سفرناما

سھڻي منھنجي سنڌ

سُھڻي منھنجي سنڌ، مور ساگر جي مطالعاتي ۽ مشاهداتي سفر جو ٻيو ڀاڱو آهي. موجوده سنڌ جي سفر کي مور ساگر، تاريخ، آثار قديمه ۽ جاگرافي جي موضوعن جا رنگ پڻ ڏِنا آهن. ڪِتاب ۾ بيان لھجو ايڏو اُتساهه ڏيندڙ آهي جو جيڪو پڙهندو اُن کي اُتساهه ۽ شوق ٿيندو ته آئون به ايئن ڪريان، پر ايئن ڪرڻ ڏُکيو آهي. جيڪو ڪندو اُن کي پتو پوندو. ان جي باوجود اسان جي ليکڪن کي ايئن ننڍا سير ۽ تفريح جا ڪِتاب لکڻ گهرجن.

  • 4.5/5.0
  • 27
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور ساگر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سھڻي منھنجي سنڌ

اُڏار اڇڙي ٿر ڏانھن

روانگي
آهي اسان جي اڄ، اُڏار اڇڙي ٿر ڏانھن،
ساٿ ڏجائين سِڄ، ڪڪر پائي پاڻ تي.
اڄ وري اڇڙي ٿر ڏانھن اُڏار هئي، لڳي ٿو ساري سنڌ گُهمڻ واريَ منھنجي خواب جي تعبير شروع ٿي وئي آهي، هر مھيني ڪنھن نه ڪنھن طرف نِڪري ٿا وڃون. هِن ڀيري نعمان کي بِنا چوَڻ جي سنبرايم، حياتي ڪيترا ڏينھن! ٻئي موٽر سائيڪل وَن ٽو فائيوَ تي روانا ٿياسين، پر اڃا رات پئي هئي تنھن ڪري پتنگن اسان سان اهڙا ڪم ڪيا، جو ڪِٿي ڪِٿي ته گاڏي روڪيو ڇڏيون. ڊوڪيا واهه تي فجر جي نماز پڙهيسين ماتلي پُھتاسين، همراهه اسان جي انتظار ۾ بيٺا هئا. هِن ڀيري شيخ عبدالله وارن شرط رکي هئي ته: اوهين اسان کان اڳ ميرپورخاص پُھچي ويا ته گُلن جا هار پارائينداسين اوهان کي، اسان ته خير سويري ئي پُھچنداسين، انشاءَالله.
ادا منظور، سجاد حسن، شعيب اڳ ئي گاڏي ۾ ويٺا هئا. آئون ۽ نعمان به ويٺاسين، ڪاليج تان سائين عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي کي کنيوسين. دُعاءِ سفر سان گڏ اِها به دُعا گُهريسين ته اي الله اڄ ڏينھن جُهڙالو ڪجائين.

ممتاز بيگم جو ڳوٺ ملھڻ نظاماڻي
ماتلي شھر مان جيئن ئي روانا ٿياسين ٻاهر پھريون اسٽاپ ملھڻ آيو، ملھڻ نظاماڻي جو نالو عوامي تحريڪ کان پوءِ مشھور ٿيو، جڏهن شھيد فاضل راهو شھيد ٿيو هو، ته هِتان جي هڪ بھادر عورت ممتاز بيگم نظاماڻي پيرين پنڌ راهوڪي وئي هئي، شھيد فاضل راهو جي ورسي ۾. اُن کان پوءِ هِتي جون ڪافي عورتون توڙي مرد عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيا، ۽ محترم رسول بخش پليجو به جڏهن ماتلي ايندو هو ته ملھڻ ۾ ضرور ترسندو هو.

قزبانو جو ڳوٺ
ڪچھري ڪندا پيا وڃون، پروفيسر عبدالجبار ’قاسم‘ ڪجهه تاريخ مان به ٻُڌائيندو پيو هلي، ڪنھن ڪنھن وقت سجاد سان مذاق به ڪندو پيو هلي، سجاد اڄ اسان سان پھريون ڀيرو سفر ۾ شريڪ آهي، ٻيو ته سائين ۽ سجاد پاڻ ۾ گهڻو هڪٻئي سان تنقيدي ڪچھري ڪندا آهن. سائين عبدالجبار چيو: ’مور! تو لوڪ فنڪاره قزبانو ٻُڌي هئي؟‘... ’ها سائين‘،
’اُها هِن ڳوٺ مير محمد نظاماڻي (جاڙڪي) جي هئي‘ ڳوٺ ڀرسان لنگهندي ڳوٺ ڏانھن آڱر جو اِشارو ڪندي ٻُڌايو. قزبانو پنھنجي دؤر جي مشھور لوڪ فنڪاره هئي.

ديرو محبت: ماتلي جو پُراڻو نالو
ٿورو اڳيان گاڏي هلي ته پروفيسر سائين عبدالجبار وري اولھه طرف هٿ جو اِشارو ڪندي چيو: ’مور! ماتلي جو پُراڻو شھر هي هو، ديرو محبت، جيڪو هاڻي ڪجهه پوٺو ۽ ڪجهه زمين آباد به ٿي رهي آهي.‘ ڪنھن وقت ۾ ماتلي اِها هوندي هئي. اسان جنھن روڊ تان وڃون پيا اِهو روڊ آصف زرداري ٺھرايو آهي، سندس ’انصاري مِل‘ کان وٺي ميرپورخاص مِل تائين، هُن پنھنجي سھولت ته ڪئي، پر راڄن کي فائدو ٿيو آهي، الائي ته ڪيترا ڳوٺ هِن روڊ ٺھڻ جي ڪري سولائي سان شھرن ڏانھن اچ وڃ ڪَن ٿا. اسان به جيڪڏهن حيدرآباد کان ڦيرو ڪري وڃون ها ته وڏو وقت لڳي وڃي ها، پر هِن روڊ جي ڪري گهڻو وقت بچي ويو.
هي ڳوٺ ڪمبوه (پنجابين) جو آهي
ڳوٺ نبي بخش ڪمبوه کي ڪِراس ڪريون پيا. هي ڳوٺ ڪمبوه (پنجابين) جو آهي، پڪا گهر ۽ هِن ڳوٺ جي سُڃاڻپ هتي قائم ’جامعيه فاروقيه مدرسو‘ مشھور آهي، ٻيو هِن ڳوٺ جو مائو به چون ٿا مشھور آهي، ڪڏهن کائبو ضرور.

ٻـيلھاڙو شـاخ جو اصلي ٿاڌل
جڏهن ٻيلھاڙو شاخ تي پھتاسين، شاخ وٽ گاڏي روڪي فوٽوگرافي ڪئي، بڙ جو تمام وڏو وڻ هو شاخ جي ڪپ تي بيٺل، اُن هيٺان بيھي فوٽو ڪڍرايا. اڳيان وڌياسين ته اسٽاپ آيو. اُن اسٽاپ تي قائم هِتي جي ٿاڌل سڄي سنڌ ۾ مشھور آهي. ماتلي ۽ ٽنڊو محمد خان روڊ تي ٿاڌل جا دُڪان جن تان ڪڏهن ڪڏهن ٿاڌل پيئڻ ٿيندي آهي، اُنھن تي وڏن اکرن ۾ لِکيل هوندو آهي، ’ٻيلھاڙو شاخ جي اصلي ٿاڌل‘. پر افسوس اسان کي هي اصلي ٿاڌل نصيب نه ٿي، صبح ساجهر لنگهياسين، اڃا لوڪ سُتل هو ننڊ ۾.

ميرپورخاص ۾ ڪجهه گهڙيون
ميرپورخاص ۾ ٽي تلوار (جرواري) چونڪ تان داخل ٿياسين، هاڻي اسان شيخ عبدالله وارن سان رابطو ڪيو، ٻُڌايائون اسان کي اڃا به ڪلاڪ لڳي ويندو. مون چيو سائين عبدالجبار! روڊ جي پاسي ۾ ڪلاڪ بيھي گُذارڻ کان ڀلو آهي ته شھر جو سَير ڪجي. اڳيان وڌون ٿا، باغِ نذير حسين، مسجد نمره، الله وارو چونڪ، هِن جو نالو چاندني چوڪ آهي، چاندني چوڪ کان گاڏي گُهمائي اسٽيشن واري پاسي آياسين. اسان هاڻ سيٽلائيٽ ٽائون ۾ هلي رهيا آهيون، آياسين ريلوي اسٽيشن. گاڏي کي سائيڊ ڪري سڀني جي صلاح هئي ته پھرين هوٽل تي ناشتو ٿا ڪريون پوءِ ٿا گُهمون، سڀني گڏجي هوٽل تي ناشتو ڪيو، بعد ۾ آياسين اسٽيشن تي، اسٽيشن مٿي لڳل بورڊ ٻُڌائي ٿو. هي اسٽيشن 1926ع ۾ قائم ٿي، اسٽيشن تان گُهمندي ڪجهه قدم اوڀر طرف وياسين ته اُتي هِڪڙي ريل جا ٻه ٽي گاڏا بيٺا هئا، گاڏن جي پيرن ۾ گاهه ڦـُٽي آيل هو، جيڪو عرصي ڏانھن اِشارو ڪري ٿو. سائين عبدالجبار ٻُڌايو ته هي ’راجا جي ريل آهي، جيڪا پاڪستان ٺھڻ کان پھرين هِتان هلندي هئي. پارٽيشن ٿيڻ کان پوءِ هي ريل اِتي ئي رهجي وئي‘. فوٽوگرافي ڪري واپس آياسين.
جيئن ئي ريلوي اسٽيشن کان ٻاهر آياسين ته اڇي رنگ جي گُنبذن تي نظر پئي، سائين عبدالجبار سان مخاطب ٿيندي چيم ’سائين! اِها مسجد قديمي لڳي ٿي پاڻ کي ضرور ڏِسڻ گهرجي‘... ’ها ها هلو هلون‘.
اسان مسجد واري طرف وياسين، مسجد جي مين گيٽ تي تالو لڳل هو. مين دروازي مٿان پٿر لڳل هو، جنھن تي ”جامع مسجد ميرپورخاص“ لِکيل آهي. هي مسجد خانبھادر الحاج سيد غلام نبي شاهه صاحب جوڙائي، جيڪو اُن وقت ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٿرپارڪر جو چيئرمين هو. 1247هجريءَ، رجب جي مھيني ۾ راس ٿي. مسجد جي جالين مان اندريون منظر ڏِٺوسين، ٻاهريون پورشن ٻيھر تعمير ٿي رهيو آهي.
مسجد جي دروازي جي سامھون المھراڻ ڪتاب گهر آهي، ڪِتاب گهر تي چڙهياسين، پُڇا ڪئيسين ڪتاب ميرپورخاص جي تاريخ جي، پر نه مِليو. ڪاوَش اخبار ورتيسين. واپس آياسين. المدينه ڪتاب گهر تي چڙهياسين هِتان پُڻ ميرپورخاص جي تاريخ (ڪتاب) بابت پُڇا ڪئي، نه مِليو. شھر کان ٻاهر نِڪتاسين ٿاڻو بولا خان جي دوستن کي فون ڪئي، چيائون اوهان باءِ پاس تي بيھو، اسين اچون پيا. باءِ پاس تي ضامن علي شاهه هوٽل جي سامھون گاڏي بيھاريسين، ڪجهه دير کان پوءِ وري فون ڪري چيوسين، اسان اڳيان ٿا هلون، آياسين ڦاٽڪ وٽ، اُتي سائيڊ کان موجود هِڪڙي ننڍڙي نرسري آهي، گاڏي روڪيسين، تيستائين ٿاڻو بولاخان وارن دوستن جي به گاڏي اچي پھتي، ۽ ٿاڻو بولاخان وارن دوستن سان مِلياسين، شيخ عبدالله سندس ٻه فرزند عباس ۽ عادل، مصطفيٰ ميمڻ، سرور خاصخيلي ۽ منٺار خاصخيلي.

سيد ديدار حسين شاهه جي ڳوٺ وٽان گُذرياسين
ميرپورخاص کان تقريبن چاليھه ڪلوميٽر پنڌ پٽي، روڊ جي ساڄي هٿ تي هِڪڙو بورڊ پڙهيو ’ڳوٺ سيد ديدار حسين شاهه‘ هن صاحب سان به زندگي ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن ملاقات ٿيندي، پاڻ سُٺو شاعر هئڻ سان گڏ بزرگ هستي ’راضي شاهه‘ جي پڙ پوٽن مان آهي.

صوفي صادق جي مزار
صوفي اسٽاپ تان جيئن ئي لنگهياسين، ڪجهه قدم کان پوءِ سامھون مزار نظر آئي، ’سائين عبدالجبار! اِنھيءَ مزار جي حاضري ڀربي،‘ مون چيو. اڳيان ويندڙ دوستن کي فون ڪري واپس اچڻ جو چيوسين، جيستائين مون ڪُنري جي دوست اقبال ميمڻ کي فون ڪئي. ’اقبال صوفي صادق جي مزار ڪِٿي آهي؟. ’چيائين يار مونکي خبر ناهي،‘ دِل ۾ سوچيم ايئن ئي ٿيندو آهي، هميشه ايئن ئي هوندو آهي. تڏهن ته ڀٽائيءَ به فرمائي ويو آهي.
’پاڻي مٿي جهوپڙا مورک اُڃ مرن‘
’چڱو ٺيڪ آهي، تنھنجي ويجهو آهيون پر توڏانھن نٿا اچون، تون پنھنجي پاسي ۾ رهندڙ بُزرگن کان به اڻواقف آهين.‘
’سچي ٻُڌايو ڪِٿي آهيو؟‘
’صوفي صادق جي مزار تي،‘
’پوءِ مون وٽ اچو نه چانھه پيئون‘. ’وري ٻيھر ڪڏهن‘، ايئن چئي فون ڪٽ ڪيم. مزار پُراڻي وقت جي ٺھيل آهي، پر منظر سُٺو پيو لڳي.
حق موجود سدا موجود
وڃ طالب طلب پلي، پکن ڏيئي پاهه،
گوهر غريبن جو، ’صادق‘ آهي شاهه،
ڏيکاري سا راهه، جا پيغمبر پيدا ڪئي.
(صوفي صادق شاهه)


قول صوفي صادق شاهه رح جو
”درد، درد، درد اي غافل الله تعاليٰ سڀ شيون تنھنجي لاءِ ۽ توکي پنھنجي بندگي لاءِ پيدا فرمايو آهي. پوءِ پنھنجي ناداني جي ڪري، ڇاجي ڪري پنھنجي خدا کي وِساري حِرص، هوَس، خيالن، خطرن جي قيد ۾ بند ٿيو ويٺو آهين.“
هي مٿيون بيت ۽ قول صوفي صادق شاههرح جي مزار جي دروازي مٿان فريم ٿيو لڳو پيو آهي. اندر قبر تي آياسين، قل پڙهي دُعا گُهري، ۽ پوءِ چئني طرفن کان لڳل شعر جِن جا مون فوٽو ورتا. جيڪي هِتي پڙهندڙن سان پُڻ شيئر ڪريان پيو.
جي الله الله ڪن، اسين مور نه مڃون تن کي،
اسين منجهان تن، جن نانءُ نه ورتو ڪڏهين.
*
الله ڇڏي اورهون، پنڌ پراهين پيا،
بِنا نالي سپرين، اڃا ڪي ٻيا،
واڪيندي ويا، صادق ٻڌيو سندرا.
*
سنڀرئو جيان، ڳالھيون سڄڻ تنھنجون،
لوڪان تان نه ڏيئان، تئان ڪڍي هيڪڙي.

صوفي صادق جا شعر هِن کان اڳ ۾ ڪڏهن نه پڙهيا، ڇا ته شاعري اٿس، شاعري جي رمز، شاعريءَ ۾ ڏِنل پيغام، پنھنجي پروَردگار سان ڪيل ڪچھري. جيڪا اسان جي هِن ننڍڙي دماغ کان گهڻو مٿانھين آهي.
ڪجهه هي ٻيا شعر به پڙهي ڏِسو:


ڏِٺم ڏاتار ڏيھَن جا، جي ٿا نيڻن ڪن نيھار،
تو تري هيڪڙو، اٿن ئي احوال،
اچي ميرانپور مڱڻي، حاصل ڪيو حال،
ڪھڙي ڪريان ڳالھه، شاهه تنھنجي شان جي.
*
جادم نه جکرو، نه گهر گنگاجر،
تو سندي تر جيتري، ڪنھن نه پاري پَر،
آيا ميرانپور مڱڻا، ساز ڪيائون سر،
تن کي تنھنجو در، اَٺئي پھر اکين ۾.
هِن بزرگ جو اصل نالو صوفي صديق محمد هو، هي ذات جو سومرو هو، دودن وارن نک ’متو‘ سومرن مان. سندن مُرشد هِن کي ’صادق شاهه‘ جو لقب ڏِنو اُن کانپوءِ هي ’صوفي صادق فقير‘ طور مشھور ٿيو. هِن صاحب پنھنجي حياتيءَ ۾ هِڪ قتل پُڻ ڪيو، جيڪو سندس سوٽ جميل جو پلاند هو، جنھن ۾ نومڙين جي سردار کي قتل ڪيو هئائين. اُن کان پوءِ ڪڇ ڇڏي لاڙ پٽ وسايائين، اُن کان پوءِ ناري طرف آيو، جيڪو هِن وقت صوفي فقير ۾ سندس درگاهه ۾ بيٺل آهيون.
الف ڪنان اڳي ٿيا، پرين اُهي پاڻ،
عاشق اُن اُهڃاڻ، سُڃون سوجهي آئيا.
مزار ڀر ۾ لڳل تختي ٻُڌائي پئي ته، حضرت صوفي صادق شاههرح بِن حضرت صوفي دين محمد صوفي القادري جن شوال 1170هِجري، مُطابق 1756ع سومر جي ڏينھن هِن جھان ۾ آيا، ۽ 11 رمضان المبارڪ 1265هِجري، بمُطابق 1849ع ۾ هِن جھان کي الوداع ڪري وڃي حقيقي مالڪ سان مِليا.
ٻاهر نِڪتاسين اولھه طرف ڪُجهه ٻيون قبرون آهن، اندر وياسين ته اَٺ قبرون لائين ۾ رکيل آهن، جن جا نالا به هڪ سائيڊ کان هِن طرح سان لِکيل آهن:
اولهه کان اوڀر
حضرت صوفي ڪريم ڏِنو فقير سومرو
حضرت صوفي عبدالعلي ولد صوفي صادق شاهه
حضرت صوفي سليمان ولد صوفي نظام الدين
حضرت صوفي نظام الدين ولد صوفي صادق شاهه
صوفي ڪرم علي فقير کورکاڻي طالب صوفي صادق شاهه
حضرت صوفي شھاب الدين ولد صوفي صادق شاهه
صوفي جميل فقير ۽ صوفي صابر فقير
هِتي به دُعا پڙهي ٻاهر نِڪتاسين، ٻاهر مزار جي سامھون گروپ فوٽو ڪڍيا، پوءِ روانا ٿياسين اڳتي.

لطيف نگر ’راجا رستي‘
صوفي فقير کان ٽي ڪلو ميٽر جي پنڌ تي ٻھراڙي جو ننڍڙو شھر بس اسٽاپ ’راجا رستي‘ ٻيو نالو ’لطيف نگر‘ ڪِراس ڪئيسين، اسان کي هِتي ته لازمي بريڪ ڪرڻ گُهرجي ها، پر هي به اڄ جي سفر ۾ شامل نه هو، بس ساڻ ساٿين کي اِهو ٻُڌايان پيو ته ’راجا رستي شھر مان ساڄي هٿ تي لھندڙ رستو ’ڳوٺ حاجي نبي بخش پلي‘ جو آهي، جنھن ڳوٺ جي هِڪڙي سُڃاڻپ ’معمور يوسفاڻي‘ جنھن جي سُڃاڻپ ٿرپارڪر سان ايئن جُڙيل آهي، جيئن بدين سان شيخ سومار، هي اُن معمور يوسفاڻيءَ جو ڳوٺ آهي، جنھن جا هونھار لائق فرزند ڊاڪٽر اسد جمالي پلي ۽ سيف الله خالد، سندس ڇڏيل وِرثي کي سنڀاليندا اچن، هِنن وٽ هِڪ سُٺي لائبرري پُڻ آهي، مونکي اِهو اعزاز آهي ته سائين معمور يوسفاڻي جا ڪجهه ڪِتاب مون به ڇپيا آهن. ڪاش وقت هُجي ها ته وڃي ڏِسجي ها. اسان جا ميزبان ڇور ۾ انتظار ڪري رهيا آهن، جلد ڇور پھچڻو آهي.

ڳوٺ ٽالھو جوڻيجو کان ٽِپياسين
ڪجهه پنڌ اڳتي پٽيون ٿا ته روڊ جي کاٻي پاسي لڳل بورڊ ٻُڌائي پيو ته فقير لياقت علي جوڻيجي جو ڳوٺ ’ڳوٺ ٺالھو جوڻيجو‘ هِن پاسي آهي، سفر ۾ گڏ ساٿين کي ٻُڌايان ٿو ته ’فقير لياقت علي جوڻيجو، هڪ سُٺو انسان، سُٺو شاعر ۽ زميندار پُڻ آهي، هڪ ٻه ڪِتاب به شايع ٿيل آهن. سندس هڪ ذاتي لائبرري به آهي، هي ڳوٺ تمام وڏو ۽ پُراڻو ڳوٺ آهي، پر اڄ اسان جي شيڊول ۾ شامل ئي ناهي، ڇا ڪجي، وري جڏهن قسمت ۾ لِکيل هوندو ته ضرور ڪنھن نه ڪنھن بھاني اچي نِڪربو.

اچي عمر ڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانَ ڪُريت
عمر ڪوٽ ’قلعي‘ کي جيئن ئي ويجها وياسين، ته لطيف جا هي لفظ منھنجي زبان تي هلي آيا:
اِيُ نه مارُن ريتِ، جِنءَ سيڻَ مَٽائِن سونَ تي،
اَچي عُمرَڪوٽَ ۾، ڪَنديِس ڪانَ ڪُريت،
پَکَنِ جِي پِريتِ، ماڙينءَ سين نه مَٽيِان.
قِلعي اندر بيٺل وڏي وڻ هيٺان گاڏيون پارڪ ڪري لٿاسين، دُهَلاري چاچا دُهَل ۽ شرنايون کڻي وڄائڻ شروع ٿي ويا، اسان سان گڏ ننڍڙا ڇوڪرا به هئا، شيخ عبدالله جا ٻه ننڍڙا ٻنھين کي مٿي تي ٽوپيون پيل هيون دُهَلارين هِنن جا نالا پُڇي ۽ لاڏا ڳائڻ شروع ڪيا، نيٺ شيخ ويچاري کي ٻه ٽي روپيا گهور ڏيئڻي پئي، اِيئن وري شعيب لاءِ نعمان لاءِ نالا وٺي ڳائڻ لڳا، آئون جڏهن هِتي 2008ع ۾ آيو هئس تڏهن اِهي همراه اسان هِتي نه ڏِٺا هئا.
قِلعي ڏانھن وڌياسين، سيڙهين جي ڀر ۾ لڳل بورڊ پڙهيو: ”عمرڪوٽ جي تاريخي قِلعي، مُختلف حُڪمران گهراڻن جي لاهين چاڙهين کي ڏِٺو آهي. هي شھر سومرا گهراڻي سن 1050ع جي پھرين حاڪم عُمر اڏايو هو، تيرهين صدي عيسوي جي پوئين اڌ ۾ هڪ راجپوت حڪمران پرمار سوڍي هِن شھر تي پنھنجو تسلط ڄمايو. اُن جي پوئيَن مان راڻو پرساد پنھنجو لشڪر وٺي اچي اُن وقت مغل بادشاهه همايون جو استقبال ڪيو. جڏهن 1541ع شيرشاهه سوري جي هٿان شڪست کائي سنڌ تي وارد ٿيو. همايون جو اڪيلو پُٽ اڪبر عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. اڳتي هلي راجپوت حڪمران اِهو قلعو ڪلھوڙن جي حوالي ڪيو، ڪلھوڙن جي پونئرن وري اِهو جوڌپور جي راجا کي وڪڻي ڏِنو جيڪو وري ٽالپرن 1813ع ۾ هي قِلعو هٿ ڪيو جيڪو 1843ع تائين اِهو قِلعو سندن هٿ هيٺ رهيو. تان جو اِنھيءَ سال انگريزن سنڌ فتح ڪري قِلعو پنھنجي قبضي ۾ ڪيو.
قِلعو مُستطيل نموني تي ٺھيل آهي، اُن جي ڊيگهه 946 فٽ ۽ ويڪر 758 فٽ آهي. ان جي عالم پناهه واري ڏاند پُڇي ديوار جي ٻنھين ڪُنڊن ۽ ٻاهرين واري ڪمانيدار دروازَن جي ٻنھيءَ پاسن کان اڌ گول جا بُرج ٺھيل آهن“.
مٿان ڪُجهه عورتون ۽ ٻيا به شھري ماڻھو لھي رهيا هئا، ڪافي رش نظر پئي آئي، اسان مٿي سيڙهيون چڙهي وڃي رهيا هئاسين. مٿي جيڪو گول نموني ٺھيل آهي، جنھن تان آس پاس جا اهڙا ته خوبصورت نظاراه پسي سگهجن ٿا، ۽ فوٽوگرافي ڪري سگهجي پئي، اسان به کوڙ فوٽوگرافي ڪئي. هِتي چارئي پاسن کان لوهه جون تمام ڳريون توبون لڳل آهن، جن ۾ اُن وقت جا ماڻھو اندر بارود وجهي ٻاهران پويان کان باهه ڏيندا هئا، جنھن جي تيز تپش تي اُهو بارود ڦاٽي ٻاهر نِڪرندو هو. هاڻي وري هيٺ لٿاسين عجائب گهر طرف روانا ٿياسين.

عجائب گهر عمرڪوٽ قلعو
هِتي به رش چڱي آهي، اندر وياسين 10 روپين جي پرچي وٺي، پر اندر ته ڪجهه خاص ناهي، بس ٿورا گهڻا ڪي اُن وقت جا پٿر ۽ ڪجهه مورتيون، ڦوٽوز ۾ هِڪڙي فوٽو هيٺان نالو صاف نظر اچي پيو ’حميده بانو‘ تصوير خوبصورت پينٽ ٿيل آهي، سندس هٿ ۾ گل جهليل آهي. دوستن جو خيال هو ته ڪافي شيون هِن ميوزيم مان غائب آهن.
ٻاهر نِڪتاسين، اڄ موسم به جُهڙالي آهي، ڪڪر اسان سان گڏ سفر ڪري رهيا آهن، تنھن ڪري اُس گهڻو تنگ نٿي ڪري، پارڪ گُهمياسين، پارڪ ڪو پارڪن جھڙو ناهي، بس ٿورڙي ٽُڪري تي ڇٻر، ول ۽ وڻ بيٺل آهن، هِڪڙو ڄار جو جهونو وڏو وڻ بيٺل آهي، جنھن هيٺ اسان سڀ بيٺاسين ۽ اڳتي جي سفر جا خيال اورياسين.
گاڏين ۾ چڙهي رهيا هئاسين اُن وقت به دُهلاري چاچا وري آيا، لاڏا ڳائڻ لڳا، بس هو به فقير آهن، ٻيو ڪم پُڄين نٿو وڻن جي ڇانوَ ۾ ويٺا آهن، مُسافر اچن ٿا، وڃن ٿا، ڪي ڏين ٿا، ڪي نٿا ڏين، هِنن جو به پيو وقت ڌِڪجي.’الائي ڪنھن ۾ راضي آ، الائي ڪنھن سان راضي آ‘
لطيف سرڪار جي هن بيت سان عمر ڪوٽ کي الوداع ٿا ڪريون:
قسَمتَ قَيدُ ڪِياسِ، ناتَ ڪيرَ اَچي هِنَ ڪوٽَ ۾؟
’وَنَحنُ اَقَربُ اليهِ مِن حَبلِ الوَرِيد،‘ وَطَن آَن وِيندِياس،
مارُنِ کي مِلندِياس، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏِهين؟.

شاعر سردار شاهه جو ڳوٺ ’کاروڙو سيد‘ موڙ مٽياسين
سامھون سامھون سيد سردار شاهه جو ڳوٺ ’ڳوٺ کاروڙو سيد ‘ سنڌ جي سھڻي شاعر ’سردار شاهه‘ جو ڳوٺ آهي، پاڻ هِن وقت سنڌ حڪومت ۾ ثقافت ۽ سياحت جا وزير پُڻ آهن، پر پاڻ کي اُن سان ڪھڙي غرض پاڻ کي کيس شاعر طور سڃاڻو ۽ تنھن ڪري ئي سندس ذڪر پيا ڪريون ۽ پاسي ۾ ٻيو روڊ جنھن تي وري ’درگاهه شريف کاروڙو سيد‘ لِکيل آهي، درگاهه به نظر اچي رهي آهي، پر اسان جي اڄ جي سفر ۾ هي هنڌ به شامل نه هو، ۽ جي هر هڪ هنڌ تي گهمون يا بريڪ ڪريون ته پوءِ انتظار ۾ ويٺل ميزبان به آسرو پلي وڏي سِج پنھنجي ڳوٺ ڏانھن روانا ٿي ويندا. سو سنگت سان تعارف ته ضرور ڪرائڻو آهي ته هاڻي اسان جنھن ڳوٺ يا هنڌ کان گُذري رهيا آهيون اُن جي سڃاڻپ ڪھڙي آهي يا ڪنھن جي ڪري آهي، يا ڇا جي ڪري آهي. اِها معلومات سفر ۾ انتھائي ضروري آهي.
ڇـور ۾ ڇڏيوسين ڪارون پنھنجون
جيئن ئي ڇور اسٽاپ تي پُھتاسين، ارباب نيڪ محمد ۽ مولوي محمد اڪرم ڇڇر انتظار ۾ اڳ ئي بيٺا هئا، ڇور ۾ قائم هوٽل تي چانھه پيتي، بسڪيٽ کاڌا، پوءِ ڇور ۾ ڇڏيوسين ڪارون پنھنجون، ۽ جيپ اسانجي انتظار ۾ بيٺي آهي، اُن ۾ سوار ٿياسين، ڪجهه دوست اندر ڪجهه ڇِت تي روانا ٿياسين اڇڙي ٿر ڏانھن.

سورهيه بادشاهه لائبريري
ڇور ۾ هوٽل تي چانھه پيئڻ دوران ئي ارباب نيڪ محمد اِها ڳالھه ڪئي ته پاسي ۾ ڪجهه دوستن گڏجي لائبريري قائم ڪئي آهي، اُها ڏِسندا؟ مون ته لائبريري جو نالو ٻُڌندي ئي چيو سائين ضرور! اِها لائبريري ضرور ڏِسنداسين، ڪجهه ڪلوميٽر اڳتي وڃي ارباب نيڪ محمد ڊرائيور کي هِڪ ڳوٺ ڏي مُڙڻ جو اِشارو ڪيو، ڳوٺ بِلڪُل روڊ جي ڀر ۾ ئي آهي، هِڪ تمام سُھڻي نموني ٺھيل عمارت جي اڱڻ ۾ اچي گاڏي بريڪ ڪيو، اندر آياسين شاندار نموني سجايل لائبريري جنھن ۾ فارسي ادب کان وٺي سنڌي. انگريزي، عربي، اردو سڀئي زبانن جي ادب جو خزانو موجود هو. وڏي ڪمري ۾ چئني طرفن کان المارين اندر رکيل ڪتاب ڏِٺاسين، کولياسين، ۽ گڏوگڏ ڳالھائڻ ۽ سوالن جوابن جو به سِلسِلو هلندو رهيو.
هي لائبريري ڳوٺ ٽيڀري ۾ ”شھيد سورهيه بادشاهه لائبريري“ نالي سان قائم آهي، هِن لائبريري جو انچارج غلام مصطفيٰ ڀنڀرو ۽ حافظ محمد يوسف ڀنڀرو جن آهن، جيڪي هِن وقت اسان سان گڏ آهن. لائبريري اندر ڪچھري ۽ ڳالھه ٻُولھه کانپوءِ هِڪڙو رِجسٽر شيخ عبدالله ۽ جبار نظاماڻي ڏي وڌايو ويو، تاثرات لِکڻ لاءِ اُنھن ٻنھي صاحبن مون ڏي اِشارو ڪندي چيو مور! تون لِک مون رجسٽر ۽ پين ورتي لِکڻ شروع ڪيم، اڌ پيج کن لِکيم، باقي دوستن هيٺان صحيون ڪيون. مون پنھنجو ڪتاب ”حيدرآباد کان هنزه تائين“، هِن ”شھيد سورهيه بادشاهه لائبريري“ کي تحفي طور ڏِنو.
عِلم تي اولاد ڇَڏيو، آهي اِن ۾ آب تاب،
مرد عَورت لاءِ عِزت، مس، قلم، ڪاني، ڪِتاب،

ڳوٺ ٽيـڀري، ڀنڀرا فقير
ٽيڀري نالي بابت پُڇيل سوال جي جواب ۾ ٻُڌايو ويو ته: واري جا ٽي وڏي دڙا/ ڀڙا موجود هئا، جنھن جي ڪري هن علائقي (هاڻي هي ديھه پُڻ آهي) تي نالو ٽي ڀري رکيو ويو، جيڪو اڳتي هلي ٽي وڏن ڳوٺن ۾ ورهائجي ويو، ٽي ڀري صوفي فقير، ٽي ڀري مڱريا فقير ۽ ٽي ڀري ڀنڀرا فقير، اسان جنھن ڳوٺ ۾ موجود آهيون اُهو ٽيڀري ڀنڀرا فقير آهي. خالد ڀنڀرو پاران ڏِنل ”ٽيڀري سووينيئر“ مان وڌيڪ معلومات مِلي ٿي. انگريزن جي دؤر ۾ اُن وقت جي ڪرنل تروَٽ کان هيءَ زمين هِتان جي صوفي صادق فقير سومري جي پوئنرن کي مِلي. جنھن کان پوءِ ”ميرجا“ پاڙي سان تعلق رکندڙ ڀنڀرا فقير صوفين جي اِجازت سان هِتي اچي آباد ٿيا. هِتي آباد ڀنڀرا اصل ۾ سکر جي ديھه جنوجي جا رهندڙ هئا. اُتان کان لڏپلاڻ ڪري پوءِ جيسلمير ويجهو ’تڙ ڀُواڻو‘ تي آباد ٿيا ۽ ڏُڪار سبب مال کي ڪاهي هِن موجوده علائقي تان ايندا ويندا هئا. اُن وقت هيءَ علائقو پاڻي جي ڇر هوندو هو. هي ڳوٺ 1964ع ۾ قائم ٿيو.

اَڇڙي ٿر ڏانھن اُڏار شروع
اسانجي جي جيپ اڇڙي ٿر جي ڀِٽن تان اِيئن لھندي چڙهندي وئي ڄڻ سنئين سِڌي پَٽ تان ڊوڙي رهي هُجي، اسانجا ڪُجهه دوست جيپ جي ڇت تي ويٺل هئا، اسان ڪجهه دوست اندر ويٺل هئاسين، اسان سمجهو ته جيڪي مٿي دوست ويٺل آهن اُهي لَٽ ۾ لٽجي ويندا، پر اسانجو اِهو خيال خيال ئي رهيو، اِها ڄڻ منھنجي لاءِ عجب جي ڳالھه هئي ته واريءَ جي ڀِٽن تي جيپ وڏي اسپيڊ ۾ ڊوڙي رهي آهي، پر لَٽ نه پئي اُڏامي. انھيءَ سفر دوران ارباب نيڪ محمد جي ڪچھري شروع ٿئي ٿي، ڪچھري دوران ’ڪُليات احمد‘ جو ذڪر نِڪري ٿو ۽ ارباب نيڪ محمد چوَي ٿو: ’ڪُلياتِ احمد اوهان ڇپيو آهي؟‘ مون چيو ’جي ها‘، چيائين ’مولوي احمد ملاح زنده هُجي ها ته پروفيسر ضرار رُستماڻي کي بخش نه ڪري ها‘، هِن اِها ڳالھه ڇو چئي مونکي معلوم هو، پر بحث براءِ بحث مزو نه ڪري ها، چيم ’اِهو وري ڪيئن؟‘ ’بس هِن زيرون زبرون ڏئي شاعري جي اصليت بِگاڙي ڇڏي اٿس‘ ارباب جي انھيءَ ڳالھه ۾ ڪيترو وزن آهي اِها پڙهندڙ ئي پرکي سگهن ٿا ته شاعري کي زيرون زبرون ڏيڻ سان وڌيڪ سُھڻي نموني ۽ اَحسن طريقي سان پڙهي سگهجي ٿي يا بِگڙي ٿي. چيم ’سائين اِها ته ڳالھه ڀلي آهي، مولوي احمد ملاح جي ٻوليءَ هونئن به سمجهڻ آسان ناهي، تجنيس حرفي جو بادشاهه آهي، ساڳي ئي لفظ کي مختلف معنائن ۾ ڪم آڻڻ ۽ اُهو به هِڪ ئي سِٽ ۾، اهو رڳو مولوي احمد ملاح ئي ڪري پيو سگهي ۽ اهڙيءَ شاعري کي جيڪڏهن زِيرون زَبرون نه هونديون ته ڪڏهن به صحي تلفظ اُچاري نه سگهبا‘. هاڻي وري ارباب ڳالھه کي بدلائيندي چوَي ٿو، ’بھرحال مولوي صاحب جي شاعري ڇا ڳالھه ڪجي‘. ايئن چئي پوءِ پاڻ ئي مولوي احمد ملاحرح جو پوپٽي هيراننداڻي تي لکيل غزل ترنم ۾ ڳائڻ شروع ٿي ويو. جيپ جا ٿر جي واري تي تِرڪندڙ ٽائر، ڀِٽُن تي لھڻ چڙهڻ جا لوڏا ۽ ارباب جي جهونگار، سڀئي واهه واهه ڪندا رهون ٿا.
مارُئي هُئِي مارُن منجهان، هِي پئِي پڏائي پوپٽي،
پاڻھين پرڏيھه پلاڻي، پوپٽيءَ اک پو پٽي.

شاهه ڪِن شرميليَن جا، شان ڳايا شِعر ۾،
پُڇ مَ تِن جا پار جن، پاڙي کي پاڙهِي پوپٽي.

ڪئين دِلاسا دِلبرن کي، پَر نه ويا دِل مان دلِيل،
ڪام جا ڪمزور هُوندِي، ڇا جَهليندِي پو پٽي؟

گهر ڇَڏيو گُجرات ۾، اڄ گوڙ ڪَن ٿيون گُجريون،
پير پنھنجي ۾ ڪُھاڙو، چئو ته ڪھڙِي پو پٽي؟

هُن ڇَڏيا شربت شرم کان، هِن وڻن شِيشا شراب،
هُو جڏهن پھتِي پنوهارن پار، پيتئين پو پٽي.

هار هِيرن هِن وڻن، هُو هِير تي هاري هَنجُهون،
پير ۾ پازيب ڇا ڪَن؟ ڪَن نه پائي پوپٽي.
هِي پُڇي محلات ماڙيون، مارُئي مارُو پُڇي،
سُڌ پَکن جي ڏي پَکِيئڙو، خواهه پوپٽ پوپٽي.

هِي عُمر جي ڪوٽ اچڻِي، هُو ته ڪَڪ ڪوٽن ڪَنان،
پيچ پينگهي ۾ پنوهارن سان پڙهيائين پو پٽي.

هِن اندر ۾ انب ”احمد!“ ڇا پَٻي سمجهي پِپُون؟
هُن مڃر موڙي هٿن سان، پاند ۾ مَڪ پو پٽي.

سڀني داد ڏيندي چيو: واه سائين واه، اوهانجو ته آواز به بھترين آهي. پوءِ وري هِن علائقي جي باري ۾ ڪُجهه ٻُڌائيندو هليو، وقفي وقفي سڀئي دوست ڪا نه ڪا ڳالھه شروع ڪن، اِيئن پنڌ کي ويڙهيندا وياسين،

اٿم چارئي پھر چَل چَل، هِنيـين ۾ هَول جي هَل هَل،
پِيادا پنڌ ڪندي پَل پَل، ڇِنيون تِريون، پيَم ڇالا.


اڇڙي ٿر بابت اُستاد لغاري جي لکيل ڪنھن ڪالم ۾ پڙهيو هيم ته: (اڇڙي وارو علائقو ضلعي گهوٽڪيءَ کان شروع ٿئي ٿو، جيڪو هيٺ ٿرپارڪر (مِٺي) کان به اڳتي رڻ ڪڇ تائين هليو وڃي ٿو، اُن وچ ۾ سکر، خيرپور، نواب شاهه، سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ ضلعن جي ڪافي حِصن ۽ ڀاڱن کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري ٿو، سنڌ جي موجوده ٿر ريجن ۽ نارا ريجن جي پکيڙ اٽڪل 45 هزار چورس ميل آهي. طبعي لحاظ کان ”اڇڙي ٿر“ جا ٽي انوکا ڀاڱا آهن. جنھن جي هڪ حِصي کي ”ڊرنءُ“، ٻئي حِصي کي ”ڍنڍون“ ۽ ٽئين حِصي کي ”روهي“ چئجي ٿو، ڊرنءُ واري حِصي جي هزارين ميلن تي پکڙيل ريگستاني سلسلي ۾ هيٺ مِٺي پاڻيءَ جو سمنڊ موجود آهي، جيڪو اونھائيءَ ۾ فقط چئن پنجن فوٽن جي کوٽائيءَ ڪرڻ سان نِڪرڻ شروع ٿئي ٿو، هن پاڻيءَ کي، پنھنجن وسيلن ذريعي آسانيءَ سان ٻاهر ڪڍي پيئڻ ۽ آباديءَ جي لاءِ ڪتب آڻي سگهجي ٿو، ٻئي ڀاڱي ۾ وڏين وڏين ڀٽن جي درميان ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون ڍنڍون به موجود آهن، البت ٽين ڀاڱي يعني ”روهِيءَ“ ۾ موجود پاڻيءَ مِٺو ناهي، بلڪِ ڪِٿي ڪِٿي ايترو ڪڙو آهي جو اُن کي مال به ڪونه ٿو پي سگهي.)

جلال جي تـڙ ۾ جمع نماز
هاڻي ڳوٺ جلال جو تـڙ پُھتاسين جِتي اسانکي جمع جي نماز پڙهڻي آهي. سڀئي دوست جيپ مان لٿا ۽ اُتي موجود ننڍڙا ميزبان پاڻيءَ جا ڪرا (لوٽا) ڀريندا سڀني کي ڏيندا ويا ۽ سڀئي دوست وضو اِنھيءَ واري ۾ ويھي ڪري رهيا هئا، حيرت مونکي اُتي به ٿئي پئي ته همراهن جا ڪپڙا ته سڄا واريءَ ٿي ويندا پر جڏهن آئون پاڻ واريءَ ۾ ويٺس ته سمجهه ۾ آيو، هي واريءَ اسان جي تر واري واريءَ ناهي هي واريءَ ڪا ٻي واريءَ آهي، هي ريت آهي جنھن کي هٿ/ مُٺ ۾ جهل ته پاڻي وانگر مُٺ مان وهي وڃي.
اسان سمجهيو ته جمع نماز جماعت ٿي وئي آهي، پر پوءِ حيرت ٿي جڏهن مولوي اڪرم چيو ته دوست سُنت پڙهي وٺو سڄي جماعت اوهان جي انتظار ۾ ويٺي آهي، جمع نماز جماعت سڄي انتظار ڪيو! اِيئن ڪرڻ صحي هو الائي نه پر جِن انتظار ڪيو شايد صحي سمجهو هجين، سڀني دوستن سُنت پڙهي، خطبو شيخ عبدالله پڙهايو، نماز ننڍڙي حافظ قلندر سميجو پڙهائي، نماز کانپوءِ سڀني گڏجي دُعا گهُري.
مسجد جي پاسي ۾ چؤنري جي ٺھيل پڪي اوطاق ۾ ويٺاسين پاڻي پيتو، اهڙي ته خوبصورت ڇٿ ٺھيل هئي، فوٽو گرافي ڪئي. اسانجي دوستن جو تعارف شيخ عبدالله ڪرايو، اُتي موجود دوستن جو تعارف مولوي اڪرم ڇڇر ڪرايو، ڪُجهه گهڙيون ويٺاسين ۽ پوءِ موڪلائي اڳتي روانا ٿياسين.

ڳوٺ خير محمد جو تــڙ جتي طعام ۽ قيام
ساڳيو پنڌ، وِڇايل واري تان جيپ جيٽ جھاز جيئن مِنٽن ۾ اچي ڳوٺ خير محمد جو تـڙ پُھچايو هي ڳوٺ اسانجي ميزبان مولوي اڪرم ڇڇر جو آهي، هِتي ئي اسان جي طعام ۽ قيام جو بندوبست ڪيل آهي. اندر اوطاق ۾ پنج ڇھه کٽون ۽ کٽن تي وڇايل ٽُڪ تي رَليون، ۽ ٽُڪ تي وِڇايل رَلين تي ويھندي ئي مونکي حسن درس جون هي سِٽون ياد اچي ويون.
’زندگي ڀلي اهڙي، ٽُڪ تي رَلي جھڙي،
مان وِڇايان تون نه ويھين، ڇو نه پو ويڙهي ڇڏيان.‘
هاڻي ارباب نيڪ محمد جي ڪچھري شروع ٿي وئي، ڪنھن وقت ڪو شعر ته ڪنھن وقت ڪو تاريخ جو ورق يا پيرا، ڪُجهه سِٽون يا جملا. جيستائين مانيءَ لاءِ سڏ ٿيو، تيستائين اسان جي ڪچھري هلندي رهي. سامھون ٺھيل مسجد جي هڪ ڪُنڊ کان اسان لاءِ ماني لڳائي وئي. مانيءَ ۾ ست طعام ڏِسي مولوي اڪرم کي چيوسين يار هيڏي تڪليف اسان سيلاني فقير، سادو کاڌو ئي کوڙ هُو، چيائين سائين ڪھڙو روز روز ٿا اچو مھمان آهيو ۽ پھريون ڀيرو آيا آهيو. مختلف ڀاڄين ۽ لَسي سان گڏ ماکي، مکڻ ۽ سنڌي گيھه به شامل هئا.
هاڻي وري ساڳي ئي ٽُڪ تي وِڇايل رَلين واري کٽُن تي اچي ويٺاسين، ڪُجهه دوستن جو خيال هو ته ٿورو آرام ڪجي جيئن شام وري ڪنھن پاسي نِڪري هلجي.

سرحدي مورچا
ڪُجهه ئي گهڙيون ڪِنھن آرام ڪيو، ڪِنھن ڪچھري ڪئي، ۽ پوءِ چانھه جو دور هليو، چانھه پي سڀئي ٻاهر نِڪتاسين. هِتان جا ڪجهه همراه پنھنجي اُٺن تي ڪم ڪار لاهيو موٽي رهيا هئا، مولوي اڪرم چيو سائين ڪنھن کي اُٺ جي سواري جو شوق هُجي ته اُٺ گُهرائي وَٺون؟ چيوسين ها. ٻه اُٺ گهرايا ويا، رليون رکي ۽ هِتي جيڪي پاکڙا رکيا ويندا آهن، رکيا ويا. اسان ٻه ٻه همراه اُٺ تي ويٺاسين واري واري سان، ۽ اڳتي هلياسين، سرحدي مورچن طرف هي مورچا آخري سرحد وارا ناهن بارڊر ته اڃا پري آهي پر هي سمجهو ته ڪوَرَ مورچا هئا، جنگ جي صورت ۾ اگر بارڊر لڳ مورچن تي ناڪامي کان پوءِ دشمن فوجون جيئن ئي اڳتي وڌن ته اڳيان وري به کين مقابلي کي مُنھن ڏيـڻون پوَي اِن لحاظ کان ٺھيل هئا. مورچن اندر داخل ٿياسين جيڪي ڀِٽ ۾ اندر زيرِزمين ٺھيل هئا. جيڪي پري کان ته بلڪل ڀِٽ ئي نظر اچي ٿي. رائيلو سڏيو ويندڙ هِن علائقي ۾ سرحدي مورچا ڏِسڻ کان پوءِ مولوي اڪرم کي چيوسين، ٿر هُجي، ڪِٿان ڪو مور جو ٽھوڪو ڪا ڊيل جي ڊوڙ نظر نه اچي ته پوءِ ڄڻ ٿر آهي ئي ڪونه،
شيخ عبدالله چيو: ’ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو.
جوابن چيومانس: ’اڃا رُڃ مان رَڙ اچي ٿي اچي، مَتان ايئن سمجهين مئا مور سارا‘
اڪرم چيو، ’مور هِتي صرف ڳوٺ ڪيتلور ميگهواڙ ۾ آهن‘، چيوسين ڪيترو پري آهي، ’چيائين ٿورو پنڌ آهي هَلون ٿا‘.

ڳوٺ ڪيتلور ميگهواڙ ۾ مور ڏِٺاسين
سڀئي دوست جيپ ۾ سوار ٿيا، ڪُجهه هيٺ ڪُجهه مَٿي. هِن ڀيري آئون به مَٿي ڇت تي ويٺس ڇو جو ٿر جو خوبصورت نظارو ڇت تي ويھي ئي ڪري سگهجي ٿو، چارسو ساوَڪ ئي ساوَڪ، نعمان ۽ شعب مووي ڀريندا هليا، چيومان خيال سان موبائيل نه هٿ مان ڇڏائجي وڃي. جيپ مختلف ڀِٽن تي نانگ وانگر ورَ وڪڙَ واٽُن تان ڊوڙندي رهي ڪُجهه پنڌ کانپوءِ هڪ اهڙي جڳھه جِتي گوڏي جيڏو گاهه هو، جنھن جي ساوَڪ اهڙو وڻي جو جيپ روڪي اُن سائي گاهه ۾ هلياسين، ويٺاسين، فوٽوگرافي ڪئيسين، ۽ پوءِ وري به اڳيان وڌياسين، ڪنھن وقت ڀِٽن جي ڀر ته ڪنھن پَل ڀٽن جي مٿان جيپ زوزاٽ ڪندي اچي ڳوٺ ڪيتلور ميگهواڙ ۾ پُھتي جِتي ڳوٺ جي ڪنھن به گهر کي ڪو به ڪوٽ يا لوڙهو وغيره نه هو. سڀئي گهر هڪٻئي کي ويجها، ڄڻ هڪ ئي خاندان هُجي. جيپ کي هڪ گهر جي ڀر ۾ بيھاريو عورتون ته پري کان جيپ کي ايندو ڏِسي چوئنرن اندر ويھي رهيون. مردَ هئا جِن کي مولوي اڪرم چيو مھمان مور ڏِسڻ آيا آهن. همراهن چيو مور ڪِٿي آهن، پريان هڪ ڇوڪري چيو، مور ڀِٽ جي هُن پاسي آهن، پر اوهان کي ڏِسندي ئي ڀڄي ويندا. ماٺ ميٺ ۾ لِڪي لِڪي ڏِسڻا پوندا.
بھرحال اسان ته ڪجهه پَل ئي هئاسين ٻين مور ڏِٺا ۽ مون شيخ اياز جا هي ٻول دِل ئي دِل ۾ دوهرايا:
’تتي ۾ گهڙو ڪا ڀري ٿي پئي، ٿري سونھن چمڪا ڪري ٿي پئي.‘

ملوڪ تـڙ جو پاڻي پيتوسين
عصر جي نماز ڳوٺ ملوڪ تـڙ ۾ پڙهيسين، نماز کانپوءِ ڳوٺاڻن چيو چانھه پيو، چيوسين بس صرف پاڻي پيئنداسين، پاڻي پيتو، پاڻي هِتي جو مِٺو ۽ صاف سُٿرو جيڪو زمين مان اچي پيو پائپ لائنن ذريعي اڪرم کان پُڇيوسين ’هي مھربانيون ڪھڙن حُڪمرانن جون آهن؟‘ چيائين ’هي بارڊر ايريا آهي تنھن ڪري اسان کي به اِها سھولت ڏِني وئي آهي، هِتي وري سياسي چڪر به آهي جنھن ڳوٺ ۾ جنھن پارٽي جا ورڪر يا ووٽر آهن، اُن ڳوٺ کي اُنھيءَ ئي پارٽيءَ وارا ڪا به شئي ڏين ٿا. پاسي ۾ ڳوٺ هُجي پر جي ووٽ ٻئي پارٽيءَ کي ڏين ته اُنھن کي اُها ساڳين سھولت نٿي مِلي‘. پُڇيوسين ڪھڙويون پارٽيون آهن؟ چيائين ’پ پ پ ۽ پير پاڳاري وارا‘، چيوسين ’پير پاڳاري وارا ته سدائين اقتدار ۾ رهيا آهن، پوءِ اُنھن جي ووٽرن کي ته سڀئي سھولتون هونديون‘، کِلي چيائين ’اُنھن کان وڌيڪ شازيه مري ڪم ڪيا آهن، هي تڪ شازيه مري جو به آهي‘.
هِتي موجود واريءَ جا دڙا جيڪي اڪثر مون گانن ۾ ڏِٺا آهن ته ماڊل ڪيئن پيا واريءَ ۾ ليٽن ڪپڙا به خراب نٿا ٿين، اڄ اسان پاڻ تجربو ڪيو، انھيءَ ئي واريءَ ۾ ليٽي فوٽو به ڪڍرايا ۽ اِهو پُڻ ڏِٺو ته مٿي اُٿي بيھڻ کانپوءِ ڪپڙن تي ڪو زرو به مِٽيءَ/ واريءَ جو نظر نه ايندو. ايئن ئي جوتا به ڀرجيو پيا وڃن، ٻاهر نِڪري ڇنڊڪو ڏيون ته پير صاف سُٿرا پيا آهن.

هاشم تـڙ ۾ پَـل ترسياسين
هاشم تڙ نالي هِن ڳوٺ ۾ شمسي توانائي تي هلندڙ اِهو مِٺي پاڻي جو پلانٽ آهي، جيڪو اسان پينئدا پيا اچون، اڪرم چيو: ’لھي هلي ڏِسو، اِهو به شازيه مري لڳرايو آهي.‘ چيوسين ’اسان ڪوهستان ۾ ڏِسي آيا آهيون. اِهو پلانٽ تنھن ڪري لھون نه ٿا،‘ پل ترسياسين جيپ رُڪي، وري اڳتي سفر شروع ڪيائين. شام جون ٿڌڙيون هوائون، اڇڙو ٿر ۽ اسين.

ڪوٽاڪ ولي تان ڀارت جون بتيون
هاڻي سِج به پنھنجي بدن تي ڳاڙهو ويس ڍڪڻ لڳو ۽ ڳاڙهي ڪنوار جيان شرمائيندو ڀِٽن ۾ لِڪندو، ظاهر ٿيندو گڏ سفر ۾ هلندو رهيو، ۽ آخر سِج اسان جي نظرن کان اوجهل ٿي ويو، هاڻي اسانجي جيپ به لائـٽون ٻاريو پر وري چيائون ته انڊيا جي سرحد جي ويجهو آهيون تـنھن ڪري گاڏي جون لائـٽون نه ٻاريو، آس پاس ۾ فوجي هوندا، ڪِٿان ڪا فائرنگ نه ٿئي. پوءِ گاڏي بغير لائـٽن ٻارڻ جي سفر ڪندي رهي، اچي هِڪ ڀِٽ تي بيٺاسين، جنھن تي هِڪ مزار به اَڏيل آهي، جنھن کي ’ڪوٽاڪ ولي‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ڪوٽاڪ ولي جي ڇا معنيٰ آهي يا تشريح آهي، اسان اڻڄاڻ آهيون، اڪرم به ايترو ٻُڌايو ته ’هِتي ٻارهين مھيني هڪ ميلي جو سماع ٿيندو آهي، جنھن ۾ هندو مُسلمان سڀ گڏ هوندا آهن. هِتي ڀڄن به ڳائبا آهن، ته راڳ رنگ به ٿيندو آهي‘. اصل ڪھاڻي ڇا آهي. اِن جي اڪرم کي به خبر نه هئي، چيائين ’اسان جي وڏن کان به اڳي اِهو سلسلو هلندو اچي پيو‘. هِتي به زيرزمين مورچو ٺھيل آهي، جنھن جي ڇت تي بيھي اسان ڀارت جي سرحد تي لڳل بتين جو نظارو ڪيوسين. پري کان ۽ ٻيو رات جي اونداهي ۾ اهڙو ته خوبصورت نظارو هو ڀارت جي بتين جو ڄڻ آسمان ۾ تارا ٽِمڪي رهيا آهن. ٽِـڙپکڙ به نه هِڪ سمت ۾ ورَ وڪڙ َذرو به نه هئا،.
هِن رائيلو علائقي ۾ گُهمڻ لاءِ اسان جي هِي آخري پوائنٽ هئي، هاڻي وري هِتان کان واپسي هئي، ساڳي ڪِڙ ڏي، هاڻي آئون جيپ اندر ويٺس خبر هئي ته رات اونداهي ۾ ڪو به منظر نظر نه ايندو مٿي ويھڻ جو ڪو فائدو ناهي.

رات جي رهاڻ
ٿڌي رات ۽ چانڊوڪي جو لُطف ماڻڻ لاءِ ميزبان اڪرم اسان جون کٽون کڻي ٻاهر ميدان تي لڳايون، واهه جي ٿڌڙي هير لڳي رهي آهي. ڪُجهه گهڙيون ٿڪ ڀڳوسين، عشاءَ جي اذان آئي سڀئي وضوءَ ڪري مسجد ۾ آياسين، نماز پڙهي، دُعا بعد مسجد ۾ ئي شيخ عبدالله ڄڻ دستوري گڏجاڻي جي ڪارروائي هلائي ته سڀئي دوست واري واري سان ٻُڌائيندا اچن ته سفر ڪيئن رهيو، ڪنھن کي ڪا ڳالھه وڻي نه وڻي بي حجاب ٻُڌايو؟ سڀئي دوست تعارف ڪرائيندا ۽ ٻه ٽي جملا ڳالھائيندا رهيا. ارباب نيڪ محمد چيو ’سائين آئون ٻه جملا نه ڳالھائيندس منھنجي ته اوهان کي تقرير ٻُڌڻي پوندي‘، واقعي ئي اُٿي بيھي تقرير ڪرڻ شروع ٿي ويو. تقرير دوران لطيف جا شعر ۽ گِرهوڙي جا بيت ٻُڌائيندو رهيو. بعد ۾ شيخ عبدالله سندس ننڍڙن کي چيو اوهان نعت ٻُڌايو پوءِ حمد ۽ نعت ٻُڌايون، وري شيخ عبدالله نعمان ۽ شعيب ڏانھن اِشارو ڪندي چيو، ’ننڍڙا اوهان به ڪجهه ٻُڌايو؟‘. پر هِنن همراهن رڳو مُسڪرايو ۽ ماٺ رهيا. شيخ صاحب وري مون ڏانھن اِشارو ڪندي چيو اسان سان گڏ نوجوان شاعر مور ساگر به آهي جنھن کي عرض آهي ته اسان کي ڪجهه ٻُڌائي، چيم ’سائين ڪنھن ٻي ڀيري مسجد آهي، شعرو شاعري کي ڇڏيون ٿا. جيڪو سِلسِلو هلي پيو اُنھيءَ کي هلڻ ڏيو‘. بس پوءِ سڀني گڏجي دُعا گُهري.
وري به مسجد جي ساڳين ئي ڪُنڊ کان اسان لاءِ رات واري ماني لڳائي وئي، رات جو به چار پنج طعام تيار ڪرائي آيو اڪرم. هِن ڀيري اڪرم کي ڪُجهه نه چيوسين پر پنھنجو پاڻ ۾ چيوسين، ميزبان ڪيڏي تڪليف ڪئي آهي وري به، يقينن اسان ته پھريون ڀيرو ۽ پري کان مھمان ٿي آيا هئاسين، پر هِتي به شھرن کان ايترو پري ڀٽن ۾ جِتي ڪا به سھولت نه هُئڻ باوجود به ايترو طعام جو بندوبست يقينن وڏي تڪليف سان ٿيندو هوندو.
ماني کائي آياسين پنھنجي وِڇاڻن وٽ، رات جي ٿڌي هوا ۽ چانڊوڪي تي چمڪندڙ ريت/ واري، رات جي رهاڻ شروع ٿي. پر هِڪ ته سڄي ڏينھن جي ٿڪاوَٽ هئي، ٻيو ته ڪچھري ڪرڻ وارو سيشن ڄڻ شيخ عبدالله مسجد ۾ ئي هلائي آيو، تنھن ڪري ڪجهه دوست ته رَليون تاڻي سُمھي پيا، ڪُجهه دوست ڪچھري ڪندا رهيا، ڪنھن وقت سياست، ادب، شعر و شاعري، تاريخ جو پاسو ڪُنڊ ۽ ارباب نيڪ محمد جا گُفتا ۽ جهونگار ٻُڌي سُمھي پياسين.

صبح جو سماع
فجر جي اذان تي سڀئي دوست اُٿيا، گڏجي نماز پڙهي ذڪر ڪري دُعا گُهري ٻاهر نِڪتاسين، هاڻي سڀني چيو تياري ڪريو، سڀئي پنھنجا پنھنجا ٿيلھا کڻي تيار ٿيا، شيخ عبدالله چوَي آئون ڪپڙا بدلي ڪندس چيوسين سائين اڳيان شھر ۾ هلون اُتي ڪنھن حمام تي تـڙ ڪري پوءِ سڀئي ڪپڙا بدلي ڪنداسين. اسان بس بسترا ويڙهي ئي رهيا هئاسين، ڊرائيور جيپ اسٽارٽ ڪئي ته اڪرم جو ننڍو ڀاءُ مولوي آيو چيائين بس ٻه ٽي منٽ ويھو اڪرم چانھه کڻيو پيو اچي، چانھه سان گڏ بسڪيٽ به آيا. پوءِ گروپ فوٽو ڪڍيا ۽ سڀني ميزبانن کان ڀاڪر پائي موڪلايو، اڪرم اسان سان ڇور تائين گڏ آيو.

ڇور جو شھر
پھرين ته آياسين مدرسي، ٻه واش روم هئا واري واري سان تـڙ ڪيوسين. ڪپڙا بدلائي آياسين الرحيم هوٽل تي چانھه بسڪيٽن جو آرڊر ڪيوسين، تيستائين هڪ بزرگ آيو، جنھن ارباب نيڪ محمد جي پُڇا ڪئي، چيوسين ’اِتي ئي هو اچي ويندو‘. پاڻ اسان سان گڏ ويٺو تعارف ڪرائيندي ٻُڌايائين ’منھنجو نالو ’مٺا خان ڀنڀرو‘ آهي‘، ڪالھه ٽيڀري ۾ ڀنڀرن جي ڳوٺ ۾ قائم لائبريري ۾ ويا هئاسين، اُها سائين وارن جي ئي لائبريري هئي ڪالھه سائين جِن سان ملاقات نه ٿي سگهي، تنھن ڪري اڄ اسان سان مِلڻ آيو هو. ڪچھري ڪئيسين، چانھه بسڪيٽ جو بِل به اسان کي نه ڏيڻ ڏنو، پاڻ ڏنائين.

ٽيون اسلام آباد
اڄ آئون هي ڇور ۾ قائم ٽيون ’اسلام آباد‘ ڏِسي رهيو آهيان، هِڪڙو اسلام آباد اسان جي مُلڪ جي گادي جو شھر آهي، جنھن لاءِ هڪ چوڻي مشھور آهي، ’موسم کا اعتبار نہیں، سڑکیں ہمروار نہیں، لوگ وفادار نہیںٍ‘ جنھن کي سازشن جو شھر به چيو وڃي ٿو، جنھن کي ٻيو به ڇا ڇا چيو وڃي ٿو. ٻيو اسلام آباد هوائن جي شھر حيدرآباد ۾ قائم آهي. پر اُن جي به الڳ سُڃاڻپ آهي اُها سُڃاڻپ جيڪا ٻه ٽي ڏهاڪا پھرين ’سري گهاٽ‘ کي هئي. پر هي ڇور ۾ قائم اسلام آباد جي سُڃاڻپ ٻنھي کان مختلف ۽ سُٺي آهي، هِتي هِڪڙي ڪالوني ٺھيل آهي، جيڪي هندو مسلمان ٿين ٿا اُنھن کي هِتي مفت ۾ ڪوارٽر ڏِنا وڃن ٿا اُنھن جي ٻارن لاءِ هِڪ وڏو مدرسو قائم آهي، جنھن ۾ ديني توڙي دُنياوِي تعليم ڏِني وڃي ٿي. مدرسي جي سامھون هڪ عاليشان مسجد تعمير ڪئي وئي آهي، جيڪا تمام وڏي ۽ خوبصورت ٺھيل آهي. ۽ هِتي صاف پاڻي جو پُڻ بھترين نظام قائم ڪيو ويو آهي. مٿين ٻنھي اسلام آبادن کان يقينن هِن اسلام آباد جي سُڃاڻپ سُٺي آهي.
ڇور شھر جو به سرسري جائزو ورتو، اهڙو ئي ساڳيو شھر جھڙا سنڌ جا ٻيا سڀ شھر آهن، ٽـُٽل رستا، گلين ۾ گند، بي ترتيب دُڪان، اڏاوَتون.
ميرل مست سان به مِلياسين
ارباب نيڪ محمد جي ڳالھين جي ڳھر ۾ اسان جو قافلو وري به روان دوان، هلندي رستي ۾ ارباب نيڪ محمد جيڪو اسان جي گاڏي ۾ اڳيان ويٺو هو، تنھن گاڏي کي هيٺ اُن طرف موڙڻ جو اِشارو ڪيو، جنھن طرف هڪ سائي رنگ جي اڏيل درگاهه هئي، جيئن ئي گاڏيون درگاهه جي سامھون بيٺيون، لٿاسين، هِن درگاهه جو اڱڻ ڪچو آهي ۽ سادي نموني درگاهه ۽ اُن سان گڏ مسجد اڏيل آهي.
ها هي حضرت پير فقير مير محمد نقشبندي، عرف ’ميرل مست‘ جي مزار آهي. ارباب نيڪ محمد مختلف روايتن ۽ ڳالھين سان گڏ هڪ نئين ڳالھه اِها به ٻُڌائي ته هِن درويش فقير پنھنجي مريدن کي چيو ته منھنجي قبر تيار ڪيو، مريدن قبر تيار ڪئي، هي اهڙو درويش بزرگ فقير هو جنھن پنھنجي جيئري ئي قبر تيار ڪرائي هئي.

عبدالواحد آريسر جي مزار تي حاضري
ڳوٺ علي محمد آريسر طرف اسان جو سفر هو، ڳوٺ جي ويجهو ئي زمينن جي وِچ ۾ هِڪ وڏو ميدان آهي، جنھن تي جيئي سنڌ محاذ (آريسر گروپ) جي چيئرمين عبدالواحد آريسر جي آخري آرامگاهه آهي. آئون سمجهان ٿو ته قومپرست ڌڙن جا جيڪي به اڳواڻ آهن سڀني کان هي وڌيڪ پڙهيو لِکيو اڳواڻ هو، اسان جيئن ئي مزار تي آياسين ته پھرين ئي عبدالواحد آريسر جي مزار ڀر ۾ بيھي قُل پڙهيا. ارباب نيڪ محمد جي پويان دُعا پڙهي، بعد ۾ فوٽوگرافي ڪئي، مزار تي پٿر جو تمام سُھڻو ڪم ٿيل آهي. ۽ پٿر تي ئي عبدالواحد آريسر ۽ سائين جي. ايم سيد جا هي قول اُڪريل آهن:
1-آئون پُر اَمن غلاميءَ کان وڌيڪ خطرن سان ڀرپور آزاديءَ کي پسند ڪريان ٿو. (عبدالواحد آريسر)
2-سنڌ هڪ مُلڪ آهي، سنڌي هڪ قوم آهن، آزادي سنڌ جو حق آهي ۽ آزادي ممڪن آهي (جي. ايم سيد)
مولانا ابولالڪلام آزاد، سائين جي. ايم سيد، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا حسين احمد مدني جھڙن مُدبر شخصيتن کان متاثر ٿي سياسي ادبي، مذهبي دُنيا ۾ پير پائيندڙ، ضلعي ۽ تعلقي عمرڪوٽ جي ڳوٺ وائوڙي (انڙ آباد) ۾ 11 آڪٽوبر 1949ع تي جنم وٺندڙ عبدالواحد آريسر جيڪو هِن وقت سوَين مڻ مٽيءَ هيٺان سُتو پيو آهي.
’جا ڀونءُ پيرن مون، سا ڀونءُ مٿي سڄڻين‘.
ڳوٺ صاڀي جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا پڙهندڙ عبدالواحد آريسر جو پھريون اُستاد عبدالغفور آريسر هو، جنھن کيس پھرين کان پنجي تائين پڙهايو، ۽ ٻيو استاد علي محمد ماڇي هو، جيڪو پوءِ کيس ڀينڊي شريف وٺي ويو، اُن کان پوءِ ڪيترن ئي مدرسن ۾ تعليم ورتائين جن ۾ ڀينڊي شريف جو مدرسو، مولوي عبدالحئي نوحاڻي ڪنگوري (تعلقي ڊگهڙي) واري جو مدرسو، مدرسه هاشميه سجاول، مدرسه مفتاح العلوم حيدرآباد ۽ شاهه ولي الله اڪيڊمي وغيره، اُستاد غلام مصطفيٰ پُڻ سندس اُستاد رهيو.
آريسر صاحب پنھنجو پھريون مضمون ’ربيع الاول جا چار چنڊ‘ لکيو اِهو 1966ع جو زمانو هو ۽ پاڻ ڪنگوري جي مدرسي ۾ پڙهندا هئا. سندس لکيل اِهو پھريون مضمون هفتيوار ’همدرد‘ ميرپورخاص اخبار ۾ ڇپيو. عبدالواحد آريسر 1968ع ۾ اورنٽل ڪاليج حيدرآباد مان مولوي عربيءَ جو امتحان پاس ڪيو. هِن کي لِکڻ پڙهڻ جو ته شوق ننڍي هوندي کان ئي هو. سندس ٻيو مضمون به 1968ع ڌاري ماهوار ’بادل‘ حيدرآباد ۾ ڇپيو جيڪو لسانيات بابت هو.
4 مارچ 1967ع وارو واقعو جيڪو پيش آيو، اُن آريسر صاحب جي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي آندي. صرف آريسر صاحب ئي نه اُن وقت جي سڀني نوجوانن جي ذهنن تي وڏو اثر ڇڏيو. اُن کان پوءِ عبدالواحد آريسر سائين جي.ايم سيد کي پڙهڻ شروع ڪيو، ’موجوده سياسي مسئلا‘، هن ڪِتاب تي بندش پيل هئي، ۽ ’جيئن ڏِٺو آهي مون‘ پڙهيائين جنھن تي پُڻ مُلن گوڙ ڪري جي. ايم سيد تي فتويٰ ڪڍرائي، ڪِتاب تي بندش هڻائي هُئي. اُنھن ڏينھن ۾ مھر علي مرزا ۽ مدد علي سنڌيءَ هِن سان گڏجي سائين جي. ايم سيد سان مُلاقات ڪرائي ۽ پوءِ آريسر صاحب باقاعده قومپرست سياست جي شروعات ڪئي.
آريسر صاحب جو پھريون ڪِتاب مولانا عبدالڪلام آزاد جي قولن تي مشتل ’جواهر آزاد‘ 1970ع (اردو) ۾ ڇپيو. ايئن پوءِ سائين جي. ايم سيد طرفان 18 جون 1972ع حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل جيئي سنڌ محاذ جو بُنيادي ميمبر بنايو ويو. جيئي سنڌ محاذ جي نئين سِر جوڙجڪ وقت اُن جو مرڪزي ڪنوينر مقرر ٿيو. 1990ع تائين جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي آرگنائيزر ۽ 1992ع کان 1995ع تائين چيئرمين رهيو. ڪجهه وقت کانپوءِ شخصي برتري واري روَيي سبب بشير خان قريشي سان اختلاف ٿيا. آرگنائزنگ ڪميٽي مقرر ڪئِي وئي، اُنھيءَ ڪميٽي جي ٻِن ميمبرن اڪثريتي ميمبرن جي راءِ کي ٺُڪرائي بشير خان قريشي کي بحال رکيو، اُن کان پوءِ پاڻ اڪثريت سان گڏ بيٺو ۽ آرگنائزنگ ڪاميٽي کي پُڻ قائم رکيو.
آريسر صاحب قومي سياست ۾ کوڙ ڀيرا جيل ڪاٽيا، پھريون ڀيرو اپريل 1975ع ۾ ميرپورخاص جيل ۾ ٽِن مھينن لاءِ قيد رهيو. ٻيو ڀيرو 11 اپريل 1976ع ۾ گرفتار ٿيو، جِتان پوءِ کيس جيل موڪليو ويو. سيپٽمبر 1976ع ۾. ٽِيون ڀيرو 1978ع ۾ ضياءُ الحق جي مارشل لا جي دؤر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽيءَ ۾ بنگلاديش ۽ شيخ مجيب الرحمان جي حمايت ۾ تقرير ڪرڻ تان کيس گرفتار ڪيو ويو. اُن دوران کيس ڏهه ڪوڙا ۽ 60 هزار ڏنڊ ڀرڻو پيو ۽ ايئن 3 مئي 2015ع ۾ اسان ۽ سنڌ کي الوداع ڪري هليو ويو.
آياسين ڳوٺ ’صاڀو‘ آريسرن جي ڳوٺ ۾، هِتي هِڪ قديم مسجد آهي انگريزن جي دؤر کان به اڳ جي. عبدالواحد آريسر پُڻ هِتي پَڙهيو هو. هِن ڳوٺ ۾ رهندڙ مڱرين وٽ اِهو هُدو آهي ته ’ڏڊ‘ کي پڙهندا آهن ته ڏڊ ختم ٿي ويندي ۽ ڍڳين ۾ موساڙ بيماري کي پاڻي پڙهي هڻندا ته بيماري ختم ٿي ويندي آهي.

اياز سان مِلياسين، مدرسه ارشاد العلوم ۾
شيخ عبدالله جي دوست محترم سائين اياز آريسر جي ’مدرسه ارشاد العلوم‘ آياسين، جنھن ۾ ديني تعليم سان گڏ دُنياوِي تعليم پُڻ پڙهائي وڃي ٿي. مدرسي جي اڱڻ تي نِم جو وڏو وڻ آهي، جنھن هيٺان کٽون پيل هيون اُتي ويٺاسين، مدرسي ۾ هِڪ پاسي کان ٻار پڙهي رهيا هئا ۽ مدرسه جي تعمير جو ڪم به هلي رهيو هو.
اڱڻ تي نِم جو وڻ هُجي ۽ هيٺ کٽ رکيل هُجي وڏو وڻندڙ من موهيندڙ منظر هوندو آهي، ٻه ٽي منٽ کٽن تي ويٺاسين پوءِ سائين شيخ عبدالله ڪوهستاني جو دوست اياز آريسر ۽ اُن سان گڏ ٻيا به اُستاد هئا. اندر مدرسي ۾ وٺي ويا، مختصر تعارف ۽ ڪچھري ٿي جيسيتائين پڪوڙا، سموسا ۽ ڪولڊ ڊرنڪ اچي ويا، پڪوڙا سموسا کائي ڪولڊ ڊرنڪ پيتي بعد ۾ سڀني اُستادن ٻاهر دروازي تائين اچي موڪلايو، موڪلائڻ کان پھرين هڪ اُستاد رجسٽر کڻي آيو، چيائين سڀئي دوست پنھنجا پنھنجا رايا هِن رجسٽر تي لِکن، سڀني هڪٻئي کي چيو پوءِ شيخ عبدالله مونکي سڏ ڪري چيو: ’مور ساگر تون لِک اسان هيٺان صحيحون ٿا ڪريون.‘ مون رجسٽر جي اڌ پيج تي پنھنجو رايو لِکيو، مدرسي جي ۽ مدرسي ۾ پڙهندڙ شاگرد ۽ اُستادن لاءِ مختصر تاثرات لِکيا، هيٺ سڀني دوستن پنھنجون پنھنجون صحيحون ڪيون، سواءِ ارباب نيڪ محمد جي اُن ٻي اڌ پيج تي پنھنجو رايو پاڻ لِکيو.

ڊاڪٽر اسد جمال پلي سان فون تي ڳالھه ٻولھه
ڪچھري ڪندي مونکي ياد آيو ته ڊاڪٽر اسد جمال پَلي کي فون ڪيان، هوندو ته حيدرآباد، پر سندس ڳوٺ جو پُڇان شايد هِنن ئي پَٽن ۾ هُجي. سائين کي فون لڳايم حال احوال ڪيو، ته پاڻ ڳوٺ ئي موجود هئا. چيائين هليا اچو منھنجي ڳوٺ چانھه ماني کائون ڪچھري ڪريون، چيم اِهو ته سنگت کان پُڇان ٿو جيڪا سنگت جي صلاح.
چيائين ڪھڙي سنگت آهي؟ چيم ٻه گاڏيون آهن ۽ ارباب نيڪ محمد جي اڳواڻي ۾ سفر آهي. ارباب نيڪ محمد پُڇيو ڪير آهي؟ چيم؛ ’ڊاڪٽر اسد جمال.‘ تيسيتائين ڊاڪٽر اسد جمال چيو ’فون ڏي ارباب کي ته پُڇان هِن وقت ڪِٿي آهيو‘. مون فون ڏِنو ارباب نيڪ محمد کي جنھن فون تي ئي ٻُڌايو ته سائين هاڻي اوهان ڏي نه اچي سگهبو، جو اسان جو رُخ ٻي طرف آهي، اوهان جو ڳوٺ ٻي طرف آهي. وري مون ڳالھايو، ڊاڪٽر چيو يار شابس هُجي، پھرين فون ته ڪرين ها. چيم؛ ’سائين مون سمجهو اوهان حيدرآباد هوندا، اِهو عِلم هُجي ها ته ضرور اوهان جي حاضري ڀريون ها. خير وري جڏهن قسمت ٿي.‘

ڍورو نارو جي مور غلام حسين آريسر سان مُـلاقات
اسان آياسين ڍورو نارو ۽ هِتي ڍورو نارو ۾ رهندڙ غلام حسين آريسر جنھن جا اسان مھمان هئاسين، سندس پُڇا ڪئي، اسان ڪارخاني تي ويٺاسين ڪجهه ئي گهڙين ۾ هِڪڙو سُريلو نوجوان موٽر سائيڪل تي آيو، ارباب نيڪ محمد سندس تعارف ڪرائيندي چيائين ’هي اسان جو پيارو پرين دوست غلام حسين آريسر آهي‘ ۽ اسان جو به کيس تعارف ڪرايائين، منھنجو تعارف ٻُڌندي چيائين؛ ’مور ساگر منھنجو گهڻو ٻُڌل نالو آهي‘. چيم ’سائين مھرباني‘.

ڪلانڪر ڍنڍ جو سَير
ارباب نيڪ محمد چيو ’سائين سنگت کي ڪلانڪر ڍنڍ گُهمائـڻي آهي‘، غلام حسين آريسر چيو ’ڍنڍ گُهمون ٿا، پر پھرين ماني جو بندوبست ڪريون ٿا‘. سڀني منع ڪئي، پوءِ ڪجهه کائڻ لاءِ گُهرايائين ۽ پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جون بوتلون، پيپسي ۽ فنٽا جون جمبو بوتلون به گُهرايائين ٻه جيپون به گُهرايائين. هاڻي دوست غلام حسين آريسر ۽ اسان، جيپون ۽ ڪَچي جو پنڌ، واريءَ اُڏائيندا ويندا رهياسين، ڪلاڪ اڌ جي سفر کانپوءِ اچي پُھتاسين ڪلانڪر ڍنڍ جي ڪَپ تي.
ارباب نيڪ محمد چيو ’سائين ٻيڙين ۾ چڙهي ڍنڍ جو سير ڪريو‘، پاڻ ملاحن کي وڏي آواز ۾ سڏ ڪيا ۽ اِشارا ڪري پاڻ ڏانھن اچڻ جو چيو، جيڪي ڊنڍ ۾ ئي ٻيڙين تي موجود هئا، پر پرڀرو هئا، ارباب نيڪ محمد جي سڏ کانپوءِ ٽي ٻيڙين وارا ٻيڙيون تيز تيز هلائيندا اچي پُھتا، ٻيڙيون ايتريون ننڍڙيون هيون جِن ۾ صرف ٻه ماڻھو ئي ويھي سگهيا ٿي ۽ هِڪڙو هلائيندڙ پوءِ واري واري سان ٻه ٻه دوست ويھي ويجهي کان ئي گُهمي ڦِري واپس آياسين، ملاحن ويچارن کي ڪجهه خرچي به ڪرائي. هِتي ڪا وڏي تفريحي گاهه ناهي جو روز ماڻھو اچن، هِتي ته ڪو مھينن يا سالن ۾ ماڻھو ايندا آهن. حالانڪِ هيءَ ڍنڍ ڪنھن ٻي مُلڪ ۾ هجي ها ته وڏي تفريح گاهه بڻيل هُجي ها. آئون هاڻي ئي گذُريل سال 14 فيبروري 2014ع تي ملائيشيا گُهمڻ ويو هئس، ملائيشيا جو هِڪڙو نئون آباد ڪيل شھر ’پُترا جايا‘ جنھن ۾ هِڪڙي آرٽيفيشل (هٿرادو ٺھيل) ڍنڍ به قائم ڪئي وئي آهي، جنھن ۾ جھازن جھڙا خوبصورت ٻيڙا هلي رهيا آهن ۽ ڍنڍ جي ڪِنارن سان آباد پارڪ ۽ کائڻ پيئڻ جا اسپاٽ/ اسٽال ٺھيل آهن، ماڻھوءَ جي دِل چوَي ته بس هِتي ئي ويٺو رهجي ۽ گُهمجي پيو.
هيءَ ته قدرت جي طرفان تحفو آهي ۽ اگر هِن مُلڪ جا حُڪمران ’مُڙس ماڻهو‘ هُجن ها ته اُن ڍنڍ کان به وڌيڪ هي خوبصورت تفريحي گاهه بڻجي سگهي پئي، پر اسانجي مُلڪ جا حُڪمران صرف پنھنجا محل اڏڻ ۾ پورا آهن، هُنن کي ڇا وڃي هِن مُلڪ سان، جو هِن مُلڪ کي خوبصورت بڻائن، سڀئي حُڪمران ٻاهر شفٽ ٿي رهيا آهن، سندن ڪاروبار به ٻاهر قائم آهن، ۽ سندن اولاد به ٻاهر ٿو پڙهي. پوءِ هِنن کي ڪھڙي ضرورت آهي هِن مُلڪ کي خوبصورت بڻائڻ جي.!!! هاڻي اسانجو رُخ وري ٿيو کنڀرو شريف ڏانھن.

کنڀرو شريف جي خانـقاهه
خانقاهه، کنڀرو شريف: عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڍوري ناري کان ٻه ميل کن اُتر طرف کنڀري جي ڀٽ تي هيءَ خانقاهه آباد آهي.
اسان پھرين ميان ولھاري جي مزار تي قُل پڙهي دُعا گُهري، مزار وڏين ڄارين جي ڇانوَ هيٺ سنگمرمر قبر ٺھيل آهي. اُن کان پوءِ ڀر ۾ قائم مسجد اندر وياسين، مسجد به تمام آڳاٽي زماني جي لڳي رهي آهي، مسجد جي ڀر ۾ ئي قائم مدرسي اندر به آياسين ۽ فوٽوگرافي ڪئيسين. گوگل ٻُڌائي ٿو:
هِن خانقاهه ۽ مدرسي جو باني ميون عبدالله اڪبري سمو وڏو درويش، عالم باعمل ۽ مدرس ٿي گذريو آهي. ميان صابر ولھاريءَ جي اولاد مان آهي. سندس حديث جي سند ’ٺٽوي سنڌي‘ معرفت آهي. سندس شاگرد عالم باعمل ۽ وقت جا وليءَ الله ٿي گُذريا آهن. مشھور درويش ۽ عالم ميون حبيب الله تاملھيار (راجستان وارو) سندس شاگردن مان هو. ميـين عبدالله اڪبريءَ جو بي مثال ڪُتب خانو هو، جنھن ۾ ٺٽي جي عالمن جا شھپارا قلمي صورت ۾ محفوظ هئا، پر سنڀال نه ٿيڻ ڪري ڪُتب خانو اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويو. رهيل ڪِتاب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کڻائي ويو. جيڪي سنڌ آرڪيائيو (ڪراچي) ۾ محفوظ آهي. روايت آهي ته هِن ڪُتبخاني ۾ مخدوم بلاولرح جو فارسي زبان ۾ لکيل ڪتاب به موجود هو.
گُهمي ڦِري ٻاهر اچون ته ٻه ٽي قدم اڳتي، ارباب نيڪ محمد جي دوست خالد ولھاري جي اوطاق تي، جِتي خالد ولھاري سان گڏ ٻيا مھمان پُڻ موجود هئا، اسان جو سُٺي نموني آڌرڀاءُ ڪيو، اُنھن مھمانن ۾ موجود ڪامريڊ مير محمد ٽالپر (ٽنڊوڄام) جو پُٽ مير مظفر ٽالپر پُڻ موجود هو. جنھن جو تعارف ارباب نيڪ محمد سڀني دوستن سان ڪرايو، ۽ ٻنھي دوستن سان گڏ گروپ فوٽو پُڻ ڪڍيو، اوطاق يا بنگلو ئي چئجي سُٺو ٺھيل آهي، اڱڻ تي وڻن جي ڇانوَ موجود آهي، هِتي ورانڊي ۾ اسان هٿ جو ٺھيل ايئرڪولر ڏِٺو، جنھن ۾ سُڪل ڪانڊيرا ڀريل هُئا جن جي مٿان ٺڪر جو مَٽ پيل هو، ۽ مَٽ جي تري مان ننڍڙو سوراخ ٿيل هو، ٻُڌايو ويو، ته گرمي ٿيندي آهي ته اِن مَٽ ۾ پاڻيءَ وجهندا آهيون، جيڪو مَٽ جي تري مان ٺھيل ننڍڙي سوراخ مان هيٺ ڪانڊيرن تي ڪِري ٿو، ۽ اِن جي پوئين پاسي کان پَٽ وارو پنکو هلائي ڇڏيندا آهيون، پوءِ بس ڄڻ اي سي جي سامھون ويٺو آهيون. اسان اِهو هِتي پھريون ڀيرو ڏِٺو، تنھن ڪري اُن ايئرڪولر جو پُڻ فوٽو ڪڍيوسين. آه... مولوي احمد ملاح پيو ياد پوَي:
دم ڪو آهيون يا نه آهيون، خواب آ يا خيال،
هي بزرگيون بادشاهيون، خواب آ يا خيال.
دوستن کان موڪلايوسين، اسان گاڏين ۾ چڙهي رُخ رکيو پٿورو پير جو.

پير پٿورو تي پير ڀرياسين
ڪجهه وقت رستن تي ڳاڏين جا ٽائر گسائي اچي پُھتاسين، پير پٿورو جي پاسي. هِن وقت سج به پنھنجي جوڀن ۾ نِڀ مٿي ڪر موڙي رهيو هو، سو پَگهرجڻ يا ڊوڙي ڇانوَ هيٺ بِيھَڻ فِطري هو، جيئن ئي گاڏين مان هيٺ لٿاسين ته تيز تپش جي سبب ڊوڙي وڃي وڏي وڻ جي ڇانوَ هيٺ بيٺاسين، جنھن وڻ هيٺ ڪجهه مايون، ٻار ۽ ٻيا شين وڪڻڻ وارا به موجود هئا. اڳتي آياسين، جِتي ڪجهه ماڻھو موجود هُئا، جيڪي ڪچھري ڪري رهيا هئا، پٽ تي رليون وڇيل هُيون ۽ ديوارن تي وڏيون وڏيون تصويرون پير پٿوري ۽ ڪجهه ٻين جون لڳل هُيون، هِنن ماڻھن ۾ ويٺل هڪ ڳاڙهي ڏاڙهي واري همراه جو ارباب نيڪ محمد اسان سان تعارف ڪرائيندي ٻُڌايو ته: ’هي آهي طوطا رام جيڪو هِن پيرپٿوري جي درگاهه جو سنڀاليندڙ گادي نشين آهي‘. اُن گادي نشين کان ڪجهه سوال سائين عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي ۽ شيخ عبدالله ڪوهستاني به ڪيا. پر ڪا معلومات نه ڏئي سگهيو. معلومات لاءِ وري به گوگل جو سھارو وٺـڻو پيو.
پير پٿورو: عمرڪوٽ ضلعي جو مشھور بزرگ ٿي گذريو آهي، جنھن جي ولادت 1210هه مطابق 1795ع ۾ ٿي. هن بزرگ لاءِ چيو وڃي ٿـو تـه اصـل ۾ ميـگهـواڙ قبـيـلـي سـان واسطـو رکـنـدو هـو. بعـد ۾ ابـراهيـم ناگوراڻي، جرڪس ڏناڻي ۽ ڇُٽي بخـاريءَ جھـڙن بزرگـن سان گڏجي ملتان ويو ۽ غوث بھاوالحق جو مُريد ٿي مسلمان ٿيو. روايتن موجب سندس نالو ”شيخ نعمت الله“ رکيو ويو، پر ”پير پٿوري“ جي نالي سان مشھور ٿيو. هڪ روايت موجب ملتان مان واپسيءَ تي ماءُ ۽ پيءُ کي به مسلمان ڪيو هئائين. پير پٿوري جي اسلامي نالي جي تصديق عمرڪوٽ جو عالم مولانا مير محمد عنصري به ڪندو هو، جيڪو چوندو هو ته هن ’نگيرانِ سنڌ‘ (قلمي نسخو) ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته پير پٿوري جو اسلامي نالو ”شيخ نعمت الله“ هو. پير پٿوري عبادتن ۽ رياضتن سان وڏي منزل حاصل ڪئي ۽ غوثيه سلسلي جي بزرگن ۾ سندس وڏو مقام آهي. پير پٿوري جي وفات 1298هه مطابق 1881ع ۾ ٿي. چيو وڃي ٿو ته پير پٿوري جي وفات بعد سندس قبر تي ڏيوَري ٺھرائي وئي هئي، پر مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ اُن جي تعمير غير اسلامي قرار ڏئي اُن کي ڊهرائي قبر مٿان قبو ٺھرايو. اڳتي هلي پير پٿوري جي عقيدتمند مريدن اُن مقبري کي عاليشان صورت ڏِني ۽ درگاهه تي مسافرخانا به ٺھرايا. پير پٿوري جي مزار تي هر سال ٻه ميلا لڳندا آهن، هڪڙو چيٽيءَ چنڊ تي ۽ ٻيو ڪَتِيءَ جي چنڊ تي. پير پٿوري جي ميلي ۾ هندو ۽ مسلمان عقيدتمند وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندا آهن. ميلي جي نِگراني بُڪِيرن جا پير ڪندا آهن ۽ ميلي جي آمدنيءَ جو ڪجهه حِصو بُڪِيرن جي درگاهه کي مِلندو آهي. پير پٿوري جي ماءُ ۽ پيءَ جون مزارون پُڻ مقبري ويجهو ڏکڻ ۾ موجود آهن، جِن جي قبرن جي چوڌاري ڪاٺ جا پينگها ٺھيل آهن.
ارباب نيڪ محمد به ٻُڌايو ته ’مسلمان چوَن ٿا ته پيرپٿورو مسلمان آهي ۽ هندن جو عقيدو آهي ته پير پٿورو هندو آهي، تنھن ڪري هِتي هندو توڙي مسلمان ٻئي حاضريون ڀريندا آهن، ۽ سالياني ميلي ۾ پُڻ هندو توڙي مسلمان ڀرپور شرڪت ڪندا آهن‘.
مِٿي چڙهياسين، مقبرو اڳي هيٺ هو، هاڻي نئين سِر تعمير ڪيو ويو آهي، اڃا تائين ڪافي ڪم رهيل آهي پر تمام مٿي ۽ بھترين مقبرو ٺھرايو ويو آهي، ڏاڍو هوادار ۽ خُلاصو، اسين جڏهن ٻيھر اينداسين ته يقينن رنگ روغن ٿيل هوندو ۽ خوبصورت لڳندو.
ٻاهر نِڪتاسين دوستن چيو ته ’نماز جو وقت ٿي ويو آهي‘، ارباب نيڪ محمد چيو ’نماز اڳيان ٿا هلي گِرهوڙي صاحب جي مسجد ۾ پڙهون‘، سڀني چيو ’بھتر ٿيندو‘.

گِرهوڙ شريف ۾ به ڪجهه گهڙيون
توڻي جو جولاءِ مھيني جي ٽاڪ منجھند ٿي چُڪي هُئي، پر گُهمڻ جو شوق، ٿڪ ڪِٿي ٿو ٿئي، ها باقي جِن جا هي پَٽ ڏِٺل هوندا تِن کي ضرور ٿڪ ٿيو هُجي ته هُجي، اسين گِرهوڙ ۾ پُھچي پھرين ته مسجد طرف آياسين، جو عصر نماز جو وقت پيو وڃي، ’جامع مسجد حضرت مخدوم شھيد گِرهوڙي‘ ۾ سڀني وضو ڪري نماز پڙهي، بعد ۾ ٻاهر نِڪتاسين، ڪجهه دوستن جو خيال هو ته منجھند جي ماني کائجي، ڪجهه دوستن چيو ماني جي ايتري ڪا خاص طلب ناهي، اڳيان ڪِٿي سُٺي هوٽل ڏِسي اُتي کائي ٿا وٺون. مسجد اندر ٻاهر فوٽوگرافي ڪري نِڪاسين، مسجد جي پاسي ۾ ئي قائم هُجري اندر آياسين، جِتي مولوي صاحب مسجد جي پيش امام سان مِلياسين. جنھن ماني، چانھه، ٿڌي جي صلاح ڪئي، پر هِن کي مھرباني چئي موڪلايوسين. آياسين گِرهوڙي جي مزار اندر، مزار جي مکيه دروازي تي هي شعر لکيل آهي:
تِتَر کَرڙِي اُڀ ۾، مُند مَ پاڻِيَ وَڃَ،
ڀولَ مِڙيئي ڀَڃَ، آيو گُر گِرهوڙ ۾.
مکيه دروازي کان اندر آياسين، اندر به ڪُجهه مايون، ٻار، جوڙا ڏِٺاسين، مين گيٽ کان مزار تائين ويندي رستي ۾ ديوارُن تي گِرهوڙي صاحب جا ڪُجهه شعر لکيل آهن:
ڦُوڙائي فِراقَ جو، قَدُر ڪُونجَڙِينَ،
ٻِئو پُڻ مايَـڙين، پُٽَ جنين پرڏيھه ويا.
*
اُتران ٿي عيد، ڏَکڻا ڏِٺو چنڊ،
جُڙيو پُڙيو جنڊ، گجي ٿو گِرهوڙ ۾.
*
لاڳاپا هِن لوڪَ جا، جڏهن ڇڏيا جِنَ،
تڏهن ڏِٺو تِن، ڏونگر وارو سُپرين.
آياسين مزار ڏانھن، مزار جي گيٽ تي لکيل آهي: حضرت مخدوم شھيد عبدالرحيم گِرهوڙي، شھادت: 17 ربيع الاول 1192هه، اُن جي هيٺان هي شعر لکيل آهي:
الله وڏو وير، ڀورو لوڪ نه ٻُجهڻو،
کَرين پياري کير، سڄڻ چاڙهي سوري.
سلام وارئي مزار اندر چار قُل پڙهي دُعا گُهري، فوٽوگرافي ڪئي، مزار ٻاهر آياسين، ٻاهر چؤديواري اندر کوڙ ساريون قبرون آهن، ديوار جي ٻاهران وڏيون وڏيون ڄاريون نظر آيون، ديوار تي هِڪڙو مور ڏِٺوسين، جيڪو پنھنجي سموري سونھن سان سامھون هو، اُن جي ڀر ۾ بيھي فوٽوگرافي ڪئيسين، گِرهوڙيءَ رح بابت وڌيڪ ڄاڻڻ لاءِ انٽرنيٽ سرچ انجڻ جو سھارو ورتو.

مخدوم الملڪ الشيخ عبدالرحيم گرهوڙي عليه الرحمة
بزرگ گرهوڙي صاحب پاڻ ذات جو مڱريو هو، جنھن متعلق ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب هڪ اڻپورو احوال ”مڱريا نسل“ بابت هن ريت ڏئي ٿو.
سنگھار فقير کان روايت آهي ته: گرهوڙي صاحب ڪل پنج شاديون ڪيون (1) مڱرياڻي (2)هڱورجي (3) ٿيٻي (4) اوٺي ۽ (5) کٽياڻي. پوئين گهر مان ٻه پُٽ ڄاوَس. پر اُهي پنجن سالن جي عمر ۾ گذاري ويا. باقي ٻين گهرن مان چار نياڻيون ٿين. هڪ مڱرياڻي سندس ڏاڏي پوٽي گهر واري مان. مگر پوري تصديق نه آهي. اها پنھنجي ڀائٽي “عبدالله” نالي کي ڏنائون. جڏهن ته سندن پوري سوانح ۾ اهو ڪِٿي به نه ڏسيو ويو آهي ته سندن ڪو ٻيو ڀاءُ به هو. پيءُ ماءُ جي نالي جي ئي پوري تصديق نٿي ٿئي، ته ڀاءُ وري ڪٿان آيو. ٿي سگهي ٿو ته جِن کين پاليو. اهي اڳتي هلي مڱريا ٿي ويا هجن. ۽ سندن ڪو ٿڃ شريڪ ڀاءُ هُجي. اُن جو پُٽ عبدالله نالي هُجي. اُن کي پنھنجي نياڻي ڏِني هُئائون ۽ کيس پنھنجي روحاني ورهاست حوالي ڪئي هئائون. جو کين امر ڪيو هئائون ته پنھنجي خاوند جو حُڪم هميشه اکين تي رکيو اچجان. ۽ عبدالله کي هدايت ڪندي چيائون ته جيڪي به موليٰ سائين توکي موڪلي ڏئي. تنھن تي راضي رهجان. تنھنجو ٻيو ڪو ثاني نه آهي. تنھن ڪري ڀاءُ ڀنڊ کي لوڙهي اندر قطعي نه ڇڏجان. پوءِ چيائونس ته مون کان گهر جُدا اڏي وڃي ويھه. وٽِن غربت ۽ مسڪِيني ايتري قدر هئي جو سندن نياڻيءَ ۽ ناٺيءَ جو نڪاح روزمره وارن ڪپڙن ۾ پڙهيو هئائون. چون ٿا ته هڪ از غيبي شخص سندن نياڻيءَ لاءِ نوان وڳا ڏئي ويو. شاديءَ جي موقعي تي ابڙيون ذات جون عورتون سڏيون هئائون. جن شاديءَ جو سرجام نباهيو هو. اُنھن مايَن جا نالا عزت، ڪرامت ۽ رحمت هئا. باقي ٽي نياڻيون سيدن جي نِڪاح ۾ ڏِنائون. جِن جا نالا سيد حاجي قطب شاهه، سيد پير شاهه ۽ سيد ڪرم علي شاهه هو. اُنھن ٽنھيءَ نياڻين جي شادي سندن شھادت بعد ٿي. مگر پاڻ فيصلو اڳ ڪري ويا هئا. جڏهن ته روايتن ۾ اچي ٿو ته اهي شاديون به پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي ڪري ويا هئا. جيئن ته سندن ڪوبه نرينو اولاد نه آهي. تنھنڪري سندن مجاوريءَ جو سنڀالو سيد ڪندا پيا اچن. موجوده سندن مزار جو سنڀالو ڪندڙ سيد احمد شاهه نالي آهي. جيڪو هڪ خدا ترس نيڪ انسان آهي.

گرهوڙي صاحب جو تصنيفون
بزرگ عبدالرحيمرحه اصول ۽ فروغ جو عالم هو. چيو وڃي ٿو ته سندس تصنيفون فقه ۽ سلوڪ ۾ گهڻي انداز ۾ هيون. مگر سندن ڪيترائي ڪتاب مدد خان افغان واري تفرقي ۾ گم ٿي ويا. مدد خان پٺاڻ 1195هه ۾ ميان عبدالنبي ڪلھوڙي حڪمران جي چرچ تي سندس مدد ۾ سنڌ تي ڪاهي آيو هو. ۽ ساري سنڌ ۾ ڦُرلُٽ ڪئي هئائين. جنھن سبب ماڻھن ۾ سخت لڏپلاڻ ٿي. سندس وڃڻ بعد مُلڪ ۾ ايترو ته ڏُڪار پيو جو ڪيترو ئي ذخيرو انھيءَ ڦُرلُٽ، ڏُڪار ۽ لڏپلاڻ جي نذر ٿي ويو. باقي ڪي ٻه ٽي ڪتاب وڃي بچيا. جيڪي هِن طرح ٻُڌايا وڃن ٿا. 1.فتح الفصل (عربي)، هي ذخيرو دراصل حضرت خواجه سلطان اولياء محمد زمانرحه جي 446 چيل چونڊ مقولن جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيل شرح آهي. هي مقولا اصل سنڌي ۾ هئا. ليڪن گرهوڙي صاحب اُنھن کي عربي زبان جو ويس پارايو. هِن بابت سندن استدلال هي هو ته: ”والاباس بااختلاف اللسان في اتحاد البيان“ زبان جي اختلاف ۾ ڪابه حرڪت يعني اوڻائي نه آهي. جيڪڏهن بيان هڪ آهي ڪاش جيڪڏهن هي نِڪتا سنڌي ۾ قائم رهن ها ته خبر پوي ها ته 200 ورهه اڳ سنڌي نثر جي ڪھڙي صورت هئي.* فتح الفصل ويجهڙائي ۾ 2006ع لنواري شريف ادبي ڪميٽي بدين ناليج اداره حيدرآباد مان ٻيھر ڇپرايو آهي. هي ڪتاب 1988ع ۾ ڇپيو هو، هي ڪتاب منھنجي مطالعي هيٺ آيو. مگر بقول دائودپوٽي صاحب جي ڏاڍو افسوس ٿيو، زبان جي تبديليءَ بيشڪ وڏو هاڃو رسايو. جيڪڏهن عبدالرحيمرحه مقولو سنڌيءَ ۾ رکي اُن جو مفھوم ۾ لکي ها ۽ بعد ۾ اهو مقولو سنڌي مفھوم ۾ آندو وڃي ها ته ڪيڏو نه بھتر ٿئي ها. ٻِن يا ٽِن سِٽن جو مقولو هزارن لفظن جو مجموعو هوندو. معلوم ٿئي ٿو ته عبدالرحيمرح هي مقولا شروعاتي دؤر ۾ عربي زبان ۾ آندا هوندا. سائين قاسمي صاحب جن به ان جو پورو مفھوم ادا نه ڪري سگهيا آهن. بس فقط ايترو چئي سگهجي ٿو ته اسان جي لاءِ هي خزانو جھڙو آهي تھڙو نه آهي. (راقم) 2. شرح ابيات سنڌي (عربي) جنھن جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب ڪري ”ابيات سنڌي“ جي نالي سان سنڌي ادبي سوسائٽي حيدرآباد جي سھڪار سان ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنھن جا ٻيا به ڪيترا ڇاپا نِڪري چُڪا آهن. خواجه سلطان الاولياء محمد زمان جو هي تصوف تي جوڙيل بياض تصوف جي عجيب ۽ باريڪ نڪتن جو عجب اسرار آهي. گرهوڙي صاحب به هِن بياض جي شرح ۾ تصوف جي بي پايان بحر جو ٽوٻو ٿي اُڀريو آهي. ۽ پنھنجي علمي خزاني مان ڪئين اسرار ويھي بيان ڪيا اٿس. 3. رسالو گل نما (فارسي): هيءُ رسالو مثنويءَ جي طرز تي لکيل آهي. هن رسالي جو اصل نسخو خواجه گل حسن وٽ موجود هو. هن رسالي ۾ خواجه گل محمدرحه جي شان ۾ مدح سرائي ڪئي اٿس. هيٺيان ڪجهه بيت فردوس العارفين واري پنھنجي تصنيف جي آخر ۾ ڏِنا آهن. جن ۾ فارسي زبان جون غلطيون پُڻ آهن. اُهي چند بيت هِت ڏِجن ٿا:

گل محمد درمناز لها تمام- غير بلبل اين چه داند خاص و عام
دست مشرڪ گي رسد گل پاڪ را- خاڪ را اين نور ايمان خاڪ را
خاڪ مسجود ست بهر بوئي گل- جز خراباتي نه باش جائي مل
عارف آن باشدگه باشد گل شناس- گل ببيند جمله بيند بيقياس
جان مرجان ولي را دست نيست- رابطه مثان آنچه آندا پوست نيست
خلق پندارد ولي را شهوئي- روي خود بنيد اورا رحمتي
تا قيامت آزمايش دائم است- پس بهر دوريولي قائم است

4.مڪتوبات (فارسي): هي مڪتوبات حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته امام رباني مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهنديرح جي مڪتوبات جو اختصار آهن. ٻي ڪا خاص خوبي خير ڪا آهي.
5. مجموعه سنديات (عرف ڪلام گرهوڙي): هن نسخي جو اصل درگاهه لنواري شريف جي موجوده سجاده نشين خواجه گل حسن وٽ موجود هو (موجوده سجاده نشين هن وقت موجود نه آهن، دائودپوٽي صاحب جي وقت ۾ زنده هئا. جتان کين ڪلام گرهوڙي جو نسخو مليو هو) جيڪو ماستر شير محمد جو لکيل هو.

گرهوڙي صاحب جون پيشنگويون
توڻي جو گرهوڙ شريف جي موجوده درگاهه سنڀاليندڙ سيد احمد شاهه گرهوڙ واري هڪ اعلان ڇپرائي پڌرو ڪيو هو ته گرهوڙي صاحب طرف ڪيل پيشنگوين جي گرهوڙي صاحب سان ڪابه نسبت نه آهي. مگر ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب هن اعتراف ڪرڻ کان رهي نه سگهيو آهي ته گرهوڙي صاحب جون ڪيل ڪيتريون پيشنگويون حرف بحرف صحيح نڪتيون آهن. پاڻ خود پنھنجن وڏن کان ڪيتريون پيشنگويون ٻڌيون اٿن. ۽ انھن تي ويساهه ڪيو اٿن. توڻي جو پاڻ انهيءَ عبارت کي ڪچو چيو اٿن. ٿي سگهي ٿو ته سندن وڏن يا عوام اندر گردش ڪندڙ پيشنگوين طرف عام طرح ڌيان گهٽ ڏنو ويو آهي. بلڪ انجي مفھوم کي وڌيڪ ڏٺو ويو آهي. پوءِ انھيءَ جي ادائگي ۾ ٿي سگهي ٿو ته پنھنجا لفظ استعمال ڪيا ويا هجن. اهڙيءَ طرح ڪيتريون پيشنگويون عوامي ڪچھرين ۾ گردش ڪندڙ آهن. ڪجهه پيشنگويون هِتَ پيش ڪريون ٿا.
1. ڇھين پيڙهي ڇيھه ٿيندو ويندس امانتا
ڪاهي پوندو ڪفر ۾ توڙي منھنجو مرشدا
2: اولاد احمد ڄام جو، ٿيندو ملحد بيدينا
3: لڳندي لاڙان، سونچو ٿيندو سري ۾،
جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، توکي جوکو قنڌاران
4. لنڊن ۾ لنگور کي، گولا گهاوَ ڪندا
لڳندس ڪان ڪراچيءَ ۾، ويندس دهلي هٿا
5. ڪنگريءَ ۾، ڪوس ٿيندو
6: سنڌ ڦريي ڦڪي ٿيندي ٿيندي ڀت و ڀت
ايندي انھن جي هٿ، جن کي ترس نه پوندو تر جو
7: اتر کان مٿي اگهاڙا ايندا، هتي اچي ديولين وانگر مسجديون جوڙيندا. ڪثرت سان روزو نماز ڪندا،مگر اُنھن جي ڪابه نماز قبول نه ٿيندي جو هنن جون دليون، حسد ۽ بغض سان ڀريل هونديون.
اِهي پيشنگويون ڪيتري قدر سچ آهن، هيون يا ٿيون آهن، خبر ناهي، اسين گُهمي ڦِري، دُعا گُهري، فوٽوگرافي ڪري واپس، هاڻي اسانجو سفر هو تاريخي قبرستان چِٽوڙي شريف ڏانھن، گاڏي ۾ ويٺاسين روانا ٿياسين.

چِٽوڙي قبرستان جي چِٽسالي
تعلقو سنڌڙي ۾ پُھتا آهيون، ۽ پھريون ڏِسون ٿا تاريخي قبرستان ’چِٽوڙي‘، منجھند جي ماني وقت تي نه کائڻ ڪري ارباب نيڪ محمد جي شُگر لو ٿيڻ لڳي، تنھن ڪري اسان کي جلد ئي قبرستان جو جائزو وٺي ٻاهر نِڪرڻو هو، پر پوءِ به هيڏو پنڌ ڪري آيا آهيون، سو سُٺي نموني سان پُراڻين مزارن ۽ اُنھن تي اڏيل مقبرن ۽ مقبرن تي ٿيل چٽسالي ڏِٺيسين اندر هِڪ وڏي هال نما ٺھيل قبرستان اندر وياسين، جِتي سڀ ميرن جون قبرون آهن، جنھن ۾ سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ مير، ۽ شيرِ سنڌ جو لقب رکندڙ مير شير محمد خان ٽالپر جي پُڻ قبر ڏِٺي، جنھن جي ڀر ۾ بيھي فوٽوگرافي پُڻ ڪئي. وڌيڪ چِٽوڙي قبرستان جو پُڇون ٿا انٽرنيٽ کان:
ميرپورخاص کپرو روڊ کان 2 ڪلوميٽر مفاصلي تي آهي. چٽوڙي قبرستان ۾ ميرن جون اهم شخصيتون دفن ٿيل آهن، جن پنھنجي دؤر ۾ سنڌ جي بقا جي جنگ انگريزن سان وڙهي. هِن قبرستان ۾ مير خاندان جي اهم حڪمرانن جا مقبرا ۽ سندن حڪمراني دوران وزير رهندڙن اهم ماڻھن جا پُڻ مقبرا آهن.
چٽوڙي قبرستان ڪيئن آباد ٿيو، روايتن آڌار مختلف ڄاڻو ماڻھو ٻُڌائين ٿا ۽ ڪتابن ۾ پڻ گھڻو مواد روايتن تي بيان ڪيو ويو. ڏيئو فقير لنجواڻي، پير نور شاهه قريشي، مير مسو خان ٽئي ڄڻا هڪ دفعي شڪار تي نِڪتا ۽ چٽوڙي واري ميدان تي اچي ڊاٻو ڪيائون ۽ ڏٺائون ته هي ميدان ڇٽل آهي. ٽنھي ڄڻن پاڻ ۾ عھد ڪيائون ته پاڻ پنھنجو هن ميدان تي قبرستان قائم ڪنداسين. آخرڪار ٽنھي ڄڻن کي هِتي دفن ڪيو ويو. چٽوڙي قبرستان ۾ سڀ کان پھرين ميرالھيار خان جي پُٽ مير مسو خان کي دفن ڪيو ويو. پير نور شاهه قريشي، ڏيئو فقير لنجوڻي، ميرالھيار خان، مير علي مراد خان، مير شير محمد خان ”شيرِ سنڌ“ مير خان محمد خان، مير فتح خان، مير شاهه محمد خان، مير ٺارو خان، مير غلام علي خان، مير آچر خان، مير مرزو خان، مير ڪرم علي خان، مير احمد خان ۽ ميرن جي اهم ماڻھن جوڳي ۽ ڀوڳي خان ڀرڳڙي، شادمان خان ڪپري، ٻيڙو خان کوکر جا مقبرا پڻ چٽوڙي قبرستان ۾ آهن. اُن کان سواءِ اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جو والد خان صاحب دين محمد خان جوڻيجو هِن قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي.
ٻي روايت: هِن قبرستان جي ڀر سان هڪ ڍنڍ هوندي هئي جنھن ۾ چٽي جا مريض اچي وهنجندا هئا ۽ چڱا ڀلا ٿي ويندا هئا. ڊنڍ جيڪا چٽي جي حوالي سان شفا جو ڪارڻ بني ته اها ڍنڍ چِٽي جي حوالي سان مشھور ٿي وئي. ماڻڪاڻي ميرن جو آبائي قبرستان اُن چِٽي واري ڍنڍ جي ڀر وارو قبرستان ۽ پو اڳتي هلي چِٽوڙي وارو قبرستان مشھور ٿي ويو. هِن وقت به قبرستان جي ڀرسان 2 ڪلوميٽر مفاصلي تي ڍنڍ ته ناهي پر پاڻي جي ترائي موجود آهي، جنھن مان چٽي خارش جا ستايل ماڻھو وهنجڻ لاءِ پري پري کان ايندا آهن. ان کان سواءِ اها به معلومات مِلي آهي ته چِٽوڙي قبرستان جي مقبرن ۽ قبرن لاءِ پٿر انڊيا مان آندا ويا. جنھن تي اُن وقت جي ڪاريگرن خوبصورت چٽ سالي ڪئي اُن چِٽي چٽسالي جي ڪري قبرستان جو نالو پيو ڪتابن ۽ روايتن ۾ اهو بيان ٿيل آهي وڌيڪ تحقيق جي گنجائش آهي.
اسان هِتي مير منور ۽ فريال ٽالپر جي پُٽ جي پُڻ قبر ڏِٺي، جيڪو هنن جو اڪيلو پُٽ هو، جنھن جو حادثاتي موت والدين کي سڄي عمر جو سور ڏئي ويو.
هِن وقت چِٽوڙي جي قبرستان کي اصل حالت ۾ برقرار رکڻ لاءِ ڪم هلي رهيو آهي، اسين قبرستان کي مڪمل طرح سان ڏِسي جائزو وٺي واپس ٻاهر نِڪتاسين، هاڻي سِڌو ڪئيسين تلاش ڪنھن ويجهي هوٽل جي جِتي منجھند جي ماني کائڻي آهي.

ٻارھون واٽر تي منجهند جي ماني
رستي ۾ پھريون اسٽاپ اِهو ئي آيو، توڻي جو ٻھراڙي جو اسٽاپ ننڍڙو شھر آهي، هِڪ ٻِن هوٽلن تي بريڪ به ڪيوسين پر عجيب جهوپڙا هوٽلون هُيون، ماني به کائـڻي هُئي، وقت به گهڻو ٿي ويو هو. پوءِ هِڪ هوٽل تي ويٺاسين ٻِن ٽولن ۾، هوٽل تي جيڪي ڀاڄيون هيون اُنھن مان آرڊر ڪيوسين، ماني کانئڻ کانپوءِ اُتي ويجهو ئي مسجد هُئي جنھن ۾ عصر نماز پڙهيسين. هاڻي اسان کي منھنجي نالي ڀائي ۽ ذات ڀائي محمد خان جوڻيجو سان مُلاقات ڪرڻي آهي تنھن ڪري هلون ٿا اوڏانھن.

سنڌڙي جي سُڃاڻپ محمد خان جوڻيجو آهي
ميرپورخاص ضلعي جو هي تعلقو آهي، 6 ڇھه يونين ڪائونسل کيرائو، اسماعيل جو ڳوٺ، بلوچ آباد، گِرهوڙ شريف، ڦُلھڏيون، هنڱورنو تي مشتمل آهي جنھن جي آبادي 2015ع ۾ 2 لک 27 هزار ٻُڌائي ٿي وڃي، جيڪا هِن وقت تائين يقينن ڪافي وڌي هوندي، تعلقي سنڌڙي جي هڪ ٻي سُڃاڻپ محمد خان جوڻيجو آهي.
محمد خان جوڻيجو (سابق وزيراعظم پاڪستان)
اسين به اُن مردِ مجاهد محمد خان جوڻيجو جي ڳوٺ (جنھن جو وزيراعظم وارو دؤر پھريون ۽ آخري چيو وڃي ٿو، ڪم ۽ ايمانداري جي حوالي سان، اُن کان پوءِ ته جيڪي به آيا سي پنھنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ ئي آيا).
سڀ کان پھرين آياسين سندس بنگلي جي سامھون گاڏيون پارڪ ڪيوسين، سندس بنگلي جي اندر جڏهن آياسين ته ڄڻ اعتبار ئي نه پيو اچي ته ڪو هي مُلڪ جي رهندڙ اڳوڻي وزيراعظم جو بنگلو آهي. صفا سادو. بنگلي جي ملازم اسان کي ڪُرسين طرف اِشارو ڪري ويھڻ لاءِ چيو ته: ويھو اوهان لاءِ چانھه پاڻي جو بندو بست ڪريان، کيس منع ڪئيسين، باقي پاڻي ضرور پيئنداسين، پاڻي جون بوتلون کڻي آيو، جيڪي پيتيوسين بنگلي جي پارڪ ۾. فوٽوگرافي پُڻ ڪئيسين، پوءِ ارباب نيڪڻ چيو ته: اچو مزار تي قُل پڙهي حاضري ڀري اچون، آياسين مزار تي مزار به سادي فرش تي ٽائل لڳل ضرور هئا، پر جيئن مزارون هونديون آهن ايئن بلڪل نه هئي، اسان مزار تي چار قُل پڙهيا سڀني سندس روح کي ثواب خاطر بخشي دُعا گهُري. ٻاهر نِڪتاسين.
18 آگسٽ 1932ع تي ضلعي ميرپورخاص جي تعلقي سنڌڙي ۾ جنم وٺندڙ، هي مُلڪ پاڪستان جو ڏهون وزيراعظم بڻيو، جنھن 24 مارچ 1985ع تي پنھنجو عھدو سنڀاليو، جيڪو 29 مئي 1988ع تائين هلي سگهيو، (اڄ ڏينھن تائين پياري پاڪستان تي ڪو به اهڙو وزيراعظم نه آيو آهي جنھن 5 سال پنھنجا پورا ڪيا هُجن). سندس وابستگي پاڪستان مسلم ليگ سان رهي. پاڻ 16 مارچ 1993ع ۾ وفات ڪيائين.
سڀني ساٿين کي هاڻي سُٺي چانھه جي تلاش هُئي، ارباب نيڪ محمد ٻُڌايو ته ٻاهر روڊ تي هلي ٿا ڪِنھن کُليل هوٽل تي ويھون. سنڌڙي موڙ کان ٻاهر ميرپورخاص روڊ تي نئين اڏيل هوٽل تي ويٺاسين.
ارباب نيڪ محمد بئري کان پُڇيو ابا ڪيرآهين؟
چيائين شر: ’شرررررررررر‘ ارباب کِل ۾ پئجي ويو، سڀ کِليا، اُٿڻ وقت ڪوپ کڻڻ ٻيو ڇوڪرو آيو اُن کان پڇئين ابا تون ڪير؟
چيائين ’شر‘ وري به کِل ۾ ’ابا ڪو ماڻھو به رکو‘... سڀئي گڏجي کِلن ٿا.
واپسي ايندي رستي تي لڳل بورڊ پڙهيوسين ٽنڊو گوندل، سڀني حيران ٿي چيو اِهو نالو اسان اڄ پھريون ڀيرو پيا ٻُڌون، نه اخبارن ۾ نه خبرن ۾.
ارباب نيڪ محمد کي جهڙٻي موڙ وٽ مدرسي ابو هريره ۾ ڇڏيوسين مغرب نماز اُتي پڙهيسين کانئس موڪلايوسين.

واپسي
طرف ڪوهياري قُريشِي، ڪانوَ قاصِد ٿو ڪَريان،
وڃ وٺيو واٽون عرب جون، ڪِج نه وِچ مان واپسِي.
واپسي ۾ ميرپورخاص مان سي اين جي ڀرائي، شھر ۾ آئيس ڪريم کاڌي، رات جي وقت ميرپورخاص شھر به ڪجهه خاص نظر اچي رهيو آهي، ماروي سوئٽ تان مائو ۽ مِٺائي ورتي، هاڻي ساڳيون روڊ حيدرآباد ميرپورخاص، ساڳيان مُسافر، سفر جي باري ۾ ڪچھري شروع ٿي وئي.
’سائين عبدالجبار اڇڙي ٿر جو سفر ڪيئن لڳو اوهان کي‘ مون پُڇيو. ’سڀني سفرن جيئان هي به بھترين سفر رهيو،‘ ’هر نئين ماڳ ڏانھن پھريون ڪيل سفر سھڻو به ۽ سڻائو به لڳندو آهي، پر ساڳي پنڌن تان ٻيھر پير پائڻ سان اُها محسوسات مَنَ کي محسوس ناهي ٿيندي، صحي ٿو چوان‘ مون چيو. سجاد چيو: ’ايئن ته آهي، ماڻھو جو جيڪو هنڌ اڳ ڏِٺل ناهي هوندو، اوڏانھن ويندي مھل ڪا به تڪليف يا ٿڪاوَٽ نه ٿيندي آهي، باقي اُتان واپسي مھل، سڀني جا منھن سُڄيو وڃن، سڀئي پنھنجي بُت مان بيزار.‘ چيم: ’اِها ڳالھه بِلڪل صحي آهي، تڏهن ته لطيف سرڪار چئي ويو آهي ته:
ڳولھيان ڳولھيان مَ لھان، شال مَ مِلان هوتَ،
مَن اندر جا لوچ متان مِلڻ سان ماٺي ٿيئي.
ايئن ڪچھري ڪندي ڪندي اچي پنھنجي ماڳ ماتلي پھتاسين، سائين عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي کي پنھنجي گهر ڇڏي آياسين، ۽ اسين پنھنجي پنھنجي گهر.
0

جيڪي سفر ۾ همسفر هئا

پروفيسر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لکندڙ، ماتلي جي تاريخ لکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لکيو اٿس، جنھن ۾ پوري قوم جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا به ڪتاب لکيل، سھيڙيل، مُرتب ڪيا اٿس.

ارباب نيڪ محمد: ناميارو ليکڪ ۽ ڪالم نگار. سندس اصل نالو نيڪ محمد نھڙي آهي، ادبي دنيا ۾ ارباب نيڪ محمد ۽ عوامي حلقن ۾ نيڪڻ فقير طور پڻ مشھور آهي. هو 1960ع ڌاري هندوستان جي علائقي ”سڄڻ پار“ ۾ ڄائو. سندن وڏا 1960ع کان پوءِ ٿرپارڪر سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا آهن. ميٽرڪ جو امتحان عمرڪوٽ جي هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) ڪئي. مختلف ديني توڙي ادبي عالمن ۽ اڪابرن جي صحبت ۾ رهيو. سادو لباس پھريندو آهي ۽ خوش مزاج شخصيت جو مالڪ آهي، علمي، ادبي مطالعي سان گڏ حالات حاضره کان به باخبر رهي ٿو. سندس ڪالمن ۾ علمي ادبي ۽ سياسي بصيرت نمايان هوندي آهي. هن وقت عمرڪوٽ ۾ رهائش پذير آهي.

شيخ عبدالله ’ڪوهستاني‘: ٿاڻو بولا خان سان تعلق رکندڙ، انتهائي سُٺو سماج سُڌارڪ، پاڻ پيشي جي لحاظ کان عربي ٽيچر آهي، سدائين سفر ۾ ننڊ ڪندو آهي، نه ته بس زندگي جي سفر ۾ هل هلان اٿس، ڪنهن وقت ڪِٿي ته ڪنهن وقت ڪِٿي، سدائين سماجي ڪمن جي پويان، سندس مختلف ڪمن، فري ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ، غريبن جي سهائتا ڪرڻ کان علاوه جيڪو ڪم هن جي سُڃاڻپ بڻيو آهي سو آهي، اجتماعي شاديون ڪرائڻ، هي تقريبن کوڙ سارن غريب بي سهارا خاندانن جي غريب نياڻين جون شاديون ڪرائيندو آهي، ۽ کين پورو پورو ڏاج به ڏِنو ويندو آهي، هن سال ته 100 جوڙن جون شاديون ڪرايون اٿس، ايئن سدائين سفر ۾ رهي ٿو.

غلام مصطفيٰ ميمڻ: ٿاڻو بولا خان سان تعلق رکندڙ، هي صاحب سُٺو دوست سُٺي سوچ رکندڙ آهي، پاڻ صحافت ڪندو آهي، صاف سُٿري صحافت، ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جو رپورٽر آهي ٿاڻو بولاخان اسٽيشن کان، سندس ٿاڻو بولا خان ۾ سُٺو جنرل اسٽور پڻ آهي.
منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شهر سان تعلق رکندڙ: منهنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آهي، پنهنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ هميشه چوندو آهي، گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منهنجي حاضر آهي.
سرور خاصخيلي: سندس تعلق ٿاڻو بولا خان سان آهي، سُٺو ماڻهو آهي، پيشي جي لحاظ کان پرائمري ماستر آهي، صحافت به ڪندو آهي، ۽ شاعر پڻ آهي.

محمد سومار (سجاد حسن) جوڻيجو: سجاد پرنٽگ پريس ماتلي جو مالڪ آهي، گهمڻ ڦرڻ جو ذوق رکي ٿو.

منٺار خاصخيلي: ٿاڻو بولا خان جو رهندڙ آهي، پيشي جي لحاظ کان ڊرائيور آهي، سندس گاڏي به هن سفر ۾ شامل هئي.

نعمان: منھنجو موڀي پُٽ، شعيب: ادا منظور جو پُٽ، عباس ۽ عادل: شيخ عبدالله جا پُٽ

مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪوڻ بُـليا‘

( 7_8 آگسٽ 2015ع)