ڪھاڻيون

ٽارين جدا ٿيا گل

هي ڪتاب ”ٽارين جدا ٿيا گُل“ محترم خادم گهراڻو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. خادم گهراڻو سنڌ سلامت جو سرگرم رڪن آهي ۽ مختلف وقتن تي پنهنجون ڪهاڻيون، پنهنجا احساس ۽ خيال سنڌ سلامت فورم تي ونڊيندو رهيو آهي. سندس هي ڪتاب اڃان ڇپيو ناهي پر سندس خواهش تي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.
Title Cover of book ٽارين جدا ٿيا گل

پيار پريت

اڪبر پنهنجي سوچن ۾ گم هو هو لفظن جا موتي چونڊي ڪاغذ جي سيني تي اوتي رهيو هو ” تون جيڪر اچين ته بهار ٿي ويندي * اچڻ تنهنجي سان غم ديوار مسمار ٿي ويندي “ اڪبر ڪڏهن ڪڏهن شعر پيو لکندو هو پر جڏهن هن جا نيڻ عنبر سان مليا ته هي ڏاڍو خوش هوندو هو هن جي شعرن مان خوشين جي خوشبوءِ ايندي هئي هي عنبر کي دل و جان سان چاهيندو هو پر معاشي مسئلي هنن جي وچ ۾ دوري پيدا ڪئي هي هڪ پورهيت جو پٽ هو هن جو گھر به ڪچو هو جيڪو برساتن ۾ اڪثر ٽمندو رهندو هو پاڻي ٽمڻ جي ڪري اڇي چن وارين ڀتين تي نيسرا ٺهي ويا هئا جيڪي خوبصورت لڳي رهيا هئا .عنبر وارا ڪجھه سرس هوندا هئا انهن جو گھر پڪو هو ۽ هڪ گاڏي به هوندي هئين جيئن ته پيار پريت دولت ذات پات کي نه ڏسندو آهي تيئن هي به هڪٻئي سان نينهن لڳائي ويٺا هنن کي ڪهڙي پروڙ ته هڪ ڏينهن اهڙو هوا جو جھونڪو ايندو جيڪو هنن کي هڪٻئي کان پري ڪري ڇڏيندو ۽ ٻيئي يادن جي سهاري جيئندا رهندا . عنبر ۽ اڪبر وارن جي هڪٻئي سان مائٽي به هئي فرق صرف هو ته اميري غريبي جو اڪبر جي والدين هنن جي محبت ڏسي عنبر جو رشتو گھريو پر عنبر جي مائٽن هنن جي محبت کي نه پر ڪچي گھر کي ڏسي انڪار ڪري ڇڏيو ڪجھه وقت کان پوءِ عنبر جي شادي ٿي ويئي هيءَ اڪبر کان پري ٻئي شھر جي ٿي ويئي .عنبر جي وڇوڙي اڪبر کي جھوري وڌو هن جي دل اندر غم جي سمنڊ مان جيڪي لفظ جڙندا هئا انهن کي ڪاغذ جي سيني تي لاهيندو ويندو هو .عنبر جا مائٽ ڪجھه وقت کان پوءِ ٻئي شھر لڏي ويا . هو پنهنجي غمن سان لفظن جي مالها جوڙي رهيو هو ته اوچتو دروازي تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿيو هي پريشان ٿي ويو ته هن اهڙي سرد رات ۾ ڪير آيو آهي هي سوچن جي سمنڊ مان ٻاهر نڪتو هن ڪاغذ ۽ قلم هڪ پاسي تي رکي در کولڻ جي لاءِ اٿيو جڏهن هن در کوليو ته هن جي سامهون هڪ اداس هيسيل عورت بيٺي هئي جيڪا غمن کان ٽمٽار هئي جنهن سان هڪ گلن جھڙي ننڍڙي ٻارڙي به گڏ هئي جيڪا سيءَ جي ڪري ڏڪي رهي هئي جڏهن اڪبر هنن کي ڏٺو ته ڄڻ هن جي پيرن هيٺيان زمين نڪري ويئي اها ڪا غير عورت نه پر هن جي پريمڪا عنبر هئي اڪبر هنن کي اندر اچڻ جو چيو جڏهن هي ويٺا ته ٻرندڙ سگري هنن کي ويجھو ڪري ڏني جيئن هي سرديءَ جي اثر کي ختم ڪن ۽ پنهنجي ڪلهن تي ويڙهيل اجرڪ معصوم ٻارڙي کي اوڍائي ڇڏي .هي وري به سوچن پئجي ويو ته عنبر هن سرد رات جو هن وقت آئي آهي ڇا معاملو آهي هن عنبر کي چيو ته آئون اچان ٿو اڪبر وڃي پنهنجي ماءُ اٿاريو ان کي سڄي ڳالهه ٻڌائي جڏهن اڪبر جي ماءُ عنبر هن کي ڏٺو ته هن کي چنبڙي زاروزار روئڻ لڳي هن جي روئڻ تي ننڍڍڙيءَ به روئڻ شروع ڪيو جنهن کي اڪبر ماٺ ڪرائڻ لڳو .جڏهن عنبر سهمت ۾ آئي ته اڪبر جي ماءُ هن کي چيو ته ڇا ڳالهه آهي ڇا ٿيو آهي . جنهن تي عنبر چيو ته چاچي هاڻي منهنجو هتي ڪير به واهرو نه آهي آئون پنهنجي هن معصوم کي ڪٿي ڪنهن جي سهاري رلايان . ان تي اڪبر جي ماءُ چيو ته تنهنجو گھروارو ۽ ان جامائٽ . عنبر ان تي چيو ته چاچي منهنجو سهرو ۽ سس وفات ڪري ويا آهن انهن بعد سڄي دولت منهنجي مڙس کي ملي منهنجو مڙس اڳيئي فراڊين سان هلندو هو جڏهن هن جا مائٽ وفات ڪري ويا ته راتين جون راتيون پنهنجن دوستن سان گذاريندو هو گھڙ اچڻ جي نه ڪندو هو آئون ان تي هن کي روڪيندي هيس ته ائين نه ڪر معصوم نياڻي جو خيال ڪر تو وٽ سڀ ڪجھه آهي اهي ڪم ڇڏي ڏي .جنهنتي هي چوندو هو ته عورت جو ڪم گھر سنڀالڻ ٻار سنڀالڻ آهي مرد مرضي جو مالڪ آهي جيئن اچيس تيئن ڪري عورت جو وچ ۾ پوڻ خراب عمل آهي تون منهجي وچ ۾ نه ڳالهائيندي ڪر .مون کي سخت مار به ڏيندو هو دانهن ڏيان ته ڪنهن کي ڏيان ڪير هو منهنجو اتي .ڪالهه رات به هي دير سان آيو جنهن تي مون هن کي چيو ننڍڙيءَ جو واسطو اٿئي اهي ڪم هاڻ ڇڏ جنهن تي هن مون کي چيو ته مون توکي پهرين به چيو هو منهنجي معاملي ۾ ٽنگ نه اڙائيندي ڪر هن مون کي تمام گھڻو ماريو ۽ چيو ته وڏا چوندا آهن ته ڪني آڱر وڍي چڱي آهي تون مون لئه ڪني آڱر آهين هن مون کي هن سخت سرديءَ ۾ گھر کان ٻاهر هن معصوم ننڍڙيءَ سميت ڪڍي طلاق ڏيئي هي طلاق جا ڪاغذ منهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن آئون هتي وڏي مشڪل سان پهتي آهيان هاڻ ڪنهن جي سهاري جيان .جنهن تي اڪبر جي ماءُ چيو ته اسان تنهنجا عزيز آهيون تون هتي بي ڊپي هن گھر کي پنهنجو گھر سمجھي رھ هونءُ به چوندا آهن ته رت دانگيءَ تي به ورندو آهي اسان وري به تنهنجا پنهنجا آهيوناڪبر کي سندس ماءُ چيو ته پٽ هن جي والدين کي فون ڪري اطلاع ڪر اڪبر ٻاهر نڪري ويو فون ڪرڻ جي لاءِ . ٻئي ڏينهن عنبر جا مائٽ به اڪبر جي گھر پهچي ويا جيڪي پريشان ۽ پشيمان هئا . ان وقت عنبر جي پيءُ جي زبان مان دولت بري بلا آهي پر غريبي ۾ پيار محبت پريتم جو رشتو آهي جا لفظ نڪتا . عنبر جي عدت جا ڏينهن شروع ٿي ويا جڏهن عدت پوري ٿي عنبر جي والدين .اڪبر جي مائٽن کي چيو ته اسان لالچ ۾ اچي پنهنجي ڌيءَ جي زندگيءَ کي برباد ڪيو آهي هاڻ هن ڏکايل نياڻيءَ کي سهارو اوهان ڏيو . آئون پنهنجي ڌيءَ کي هن غم جي حالت ۾ نٿو ڏسي سگھان ڪجھه وقت کان پوءِ عنبر جي شادي اڪبر سان ڪرائي ويئي اهڙي نموني دولت جي نانگ جي ڪري جدا ٿيل ٻه دليون پيار پريت جي طاقت سان هڪ ٻئي سان ملي ويون اهي خوش زندگي گذارڻ لڳا .