سفرناما

سھڻي منھنجي سنڌ

سُھڻي منھنجي سنڌ، مور ساگر جي مطالعاتي ۽ مشاهداتي سفر جو ٻيو ڀاڱو آهي. موجوده سنڌ جي سفر کي مور ساگر، تاريخ، آثار قديمه ۽ جاگرافي جي موضوعن جا رنگ پڻ ڏِنا آهن. ڪِتاب ۾ بيان لھجو ايڏو اُتساهه ڏيندڙ آهي جو جيڪو پڙهندو اُن کي اُتساهه ۽ شوق ٿيندو ته آئون به ايئن ڪريان، پر ايئن ڪرڻ ڏُکيو آهي. جيڪو ڪندو اُن کي پتو پوندو. ان جي باوجود اسان جي ليکڪن کي ايئن ننڍا سير ۽ تفريح جا ڪِتاب لکڻ گهرجن.

  • 4.5/5.0
  • 27
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور ساگر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سھڻي منھنجي سنڌ

منصوره ڏانھن مُنھن

روانگي
رات سُھائي ڀونِءِ سنئين پَٽن وڏو پنڌ،
ھلندي حبيبن ڏي ڪرھا موڙ نه ڪنڌ.
اڄ صبح موسم ڏاڍي خوبصورت هئي، آسمان تي ڪڪر ڇانيل، ٿڌي هوا گُهلندڙ ۽ صبح جا پھريان پھر، هي سڀ موسم جا آر ڪنھن سفر ڪرڻ لاءِ پورو پورو بھانو ھئا. اسان به اڄ سفر تي ئي سنبريا ھئاسين، آئون تيار ٿيس ته نعمان چيو ’ابو جي ڪيڏانھن گُهمڻ وڃن ته مونکي به وٺي هل‘، چيم ’هَل جلدي تيار ٿي وٺ‘. نعمان خوشي ۾ بس دير ئي نه ڪئي، ڪجهه منٽن ۾ ڪپڙا وغيره پائي تيار ٿي ويو. آياسين اسٽاپ تي، محبوب موسم ۾ ڪجهه گهڙيون گاڏي اچڻ جو انتظار ڪيوسين، گاڏي آئي اَٺين وڳي ماتلي پُھتاسين.
ماتلي کان منظور احمد، شعيب، عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي، نعمان ۽ آئون ڪار ۾ سوار ٿي روانا ٿياسين حيدرآباد لاءِ، حيدرآباد ۾ اقبال ميمڻ انتظار ۾ آھي، جيڪو صبح ڪُنري کان آيو آھي. اسان کي مٽياري لاءِ نِڪرڻو آھي، ڪچھري ڪندا اچي حيدرآباد پُھتاسين، اقبال سان مِلياسين چانھه پي، دُعاءِ سفر پڙهي سفر تي روانا ٿياسين.

مٽياري: ملاقات ميمڻ علي اڪبر سان
مٽياري ۾ پُھتاسين، سائين علي اڪبر ميمڻ کي فون ڪئي، جنھن سندس ننڍڙو موڪليو اسان کي وٺڻ جي لاءِ، اسين ڪجھه پنڌ اڳتي نِڪري وياسين، پوءِ گاڏي کي واپس گُهمايوسين، پي ايس او پمپ جي سامھون ميمڻ ڪالوني آھي اُن ۾ سائين جو گهر آهي، ننڍڙو گاڏيءَ سان گڏ آيو دروازي تائين. سائين عبدالجبار! ’آئون اڄ چوٿون ڀيرو آيو آهيان مٽياري جي ماڳ‘
پھريون ڀيرو: 1998ع ۾ آيو ھئس. علي حسن، منور، معشوق، ربڏنو ۽ آئون، تڏھن ڀٽ شاهه گُهمڻ آيا هئاسين. سومار (سجاد) مھراڻ ڪار ورتي ھئي، سو ڪڏھن ڪڏھن ڦوڙي ڪري ڪيڏانھن گُهمڻ نِڪري ويندا هئاسين، اُن ڏينھن به ڀٽ شاهه، مٽياري ۽ پوءِ المنظر ڄامشورو گهمي پوءِ واپس ٿيا هئاسين.
ٻيو ڀيرو: اسانجي پياري دوست مرحوم نذير عباسي (پنوعاقل) سان گڏ، آئون ۽ جمن ويا هئاسين، مرحوم نذير عباسي سماجي ڪارڪن ۽ سچو ورڪر، جاکوڙي مُڙس هوندو هو. حيدرآباد جڏهن ايندو هو ته هِتي اسان وَٽ ترسندو هو. اُن ڏينھن به مون ۽ جمن کي چيائين هلون ٿا مٽياري ۾ دوست رهي ٿو. موٽروي ۾ ڊيوٽي اٿس، اُن سان ڪم به آهي حال احوال به ڪري ٿا اچون. تڏهن ويا هئاسين.
ٽيون ڀيرو: سائين علي اڪبر ميمڻ، ۽ پير مجدد سرهنديءَ جي گڏيل دعوت ’المشائخ انٽر نيشنل ڪانفرنس‘ تي 15 مارچ 2015 تي مٽياري آيا هُئاسين، چاهيان ٿو اُها ياد به لِکي ڇڏيان: (مٽياري پُھچي پُڇا ڪئيسين پير سرھندي جي درگاهه جي همراه هٿ جي اشاري سان ٻُڌايو، سامھون گاڏيون نظر اچن پيون اھا آھي درگاهه، ۽ اُتي پروگرام به هلي پيو. اسين اچي پُھتاسين، گاڏي درگاهه جي ويجهو پارڪ ڪئيسين، پھريان درگاهه گهمڻ وياسين، درگاهه اندر زيارت ۽ فوٽوگرافي ڪري ٻاهر نِڪتاسين. وڏو پير غلام مجدد سرهندي هِتي مدفون آهي، هاڻي هي جيڪو اسان جو دوست پير مجدد سرهندي آهي، اِهو اُن جو پوٽو آهي.
ڪانفرنس اندر وياسين وڏو پنڊال هو، پر جنھن نموني هنن دعوت نامه، پينا فليڪس ۽ پوسٽر پرنٽ پي ڪرايا، اُن حساب سان ماڻھو بِلڪل گهٽ هئا، يا ته اسان دير سان پُھتاسين، پر اِيئن به نه هو، اسان جي اچڻ کان پوءِ ئي ته ڪجهه چند اهم ڳالھيون، ٿيون، جنھن ۾ ھڪڙي اِن ڳالھه تي زور پي ڏِنو ويو ته هن مشائخ جي پليٽ فارم تان سياست شروع ڪجي، گادي نشين سياست ۾ حصو وٺن، ايم پي اي، ايم اين اي چونڊجن، پارليامينٽ ۾ وڃن، جيئن اسلام ۽ پاڪستان جي حفاظت ڪري سگهن.
دِل ۾ چيم سائين گُستاخي معاف، کوڙ ماڻھو سياست ڪن پيا، بلڪِ ھِن وقت سياست جي جيڪا معنيٰ بيھي ٿي، اڄ ڪلھه هرڪو پيو سياست ڪري، سو قبلا توهان ڪا ڪم جي ڳالھه ڪريو. اُن کان پوءِ انڊيا مان آيل خواجه اجمير شريف جي درگاهه جي گادي نشين اچي دعا گهُري ۽ اُن کان پوءِ لنگر تقسيم ڪيو ويو. اسان کي ته خاص مھمانن، پيرن سان موڪليو ويو. باقي عام ماڻھو ڪنھن ٻي پاسي ھوندا، اِھو عام ۽ خاص جو نظام الائي ڪڏھن ختم ٿيندو يا شايد ختم ئي نه ٿئي.
سائين علي اڪبر ميمڻ اسانجو تعارف ڪجهه گادي نشينن سان ڪرايو، بابا فريد جي درگاهه جي گادي نشين ’خواجه غلام قطب الدين فريدي‘ سان تعارف ڪرايائين، خواجه غلام قطب الدين فريدي هِن وقت ’نيشنل مشائخ پاڪستان‘ جو باني صدر آهي. گروپ فوٽو ڪڍياسين. ۽ هڪ ٻي پيرسرڪار راولپنڊي جي سان پُڻ ملاقات ڪرائي).
اندر آياسين هِڪڙو ڪمرو جنھن ۾ ڪتاب جون ٻه ٽي الماريون پيون هيون، سُٺي نموني سِينگاريو ويٺو هو فقير علي اڪبر ميمڻ، جيڪو هاڻي فقير نه صرف علي اڪبر ميمڻ ئي آهي، ساڻس مِلياسين، حال احوال ڪيوسين، ڪچھري ٿي رھي هُئي اِن دوران ننڍڙا کانئڻ لاءِ ڪجهه کڻي آيا، سائين کي صبح فون ڪري منع ڪئي هئي ته ڪا به تڪليف نه ڪجو صرف پاڻي پيئنداسين، پر سائين ماني کان به وڌيڪ تڪليف ڪري ويو. سائين گهڻو ئي ٺھرايو پچرايو ويٺو هو.
علي اڪبر ميمڻ، سُٺو شاعر ۽ بااخلاق انسان آهي، عقيدت وچان پير غلام جيلاني جو عمر جا پورا 35 سان خليفو ٿي رهيو، خاص خليفو هئڻ ڪري هِن وَٽ پيرن جا گهڻا ئي راز هُئا، ڪجهه اهڙا حالات پيدا ٿي پيا جو هِن فقير پير غلام جيلاني مڪلي واري سان بغاوت ڪئي. جنھن جي سزا ۾ کيس رات وچ ۾ مڪلي مان گهر خالي ڪرايو ويو، سندس گهر تي قبضو ڪيو ويو، سندس نوڪري ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پگهار بند ڪرايو اٿن، جيڪو اڃا تائين بند آهي، ڪيترو عرصو روپوش گُذاري آيو، پھريائين سجاول ۾ گهر وٺي ٻچڙن کي رهايائين، اُتان به کيس ڌمڪيون ڏئي سندس ڀائرن کي ٻڌرائي، ساڻس سڀ تعلقات ختم ڪرائي لڏائي ڇڏيائونس. اُن کان پوءِ اچي مٽياري وسايائين.
ساڻس ڪافي دير ڪچھري ڪري کانئس موڪلايوسين، ڏاڍو خوش ٿيو اسانجي اچڻ تي، سندس اکين مان اِھو احساس چِٽو نظر اچي رھيو ھو. جڏھن ڪلاڪ اڌ گذريو ته وري اِهو خوشي جو اظھار فون ڪري ظاھر ڪيائين. اسان به کيس پنھنجائپ وارو احساس ڏياريو.
ڪھڙو به انسان جڏهن بيماري جي بستري تي هوندو آهي، يا ڪنھن سبب جي ڪري جيل اندر بند ھوندو آھي. يا جڏھن ڪنھن کان ڪو پيارو دوست اوچتو ھميشه لاءِ وِڇڙي وڃي، تڏهن کيس هِڪ هِڪ دوست ياد ايندو آهي. ۽ جڏهن اهڙي موقعي تي ڪو اهڙو دوست ساڻس مِلڻ حال معلوم ڪرڻ لاءِ ٻه پيرَ ڀري ايندو آهي ته اُن سان دِل کي هِڪ آٿت مِلندي آهي، ٿورو ڏڍ مِلي ويندو آهي.
مَھد مُحتاجِي ڪَري، حُجَ وِڃائي هَلُ،
عُذَرَ خواهِيُون، عاجِزيُون، سَسُئي! ڪِه مَ سَلُ،
ڏُنگَرَ ڏورَڻَ ڏاکَڙو، لَنءُ رِيَ ڪو نِه لَلَ،
اِيُ ڀَلائِيَ جو ڀَلُ، جِن پاسي ٿِيَڻُ پاڻَ کان.

ويندي رستي – ’ريشمان جوان هوگئي‘
اسان جي گاڏي نيشنل هاءِ وي تي ڊوڙي رهي هُئي، رستي جي ٻنھي پاسن کان سايون ٻنيون، مٿي آسمان تي ڪارا ڪڪر، جهڙالي موسم ۽ اهڙي سمي ۾ سنگت سان گڏ گُهمڻ ڦِرڻ ڄڻ ته ماڻھو فريش ٿي ٿو وڃي، سڀني کُٽڪن، سوچن کي ھِڪ پاسي رکي لُطف اندوز ٿي وڃي ٿو، قدرت جي اھڙن نظارن ۾. رستي ھلندي اسان مختلف موضوعن تي ڳالھائيندا ھلون پيا، ڪنھن وقت تواريخ، ڪنھن وقت ادب ۽ ڪجهه سياست، لطيفا پُڻ. اُن دوران اقبال ميمڻ اڳيان ويندڙ ٽرڪ تي لِکيل جملي ڏانھن ڌيان ڇڪايو، ابا ماٺ ڪيو ’ریشماں جواں ہوگئی‘ اسان جملو پڙهيو ۽ پوءِ ٽھڪڙو مچي ويو گاڏي ۾، سائين عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي ٿو چوي، ’ھِڪڙي ھمراھ اِنھن ٽرڪن تي لکيل شعرن ۽ جملن تي پي ايڇ ڊي ڪئي آھي، جنھن پوري پاڪستان جي روڊن تي سفر ڪيو آھي ۽ اِھي شعر ۽ جملا لکيا اٿس پنھنجي ٿيسز ۾.‘ اِھا به هڪ عجب جھڙي ڳالھه آهي، پر آهي ضرور. وري به پنھنجي ڪچھري ۾ مگن ھئاسين ته اقبال ميمڻ وري ’ اچھا خواب اچھی اخلاق کی نشانی ہے‘ هڪ ڀيرو وري سڀ ٽرڪ طرف ڏِسون ٿا. مون مذاق ڪندي چيو سائين هِن سڄي سفر ۾ اقبال جو ذڪر نه هوندو، سنجيده ٿي چوَڻ لڳو، ”پوءِ مونکي گاڏي مان لاهيو“ سڀ کِلڻ لڳاسين.
هالا ڪِراس ڪيوسين ته هلڪي هلڪي برسات وَسڻ شروع ٿي وئي هاڻي ته دِل پئي چوي کُليل جيپ ۾ هُجون، پيا قدرت جي منظرن جا لُطف ماڻيو. اقبال موبائيل هٿ ۾ کنيو ۽ ناهيد اختر جو گانو لڳايو. ’دل توڑ کہ مت جئیو، برسات کا موسم ہے‘ سڀني واه واه ڪري ڄڻ اقبال کي داد ڏِنو. تيئن هن جي دِل وڌي، چيائين ’هي برسات جڏهن ٿر ۾ وسندي آهي ته ٿري مارو همرچو ڳائيندا آهن،‘ سندس موبائيل ۾ رڪارڊ ٿيل همرچو ٻُڌائڻ لڳو، چيوسين موبائيل کي ڇڏ ڳائي ٻُڌائي، ’چيائين مونکي اوهان فنڪار سمجهيو آهي‘، ايئن ئي اسان جي منزل جو موڙ اچي ويو، گاڏي کي هيٺ لِنڪ روڊ تي لاٿوسين ٻاروچو باغ اسٽاپ کان ٿورو اڳيان ساڄي هٿ تي لِنڪ روڊ لھي ٿو، جيڪو منصوره ڏي وڃي ٿو.
ڪُجهه پنڌ اڳتي نِڪري وياسين وري چيوسين عبدالقدوس احمداڻي کي فون ڪريون متان اڳتي ڪنھن ٻي پاسي نِڪري وڃون، فون ڪئيسين چيائين بس مين روڊ کان ٿورو اڳيان لِنڪ روڊ تي ھلندا ته سامھون بلڊنگون نظر اينديون. اسان جو پوئتي لوڻو ڦيريو پويان کٻي ھٿ تي بلڊيگون نظر آيون اُتان پُڻ لنڪ روڊ لٿو پي، اسان ھڪٻئي کي پيا چئون، ڏٺوَ، ڪيترو اڳتي نِڪري آيا آھيون، ھو پوئتي رھيو منصوره، سائين عبدالجبار چيو مون ڏِٺو هو روڊ هيٺ لٿو پي پر اوهان کي ٻُڌايو ڪونه، گاڏي کي پوئتي موڙي واپس آياسين، سامھون موٽر سائيڪل وارا ٻه همراه پي آيا چيوسين وري اِنھن کان پُڇي پڪ ڪريون، گاڏي روڪي ھمراھن کان پڇيوسين بلڊنگن ڏي اِشارو ڪندي، ’ادا منصوره اِهو آهي‘، اسان پُڇو. همراهن کِلندي چيو، ’اِهو ته ڏتي جو ڳوٺ آهي‘ منصوره اڳيان آهي جِتان واپس ٿيا آهيو، وري به سڀ کِلڻ لڳاسين ۽ گاڏي واپس موڙيسين، وري عبدالقدوس احمداڻي کي فون ڪئي، منصوره ۾ اسان جو ميزبان اِهو ئي آهي، چيائين آئون ٻاهر نِڪري بيھان ٿو توھان اچو اڳيان کجين جا وڻ نظر ايندا انھن کان اڳيان ھليا اچو، جيئن ئي گاڏي موڙيسين ته ٻُڌايائين مون اوهان جي گاڏي ڏِسي ورتي آهي، هاڻي سِڌا سِڌا هليا اچو، اڳيان بيٺو آهيان. ڪجهه ئي منٽن ۾ منصوره ۾ عبدالقدوس احمداڻي سان مِلياسين، سڀني جو تعارف ڪرايومانس، ڇو جو عبدالقدوس احمداڻي کي صرف آئون ئي سُڃاڻان پيو باقي ٻين جي پھرين ملاقات هُئي.

عبدالقدوس سان آشنائي
عبدالقدوس سان منھنجي ملاقات به هِڪ عجب جھڙي ڳالھه هئي، ٽنڊو محمد خان ۾ هوٽل تي آئون ۽ زهير حسين حيدري چانھه پي رهيا هئاسين، سامھون ويٺل ھڪ ھمراهه هلڪي ڏاڙهي سان اسان ڏي ڏِسي رهيو هو، ٿوري ئي دير ۾ اُٿي آيو اسان کي هٿ ڏيڻ، اسان به اخلاقن اُٿي هٿ ڏِنو. مونکي چيائين توهان مور ساگر آهيو؟ مون حيران ٿيندي چيو ها ادا آئون مور ساگر آهيان، توهان مونکي ڪيئن سُڃاڻو؟ چيائين هِڪ ڀيرو سي.ڊي ۾ ڪنھن پروگرام ۾ اوھانکي اسٽيج تي ڳالھائيندي ڏِٺو ھيم، آئون ۽ زھير حيدري هِڪٻئي ڏي ڏِسي، يار همراه جي يادائش واهه جي آهي. کيس کي چانھه پياري حال احوال ورتا، چيائين آئون منصوره ۾ پڙهائيندو آهيان، عبدالحفيظ احمداڻي منھنجو وڏو ڀاءُ آھي. منصوره مون وٽ وقت ڪڍي ڪڏهن ضرور اچجو. چيوسين هوندو قسمت ۾ اوهان سان مِلڻ ته منصوره ضرور اينداسين.
اڄ اُهو ڏينھن به اچي ويو ۽ اسان به اچي وياسين عبدالقدوس احمداڻي جي اڱڻ، عبدالقدوس مُسڪرائندي چيو، اِها اوهانجي محبت آهي. چيم بِلڪُل محبتون ئي محبتن جا ماڳ پُڇائينديون آهن.
هي آهي منصوره، شفيع محمد نظاماڻي جو خواب
گاڏي کي پارڪ ڪري اسان اندر مدرسي ڏي روانا ٿياسين، مدرسي جي اندرين مين گيٽ وٽ فوٽوگرافي ڪئي، ۽ پوءِ ڪجهه مدرسي بابت عبدالقدوس ٻُڌايو: هي مدرسو مولوي شفيع محمد نظاماڻي جو خواب هو، ۽ هن پنھنجي خواب جي پورائي ۽ اسلامي تعليم جي واڌ جي لاءِ پنھنجي ذاتي زرعي زمين 300 ايڪڙ ھن مدرسي جي نالي ڪري ڇڏي، ۽ ھن ”مدرسه تعمير مِلت“ جو بنياد 1955ع ۾ پيو جنھن جو پھريون صدر چودري غلام محمد مرحوم سابق امير جماعت اسلامي سنڌ هو.
اندر آياسين تمام وڏي ڪُشادي بلڊنگ ٺھيل، اندر به وڏا ڪمرا وڏا هال، عبدالقدوس اسان کي تمام سُٺي نموني مدرسي جو سَير ڪرايو، هر ڪلاس ۽ هر ڪمرو ڏيکاريو ۽ اُن بابت ٻُڌايو، هِتي مسجد مڪتبه اسڪول، تحفظ القرآن، پرائمري اسڪول، درس نظامي، دارالفتاء، مڪتبه (لائبريري)، جامعته المحصنات، تربيت گاه (هاسٽل)، ڪمپيوٽرليب، مطعم / مطبخ، دارالاشفاء، شعبه دعوت و تبليغ جا شعبه قائم آهن.
وري آياسين پرنسپال جي آفيس ۾ پرنسپال سان مِلياسين سُٺي اخلاق سان مِليو، اڄ جمعي جو ڏينھن آھي تنھن ڪري نماز جو وقت به ٿي ويو آهي، آفيس کان ٻاهر نِڪتاسين. مونکي پويان ڪُلھي تي ڪنھن ھٿ هڻي چيو ’جوڻيجا صاحب ڪھڙا حال آھن‘؟
مُڙي ڏِٺم ۽ چيم ’سائين ھال ٺيڪ آھن‘.
مونکي نه سُڃاتوَ؟
غور سان سندس چھري ۾ ڏِٺم، ڪاري ڏاڙھي پوري پوري، وڏيون اکيون، چھري تي مُرڪ، ’نه سائين‘.
ادا منظور چيو ’رپ جو آهي‘.
وري کيس غور سان ڏِٺم، سوچيم ’نه سائين‘.
ادا منظور ٻُڌايو ’ظھيرالدين بابر آھي‘، آئون وري به حيران.
ساڻس ٻيھر مِليس. ظھير منھنجو ڪلاس فيلو ڇھين ڪلاس کان ميٽرڪ تائين، پنج سال گڏ پڙھياسين، صفا سنگل باڊي، قد جو به ننڍو هوندو هو. پر منھنجي سامھون جو ھمراھ آھي، باڊي ۾ ڪنڌار، وڏي ڏاڙھي ٽوال ڪُلھي تي صفا مولوي ٿي ويو آھي. ڪنھن به ريت ڪا به جهلڪ اُها مونکي نظر ئي نه آئي، ڄڻ مونکي اعتبار ئي نه پيو اچي. کائنس موڪلايوسين، چيائين ’هِتي آهيو ته پوءِ وري مِلون ٿا‘.

منصوره بستي وجود ۾ آئي
اسين آياسين منصوره ڪالوني ۾، ڪالوني بابت عبدالقدوس ٻُڌائيندو اچي ته: 1960ع ۾ هي منصوره بستي وجود ۾ آئي، شروع شروع ۾ پھريان گهر جيڪي تعمير ٿيا تِن ۾، مولانا جان محمد ڀٽو، مولانا غلام سرور ڀٽو، سيد قاسم شاهه، ۽ امير الدين مھر اِھي ھِن منصوره بستي جا پھريان رھندڙ آھن. ھاڻي ھي بستي ڪافي گهرن تي مشتمل آهي ۽ هِن بستي کي پنھنجي ھِڪڙي ننڍڙي بازار به آهي ۽ هِن بستي وارا پابند آهن ته ضرورت جون سڀئي شيون هِن بازار مان خريد ڪيون وڃن، جيئن هي بازار اڃا به وڌي ويجهي، بند نه ٿئي. هي حليم منزل جنھن کي ’مھمان خانه‘ جي حيثيت ڏنل آهي. اِن ۾ ڪنھن جو به مھمان ترسي سگهي ٿو، الڳ سان هِن بستي ۾ ڪنھن کي به اوطاق قائم ڪرڻ جي اجازت ناهي، ٻه منزل گهر به ڪير ٺھرائي نٿو سگهي، اگر ڪنھن سبب جي ڪري پنھنجي گهر جي ڇت تي چڙهندو تڏهن به بستي وارن کي ٽي آواز ڏئي پوءِ پنھنجي گهر جي ڇت تي چڙهندو.
هن ڪالوني جي گهرن ۾ ڪنھن وٽ به ٽي وي ناهي، ۽ ڪنھن به ٻار وٽ موبائيل فون ناهي، اسان کان وڌ نعمان ۽ شعيب حيران ٿيا، ’هان ايئن وري ڪيئن‘؟ اڃا اڳتي ٻُڌايائين ته ٻيون رانديون سڀ ڪندا آهن پر ڪرڪيٽ راند جي منع آهي. نعمان ٿو مونکي چوي ’اَبو هي ڪھڙي ڪالوني آھي‘؟ ’ھي ڪھڙي دؤر ۾ پيا رھن‘. مون چيو ’پُٽ اِھو هِتي جو قانون آهي، جيڪو صرف هنن جي ڪالوني تائين ئي محدود آهي‘، تيستائين عبدالقدوس اِشارو ڪندي پريان گهر ڏانھن چيائين ’هو ڏِس ڪالوني کان پريان جيڪي گهر آهن، اُنھن تي ڊش رکي آھي.‘
اڃا وڌيڪ ٻُڌايائين ته هِن بستي لاءِ زمين وقف ڪيل آهي، تنھن ڪري ھِتي رھڻ وارن کي پنھنجي گهرن جا مالڪاڻا حق حاصل ناهن صرف قبضه گير آهن ۽ جيڪو نئون رهائشي ايندو اُهو به صرف هِڪڙو عھد نامو صحي ڪندو، ۽ پلاٽ حاصل ڪري پنھنجو گهر ٺاهيندو. هِتي هر مھيني ھِڪڙو گڏيل طور تي اجتماع ٿيندو آھي، جنھن ۾ ھِڪٻئي جا مسئلا هِڪٻئي سان شيئر ڪيا ويندا آهن.
آياسين مھمان خاني ۾ وضو ڪيو اُن بابت ٻُڌايائين ڪنھن جا به مھمان ايندا آھن ته هِتي ترسائيندا آهيون يا شاگردن جا مائٽ ساڻن مِلڻ ايندا آهن ته اُهي به هِتي ئي مِلندا آهن. آياسين مسجد ۾، وري به هلڪي هلڪي برسات پئي رهي آهي ۽ تمام ٿڌي وڻندڙ ھوا گُهلي رهي آهي. جمع نماز عبدالقدوس پاڻ پڙهائي، اسان سفر نماز ٻه فرض پڙهي دُعا گهري ٻاهر نِڪتاسين. ٻاهر آس پاس نظرون ڊوڙي رهيون هُيون،

ديوار ڏانھن اِشارو ڪندي - ديوارِ صحافت
ڪجهه دير کان پوءِ عبدالقدوس احمداڻي صاحب به نماز پڙهي ٻاهر آيو، وري به مدرسي بابت معلومات ڏيندو هليو، مسجد جي ويجهو ئي هِڪڙي ديوار ڏي اِشارو ڪندي ٻُڌايائين ’ديوارِصحافت‘ ’هِن ديوار تي هِتي پڙهندڙ شاگرد پنھنجي ھٿن سان اخبار ٺاھي، اُھا اخبار ھِن ديوار تي چنبڙائيندا آھن، مھيني ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا اخبارون لڳائيندا آهن. مڪمل اخبارون هٿن سان لِکي ڪري ديوار تي لڳائيندا آهن، ڪالوني جا ماڻھو ايندي ويندي اخبارن ۾ خبرون پيا پڙھندا آھن‘، هيءَ ڳالھه مون لاءِ بلڪل نئين هئي، چيم ’سائين ٿورو ترسو هي خبر فيس بوڪ تي رکڻ جھڙي آھي. آئون ھن جي تصوير وٺان‘، تصوير ڪڍيم. عبدالقدوس اسانکي اندر ھِڪڙا ٻيا ڪمرا نوان تعمير ٿيل ھئا، اُنھن ۾ وٺي ھليو جن بابت ٻُڌايائين ته ’هي ڪمرا هاڻ ’Helping Hand Relief and Development‘ وارن Donate ڪيا آهن‘. جن تي تاريخ 4 ڊسمبر 2013ع لکيل آهي.

اچو اوهانکي مدرسي جو ڊيري فارم ڏيکاريان
اڳيان هِڪڙي سنھڙي گهٽيءَ ۾ وٺي هليو، چيائين ’اچو اوهان کي مدرسي جو ڊيري فارم ڏيکاريان‘، ڪجهه قدم اڳتي هلياسين، ڊيري فارم آيو، ڊيري فارم به تمام وڏو آهي، مينھون به ماشاءَالله ٿُلھيون متاريون ھُنيون پر سندن ڦر جن جو ساھه ٿي ويو. اسان اُتي بيٺل همراهن کان پُڇو هي ڇو ڀلا هِنن ڦرن کي کير نه مِلندو آهي ڇا؟ همراهن وراڻيون ’نه نه کير ڌارائيندا آهيون‘. بھرحال زميني حقيقت کي ڏِسندي سندن چوَڻ تي ڪو به اعتبار نه ڪندو. ڊيري فارم کي هِڪ ڪُنڊ تي هِڪڙي ٻڪري ٻڌل نظر آئي، ٻي ڪُنڊ تي هِڪ اُٺـڻي به نظر آئي جيڪا پُڻ صفا هڏائون پنڃرو لڳي پئي هئي. اُن بابت عبدالقدوس ٻُڌايو ’هي هاڻي عيد کان پھرين آندي آهي ھِن کي هِتي سانڍي تيار ڪندا‘.
مدرسي جي پارڪ ۾ ڪجهه فوٽوگرافي ڪئي. هاسٽل ڏيکاريائين، ديوار ۾ لڳل افتتاحي پٿر ڏِٺاسين فوٽو به ڪڍياسين پٿر ٻُڌائين پيا: هن بلاڪ جي تعمير جو افتتاح جناب مولانا جان محمد عباسي صاحب جن 4 شعبان المعظم 1414هه بمطابق 27 جنوري 1994ع، مٿي لکيل آهي. تعمير شده ڪمرا، 26356 ڪل رقبه، 45082 مربع فٽ، ڪل ڪمره 27 ، وڏا هال 3، دوره المياه 2 عدد، هِن سڄي ڪم جي نگراني هالا جي انجنيئر محمد انور ولد حاجي احمد خان ميمڻ ڪئي. هاسٽل ۾ اڳيان هِڪڙي وڏي هال ۾ وٺي هليو جِتي شاگردن جي ماني لڳندي آهي، پھريان گهنٽي وڄندي آهي ته اُهي شاگرد اندر ويندا جيڪي ماني جي سيٽنگ ڪندا ۽ ٽيبلن تي لڳائيندا، وري ٻي گهنٽي وڄندي ته اُهي سڀ هال مان ٻاهر نِڪري ويندا. پوءِ وري ٽي گهنٽي لڳندي جنھن تي سڀئي شاگرد ھال اندر داخل ٿيندا ۽ ٽيبلن تي لڳل ماني کائيندا.

مھمان خاني وٺي آيو
عبدالقدوس ھاڻي اسان کي مھمان خاني وٺي آيو چيائين شاگرد به ماني کائين پيا هاڻي پاڻ به هلي ماني کائون، ماني بابت اڳ مون ميسيج ڪري ڇڏيو هو ته ماني جي ڪا به تڪليف نه ڪجو، پر پوءِ به ماني تيار ڪرايائين. ماني تمام سُٺي هئي، گڏجي ماني کاڌيسين، ماني کان پوءِ بوتل گُهرايائين، گڏ چانھه به گُهرايائين اقبال اڃان بوتل پيتي ئي پي ته چانھه اچي وئي. اسان سڀني کِلندي چيوسين ’اقبال ته چانھه نه پيئندو‘، اقبال به کِلندي يڪو گلاس پي ويو، ۽ فوراّ چانھه جي ڪوپ ۾ هٿ وِڌائين، وري مٿان چانھه به پيتائين. اُن کان پوءِ اسان ٻاهر نِڪتاسين روڊ تي جِتي اوڀر طرف کان ساوَڪ ئي ساوَڪ هئي، جيڪي زمينون پُڻ هِن مدرسي جون آهن.

شاهه ولي الله اورينٽ ڪاليج منصوره
روڊ تي ڪُجهه گهڙيون ڪچھري ڪئيسين وري ھيٺ وٺي ھليو جِتي پُراڻيَ منصوره ڪاليج جي ڀُريل ڀِتُن طرف اِشارو ڪندي چيائين ’هن الميي تي ضرور لِکجان‘ پاڻ ٻُڌايائين ته ’پي پي پي جي دؤر ۾ جماعت اسلامي سان سياسي اختلافن جي ڪري هي تعليم گاهه به سياست جي نظر ٿي وئي، هِن کي نيشنلائيز ڪيو ويو، تنھن کانپوءِ شاگرد واپس پنھنجي گهرن ڏانھن ھليا ويا، اُستادن کي ڪنھن کي ڪِٿي ڪنھن کي ڪِٿي موڪليو ويو. وري ٻيھر ِِڊي نيشنلائيز ڪيو ويو. اُن کان پوءِ سيد محمد قاسم شاھه، ڊاڪٽر محمد عظيم، غلام سرور ڀٽو ساٿين سان گڏجي هڪ نئين مدرسي دارالعلوم جو بنياد رکيو 1974ع ۾، جنھن جو پھرين صدر سيد قاسم شاھه ٿيو. ۽ پوءِ شاهه ولي الله اورينٽ ڪاليج کي نيشنلائيز ڪرڻ خلاف جماعت اسلامي پاران ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪورٽ ۾ ڪيس گهڻو وقت هليو هو، پر هاڻي اسان ڪيس کٽي ورتو آهي، اسان چاهيون ٿا ته ڪيس کٽيو آهي ته اسان کي ڪاليج ۾ استعمال ٿيندڙ سمورو سامان واپس ڪيو وڃي. جيڪو هاڻي ممڪِن ته نٿو لڳي، پر ٿي سگهي ٿو ته اُن جو ڪو ٻيو حل ڪڍيو وڃي.
ايئن اسان اڄ هِن منصوره کي سُٺي ريت گهُمي ڏِٺو، ٻي قديم منصوره سانگهڙ واري سائيڊ (برهمڻ آباد) تي آهي، جيڪا آثارن جي شڪل ۾ موجود آهي، اُها به ڪڏهن وقت ڪڍي ڏِسي اچبي. هاڻي اسان عبدالقدوس کان موڪلايو، موڪلائيندي منھنجي ذهن تي شعر نما ٻه سِٽون تري آيون، جيڪي سندس خلوص ۽ محبتن جي مڃتا آهن.
ماتليءَ کان منصوره، سفر سھڻو ٿيو واه واه،
قدوس قُرب لک ٿورا، سفر سھڻو ٿيو واه واه.
گاڏي ۾ ويٺاسين، روانا ٿياسين هالا طرف.

هالا جي هوائن ۾...
هاڻي هالا جي هِندورِي هوائن ۾ پھچي ويا آهيون ۽ منھنجي ذهن ۾ ياد جي ڪا کِڙڪي کُلي ٿي، جنھن مان ڏِسان پيو سنڌي سفرنامن جي بادشاهه الطاف شيخ کي جيڪو هِنن رستن ۽ گهٽين ۾ گُهمندي نظر پيو اچي، جنھن جو تعلق هِن هالا سان ئي آهي، ۽ پوءِ اسان جو يار نور ميمڻ هالائي جنھن سان ٽيڪنيڪل ڪاليج بدين ۾ ڪجهه مھينا گڏ پڙهيو هئس، ايئن سنڌ جو هِڪ ٻيو به خوبصورت شاعر ۽ منھنجو دوست ’عاشق هالائي‘جي ياد به هانوَ ۾ هُرڻ لڳي، ۽ يادن جي اِن منظر پس منظر ۾، هانوَ هِندوري ۾ لُڏڻ لڳي هرڻي اکي هِڪڙي سکي ۽ پوءِ ڇرڪ ڀريندي دوستن سامھون پاڻ کي حاضر ڏيکاريندي، پنھنجي دوست آڪاش کي فون ڪيم، فون بزي ھو ڪنھن سان ڳالھائي رھيو ھو. جيئن ئي فارغ ٿيو ته رنگ بيڪ ڪيائين، حال احوال ٿيو، چيم تـنھنجي شھر ۾. فوراّ چيائين ڪھڙي جڳھه تي ڇوڪرو موڪليان ٿو. مون چيو نه صرف فون تي سلام ٿي ڪيم، اسان مخدوم طالب الموليٰ سائين سان مِلڻ ٿا وڃون، چيائين ايئن وري ڪيئن ٿيندو، اوهان ڀلي درگاهه تان ٿي اچو، آئون درگاهه ڏانھن ٿو ڇوڪري کي موڪليان. اسان ھليا آياسين درگاهه طرف.

حضرت نوح سرور رح
’اڱڻ ٻُھاريان تنھنجون واٽون نيھاريان، ھو يار سڄڻ !‘.
رونا ليليٰ جي ڪوئل جھڙي آواز ۾ طالب الموليٰ جا اِھي ٻول ته سڀني ٻُڌا هوندا. ڇو ته اِهي ٻول تمام گهڻو مشھور آھن. درگاھه ۾ اندر داخل ٿياسين، سنڌ جي سڀني اوليائن ۽ درگاھن جي ساڳي ئي صورتحال ھوندي آھي. ساڳي طرح اڏاوَتون، ساڳي طرح ماڻھن جي اَچ وَڃ، ساڳي طرح عقيدت مندي. سڀ ڪجهه ساڳيون جو ساڳيون نظر ايندو، نظر جنھن طرف به ويندي. باقي ايئن آهي ته ڪجهه درگاهن تي رش تمام گهڻي رهندي آهي، ۽ اُنھن تي ڪافي ڪجهه غلط ڪم به ٿيندا آهن. ڇو ته هر هنڌ هر قسم جا ماڻھو اوھان کي مِلندا، پوءِ جنھن جو جيڪو ڪم ھوندو اُھو اُھوئي ڪم ڪندو.
مقبري جي اندر داخل ٿيندي ئي سڀ کان پھرين عظيم ھستي، ۽ عظيم شاعر قرآن مجيد جي فارسي مترجم غوث الحق حضرت مخدوم نوح سرور تي قُل پڙھياسين،
مخدوم نوح سرور رمضان جي ڀلاري مھيني جي ڀلاري رات جمع جي 9 رمضان 910ھه ۾ هِن ڌرتي تي آيا، سندن پڙ ڏاڏو حضرت شيخ فخرالدين ڪبير ’وڏو‘ عرب ملڪ مان لڏي پنجاب جي مشھور شھر ديرھ غازي خان جي ڀرسان ڪوٽ ڪروڙ پڪا ڳوٺ ۾ رھائش اختيار ڪيائين. اُتان جڏھن ٻيھر سفر ڪيائين ته سنڌ هليو آيو، سنڌ جي شھر بوبڪ ۾ رھيو ۽ سندن آخري آرام گاهه پُڻ بوبڪ ۾ آهي، سندن پوٽو مخدوم فخرالدين صغير ڪوٽ ڪروڙ مان لڏي هالڪنڊي، (هالا پُراڻا) ۾ اچي آباد ٿيو.

عجب عشق آهي اسانجو الستي
۽ ڪُجهه ٻيون به قبرون آهن جن ۾ هڪ قبر اُن حضرت مخدوم محمد الزمان ’طالب الموليٰ‘ جي به آهي جنھن چيو آھي ته:
عجب عشق آهي اسانجو الستي،
ڪڏهن بُت پرستي ڪڏهن خُود پرستي.

جھان کان جُدا ٿي جھان ۾ رھون ٿا،
سڀن ساڻ گڏ ھوندي سڀڪجهه سَھون ٿا،
وسائيسون وھ وا ورھه واري وَستي.

اسانجي محبت جو معيار محڪم،
ڪري پيار ٿياسون جو هن ساڻ همدم،
اسان تان سڃاتي حبيبن جي هستي.

ٿياسون جو ’طالب‘ ته مطلوب مِليو،
ٿي ساقي صنم، پو کڻي جام اُٿيو،
سري مان سڄڻ جي مِلي سُرڪ سستي.

مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ
مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جي باري ۾ مون جيڪو پڙهيو آهي ته هي طبيعتن سڀني پيرن، وڏيرن کان مختلف هو، محبت جو پيڪر هو، ايتري تائين جو ملازمن سان به تِکو نه ڳالھائيندو ھو، ڪنھن سان جي ڪا رنجش ھوندي تڏھن به اُن کي محسوس ئي نه ڪرائيندو هو ته کائنس خفا آهي، اِنھي سندس طبيعت جي ڪري ھن ماڻھن طرفان به وڏي محبت ماڻي جو سنڌ توڙي هند ۾ سندس چاهيندڙ موجود آهن. هِن سڄي خاندان ۾ ٻه الڳ ۽ منفرد شيون آهن. هڪ شاعري ٻيو موسيقي سان دِلچسپي.
طالب الموليٰ سڀ کان پھرين ”انجمن علم ۽ ادب“ جو ھالا شھر ۾ بنياد وِڌو، پوءِ اِن پليٽ فارم تان کوڙ ادبي گڏجاڻيون، ڪانفرنسون سڏايون ويون، اڃا به ادبي ڪمن ۾ دِلچسپي وڌڻ ڪري پاڻ هالا جي شھر ۾ ”الزمان“ پريس قائم ڪئي، جِتان پوءِ ھفتيوار اخبارون ”پاسبان“ ۽ ”الزمان“ نِڪرنديون ھيون. 1950ع ۾ ھالا جي شھر مان ”فردوس“ نالي ھڪ ماهوار رسالو پُڻ شايع ڪيائين، اُن کان علاوھ 1952ع ۾ ماستر جمع خان ’غريب‘، سندس ئي سرپرستي ۾ ھِڪڙو رسالو ”طالب الموليٰ“ نالي شايع ڪيو. 1954ع ۾ ”اداره روح ادب سنڌ“ جو بُنياد وِڌائين، جنھن پليٽ فارم تان راڳ ڪانفرنس 1955ع ۾ سڏايائين ۽ ماھوار رسالو ”روح ادب“ جي اشاعت ٿي. ”بزمِ طالب الموليٰ“ جو بُنياد پڻ 1955ع ۾ ھالا شھر ۾ وِڌائين، جنھن کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ مختلف ھنڌن تي شاخون کُوليون ويون. 1956ع ۾ ھِن جي سرپرستي ۾ حيدرآباد شھر مان به ”شاعر“ رسالو شايع ٿيڻ لڳو. هن جا تصنيف ڪيل ٽيھارو کن ڪِتاب آهن، اِن کان علاوه ٻيون به کوڙ ساريون ادبي ڪاوَشون اٿس، لوڪ ادب ۾ پُڻ هِن جون وڏيون خدمتون ساراهيون وڃن ٿيون. مخدوم طالب الموليٰ 4 آڪٽوبر 1919ع ۾ هِن جھان ۾ اکيون کوليون ۽ 11 جنوري 1993ع ۾ ھِن جھان کي الوداع ڪري ويو.
جي ڀائين جيئرو هُجان، ته دِل جا ڌوئج داغ،
اچي پيارج عشق مان، اڻ ميا اياغ،
بيٺا ڪري بھار اچ، برهه وارا باغ،
ٿو زوري منجان زاغَ، ويل وقت نه آهيان.
*
جي ڀائين جيئرو هُجان، ته پِڪ پريمي پيار،
انھيءَ آب حيات مان، ڏاتار! ڪي ڏيار،
طالب مولا کي مِٺا ماري، ماري نه مار!
کڻي نظرون ناز سان، جاني! پاڻ جيار،
پھريان وعدا پار، ويل وقت نه آهيان.
*
جي ڀائين جيئرو هُجان، ته ٺار مڙيئي ٺپ،
طالب مولا کان ڪبا، ڪھڙا ڊاءَ ۽ ڊپ،
برج کيڏون برهه جي، لائق! ڪر لھپ،
ٻَھڳڻ! ٻاونگير جي، هجني کٽڻ جا کپ،
ذي ڪا شوق شراب مان، لالڻ ساقي لپ!
چتا آهن چَپ، ويل وقت نه آهيان.
*
اسان سندس قبر تي قُل پڙھي دُعا گُهري ٻاهر نِڪتاسين ڪجهه فوٽوگرافي ڪئيسين، اِن دوران منھنجو پيارو دوست آڪاش ميمڻ مُسِلسِل ميسيجن ذريعي رابطي ۾ ھو. مون سندس دِل وٽان مِلڻ جي خواھش ڏِٺي ته اچڻ جي حامي ڀريم، ڇو ته لطيف سرڪار پُڻ ايئن ٿو چوي:
جي ايندي چوَن آءُ، ويندي چوَن ويھه،
ڇڏي سارو ڏيھه، اڱڻ اچجي اُن جي.
تيستائين مونکي هِڪڙو نمبر ميسيج ڪيائين ’ڇوڪرو توهان کي وٺڻ پيو اچي اِن سان رابطو ڪريو‘. رابطو ڪيم. ٻُڌايائين ته ’آئون يو.بي.ايل جي اڳيان بيٺو آهيان. توهان جيئن ئي درگاهه مان ٻاهر نِڪرندا ته توهان کي آئون ڏِسي وٺندس‘. اسان ٿورو اڳيان وياسين چيائين ’ها اڇي رنگ جي ڪلٽس آهي، مون اوهان کي ڏِسي ورتو آهي. آئون اڳيان بيٺو آهيان‘. پوءِ اسان مختلف گهٽين مان ٿيندا اچي ساٽي محلي پُھتاسين، جِتي دوست آڪاش ميمڻ جي ’شانتي ڊولپمينٽ‘ اين جي او جي آفيس آھي. جيئن پُھتاسين ته دروازي تائين اچي اسان جي آجيان ڪيائين.

آڪاش، شانـتي ۽ ساگر
آڪاش ميمڻ سان منھنجي ملاقات کاڻوٺ جي پياري دوست شوڪت ميمڻ ڪرائي ھئي، اُن وقت ٻئي گڏجي ڪم ڪندا ھئا، پوءِ ڪجهه وقت کان شوڪت ميمڻ او آر ڊي جو بُنياد وِڌو ۽ آڪاش آهستي آهستي پاسيرو ٿيندو ويو. نيٺ هِن به هالا ۾ شانتي ڊولپمينٽ آرگنائيزشن ’ايس ڊي او‘ کي رجسٽرڊ ڪرائي آفيس کولي ۽ اِهو ضروري ناهي ته سڀئي ماڻھو سڀني شعبن ۾ ھِڪجھڙو ترقي ڪن. شوڪت ميمڻ وڏي ترقي ڪري تمام وڏا پروجيڪٽ حاصل ڪري ويو. ۽ ھي دوست اڃا ته صرف پنھنجي مٿي ڪَـٿي ھلڪا ڦُلڪا ڪم ڪري رھيو آھي. اڃا تائين ته ايئن ئي وقت گُذرندو اچي اسان جي دُعا آهي ته هي دوست پنھنجي ھِن ڪم ’خدمتِ خلق‘ جي جذبي تحت پوري ماحول ۾ ھِڪ شانتي وارو، سڪون وارو پُرامن ماحول پيدا ڪري. طبيعتن دِلبر دوست آهي، کُليل دِل جو مالڪ، ها ته ها، نه ته نه، ٻِٽِي پاليسي رکڻ وارو ناهي، مُنھن تي ها پرپُٺ گِلا هي اُنھن ماڻھن مان ناھي.
مونکي آفيس جو روم ڏِيکاريائين پسنديده شخصيتن جون سليڪٽيڊ تصويرون چئني پاسان لڳل فريمن ۾ ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيون هيون. ٻُڌايائين ته ’اسان جو آشيانو آهي‘. چيم ’الله پاڪ اوهان کي اڃا وڌائيندو‘. گڏجي پڪوڙه ۽ سموسا کاڌاسين، سامھون گذرندر جليبي بسڪيٽن وارو لنگهيو ته اُهي به گُهرايائين جيڪي هاڻي هاڻي تازه تيار ٿيل هئا، کانئڻ ۾ ڏاڍا لذيذ هئا. مونکي پُراڻي ياد اچي وئي (ڪاليج مان جڏهن واپس ايندا هئاسين ته رستي ۾ بـيڪري هوندي هئي. جنھن تان اسين اُهي کنڊ وارا جليبي بسڪيٽ گرم گرم وٺي ڪنھن ھوٽل تي اچي ويھي گڏجي چانھه پيئندا هئاسين. اسان ٽي دوست هوندا هئاسين جوڙ ۾. لطيف، محمود ۽ آئون. ٻين به ڪافي جڳھين تي ڪجهه وڌيڪ لِکي چُڪو آهيان).
هاڻي آڪاش کان موڪلايوسين. دروازي کان ٻاهر اچي موڪلايائين ۽ اسان کي ڏِسندو رهيو، اسان رستو ڀُلجي وياسين فوراّ فون ڪيائين ته اِن طرف نه وڃو، واپس اچو ۽ اوهان جي ساڄي طرف جيڪو رستو نِڪري پيو اُن طرف مُڙو. سندس شڪريو ادا ڪيم. ۽ اسان گاڏي واپس ڪري ڏسيل رستي تي هلڻ لڳاسين.
تو در آيس راڄيا!، ڀٽ تان ڀيرو
سر لوهيڙا ڳڀيا، ڪسر نسريا،
تو ڪيئن وِسريا، ڍوليا ڏينھن اچڻ جا.
اسان جو پنڌ هاڻي اُن هستي طرف هو، جيڪا پنھنجي شاعري جي ڪري پوري دُنيا ۾ اھم ۽ مُنفرد سُڃاڻپ رکي ٿي. ’لطيف سرڪار‘ جيڪو عاشق به هو، شاعر به هو ۽ هاڻي عام ماڻھن کيس صرف دُعا جو دَر بڻائي ڇڏيو آهي. بھرحال ماڻھن جي عقيدت بابت ڪجهه نٿا ڳالھايون، پر ايترو ضرور ته الله پاڪ، قرآن شريف ۾ واضع واضع لِکيو آهي ته: بندا اوهان جا سڀ گُناهه معافي جي قابل آهن. پر صرف هِڪ گُناهه شرڪ، يعني الله کي ڇڏي ڪنھن ٻي ھستي کي سڏڻ اِھو گُناهه معاف نه ڪندو. سو الله پاڪ ماڻھن کي سِڌي دڳ لڳائيندو. لطيف سرڪار پاڻ الله پاڪ کي چوي ٿو:
تو دَر آيس راڄيا، ٻيا دَر ڏئي ٻَن،
ڪھان جا ڪماچ سين، سا سُڻ سٻاجهي ڪَن. جا مڱ منھنجي مَن، سا مڙوئي معلوم تو ڌڻي.
اسان جي گاڏي جيئن ئي لطيف جي درگاھه طرف مُڙي ته ٻنھي پاسن کان شاھه لطيف جا شعر ايندڙن جي ڄڻ آجيان ڪري رهيا آهن.
هِن تاري هُن هيٺ، هُت منھنجا سپرين،
سڄڻ ماکيءَ ميٺ، ڪڙائي ڪا نه لھان.
آس پاس جڏهن پارَڪ، ساوَڪ يا انتظام تي نظر ڦيرائجي ٿي ته: ڪجهه به ناهي ڄڻ جھڙي شخصيت، جيتري شُھرت، جيتري هنڌين ماڳين هاڪ ايترو ڪو به انتظام نظر نٿو اچي، اسان جڏهن درگاهه جي ويجهو پُھتاسين ته سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڇوڪرا وڏين گاڏين کي اندر ڇڏين پيا، باقي ننڍيون مھراڻ يا ڪلٽس جھڙيون گاڏيون ٻاھر پيا روڪين، وڙھڻ لاءِ جهيڙڻ لاءِ ته جڳھه جڳھه ماحول جُڙيل هوندو آهي پر آخر ڪيترو، ڪيترو اڪيلو ماڻھو جهيڙيندو، جيستائين هر ماڻھو جي سوچ نٿي بدلجي ته قانون، انتظام سڀني لاءِ هڪجھڙو ھجي، تيستائين ڪجهه به نه بدلبو، وڏي گاڏي اچي ته سلام سر! اندر هلي وڃي، ننڍي گاڏي واري کي وري رعب مان ٻاهر روڪيو وڃي. اهڙي سوچ کي ڪيئن بدلائجي، اِهو ڏاڍو ڏُکيو مرحلو آهي. ايئن هر هنڌ هر جڳھه تي آهي،
اسان وڌيڪ بحث ڪري وقت وڃائڻ بجاءِ گاڏي کي گُهمائي پارڪنگ ايريا ۾ بيھاري آياسين، ھاڻي جڏھن درگاهه ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، تڏهن اقبال جي اک باز وانگر هيڏانھن ھوڏانھن لامارا ڏئي رھي ھئي، چيومانس يار! سونھن سڀ کي وڻندي آھي، ھر ماڻھو خوشبوءَ ۽ حُسن کي پسند ڪندڙ آھي، خوشبوءَ ۽ حُسن ھر ڪنھن جون وڻندڙ شيون آھن. پر تو ته صفا حد ئي پار ڪري ڇڏي، يڪو پيو تڪين، اِيئن ته مارائيندن ادا، کِلي ڪجهه شرمائي به پيو، ’ماريندو وري ڪير؟‘ ڪنھن قدر اقبال جي به ڳالھه صحي آهي، اڪثر ڪري درگاهن تي سينگارجي مايون ڇو ٿيون اچن.
هِڪڙي سادي ڳالھه جيڪا سڀني کي سمجهه ۾ اچي، هڪڙو اهو سوال جيڪو پرائمري وارو ٻار به ٻُڌائي وڃي. سوال اِهو ته ماڻھن جو اگر عقيدو اِھو آھي ته اسان کي هيءَ بيماري آهي، هي مرض آهي، هي روڳ آهي، هيءَ تڪليف، هيءَ پيڙاهه آهي، جنھن جو علاج صرف لطيف سرڪار وٽ آھي، تنھن ڪري سائين جي چانٺ چُمڻ آيا آھيون. ٺيڪ، سمجهه ۾ آيو.
پر سمجهه ۾ جيڪو نٿو اچي اُهو اِهو ته: ماڻھو بيماري ۾ مُتبلا آھي، مرض ۾ وڪوڙيل آھي، روڳ ورتل آھي، تڪليف ۽ پيڙا مان گُذري رھيو آھي، ۽ کيس ٿيل ’سورنھن سينگار‘!!! اگر ڪنھن کي ڳالھه سمجهه ۾ اچي ته مھرباني ڪري مونکي به ٻُڌائي. منھنجي ننڍڙي ذهن ۾ اِنھي سوال جو جواب ناھي، جي آھي ته اِهو هِن معاشري کي قابلِ قبول ناهي. اوهان منھنجي رهنمائي ڪريو.
مونکان ڪنھن دِلبر پُڇيو: ’اوھان ته درگاهن جي باري ۾ ڪجهه ٻيو ٿا سوچيو، پوءِ درگاهن تي ڇو ٿا وڃون؟‘ ماڻھو ڪو به سوال ڪري سگھن ٿا، کين پوري پوري آزادي آھي، منھنجو کيس سادو جواب: ’حقيقتن کي ڄاڻڻ، ھِڪڙيون ڳالھيون ٻُڌل ھونديون آھن، ھِڪڙيون ڳالھيون پڙھيل ھونديون آھن، ھِڪڙيون ڳالھيون ڏِٺل ھونديون آھن، اسان پھرين ٻُڌيون، پڙھيون ھاڻي ڏِسڻ ٿا چاھيون،‘ سڀ کان طاقت ورَ موقف اکين ڏٺل حقيقت ھوندي آهي. اِيئن اسان اُنھن الله جي اوليائن تي، مُعتبر انسانن تي چار قُل به پڙهندا آهيون. ۽ آس پاس ماڻھوءَ ڇا ڪري رهيا آهن، ڪيئن ڪري رهيا آهن، ڪنھن کان گهُري رهيا آهن. ڪنھن کي پوڄي رهيا آهن. سڀ ڪجھه پنھنجي اکين سان ڏِسندا آهيون، اوهان به جڏهن منھنجا هي لفظ پڙهندا ممڪن آهي اوهان کي ڪجهه ڪاوَڙ لڳي، پر جي اِيئن ٿئي ٿو ته پوءِ اوهان تي اِهو واجب آهي ته اوهانکي به هِڪ ڀيرو منھنجي لِکيل ڳالھه جي تصديق لاءِ اُنھي هنڌ تي وڃڻو پوندو. اگر مون ڪوڙ لِکيو آهي ته پوءِ اوهان کي حق آهي ته ڪيترا به ڇوهه ڇنڊيو.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح
سنڌ جي سرموڙ شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح تي سلام ورائي سندس مٿان قُل پڙهي، ٻاهر نِڪتاسين، ڪجهه ماڻھن کي چانٺ چُمندي ڏِٺوسين، دَر، دَريون ۽ پِنڃرا سڀني کي چُمن ٿا. سندن عقيدت آھي.
شاھه لطيف جو جنم هِن ڀونءَ مٿي 1689ع ۾ ٻُڌايو وڃي ٿو، هالا جي ڳوٺ هالا حويليءَ ۾ سيد حبيب شاهه جي گهر ۾ ٿيو، شاهه لطيف جي پڙهيل هئڻ نه هئڻ بابت ڪافي بحث ٿيندا رهيا آهن. گهڻو مشھور روايت ته اِها آهي ته شاهه لطيف کي سندس والد شاهه حبيب، آخوند نور محمد ڀٽيءَ وٽ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو، جِتي هُن لفظ ’الف‘ پڙهي اڳتي نه وڌيو. ۽ پوءِ اُن تي اڳتي هلي هڪڙو شعر به لِکيائين:
اکر پڙهه الف جو، ٻيا ورق سڀ وِسار،
اندر تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.
شاهه صاحب کي عاشق به چيو وڃي ٿو، جيڪو مجاز جو ڪانَ هِن کي مرزا مغل بيگ جي ڌيءَ جو حُسن ڏِسي لڳو هو. جنھن جي اُماڙي کيس مجاز کان حقيقت جو پنڌ ڪرايو، مرزا مغل بيگ پنھنجي ڌيءَ جي لاءِ دُعا ڪرڻ لاءِ شاهه لطيف کي وٺي ويو، هن سندس چيچ مان جهلي چيو:
’جنھن جي آڱر سيد هٿ ۾، تنھن کي لھر نڪي لوڏو‘
اُن عشق کان پوءِ ڇا ٿيو سو سوين ڪِتابن مضمونن ۾ اڳ ۾ لِکجي چُڪو آھي، مختصر اِھو ته: شاهه صاحب پنھنجي حال ۾ نه رهيو، بَـرَ مُنھن ڪيائين، ڪنھن وڻ ھيٺ ليٽيو رھيو، مٽيءَ ۽ واري مٿان وري وِيس، مال جي ڌراڙن ھِن کي ڏِٺو اُنھن وڃي شاھه حبيب کي ٻُڌايو، جيڪو ڊوڙندو آيو، هِن وَٽ پھتو سندس حالت ڏِٺائين بي اختيار ٿي چيائين:
لڳي لڳي واءُ، وِيَس انگڙا ڍڪجي،
شاھه صاحب جيڪو پنھنجي حال ۾ نه هو، تنھن مٿي ڪنڌ کڻي جواب ۾ چيو:
پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرين جي.
هي ڳالھه گهڻا ماڻھو ڏند ڪٿا ٿا چوَن، مونکي به لڳي ايئن ٿو، وڌيڪ الله کي خبر، خير شاهه صاحب جو وڏن ڪشالن کان پوءِ عشق اگهاميو ۽ مرزا مغل بيگ جي ڌيءَ سيده بيگم سان سندس شادي به ٿي.
لطيف سرڪار اهڙو منفرد شاعر آهي جنھن ۾ اوھان کي وطن جي حُب، پرين پسڻ جون ڳالھڙيون، وِڇوڙا ورلاپ، ميل ملاقاتون، ميلا ۽ ماتم سڀ موضوع مِلندا، شايد ئي ڪو اھڙو موضوع رھيل ھُجي جنھن تي شاهه جو شعر اوهان کي نه مِلي. هي الله جو ولي آهي ۽ هِن تي لدني علم نازل ٿيل آهي، مختلف روايتن ۾ لِکيل آهي. سندس شاعري مان ته اِهو ئي ڏس مِلي ٿو ته هو وڏو عالم ۽ ڏاهو هو، جنھن جي نظر زمين آسمان تي ۽ موجود سموري ماحول تي، وڻن ٽڻن تي، پکين پَکن تي، ماڻھن مِرُئن تي، ھڪجھڙو پئي ھلندي ھئي، ۽ پيو مشاهدا ماڻيندو ھو، پنھنجي شعرن ۾ بيان ڪندو ھو.
شاهه صاحب پنھنجي زندگي جي 63 سالن جي ڄمار ۾ ڪھڙا رنگ ڏٺا، ڪھڙا روپ پَسيا، اِهي احوال سندس باري ۾ سوين ڪتابن ۾ لِکيل آهن. شاهه صاحب جي وِصال جي تاريخ 1752ع ٻُڌائي وڃي ٿي. شاهه صاحب جي وصيت موجب کيس محمود شاهه جي پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو، هي مٿس اڏيل مقبرو اُن وقت جي بادشاهه ميان غلام شاهه ڪلھوڙي پنھنجي خرچ تي 1754ع ۾ جوڙايو.
مزار کان ٻاھر نِڪتاسين ته لطيف سرڪار جي آڳند تي سندس فقير سندس وايون ورجائي رهيا هئا، جيڪو راڳ صدين کان هلندو ٿو اچي، نسل درنسل فقير ٽولي جي صورت ۾ تنبورو وڄائي، وايون ورجائيندا رهن ٿا. ڀٽائي جي ڀر ۾ ئي سندس والد بزرگوار حضرت شاهه حبيب مدفون آهي.
اَڄ مَلِينديَسِ، ماءِ! ڌاڄا ڪَنديَسِ ڪَپڙا،
جِيجا! جوڳياڻِي ٿِيان، مُون کي جَهلَ مَ پاءِ،
هوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنِرَ پائِيان.

حضرت شاهه حبيب رح
شاهه صاحب جي مقبري جي ڀر ۾ ئي سندس والد حضرت شاهه حبيبرح مدفون آهي. جنھن تي پُڻ قُل پڙھياسين ۽ هِتي به ماڻھن جي ساڳي ئي عقيدت نظر آئي.
شاھه حبيب لاءِ ڪتاب ٻُڌائين ٿا ته آخر ۾ جڏهن سخت بيمار ٿيو ته پُٽ شاهه لطيف ڏي قاصد هٿان هي نياپو مُڪائين:
ڪنھن جي نينھن ننڌاھه، جي مون واجھائيندي نه ورو،
جيڪي مئي ڪنداه، سو جانب ڪريو جيئري.
شاهه صاحب ساڳئي ئي بيتابي مان، قاصد کي جواب ۾ نياپو موڪليو.
متان ٿئين ملُور، ڪِين اڳاهون آهيان،
ڏِسڻ ۾ ڪر ڏُور، حد ٻِنھي جي ھيڪڙي.
جڏھن قاصد شاهه حبيب کي پنھنجي پُٽ جو اِهو نياپو ٻُڌايو ته ڪجهه روح کي راحت مِليس، آرام آيس، پر جيستائين شاهه صاحب سندس سامھون رُوبرُو ٿئي تنھن کان پھرين ئي ساھه جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو، شاهه لطيف کي اِن کان وَڌ شايد ئي ڪو صدمو رسيو هُجي. بھرحال موت ته برحق آهي، هر ڪنھن تي اچڻو آهي، شاهه حبيب جي وفات جي تاريخ 1742ع ٻُڌائي وڃي ٿي.

مير عبدالحسين خان ٽالپر ’مير سانگي‘
شاهه عبداللطيف جي والد شاهه حبيب جي زيارت ڪري ٻاهر نڪتاسين، ته اُتي موجود قبرستان ۾ هِڪڙو وڏي قد جو ڪُتبو نظر آيو، ويجهو اچي پڙهيوسين ته هي لِکيل هو ”تاريخ وفات حسرتِ آيات، ولادت 1851ع وفات 1924ع عمر 73 سال، مرحوم مغفور هِزهائينس مِير عبدُالحُسين خان ٽالپر، ابن سَرڪار شوڪت مدار، مير عباس علي خان ٽالپر“ ڪُتبو ته ڊگهيو لِکيل آهي، اسين ڳالھه ڪنداسين ته هو شاعر ڪيڏو سُٺو هو، غزل جو بادشاهه سڏيو ويندڙ شاعر ’سانگي‘ جنھن جي پئدائش ڪلڪتو (انڊيا) ۾ ٿي، سندس والده جو نالو بيبي بلقيس هو جيڪا ساڳي سال 1851ع ۾ وفات ڪري وئي، هن جو والد به 1857ع ڪلڪتي ۾ ئي وفات ڪري ويو. مون ۽ ادا منظور سندس ڪُتبي سان گڏ فوٽو ڪڍي، کائنس موڪلايوسين.

حضرت ميان تمر فقير سالاريو
مزارن جي ٻاهر ڀر ۾ ڀٽائي جي خاص فقير ’حضرت ميان تمر فقير سالاريو (هالو ارباب) جي چؤڪُنڊي آهي، سندس تُربت مٿان هي بورڊ لڳل آهي. سندس وصال جي تاريخ 4 ربيع الثاني 1405هه ٻُڌائي پئي وڃي. هي فقير لطيف سرڪار جي سمورن فقيرن مان خاص فقير هوندو هو.

شمس العلماءِ عمر بِن محمد دائود پوٽو
اُتي ئي ويجهو شمس العلماءِ عمر بن محمد دائود پوٽو جي به مزار موجود آهي، بلاول جي نگري ٽلٽي ۾ پيدا ٿيو ۽ ادب جي اُڀ تي سِتارو ٿي اُڀريو. 1896ع ۾ پيدا ٿيو، پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ پڙهيو، مختلف تعليمي ڊگرين کانپوءِ انگلينڊ مان انگريزي زبان ۾ پي ايڇ ڊي ڪري موٽيو، سندس پي ايڇ ڊي جو موضوع هو، ’فارسي شاعري جو عربي شاعري تي اثر‘، سنڌ مدرسته السلام ڪراچي جو پرنسپال ٿي رهيو. 1936ع ۾ هي صاحب سنڌ جي تعليم جو انسٽريڪٽر (وزير) ٿي رهيو. سنڌي ادب ’سُرها گُل‘، ڊاڪٽر گُربخشياڻي جي رسالي لِکڻ ۾ پُڻ هِن مدد ڪئي. شاهه عبدالڪريم بُلڙي واري جو رِسالو به لِکيائين، ۽ عبدالرحيم گِرهوڙي واري جو ’ابياتِ سنڌي‘ جي شرح پُڻ ترجمو ڪيائين، اُن کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ تي پُڻ وڏو ڪم ڪيائين. 1958ع ۾ هِن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪيائين.

مٺو مھيري سان ملاقات ۽ اِبراهيم مُنشي جي ياد
بس هاڻي ٻاهر ئي اچي رهيا هئاسين ته مٺو مھيري سامھون گڏيو، ڀاڪر پائي مِلياسين، حال احوال ڪيائين چيائين ته 30 جولاءِ تي مُنشي محمد ابراهيم جي ورسي تي مِلنداسين.
ابراهيم منشي کي مون رُوبرُو هِڪ ڀيرو 2000ع ۾ ميلنيم مشاعري ۾ ٻُڌو هو ’جنگ جنگ، جنگ منھنجي ته توسان جنگ آ، پليت پير ڪر پري هي ڌرتي منھنجو ننگ آ.‘ وفا ناٿن شاھي اِن مُشاعري جي صدارت ڪئي ھئي. وفا ناٿن شاهي کي به رُوبرُو ڏِسڻ جو اِهو پھريون موقعو هو.
اِبراھيم مُنشي خاص مھمان ھو، ھي مشاعرو بخشڻ مھراڻوي، حسن درس، مظھر لغاري ۽ ڪجهه ٻين دوستن گڏجي ڪرايو هو.
شيخ اياز سان به مِلياسين ڪراڙ ڪپ تي
ڪراڙ ڪَپ تي آياسين اياز وَٽ، اياز جيڪو سنڌ جو سرموڙ شاعر ٿي گُذريوآهي جنھن شاهه لطيف کي ايئن چيو آهي ته:
آءُ ڀٽائي آءُ، تنھنجي لئه منھنجون اکيون،
ڏِس مون تنھنجو ڪينرو، ڀوريو ناهي ڀاءُ،
ساڳيو جوڳ جڙاءُ، ساڳيان ستڙا ساز جا.
۽ اِها خواهش جيئري ئي ڪري ويو هو، خواهش نه بلڪِ وصيت ته منھنجو جسد خاڪي، ڀٽائي جي پيرن ۾ دَفن ڪجو.
شيخ اياز مبارڪ شڪارپور ۾ 1923ع ۾ پيدا ٿيو، هِن ٻين ڊگرين حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1950ع ۾ ايل ايل بي به پاس ڪري ورتائين. ورهاڱي کانپوءِ ادب جي دُنيا ۾ شيخ اياز واحد شاعر هو جنھن سنڌي ادب جي وڏي شاعر جو اعزاز ماڻيو. هِن نه رُڳو شاعري ۾ تمام گهڻا ڪِتاب لِکيا، پر نثر ۾ به اوترو ئي لِکيو اٿس، هِن جي نظم توڙي نثر کي وڏي اهميت حاصل رهي آهي. 1976ع کان 1980ع تائين سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر ٿي رهيو. شيخ اياز جي قومي شاعر طور سُڃاڻپ رهي آهي، جڏهن هِن ’سنڌڙي تي سِر ڪير نه ڏيندو، سھندو ڪير ميار او يار‘ جھڙا گيت لِکيا يا ’مان ڏوهي هان‘، ’سچ وڏو ڏوهاري آهي‘ جھڙا نظم لِکيا ته ضياءَ مارشل لا جي دؤر ۾ هِن به جيل ڀوڳيو ۽ جيل مان به نثر جو هِڪڙو بھترين ڪِتاب ’ساهيوال جي جيل ڊائري‘ ڏِنائين. ون يونٽ جي وقت هِن جا گيت ۽ نظم گهٽي گهٽي ۾ گونجندا هُئا. شيخ اياز جي شاعريءَ کانسواءِ ڄڻ هر محفل اڌوري هوندي هُئي. (مونکي ياد آهي، 1997ع ڊسمبر جي سرد رات ۾ ڊسٽرڪٽ هال بدين ۾ ’سگا‘ طرفان مشاعرو هلي رهيو هو، تيستائين فون تي اطلاع مِليو ته شيخ اياز گُذاري ويو آهي، ۽ پوءِ پروگرام جي ڪمپيئر اِهو انائونس ڪيو ۽ اڌ ڪلاڪ جو وقفو ڪندي چيائين ته هاڻي اسان مشاعرو شيخ اياز کي ڀيٽا طور ڪريون ٿا، سو جنھن وٽ اياز لاءِ لِکيل شعر آهي، يا لِکڻ چاهي ٿو ته لِکي وٺي). اسان هِن سنڌ جي مھان شاعر تي چار قُل پڙهي کيس بخشياسين، کائنس موڪلايوسين. آياسين هيٺ تنبوري چوڪ تي فوٽوگرافي ڪئيسين. پوءِ ”چڱو ڀٽائي آئون هلان ٿو“ (اياز )


جيڪي سفر ۾ همسفر هئا:

پروفيسر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لکندڙ، ماتلي جي تاريخ لکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لکيو اٿس، جنھن ۾ پوري قوم جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا به ڪتاب لکيل، سھيڙيل، مُرتب ڪيا اٿس.
اقبال سرور ميمڻ: ڪُنري جو دوست آهي، هن جي ڪُنري شھر ۾ نيو ميمڻ پري ڪُنري جي نالي سان پريس آهي، اسان جو تعلق به پريس جي ڪري ئي جُڙيو، جيڪو تقريبن 1994ع، همت پريس تي واقفيت جي صورت ۾ ٿيو. اڄ تائين ڀائرن وارو رشتو قائم آهي، ساڻس ٻيا به کوڙ گڏ گهمڻ جا پروگرام ٿيا، آهن.

منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شھر سان تعلق رکندڙ: منھنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آهي، پنھنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ هميشه چوندو آهي، گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منھنجي حاضر آهي.

شعيب : ادا منظور جو وڏو پُٽ جيڪو ستين ڪلاس ۾ پڙهي پيو.

نعمان: منهنجو وڏو پُٽ جيڪو ستين ڪلاس ۾ پڙهي پيو.

مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪوڻ بُليا‘

( 26 جولاءِ 2015ع)