، ڪُجهه مھند ماڻِي، تون به هِت.

ڪالھه صُحبت صُبح تائين، اڄ سلامن کي سِڪن،
وِرهه وارِي رات واريءَ ۾ وِهاڻِي، تون به هِت.

دوست! دُنيا ۾ ڪَري، سَگهندين نه دائِم دَور دم،
آيو آيو ڄاڻ ”احمد“ اڄ سُڀاڻِي، تون به هِت.
هاڻي جي اوهين هلو ته آئون به اچان حيدرآباد پوءِ گڏجي هَلون. اسان حيدرآباد پھتاسين ظفر به پُھتو، اصغر گگو اُهو به ريڊيو تي ڪم ڪندو هو اُنھي کي چيوسين، اُهو به هليو، يوسف سنڌي، ادا منظور ۽ آئون پنج ئي ڄڻا مھراڻ ڪار ۾ سوار ٿي روانا ٿياسين سَري طرف، سندن تڏو سَري ۾ هو، اسان به رستو پُڇندا پُڇندا اچي پھتاسين، پنھنجي يار موٽو مل ڪنول ڪوهستاني جي پونئرن جي ڪُلھي تي هٿ رکڻ لاءِ. ۽ ايئن سَري شھر ۾ منھنجو پھريون ڀيرو اچڻ ٿيو هو.
ديھه اُٺ پلاڻ مان ڪونڀٽ ڪٽيوسين
سَري ۽ ٿاڻو بولاخان جي وچ سفر تي ديھه اُٺ پلاڻ مان لنگهندي مصطفيٰ ميمڻ ٻُڌايو ته ’هِن ديھه جو نالو آهي ”ديھه اُٺ پلاڻ‘‘ ۽ هِتي اسانکي ڪونڀٽ جا وڏا وڏا وَڻ نظر آيا، سائين عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي چيو ته ’ڪِٿي ڪونڀٽ جي سِڌي ۽ ٿوري ٿُلھي ڪاٺي نظر اچي ته جيپ کي بريڪ ڪجو‘، ٿورو پنڌ اڳيان هلياسين ته اڳيان مال جو ڌنار به بيٺو هو، جنھن وٽ ڪھاڙي به هُئي، چيوسين ’سائين هي موقعو آهي، تنھن ڪري جيپ کي هِتي ئي بيھاري آس پاس ڏِسي ٿا وٺون، پاڻ کي ڪونڀٽ وڍڻ ۾ آساني ٿيندي،‘ اڳيان جي ڪِٿي بيٺاسين ته ڪاٺي وڍينداسين ڪيئن، پوءِ اُن ڌنار کي سڏ ڪيوسين ۽ هِڪڙيَ ڪونڀٽ ۾ سِڌي ڪاٺي ڏِسي کيس چيوسين ’ادا اِها ڪاٺي اسان کي وڍي ڏي،‘ ڌنار دير ئي نه ڪئي، ڪاٺي کي رکيوسين جيپ ۾ اچي پُھتاسين ٿاڻو بولاخان.
ظھر جي نماز هِتي روپا ننگر ٿاڻي بولا خان ۾ پڙهيسين، هاڻي سائين شيخ عبدالله کي ڳوليوسين ته کائنس موڪلايون ٿا، تيستائين شيخ عبدالله به سامھون پي آيو، ’چيائين موڪلايو الائي ڪيئن ٿا، ماني کائي پوءِ ويندا!‘ چيوسين ’سائين اوهان گهڻي ئي خدمت ڪئي آهي، هاڻي اسان کي کِلي ڏيو موڪل ته سفر کي اڳتي ڪاهيون‘، ’ها ها ڀلي اوهان کي موڪل آهي پر ماني تيار پئي آهي، يا کايو وڃو، يا کڻيو وڃو‘ شيخ عبدالله چيو، ’سائين کائي ٿا وڃون، کڻو نٿا‘ اسان چيو.
عباس هائوس تي لائبريري ۾ اچي ويٺاسين، جيستائين ماني دسترخوان تي لڳي تيستائين المارين ۾ پيل ڪِتابن جو جائزو ورتوسين، ڪِتاب ايترا گهڻا ته نه هُئا، پر ٿورا به نه هُئا، گهر جي ذاتي لائبريري لاءِ گهڻا هُئا. سائين شيخ صاحب!
ڪِتابن سان آ دِل منھنجي، ڪُتب خانو وطن منھنجو،
ڪِتابن ۾ دفن ٿيندس، ورق ٿيندا ڪفن منھنجو.
واهه مور واهه! شيخ صاحب چيو، ’سائين هي مور ڪونھي، هي ڪو نامعلوم شاعر آهي، شعر واه جو چيو اٿس، چيم‘ منجھند جي ماني کاڌي ڪجهه گهڙيون ڪچھري ڪري پوءِ کائن ڀاڪر پائي موڪلايوسين.

واپسي
رستي ۾ ايندي سائين عبدالجبار کان پُڇيم ’سائين هِن سفر بابت پنھنجا ڪي ويچار ونڊيو!‘، سائين عبدالجبار وراڻيو: ڏاڍو سُٺو رهيو سفر، جيئن ته سفر عربي جو لفظ ’سقر‘ مان ورتل آهي جنھن جي معنيٰ آهي، تڪليف، ڏُکائي سو پنھنجا به پنڌ پھاڙن جا هُئا، جيڪڏهن ڏُکايون ٿيون تڏهن به سفر جو حِصو هيون‘، چيم: ’سائين ڏُکايون ته پاڻ کي ڪِٿي به ڪونه ٿيون، سواءِ اِن جي جو رستي ۾ رات جي وقت رڻ ۾ اسان جي گاڏي جو ٽائر پنچر ٿيي، پر اسپيئر ٽائر لڳائڻ کان پوءِ وري به پنھنجو سفر ساڳي رفتار سان هلندو رهيو‘.
’هو جيڪي ٻه همراه اڌ مان ڀڄي ويا، اُهي سفر جا ڪچا هُئا،‘ ماما احمد وراڻيو، ’ڪھڙا‘ ڀاءُ محمد عثمان پُڇيو؟، مون چيو: ’نظاماڻي صاحب، خان محمد نظاماڻي ۽ منصور نظاماڻي،‘ سائين عبدالجبار وراڻيو ’اُنھن کي شايد ڪو ڪم ٿي پيو هوندو،‘ ماما احمد چيو، ’نه ابا اُهي همراه اڌ پنڌ هلي ٿڪجي پيا، جبلن ۽ پھاڙن جا پنڌ سولا ڪونھن، پاسا جهلجو وڃن‘.
اُنچو اُتاهون گَهڻو، جِئَڻ کي جَبَلُ،
مَرَڻَ مُون سين هَلُ، تهَ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
(شاهه)
’سلام آ سسئي توکي‘، شاهه جو شعر پڙهندي مون چيو: هِڪ عورت هونديَ هيڏا پنڌ پھاڙن جا اُهي به پيرين اُگهاڙين، اسين ته اي سي گاڏي ۾ ويٺا آهيون، پوءِ به ٿا چئون ته پھاڙن جا پنڌ اوکا، ۽ ٻه همراه اڌ مان واپس وري ويا. سائين! سچ ٿو چوان سسئي کي سلام آ منھنجو‘.
ايئن ڪچھري ڪندا ۽ پنڌ کي ويڙهيندا آياسين خبر ئي نه پئي حيدرآباد پُھچي وياسين، حيدرآباد جي هوائن مان گُذرندي ڪچھري ڪندي اچي پُھتاسين ماتلي جي ملوڪ شھر ۾ ۽ پوءِ سڀ ڪو موٽيو پنھنجي ماڳ ڏانھن.
اڄُ اڱَڻَ ڪيڻانِ، آسَرَ لڳِي سورِيانِ،
ڏُونگَرِ ڏِينھَن لَڳانِ، مانَ وَرِڪَنِ سُپِرِين.
(شاهه)
0

جيڪي سفر ۾ همسفر هئا:

پروفيسر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لکندڙ، ماتلي جي تاريخ لکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لکيو اٿس، جنھن ۾ پوري قوم جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا به ڪتاب لکيل، سھيڙيل، مُرتب ڪيا اٿس.

شيخ عبدالله ’ڪوهستاني‘: ٿاڻو بولا خان سان تعلق رکندڙ، انتھائي سُٺو سماج سُڌارڪ، پاڻ پيشي جي لحاظ کان عربي ٽيچر آهي، سدائين سفر ۾ نِنڊ ڪندو آهي، نه ته بس زندگي جي سفر ۾ هل هلان اٿس، ڪنھن وقت ڪِٿي ته ڪنھن وقت ڪِٿي، سدائين سماجي ڪمن جي پويان، سندس مختلف ڪمن، فري ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ، غريبن جي سھائتا ڪرڻ کان علاوه جيڪو ڪم هِن جي سُڃاڻپ بڻيو آهي سو آهي، اجتماعي شاديون ڪرائڻ، هي تقريبن کوڙ سارن غريب بي سھارا خاندانن جي غريب نياڻين جون شاديون ڪرائيندو آهي، ۽ کين پورو پورو ڏاج به ڏِنو ويندو آهي، هن سال ته 100 جوڙن جون شاديون ڪرايون اٿس، ايئن سدائين سفر ۾ رهي ٿو.

محمد عثمان جوڻيجو: اسانجو وڏو ڀاءُ آهي جنھن جي ڪسٽم ايڪسائيز ۾ ڊيوٽي آهي پاڻ هِن وقت حوالدار آهي.

احمد خان جوڻيجو: جيڪو منھنجو رشتي ۾ سَھورو ٿيئي، پاڻ پنگريو مِل ۾ ملازم هو، جِتان رٽائر ڪيو اٿس.

غلام مصطفيٰ ميمڻ: ٿاڻو بولا خان سان تعلق رکندڙ، هي صاحب سُٺو دوست سُٺي سوچ رکندڙ آهي، پاڻ صحافت ڪندو آهي، صاف سُٿري صحافت، ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جو رپورٽر آهي، ٿاڻو بولاخان اسٽيشن کان. سندس ٿاڻو بولا خان ۾ سُٺو جنرل اسٽور پڻ آهي.

منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ: منھنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دِل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آهي، پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گُهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ هميشه چوندو آهي، گُهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منھنجي حاضر آهي.

علاؤالدين شھڻو: جنھن جو تعلق ٿاڻو عارب خان سان آهي، پاڻ مختلف جڳھين تي ملازمت ڪندو رهيو آهي هِن وقت ملڪ چنگيز خان جي بنگلي تي ملازم آهي، پاڻ سُٺو شاعر ۽ سُريلو شوقيه فنڪار پُڻ آهي.

سرور خاصخيلي: سندس تعلق ٿاڻو بولا خان سان آهي، سُٺو ماڻھو آهي، پيشي جي لحاظ کان پرائمري ماستر آهي، صحافت به ڪندو آهي، ۽ شاعر پڻ آهي.

شعيب جوڻيجو: ادا منظور جو وڏو پُٽ هن وقت ڇھين ڪلاس جو شاگرد آهي.

مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪوڻ بُـليا!‘

( 28، 29 آگسٽ 2015ع)