ڪھاڻيون

ٽارين جدا ٿيا گل

هي ڪتاب ”ٽارين جدا ٿيا گُل“ محترم خادم گهراڻو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سرگرم رڪن آهي ۽ مختلف وقتن تي پنهنجون ڪهاڻيون، پنهنجا احساس ۽ خيال سنڌ سلامت فورم تي ونڊيندو رهيو آهي. سندس هي ڪتاب اڃان ڇپيو ناهي پر سندس خواهش تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.
Title Cover of book ٽارين جدا ٿيا گل

ڪنول ۽ نيسرا

رات جو آسمان ۾ تارا ٽمڪي رهيا هئا . تارن جي چمڪ جو نظارو دل کي ڏاڍو وڻي رهيو هو . پر اڪبر سوچن جي سمنڊ ۾ غرق هو . هي هڪ چهري جي باري ۾ سوچي رهيو هو جيڪو ڪنهن وقت ٽڙيل گل هو پر اڄ ڪومائجي پنهنجي وجود کان جدا ٿي ويو هو . هي ان حسين چهري ڪنول جي باري ۾ سوچي رهيو جيڪا ڪنول جي گل وانگر خوبصورت هئي هوءَ جڏهن سرنهن جي پيلن گلن جي وچ مان گذرندي هئي ته گل پهرين کان وڌيڪ حسين ٿي ويندا هئا . جڏهن راڳ الاپيندي هئي ته هن مڏر آواز تي پکي پرندا به ريس ڪندا هئا . اڪبر هن جي باري ۾ چوندو هو ته جنهن به گھر ۾ ڪنول ويندي ان گھر کي چوڏهن چنڊ لڳي ويندا جنهن جي همسفر بنبي ان جا سڀ ڏک ڏولاوا لهجي ۾ لهي ويندا . هيءَ وفا ۽ محبت جو جيئرو جاڳندو مثال هئي . اڪبر روز هن جي ادائن کي ڏسي خوش ٿيندو هو . هن کي ڪوبه غم ۽ مونجھارو هوندو هو ته ڪنول جڏهن هن جي سامهون ايندي هئي ۽ چوندي هئس اڄ اٻاڻڪو پيو لڳي ڪهڙا کنڊ جا جھاز اٿئي جيڪي ٻڏي ويا اٿئي .ڀائو زندگي سفر آهي هن ۾ ڏک ۽ ڏولاون کي ڇڏ همت ڪري انهن سان مقابلو ڪر هميشھ گلن وانگر مهڪندو رھ پکين جيان ٻوليندو رھ . خوشي حاصل ڪي غم ڦٽي ڪر غم ۽ پريشاني بيماري جو ٻيو نالو اٿئي .اڪبر هن جي ڳالهين کي ٻڌي کلي پوندو هو هن تي فخر ڪندو هو ۽ دعا ڪندو هوس ته سدائين خوش رهي هن کي ڪوسو واءُ نه لڳي وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو ويو اڪبر وڌيڪ تعليم وٺڻ جي لاءِ ٻئي شھر هليو ويو ڪجھه سمي کان پوءِ جڏهن واپس آيو ته هن کي نه ڪنول نظر هئي ۽ نه ان جا گيت هن کي ٻڌڻ ۾ آيا هن جون چلولايون ڏسڻ ۾ آيس .هن سمجھيو هن جي شادي ٿي وئي هوندي ۽ پنهنجي اصل گھر هلي وئي هوندي پر وري هن سوچيو ته جيڪڏهن هيءَ لانئون لهي ها ته هن کي هن جي گھر وارا ضرور ٻڌائين ها .هيءُ انهن ئي سوچن ۾ ويٺو هو ته هن جي ماءُ هن کي سڏ ڪيو پر هن ڪوبه جواب نه ڏنو هيءُ سوچن جي سمنڊ ۾ ڄڻ غوطا کائي رهيو هو . جڏهن ماءُ هن جي ويجھو آئي ته هن کي پريشان ڏٺائين پٽ ڇا ڳالهه آهي ؟ اھي جڏهن تون اداس هوندو هوئين ته ڪنول توکي ريجھائي کلائيندي هئي هاڻ آئون ڪنول کي ڪٿان آڻيان جيڪا تنهنجا سپنا ۽ سور ٻڌي اها اسان کان جدا ٿي اهڙي ماڳ ويئي آهي جتان اچڻ هن جو محال آهي ظلمن اسان کان اسان جي همدرد ڪنول جدا ڪري ڇڏي اڪبر ان تي يڪدم ڇرڪ ڀري ماءُ کان پڇيو اهو توهان ڇا چيو ؟ جنهن تي ماءُ چيس پٽ توکي خبر آهي ته ڪنول جي مامن سان هنن جي پيءُ ۽ ڀائرن جو ڦڏو هلي رهيو آهي هنن هڪ ٻئي تي ڪيس ب ڪيا آهن ڪنول انهن جھيڙن جي خلاف هئي هوءَ چوندي هئي ته محٻت ۽ پيار جو رشتو رت جي رشتن کان ڀلو آهي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي لالچ ۽ لوڀ نه آهي .ڪنول پنهجي سيرت جي ڪري دوستن ۽ دشمنن جي دلين ۾ گھر ڪري ويهي هئي هرڪو هن کي چاهيندو ۽ ڀائيندو هو .هوءَ ته غمگينن جي غمخوار ۽ ڏکويلن جي همدرد هئي . هن ڪي ڪهڙي خبر ته هوءَ به هڪ ڏينهن انا جي ڪوڙي اڏيل ڪوٽ جي ڪري انا پرستي جي ور چڙهي ويندي .هڪ ڏينهن هن کي هن جو ماروٽ مليو ته ان سان ڳلهائي رهي هئي ته هن جي ڀاءُ هن کي ڏسي ورتو جنهن هنن جي ويجھو اچي چيو ته توهان ڪارا آهيو جنهن تي ڪنول چيو ادا تون ڇا چئي رهيو آهين هيءُ ته پنهنجو ماروٽ آهي پنهنجو رت آهي تون دل مان انا جو ڪوٽ ڊاهي ڪجھه سوڄ رت ته دانگيءَ تي به ورندو آهي . تون مون جھڙي ڀيڻ کي ڪاري سڏي رهيو آهين جنهن تي هن چيو ته توهان ٻئي ڪارا آهيو توهان جو هاڻ جيئڻ اسان جي لاءِ ۽ اسان جي عزت لاءِ داغ آهي توهان کي هاڻ جيئڻ جو ڪوبه حق نه آهي .ڪنول جي ڀاءُ پنهنجي ور مان پستول ڪڍي ٻنهي کي ماري ڇڏيو ۽ پنهنجي پاڻ کي پوليس وٽ ٿي چيو ته مون پنهنجي ڀيڻ کي پنهنجي ماروٽ سان اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏٺو هي ڪارا هئا مون غيرت ۾ اچي ٻنهي کي ماري ڇڏيو آهي پٽ تون ٻڌائي ڇا ڪنول ڪاري هئي ؟ جنهن تي اڪبر چيو ته امان ڪنول ته هڪ هيرو هئي هوءَ هڪ گلاب جو گل هئي هن تي پنهنجن اجايا الزام هڻي هن جي محبت ۽ وفا کي بدنام ڪيو آهي هوءَ بي عيب هئي سنڌو جي پاڻي وانگر پاڪ پوتر هئي آئون هن کي ڪافي سمي کان سڃاڻان . هن کي ته اها خبر نه هئي ته دشمني جي باھ جلندي هن معصوم کي ڪاري ڪري ماريو ويندو هن کي هن حسين دنيا مان ائين رسوا ڪري ڪڍيو ويندو . اڪبر سندس ماءُ چيو ته پٽ پريان قبرستان ۾ بڙ جي وڻ جي ڇانو هيٺيان ڪنول جي قبر آهي جنهن جي چوڌاري گلاب جا گل بيٺا آهن جيڪي هن جي قبر کي پنن سان ڇانو گلن سان مهڪار ڏيئي رهيا آهن . اڪبر ڪنول جي هن موت تي اداس رهڻ لڳو جڏهن هن کي ڪنول جي ياد ايندي هئي ته هي اداس ٿي ويندو هو ڪڏهن ڪڏهن ڪنول کي ياد ڪندي هن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهندا هئا ۽ اهي لڙڪ هن جي چهري تي نيسرا ٺاهي گم ٿي ويندا هئا .