ڪھاڻيون

ٽارين جدا ٿيا گل

هي ڪتاب ”ٽارين جدا ٿيا گُل“ محترم خادم گهراڻو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سرگرم رڪن آهي ۽ مختلف وقتن تي پنهنجون ڪهاڻيون، پنهنجا احساس ۽ خيال سنڌ سلامت فورم تي ونڊيندو رهيو آهي. سندس هي ڪتاب اڃان ڇپيو ناهي پر سندس خواهش تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.
Title Cover of book ٽارين جدا ٿيا گل

ڪاري

قبرستان ۾ نم جي گھاٽي وڻ هي هيٺيان هڪ قبر هئي جتي پوڙهو ول ويٺو هو . هيءَ قبر ٻين قبرن کان ٿورو پاسيري هئي . ائين لڳي رهيو هو ته اها خاص قبر آهي . ولو جي چهري تي اداسي ۽ نيڻن ۾ لڙڪ هئا ڪنهن وقت قبر کي ڀاڪرن ۾ ڀري رنو ٿي ڪنهن وقت ان جي پاسي ۾ سمهي رهيو ٿي . ڪنهن وقت رڙ ڪري چوندو هو ته منهنجي سدوري ڪاري نه آهي ان تي الزام لڳايو ويو آهي . سدوري ولو جي ڌيءَ هئي .هن جي گھر واري وفات ڪري ويئي هئي . ولو جي تمنا هئي ته منهنجو اولاد علم جي سونهن سان سينگارجي وڃي . هن کي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي جن سان هيءُ بي پناهه پيار ڪندو هو . هن جي ڪوشش جي باوجود هن جو پٽ نه پڙهيو اهڙي سنگت ۾ اچي ويو جو پڻس روز جھت ڪند هوس پر هن جي ڪن تي جون به ڪانه سرندي هئي سڄو ڏينهن هوٽلن تي ويهي يا پتي راند ڪندي پورو ڪندو هو پڻس گھڻو ئي سمجھائيندو هوس پر هيءُ پنهنجي ڪار تي هوندو هو .سدوري جيڪا پهرين ڀر واري ڳوٺ ۾ پڙهڻ لاءِ ويندي هئي جڏهن ولو هن کي اسڪول ڇڏيو ته گھڻن ئي ان جي مخالفت ڪئي ته ڪو ڇوڪريون پڙهائيبيون آهن ڇا ؟ پر ولو چوندو هو پٽ ۽ ڌيءَ سڀ برابر آهن اسان پنهنجي پٽن کي پڙهايون ٿا نياڻين کي ڇو جيڪڏهن گھر جي عورت پڙهيل هوندي ته اها سٺي نموني گھر کي هلائيندي جنهن تي ماڻهو کيس چوندا هئا ته هيءُ جيڪي اڻ پڙهيل آهن اهي گھر ڪونه ٿيون هلائين ڇا ؟پر ولو پنهنجي ضد تي پورو هوندو هو هن ڇوڪري کي شهر ۾ به موڪليو جتي هن ٻارهن درجا پاس ڪيا . هن کي هڪ اسڪول ۾ نوڪري به ملي ويئي سدوري روز شهر اسڪول ويندي هئي ۽ هن جي خواهش هئي ته شام جي وقت آئون ڳوٺ جي نياڻين کي پڙهيا جيئن اهي علم سان سنوارجي وڃن هن ڪوشش ڪئي جنهن ۾ هيءَ ڪامياب به وئي پر هن جي مخالفت وڌندي رهي . ڪن ماڻهن هن جي ڀاءُ جا ڪن اچي ڀريا ته تنهنجي ڀيڻ شهر ۾ وڃي ٿي اتي ڇا ڪري ٿي اوهان کي ته ڪا خبر نه آهي ائين نه ٿئي جو اوهان جو پٽڪو لهي وڃي ۽ ڪنڌ به کڻي نه سگھو پنهنجي ڀيڻ جي پرڪارن کي ڏسو ته سهي هڪ ڏينهن سدوري شهر ۾ اسڪول ويئي ته هن جو ڀاءُ هن جي ڪڍ لڳو اسڪول جي گيٽ وٽ ان ئي اسڪول جو هڪ استاد مليو جنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻيئي ڄڻا اسڪول ويا . واپس اچي هن جي ڀاءُ پنهنجي پيءُ کي چيو ته تو واري ڌيءَ جا ڪم ڏٺا اٿئي ته شهر ۾ ڇا پيئي ڪري جنهن تي هن جي پيءُ ڇيس ته مون کي پنهنجي ڌيءَ تي ناز آهي اهو ڪجھه به اهڙو ڪم نه ٿي ڪري سگھي جنهن سان مون کي داغ لڳو تنهنجا ڪن ڀريا ويا آهن هتان منهنجي اکين کان پري ٿي . رات جڏهن پنهنجا پر پکيڙيا هر طرف سناٽو هو رڳو جيتن جا آواز اچي رهيا هئا هوا ۾ ٻه فائر ٿيا جنهن تي ڳوٺ وارا ان طرف ويا ولو به انهن سان گو هو ولو جي گھر کان ٿورو پري ٻه لاش پيا هئا هرڪو پريشان ته اهي ڪنهنجا آهن جڏهن ويجھو پهتا ته هڪ سدوري جو هو ٻيو هن جي ڀاءُ جي ويري جو هو هن جو ڀاءُ به اتي بيٺو هو جيڪو وڏي فخر سان چئي رهيو هوته مون ڪارو ۽ ڪاري ماري ڇڏيا ولو ڇيس ته منهنجي ڌيءُ ڪاري نه هئي تو پنهنجو پلاند پورو ڪرڻ لاءِ هن کي ڪاري ڪري ماريو آهي پوءِ ولو رڙيون ڪندو رهيو ته منهنجي ڌيءَ ڪاري نه هئي هن کي ان ئي وڻ هيٺيان دفن ڪيو ويو ۽ ولو چيو ته منهنجي ڌيءَ ڪاري نه هئي هاڻي آئون سموري حياتي پنهنجي ڌيءَ سان گڏ ئي گذاريندس .