سفرناما

سھڻي منھنجي سنڌ

سُھڻي منھنجي سنڌ، مور ساگر جي مطالعاتي ۽ مشاهداتي سفر جو ٻيو ڀاڱو آهي. موجوده سنڌ جي سفر کي مور ساگر، تاريخ، آثار قديمه ۽ جاگرافي جي موضوعن جا رنگ پڻ ڏِنا آهن. ڪِتاب ۾ بيان لھجو ايڏو اُتساهه ڏيندڙ آهي جو جيڪو پڙهندو اُن کي اُتساهه ۽ شوق ٿيندو ته آئون به ايئن ڪريان، پر ايئن ڪرڻ ڏُکيو آهي. جيڪو ڪندو اُن کي پتو پوندو. ان جي باوجود اسان جي ليکڪن کي ايئن ننڍا سير ۽ تفريح جا ڪِتاب لکڻ گهرجن.

  • 4.5/5.0
  • 27
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور ساگر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سھڻي منھنجي سنڌ

بـدين تان ڀـيـرو

روانگي
مَڇُڻ وَرَ! وِساريين، صَبُرُ نه سارِيان،
توکي نِھاريان، آءُ مُھِجا سُپِرِين!
اڄ 7 جولاءِ 2017ع، جمع جي ڏينھن، وڏي وقفي کانپوءِ وري به سفر تي سنبرياسين، ساڳيان مسافر ساڳيا سفر، پر ماڳ نوان نوان،
سائين شيخ عبدالله ڪوهستاني وارن جي خواهش هئي ته بدين ضلعي جو سَير ڪرايو. اُنھن کي گُهمڻ جي دعوت ڏِني هئي، اڄ آيا آهن، شيخ عبدالله ڪوهستاني، مصطفيٰ ميمڻ، سرور خاصخيلي، شيخ عبدالله جا ٻه پُٽ عادل ۽ عباس، لطيف آباد مان مزمل صديقي کي کنيو آيا ماتلي.
سائين عبدالجبار نظاماڻي وَٽ ناشتو رکيل هو، آئون، ادا منظور، سجاد، شعيب ۽ نعمان به آياسين سائين عبدالجبار نظاماڻي جي گهر، مٿين منزل تي چڙهياسين، ناشتو اچي، تيستائين سائين شيخ عبدالله ڪوهستاني وارن مونسان فاتح به پڙهي ماسي (منھنجي سس) جي وفات تي.
ناشتو سڀني گڏجي ڪيو، کِل ڀوڳ به هلندو رهيو، ته ڪم واريون ڳالھيون به ٿينديون رهيون، تيستائين چانھه به آئي، چانھه پيئڻ دوران پروگرام جو شيڊول به طئي ڪري ورتو. ماتلي باءِ پاس الحفيظ پيٽرول پمپ تان پيٽرول ڀرائي، سڀني سفر جي دُعا پڙهي ۽ پوءِ روانا ٿياسين.

ملھِڻ نظاماڻي جي سڃاڻپ ممتاز نظاماڻي
ٽنڊو غلام علي باءِ پاس کان روانگي، گُلاب لغاري. آگهاماڻي ڏانھن ماتلي کي ڇڏي اڳتي جيئن ئي روانا ٿياسين، رستي ۾ پھرين ملھِڻ نظاماڻي اسٽاپ آيو، هن شھر/ڳوٺ جي هِڪڙي سُڃاڻپ ممتاز نظاماڻي به آهي، جنھن شھيد عوام فاضل راهو جي پھرين ورسي تي ملھِڻ کان راهوڪي پنڌ قافلو ڪاھي پُھتي هُئي.
ٿَڪيائِي ٿَرَ ٿيل، چَڙِهه چُڪيائي چوٽِين،
هَلندي هوت پُنھونءَ ڏي، ڀؤ مِڙيِئي ڀيل،
اُٿي رائو رِيل، ويٺن، تان وارِي وَري.
شاهه جو اِهو بيت رسول بخش پليجي کان وٺي سندس هر پارٽيءَ ڪارڪُن کي ياد آهي، ۽ هر اسٽيج تي ضرور پڙهندا آهن.
رسول بخش پليجو جي عوامي تحريڪ جو ماتلي ۾ هي ملھِڻ مرڪز سمجهيو ويندو هو. انھيءَ ملھِڻ مرڪز جي اڳواڻي ممتاز نظاماڻي ڪندي هئي. سائين عبدالجبار نظاماڻي اسانکي معلومات ڏيندو رهيو. اسان کائنس سوال به ڪندا هلياسين.

ڳوٺ نبي بخش ڪمبوه ڏِٺوسين
هلندي سفر ۾ پھريون بريڪ، اولھه اُتر طرف اسانجون گاڏيون هيٺ روڊ کان لھي بونڊري وٺي سِڌو آياسين ’جامعيه فاروقيه مدرسي‘ هي مدرسو ڳوٺ نبي بخش ڪمبوه ۾ آهي، هي ڳوٺ ڪمبوه پنجابين جو آهي، پڪا گهر اڏيل آهن. هِن ڳوٺ جي سُڃاڻپ، هِتي قائم ’جاميعه فاروقيه مدرسو‘ مشھور آهي،‘ اسان جڏهن اڇڙي ٿر ڏانھن اُسيا هئاسين تڏهن هِن ڳوٺ جي هِن مدرسي ۾ پير پاتا هئاسين، پر هِن ڀيري ڪوهستاني دوستن کي گُهمائڻ لاءِ اسان ٻيھر ڳوٺ نبي بخش ڪمبوه ۾ آيا آهيون، انتھائي بھترين ۽ تمام وڏو مدرسو، مدرسي اندر سھڻِي ٺھيل مسجد، سامھون ٺھيل خوبصورت پارڪ، پارڪ جي هِڪڙي پاسي کان رکيل پڃرن ۾ ڪجهه پکي، ۽ جانور ساهه، هرڻ وغيره به رکيل آهن.
اسان اِهو گُهمي ئي رهيا هئاسين ته هِڪڙو شاگر آيو جنھن اسان کي چيو ته: ’اچو اوهان کي سائين اندر گُهرايو آهي،‘ اسان سڀني چيو ته اسان شايد بِنا اجازت وٺڻ جي مدرسو گُهمي رهيا آهيون، تنھن ڪري، مدرسي جي مھتمم کي ناراضگي ٿي پئي آهي، تنھن ڪري گُهرايو اٿس، ۽ واقعي به ايئن ئي هو، پر جڏهن اندر سلام ورائي آياسين ته قاري عبدالمجيد ويٺل هو جيڪو سائين عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي جو واسطي وارو هو. پوءِ قاري عبدالمجيد پنھنجي ڳالھه ته ڪري ويو، پر انداز بدلائي، ڪچھري به ڪئي، چانھه به پياريائين.
رستي ۾ مدرسن تي ۽ پوءِ اسلامي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ ڇا ٿيندو، بحث، مولانا فضل الرحمان وزيراعظم ٿيو ته ڇا ٿيندو؟ هِن جي شخصيت تي اسان جا ڪڙا سوال ۽ سائين عبدالجبار ’قاسم‘ جا جواب، ايئن پنڌ کي کُٽائيندا رهياسين. ٽنڊو غلام علي کي ڪِراس ڪري اڳتي روانا ٿيون ٿا، ٽنڊو غلام علي واپسي جي پروگرام ۾ آهي.

گُلاب لغاري جي دوستن جي ياد ۽ کين سلام
گُلاب لغاري ۾ پھتاسين، ته عبدالخالق لغاري وڪيل ياد آيو، جنھن جڏهن وڪالت پي پڙهي ته اسان سان گڏ روم ميٽ هو، رپ شھر جو دوست عابد ٿيٻو اُن به وڪالت پي پڙهي اسان ٽيئي ڪڏهن ڪڏهن رات جي وقت حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾ واڪ ڪندين وڃي پارڪن تائين پھچندا هئاسين. ياد جي دري بند ڪري کيس فون ڪئي مانس پر ٻُڌايائين ته حيدرآباد آهيان، شادي لطيف آباد مان ڪئي اٿس، هاڻي ڪنھن وقت گُلاب لغاري ته ڪنھن وقت لطيف آباد. ٻيا اسان جا دوست مولوي رفيق احمد لغاري ۽ مولوي خليل لغاري، اُنھن کي به دِل سان ياد ڪيوسين. هِڪڙو ٻيو ڪامريڊ دوست ڪريم لغاري پُڻ هِتان جو آهي. اُنھن سڀني دوستن کي مولوي احمد ملاح جي شعر سان سلام:

دِلاسا دوست مِل ڏيسي، مرض مُنھن ڏيک لھه ويسي،
پَري ٿيا پنڌ پرديسي، سفر ھے پُر ظفر فردا.

گُلاب لغاري مان بس پاڻي جون بوتلون ورتيوسين، ڪارا ڄمون ورتاسين جيڪي سڀني ۾ هِڪجيترا ورهائي کنياسين. سڀني گُلاب لغاري جا ڄمون به کاڌا، پاڻي به پيتو ۽ سفر اڳيان آگهاماڻي ڏانھن.

آگهاماڻي جو سَير
اسين هاڻي پنھنجي اصل منزل تي پھتاسين، هي شھرِخموشان پنھنجي تاريخ سيني ۾ سانڍي خاموشيءَ جي جھان ۾ سڪون سان سُتو پيو آهي، جيئن ئي اسان چؤطرف نظر ڦيرائي ته اسانکي مڪلي جي آثارن وانگر هِتي جا آثار نظر آيا، مڪلي ته خير دُنيا جو وڏي ۾ وڏو قبرستان چيو وڃي ٿو، پر هي به شايد ٻي نمبر تي هُجي. جيئن ئي اسان مٿي چڙهياسين ته ساڄي هٿ تي اُن وقت جي مسجد جيڪا هاڻي بِنا ڇت جي صرف اڌوريون ڀِتيون جيڪي سنھي سِرن سان ٺھيل آهن نظر آيون، ٿورو ئي اڳتي آياسين ته اسانکي اسان وارا ٻئي يار جِن کي ٿوري دير پھرين گُلاب لغاري شھر ۾ ياد ڪيو هيم، مولوي رفيق احمد لغاري ۽ مولوي خليل احمد لغاري مِلي ويا، اُنھن جي واپسي هئي تنھن ڪري ڪُجهه گهڙيون بيٺي بيٺي ڪچھري ڪئيسين، اسانکي منجھند جي ماني، چانھه پاڻي جي صلاح دِل سان ڪيائون، پر اسان پنھنجي شيڊول مُطابق اُن ۾ ڦيرگهير ڪنداسين ته گُهمڻ وارو ٽارگيٽ پورو نه ڪري سگهنداسين. تنھن ڪري وري ٻي ڀيري ڪڏهن اچڻ ۽ کين خدمت جو موقعو ڏيڻ جو واعدو ڪيوسين. کانئن هِن اگهاماڻي بابت پڇيوسين.
’مولوي خليل هِڪڙي اڏيل قٻي طرف آڱر جي اِشاري سان ٻُڌائيندي چيو ته: ’اِهو جيڪو قٻو نظر پيو اچي ان ۾ مدواڻي دفن ٿيل آهي، جنھن کي انگريزن انعام ۾ زمين ڏيڻ جي آڇ ڪئي، هِن چيو زمين (کڙن) کي ڪيڏانھن ڪندس، مونتي مقبرو ٺھرائجو، هاڻي پاڻ مقبري ۾ سُتو پيو آهي، سندس پونئر کيس گاريون ڏيئي رهيا آهن.‘
ڊاڪٽر اسد جمال پلي (تاريخ جو ڄاڻون) مٿين ڳالھه کي رد ڪندي چوَي ٿو ته: ’نصير خان مدواڻي حيدرآباد جي ميرن جو جرنيل هو. مقبرو سندس پونئيرن ٺھرايو آهي، هِن ۾ ٻيون به تربتون آهن.‘
اسان اگهاماڻي جي آثارن جا فوٽو به ڪڍندا رهياسين ۽ گُهمندا، ڏِسند، پڙهندا به رهياسين. هِتي اسانکي ڪيترائي مقبره نظر اچن ٿا.
مخدوم محمد اسماعيل جو مقبرو: مزار تي قُل پڙهياسين، مون قبر تي لڳل ڪُتبي جو فوٽو ورتو، جنھن ۾ لِکيل آهي؛ ’وڏو عالم، عارف، عابد قبله سائين حضرت مخدوم محمد اسماعيل سومرو رحمت الله عليه، تاريخ وفات 14 ماهه ذوالحج 994هه.‘ ٻاهر نِڪتاسين ته ڏِٺم، هِن مقبري جي هِڪڙي ديوار تي ڪارن ۽ وڏن اکرن سان هي عبارت لِکيل آهي: ’درگاهه حضرت مخدوم محمد اسماعيل، شھنشاهه اولياءَ اگهم ڪوٽ اگهاماڻو. (ضروري هدايتون *درگاهه کان ٻاهر نِڪرڻ وقت دروازو بند ڪندا. * درگاهه جي اندر يا ٻاهر ڪنھن قسم جا اکر لکڻ سخت منع آهي. * هِن پُراڻي شھر جي اندر قديم آثارن جي کوٽائي ڪرڻ يا ڪا شئي کڻي وڃڻ سخت منع آهي. پاران: سجاده نشين درگاهه، مخدوم ميان غلام رسول قريشي، مخدوم ميان غلام عباس قريشي). انھيءَ مقبري جي پاسي ۾ ڪجهه ٻيا به مقبره آهن.
مخدوم محمد حامد: هِن جي ڪُتبي تي لکيل آهي؛ ’مرحوم مغفور سائين حضرت مخدوم محمد حامد رحمته الله عليه (اگهم ڪوٽي – اگهمي) بِن مخدوم محمد اسماعيلرح جو وڏو فرزند.‘ انھيءَ جي ئي پاسي ۾ ڏِٺوسين.
محمد يحيٰ: هِن جي ڪُتبي تي به اِهو ئي لکيل هو؛ ’مرحوم مغفور قبله سائين حضرت مخدوم محمد يحيٰ رحمته الله عليه بِن مخدوم محمد اسماعيلرح جن جو ٻيو فرزند. پاسي ۾ هِڪ ٻي قبر جو ڪُتبو پڙهيو.
مخدوم محمد قاسم: هِن جو ڪُتبو لِکيل هو ته: ’مرحوم و مغفور قبله سائين حضرت مخدوم محمد قاسم رحمته الله عليه، بِن مخدوم محمد حامدرح بِن مخدوم محمد اسماعيلرح، جن جو پوٽو.
مقبرن جي ٻاهران خليفن جون قبرون پُڻ نظر اچن ٿيون، هِتي پاسي ۾ هِڪڙي مسجد پُڻ قائم آهي، سيد گل شاهه بُخاري مست، سُرخ سيد ابن شاهه، سُرخ سيد بچل شاهه بخاري هِنن سڀني جون مزارو ن گڏ آهن. اوڀر طرف شاهه محمد قريشي ۽ اولھه اُتر ۾ حسين شاهه جي درگاهه پُڻ آهي، سعيد خان لغاري ۽ پير حسين شاهه جا مقبره به هِڪٻئي جي ويجهو آهن.
بي بي پاڪ ماهم: ٿورو اڳيان هلون ٿا هِڪڙي سِرن جي بونڊري ٺھيل آهي، اُن ته ڪارو بورڊ لڳل آهي، جنھن تي وڏن اڇن اکرن سان لِکيل آهي: ’درگاهه بي بي پاڪ ماهم اِمام بارگاهه معصوم علي اصغر، درگاهه سُرخ سيد ابن شاهه بُخاري، گادي نشين سيد جمن شاهه بُخاري.‘ اڳيان هِن جو گيٽ مسجد نما ٺھيل آهي، گُبنذ به آهي پاسن کان نيلون به لڳل آهن، ٻه ٽي سيڙهيون، چڙهي هن مسجد نما ٺھيل گيٽ تائين اچون ٿا، هڪ طرف بي بي پاڪ ماهم جو مقبرو آهي، هِن اندر چوَن ٿا ته صرف عورتون وڃي سگهن ٿيون، مردن جو اندر وڃڻ منع آهي. ۽ وري پاسي ۾ ٻي درگاهه تي وڃون ٿا.
اسان سان گڏ مزمل صديقي آهي، جنھن وٽ ڪينن جي بھترين ڪيمره آهي، فوٽوگرافي جو هِن کي وڏو شوق آهي. هِن شايد بي بي پاڪ ماهم جي مزار ۾ مردن جو وڃڻ منع وارو بورڊ نه پڙهيو، تنھن ڪري هي اندران ٿي آيو، ۽ ڪُتبي جو فوٽو به ڪڍي آيو، جيڪو مونکي پڙهايائين: ’مٿان گولائي ۾ ڳاڙهن اکرن سان ڪلمو پاڪ لکيل آهي، هيٺ ساوَن اکرن ۾ پنج تن پاڪ جا نالا لِکيل آهن، اُن کان هيٺ ڪارن اکرن ۾ لکيل آهي، تاريخ فوت بي بي ماهم (عزه شعبان روز دوشنبه، بوقت نماز ظھر 170 سن) اُن کان هيٺ سنڌي ۾ لکيل آهي، تاريخ فوت بي بي ماهم، پھرين شعبان ڏينھن سومر بوقت نماز ظھر سن 170هه.
هِتان کان نِڪري ٻي طرف اچون ٿا، پري کان وڏو مقبرو نظر اچي ٿو، رنگ روپ نئون ٿيل آهي، تنھن ڪري وڻندڙ لڳي رهيو آهي، سڀني چيو هَلو ڏِسون اِهو مقبرو ڪنھن جو آهي. آياسين مقبري ڏانھن وڃڻ واري ’واٽ‘ به بھترين ٺھيل آهي، پاسن کان گوڏي جيڏا ٻَنا، ۽ فرش تي وِڇايل سِرون.
شاهه عبدالمجيد: پاڪ پتڻ واري جو مقبرو به آهي، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هِتي محمد اسماعيل سان مِلڻ لاءِ آيو هو ۽ پوءِ هِتي ئي رهجي ويو.
اگهاماڻي جي باري ۾ ڊاڪٽر عابد لغاري جي ڪِتاب ’سنڌ تاريخ ۽ ثقافت‘ ۾ مون ڪجهه هيئن پڙهيو آهي: ’چچ جي دؤرِ حڪومت وقت هِتي لوهاڻو حڪومت ڪندو هو، هِتان ساڱرو واهه وهندو هو، جنھن ڪري هي علائقو سرسبز هوندو هو. چچ اگهم لوهاڻي تي ڪاهي آيو ۽ ڪيترو ئي وقت ڪوٽ کي گهيرو ڪيو ويٺو هو، پر فتحياب ٿي نه سگهيو، انھيءَ دوران اگهم وفات ڪري ويو. سندن پُٽ برهمڻ آباد هليو ويو ۽ پُٺيان ماڻھن ڪوٽ جا دروازا کولي ڇڏيا جن ۾ لوهاڻا، جت ۽ سمان شامل هئا. اگهم ڪوٽ ٻُڌ ڌرم وارن جو هو ۽ ٻُڌ هِتي رهندا هئا. اسلامي د‍ؤر ۾ اگهم ڪوٽ تعليم جو وڏو مرڪز ليکِيو ويندو هو. هِڪ روايت آهي ته: مدد خان پٺاڻ اگهم ڪوٽ کي تباهه ڪري ڇڏيو، ٻي روايت آهي ته ، باهه لڳڻ سبب سڙي ختم ٿيو.

هي غلام علي جو ٽنڊو آهي – ٽنڊو غلام علي
واپسي ۾ اسانجو غلام علي جي ٽنڊي ۾ بريڪ آهي، هي اُهو شھر آهي جيڪو سڄو شھر غلام علي جي مِلڪيت آهي، هِن شھر ۾ گهر توڙي دُڪان سڀئي مسواڙ تي آهن، ڪنھن به ماڻھو جي پنھنجي ڪا به ملڪيت ناهي. (ايئن ٻُڌو آهي). ٽنڊو غلام علي شھر ۾ پُھچي محمد جوڻيجو کي فون ڪئي، سائين عبدالجبار فون تي چيو هو ته اسان مير بنده علي جو بنگلو گهُمنداسين، مير بابو هُجي ته اُن کي به اطلاع ڪري ڇڏج، اُن سان به مُلاقات ٿي ويندي.
محمد جوڻيجو ٻُڌايو ته: ’اوهان ٻاهر مين گيٽ تي اچو آئون اُتي ئي بيٺو آهيان،‘ بنگلي جي مين گيٽ تي پُھتاسين، ملازم دروازو کوليو، ٻئي گاڏيون اندر کڻي بنگلي جي اڳيان اچي بيھاريونسين. محمد جوڻيجو ۽ ٻيا بنگلي تي موجود ملازم مِليا، بنگلو گهُمائڻ کان پھرين بنگلي اندر، بنگلي جي سائيڊ کان بيٺڪ آهي. اُتي ڪُرسين تي ويٺاسين اسانکي پھرين ٿڌو پاڻي پوءِ چانھه سان گڏ بسڪيٽ به ڏِنا ويا. چانھه پيئڻ دوران محمد جوڻيجي ٻُڌايو ته: ’مير بابو کي مون ٻُڌايو هو، هُن اوهانجو انتظار به ڪيو پر اوهان دير ڪئي، هو ڪراچي نِڪري ويو. بنگلي گُهمڻ لاءِ اسانکي اسانجو ميزبان محمد صديق وٺي هليو.‘
مير بند علي جو پُراڻو بنگلو: هي بنگلو مير بنده علي خان ٽالپر پنھنجي دؤر 1932ع ۾ جوڙائي راس ڪيو، هن بنگلي ۾ اُن دؤر جو فرنيچر ساڳئي حالت ۾ موجود آهي، ورانڊي جي وچ تي ڪاٺ جي سيڙھي جيڪا گولائين واري شڪل ۾ اسانکي مٿي ٻي منزل تي وٺي هلي، مٿي به مير صاحب جي استعمال جون گهڻيون شيون اڃا تائين موجود آهن.
مير بابو جو نئون بنگلو: مير بنده علي جو بنگلو گُهمي ڏِسي هاڻي اسان مير بابو جو نئون جوڙايل بنگلو ڏِسڻ هلياسين، پر اسانکي هِن ۾ ڪنھن به قِسم جي ڪا ڪشش ڪرڻ لاءِ يا پُرڪشش شئي نظر نه آئي، نه تعميرِ فن ۽ نه ئي ڪي ناياب شيون، بس هِڪڙي بيٺڪ اوطاق وانگر لڳو. هنن ٻنھي بنگلن جي پريان ٻُڌايائون ته ڪوٽ اندر ڪيئي ناياب جانور آهن، اُنھن کي ڏِسڻ جو موقعو نه مِليو. ميزبان محمد جوڻيجو ۽ بنگلي تي موجود سڀني ساٿين کان کِلي موڪلايوسين. رُخ رکيوسين ٺريِءَ جو.


ٺري نظاماڻي -ڳوٺاڻو شھر
ٽنڊو غلام علي ماتلي روڊ کان ڏکڻ طرف گاڏيون هيٺ لٿيون، تقريبن ّ ٽي ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي ٺري نظاماڻي ۾ ڳوٺ يا ڳوٺاڻو شھر چئون، پُھتاسين، اندر هِڪڙو سِڌو رستو وڃي ٿو، هِڪڙو اُتر طرف نِڪري ٿو، اُتر طرف وارو رستو وٺي سِڌو جامع مسجد ۽ مدرسي جي اڳيان بريڪ ڪيوسين، جامع مسجد ۾ نماز به پڙهيسين، سائين عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي ٻُڌايو ته: ’هي مسجد 1953ع ۾ رئيس حاجي جان محمد ’جاني‘ نظاماڻي ٺھرائي هُئي، جنھن جي قبر به مسجد جي ڏکڻ ۾ اولھندي ڪُنڊ وٽان ٻاهرين پاسي موجود آهي. مسجد جي ڇِت تمام مٿي ۽ بھترين نموني جي گُلڪاري سان سينگاريل آهي، ديوارون ۽ اڏاوت شاندار نموني جي آهي، اِهو ئي سبب آهي جو اڃا تائين مسجد بِلڪل سھڻي نظر ايندڙ آهي.

عبدالله شاهه غازي به ٻه آهن؟!
ٺري نظاماڻي کان ٻاهر نِڪري جڏهن شاهه ديواني جي درگاهه طرف وياسين ته اسان کي ڏکڻ طرف ويندڙ لنڪ روڊ وٺـڻو پيو، ٿورو اڳتي وياسين ته هِڪڙي ننڍڙي مسجد ۽ ننڍي درگاهه نظر آئي، اُتي بيٺل چاچي ڳوٺاڻي کان پُڇيوسين ته هي درگاهه ڪنھن جي آهي؟ چيائين: ’عبدالله شاهه غازي جي درگاهه آهي‘، مون يڪدم چيو: ’عبدالله شاهه غازي به ٻه آهن ڇا!، هِڪڙو ڪراچي ۾ ۽ ٻيو هِتي، ’ها بِلڪل عبدالله شاهه ٽي به ٿي سگهن ٿا‘ سائين وراڻيو. ٻيھر مون چيو، ’چار پنج به ٿي سگهن ٿا، مطلب عبدالله شاهه مرحوم سابق وزيراعليٰ سنڌ، عبدالله شاهه نمائي (اسان جو دوست)، عبدالله شاهه اصحابي (بزرگ مڪلي)، عبدالله شاهه غازي (ڪلفٽن ڪراچي) ۽ هي عبدالله شاهه غازي (ٺري ماتلي)، مطلب ته ڳالھه عبدالله شاهه جي نالي جي ناهي، ڳالھه اِها آهي ته هو به عبدالله شاهه ولي الله مشھور بزرگ، ۽ هي به عبدالله شاهه غازي، مقبرو هِن تي به اڏيل آهي، مشھور آهي الائي نه. ’منھنجي ذهن ۾ يڪدم ماضي اُهو به 2006ع تري آيو، جڏهن اسلام آباد گهمڻ ويا هئاسين اُتي بري امام شاهه عبداللطيف جي مزار ڏِٺيسين، ديوارن تي شعر به لکيا پيا آهن، (تفصيل لاءِ منھنجو سفر نامو ”حيدرآباد کان هنزه تائين“ پڙهي ڏِسجو.‘
شاهه ديوانو، اسان هلي سا، جا جيءُ مِٺو نه ڪري
عبدالله شاهه غازي جي درگاهه کان ٻه ڪلوميٽر ڏکڻ طرف آياسين، سِڌو شاهه ديواني جي درگاهه تي پُھتاسين. سائين شيخ عبدالله جي گاڏي آٽوميٽڪ آهي، پر اڃا گاڏي تي صحيح گِرپ نه اٿس، جيئن مصطفيٰ ميمڻ گاڏي مان لھندي چيو، ”اسان سان هلي سا، جا جيءُ مِٺو نه ڪري“ سڀ سمجهي ويا، سائين شيخ صاحب خود کِليو پي. خير سفر ۾ ايئن کِل مذاق به ٿيندا رهندا آهن.
درگاهه کان پھرين پيلي ڪلر جو بورڊ لڳل آهي، جنھن تي: ’بسم الله، صلوات، پنجتن پاڪ جا نالا اُنھن هيٺان المَدد يا سيدي يا مرشدي بَابِ ولايت، دربارِ عاليه حضرت سيد سخي شاهه ديوانو سلطان آلِ رسولصه (صاحبِ شريعت، طريقت، معرفت، حقيقت عارف باالله)، خادمين دربار عاليه: فقير عبدالقيوم ميمڻ ’عاجز‘، فقير دِلشاد علي ’دلبر‘، صاحبزاده فقير علي رضا ’مومن علي‘.
هِتي ڪا به رش وغيره نه هُئي البت ايڪڙ ٻيڪڙ چنگچي ۽ ڪجهه ٻھراڙي جون مايون چڙا وڄائيندي، يا قبر تي دُعا گُهرندي نظر آيون، پر هِڪڙي ڳالھه سمجهه ۾ نٿي اچي، اولياءَ يا قبر تي دُعا گُهرڻ جي نيت سان جيڪي اچن ٿيون، اُهي هار سينگار ڪري ڇو ٿيون اچن، دُعائون گُهرڻ ته فقير ايندا آهن، پينار ايندا آهن، جِن جا حالات ايترا ته ڳنڀير هوندا آهن، جو هِنن کي پنھنجي گهر ۾ خدا نظر نه ايندو آهي، تنھن ڪري هي درگاهُن جو رُخ رکنديون آهن، ٺيڪ آهي، پر اِن ۾ هار سينگار ڪري اچڻ جو ڪھڙو ڪانسيپٽ جُڙي ٿو، اِها ڳالھه سمجهه ۾ نٿي اچي.
هِتي اسان کي درگاهه کان پھرين دروازي تي وڏا وڏا چڙا، مٽر، مٽريون، ٽليون ٽنگيل نظر آيا، ضرورت مند اُنھن کي وڄائي پوءِ اندر وڃي، بس انسانن جا عقيدا به عجيب و غريب آهن. مقبري ۾ داخل ٿيڻ کان پھرين دروازي مٿان هي شعر لِکيل آهي، فقير عبدالقيوم ’عاجز‘ جو:
پاتم پانڌ ڳچي ۾، اي عالمَ جا الله،
ميٽ مدايون مڙني جون، مھابي مدني شاهه،
’عاجز‘ جون آهون سُڻين، پروَر ڏي پناهه،
ڪرين معاف گُناهه پاتم پانڌ ڳچي ۾.
قبر تي چار قُل پڙهي شاهه ديواني کي بخش ڪري ٻاهر نِڪتاسين.

سنڌ راڻي- مريم عرف سونيتي
سنڌ راڻي شاهه ديوانو جي درگاهه کان ٿورو پنڌ اڳتي آهي، جيڪا پُڻ ٺري نظاماڻي ماتلي ۾ آهي. سنڌ راڻي جي قبر به ٻين قبرن جيئن عام قبر هُئي، بس هِن تي هِڪڙي چوڪُنڊي گوڏي جيڏي ديوار چؤطرف ڦِريل هُئي باقي قبر تي نه ڪا صفائي، نه ڪو چبوترو اڏيل، نه ئي ڪو قبر تي تختي لڳل. بس جيئن اولياءَ ۾ موجود ٻيون قبرون هُيون ايئن سنڌ راڻي جي به قبر هُئي، جيڪا ڪنھن دؤر ۾ واقعي به راڻي هُئي، موت انسان جي سموري هستي کي مِٽائي مِٽي بڻائي ڇڏي ٿو، اُها مِٽيءَ جنھن مان هُن کي پيدا ڪيو ويو هو، وري به واپس اُن مِٽي ۾ مِٽيءَ کي ملائي ڇڏي ٿو.
سنڌ راڻي بابت ڪِتاب ڪُجهه هيئن لِکن ٿا: چاڪر خان اُڍيجي جي ڌيءَ هُئي سنڌ راڻي، هِن جو اصل نالو مريم عرف سونيتي هو، چاڪر خان کي هِڪ ٻي ڌيءَ ڪريما عرف ڪلان پُڻ هُئي ۽ هِڪ پُٽ سائينڏنو هو. ڪلان ۽ سونيتي ٻئي سُھڻيون ٻُڌايون وڃن ٿيون، پر سونيتي ۾ سونھن سَرسَ هئي. جڏهن هِيءَ جواني جي جهولي ۾ جهولڻ لڳي ته اِها خبر واءُ وانگر آس پاس گهُلڻ لڳي. تڏهن اڍيجا ذات جو چڱو مُڙس مير چاڪر خان وٽ آيو سونيتي جو سڱ وٺڻ لاءِ پر سردار چاڪر خان، اڍيجي سردار کي کُتو جواب ڏئي روانو ڪيو. هِي چڱو مُڙس پنھنجي انا جي آڙاهه ۾ پچندي پھتو وڃي خداآباد، ميان سرفراز ڪلھوڙي وٽ، جيڪو اُن وقت سنڌ جو حاڪم هو. سونيتي جي سونھن بابت اهڙو ته همراه کي ديوانو بڻايائين جو، هي وقت جو بادشاهه ڪو بھانو بڻائي ٺريءَ جي پَٽن تي اچي پڌاريو، ڪنھن تلاءُ جي ڀر ۾ جِتي کيس ٻُڌايو ويو هو ته سونيتي سھيلين سان گڏ پاڻي ڀرڻ ايندي آهي. ٻي ڏينھن صبح سوير پسار بھاني هي بادشاهه تلاءُ جي ڀر وٺي اچي بيٺو، جيئن ئي سونيتي سھيلين سان گڏ گهڙا کڻِي پاڻي ڀرڻ آئي ته هِيءَ همراه ڏِسندي ئي پنھنجا حواس وڃائي ويٺو، هڪدم حُڪم ڪيائين ته سردار چاڪر خان کي گُهرايو وڃي. سردار چاڪر خان کان هِن جو سڱ گُهريو، سنڌ جو حاڪم تنھن کي هي اِنڪار ڪيئن ڪري، ها ڪيائين پر شرط رکيائين ته سونيتي شادي لائق ناهي، فلحال اوهان نِڪاح ڪري وڃون جڏهن شادي لائق ٿئي ته شادي ڪري وڃجو، ميان سرفراز ڪلھوڙي اِها ڳالھه قبول ڪري سونيتي سان نِڪاح ڪيو. نِڪاح کان پوءِ ميان سرفراز مريم عرف سونيتي کي ’سنڌ راڻي‘ جو لقب ڏئي روانو ٿيو. ڪجهه وقت کانپوءِ ميان عبدالنبي ڪلھوڙي ميان سرفراز کي قتل ڪرائي پاڻ حاڪم بڻجي ويو. اُن کان پوءِ هي حاڪم ميان عبدالنبي ’سنڌ راڻي‘ جو سڱ وٺڻ لاءِ سردار چاڪر خان وٽ پُھچي ويو، ته اِهو سڱ هاڻي مونکي ڏي. ان تان سردار چاڪر خان صاف اِنڪار ڪيو، ته هِن ظالم حُڪمران لشڪر موڪلي اڍيجن تي حملو ڪرايو، جنھن ۾ چوَن ٿا ته ٽي سؤ کان وڌيڪ اڍيجن جا ماڻھو ماريا ويا، اُن ۾ سردار چاڪر خان به شھيد ٿي ويو. سونيتي ۽ سندس ڀاءُ سائينڏنو کي قيدي بڻائي عبدالنبي پاڻ وٽ رکيو، ٿورن ئي ڏينھن کانپوءِ حالات خراب ٿيڻ لڳا، ڪلھوڙن ۽ ٽالپر جي وِچ ۾ هالاڻي وٽ 1783ع ۾ جنگ لڳي، جنھن ۾ عبدالنبي جنگ هارائي ڀڄي ويو، ۽ تخت تي ٽالپر حُڪمران قبضو ڪري ويھي رهيا. مير فتح علي خان ٽالپر سنڌ جو حاڪم ٿيو، جنھن پنھنجو تخت گاهه حيدرآباد کي بڻايو. پڪي قلعي ۾ ٽالپر حُڪمرانن جو پھريون اجلاس ٿيو، اُن ۾ سنڌ کي مختلف حِصن ۾ تقسيم ڪري پاڻ ۾ ورهايو، اُتي سنڌ راڻي جو به فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ راڻي سان جيڪو شادي ڪندو، اُن کي حڪومت ۾ ڪو به حِصو نه مِلندو. اُتي مير باگو جيڪو اڳ ۾ ئي سنڌ راڻي جي سونھن کي پنھنجي دِل ۾ دٻائي رکيو ويٺو هو. اُٿي بيٺو چيائين مونکي ’سنڌ راڻي‘ ڏيو، حڪومتون ڄاڻو ته اوهان ڄاڻو، ۽ پوءِ مير فتح علي خان پنھنجي فيصلي کي پاڻي ڏيندي، سنڌ راڻي کي مير باگي سان پرڻائي، کيس ٽنڊي باگي وارو علائقو به ڏِنو، سنڌ راڻي جو اڪيلو ڀاءُ سائينڏنو مير باگي سان شڪار تي ويو ته اُتي ويٺل دشمنن سائينڏني کي قتل ڪري ڇڏيو، اِها خبر سنڌ راڻي مٿان وِڄ وانگي ڪڙڪي، سنڌ راڻي جيئن بيمار ٿي ته وري وڃي موت سان مِلي. سندس وفات وقت عمر 26 سال ٻُڌائي وڃي ٿي. سندس ڪيل وصيعت مطابق مير باگي کيس شاهه ديوانو درگاهه ڀر ۾ دفن ڪيو ۽ مٿس سنگ مرمر جي پٿرن سان قبر جوڙائي، گُل ٻوٽا پوکيا. جن جو هِن وقت نالو نشان به ناهي، باقي پُراڻو پٿر اُنھي حالت ۾ آهي.

ڪالھه قبرستان مان، ڪَن پئِي ڪھاڻِي، تون به هِت،
جيئن اسين پَٽ ۾ پياسُون، تِيئن پُڄاڻِي، تون به هِت.
سرد شُوڪارا ڀَريَم، سُڃ ۾ سُتل سُھڻا ڏِسِي،
هِن وڏي واڪي ڏِنم، وو وو! وراڻِي، تون به هِت.
احمد ملاح جا اِهي الفاظ ورجائي، اسان سنڌ راڻي کان موڪلايو. جڏهن پھريون ڀيرو آئون هِتي آيو هئس تڏهن سنڌ راڻي وَٽ بيٺي سِج اسان کان موڪلايو هو، جيڪو مون پنھنجي موبائيل ڪيمره ۾ محفوظ ڪيو هو.

ڄام جوڻو، جوڻيجي وڃي جهوري ماريو
شاهه ديوانو يا سنڌ راڻي جي مزارن وٽان بيھي ڏِسبو ته شايد اڻلکو ڏکڻ طرف نظر اچي، پر اسين ته شاهه ديواني کان ڏکڻ طرف ٻه ڪلوميٽر جو ڦيرو ڪري، آياسين، رستي ۾ هِڪڙو پھريون ڳوٺ گل حسن جوڻيجو اچي ٿو اُن کان اڳيان لغارين جو ڳوٺ آهي، لغارين جي ڳوٺ کان هيٺ اولھه طرف بونڊري لھي ٿي، جيڪا ڍوري مان نِڪري ٻاهر ڪپ تي اچي ٿي، ڪُجهه قدم ڍوري جي ڪپ تي هلي وري به اولھه طرف ٻنيءَ جي وِچان ويندڙ بونڊري وٺي، اڳتي آياسين، هِتان رستي ۾ هِڪڙي نوجوان جنھن پنھنجو نالو محسن لُنڊ ٻُڌايو، اُن کي ورتوسين، جنھن اسان کي سِڌو وٺي اچي ڄارين ۽ ديوِين جي هِڪڙي ويڙهه تي بيھاريو، اُن جي اندر جهانڪي ڏِسبو ته نظر ايندو ها اندر ڪائي قبر واقعي آهي، اُتي پاسن کان پکڙيل سِرن مان به اندازو ڪري سگهجي پيو ته قبر واقعي ڪيترو پُراڻي آهي، پر اسانکي اعتبار به نه پيو اچي ته جيڪو ماڻھو وقت جو بادشاهه ٿي گُذريو آهي، سو ايئن رڻ ۽ ٻنين جي وچ ۾ اڪيلو اڪيلو هِتي ڪيئن مدفون آهي.
ان قبر جو مونکي پھرين محترم قربان ملاح صاحب ٻُڌايو، ان کان اڳ منھنجي ڄاڻ ۾ به نه هو، پوءِ جڏهن آئون ڏِسي آيس ته قربان ملاح کي فون ڪري تصديق ڪرڻ چاهيم، قربان ملاح شايد منھنجي ڳالھه سمجي ويو، تنھن مونکي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڪتاب ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ جي جُلد پھرين جي پيج نمبر 36 جو فوٽو ڪڍي واٽسيپ ڪيو، چاهيان ٿو اوهان سان به شعر ڪريان:
”ڄام جوڻي کي دهلي جي بادشاهه فيروز شاهه ٺـٽي ۾ تخت تي ويھاريو ۽ سندس ڀاءُ ڄام ٻانڀيڻي ۽ ان جي پُٽ تماچي کي پاڻ سان گڏ دهلي وٺي ويو. ڄام جوڻي جي گِلا ٿي ۽ جڏهن سُلطان فيروز شاهه وفات ڪئي ته ڄام تماچي اچي ڄام جوڻي ۽ سندس پُٽ کان تخت کسيو، درويش نوح کيبرائي دُعا ڪئي ته:
جوڻو وڃي جهوري ماريو،
ڄام تماچي تختين چاڙهيو.
ڄام جوڻي پوءِ ٺـٽو ڇڏي گُمناميءَ ۾ گُذاريو، ٺري (تعلقو ماتلي)، ڏکڻ ڪنھن جاءِ تي وفات ڪيائين ۽ کيس شاهه ديواني جي مقام ۾ دفن ڪرڻ لاءِ آندائون، پر هِن کي جاءِ نه ڏِني وئي، پوءِ شاهه ديواني جي مقام جي حد کان ٻاهر ڏکڻ طرف کيس دفن ڪيائون. راقم اِها قبر ڳولي ڏِٺي ٻي روايت موجب اِها قبر ٻئي جوڻي جي آهي، چوَن ٿا ته ڄام جوڻي جو اولاد جوڻا ۽ جوڻيجا ٿيا. جيڪي پوءِ ٺٽي جي ڄامن جنگين جهيڙن کان پري رهي پنھنجي زمينداري ڪرڻ لڳا.“
مٿيون صفحو جيئن جو تيئن اوهان سان شيئر ڪيو اٿم، اسين هاڻي هِتان کان واپس آياسين مين ٽنڊو غلام علي ماتلي روڊ تي، اڳيان حاجي سانوَڻ کان پوءِ اسان کي راڄو خاناڻي وارو روڊ وٺي ٽنڊي باگي طرف وڃڻو آهي.

راڄو خاناڻي ۽ پڪوڙن جي ٽيسٽ
اسان هاڻي حاجي سانوَڻ تي پھچي راڄو خاناڻي روڊ ورتو، راڄو خاناڻي پُھتاسين ته اسان کي جيتريون هوٽلون ۽ ٻيا دُڪان نظر آيا، ايترا ئي پڪوڙن جا دُڪان به نظر آيا، اسان جي دِل چيو ته پڪوڙا وٺجن، ٽيسٽ ڪندا هلون.
(جنت السنڌ ۾ آهي: ’ميرن جيڪي شھر ۽ ٽنڊا تعمير ڪرايا، تن ستت ترقي ڪئي، اڄ به اُهي سنڌ جا مردم خيز ڳوٺ شمار ٿين ٿا. ماڻڪاڻين، خاناڻِي ٽالپرن کي جاگيرون ڏِنيون اُنھن مان مير راڄي خان، ’راڄو خاناڻي‘ نالي ڳوٺ ٻڌرايو.)
رستي ويندي گاڏي ۾ جڏهن پڪوڙا کولي کاڌاسين ته دِل ايئن پي چيو، ٿورڙا ڇو ورتا، اڃا وڌيڪ وٺون ها ڏاڍا ٽيسٽي پڪوڙا هئا راڄوخاناڻي جا. ويجها هُجون ها ته پوئتي مُڙي وري ٻيھر وٺون ها، پر هاڻي سعيد پور کي ويجها آهيون.

سعيد پور ٿيٻا ۽ پاڪستان ڪاليج
سيدپور پُھچون ٿا، سعيد پور روڊ جي پاسي ۾ ئي پاڪستان ڪاليج آهي جيڪو هاڻِي ته زبون حال آهي، پر ضلعي بدين جو اِهو پھريون ڪاليج هو، هِن ڪاليج جو هاسٽل به آهي، جِتي پري پري جا شاگرد رهندا هئا. هِن ڪاليج مان تمام گهڻا شاگرد اِهڙا به نِڪتا جيڪي آفيسر ٿي رٽائرڊ ٿيا. هي ڳوٺ سعيد پور ٿيٻا سڏجي ٿو.
پروفيسر عبدالله ملاح کان جڏهن فون ڪري ڪاليج جي باري ۾ پُڇيم: جيڪو هِن ڪاليج جو پرنسپال به ٿي رهيو آهي. اُن مونکي جيڪا تاريخ ٻُڌائي ڏاڍي دلچسپ هُئي، سائين ٻُڌايو ته: ’هي جيڪو موجوده ’پاڪستان ڪاليج‘ آهي اِهو، شروع ۾ پرائمري اسڪول هو، جنھن کي 1948-49ع قاضي محمد ابراهيم قائم ڪيو، جيڪو اڳتي هلي هاءِ اسڪول ٿيو، جڏهن هاءِ اسڪول ٿيو ته پري پري جا شاگرد هِتي پڙهڻ ۽ رهڻ لڳا، تڏهن قاضي محمد ابراهيم ٿيٻي هِنن شاگردن جي رهائش سان گڏ ماني به مفت ڪئي، ماني سندن گهر واري ۽ سندس نياڻيءَ پچائينديون هيون. هِن صاحب جا پنھنجا پُٽ محمد يعقوب ۽ محمد رحيم کي به شاگردن سان گڏ رهايائين، جڏهن اُهي پڙهي نوڪري ڪرڻ لائق ٿيا ته هِنن کي نوڪري ڪرڻ نه ڏِنائين چيائين ته اوهان کي هِن اسڪول ۾ ئي پڙهائڻو آهي. هِن سخي مرد قاضي محمد ابراهيم ٿيٻي پنھنجي 80 ايڪڙ زرعي زمين جنھن مان 40 ايڪڙ ڳوٺ ۽ مقام لاءِ وقف ڪيائين ۽ 40 ايڪڙ هِن اسڪول جي نالي ڪيائين. سندس فرزند محمد رحيم رات جو ٽريڪٽر هلائي اُها زمين آباد ڪندو هو، ۽ ڏينھن جو تيار ٿي اسڪول ۾ فزڪس جا ڪلاس وٺندو هو. لطيف سرڪار شايد اهڙن ماڻھن لاءِ چئي ويو آهي:
ماڻھو سڀ نه سُھڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجهه، اچي بوءِ بھار جي.
1970ع ۾ هِن اسڪول کي ڪاليج جو درجو مِليو، پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو 1971ع ۾ هِن کي نيشنلائيز ڪيو ته پوءِ هِن ۾ سمورا ملازم ۽ اُستاد پڪا به ٿيا سندن سرڪاري پگهار به جاري ٿي.‘ سائين عبدالله ملاح جون مھربانيون مڃيندي اڳتي روانا ٿياسين.
گوگل ٻُڌايو ته اِها ئي ڦوسڻا ڍنڍ آهي
پروفيسر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي مونکي روڊ جي اوڀر طرف گهاٽن وڻن ڏانھن اِشارو ڪندي ٻُڌائي ٿو: ’مور ساگر پريان اِهي گهاٽا وڻ ڏِسين پيو اِها ڍنڍ آهي، پر انھيءَ ڍنڍ جو نالو خبر ٿئي ڇا آهي؟ انھيءَ جو نالو آهي’ڦوسڻا ڍنڍ‘. نالو ٻُڌي اسين سڀ کِلڻ لڳاسين، مون مذاق مان مزمل صديقي کي چيو: ’مزمل ڀلا گوگل ميپ ۾ سرچ ڪر هِن ڦوسڻا ڍنڍ کي مزمل نالو لِکي سرچ ڪيو ته واقعي ئي، گوگل وارن به نشاندهي ڪري اسانکي ٻُڌايو، ته واقعي اِها ئي ڦوسڻا ڍنڍ آهي. پوءِ اسان سڀئي گڏجي کِلياسين واه ڦوسڻا ڍنڍ! تنھنجي شھرت گوگل جي گسن تي به تنھنجا پيرا...!! وڏي ڳالھه آهي، واقعي به وڏي ڳالھه آهي. ڇو ته ڪيئي ماڳ تاريخي لحاظ کان وڏي اهميت جا حامل هوندا آهن، پر اُنھن کي دُنيا تائين پھچائڻ يا دُنيا کي ٻُڌائڻ جي ڪنھن کي ضرورت ئي محسوس ڪانه ٿي ٿئي، پر هيءَ ڦوسڻا ڍنڍ گوگل تي.

پروفيسر عنايت الله زنگيجو جو ڳوٺ
هاڻي جمعي نماز جو وقت به ٿي ويو، سنگت صلاح ڪئي ته ٽنڊوباگو پھچجندي پاڻ کي وقت وڏو ٿي سگهي ٿو. تنھن ڪري اڳيان جيڪو ڳوٺ آيو اُن ۾ جمعي نماز پڙهنداسين، سائين پروفيسر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي چيو: ’اِهو سامھون ته آهي پروفيسر عنايت الله زينگيجو جو ڳوٺ، اِتي ٿا نماز پڙهون،‘ وضو ڪري پُھتاسين مسجد ۾، تيستائين فرض پڙهجي ويو، واپس ورياسين، چيوسين اڳيان ڪِٿي جماعت مِلي ته ڀاڳ نه ته ظُھَر نماز پڙهي ڇڏبي. مسجد تي نظر ڪيم، گول ڊزائن ۾ مسجد ڏاڍي خوبصورت ٺھيل آهي. پر افسوس اسانکي هِن مسجد ۾ جمع جي باجماعت نماز نصيب نه ٿي.

نِمازُون ۽ نفِل جيڪِي، ڪَريان ته به اِن نفعِ نِيَت،
ته اوڏو تو ٿيان البت، اڳتي ٻيو اَجر گهوريو.

هِنيين تو ساڻ حُب پاتِي، حَياتيءَ تان کنيائين هٿ،
پِيارا! تو پُڄاڻان مون، جيئڻ پَل ۽ پَهر گهوريو.

مير باغي جو ٽنڊو - ٽنڊوباگو
اسان جو قافلو هاڻي ٽنڊو باگو شھر جي حدن ۾ داخل ٿي چُڪو آهي، مير باگي جي شھر ۾ داخل ٿجي ۽ سنڌ راڻي جو تصور ذهن ۾ نه اچي اِهو ممڪن ناهي، دُنيا ۾ هر شئي فنا ٿي وسري وڃي ٿي، پر ماڻھو ڪيل سچو عشق فنا ٿئي ئي نٿو، نسلن جا نسل اُن عشق جي داستانن کي ڳائيندا رهن ٿا. عشق جي ڪابه حد ناهي، ايئن قطئي ناهي ته عشق لاءِ صرف عورت آهي، عشق لاءِ هي پوري ڪائنات ۽ ڪائنات جو خلقڻھار پُڻ پھرين آهي. مونکي بُخاري پيو ياد پوي:
عشق هو چرچو نه هو رؤنشو نه هو،
باهه جو شعلو هو گُلدستو نه هو،
جو وڻيو سو جيءَ ۾ جڙجي ويو،
دِل ڪيو ڪنھن جي مٿان ٿورو نه هو.
انگريز سرڪار جي دؤر ۾ 1878ع ڌاري تعلقي جو درجو ماڻيندڙ، مير باگي جو اڏايل هي ٽنڊو شھر به سنڌ جي ٻين شھرن جھڙو ئي شھر آهي، هِن شھر ۾ رهندڙ منھنجا مانوارا دوست، پروفيسر سائين ضرار رُستماڻي، سائين ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ، سائين اشفاق علي ميمڻ، سائين ڀيشم ڪُمار ’آزاد‘، نصرالله جروار، عثمان راهوڪڙو، انور عباسي، شاهه جھان سمون، منظور سمون، فيض اڍيجو، امين سنڌي جن آهن.
اڄ اسان هِن شھر ۾ اچڻ جو اطلاع فقط سائين ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ کي ڪيو آهي. سائين کي فون ڪئي ته اسين اوهان جي پاڙي ۾ پھچي ويا آهيون، سائين هِڪڙي سنھڙي گهٽي وٺي ٻاهر روڊ تي آيو، پري کان ٻانھون پکيڙي، احمد ملاح جو هي شعر پڙهي آجيان ڪئي:
عِيد ذوالحَج، عِيد رمضان، ٻيون به عِيدُون عام جام،
عِيد ”احمد“ لئي اُهو ڏِينھن، يار جنھن ڏِينھن يار وٽ.
اسان سڀني کي ڀاڪرين مِليو، انھيءَ سنھري گهٽي مان سائين جي پويان هلياسين. گهٽي جِتي دنگ ٿيئي پئي سائين جن جو گهر آهي، اسان کي بيٺڪ ۾ ويھاريائين، سائين کي ماني لاءِ اسان پھرين ئي منع ڪئي هُئي پوءِ به سائين ريفريشمنٽ ۾ ڪافي ڪجهه گهرايو، اُن مٿان ڪولڊ ڊرنڪس پيتي. پروگرام ايئن ٿيو ته پھرين محمد صديق مُسافر جي مزار تي حاضري ڀري پوءِ اڳيان هلون ٿا صاحب محل.

محمد صديق مُسافر- پَر مسافر مفت مارڻ
ساڳين سنھڙي گهٽي وٺي ٻاهر روڊ تي نِڪتاسين اُنھيءَ روڊ تي روڊ جي اولھه طرف وڏي ميدان ۾ اڪيلي مزار ڄڻ رِڻ ۾ مُسافر هُجي، اسان پھرين اچي چار قُل پڙهي کيس بخش ڪيا. جيئن سندس تخلص آهي، بِلڪل هِن بي حِس شھر کيس به مُسافر بڻائي ايئن رِڻ ۾ ڇڏي ڏِنو آهي، مزار تي بِلو ڪلر جي ڪاشي لڳل آهي، ڪو به ڇپرو، ٿلھو وغيره ڪجهه به ناهي، برسات جي مُند ۾ وڏو پاڻي جو تلاءُ ۽ اُن جي وِچ ۾ هي مُسافر سُتو پيو هوندو آهي. مونکي عجب وٺي ويو، بقول احمد ملاح جي:
دُشمنِي يا دوستِي، ٻئِي ديس وارن سان دُرست،
پَر مُسافِر مُفت مارڻ، آهي اِيءَ ڏاڍو عجيب!
زنجبار جو غلام جيڪو وڪرو ٿي سنڌ پھتو اُن غلام حبشي بلاوَل عرف گُلاب خان جي گهر پھرين اپريل 1879ع ۾ جنم وٺندڙ ’محمد صديق ’مسافر‘ جيڪو هي اسانجي سامھون مڻين مٽيءَ هيٺان سُتو پيو آهي، انھيءَ پنھنجي زندگي کي سڦلتا بخشڻ لاءِ پھرين ٽنڊي باگي جي مڪتب ۾ قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪيائين، ۽ پوءِ 1893ع ۾ سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿي ٻه ٻه درجا گڏ پاس ڪري 1896ع ۾ فائنل پاس ڪري ورتائين ۽ 1897ع ۾ ماستر به ٿي پھتو ٽنڊي آدم پڙهائڻ لاءِ، اُتان کان پوءِ ٽريننگ لاءِ ٽريننگ ڪاليج آيو، جتي ٽريننگ سان گڏ هِن پارسي به پڙهي ۽ اُن ئي عرصي ۾ سيد فاضل شاهه وٽ هِن عربي به سِکي ته شاعري جي تعليم پُڻ پرايائين. ڪاليج جا ٽيئي سال پورا ڪري 1902ع ۾ پرئڪٽسنگ اسڪول ۾ اسسٽنٽ مقرر ٿيو. ڏهه سال هِتي ماستري ڪري ٽريننگ ڪاليج ۾ پرشين ٽيچر مقرر ٿيو. اُنھيءَ کان پوءِ موٽي پنھنجي ماڳ ٽنڊو باگو پھتو. هِتي مير غلام محمد خان ٽالپر کيس انگريزي اسڪول کولرايو، جيڪو پوءِ جڳ مشھور اسڪول بڻجي ويو ۽ مسافر 1925ع تائين هِن اسڪول جو هيڊ ماستر رهيو.
هِن محمد صديق ’مسافر‘ پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لِکيا، شاعري، سنڌي ٻوليءَ تي، لسانيات تي وغيره کوڙ ڪِتاب لکيا. ۽ آخر 24 سيپٽمبر 1961ع تي جيئرن جو جھان ڇڏي، هِتي اچي آرامي ٿيو آهي.

سنڌ جو تاج محل - صاحب محل
اسان هِتان ٽنڊوباگو مان سائين محمد اسماعيل ميمڻ کي به ساڻ ورتو، کڏهري ڏانھن روانا ٿياسين جيڪو ٽنڊي باگي کان ڪجهه ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي، کڏهري جي سُڃاڻپ صرف هِڪڙي ئي آهي، صاحب محل. اسين پُڻ صاحب محل ئي ڏِسڻ آيا آهيون، سائين محمد اسماعيل صاحب محل گُهمائڻ لاءِ هِتي جي رهاڪو سائين عبدالرحيم جمالي کي فون ڪري ٻُڌايو ته منھنجا مھمان اچن پيا، هِنن کي صاحب محل گُهمڻو آهي. اسين جيئن ئي پُھتاسين ته سائين عبدالرحيم جمالي به اچي پھتو، سڀني سان تعارف ٿيو، سائين جو تعارف عبدالرحيم جمالي رٽائرڊ ايڇ ايس ٽي ٽيچر، حال احوال خوش خيرعافيت کانپوءِ محل کي گُهمڻ شروع ڪيوسين.
جيئن آگرا ڀارت ۾ تاج محل مشھور آهي، ايئن سنڌ جي ضلعي بدين جو هي ’صاحب محل‘ به مشھور آهي. صاحب محل لاءِ ڪتاب ڪجهه هيئن لکن ٿا:
هي محل ٽنڊي باگي جي مشھور زميندار مير خدا بخش ٽالپر پنھنجي گهر واريءَ ’صاحب خاتون‘ جي ياد ۾ 1947ع ڌاري تعمير ڪرايو، ٽنڊي باگي جي ديھه نار ۽ کڏهري ڳوٺ ويجهو قائم هيءَ ٽي ماڙ خوبصورت عمارت سڄي بدين ضلعي جي تعميرات جو شاهڪار نمونو آهي. ’صاحب خاتون‘ بدين جي مقامي زميندار مير خدا بخش ٽالپر جي دوست بچو خان ڪورائيءَ جي نياڻي هئي. جنھن سان مير خدابخش شادي ڪئي. اُن گهرواريءَ مان مير صاحب کي پھرين نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. جيڪا کيرپياڪ عمر ۾ ئي گُذاري وئي ۽ سندس ننڍڙي مزار محل اندر پھرين منزل تي آهي. جنھن تي قرآني آيتون ۽ وفات جي تاريخ (جنم 9 اپريل 1950ع ۽ وفات 8 آگسٽ 1950ع) لکيل آهي. مير صاحب کي ڪُل ٽي گهرواريون هيون، جن مان هر هڪ لاءِ الڳ گهر تعمير ڪرايائين. مير خدا بخش ٽالپر، مشھور تعليمي ۽ سماجي اڳواڻ مير غلام محمد ٽالپر جو سؤٽ ۽ پنھنجي علائقي جو وڏو زميندار هو، وٽس 30000 ايڪڙ زرعي زمين هئي. پاڻ مير لامبٽ جي نالي سان پڻ مشھور هو. (لانبرڊ (Lawn Bord) انگريز دؤر ۾ حيدرآباد جو ڊپٽي ڪمشنر رهيو هو).
هِن محل جو اڳيون حِصو چئن گُبنذن سان سِينگاريل آهي، هرهِڪ گُنبذ هِڪ هِڪ منزل جي ٻنھي ڪُنڊن تي واقعي آهي. ساڳيءَ ريت هر حِصي ۾ هِڪ جھڙيون چار ڇڄھريون ڏِنل آهن جن جي تعداد اَٺ آهي. هر ڇڄھري جي جوڙي ٻي ڇڄھري سان ڳنڍيل آهي محل جي ڀرسان لاهور واري شاليمار باغ جھڙو باغ پڻ هو، جيڪو بي ڌياني ۽ سار سنڀال نه هئڻ ڪري ختم ٿي ويو آهي، پر اُتي تعمير ڪيل پاڻي جو حوض، هِڪ ڪمرو ۽ تفريح لاءِ ڇڄو اڃان به موجود آهي. هِن محل جي ٽنھي منزلن تي ڪيترائي ڪمرا ٺھيل آهن.
هِن عاليشان ٽماڙ محل جي هيٺين ٻنھي منزلن جي مھاڙيءَ واري ڪُنڊن تي برج نما ٻه ٻه ڪمرا هِڪ ٻئي مٿان ٺھيل آهن. تر واري ڪمري جي وِچ تي سامھون دروازو آهي ۽ ڇت جي سنوت کان مٿي واريءَ تي سوزنڪاري واري (غروقي) گُنبذ نيلڪ سان آهي وِچ تي ورانڊو پيل پاوَن تي آڌاريل آهي. آخري منزل وارو ڪمرو منظرگاهه طور شامل ڪيل آهي. پيل پاوَن جي چوٽيءَ تي تاج ٺھيل آهي.
هاءِ! انسان جڏهن جيئرو هوندو آهي، سمجهندو آهي ته مونکي هميشه رهڻو آهي، پنھنجي رهڻ جي راحت لاءِ ڇا ڇا نه جَتَن ڪري ٿو، پر جڏهن سَڏ ٿئي ٿو ته، ڇا محل، ڇا ماڙيون، ڇا لشڪر، گهوڙا، فوجون، سپاهي، ڇا ڊاڪٽر ڇا سائنسون، سڀ جا سڀ بي اثر بي فائدا بنجي وڃن ٿا، مِٽيءَ جو پُتلو مِٽي ٿي وڃي ٿو:
ڏِسيون ڏوري ڏِٺائون گهر، نه گڏيا گهر جي صاحِب کي،
هِمت مان پوءِ هِتان حاجي، هَلي حَج کي رَسيا ته به ڇا؟
بِنان يُوسف، زُليخا جو، اِرادو ناهِه ڪِٿ ”احمد!“
مِصر جي مُلڪ ري تنھن کي، ٻيا سَڀ ڏيھه ڏَسيا ته به ڇا؟
۽ اسين ايئن حيرت، اچرج ۽ محل کي ڏِسڻ جي خوشي کڻي واپس وري باگي جي ٽنڊي ڏانھن روانا ٿياسين. رستي ۾ صاحب محل جي سونھن تي ڪچھري ڪندي پنڌ کي صفا ويڙهي ورتوسين، مون چيو: ’سائين هي محل جي اوقاف کاتي جي حوالي ڪَن ته بچاءُ ٿي سگهي ٿو، پر اِن شرط تي ته پھرين هِن کي بلڪُل اصل شڪل رنگ رونگن ۾ رپيئر ڪيو وڃي.‘

مير غلام محمد ٽالپر گورنمينٽ بوائز هائر سيڪينڊري اسڪول
اسين هاڻي سنڌ جي اُنھيءَ تاريخي شخصيت مير غلام محمد ٽالپر جي جوڙايل بوائز هائر سيڪينڊري اسڪول طرف ٿا وڃون، جِتي سائين اشفاق ميمڻ اسانجو انتظار ڪري رهيو آهي.
اسين مين گيٽ تي پھتاسين پٽيوالي گيٽ کوليو، گاڏين کي اندر کڻي وڻن جي ڇانوَ ۾ بيھاريوسين، واهه جي خوبصورت بلڊنگ اڏيل آهي، تمام وڏي ڪُشادي بلڊنگ، اڳيان پارڪ، گُل ٻُوٽا ڄڻ ڪنھن ڪاليج ۾ آيا آهيون. تعليم سان عشق ۽ غريبن جو درد رکندڙ مير غلام محمد خان ٽالپر، 1920ع ۾ محمد صديق مسافر سان گڏجي هِڪڙي اسڪول جو بُنياد وِڌو، جنھن ۾ شروع ۾ هِن پنج شاگرد وٺي اسڪول شروع ڪري ڇڏيو، اُنھن شاگرد جي رهائش لاءِ بورڊنگ هائوس به شروع ڪري ڇڏيائين. پوءِ وقت گُذرڻ سان گڏ انگريز سرڪار کان اسڪول کولڻ جي اجازت وٺي 1921ع ۾ پنھنجي ذاتي خرچ تي هي هيڏي وڏي تعليمي درسگاهه تيار ڪرائي، 1925ع کان باقاعده ’لارينس مدرسه هاءِ اسڪول‘ جي نالي سان شروع ڪيو ويو. هِن وقت هي تعليمي درسگاهه ’مير غلام محمد خان ٽالپر هايئر سيڪنڊري اسڪول‘ جي نالي سان هلي رهي آهي. هِن اسڪول جا اُهي شاگرد جن پڙهي پنھنجو نالو روشن ڪيو، اُنھن ۾: علامه محمد عمر دائود پوٽو، ايڇ ايم خواجه، ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، پروفيسر سائين ضرار رُستماڻي، سائين ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ (جيڪو هِن وقت هِن ئي اسڪول جو پرنسپال پُڻ آهي ۽ اسان سان سفر ۾ همسفر آهي). ۽ ٻيا کوڙ شاگرد جِن هِتان پڙهي اعليٰ عھدا ماڻيا ۽ پنھنجو نالو نمايا ڳڻايو.
اسان کي سائين اشفاق ميمڻ پھرين آفيس ۾ وٺي هَليو، چيائين: ’پھرين چانھه پاڻي، پوءِ ڏِسڻ گهُمڻ،‘ ’حاضر سائين‘ اسين اچي اسٽاف روم ۾ ويٺاسين سائين اشفاق چانھه سان گڏ ريفريشمينٽ جو به بندوبست ڪيو. آفيس جي ديوارن تي نظر ڦِيرايم ڪجهه پينٽنگ ۽ ڪجهه شعر به نظر آيا، هِن آفيس جي ٻاهرين ديوار تي لڳل هِڪڙو پينا فليڪس اهڙو به لڳل آهي، جنھن ۾ مير غلام محمد خان ٽالپر جا ڪارنامي مختصر ڪري لِکيا ويا آهن، چاهيان ٿو اوهان کي به اُهي ڪارناما مختصر لِکيل جيئن جو تيئن پڙهايائين:

خان بھادر مير غلام محمد خان ٽالپر جا ڪارناما
1876ع ۾ مير باگي خان جي پُشت مان مير محمد خان ٽالپر جي گهر ۾ جنم وٺندڙ، لاڙ جي ابي سنڌ جي مُحسن، خان بھادر مير غلام محمد خان ٽالپرجا ڪيل ڪارناما:
• 1920ع ۾ پنھنجي ذاتي رقم مان ٽنڊي باگي ۾ اسڪول ۽ مفت هاسٽل تعمير ڪئي.
• هاسٽل جي خرچ هلائڻ لاءِ AG آفيس سنڌ جي انڊومينٽ چيئريٽيبل فنڊ ۾ ٽي لک ستاسي هزار روپيا رکيا.
• 1922ع ۾ مردن لاءِ ”بولس دواخانو“ کوليو، جنھن ۾ مريضن جي کاڌي ۽ دوائن جو مُفت انتظام هو.
• 1928ع ۾ ٽنڊي باگي ۾ گرلس اسڪول قائم ڪيو، جنھن ۾ هُنري سِکيا جو به اتنظام ڪيو هو.
• 1931ع ۾ هڪ زناني اسپتال ۽ ميٽرنٽي هوم قائم ڪيو. جنھن ۾ داين جي ٽريننگ جو خاص انتظام هو.
• ٻھراڙين ۾ غريب ماڻھن لاءِ ”گشتي دواخانو“ هلائيندا هئا ۽ ماڻھن کي مفت دوائون فراهم ڪيون وينديون هيون.
• تعلقي ٽنڊي باگي جي ڳوٺ ماچوري ۽ کڏهري ۾ مُفت اسڪول ۽ هاسٽل ٺھرائي.
• مختلف مدرسن جنھن ۾ ڳوٺ ٿوهي جي مڪتب، شادي پلي جي مولوي محمد عثمان ڀنڀري واري مدرسي، بدين ۾ مولانا حاجي احمد ملاح جي مدرسي، ڏيپلي هاءِ اسڪول ۽ مختلف مدرسن لاءِ سالانا گرانٽ منظور ڪئي.
• ٽنڊي باگي ۾ مُسافر خانو قائم ڪيو.
• لاڙ جي غريب، بيواه ۽ يتيم عورتن لاءِ ماهانا وظيفا مقرر ڪيا.
• مختلف شاگردن کي ٻاهرين مُلڪن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالر شپون ڏِنيون. جنھن ۾ شمس العلماء علامه عمر بِن محمد دائود پوٽو، مير بنده علي ٽالپر (سابق وزيراعليٰ سنڌ) ٽنڊي غلام علي وارو، مير صاحب جي ذاتي ملازم جو پُٽ قادر بخش خاصخيلي جيڪو اڳتي هَلي هِن اسڪول جو هيڊماستر بنيو، حڪيم عبدالستار ميمڻ، حڪيم پير احمد شاهه ۽ سيد غلام مرتضيٰ شاهه شامل آهن.
• اُن کان علاوه هر ضرورت مند ۽ بي پھچ ماڻھن جي مالي مدد ڪرڻ فرض سمجهندا هئا.
• لاڙ جي ابي سنڌ جي سر سيد ۽ غريبن جي خير خواهه مير صاحب 12 فيبرروي 1932ع ۾ وفات ڪئي.
خان بھادر مير غلام محمد خان ٽالپر 1876ع ۾ ٽنڊي باگي ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو مير محمد خان ٽالپر ۽ ڏاڏي جو نالو مير ولي محمدخان ٽالپر هو. زمينداري معاملن سبب مير صاحب کي نوجواني ۾ تڪليفن سان مُقابلو ڪرڻو پيو. هِن کي هاري بنجي پوک ڪرڻي پئي. پوليس ۾ ڪانسٽيبل بنجڻو پئجي ويو. اُتان استعفيٰ ڏيئي اسٽامپ وينڊر طور ڪم ڪيو. مختلف آزمائشي مرحلن مان وڏي هِمت سان گُذرندي زندگي ڪاميابي سان گُذاري. پنھنجي شعر جون سِٽون پيون ياد اچن.
جڳ ۾ جيئڻ لئه جُرئتو سانڍ،
هِڪ حوصلو ٻيون هِمتون سانڍ.
مير صاحب علائقي جي غريب مسڪين مزدور ۽ پورهيت طبقي جي ماڻھن جي ڪسمپرسي واري حالتن کي سامھون رکندي پنھنجي ملڪيت ۽ سوچ اُنھن ماڻھن جي سُڌاري لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اهڙا املھه ماڻھو رُڳو ماضي ۾ ئي پيدا ٿيا، هاڻي وڌيڪ علم ۽ شعور جي ڪري ماڻھو وڌيڪ هوشيار ۽ چالاڪ بنجي ويا آهن. احساس ۽ همدردي ختم ٿي وئي آهي.
هاڻي سائين محمد اسماعيل ۽ سائين اشفاق ميمڻ جي اڳواڻي ۾ اسان اسڪول کي گهُمڻ شروع ڪيو، پھرين ڪلاس رومن کان شروع ٿياسين، ايئن مڪمل بلڊنگ گُهمي، ٻاهر نِڪتاسين، بلڊنگ جي اوڀر طرف نئين اڏيل ٻي بلڊنگ جيڪا سائين محمد اسماعيل ٻُڌايو ته ايراني حڪومت جي سھڪار سان ٺھي آهي، آپا فھميده مرزا جڏهن قومي اسيمبيلي جي اسپيڪر هُئي ته اُن ايراني حڪومت کان ساڍا ٻارنھن ڪروڙن جي اسڪيم ورتي جنھن مان هي بلڊنگ تيار ڪرائي، هِن ۾ وڏو آڊيٽوريم هال پُڻ آهي. اُن کان پريان ٿورو، جنھن ۾ ڀڳل ٽُٽل فرنيچر وغيره پيو آهي، اها پُراڻي گبسن بورڊنگ هائوس جي بلڊنگ آهي. اسڪول جي سموري بلڊنگ گُهمڻ بعد اسڪول اڳيان گروپ فوٽو ڪڍياسين، ۽ پوءِ هِن تاريخي اسڪول کان موڪلائي، آياسين اڳتي بلاوَل پارڪ ۾.

يار! پارڪ ڏاڍو سھڻو ٺھرايل آهي - بلاوَل پارڪ
بلاوَل پارڪ جي گيٽ جي ويجهو ايندي ئي، مصطفيٰ ميمڻ کي چيم: ’مصطفيٰ يار ڳالھه ڪبي حق جي، سنڌ ۾ ٻيون به حڪومتون آيون ويون، ايئن سمجهو ته پ پ پ جي دؤرِ حڪومت کان وڌ مخالف دؤر کي ڳڻبو ته وڌيڪ ٿيندو، پر سنڌ ۾ جيڪي ڪجهه ڪم ڪار ٿورا يا گهڻا ٿيا آهن، ته اُهي پ پ پ جي دؤر ۾ ئي ٿيا آهن، مثال ڪي يونيورسٽيون، ڪي ڪاليج، ڪي اسڪول، ڪي اسپتالون، ڪي پُلون، ڪي روڊ ڪي رستا، يا هھڙا پارڪ (منھنجي ڳالھه جاري هئي پارڪ اندر اڌ تائين پھچي چُڪا آهيون). ڏِس نه هي شام جو پھر آهي، پاڻ جي به ڪھڙي نيت هُئي ته ٿورو پارڪ ۾ هلي فريش ٿي اچون، اهڙا پارڪ هِن وقت تقريبن هر شھر ۾ آهن، سواءِ اسانجي ماتلي شھر جي، اهي پارڪ به پ پ پ جي دؤر ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ٺھرايا آهن، ٻين ضلعن ۾ وري ٻين، پر آئون سمجهان ٿو پارڪ اور آل پوري سنڌ جي شھرن ۾ ٺھرايا ويا آهن. اِهو به هِڪڙو وڏو ڪم آهي. هي انسان جي بُنيادي ضرورتن مان هِڪڙي ضرورت آهي.‘
منھنجي يڪي تقرير نما ڳالھه پوري ٿي ته مصطفيٰ چيو: ’بِلڪل اِها ڳالھه اوهان جي دُرست آهي، پر ڪرپشن به ڪن ٿا‘، ’بِلڪل انھيءَ کان اِنڪار ئي ڪونھي، جيڪو ڪم ڪندو سو ڪجهه نه ڪجهه ته ڪرپشن ڪندو، ايئن سمجهه ته ڪرپشن به ڄڻ ڪمن جو حِصو ٿي وئي آهي، پر جيڪي مخالف دؤر رهيا پوءِ اُنھن ته سمجهه ٻئي مٿا پئسا کاڌا، معنيٰ مڪمل چَٽ‘ مصطفيٰ منھنجي ڳالھه کي ڪٽيندي موضوع بدلائيندي چيو: ’يار پارڪ ڏاڍو سھڻو ٺھرايل آهي،‘ ’بِلڪل پارڪ ۾ پارڪ جي سونھن سمجھيا ويندڙ سڀ لوازمات آهن، هي ڏِس پاڻي جا بُوندون وسائيندڙ ڦوهارا، رنگين لائـٽون، هر قِسم جا گُل، ٻُوٽا، ڇٻرن وِڇايل ٻاريون ٻاريون، اولھه طرف کان وڏو آڊيٽوريم هال، ڏکڻ طرف کان بيٺڪون جن ۾ جهوپڙي به آهي، چوئنرو به آهي، ته لانڍي نمونو به آهي، پريان هو ڏِس اوڀر طرف کان ٻارڙن جي راندين جي لاءِ سڀئي سامان، اُنھن جي ڀرسان وڏا جانور ڊائينوسار، گهوڙا، هاٿي ۽ ٻيا. ٻي گيٽ کان گُهمي ٻاهر نڪري وري پارڪ جي ڪُنڊ تي اچون ٿا، هِتي جِم به ٺھيل آهي، جنھن ۾ ورزش ڪرڻ لاءِ ٽوٽل مشينري موجود آهي ۽ اعليٰ ڪوالٽي جون مشينون، اسان اندر فوٽوگرافي ڪئي، ۽ جِم انچارج سيال سان به ملاقات ٿي. اُن جي پاسي ۾، خان بھادر مير غلام محمد خان ٽالپر لائبرري پُڻ قائم ڪئي وئي آهي.
هِن پارڪ ۾ پھريون ڀيرو: آئون، ذوالفقار خاصخيلي، ڪامريڊ غلام مصطفيٰ جوڻيجو آيا هئاسين، شام جو وقت هو، سائين ڀيشم ڪمار آزاد کي فون ڪئيسين، اُهو به آيو، اُن وري صلاح الدين رُستماڻي کي فون ڪئي، پوءِ اسان پارڪ ۾ ٻاهر آڊيٽوريم هال اڳيان ڪُرسيون لڳائي ڪچھري ڪئي هُئي، گڏ برگر، بند ۽ بوتلون پُڻ هليون هيون.
ٻيون ڀيرو: پنگريو کان موٽندي پنھنجي فيملي سان گڏ گهميون هُيم، ادا منظور ۽ اُن جي فيملي به هُئي، اسين پنگريون کان موٽيا هئاسين ته ٻارڙن کي هي پارڪ گُهمايو هئوسين، هِتي ادا منظور جي نوڪيا ٽچ موبائل فوٽو ڪڍڻ دوران ڀولڙي چنبو هڻي ڦُري پڃري ۾ اندر کڻي وئي ۽ موبائيل کي ڀتن تي زور زور سان هڻڻ لڳي، جيستائين اسان چوڪيدار کي فونون ڪري گُهرايوسين، تيستائين موبائيل کي سڄو رونبڙا هڻي کُٿري ڇڏيائين.
۽ ٽيون ڀيرو: گُهمڻ ته نه پر ’ڪُلياتِ احمد‘ جي تقريبِ مھورت هُئي جيڪا 2 نومبر 2013ع ڇنڇر جي شام هِن پارڪ ۾ ٿي هُئي، ڏاڍي پُروقار تقريب ٿي هئي، جنھن ۾ لاهور کان محمد سھيل عمر (ڊائريڪٽر اقبال اڪيڊمي پاڪستان لاهور) مھمانِ خاص طور شريڪ ٿيو هو، ۽ ان تقريب جي صدارت اڳوڻي وي سي سنڌ يونيورسٽي، مظھرالحق صديقي ڪئي، هن تقريب ۾ مون به ’ڪُليات احمد‘ تي ٻه لفظ ڳالھايا هُئا.
چوٿون ڀيرو: هاڻي گهُمي رهيا آهيون. اسان ڪافي وقت پارڪ ۾ گُهمياسين پر شيخ عبدالله نه آيو، نيٺ اُن سان رابطو ڪيوسين ته چيائين آئون گاڏي سروَس پيو ڪرايان، اِهو ٻُڌي سڀني کي حيرانگي ٿي، ته اڃا ته سفر هلندڙ آهي، هينئر گاڏي سروَس ڪرائڻ سمجهه کان مٿي آهي، جڏهن آياسين سروس تي، ته سائين جو موڊ ڏِسي سمجهي وياسين ته هِن بلاوَل پارڪ گُهمڻ بجاءِ سِڌو بدين ڏانھن هلڻ چاهيو هو، پر باقي سڄي سنگت جو موڊ هو ته پارڪ گُهمجي، هِن اِهو بدلو ورتوآهي. خير پوءِ سائين کي سڀني چيو: ’سائين اوهان سفر جا امير آهيو، اوهان صاف اِنڪار ڪريو ها ته نه هلون ها، پر اوهان ته اهڙي ڪا ڳالھه ئي نه ڪئي هُئي هاڻي ٿا چئو،‘ خير بس اوهان گاڏي کڻو ته هلون ٿا سِڌو بدين.
ڪڏهن ڪڏهن ايئن هوندو آهي ته سفر دوران موڊ خراب ٿيڻ جي صورت ۾ ماڻھو جو مَن هليو ويندو آهي ماضي جي پاتالن ۾، ۽ پوءِ ماضي جون گهاريل گهڙيون لھرون لھرون ٿي دِل درياء جي ڪپرَن سان ٽڪرائجنديون رهنديون آهن، بِلڪُل مونسان به ايئن ٿيو.
ياد آيو ايوب کوسو کان جهڏي مان ٿيندا آيا هئاسين، منھنجو اِهو خيال آهي ته جڏهن به جيڏانھن به نِڪرجي ته رستي ۾ ايندڙ ماحول جو پورو پورو جائزو وٺجي، اُن ماحول ۾ ايندڙ اولياءَ، درگاهون، تاريخي ڪوٽ، قلعا، وستيون واهڻ سڀ ڏِسڻ گهرجن.

ٻھراڙي جو ڳوٺاڻو شھر- خيرپور گمبوه
خيرپور گمبوه ۾ آياسين، هي به ٻھراڙي جو ڳوٺاڻو شھر آهي، جيئن اسان وٽ ڳوٺن ۾ قائم ننڍڙا شھر هوندا آهن، ڪجهه هوٽلون، ڪجهه دُڪان، ڪجهه ڪئبينون. چونڪ تي گاڏي روڪي هِڪڙيَ ڪئبن واري کان پُڇا ڪئيسين ملڪاڻي شريف جي رستي جي، جنھن رستي ڏانھن گاڏي کي موڙيو بيٺا هئاسين ٻُڌايائين ته سِڌو رستو وٺيو وڃو. اڳيان آهي.

اسين رڳو تنھنجو ديدار ڪرڻ آيا آهيون- صابر
اچي پُھتاسين ملڪاڻي شريف، هِتي اسان جو دوست صابر ڪمبوه ٿو رهي، سوچيوسين اُن جو به ديدار ڪندا هلون، ٻيو دوست عزيز ڀنڀرو رهندو هو، جيڪو هاڻي بدين جو شھر وسايو ويٺو آهي. پُڇا ڪري پُھتاسين صابر جي دُڪان تي. صابر نماز عصر اثر پڙهي رهيو هو. ڪجهه دير دڪان اڳيان انتظار ڪيوسين. نماز پڙهي فارغ ٿيو، ٻاهر اچي ڀاڪر پائي مِليو. دُڪان اندر زبردستي وٺي ويو، چيوسين صابر اسان رڳو تنھنجو ديدار ڪرڻ آيا آهيون، ڪنھن ٻي ڀيري ڪچھري ڪبي، پر نه مُڙيو، ويٺاسين، چانھه ۽ بسڪيٽ گهرائي ورتائين.
صابر سان مُلاقات تڏهن ٿي هُئي جڏهن سيد سمن سرڪار تي ڪِتاب ڇپرايو هئائين، سھڙيندڙ پاڻ هو ڪِتاب جو نالو ’لاڙ جو لال- سيد سمن سرڪار‘ اُهو ڪِتاب پوءِ مارڪيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ئي ڪنھن گُدام حوالي ٿي ويو، صابر کي ته پنھنجي محنت جا پئسا مِليا، پر ڪِتاب ماڻھن تائين پھچي نه سگهيون، سڀ ڪِتاب گودام حوالي ڪيا يا ساڙايا ويا، (ولا عالم). صابر کان موڪلايوسين، روڊ تائين گڏ آيو.

المڪتبة المحمدية الاسلامية لائبرري-ملڪاڻي شريف
سائين عبدالجبار رابطو ڪيو محمد خان ملڪاڻي سان جنھن جي هي ذاتي لائبريري آهي، جيڪا اسان کي ڏِسڻي آهي، محمد خان ٻُڌايو ته آئون ٽنڊي باگي مان واپسي اچان پيو رستي ۾ آهيان، اوهان لائبرري ۾ اچو ويھو آئون پھچي ويندس. لائبريري پھتاسين اُتي موجود همراهن کي سائين فون ڪري ٻُڌائي ڇڏيو هو، اسانکي لائبرري کولي ڏِني وئي، واه سُبحان الله لائبرري ته تمام وڏي آهي ۽ تمام گهڻا ڪِتاب نظر اچي رهيا آهن. اسان لائبرري جو جائزو ورتو، ڪجهه ئي گهڙين ۾ سائين محمد خان ملڪاڻي به پھچي ويو، ڀاڪر پائي مِلياسين، اُن کان پوءِ چانھه به اچي وئي، چانھه پي ڪچھري ڪري، هِڪ ڀيرو ٻيھر سائين لائبرري گُهمائي مختلف ناياب ڪِتاب ڏيکاريائين، ڪيئن ۽ ڪِٿان هٿ ڪيائين، سڄي معلومات ڏِنائين، تعداد ڪتابن جو پُڇومانس ٻُڌايائين ’ڇهه هزار جي لڳ ڀڳ ڪِتاب موجود آهن.‘ گڏ گروپ فوٽو ڪڍياسين، کيس پنھنجو هي شعر ٻُڌايم:
رهڻ ڏي مون وٽ هي مون لئه اهم هِن،
خوشبوء، حُسن ۽ ڪِتابن جا تحفا.
تيستائين نماز اثر جي تڪبير به لڳي وئي، ڀر ۾ ئي ’جامع مسجد الحديث ۽ گڏ مدرسو ’تعليم القرآن‘ به آهي. باجماعت نماز ادا ڪئي، مدرسي جي شاگردن ۽ اُستادن کي به سلام ڪيوسين، سڀني کان موڪلايوسين. سمن شاهه جو پنڌ پُڇيوسين چيائون ڇھه ڪلوميٽر اڳيان آهي. سائين نالي ڀائي محمد خان ملڪاڻي کان ڀاڪر پائي وري مِلڻ لاءِ موڪلايوسين ۽ سمن سرڪار جي سلامي ڀرڻ لاءِ سمن سرڪار جي سرزمين ڏانھن هلڻ لڳاسين.

سمن سائين مان ته گولي غلام تنھنجي در جي
سنڌ سڄي ۾ چَپَي چَپَي ته ڪو نه ڪو بزرگ دفن ٿيل آهي، ڪِٿي نه ڪِٿي ڪا درگاهه آهي، ڪِٿي نه ڪِٿي روز ميلو مچندو آهي، ايئن اسان جي سنڌ جيئندي آهي.
توڻي جو هِن وقت ٽاڪ منجھند هُئي، ڪانوَ جي اک پئي نِڪتي باوجود اُن جي ڪجهه ٻھراڙين کان آيل ۽ ڪجهه شھري بيبيون درگاهه اندر ۽ ٻاهر نظر آيون، ممڪن آهي اِن ۾ ڪي اسان وانگر ئي درگاهه تي گُهمڻ خاطر آيل هُجن، ڪي وري باسيل باسون کڻي ايندا آهن، سمن جو ميلو جيئن ته ضلعي بدين جو وڏي ۾ وڏو ميلو لڳندو آهي، تنھن ڪري هِن ميلي تي ته ننڍپڻ کان وٺي اچڻ ٿيندو رهيو آهي.
هِن کان پھرين جڏهن شروعاتي مقبرو ٺھيل هو جيڪو، سمن شاهه جي ڏاڏي پير شاهه ۽ سندس خدمتگار گلاب راءِ (جنھن کي محمد گلاب به چوَن ٿا)، 1934ع ۾ جوڙايو هو. جيڪو تمام سوڙهو هو. اُن وقت کان وٺي هِن درگاهه تي اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيو آهي.
هاڻي هِن وقت جيڪو مقبرو موجوده گادنشين علي بخش شاهه ٺھرايو آهي، تمام وڏو ويڪرو، ۽ بُلند ٺھيل آهي، چارئي ڪُنڊن کان وڏيون دريون جن کي شيشو لڳل ۽ مقبرو هوادار بھترين ٺھيل آهي، اندر اهڙيون هوائون ٿيون اچن جو دِل چوَندي آهي ڪجهه گهڙيون پاسو وٺي ويھي رهجي. پر جيئن ته هر درگاهه تي رش ماڻھن جي اچ وڃ، اهڙي پُرسڪون ماحول کي بي سڪون ڪريو ڇڏي. وڌيڪ ڪِتابن کان ٿا پُڇون.
سمن سرڪار جا وڏا اصل ۾ بخارا کان آيل هئا. سمن شاهه جي والد جو نالو سيد قربان شاهه هو جنھن کي چار پُٽ هئا، سيد جُڙيل شاهه (اول)، سيد مترو شاهه، سيد ڦُلن شاهه، ۽ چوٿون سيد سمن شاهه. هِن بزرگ جي تاريخ پئدائش به روايتن جي آڌار 1870ع ڄاڻايل آهي،
سمن سرڪار درويشي د‍ؤر کان پھرين عاشق هو ۽ هِن جي عشق جا قِصا ٽِن مختلف عورتن سان ٻُڌايا وڃن ٿا، هِڪ روايت: دٻھڙي جي ڪنھن سادات بيبي سان عشق ٿيو. ٻي روايت: ڪنھن مڱڻھار ڇوڪري جي عشق ۾ اڙيو جيڪا سانگي ڦرهو جي چئي وڃي ٿي. ٽين روايت: خيرپورگمبوه جي ڪنھن ڪنڀار عورت سان اکيون چار ٿيون. اِنھن ٽنھي عشقن ۾ ناڪامي هِن کي مجازي عشق کان حقيقي عشق جو رستو ڏيکاريو ۽ پاڻ مجذوب ٿي ڪپڙن کان آزادي ماڻي ورتائين، سندن مُريدن چيو ’سائين پنھنجي تن تي ڪپڙا ته ڍڪيو‘ چيائين: ’باهه جي بٺيءَ تي جيڪا شئي رکندا رک ٿي ويندي‘ هِڪ عربي مھاورو آهي ته: ’عشق اها باهه آهي جيڪا محبوب کانسواءِ ٻي هر خيال کي ساڙي ڇڏي ٿي‘ هي اُنھن حالتن ۾ مجذوب درويش ٿي رِڻ پَٽن جو راهي ٿي ويو، ماڻھن کان پري ڀڄندو هو. ۽ نيٺ رجب جي 14 تاريخ 1350هه، ڊسمبر 1931ع تي هِن فاني جھان کي ڇڏي حقيقي ماڳ ڏانھن موٽيو. هِن بزرگ جا ٽي خدمتگار به ٻُڌايا وڃن ٿا جِن ۾: گلاب راءِ (محمد گلاب)، لالو ڪھيري، فاطمه خاصخيلڻ جِن جون قبرون به هِن جي مقبري جي اوڀر ۾ ٻُڌايون وڃن ٿيون. (معلومات دوست رشيد ڪمبوه جي ڪتاب ’لاڙ جو لال سيد سمن سرڪاررح‘ تان ورتي وئي).
هاڻي جڏهن دُنيا کي ڇڏي ويو آهي ته هِن تي ماڻھن جا ميڙا متل آهن، هِن درگاهه تي مسلمان توڙي هندو ساڳي تعداد ۾ اچن ٿا، هن جي حاضري ۾ گهڻو ڪري ماڻھو ڪُڪڙ کڻي ٿا اچن، جن کي مقبري جي احاطي ۾ ڪُھي کائن ٿا، ڪي وري درگاهه تي ڇڏي وڃن ٿا. هِن درگاهه تي لڳندڙ ٻارهو ميلو جنھن کي شاعر نياز پتافي پنھنجي شعر ۾ هِن طرح بيان ڪيو آهي:

ثقافت جو قلعو آهي، سمن سرڪار جو ميلو.
وڻي ٿو واهه هر دِل کي، امن ۽ پيار جو ميلو.

اڇا پوٺا ڏِسڻ جھڙا، چمن ٿا چنڊ جا ڪِرڻا،
رهاڻيون روح واريون ۽ مٺي گُفتار جو ميلو.

سمايل رنگ الفت جا، سجايل خوب بازارون،
گهمن جوڙا جوانن جا، ٻُڍي ۽ ٻار جو ميلو.

اُتر ۽ لاڙ ٿر وارن، وڏي رونق مچائي آ،
اُٺن گهوڙن ڍڳن مينھن، وڏي واپار جو ميلو.

بدين شھر- سانول پور يا بديڻي بجاءِ بدين سڏيو ويو
اوچتو مون ڪنھن جو هٿ پنھنجي ڪُلھي تي محسوس ڪيو، سجاد هو، ’شاعر صاحب ڪِٿي گُم ٿي ويو آهين؟ بدين پُھچي وياسين‘. ماضي جي ميلي مان مَن کي موٽائي ورتم ۽ ڏِٺم ته بدين پُھچندي سِج اسانجو ساٿ ڇڏي اسانکي رات جي حوالي ڪري ويو. بدين بابت ڪوهستاني سنگت کي ٻُڌائيندو هلان ته: هِن شھر جنھن ۾ هِن وقت پنھنجي موجودگي آهي، ماضي ۾ تقريباً 1500ع عيسوي کان هي چاچڪان علائقو سڏبو هو، هِن علائقي ۾ يعني هِن شھر واري هنڌ هِڪڙو همراه بديڻو نالي اچي آباد ٿيو، جيڪو ذات جو ملاح ٻُڌايو وڃي ٿو، ۽ بدين جي پُراڻي قديم ذات به ملاح ئي ٻُڌائي وڃي ٿي. اُن بديڻي ملاح جي پُويان هِن علائقي کي بديڻو سڏيو ويو. جڏهن هِن بديڻي علائقي ۾ شاهه قادري جي دڙن وٽ سانولو نالي هڪ همراه 1750ع ڌاري اچي ويٺو ته آهستي آهستي شھر آباد ٿيڻ لڳو، پوءِ هِن شھر جو نالو به اُن شخص سانولي جي پُٺيان ’سانوَل پور‘ پيو. تقريبن 30 سالن کانپوءِ جڏهن ميان عبدالنبي ڪلھوڙي جو دؤر هو 81_1780ع ۾ تڏهن هِن عبدالنبي ڪلھوڙي مدد خان پٺاڻ کي سنڌ آندو، جنھن اچي سنڌ جي ڦُرلُٽ ڪئي، اُن ۾ بدين به شامل هو، تاريخ ٻُڌائي ٿي ته جڏهن مدد خان پٺاڻ بدين ۾ ڦُرلُٽ شروع ڪئي ته گهرن ۾ وِڇائڻ وارو تڏو به نه ڇڏيائون، سڀ ڪُجهه ڦُرلُٽ ڪري آخر ۾ شھر کي باهه ڏيئي ساڙي رک جو ڍير ڪري ويو. اُن کان پوءِ وري ٻيھر هي شھر جيڪو هاڻي موجوده شھر آهي آباد ٿيو، جنھن کي سانوَل پور يا بديڻي بجاءِ بدين سڏيو ويو، اڃا به ڪي ٻھراڙي جا جهونا ماڻھو هِن کي بديڻي جو شھر ئي سڏيندا آهن. سو اِهو آهي اسان جو شھر بدين ۽ بدين کي ضلعي جو درجو وري شھيد عوام ذوالفقار علي ڀٽو 1975ع ۾ ڏِنو. (معلومات ڪجهه ڪتابن ۽ ڪجهه پروفيسر عبدالله ملاح کان ورتم).
هِن شھر کي اسين مولوي حاجي احمد ملاح جو شھر به سڏي سگهون ٿا. ۽ هِن غريب آباد کي وسائيندڙ پُڻ مولوي احمد ملاح ئي آهي.

بدينا برک ٿيا بيشڪ، وِڌئون سِنڌ کي ته سونو نَڪ،
لڳو دُشمن کي دِل تان ڌَڪ، ڪَري وِيچار ويچارو.
مولوي احمد ملاح- جيئن مِلين تيئن مِل مِٺا
’مولوي احمد ملاح جو مقبرو ڪِٿي آهي‘؟ سرور پُڇي ٿو، جواب ۾ چوانس ٿو: ’سرور شاعرن تي ڪھڙا مقبرا، مولوي احمد ملاح هِتان کان ٿوري پنڌ تي (هٿ جي اِشاري سان ٻُڌايان ٿو) ڪينٽ روڊ تي قبرستان آهي اُتي هن جي قبر آهي، ۽ هِن جي پاسي ۾ مولوي خير محمد نظاماڻي به سُتل آهي. ’ڀلا هِن وقت رات آهي قبرستان نٿا هلي سگهون اسان کي تون تعارف ٻُڌائي مولوي حاجي احمد ملاح جو‘؟ سرور وري ٻيو سوال ڪيو. سرور! مولوي حاجي احمد ملاح جو تعارف ته مونکي ايترو علم ئي ناهي جو هِن عالم جو تعارف توکي ٻُڌايان، بس جيڪا ٿوري گهڻي معلومات آهي اوهان سان شيئر ڪريان ٿو.
روپا ماڙي ٻُڌي اٿئي؟ انھيءَ روپا ماڙي کان ميل کن جي مفاصلي تي هِڪڙو ننڍڙو ڳوٺ ’ڪنڊو‘ نالي سان آهي، اِهو ڳوٺ ديھه لوهڻ، تپي چورهڏي، يونين ڀُڳڙا ميمڻ ۽ تعلقي بدين ۾ آهي. اُن ڳوٺڙي ۾ هِڪڙي غريبڙي نانگيو ملاح جي گهر هِن هستي احمد ملاح جنم ورتو. هي صاحب 11 سالن تائين ڍور چاريندو رهيو، پوءِ اوچتو هِن کي خيال آيو علم کانسواءِ به ڪھڙو انسان ۽ اِن تي پاڻ هِڪ شعر به چيو اٿس.
ڍور چاريندي اچِي ويو، اوچتو مون کي خيال،
عِلم ري اِنسان کي، ڪُجهه ناهي عِزت اِحترام.
ايئن پوءِ يارنھن سالن جي عمر ۾ هِن علم حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي ئي ڳوٺ جي ويجهو ٻھڊمي جي مڪتب ۾ مولوي حافظ عبدالله منڌري وٽ علم حاصل ڪيو، اُن کان پوءِ مختلف هنڌن، مدرسن مان تعليم حاصل ڪيائين. 1932ع کانپوءِ پاڻ هِن قاضيه واهه جيڪو هاڻي ڪِراس ٿا ڪريون جي ڪَپ تي هِڪڙي مسجد ۽ مدرسو انوارالعلوم جي نالي سان قائم ڪيو، پاڻ انھيءَ مسجد ۽ مدرسي جي ڀرسان پنھنجو گهر به اڏيائين.
اسان ٻُڌو آهي مولوي صاحب اوليائن جي خلاف هو؟ سرور پُڇيو.
’ايئن ناهي اوليائن جي خلاف نه هو، اُنھن ذهنن جي خلاف آهي جيڪي اوليائن تي وڃي اُنھن کان سڀ ڪجهه گُهرن ٿا، جڏهن ته جڳ جو والي واحد الله ئي آهي، ته هي ٻي در ڇو ٿا نمن اِن عمل جي خلاف آهي، مولوي صاحب پھريون عالم ۽ شاعر آهي جنھن قرآن شريف جو سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيو. سندس شاعري جا ڪيترائي ڪِتاب بار بار ڇپبا رهيا آهن، جيڪي شروعات ۾ سندس دوست ۽ پاڙيسري مولوي عبدالله جوڻيجي سھيڙي ڇپرايا هئا ۽ هاڻي ويجهڙ ۾ اُنھن سڀني ڪِتابن کي گڏي ۽ ٻيو ماڻھن جي سينن مان شاعري ڪڍي گڏ ڪري سندس شاعري جو ڪُليات 2013ع ۾ پروفيسر ضرار رستماڻي ٻن ڀاڱن ۾ ڇپرايو آهي. جنھن کي پڙهندڙن وٽان وڏي موٽ مِلي آهي. جنھن جي ڪمپوزنگ ڪرڻ کان ڇپڻ جو اعزاز هِن بندي ناچيز کي آهي.
’ڀلا احمد ملاح جو ڪو شعر جيڪو توکي وڻندو هُجي ٻُڌائي؟ سرور چيو‘، جيستائين منزل کي پھچون سرور ڄڻ ته مونکان انٽرويو ڪري رهيو آهي، سُٺو به لڳي ٿو. احمد ملاح جي سڀ شاعري سُٺي آهي ادا.

مِل مِٺا! ڪهڙي به مُل تي، جيئن مِلين تِيئن مِل مِٺا!
سِر، ڪِ گَهر، گوهر، ڪِ گُل تي، جيئن مِلين تِيئن مِل مِٺا!

ڪنهن به قِيمت تي غَنيمت، تُنهنجي تشريف آوري،
مِلڪ مايا، مُلڪ ڪُل تي، جيئن مِلين تِيئن مِل مِٺا!

ساهه حاضِر، ماهه حاضِر، هَڏ هِنيون حاضِر حَبيب!
ڪُل اَٽالي جي اُٽل تي، جيئن مِلين تِيئن مِل مِٺا!

سانگ سانوَڻ، سَير سانجهي، ٻيا سَڳورا ڏِينهن سَوين،
ڪنهن به اَنگل، ڪنهن اُڇل تي، جيئن مِلين تِيئن مِل مِٺا!

موتيا گُل خواهه موتي، مُلهه چوَڻ مون لاءِ موت،
مُلهه ڪِٿان آڻيان؟ اَمُل تي، جيئن مِلين تِيئن مِل مِٺا!

گُل! گهڻان ڏِينهن تُنهنجي گُلشن ۾، ڪَنڊا کاڌم قريب!
ساڻ بُلبُل ڪنهن به بُل تي، جيئن مِلين تِيئن مِل مِٺا!

آس اَهنجي واس جي، ”احمد“ ڦِري ٿو آس پاس،
جيئن ڦِرن ٿا ڀَونر ڦُل تي، جيئن مِلين تِيئن مِل مِٺا!

قاضيه واهه - هي واهه پوري شھر جي وِچان گُذري ٿو
اسان جڏهن قاضيه واهه جي پُل ڪِراس ڪريون ٿا، ته سائين جِن کي ٻُڌايان ٿو: ’هي واهه پوري شھر جي وچان گُذري ٿو، هاڻي ته هِن واهه جا ٻئي پاسا به پڪا ڪيا ويا آهن، بس هِڪڙو ڪم اڃا وس وارن کي ڪرڻ گُهرجي ته هِن واهه ۾ ڪِٿان به ڪنھن گهر جو ڪو به گٽر نه پوَڻ گُهرجي، ۽ هِن واهه جا ٻئي پاسا جيڪڏهن قبضن کان خالي ڪرائي روڊ ٺھرائي پاسن کان وڻڪاري ڪرائي وڃي ته هِن شھر جي سونھن کي چوڏهن چنڊ چمڪڻ لڳندا، پر خبر ناهي وس وارا اهڙا بدذوق ڇو هوندا آهن، ۽ باذوق ايترا بيوَس ڇو هوندا آهن.‘ ايئن قائدِ اعظم روڊ وٺي اڳتي آياسين، جڏهن پارڪ وٽان گُذر ٿيو ته پارڪ بابت به ٻُڌائڻ فرض پيو سمجهان، اسان وٽ جي سنگت کي گُهمائڻ جو وقت ناهي ته کين بدين شھر بابت مڪمل ڄاڻ ڏيڻ انتھائي ضروري آهي.

شھيد بينظير ڀٽو پارڪ
کين ٻُڌايم هي جنھن پلاٽ تي پارڪ آهي، اهو پلاٽ ريلوي وارن جو آهي، اِن پلاٽ تي گهڻي وقت تائين رينجرس جو قبضو هو، پر هاڻي هِتي اِهو پارڪ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي گهرو وزارت ۽ فھميده جي اسپيڪر واري دؤر جو تحفو آهي، هي فيملي پارڪ آهي، ۽ شھر جي وچ ۾ هُئڻ ڪري شھرين لاءِ ڏاڍو ڪارائتو آهي، اهڙا ڪارائتا ڪم مرزا فيملي بدين ضلع جي تقريبن هر شھر ۾ ڪرايا آهن. سواءِ اسانجي ماتلي شھر جي.

مھراڻ چوڪ ۽ ريلوي اسٽيشن
جڏهن اسان جون گاڏيون بينظير پارڪ کان ٿورو اڳيان مھراڻ چونڪ تي پھتيون ته هِٿ جي اشاري سان سنگت کي ٻُڌايان ٿو ته: ’هو سامھون اوڀر طرف ريلوي اسٽيشن نظر پئي اچي، اها ريلوي اسٽيشن 1908ع ۾ قائم ٿي. هِتي هلندڙ ريل ۾ هِڪ ٻه ڀيرا مون به سفر ڪيو هو، پر هاڻي بلڪل ماضي جو قِصو بڻجي ويو، ٻيھر آپا فھيمده ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار ٽرين هِن ٽريڪ تي آڻي افتتاح ڪيو هو ته هاڻي ٻيھر ٽرين بحال ڪجي ٿي، پر ڪجهه مھينن تائين هلي وري ٻيھر بيھي رهي، تنھن ڪري هاڻي اِها ٽرين ۽ اسٽيشن بلڪل ماضي جو قِصو بڻجي رهجي وئي.

هي يونائيٽيڊ هوٽل
يونائيٽيڊ هوٽل وَٽ اچي گاڏين کي بريڪ ڪيوسين، ۽ سچ جي آفيس سامھون گاڏيون موڙي بيھاريوسين. ڪوهستاني سنگت کي ٻُڌايم ته: ’هي ’يونائٽيڊ هوٽل‘ تمام پُراڻي آهي، هِن جو شروع شروع ۾ وڏو اوج هوندو هو، هِن بلڊنگ ۾ هوٽل، هوٽل جي رهائشي ڪمرن کان علاوه ڪيئي آفيسون به قائم آهن، جن ۾ قومي بچت بئنڪ، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي آفيس، وڪيلن جون آفيسون، ۽ سچ جي آفيس جتي اسين آيا آهيون.‘

مولوي عبدالغفار جمالي _ سچ آفيس
هِتي اسان جو ميزبان مولوي عبدالغفار جمالي اسان جو انتظار ڪري رهيو آهي، سچ جي آفيس ۾، سچ هِن جي هِڪڙي سماجي تنظيم آهي.
اندر آياسين، مولوي عبدالغفار جمالي ۽ ٻه ٽي ٻيا سندس ساٿي، سندس آفيس ۾ انتظار ۾ ويٺل هئا، اسان سان ڀاڪر پائي مِليا. خوش خيرعافيت، حال احوال ۽ تعارف ٿيو، تيستائين ڪجهه ريفريشمينٽ ۽ بوتلون به اچي ويون. کائي پي. گاڏين ۾ چڙهياسين، مولوي عبدالغفار جمالي سندس گاڏي ڊبل ڪئيبن کنئي، آئون ۽ سرور هِن جي گاڏي ۾ سوار ٿياسين.

لاڙ ايف ايم 94 بدين
مٿي بلڊنگ ڏانھن اِشارو ڪندي سرور کي ٻُڌايم ته: اِها مٿي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي آفيس به آهي، جنھن ۾ هِن وقت ريڊيو ’لاڙ ايف ايم 94 بدين‘ جي نالي سان هلي رهيو آهي، جنھن جي شروعات آگسٽ 2014ع کان باقائده شروع ڪئي وئي، هي ايف ايم 94 ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا جو آهي، هِن وقت جنرل مئنيجر راجا ظفر آهي، جڏهن ته پروگرام انچارج مدثر ظفر ۽ مارڪيٽنگ مئنيجر ظفر خاصخيلي آهي. حيدرآباد بدين روڊ ورتوسين، الله والا چونڪ تي پھتاسين ته سروَر کي ٻُڌايم:

قطر طرفان مليل تحفو - قطر مسجد
هي سامھون ڏِسو پيا ڪھڙي خوبصورت اڏاوَت جو نمونو آهي، انھيءَ مسجد کي ’قطر واري مسجد‘ سڏين ٿا. هي مسجد قطر حڪومت پاران مليل تحفو آهي، قطر وارن جي ئي پئسن سان جُڙي راس ٿي، هِن مسجد لاءِ پلاٽ مولوي عبدالحميد جوڻيجي ڏِنو ۽ اُن وقت جو ميونسپل چيئرمين خليفو عبدالله ميمڻ هو، جنھن جي دِلچسپي ۽ ڪوششن سان هي ڪم مڪمل ٿيو. انھيءَ جي اوڀر ۾ بوائز هاءِ اسڪول بدين جي بلڊنگ آهي. شھر جو باءِ پاس روڊ جنھن کي ڪورٽ روڊ به سڏين ٿا. گاڏين جي آهستي اسپيڊ سان هلندا رهياسين، گاڏي ۾ ته منٽ جو پنڌ آهي، سو منٽ جي پنڌ تي اولھه طرف وڏي کنڀي/ٽاوَر ڏانھن هٿ جي اِشاري سان سرور کي ٻُڌايان ٿو:

ايف ايم 105 بدين
’اِهو مٿي جيڪو ٽاوَر ڏِسين پيو اِهو ايف ايم 105 اسٽيشن آهي، جنھن کي بدين ۾ اسانجو پيارو دوست يونس بڪاري هلائي رهيو آهي. سروَر تُنھنجي معلومات ۾ اضافو ڪندي اِهو ٻُڌايان ته پرائيويٽ ايف ايم ريڊيو چئنل جو هي ئي پھريون پرائيويٽ ايف ايم چئنل ’سچل ون او فائو 105‘ جي نالي سان قائم ٿيو، جنھن ڪراچي جي مين شاهراه فيصل بزنس ايونيو بلڊنگ مان پنھنجي پھرين نشريات شروع ڪئي. بعد ۾ حيدرآباد ٿڌي سڙڪ تي اسٽيٽ لائف بلڊنگ مان سيڪنڊ مين اسٽيشن تان نشريات ٻُڌي وئي ۽ پوءِ ايئن آهستي آهستي پوري مُلڪ ۾ هِن چئنل جون ڪُل 23 اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن مان سنڌ ۾ به ٻارھن، تيرھن کن آهن ۽ هي بدين اسٽيشن 105 جي باقائده شروعات 2009ع کان يونس بڪاري جي آواز سان ڪئي وئي، هِن مُلڪ جي سڀ کان وڏي پرائيويٽ چئنل 105 جو اونر/مالڪ جھانگير صديقي آهي.

انصاف جي اکين تي ٻڌل پٽي - سيشن ڪورٽ
’اِها خوبصورت بلڊنگ سيشن ڪورٽ جي آهي، جيڪا هاڻي ڪجهه سال پھرين ٺاهي وئي آهي. انھيءَ جي پاسي ۾ هيٺ اِها پُراڻي بلڊنگ آهي. جنھن جي اڏاوَت 1975ع کانپوءِ ٿي هُئي، جڏهن بدين کي ضلعي جو درجو مِليو هو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جو دؤر هو. ’سرور! ڪورٽ جو هڪڙو خاص نشان ڏٺو اٿئي، جنھن ۾ انصاف جي ديوي جي هٿ ۾ ساهمي هوندي آهي ۽ اکين تي پٽي ٻڌل هوندي آهي. انھي تي ڪڏهن غور ڪيو اٿئي، ته انصاف کي انڌو ڇو پيش ڪري ڏيکاريو ويو آهي؟ ’الائي مون ڪڏهن غور ناهي ڪيو‘.

لاڙ ميوزيم ۽ مولوي احمد ملاح لائبرري
ڊي سي او چوڪ پھتاسين ته سامھون بلڪل خوبصورت بلڊنگ آهي، جنھن جي چوڌاري چئوديواري اُها به گُلڪاري واري ڏِنل ’لاڙ ميوزيم جي آهي‘. هن لاڙ ميوزيم ۽ اندر قائم ’مولوي احمد ملاح لائبرري‘ بابت کين ٻُڌايان ٿو: 81_1980ع ۾ ريلوي اسٽيشن تي ميونسپل ڪميٽي جي هِڪڙي دُڪان ۾ اِهي لاڙ ميوزيم جو شيون رکيون ويون هيون، جنھن دُڪان ۾ هِن وقت هٿيارن جو دُڪان قائم آهي.
وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي دؤر ۾ ٿر ۾ ثقافتي ميلو لڳو هو، اُن ميلي ۾ محمد سومار شيخ اِهي سڀئي شيون کڻي وڃي اسٽال لڳايو هو. اُتي محمد خان جوڻيجو هِن کي باقائده ميوزيم ٺاهڻ لاءِ پنج لک روپيا ڏِنا، جنھن مان پوءِ محمد سومار شيخ ايگروول ڪالوني ۾ 2 ڪمرا ٺھرايا، اُن کان پوءِ گورنر ڪمال اظفر بدين آيو هو ته اُن به ڪجهه لاڙ ميوزيم لاءِ ڏوڪڙ ڏِنا.
1991ع ۾ لاڙ ثقافتي ميلو لڳو هو، اُن ميلي ۾ محمد اسماعيل سپاسنامو پيش ڪيو، جنھن کانپوءِ ڄام صادق ميوزم لاءِ 30 لک ڏيڻ جو اعلان ڪيو. اُن اعلان کانپوءِ محمد سومار شيخ هِڪڙو نئون نقشو تيار ڪرايو جيڪو هاڻي موجوده ’لاڙ ميوزيم‘ آهي. ۽ هِن نئين لاڙ ميوزيم جي عمارت جو جڏهن بنياد ڀريو ته اُن وقت محمد سومار شيخ هِن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو. لاڙ ميوزيم جو ڪم هلندو رهيو، جڏهن پ پ پ جي گورنمينٽ آئي ته قائم علي شاهه هِن ميوزيم لاءِ وڌيڪ پئسا ڏِنا ۽ پوءِ جڏهن ناظمي نظام آيو ته تعلقن جي بجيٽ تعلقن ۾ ئي خرچ ڪرڻي هئي، اُن وقت بدين جو ڊي سي او سيد ممتاز شاهه هو جنھن تعلقي جي سموري بجيٽ هِن ميوزيم جي حوالي ڪئي جنھن تي ڪمال چانگ اُن وقت جي ضلع ناظم صحيح ڪئي، ۽ ايئن هي هاڻوڪي خوبصورت ’لاڙ ميوزيم ۽ مولوي حاجي احمد ملاح لائبرري‘ جي عمارت 2005ع ۾ جُڙي راس ٿي. جيڪا هِن کان پھرين لائبرري ميونسپل ڪميٽي جي هِڪڙي هال ۾ قائم ڪئي وئي هُئي، محمد سومار شيخ ۽ خليفو عبدالله ميمڻ جي گڏيل ڪوششن سان.
موجوده ’مولوي حاجي احمد ملاح لائبرري‘ جو اعزازي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو کي مقرر ڪيو ويو هو، اُن جي وفات کانپوءِ هِن وقت پروفيسر عبدالله ملاح اعزازي ڊائريڪٽر آهي. (معلومات پروفيسر عبدالله ملاح)

جتي شرافهءِ شھر گڏجن ٿا-جيم خانه
لاڙ ميوزيم جي اولھه طرف پاسي ۾ ئي جيم خانه قائم آهي، جنھن کي ڊي سي ميجر (ر) اقبال، تيل ڪمپني جي سھڪار سان، 1991ع ۾ اسڪائوش ڪورٽ قائم ڪئي. ٻيھر 1997ع ۾ ڊي سي بدين قاضي عبدالسبحان ميمڻ، يو ٽي پي ۽ او جي ڊي سي جي سھڪار سان ’اسپورٽس ڪامپليڪس‘ قائم ڪيو. وري ٽيھر 2000ع ۾ ڊي سي قاضي شاهد پرويز اسپورٽس ڪامپليڪس کي ’جيم خانه‘ ۾ تبديل ڪيو. عارضي ايڊهاڪ باڊي تشڪيل ڏيئي جيم خانه کي هلايو ويو. پوءِ جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو دؤر آيو ته هِن جيم خانه کي وڌيڪ سڀ گهربل سھولتون مھيا ڪيون.

هي عوام جي خادم ۽ چوڪيدار جي آفيس آهي
چوڪ کان گاڏي گُهمي اولھه طرف رواني ٿي، اُتر طرف هٿ جي اِشاري سان ٻُڌايانس ٿو ته: هي عوام جي خادم ۽ چوڪيدار جي آفيس آهي، جنھن کي ايس ايس پي آفيس چيو وڃي ٿو. جڏهن بدين ضلعو قائم ٿيو هو ته اُن وقت، ۽ هِتي پھريون ايس ايس پي سيد اڪبر شاهه هو. هِن وقت 2017ع ۾ عبدالقيوم پتافي ايس ايس پي عرف عوام جو خادم رهي ٿو آهي.

ضلعي بدين جي خادم ڊي سي جي آفيس
ايس پي آفيس جي پريان اِها جيڪا بلڊنگ نظر پئي اچي جنھن جي گيٽ تي ڪاري ڪلر جا ٽائلس لڳل آهن. اِها بلڊنگ ضلعي بدين جي خادم ڊي سي جي آفيس آهي، هِي آفيس 1975ع ۾ قائم ٿي. هِن ڊي سي آفيس تي پھريون ڊي سي او غياث الدين جوڻيجو مقرر ٿيو.
جنھن کي مرزا فارم سڏين ٿا
ڊي سي آفيس، ايس پي آفيس هِڪٻئي جي ڀر ۾ ۽ روڊ ڪِراس ڪري اُنھن جي سامھون جيم خانه هاڻي اسان اولھه طرف ڪراچي روڊ تي هلي رهيا آهيون. ڏيڍ ٻه ڪلوميٽر جي پنڌ کانپوءِ مورجهر پُھتاسين، موري (پُل) ڪِراس ڪرڻ وقت سرَوَرَ کي ٻُڌايان ٿو، سرَوَرَ! ’هي مورجھر واهه جا ٻئي ڪَپ ڏِسين پيو اِهي ڏکڻ طرف وڃن پيا اڳيان سفيدي جا وڏا وڻ به نظر ايندا، هِتان کان تقريبن ٻن اڍائي ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اٿئي ’مرزا فارم‘، ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا (سابق گهرو وزير) ۽ آپا فھميده مرزا (سابقه اسپيڪر قومي اسيمبلي،) سندن پُٽ حسنين مرزا ۽ حسام مرزا جِن جو آشيائنو جنھن کي ’مرزا فارم‘ سڏين ٿا. مورجھر موري جي ٻنھي ڪپن تان وڃي سگهجي ٿو، ڏکڻ طرف تقريبنّ اڍائي ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي.
رات جي روشنين ۾ ڪوهستاني سنگت سان سفر سھانو روان دوان آهي، مولوي عبدالغفار جمالي جي ڊبل ڪئبن گاڏي جي شيشن مان ٻاهر جا منظر ڏِسندو ۽ پاسي ۾ ويٺل سائين سرور خاصخيلي کي ٻُڌائيندو رهان ٿو.

انڊس اسپتال
هاڻي اسين جڏهن گولاڙچي روڊ تي آياسين ته اُتر طرف انڊس اسپتال ڏانھن اِشارو ڪندي سرور کي ٻُڌايان ٿو، سرور! اِها اٿئي انڊس اسپتال جيڪا سول اسپتال جنھن کي اپڊيٽ ڪري اين جي اوز حوالي ڪيو ويو آهي، پُراڻي اسپتال بلڊنگ شھر اندر آهي، ڪاليج جي سامھو، هي هاڻي ٻاهر نئين بلڊنگ قائم ڪئي وئي آهي، هِن جي قائم ڪرڻ کان پھرين جڏهن اين جي اوز حوالي ڪيو پي ويو تڏهن العباس شادي هال ۾ هِڪڙي وڏي ميٽنگ (پروگرام) ڪيو ويو هو جنھن ۾ ساڃاهه وند شھرين، صحافين، شاعرن اديبن، ڊاڪٽرن ۽ پروفيسرن کي گهرايو ويو هو، تجويزون وٺڻ لاءِ ته سرڪاري اسپتال کي ڪنھن اين جي اوز حوالي ڪجي يا نه، اُن پروگرام ۾ آئون به هُيس اسان سڀني وڏي جوش سان انھيءَ موقف جي حمايت ڪئي هُئي ته سرڪاري اسپتال جيڪا هاڻي مريضن جي لاءِ لاڀائتي ناهي رهي اُن کي ڀلي اين جي اوز حوالي ڪيو وڃي. جيئن صحت جي معاملي ۾ مريضن کي فورن علاج جي سھولت مھيا ٿي سگهي. پر هي اسپتال انڊس، هِن ۾ اهڙو طريقو ۽ رويو روا رکيو ويو آهي، جو غريب ويچارو ته پيڙهجي رهيو آهي، غريب کي لائن ۾ لڳائي ٿا ڇڏين، جيستائين ٽوڪن جو وارو اچي تيستائين ڊاڪٽر اُٿيو وڃن، وري چوَن سڀاڻي اچجو، باقي جيڪو سفيدپوش آهي يا جنھن جي ڄاڻ سُڃاڻ آهي، جنھن وٽ حوالو يا سفارش آهي، اُن لاءِ ڪا به لائن ٽوڪن ناهي.

مدرسه دالعلوم بدين
بدين شھر کان پنج ڪلوميٽر پنڌ ڪري پُھتاسين اچي ڪنھن ڪاليج نما هِڪڙي وڏي بلڊنگ اڳيان، سڀني دوستن گاڏين مان لھندي چيو واهه ’سبحان الله‘ سائين عبدالغفار جمالي جيڪو هِن مدرسي جو مھتمم ۽ اڄ اسان جو ميزبان پُڻ آهي، اسان کي مسجد جي طرف وٺي وڃي رهيو آهي، مون سائين کان ڪجهه معلومات ورتي مدرسي جي باري ۾، سائين عبدالغفار ٻُڌايو: ’بدين شھر کان پنج ڪلوميٽر ڪراچي روِڊ جي ڀر ۾ اُتر طرف نيڻو واهه تي 2014ع ۾ ست ايڪڙ جي ايراضي تي اسان هِن مدرسي ’مدرسه دالعلوم بدين‘ جو بُنياد رکيو، جيڪو الله جي ڪرم ۽ مخير حضرات جي تعاوَن سان تمام گهڻو ڪم ٿي چُڪو آهي، جڏهن مسجد ۾ پُھتاسين ته واه ’سبحان الله‘ چيوسين، انتھائي خوبصورت، خلاصي هوادار. سائين عبدالغفار ٻُڌايو: ’هي مسجد ساڍا تيرنھن هزار اسڪوائر فوٽ تي قائم آهي،‘ هِن ۾ لڳل درن درين ۾ هي استعمال ٿيل ڪاٺ سڀ روهيڙي جو آهي، جيڪو مِٺيءَ مان گُهرايو اٿم.
مدرسي جي باري ۾ وڌيڪ ٻُڌايائين ته: ’هي ٻه ماڙ مدرسو آهي، هِن مدرسي ۾ ٽوٽل 10 روم آهن، ٽي هال جنھن ۾ هڪ آفيس، هڪ مھمان خانو، ۽ هِڪ لائبريري/ڪُتب خانو آهي. هي انگلش ميڊيم مڊل اسڪول به آهي، جنھن ۾ انگلش سان گڏ چار ڪلاس قرآن شريف حفظ جا ۽ چار ڪلاس عربي جا پُڻ پڙهايا وڃن ٿا. هِن مدرسي جا ملازم ڪُل 14 آهن، هِن مدرسي ۾ هِن وقت 200 سئو شاگر پڙهندڙ ۽ رهندڙ آهن، هِنن شاگردن جي رهائش، کاڌو پيتو ۽ وظيفو، سڀ مدرسي جي ذمي آهي، هي مدرسو ’جاميع دارالعلوم‘ ڪراچي جي مفتي محمد تقي عثماني جي زيرِنگراني هلي ٿو، ۽ هِن جو الحاق ’وفاق المدارس العربيه پاڪستان بورڊ‘ سان آهي.
مدرسي جي سامھون خوبصورت پارڪ، وڻ ٻوٽا پُڻ هِن مدرسي جي خوبصورتي ۾ واڌاري جو سبب آهن. هاڻي سائين مولوي عبدالغفار جمالي چيو ته هلو هلي رات واري ماني کائون، منجھند واري ماني اوهان جي نصيب ۾ نه هُئي، اسان ته انتظار ڪيو، پر اوهان رات ڪري ڇڏي.

درگاهه ميان علي شريف
مدرسي مان نِڪرڻ کانپوءِ اسان وري بدين شھر جو اُتريون باءِ پاس ورتو، ڪجهه ڪلوميٽرن کانپوءِ جڏهن پُل ڪِراس ڪري آياسين ته اُتر طرف کان اڏيل قٻي طرف اِشارو ڪندي سرور کي ٻُڌايان ٿو. ’سرور! اِها سامھون جيڪا درگاهه نظر اچي پئي، اِهو پير عالي شير شاهه عرف ’ميان علي شريف‘ جي نالي سان مشھور آهي، انھيءَ درگاهه جي لڳ اولھه طرف جيڪا مسجد نظر پئي اچي اِها مسجد ناهي، انھيءَ ۾ به مرحوم هاشم شاهه قريشي ۽ مرحوم عثمان شاهه دفن آهن. ڏينھن هُجي ها ته ضرور اوهان کي ٻن منٽن لاءِ وٺي هلي حاضري ڀرائي اچجي ها. پر وري ڪنھن ٻي ڀيري.
ايئن اسان پير چوڪ ڪِراس ڪري اڳتي وري ريلوي لائن مٿان اڏيل پُل ڪِراس ڪري کوسڪي ٽنڊوباگو باءِ چوڪ تي هوٽل تي ماني کاڌي کائي، هِتان کان ئي سڀني دوستن ڀاڪر پائي موڪلاڻي ڪئي.

واپسي
بدين وارن کي ڇڏيوسين بدين ۾، اسان ورتو واپسيءَ وارو رستو، يعني حيدرآباد روڊ، بدين کان ماتلي پورا 50 ڪلوميٽر آهي، ۽ نارمل رفتار سان اچبو ته پورو هِڪ ڪلاڪ لڳي ٿو پنڌ ۾، اسانجي وقفي وقفي سان سفر بابت گفتگو ٿئي پئي، هونئن اڪثر هِر سفر جي واپسي تي سڀني مسافر جا مُنھن سفر تي ويندي جيئن مھڪندڙ لڳندا آهن، ايئن بلڪل نه هوندا آهن پر مُرجهايل مُرجهايل لڳندا آهن.
ماتلي پھتاسين. ڪوهستاني سنگت کان ڀاڪر پائي موڪلائي موٽيا سڀ پنھنجي ماڳ.


جيڪي سفر ۾ همسفر هئا:

پروفيسر عبدالجبار ’قاسم‘ نظاماڻي: ماتلي سان تعلق رکندڙ معزز شخصيت، پيشي جي لحاظ کي ليڪچرار گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، پاڻ سُٺا ليکڪ ۽ تاريخ سان دِلچسپي رکندڙ، تاريخ لکندڙ، ماتلي جي تاريخ لکي اٿس، اُن کان علاوه حافظ نظاماڻي جي شاعري جا مجموعا ”باغي آ عشق منھنجو“، ”تاريخ آهي شاهد“ پڻ هِن جا سھيڙيل آهن، نظاماڻي ذات تي ”تذڪراءِ نظاماڻي“ وڏو ڪِتاب لکيو اٿس، جنھن ۾ پوري قوم جا شجرا ڏِنا اٿس. اُن کان علاوه کوڙ ٻيا به ڪتاب لکيل، سھيڙيل، مُرتب ڪيا اٿس.

شيخ عبدالله ’ڪوهستاني‘: ٿاڻو بولا خان سان تعلق رکندڙ، انتهائي سُٺو سماج سُڌارڪ، پاڻ پيشي جي لحاظ کان عربي ٽيچر آهي، سدائين سفر ۾ ننڊ ڪندو آهي، نه ته بس زندگي جي سفر ۾ هل هلان اٿس، ڪنهن وقت ڪِٿي ته ڪنهن وقت ڪِٿي، سدائين سماجي ڪمن جي پويان، سندس مختلف ڪمن، فري ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ، غريبن جي سهائتا ڪرڻ کان علاوه جيڪو ڪم هن جي سُڃاڻپ بڻيو آهي سو آهي، اجتماعي شاديون ڪرائڻ، هي تقريبن کوڙ سارن غريب بي سهارا خاندانن جي غريب نياڻين جون شاديون ڪرائيندو آهي، ۽ کين پورو پورو ڏاج به ڏِنو ويندو آهي.

غلام مصطفيٰ ميمڻ: ٿاڻو بولا خان سان تعلق رکندڙ، هي صاحب سُٺو دوست سُٺي سوچ رکندڙ آهي، پاڻ صحافت ڪندو آهي، صاف سُٿري صحافت، ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جو رپورٽر آهي ٿاڻو بولاخان اسٽيشن کان، سندس ٿاڻو بولا خان ۾ سُٺو جنرل اسٽور پڻ آهي.

منظور احمد جوڻيجو: ماتلي شهر سان تعلق رکندڙ: منهنجو ڀاءُ آهي، سُٺي دل رکندڙ آهي، سندس حيدرآباد ۾ ”الرزاق پرنٽرز“ آهي، پنهنجي ڪاروبار ۾ ڪامياب آهي. گهمڻ جو شوق هوندو اٿس، ۽ هميشه چوندو آهي، گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو گاڏي منهنجي حاضر آهي.

سرور خاصخيلي: سندس تعلق ٿاڻو بولا خان سان آهي، سُٺو ماڻهو آهي، پيشي جي لحاظ کان پرائمري ماستر آهي، صحافت به ڪندو آهي، ۽ شاعر پڻ آهي.

مزمل صديقي: ڪمپيوٽر آپريٽر (الرزاق ڪمپيوٽر حيدرآباد)

سجاد حسين: سئوٽ، ماتلي پريس مالڪ

نعمان: منهنجو فرزند

شعيب: ڀائيٽو ادا منظور جو فرزند

عادل ۽ عباس: شيخ عبدالله جا فرزند

مور ساگر: ’ڪي جاڻا مين ڪوڻ بُليا‘

( 7جولاءِ 2017ع)