مرزا فارم تان ڦيرو
روانگي
اُتر جو واءُ وريو آهي، اکين کي تنھنجو اوسيئڙو،
ڏيئي وانگي ٻريا آهيون، سدائين پيار جي پنڌ ۾.
ڊسمبر جي سرد صبح ۽ اُتر کان لڳندڙ ٿڌڙي هير جو هُڳاءُ ساهه ۾ سمائي سويري سُجاڳ ٿياسين، زندگي جا هزارين ڏينھن جيڪي ڪجهه به نه ڪندي گُذرن، اُنھن جو افسوس ڪرڻ گُهرجي، زندگي انتھائي انمول تحفو آهي، پنھنجي پالڻھار پاران، اُن کي بِلڪل سجايو گُذارجي، صبح جڏهن ننڊ مان ڀاڪر ڪڍي، اکيون مھٽي اُٿجي ته اِهو لازم آهي صبح پھريون ڪم پنھنجي اُن پالڻھار اڳيان سجده ريز ٿي شُڪر بجا آڻجي ته زندگيءَ جو هِڪ ٻيو ڏينھن هِن جھان ۾ جيئڻ لاءِ مِليو آهي.
نماز پڙهي، تلاوت ڪري تياري ڪئيسين، وري اڄ سفر جي نيت ساڻ کڻي ڪجهه سماجي ذميواريون، به نڀائـڻيون آهن، جن کي نڀائڻ بنا به جھان ۾ جيئڻ جاڙ بڻجي پوي ٿو، اُن سان گڏ زندگيءَ جو حِصو پُڻ آهن. ۽ باقي بچيل پھر زندگيءَ جا، اکين کي ڪجهه نئون جھان پسائڻ لاءِ پورا ڪرڻا آهن. ادا منظور ۽ آئون گاڏي کڻي آياسين سائين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار قاسم نظاماڻي کي ساڻ ڪري سفر جي دُعا پڙهي روانا ٿياسين.
اسان کي اڄ مرزا فارم گُهمڻو آهي
ماتلي کان گهنور جي ڪڙيي پھتاسين، مقبول ’حفي‘ بخاري سان رابطو ڪري سندس ڏِنل ڏس تي گاڏي کي گُهمائي اچي پھتاسين سندس اوطاق اڳيان. هِن جي والد جي ڪجهه ڏينھن پھرين وفات ٿي هُئي اُن جي فاتح پڙهيسين، ڪجهه گهڙيون گڏ گُذاري حال احوال اوري اُٿياسين.
گولاڙچي پريس ڪلب پھتاسين سردار ڀٽي کي ڀاڪر پائڻ لاءِ، پاڪ انٽرنيشنل جنرلسٽ رجسٽرڊ صوبي سنڌ جو صدر ٿيو آهي، مبارڪون ڏِنيون، ڪچھري ڪئي، چانھه به گُهرائي ورتائين، پي پوءِ گروپ فوٽو ڪڍي کائنس موڪلايوسين.
بدين جي شھر ۾ پھچي سِڌو ڪِرڪ هال تي پھتاسين، جِتي دوست ظفر خاصخيلي جي پُٽ مُبشر جي شادي هُئي، اُن ۾ شريڪ ٿياسين، ظفر به مِليو، ڪچھري به ڪئي مانجهاندو به مِليو. مُرڪي موڪلايوسين.
گورنمينٽ هاءِ اسڪول بدين جو گيٽ اُڪري اندر آياسين، سائين صديق سومري جي آفيس ۾ ساڻس مِلياسين، ڪچھري ڪئي ۽ چانھه به پيتي. موڪلائڻ لاءِ آفيس کان ٻاهر گيٽ تائين آيو، گروپ فوٽو به ڪڍياسين، ۽ سامھون نئون رنگ ٿيل بنگلو نظر آيو، اُن ڏانھن اِشارو ڪندي ٻُڌايائين ته اِهو بنگلو ڪنھن مائي (عورت) جو آهي، جنھن وٽ پنھنجي بدين جي 75 سيڪڙو ملازمن جا چيڪ بڪ پيل آهن، اسان سڀني حيرت جو اظھار ڪندي، سوال ڪيو ’اِهو وري ڪيئن؟‘، ’پئسا وياج تي هلائيندي آهي‘. ’توبه توبه ڪھڙو دؤر اچي ويو آهي. الله پناهه ۾ رکجان.‘
هاڻي اکين کي ڪجهه نئون ڏيکارڻ لاءِ مون اياز علي کي فون ڪئي، اياز علي رشتي ۾ ته منھنجو ڀاڻيجو آهي، پر دوستيءَ جو مُڙس ماڻھو آهي، سڄي سنڌ ۾ دوستن جون دعوتون کائي ۽ کارائي ٿو، اِهو به وڏو ڏُکيو ڪم آهي، ڪي ڪي نڀائن ٿا. اياز اُنھن مان آهي.
چيائين: ’ماما اسلام عليڪم!‘، ’وعليڪم اسلام‘
’ڪِٿي آهين؟‘، ’ماما شھر ۾ آهيان‘
اسان کي اڄ مرزا فارم گُهمڻو آهي.
’ ها ماما، بِلڪل، آئون دوست حاجي حمزي سان رابطو ڪريان ٿو.
مڙس ماڻھو جي خبر مشڪل گهڙين ۾ پوندي آهي
ڪڏهن ڪڏهن هفتو پھرين سفر جو سوچڻو پوندو آهي، سفر طئي ڪري رابطا ڪري پوءِ نڪربو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ايئن اوچتو به سفر ڪبا آهن، ڄڻ سرپرائيز هُجي، توڻي جو اڳين ماڻھوءَ لاءِ جيڪو ميزباني ڪندڙ هوندو آهي، مشڪل به هوندو آهي، پر مڙس ماڻھوءَ جي خبر به مشڪل گهڙين ۾ ئي پوندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته اڳ ۾ طئي ٿيل پروگرام تي به ڪو ميزبان نه مِلي سگهندو آهي. ۽ پوءِ يا ته اڪيلو گُهمڻو پوندو آهي يا وري ڪنھن ٻي دوست کي ساڻ کڻڻو پوندو آهي، سفر جو بھترين اصول اِهو آهي ته اوهان دُنيا جھان جي جنھن به جاءِ تي گُهمڻ، ڏِسڻ لاءِ وڃو ته اُتان جي رهندڙ مقامي ماڻھو کي ضرور گڏ کڻو، جيئن انٽرنيشنل گُهمڻ جي گامن تي گائيڊ پيا گڏبا آهن، پر پنھنجي سنڌ جي ڪنھن به ڳوٺ، پارڪ، اسڪول، دڙو، ڀڙو، ڍورا، ڍنڍون گُهمڻ لاءِ گائيڊ ناهن مِلندا، اُن ڪري اُتان جي رهندڙ واسي کي گڏ کڻي هلجي اُن سان سفر سڻائو، سُٺو ۽ لاڀ ڏيندڙ ثابت ٿيندو آهي. موبائل جي رنگ وڳي.
’هلو، ماما اوهان ڊي سي او چوڪ تي اچو، اسين به اچون پيا‘، ڀاڻيجي اياز علي جي فون هُئي. ’جي ماما اسين به منٽ ۾ پھتاسين پاسي ۾ ئي آهيون.‘ گاڏي جو رُخ رکيوسين ڊي سي او چوڪ ڏانھن منٽ ۾ پھتاسين، اياز علي، سندس وڏو پُٽ سمير ۽ يو.سي چيئرمين حمزو جت جيڪو اسانکي مرزا فارم گُهمائيندو، هي مرزا گروپ جو ماڻھو آهي، هِتي سڀ ڪنھن نه ڪنھن جي گروپ جا هوندا آهن، ڪو ڪنھن گروپ جو ته ڪو ڪنھن گروپ جو، ۽ جيڪا مخلوق گروپن کان بچي پوندي آهي، (اسان جھڙا) اُهي وري الله جي مخلوق ئي هوندا آهن، سڀ بار الله تي ڇڏي ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي سنجهي مان سُمھي پوندا آهن، ۽ فجر جي ازان جي مِٺڙي آواز تي اک کُلندي اٿن، ڌڻي در ٻاڏائي، سجده ريز ٿي، سِج جي ڪِرڻن سان گڏ هي پالڻھار جي زمين ۾ پکڙي ويندا آهن، پنھنجي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لاءِ. سُڪون صرف الله واري مخلوق کي هوندو آهي. حمزي جت ٻئي ٻانھون پکڙي ڀاڪر پائي آجيان ڪئي، چيائين ’پھرين ڪجهه کائي پي پوءِ ٿا هلون‘، چيوسين، ’پھرين هلون ٿا پوءِ ڪجهه کائينداسين پينداسين‘.
مرزا فـارم
ڊي سي آفيس کان ڪراچي وارو روڊ ورتوسين، ميرواهه جي موريءَ تي پھچي ڏکڻ طرف ميرواهه جو اولھندو ڪپ ورتوسين، بدين شھر کان ڏهه ڪلوميٽر جو پنڌ پَٽي اچي پھتاسين مرزا فارم تي، فارم ڏانھن ويندڙ رستي تي ٻنھي پاسن کان سفيدي جا وڏا وڻ لڳل آهن، ٻاهرين گيٽ وٽ هِڪ گارڊ ويٺل هو، اسين اندر داخل ٿياسين، اندرينءَ گيٽ وٽ ڳچ همراه ويٺل هئا، جنھن ۾ گارڊ به هئا ته فارم سنڀاليندڙ به. اسانجي اڳ ۾ حمزو جت هو، تنھن ڪري سڀئي سلام ڪري مِلن پيا، ڇو ته اسين مھمان هئاسين.
’ڀاءُ حمزه هِن فارم بابت ڪجهه اسانکي معلومات به ڏيو جيئن معلومات مِلڻ کانپوءِ جڏهن گُهمنداسين ته اُهي شيون اسانجي ذهن نشين ٿي وڃن‘. مون يونين ڪائونسل فتح آباد جي چيئرمين ۽ مرزا گروپ جي ويجهي دوست حمزو جت کان سوال به ڪري ورتو.
’ڀاءُ! هي فارم 1995ع کان ٺھڻ شرع ڪيو ويو، جيڪو تقريبن اَٺ کان ڏهه سالن جي عرصي دوران تيار ٿيو، هي فارم چار بلاڪن تي مشتمل آهي، يعني ڪُل ايراضي 64 ايڪڙن جي پکيڙ رکندڙ هي فارم.‘ اندر نظرون چئني پاسي وڃن پيون ته وڏو جھان نظر اچي پيو. ’هن فارم ۾ هي مسجد، پاسي ۾ اڏيل مسجد ڏانھن اِشارو ڪندي ٻُڌائي ٿو.‘ چيم ’ترسو پھرين نماز ظھر پڙهي وٺون پوءِ ٿا فارم گُهمون، فارم اندر گيٽ وٽ ٺھيل مسجد ۾ اسان ظھر نماز پڙهيسين.
چڙيا گهر ۽ واڳون جي بي وڙائي
جيئن ئي اندر داخل ٿياسين ته ساڄي هٿ تي چڙيا گهر آهي، جنھن ۾ ڪجهه پکي هئا، مور، تـتر، ولائتي ڪڪڙ وغيره، اُن کانپوءِ جانورن ۾ هرڻ ۽ روجهه، روجهه هِن کان پھرين مون شيخ اياز جي ڪنھن شعر ۾ پڙهيو هو، باقي روجهه جي شڪل اڄ ڏِٺي اٿم. ٻيا بندرا گهوڙا جنھن کي (برفاني گهوڙا) به چوَن ٿا، اُهي به موجود هئا، ۽ هِڪڙو ورَ وَڪڙ ڄاري سان جُڙيل پنڃرو هو جنھن ۾ هيٺ زمين ۾ نانگ ور تي هڪ واٽر (ڪَسي) جيڪا هِن وقت بنا پاڻي جي سُڪل هُئي. حمزي جت ٻُڌايو ته ’مرزا صاحب هِن ۾ واڳون به رکيا هُئا، نر ۽ مادي، اُهي ڍنڍ مان نِڪري پوءِ انھيءَ ور وڪڙ ٺھيل پاڻي جي واٽر مان ٿيندا، هيستائين چڪر لڳائيندا هُئا، کاڌو کائي وري واپس هليا ويندا هئا وڏي پاڻي (ڍنڍ) ۾. پر هِڪ ڀيرو ايئن ٿيو جو واڳون کي حسبِ معمول سنڀاليندڙ همراه گوشت کارائي رهيو هو ته واڳو موقعو ڏِسي بي وڙائي ڪندي هِن کي کاڌو کارائيندڙ هٿ کي به کائي ويو. اُن ئي ڏينھن صاحب حُڪم ڏِنو ته هِنن واڳوئن کي هِتان ڪڍو، وڃي ٻي پاسي ڇڏي اچو، ۽ پوءِ اُنھيءَ ڏينھن کان اِهو واڳون وارو پڃرو به خالي ته واٽر به سُڪل ئي رهيو آهي.
جانورن جو جهنگل
اسانجو ميزبان حمزو جت هلندي هِڪڙي سيڙهي تان مٿي ڇت تي وٺي هليو، ڇت تي چيلھه جيڏو ڪٽھڙو ڏِنل آهي، اُتان کان بيھي اوڀر اُتر ڪُنڊ ڏانھن اسان کي اِشاري سان ٻُڌايائين ته ’اِهو جيڪو جهنگل نظر اچي پيو، اِهو جانورن لاءِ پوکايل آهي، اِنھيءَ جهنگل ۾ هرڻ ۽ روجهه رهندا آهن. اسان پنھنجي موبائل جي اک ۾ منظر کي ويجهو ويو ڪري ڏِٺو ڪجهه هرڻ اسان کي ڊوڙندي نظر آيا. اِهو جهنگل ڪيتري ايراضي ۾ آهي؟‘، مون عادت موجب سوال ڪيو، حمزي ٻُڌايو، ’ادا هي جهنگل به تقريبن ستن کان اَٺن ايڪڙن جي ايراضي تي مشتمل آهي.
خوبصورت پارڪ مرزا جي ذوق کي داد
پارڪ به ڏاڍو خوبصورت رکيل آهي، اسين جنھن رستن يا پيچرن تان هلي رهيا آهيون، اُنھن رستن، پيچرن جي پاسي کان رنگ به رنگي گُل ٻوٽا ٿوري ٿوري فاصلي تي ڇٻر جون ٻاريون، اُنھن ۾ ويھڻ لاءِ بينچون، ڪُرسيون، اسين گُلن ٻوٽن سان گڏ فوٽو گرافي به ڪريون پيا ته پارڪن ۾ ٺھيل بئنچن ۽ ڪُرسين تي ويھي فوٽوگرافي به ڪندا هلون پيا. هِڪ هنڌ مور ڊزائن تي پٿر جون ڪُرسيون/بئنچون پيل آهن، جنھن تي ويھي ماڻھو فوٽو ٿو ڪڍائي ڄڻ مور سان گڏ ويٺو آهي.
جيئن جيئن آئون خوبصورتيون ڏِسندو هلان ته مرزا جي ذوق کي داد به ڏيندو هلان ٿو، هي خوبصورتيون باذوق ماڻھو جو من ئي پوکي سگهي ٿو.
ٻه ٽي نيرڳ ڍنڍ ڪپر تي ۽ ٻي تون
هاڻي اسين اڃان به ڪجهه وڌيڪ خوبصورتي ڏِسڻ لاءِ آياسين، پھرين هِڪ رسيـپشن نموني ٺھيل هال اُن ۾ به رکيل ڪُرسيون، ٽيبلون، اُن هال مان ئي هيٺ رستو ڍنڍ ڪپر تي، ڍنڍ ڪپر تي وري ٻڌل ٻيڙو، ٻڌل ٻيڙي تي وري ٺھيل بنگلو، اسين ته واقعي به هِن بدين ضلعي ۾ هي هھڙيون خوبصورتيون پھريون ڀيرو پَسي رهيا هئاسين، اسان جو وڌيڪ من موهجڻ فِطري هو، هِن ڍنڍ ۽ ٻيڙي جو نظارو ڪندي مونکي منھنجي مرحوم دوست سائين نور محمد سومري جي غزل جون سِٽون ذهن پاتال مان تري ٻاهر آيون.
سانجهي سر تي چنڊ پڌر تي ۽ ٻي تون،
ٻه ٽي نيرڳ ڍنڍ ڪپر تي ۽ ٻي تون.
اسين اُن ٻيڙِي ڏانھن ٺھيل تختن جي ٺھيل رستي تان گُذري ٻيڙي تي پھتاسين، ٻيڙي ۾ اندر وڏو هال اُن ۾ پيل صوفا سيٽ، ڪُرسيون ٽيبلون، ڪُرسين تي ويھي ڍنڍ جي وچ ۾ چانڊوڪي رات هُجي ۽ محبوبه جو ساٿ هُجي ته هي ماحول ۽ منظر جنت جو ڏيک ڏيڻ لڳندو. هِن ٻيڙي جي پاسي کان وري مٿي سيڙهيون ٺھيل آهن، اُهي مٿي چڙهي ڇت تي وياسين ته واهه، هِتي به چار چار ڪُرسين ٽيبلن جا سيٽ پيا هئا، معنيٰ اٺ ڏهه ماڻھو ننڍڙي پارٽي به هِن ٻيڙي تي ملھائي سگهن ٿا، خاص ميٽنگون يا سالگرهه گهر ڀاتي هِن ٻيڙي تي ڪري سگهن ٿا. يار ذوالفقار مرزا! سچ ته تنھنجي طبيعت تون ڄاڻ، پر تنھنجي ذوق ۽ شوق کي منھنجو سلام آهي.
سوئمنگ پول
هاڻي اسين اُن طرف آياسين جنھن طرف سوئمنگ پول ٺھيل آهن، مختلف ڊزائنن جا ٿوري فاصلي تي ٻه سوئمنگ پول ٺھيل آهن. سوئمنگ پول جي پاسي ۾ اڏيل ڪاٺ جو جهولو، اُن جو به جواب ناهي، ۽ هِتي به هِڪڙو رسيپشن نموني هال ٺھيل آهي، جنھن ۾ ڪاٺ جون ڪُرسيون ۽ ٽيبلون رکيل آهن، اُنھن ڪُرسين جي پويان هاٿي جو مُنھن ٺھيل آهي، دُنيا جي خوبصورت عورتن جا مجسما (مورتيون) اُهي به رکيل آهن. هِن پاسي ڪونوڪارپس وڻن جون ديوارون، دروازا ۽ مختلف گُل ٺھيل، واهه واهه. سڀ کان مختلف ڳالھه ۽ وڻندڙ ڳالھه اِها به هُئي ته هُن ڍنڍ، هِنن سوئمنگ پول ۽ انھن رسيپشس نموني اڏيل هالن ۽ مختلف هنڌن تي اڏيل ڇترين ۾ موسيقي ٻُڌڻ لاءِ ايڪوسائونڊ لڳل آهن، جيڪي عام نظر به نٿا اچن پر سموري پارڪن ۽ جِتي جِتي ماڻھن جي ويھڻ لاءِ ڇتريون لڳل يا بئنچون رکيل آهن، اُتي اُهي موسيقي مان پُڻ لُطف اندوز ٿي سگهن ٿا. واهه واهه
فروٽ فارم
حاجي حمزي ٻُڌايو ته هِن فروٽ فارم ۾ پنھنجي مُلڪ جا ته سڀئي ميوا آهن، پر ٻاهران به ڪجهه قسم جا ميوا آڻي لڳايا آهن. اِهو فروٽ فارم گهر واري پاسي هو، ۽ گهر ۾ فيملي رهيل هُئي اُن پاسي اسين نه وياسين.
اعليٰ قسم جون گاڏيون
هِن قسم جون عجيب و غريب گاڏيون مون اڳ ڪِٿي نه ڏِٺيون، هِڪ گاڏي ڪار جيڪي ڪنھن بس جيتري ڊيگهه رکندڙ هُئي اُن جي پاسي ۾ سڀني واري واري سان تصويرون ڪڍرايون، بِلڪل عجيب نموني جي آهي، جيپون، ۽ موٽر بائيڪو جيڪي پاڻي ۾ هلنديون آهن، اسپورٽس واٽر موٽر بائيڪ چئي سگهجي ٿو، اصل نالو ته الاهي ڇا اٿن. حاجي حمزي کان جڏهن اسان پُڇو هي عجيب گاڏيون هلن به ٿيون يا ايئن سجائي بيھاريل آهن، چيائين هي سڀئي هلندڙ آهن. بس ٻاهر نه کڻي ويندو آهي، باقي اتي ئي فارم اندر هلائي وري بيھاري ڇڏيندو آهي.
اڌ ۾ رهيل اسيمبلي هال
هاڻي اسان کي اڌوري ٺھيل بلڊنگ اندر وٺي آيو، پھرين مون سوچيو ته هِتي ڇا ڏيکارڻ آيو آهي، جڏهن بلڊنگ اندر آياسين ته هي نقشو سنڌ اسيمبلي هال جو هو، اياز علي ٻُڌايو ماما مرزا صاحب بلڪل سنڌ اسيمبلي هال جھڙي ساڳين بلڊنگ هِتي ٺھرائي پي شايد ڪنھن وقت جي ضرورت مطابق استعمال ڪري سگهجي يا ايئن ئي شوق خاطر اُها خبر اُنھن کي. پر هاڻي اُها اڌ ۾ رهيل کنڊر بلڊنگ جي شڪل ۾ موجود آهي.
ڊاڪٽر ذوالققار مرزا جي آفيس
آخر ۾ اسان کي وٺي آيو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ويھڻ واري آفيس ۾ جنھن ۾ مرزا صاحب ويھي ماڻھن جا مسئلا ٻُڌندو آهي، يا خاص ميٽنگس ٿينديون آهن. آفيس ۾ ڀٽي فيملي جا وڏا فوٽو فريم ٿيل ۽ سندس فيملي جا پُڻ فريم ٿيل فوٽو، آفيس جي ڪُنڊن ۽ ورانڊي ۾ چيتا، هرڻ، ببر شير جون مميون پيل آهن. هِتي چانھه بسڪيٽن سان گڏ پياري وئي، هاڻي اسان مرزا فارم ۽ سندس سنڀاليندڙن کان موڪلائي موٽياسين پنھنجي ماڳ ڏانھن.
جيڪي سفر ۾ همسفر هئا:
پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لکندڙ، ماتلي جي تاريخ لکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لکيو اٿس، جنھن ۾ پوري نظاماڻي قبيلي جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا به ڪتاب لکيل، سھيڙيل، مُرتب ڪيا اٿس. پاڻ ڊاڪٽر جي ڊگري به حاصل ڪئي آهي.
منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شهر سان تعلق رکندڙ: منهنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آهي، پنهنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ هميشه چوندو آهي، گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منهنجي حاضر آهي.
اياز علي: ڳوٺ ميون ملوڪ جو رهندڙ، سنڌ لوڪل بورڊ ۾ سيڪريٽري يونين ڪائونسل، بھترين ۽ بُردبار شخصيت، يار ويس سندس سنگت سان گڏ سفر ۾ هوندو آهي، رشتي ۾ منھنجو سڳو ڀاڻيجو آهي.
حاجي حمزو جت: جنھن جو تعلق ڳوٺ .......................... يونين ڪائونسل فتح آباد تعلقو گولاڙچي جو چيئرمين آهي سياست ۾ مرزا گروپ سان تعلق رکي ٿو.
سمير اياز: اياز علي جو وڏو پُٽ جيڪو پرائمري ۾ پڙهي پيو
مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪوڻ بُليا‘
( 9 ڊسمبر2018ع)