سفرناما

سھڻي منھنجي سنڌ

سُھڻي منھنجي سنڌ، مور ساگر جي مطالعاتي ۽ مشاهداتي سفر جو ٻيو ڀاڱو آهي. موجوده سنڌ جي سفر کي مور ساگر، تاريخ، آثار قديمه ۽ جاگرافي جي موضوعن جا رنگ پڻ ڏِنا آهن. ڪِتاب ۾ بيان لھجو ايڏو اُتساهه ڏيندڙ آهي جو جيڪو پڙهندو اُن کي اُتساهه ۽ شوق ٿيندو ته آئون به ايئن ڪريان، پر ايئن ڪرڻ ڏُکيو آهي. جيڪو ڪندو اُن کي پتو پوندو. ان جي باوجود اسان جي ليکڪن کي ايئن ننڍا سير ۽ تفريح جا ڪِتاب لکڻ گهرجن.

  • 4.5/5.0
  • 27
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور ساگر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سھڻي منھنجي سنڌ

لاٿوسين سِج سمنڊ تي

روانگي
لڳي آ لاڙ سان جا لنئون، اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون،
اسان کي عشق سارين جان، ڇنڊي، ڦوڪي، ڇَڙهي ٿو پيو. (ح، د)
اڄ حيدرآباد کان دوست واحد پارس هيسباڻي اچڻو آهي، جنھن کي بدين گهمائڻو، ۽ دوستن سان ملائـڻو آهي، تنھن ڪري آئون اڄ سويري اُٿي تيار ٿيس، پيروءَ تان ٻوڙ ٻاڙي ورتو، ناشتو تيار ڪرايم ۽ واحد سان رابطي ۾ هُئس جيئن ئي حيدرآباد کان روانو ٿيو.
جڏهن واحد ماتلي کي ڪِراس ڪيو، تڏهن آئون به آيس پيروءَ تي، دوست ذوالفقار خاصخيلي سان رابطو ڪيم، چيائين ’گهر آهيان‘، چيم ’واحد پارس هيسباڻي (عبرت مئگزين جو ايڊيٽر) اچي پيو، جي اچي سگهين ته اچ مِلي ڪچھري ڪري وڃنيس‘، چيائين ’اچان ٿو‘، ڪجهه دير گُذري ته ذوالفقار به اچي ويو ۽ واحد پارس به تلھار کي ڪِراس ڪري رهيو هو. اسان ٻنھي انتظار ڪيو ڏهن ٻارھن منٽن کان پوءِ وين اچي اسان جي اڳيان بريڪ ڪيو. واحد پارس لٿو، مِلياسين، ٽيئي ڪار ۾ ويٺاسين، آياسين اوطاق تي.

ناشتو، ڪچھري ۽ شاعري
آئون گهر آيس ناشتو تيار هو، چانھه ڪاڙهڻ جو چيم ۽ ناشتو کنيم آيس اوطاق تي. واحد پارس ۽ مون اسان ٻنھي ناشتو ڪيو، ذوالفقار منع ڪئي چيائين گهران ناشتو ڪريو پيو اچان. ناشتي دوران هِڪٻئي سان حال احوال اوريندا رهياسين. واحد کان پُڇيم: ’رستي ۾ ڪائي ڏُکيائي ته نه ٿي؟‘ ’نه نه ڪا به نه گهران نِڪري رڪشا ڪئي، آيس بدين اسٽاپ تي وين جي پُڇا ڪيم ٻُڌايائون ته هيءَ وين بدين جي آهي، اُن ۾ ويٺس ۽ پوڻن ٻن ڪلاڪن اندر اچي اوهان وٽ لٿس.‘
عبرت مئگزين جي حوالي سان به ڪچھري ٿي، آئون ۽ پوءِ ذوالفقار پُڻ عبرت مئگزين جا لِکندڙ رهيا آهيون، ۽ شاعري بابت به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ٽيئي شاعر جو هئاسين، ۽ شاعري کان پاسيرا ٿيون اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. ٽيئي آياسين پيرو تي، ذوالفقار کي لاٿم پيرو تي، اڳيان بدين ۾ واحد پارس جي ٻي سنگت سان ملاقات ۽ پروگرام رکيل هو.
واحد پارس کي رستي هلندي ٻُڌايم ته: ’ذوالفقار خاصخيلي گهٽ ڳالھائيندڙ، پر سُٺي سوچ رکندڙ سُٺو دوست آهي، پاڻ ڪڏهن ڪڏهن مختلف اخبارن ۾ پُڻ ڪم ڪري ٿو، وري ڇڏي ڏي ٿو، مستقل مزاجي وارو ناهي. شاعري ڪڏهن ڪڏهن ڪري ٿو، هِن کي سنڌي ادبي سنگت ۾ آئون وٺي آيو هئس، سندس هي غزل مونکي سُٺو لڳندو آهي.‘
ڳِلن تي ڳوڙها رهيا ئي رهيا.
ايئن ئي وِڇوڙا رهيا ئي رهيا.
پرين جي اکين ۾ نه اڏيوسين گهر،
غمن جا وِلوڙا رهيا ئي رهيا.
غمِ روزگاري ۾ ڀٽڪي وياسين،
هَٿن ۾ هٿوڙا رهيا ئي رهيا.
مِلڻ جي پرين معاملي ۾ اوهانکي،
حِجابن جا گهوڙا رهيا ئي رهيا.
اسان جي اندر جي ڀڳل جهوپڙي ۾،
پرين درد پوڙها رهيا ئي رهيا.
بدين کي ويجهو ٿيندي رضا آڪاش خاناڻي سان رابطو ڪيوسين، چيائين ’اچو ايوانِ صحافت، سنگت سڄي اُتي آهي‘.
آئون ۽ واحد پارس پُھتاسين ايوانِ صحافت، ڪافي دوست ويٺا هئا، سامھون العباس شادي هال ۾ آصف ميمڻ جي ڀاءُ جي شادي هُئي تنھن ڪري سڄي سنگت کي دعوت هئي ۽ سڄي سنگت وري مصطفيٰ جمالي جي سنگت هُئي تنھن ڪري سڀئي ايوان صحافت تي گڏ هُئا.

ڪچھري ڪچھري ۾ مشاعرو
واحد پارس اڄ هِتي مھمان هو، جنھن کي عبرت مئگزين جي ايڊيٽر طور گهڻا دوست سُڃاڻن ۽ پوءِ واري واري سان سڀني پنھنجو پنھنجو تعارف ڪرايو. يونس بڪاري (صحافي ۽ ريڊيو ڪمپيئر)، هارون گوپانگ (نمائنده روزاني شام ۽ ڪي ٽي اين)، نور محمد نوتڪاڻي (نمائنده روزاني هلال پاڪستان)، مصطفيٰ جمالي (نمائنده روزاني ڪاوش)، نواز شاهه ڀاڏائي (قومپرست اڳواڻ)، اياز امر شيخ (شاعر)، امير حسن پنھور (قومپرست اڳواڻ ۽ شاعر)، رضا آڪاش خاناڻي (شاعر ۽ نمائنده روزاني ڪاوش گولاڙچي)، خادم ٽالپر (اديب، شاعر)، مير بُليدي (شاعر)، نقاش علواڻي (شاعر) مور ساگر (شاعر)، ابن ڪلھوڙو (شاعر)، شفيع محمد جوڻيجو (صحافي) ۽ ڪُجهه ٻيا دوست به موجود هئا، جيڪي ٿورو پرڀرو ويٺل هئا جن تعارف نه ڪرايو.
رضا آڪاش چيو: ’اياز امر کان ٿا شاعري جي شروعات ڪريون‘، سڀني واه واه ڪئي، رضا آڪاش انائونسمينٽ جي انداز ۾ چيو: ’هاڻي نوجوان شاعر اياز امر شيخ اوهان کي پنھنجي شاعري ٻُڌائيندو‘، تاڙين جي هلڪي آواز کان پوءِ اياز امر پنھنجو طويل نظم ٻُڌايو:
هزارين دؤر دودن کي
جيئڻ جي جاڳ سان آهن
چنيسر چُپ جي چادر
اڃان ويڙهيو سُتا پيا هِن
قُٻي تان ڪنڌ کڻي اڪثر
اڪيلو چنڊ چوڏهين جو
نِھاري ٿو نريڙيءَ ۾
مڇيرو رڇ پيو لاهي
گُهمي سڀ گس ٻيڙيءَ ۾
اُماهٽيل مَٽ جھڙي هوءَ
مُھاڻي ڄڻ ڪا موکي آ
اکيون اُڀ ڏي اُڀيون ڪريو
تڏيءَ تي جا سُتي پئي آ
محبت جي سڄي منڇر
ڏسڻ سان ئي ٻُڏي وئي آ
ڪئين خدشا خيالن ۾
اچانڪ اُڀريا آهن
ڪنڌيءَ تي ڪانھه وانگر سي
سڄا نِسري پيا آهن
ٺپي لوهار ڀي ويٺو
ها چاڙهي رُڪ جو پاڻي
اڃان ڪي گُرز ۽ ڀالا
ڌمڻ سان گڏ ڌڳي پيو ٿو
ڪنھن خوني د ؤر جو خنجر
رڙي اڄ رڻ اُٿيو آهي
دڳن تان ڌوڙ اُڏري آ
دراوڙ نسل ساري جون
نگاهون ڇرڪيون آهن
طبل آهن اُٿي ٻُريا
مٽيءَ جا ڪوٽ هِن ڪِريا
سموري رات روپا جي
ڪجل بڻجي ڪُٺي آهي
رُتن مان رَت ٽميو آهي
بُري بارش وٺي آهي
ٽُٽا هِن شور جا شيشا
ڌڙن تي ڌڙ ڪِريا آهن
ڇڏي ڪئين ڍال جا ڍڪڻا
ميدانن ڏي مُڙيا آهن
اُٿي لشڪر سان گڏ خلجي
جڏهن تلوار تاڻي آ
ته ٻاگهل جي به سندري مان
ڪا جاڳي پئي مياڻي آ
وڙهي پئي جا وِکون بڻجي
درياهه جون ڄڻ تِکون بڻجي
وطن جي وارثيءَ جي لئه
اڃان ويساهه جيئرو آ
سسيءَ ۾ ساهه جيئرو آ
جيسين ڀونگر ڀُريا ناهن
۽ ڌرتيءَ تي ڪِريا ناهن
تيسين ڪيئي چنيسر پيا
ڪفن ٿيندا دفن ٿيندا
ٻُڌي ڇڏ وقت جا واعظ
اهو وِڦلڻ اجايو آ
اسان هِن ديس جي ڌُن تي
رڳو هِڪ گيت ڳايو آ
غلاميءَ کي لڄايو آ
روئڻ جا رنگ ڇا ڏيندين
اسانجي تون رواجن کي
هزارين دؤر دودن کي
وڏي للڪار سان آهن
تکي تلوار سان آهن.
سڀني دوستن داد ڏيندي واهه واهه ڪئي، ڪجهه ڪچھري کانپوءِ پوءِ نقاش علواڻي پنھنجو غزل ٻُڌايو:
هٿ تنھنجا ڇُھن سونَ جا ٿي وڃون
واڪِ تون جي ڏئِين بي بَھا ٿي وڃون
توکي پُوڄڻَ جي منزلَ اڃان اورتي،
توکي ڏِسندي ئي تو ۾ فنا ٿي وڃون
ڪيتري آ ڏُکي عشقَ جي پُلصرات
ٿورڙو جي ٿڙون بي بقا ٿي وڃون
تُنھنجي نيڻن جي نيري نديءَ ۾ ٻُڏي
تنھنجي وارن جي ڪاري گهٽا ٿي وڃون
تنھنجي پيرن تي سجدا قضا جي ٿين
پاڻ لَئه پاڻ ڪافر وڏا ٿي وڃون
شھَر تُنھنجي جي آب و هوا ٿي وڻي
دونھن ٿي هن هَوا سان هوا ٿي وڃون
عشق! تنھنجو عطر ٿو هوا ۾ گُهلي
اچ ته اڄ ٻئي ڪپھه جا ٻُڙا ٿي وڃون
عشق جي انتھا آ اهائي ’نقاش‘
ٻُڪَ خالي هُجن خود دُعا ٿي وڃون
واهه واهه خوب داد ڏيئڻ کانپوءِ وري منھنجو وارو آيو: غزل عرض آهي.
دِل بَري ناهي اڃان هي غم کان.
کيس چئو پاسو ڪري سِتم کان.
هيل ڀي هي نيڻ ٻئي آلا رهيا،
هيل ڀي ناهن بچيا آگم کان.
ڪو ته تنھائي جو سبب آهي تڏهن،
هو هميشه دور رهيو رم جھم کان.
ڪير ڪنھن لئه آ هِتي آٿت بڻيو،
ڪير ڪنھن کي ٿو بچائي غم کان.
هو مسيحا ٿي موٽيو آهي تڏهن،
گهاوَ اڳ ڀريا جڏهن مرهم کان.
ڪجهه داد اسان کي به مِليو، ۽ پوءِ ڪجهه ڪچھري ٿي، رضا آڪاش ۽ نواز شاهه ڀاڏائي ۾ ڪجهه لطيفن جھڙن لفظن ۽ جُملن جي ڏي وَٺ ٿي ته سڀئي گڏجي کِلڻ لڳا. سنگت کي چيم آئون اچان ٿو.

ڊاڪٽرعلم الدين انصاري سان ملياسين؟
جمع نماز جو وقت ٿي ويو. آئون نِڪري آيس جمع نماز پڙهيم، فرض نماز کانپوءِ پيش امام اعلان ڪيو ته ’غازي ممتاز قادري کي ڦاسي جي خلاف ريلي آهي سڀني مسلمان ڀائرن کي شرڪت جي اپيل ڪجي ٿي، ڏاڍو عجب لڳو، جنھن شخص پنھنجي فرض، پنھنجي ڊيوٽي ۾ بي ايماني ڪئي اُهو غازي ڪيئن ٿيو؟ ممتاز قادري سلمان تاثير جو گارڊ هو، سلمان تاثير تي الزام هو توهين رسالت جو، ڪيتري قدر صحيح هو خبر ناهي، پر ممتاز قادري جڏهن ڊيوٽي سنڀالي هوندي، تڏهن يقينن اِهو قسم کڻي آيو هوندو، ته جنھن شخص جي گارڊ طور مونکي مقرر ڪيو پيو وڃي اُن جي حفاظت خاطر آئون پنھنجي جان به ڏئي ڇڏيندس. پر جڏهن هو ڪنھن جي چوڻ يا پنھنجي طرفان هن تي پاڻ ئي گوليون هلايون ته پوءِ هِن ته وڏو غلط ڪم ڪيو، جنھن جي حفاظت ڪرڻ جو قسم کڻي آيو هو، اُن کي هِن پاڻ ئي ماري ڇڏيو، ۽ هاڻي اُهو غازي به سڏجڻ لڳو آهي. !!!
نماز پڙهي آيس چند دوست باقي موجود هئا. نقاش علواڻي، مصطفيٰ جمالي ۽ ڊاڪٽر علم الدين انصاري جو ڪجهه ڏينھن پھرين مِٺي کان موٽندي ايڪسيڊنٽ ٿيو هو. نقاش علواڻي ۽ مصطفيٰ جمالي ته هِتي موجود هُئا اُنھن کان طبيعت پُڇي، باقي ڊاڪٽر علم الدين انصاري پنھنجي گهر هو، اُن جي ٻانھن ڀڄي پئي آهي، گاڏي مصطفيٰ جمالي پي ڊرائيو ڪئي. ايئن حال احوال ۽ ڪچھري ڪرڻ کانپوءِ دوستن کان موڪلايوسين.
نواز شاهه ڀاڏائي، رضا آڪاش خاناڻي، امير حسن پنھور، اياز امر شيخ، واحد پارس هيسباڻي ۽ آئون آياسين ڊاڪٽر علم الدين انصاري جي گهر، ڊاڪٽر علم الدين انصاري سان مِلياسين، خوب ڪچھري ڪئي، لطيفا کِل ڀوڳ. چانھه پيتي، پوءِ سڀني دوستن ڊاڪٽر علم الدين انصاري سان گڏ فوٽو ڪڍرايو ۽ موڪلايو.

شاهه قادري کي ڪِراس ڪري، زيرو پوائنٽ ڏانھن رُخ رکيوسين
نواز شاهه ڀاڏائي ۽ سندس سنگت موڪلايو. باقي واحد پارس، اياز امر شيخ، رضا آڪاش، امير حسن پنھور اسان پنج ئي ڄڻا منھنجي ڪوري ڪار ۾ روانا ٿياسين زيرو پوائنٽ تي، زيرو پوائنٽ مون به ٻُڌي آهي، ڏِٺي اڄ تائين ڪانھي، هاڻي اُن طرف وڃي رهيا آهيون.
بدين جو شھر ڇڏي سيراڻي روڊ تي جيئن ئي ٿورو اڳتي آياسين ته اولھندي هٿ تي ’شاهه قادري‘ جي نالي سان تمام وڏو قبرستان آهي، شاهه قادري جو مقبرو پُڻ ٺھيل آهي ۽ ٻارهين مھيني ميلو پُڻ لڳندو آهي. اسان وٽ وقت گهٽ هُئڻ ڪري انھي پوائنٽ کي ڪِراس ڪرڻو پيو. اسان جي منزل پَري هُئي ۽ اسان کي سج لھڻ کان ٿورو پھرين زيرو پوائنٽ تي پھچڻو هو، چوَن ٿا بس اِهو ئي مزو هوندو آهي سج کي سمنڊ مٿان لھندو ڏِسجي ٻيو ڪجهه خاص ناهي، تنھن ڪري اسان پنھنجي رفتار سان هَلي رهيا هُئاسين. آئون به اڄ پھريون ڀيرو ’زيرو پوائنٽ‘ وڃي رهيو آهيان، زيروپوائنٽ تي وڃڻ جي خواهش پُراڻي هئي، پر ڪو موقعو يا ڪي سفر جا ساٿي نه پي مِليا، اڄ منھنجي اِها پُراڻي خواهش به پوري پئي ٿيئي.

نريڙي ڍنـڍ جي ڀر مان لنگهاسين
سيراڻي شھر پھچڻ کان پھرين اولهه طرف لِنڪ روڊ وڃي ٿو، جيڪو روڊ احمد راڄو وڃي ٿو، اِهو روڊ وٺي روانا ٿياسين. احمد راڄو کان پھرين نريرڙي ڍنڍ آئي، جنھن کي دوستن رڳو هٿ جي اِشاري سان ٻُڌايو ته اِها آهي نريڙي ڍنڍ. هيءَ ڍنڍ بدين کان تقريبن چاليھن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، ڪنھن وقت ۾ هيءَ ڍنڍ مشھور هُئي، پر پوءِ اُجڙي ته ايئن اُجڙي جو وري سُڌري نه سگهي، توڙي جو هِن ڍنڍ جي سُڌاري لاءِ لوڪل اين جي اوز ذريعي عالمي ادارن فنڊنگ به گهڻي ڪئي، پر سُڌارو نه آيو سو نه آيو. هي پوائنٽ به گُهمڻ گُهرجي ها، پر اسان وٽ وقت نه هو. اسان سِج جي سامھون پيا وڃون تنھن ڪري هِن وقت نظر صرف سِج تي آهي. ڪجهه فاصلي کان پوءِ احمد راڄو آيو درگاهه احمد راڄو جو تعميراتي ڪم پي هليو، اسان وٽ به وقت نه هو تنھن ڪري اُن جي به ڀر مان بغير حاضري ڀرڻ جي گُذر ٿيو.
پاڏن جو پير درگاهه احمد راڄو
رضا آڪاش کان پُڇيم: رضا احمد راڄي جا پاڏا ٻُڌا آهن، حقيقت ڇا آهي، ’ڪجهه ناهي مور ساگر، ماڻھو رڳو هٿ جون هڻن ٿا، اِهو به هِڪڙو ڍنگ آهي مُريدن کان مال ڪڍڻ جو‘ ٺھه پھه رضا اِهو جواب ڏِنو ’آئون ته انھي تي اسٽوري ٺاهڻ ٿو چاهيان پر وقت نٿو مِلي‘.
مونکي ڪجهه ايئن به معلومات مِلي آهي ته: هِن درگاهه ۾ مدفون احمد راڄي کي جيئن ته پاڏن وارو پير سڏيو وڃي ٿو، ته اِها حقيقت ئي آهي جو ماڻھو هِن درگاهه جي نالي سان پاڏا ڇڏي ٿا وڃن، ڪجهه سندس عقيدتمند، ڪجهه مُريد، ڪجهه باسون باسڻ وارا، پر کوڙ پاڏا گڏ ٿي وڃن ٿا. اُنھن پاڏن کي درگاهه حوالي ڪرڻ جو به هِڪڙو وقت مقرر آهي، هر مھيني جي پھرين آچر تي پاڏي کي درگاهه تي ڪاهي ايندا، اُتي ويٺل مُريد پاڏي جي ڪن کي ڪَٽ، چير ڏئي ڄڻ ته ٺپو يا نشان هڻي ڇڏيندا آهن، ته هي پاڏو احمد راڄي جو آهي، هاڻي هِن پاڏي کي ڪا به جهل پل نه هوندي، ڪو به زميندار پنھنجي زمين مان نه هڪليندو، چاهي هِن جو فصل ڪيڏو به قيمتي هُجي. (ٻُڌل ايئن آهي). ڪو چور به هِن پاڏي کي هٿ نه لاهيندو، ٻارنھن ئي مھينا هي ايئن کُليل هوندا آهن.
پاڏن ڏيڻ جو رواج ڪيئن پيو: هِڪڙي ڏند ڪٿا يا حقيقت خدا بھتر ٿو ڄاڻي، ته: ٿر جڏهن وسندو هو ته ماڻھو پنھنجو مال ڪاهي ٿر ويندا هئا، اُنھن ماڻھن کي گهڻو ڪري واسو چوندا هئا، ٿر وس تي وڃڻ وارا واسو پنھنجو مال (مينھون) ڪاهيو پي ويا ته هِن درويش کي رستي ۾ مِليا، هِن هِنن کان کير گُهريو، هِنن اِنڪار ڪيو، چيائين ڀلا لسي پياريو وڃو، هِنن وري به اِنڪار ڪيو. جنھن تان هي بُزرگ ناراض ٿيو، ۽ هِنن همراهن جون جهنگ ۾ چرڻ لاءِ ويل مينھون واپس وٿاڻن نه موٽيون، ٻارنھن مھينا گُذري ويا، اتفاق سان ٻارنھن مھينن کانپوءِ وري هِن درويش جو هِتان گُذر ٿيو ته ماڻھن هِن کي سُڃاتو، چيائون هي ته اُهو ئي شخص آهي جنھن کي اسان کير ۽ لسي ڏيڻ کان اِنڪار ڪيو هو، اُن کان پوءِ اسان جون مينھون گُم ٿي ويون. هِنن اُن درويش جو اڳ وٺي هِن کان هٿ ٻَڌي معافي ورتي ۽ بخشرايو، پوءِ هِن درويش هِنن کي چيو ته وڃي وٿاڻ صاف ڪريو ۽ ڪِلا هڻو شام جو سڀ مينھيون موٽي وٿاڻ ورنديون ۽ ايئن ئي ٿيو، شام ٿي ٻارنھن مھينا اڳ گُم ٿيل مينھيون موٽي آيون، پوءِ اُنھن مينھن ۾ موجود پاڏا هِنن هِن دريش کي خيرات طور ڏِنا، ۽ هِن اُهي پاڏا ڪُھي خيرات ڪري ڇڏيا. جيڪا روايت اڄ تائين جيئن جو تيئن موجود آهي. هر مھيني چنڊ جي پھرين آچر تي اُهي پاڏا ڪُسندا آهن، ۽ آس پاس جا غريب ماڻھو اچي کائيندا آهن، چوَن ٿا ته پاڏن جي سير واري رت کي پلاسٽڪ جي ٿيلي ۾ کڻي رکندا آهن ۽ درگاهه تي ايندڙ مريض جي مرض تي اُها رت هڻندا آهن ته مرض ٺيڪ ٿي ويندو آهي (ٻُڌل ڳالھه). ٻيو اِهو ته پاڏن جي گوشت کي پاڻي ۾ اُٻاري ۽ باقي سڀ مصالا چانورن سان گڏي ديڳ ۾ وجهندا آهن، ڀت پاڻھي تيار ٿي ويندو آهي، ۽ اُهو ڀت وڏو ٽيسٽي هوندو آهي.
احمد راڄي جو تعارف ڪجهه هيئن ٻُڌو آهي ته: ڏهين صدي اڳ جو هيءَ درويش اصل ڪڇ جو هو. سندس والد ۽ ڀاءُ جون قبرون اڄ به ڪڇ ۾ موجود آهن. اُنھن لاءِ به چيو وڃي ٿو ته بُزرگ ٿي گُذريا آهن. هي بزرگ احمد راڄو، رازڪو ڪم ڪري پنھنجو گُذر سفر ڪندو هو.
ايئن ڪچھري ڪندا اچي زيرو پوائنٽ جي ويجهو پُھتاسين، سڀني دوستن هِڪٻئي کي چيو ته ابا ڪنھن وٽ ڪا شئي ته ناهي، اڳيان رينجرس جي چيڪ پوسٽ آهي، چيڪ ڪري پوءِ اڳتي وڃڻ ڏيندا.

زيرو پوائنٽ، سج ۽ سمنڊ
چيڪ پوسٽ تي پُھتاسين رينجرس وارن گاڏي کي روڪيو، مونکان تعارف پُڇيئين اردوءَ ۾ ، مون جواب ڏِنو سنڌي ۾ پاڻ به سنڌي ۾ ڳالھائڻ لڳو، تعارف پُڇي پوءِ ڊرائيونگ لائسنس جو پُڇيئين، چيم آهي، پوءِ چيائين ’ڪارڊ سر وٽ جمع ڪري پوءِ اڳتي وڃو.‘ اسان پنھنجا شناختي ڪارڊ اڳيان ويٺل آفيسر وٽ جمع ڪرايا. ٽوڪن وٺي هليا آياسين، گاڏي کي ڪِناري ته بيھاري لھي پنڌ هلياسين، هو پريان سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هو.
اي سمنڊ! منھنجي سنڌ جا توکي سلام!
چند گهڙيون آهيون اسين تنھنجا مھمان
هو پريان ڏِس سِج کي،
تو ۾ لِڪڻ يا ٻُڏڻ ٿو گُهري،
لاڙ جي پڇاڙ جا اي سمنڊ!
تو ۾ ڪراچي جھڙي ڪشش ناهي هِتي
جو اچي ناريون پُسائين پير پنھنجا،
تنھنجي ڪَپ تي گپ گارو
۽ ٻي کِکَ مڇي جي هِن هوا ۾،
پوءِ به تون ٿو اسانکي ڏاڍو وڻي،
سئوڪلوميٽر سفر تولاءِ ڪيو ٿئون،
سِج جو ميلاپ توسان ٿا ڏِسون،
۽ وري واپس هليا ٿا وڃون.
بس اسين واپس هليا ٿا وڃون.
اي سمنڊ! منھنجي سنڌ جا توکي سلام!
هي سمنڊ ڪِنارو ڪراچي ڪِلفٽن يا منھوڙي وارو ناهي، ۽ نه ئي گوادر، اورماڙه يا پسني جو آهي. هي سمنڊ ڪِنارو لاڙ پٽ جي پُٺ تي پيل علائقي گولاڙچي جي زيروپوائنٽ آهي، انھيءِ ڪري هِتي جي منظرڪشي سڀ کي ساريل آهي. بھرحال اسين اڳيان وڃي رهيا آهيون، پر پاڻي اسانکان پري پري آهي، هِتي جيڪي ٻيڙيون بيٺل آهن سڀ گَپ چِڪ ۾ بيٺل آهن. اسان کي ڏِسي مھاڻن جا ٻارڙا ڇوڪرا اچي نِڪتا، اُنھن کان به حال احوال ورتاسين. پريان مھاڻن جون مايون ٿانوَ، ڪپڙا ڌوئي رهيون هيون، جن ڇوڪرن کي پاڻ ڏانھن سڏڻ دوران جيڪي لفظ نِڇاوَر ڪيا هئائون اُهي هِتي لِکي نٿا سگهجن.
گُهمي ڦِري سِج کي سمنڊ ۾ لاهي اُن سان گڏ فوٽوگرافي ڪري پوءِ واپس ٿياسين ۽ سج ڏانھن اکيون اُماڻي آخري الوداعي لطيف جي لفظن ۾ پارت ڪندي موڪلايم:
آئُون نهَ گَڏِي پرِيَن کي، سَھَسين سِڄَ وئا،
هَلَڻ ويرَ هِئان، ديکي شالَ دَمُ ڏِيان!
هِتي صرف وڏي ۾ وڏي تفريح اِها آهي، سمنڊ ۾ سِج کي لھندو ڏِسڻ ۽ سمنڊ جي پاڻي تي سِج جا آخري ڪِرڻا پنھنجون حُسناڪيون پسائيندي، لھرن تي رنگ رنگ ٿي ڪِرن ٿا ۽ اُنھن رنگ رنگ ٿي ڪِريل ڪِرڻن کي اسان پنھنجي ڪيمرائن جي اک ۾ قيد ڪري هميشه لاءِ محفوظ بنائي ڇڏيو. سِج اسانکان موڪلائي اُلھي ويو ۽ اسان وري سمنڊ کان موڪلائي پنج ئي دوست واپس ورياسين.
پيو سِج لھي هاڻي هلون ٿا ’ساگر‘
پريان ٻانھون پکيڙي سڏي پيو سمنڊ.
هاڻي هِتان کان اسان گولاڙچي ٿا وڃون، ڪجهه پنڌ اڳتي ڪرڻ کانپوءِ رضا اسانکي سورج مُکي جا فصل ڏيکاريندو هلي ٿو، ٻُڌائي ٿو ته: ’گولاڙچي جون زمينون تقريبن آباد آهن، هِتي پنجابين جي ڳوٺن چڪن جي اڪثريت آهي،‘ رستي ۾ هِڪڙي نئين اڏجندڙ مسجد ڏِٺيسين جنھن تي محنت ۽ ڪاريگري واهه جي نظر اچي رهي هُئي، ممڪن آهي جڏهن ٻيھر هِن روڊ تان گُذر ٿئي ته اِن مسجد وٽ بيھي فوٽوگرافي ڪبي. تقريبن ٽيھن ڪلوميٽرن جو فاصلو طئه ڪري، اڌ مُنو ڪلاڪ گاڏي هلائڻ کانپوءِ گولاڙچي شھر پھتاسين.

گولاڙچي، رات رهياسين رضا وٽ
پھرين سجاوَل اسٽاپ ڏانھن وڃون ٿا، اياز امر چيو ته مونکي گهر ضروري ڪم آهي، جيڪڏهن گاڏي سجاول جي مِلي وڃي ته نِڪري وڃان، اسان جي روڪڻ جي باوجود به وڃڻ پيو چاهي، اتفاق سان ڪجهه دير اسٽاپ تي بيھڻ کانپوءِ گاڏي جو ڪو به آسرو نه هو. هاڻي آياسين رضا آڪاش جي اوتاري (آفيس). هٿ مُنھن ڌوئي فريش ٿي هيٺ لٿاسين ماني کائڻ لاءِ هوٽل تي وياسين، ڪجهه پنڌ ڪري هوٽل تي پھتاسين، ماني کاڌي، ڪچھري به ڪئيسين اُتي ٻه دوست مِليا رضا ٻُڌايو ته اِنھن جي پويان به پوليس آهي، جسقم جا ڪارڪن آهن.
ماني کائي موٽي آياسين، هاڻي وري به هلي مشاعري نما ڪچھري، ڇو ته سڀئي شاعر هئاسين، تنھن ڪري مشاعري جي نشست ٿيڻ اڻٽر هُئي، هِتي به شروعات اياز امر کان ٿي، سڀني واري واري سان پنھنجي شاعري ٻُڌائي، ڪجهه دير کانپوءِ ٻه ٻيا دوست عزيز سرواڻ ۽ مشتاق جمالي آيا، مشتاق جمالي، مصطفيٰ جمالي جو ڀاڻيجو آهي، هِنن جي اچڻ سان ڪچھري جو موضوع ڀوڳ چرچا ٿي ويو، عزيز سرواڻ مختلف ڀوڳ، چرچا، ٽوٽڪا ٻُڌائي ڏاڍو کِلايو. اياز امر کي سجاوَل وڃڻ جي تڪڙ تنھن تان به عزيز سرواڻ خوب کِلايو، آئون ۽ واحد پارس بِنا پيتي، باقي سڀئي دوستن پيتي ڪچھري ڪئي، آخر ۾ اياز کي ڇڏڻ به عزيز سرواڻ ويو، ڇو جو هاڻي رات گهڻي گُذري چُڪي هئي. عزيز سرواڻ اياز امر کي سجاول ڇڏي پوءِ وري ايندو مشتاق جمالي کي کڻي وڃي بدين ڇڏيندو. هاڻي جيستائين عزيز سرواڻ موٽي اچي تيستائين اسان کي وري ڪچھري ڪرڻي آهي، ۽ نِنڊ به نيڻن کي تڪي رهي آهي، ڪجهه دير کانپوءِ سنگت کان اجازت وٺندي، ’سنگت هاڻي اسانکي ڏيو اجازت ته ننڊ جي هنج ۾ هليا وڃون، سڄي ڏينھن جي سفر جو ٿڪ به آهي‘، ’اجازت آهيGood Night ‘ ۽ هو پنھنجي مستي ۾ مست، آئون ۽ واحد پارس سُمھي پياسين.
صبح سُجاڳ ٿياسين، رضا جي بيٺڪ جو دروازو اُتر طرف کان هيٺ لھي ٿو ۽ دروازي تان بيھي منظر ڏِسجي ٿو ته پريان ٻنيون، ساوَڪ وڻ ٽِڻ، رضا کي چيم يار صبح جيئن ئي نِنڊ مان سُجاڳ ٿين ۽ دروازي تي بيھي گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ اکين کي سامھون ساوَڪ پسائين ته اکين کي الائي فائدو ٿيندو، چوَن ٿا ننڊ مان اُٿندي ڪجهه وقت اکين کي پھرين پھرين ساوڪ ڏيکارجي، سائي ڇٻر هجي، گُل ٻوٽا هجن يا وڏا وڻ هجن، پر اِهو ته رڳو ٻھراڙي ۾ ئي ڪري سگهجي ٿو، باقي حيدرآباد يا ڪراچي جھڙي شھر ۾ ته سج، چنڊ ۽ تارا ڏِسڻ لاءِ به ماڻھو سِڪي وڃي ٿو.
هوٽل واري کي رضا فون ڪري چانھه، بيضو ۽ پراٺن جو آرڊر ڪيو، ٿوري دير بعد ناشتو به اچي ويو، ناشتو گڏجي ڪيوسين، پوءِ اسان رضا کي چيو يار هاڻي اجازت وٺنداسين، وري حيدرآباد پھچڻو آهي، رضا هيٺ لھي گاڏي تائين آيو، ڀاڪر پائي کائنس موڪلايوسين.
گولاڙچي کان ڪڙيو گهنور وارو روڊ ورتوسين، هِڪ ته صبح جو پھر ٻيو ته روڊ جي ٻنھي پاسن کان ٿوري ٿوري فاصلي تي سورج مُکي جو فصل جنھن ماحول کي خوبصورت بڻائي ڇڏيو هو، نيٺ هِڪ هنڌ گاڏي کي سائيڊ ڪري اسان سورج مکيءَ سان گڏ فوٽوگرافي ڪئي.

راهوڪي ۾ راهو سان ملاقات
راهوڪي پھتاسين واحد پارس چيو ’يار اڃا پاڻ وٽ وقت آهي، هل ته فاضل راهو جي مزار تان حاضري ڀري اچون‘، چيم ’هلو، هي پاسي ۾ ئي آهي‘ گاڏي کي هيٺ لاهي آياسين مزار طرف روڊ کان ٿوري ئي پنڌ تي بلڪِ روڊ جي ڀر ۾ چئجي ته غلط نه ٿيندو.
پنھنجي وقت جي هِن انقلابي اڳواڻ، مردِ مجاھد شھيد محمد فاضل راهو جي مزار ڏانھن ايندي بونڊري جي ٻنھي طرفن کان وڻ بيٺل آهن. مزار کي مٿان کان لوھي جهنگلو ڦِريل آهي ۽ مزار هيٺ زيرِ زمين آهي، هن وقت ڇت کُليل هُئي، تنھن ڪري اسين هيٺ سيڙهي تان لھي قبر تي چار ڪُل پڙهي کيس بخش ڪيا، دُعا گهرڻ وقت لطيف سرڪار جو هي شعر الاءِ ڇو مونکي ياد اچي ويو.
جا ڀونءُ پيرين مون، سا ڀونءُ مٿي سڄڻين،
ڌڱ لَٽِبيَ ڌوڙ ۾، اُڀي ڏِٺاسون.
ڏينھن مڙئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف چئي.
وري به ساڳي سيڙهيءَ تان مٿي چڙهي ٻاهر آياسين. (تفصيل پھرين ڀاڱي جي سفر ’موٽندي ڏِٺيسين مڪلي‘ ۾ لِکي آيو آهيان). هاڻي اسانکي ڪڙيو گهنور ۾ مقبول حفي بُخاري سان مِلڻو هو،

مِلياسين مقبول ’حفي‘ بخاري سان
گهنور جي ڪڙيي کي ويجهو پُھتاسين، فون کڻي مقبول جو نمبر ڊائل ڪيم، فون تي سلام دُعا کان پوءِ چيومانس، ’بس ڪجهه ئي پَلن ۾ پاڻ مھمان آهيون مقبول جا.‘ ’چيائين شوروم تي ويٺو آهيان، هِليا اچو حُب مان‘ شوروم جي پُڇا ڪري پُھتاسين، ساڻس مِلياسين، چيائين هلو پريس ڪلب تي ٿا وِھون. پريس ڪلب جو ڪمرو، ميونسپل جي آفيس ۾ هو، پريس ڪلب جيئن ٻھراڙين جا هوندا آهن، ايئن ڪُرسين ٽيبلن تي لٽ مِٽي ڄميل، ڇوڪري کي سڏ ڪري چيائين ڪُرسين کي ڪپڙو هڻي، پوءِ سُٺي چانھين ٺھرائي اچ، اسان ڪجهه ڪچھري ڪئي، هِتي به ٽيئي شاعر ۽ ٽنھي جو عبرت مئگزين سان واسطو هو، واحد پارس سب ايڊيٽر ۽ مقبول ’حفي‘ بخاري ۽ ’مورساگر‘ لِکندڙ تنھن ڪري ’عبرت مئگزين‘ جي باري ۾ ڪچھري ۽ شاعري تي به خيال آرائي ڄڻ ڪچھري جو حِصو هُئي. چانھه به پيتي، گڏ گروپ فوٽو ۽ سيلفي به ڪڍي. آياسين ٻاهر شھر، مين روڊ تي، مقبول کان موڪلايوسين.

واپسي
ڪڙيي کان نِڪري متارو مَٽي، حيدر جي ٽنڊي کان شاهه واهه، مِل انصاري مَٽي پھتاسين اچي ٻئي ماتلي. ظھير ڪالوني ۾ آياسين، ادا منظور اڳ ۾ ئي تيار بيٺو هو، پنھنجي گاڏي ادا منظور جي گهر ڇڏي، تيستائين ادا منظور چانھه تياري ڪرائي ورتي، چانھه پيئندي واحد پارس پُڇيو: ’هي نئين ڪالوني آباد ٿي آهي‘ چيم: ها، ’پُڇيائين پوءِ سھولتون وغيره مِليل آهن، يا نه؟‘ چيم: ’اِها ڳالھه نه پُڇ، جڏهن پلاٽ پي ورتاسين تڏهن بلڊر چيو سيوريج سِسٽم، پڪا روڊ ۽ گليون، بجلي ۽ پاڻيءَ سڀ سھولتون ڏِنيون وينديون، جنھن مان پھرين اِهي روڊ ۽ گليون ٺاهيون ويون جنھن ۾ صرف هِڪڙي ليئر پٿرن جي ڏِني، باقي اُتي ئي رهيا، سيوريج لاءِ پنج اَٺ گُنديون هِڪڙي پلاٽ ۾ لاٿائون، ايئن ماڻھن ڏِٺو واقعي ڪم ٿيئي پيو، پلاٽ هِن جا وِڪجي ويا، پوءِ همراه اُهي لاٿل گُنديون به واپس کڻائي ويا، نه بجلي نه پاڻيءَ، ٻيو ته ٺھيو پر پلاٽن جا جڏهن ڪاغذ مِليا ته اُهي به فوٽن بجاءِ گُهنٽن ۾ ڏِنا ويا، ماڻھن اُهي واپس ڪيا، چيائون ته اسان زرعي زمين نه پر پلاٽ ورتا آهن، اسان کي گُهنٽن بجاءِ فُوٽن ۾ ڏِنا وڃن. پوءِ الاءِ ڪنھن کي مِليا به يا نه اسانکي ته اڃان فوٽن ۾ ٿي نه مِليا آهن، گهڻو ئي چيو اٿئون، پر چوَن ٿا، ٿي ويندا صبر ڪريو. ساگر! ’اِها ته ٺڳي ٿي‘ ها يار بِلڪل اِهي پار ٺڳن جا ئي آهن.
وِشواس رهيو ناهي،
ماڻھو ٿي ويا پٿر، احساس رهيو ناهي.
پوءِ اسان ٽيئي ادا منظور جي گاڏي ۾ ويٺاسين، حيدرآباد لاءِ روانا ٿياسين. ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ حيدرآباد پھتاسين، ڀاڪر پائي موڪلايوسين. اسان پنھنجي ڪم سان لڳاسين، واحد پارس پنھنجي گهر ڏانھن روانو ٿيو.


جيڪي سفر ۾ همسفر هئا:

واحد پارس هيسباڻي: واحد پارس جو تعلق لاڙڪاڻي جي ڳوٺ گُل محمد هسيباڻي ’موهن دڙي‘ جي ڀرسان آهي، گهڻي وقت کان وٺي حيدرآباد ۾ مختلف اخبارن ۾ رهندي آخر ۾ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جوائن ڪيائين، عبرت مئگزين ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪندو رهيو، ڪجهه وقت منھنجو روم پارٽنر به رهيو، اُن دوران سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪيائين ۽ ڪميشن جو امتحان ڏئي سنڌ يونيورسٽي ۾ ملازمت حاصل ڪيائين، پوءِ پنھنجا ٻارڙا به حيدرآباد وٺي آيو. هاڻي حيدرآباد جو ئي ٿي رهجي ويو آهي. واحد پارس سُٺو دوست به آهي، صحافي ۽ شاعر پُڻ آهي، ڪرنٽ اِشو تي ڪالم به لِکي ٿو، عبرت اخبار ۾ هفتيوار ادبي صفحو پُڻ هلائي رهيو آهي.

اياز امر شيخ: اياز امر شيخ جو سجاول جي ڳوٺ گاهي خان شيخ سان تعلق آهي، هي انتھائي خوبصورت شاعر ۽ ذهين نوجوان آهي، ساڻس منھنجو تعارف سرواڻ سنڌي، زرعي يونيورسٽي ۾ ڪرايو هو، ۽ هِن جي ئي ڪارڊ ذريعي آئون زرعي يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ داخل ٿيو هئس. اياز امر جي شاعر جا ڪيترائي ڪِتاب ڇپيل آهن، حسنِ اتفاق سان سڀئي ڪِتابن منھنجي هٿن مان ٿي، پرنٽ ٿيا آهن. اياز امر دوستي جي لحاظ کان هِڪڙو بھترين دوست ثابت ٿيو آهي.

آزاد امير حسن پنھور: کورواهه سان تعلق رکندڙ آزاد امير حسن پنھور قومپرستن ۾ هڪ ڪميٽيڊ قومپرست جي حيثيت ۾ سامھون آيو آهي، هي ڌرتي سان بيحد پيار ڪندڙ نوجوان آهي، سندس هِن وقت جيئي سنڌ آريسر گروپ سان تعلق آهي، پاڻ مرڪزي عھدي تي ڪم ڪري رهيو آهي، اِن سان گڏ هي هِڪ سٺو شاعر پُڻ آهي، هِن دوست سان نواز کٽي ليف آفيس ۾ تعارف ڪرايو هو. هاڻي سُٺو دوست آهي.

رضا آڪاش خاناڻي: رضا آڪاش خاناڻي جو تعلق گولاڙچي جي ڳوٺ خاناڻي جت سان آهي. هن کي پھريون ڀيرو عبرت مئگزين ۾ احساس لکندي پڙهيو هو، ۽ پوءِ ماڪن شاهه جي پروگرام سُرهي سُرهي سوچ ۾ هن جي سوچ ڪنين پئي هُئي، ڪڏهن ۽ ڪِٿي ملاقات ٿي ياد ناهي، پر پاڻ هن وقت سُٺو دوست، سُٺو شاعر ۽ بي باڪ صحافي طور روزاني ڪاوش گولاڙچي نمائندي طور پنھنجون ذميواريون نڀائي رهيو آهي.

مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪوڻ بُـليا‘


(3، 4، مارچ 2016ع)