مُحبتن جا ڪجهه اکرَ سنڌي ادب جي تاريخي منزل جو مسافر
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار مسافر هاليپوٽو 5 فيبروري 1978ع تي بدين ضلعي جي تعلقي ماتليءَ جي ڳوٺ ’حاجي راهُو هاليپوٽو‘ ۾ پيدا ٿيو، سندس اصل نالو عبدالسلام هاليپوٽو ۽ سندس والد جو نالو حاجي رمضان هاليپوٽو آهي، مسافر انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي ، 1989ع کان شاعريءَ جي سفر جو مسافر بڻيو، سندس پهريون غزل 1996ع ۾ عبرت اخبار ۾ ڇپيو، جنهن کانپوءِ سندس تخليق جا جوهرَ، هر سنڌي اخبار ۽ رسالي جي صفحن تي جرڪندا رهيا.
شاعريءَ جي مختلف صنفن جهڙوڪ غزل، وائي، ڪافي، بيت ۽ ٽيڙو سان گڏ هن ڪهاڻي ۽ مضمون جي صنف تي پڻ بهترين قسم جي طبع آزمائي ڪئي، هن وقت تائين شاعري ، ڪهاڻين ۽ مضمونن جي صنف تي مشتمل سندس تخليقي مواد جا لڳ ڀڳ چار مجموعا اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن، جيڪي ڇپائيءَ جو تاج پهرڻ لاءِ بيچين آهن، مسافر هاليپوٽو ’سانوڻ فقير ادبي تنظيم‘ جو صدر، ’مهراڻ ادبي سٿ‘ جو اڳوڻو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ جنرل سيڪريٽري رهيو. هن وقت ’ماس‘ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ماتليءَ جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو، کيس هالار ۽ سنڌ رنگ ڊائجسٽ ۾ بهترين شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور ’ڪاوش گروپ آف پبليڪيشن‘ پاران 2002ع ۾، مڃتا سرٽيفڪيٽ، ڀٽائي آرٽس سرڪل ضلعي بدين پاران 14 آڪٽوبر 2014ع تي بهترين شاعر جي ايوارڊ سان نوازيو ويو.
هن ازدواجي زندگيءَ جو سفر مائٽن جي منشا موجب شروع ڪيو، جنهن مان کيس ٻن معصوم گُلڙن جي خوشبوءَ پلئه پئي، جنهن ۾ هڪ پُٽ احمد علي ۽ هڪ نياڻي سونهن شامل آهن . سانوڻ فقير جي سرزمين جي مٽيءَ مان ڳوهيل هي شخص مونکي سنڌي ادب ۾ نڙ بيت جي صنف وانگر نظرانداز ٿيل تخيل جيان لڳندو آهي ، جنهن جي خيالن، سوچن ۽ جذبن کي ڪو سُندر سانچو نه ملي سگهيو آهي جيڪو هن هِيري کي دل جي سچائي سان تراشي، ادبي ذوق جي ڪنهن شوڪيس ۾ پذيرائيءَ جي خوشبوءَ سان معطر ڪري سجائي سگهي. پنهنجي مزاج ۾ هميشه سادگيءَ جي تسبيح سوريندڙ، سنڌي ادب جي جنت ۾ پنهنجو باغ جوڙڻ جي جاکوڙ ۾ هن مسافر تڪليفن ۽ مشڪلاتن جا بي انتها پٿر ڀور ڀور ڪري، پنهنجي سفر کي سڦل بنائڻ جي جستجو ۾، سج جي تپش کي اکيون ڏيکاريون آهن ته چنڊ جي چانڊاڻ کي به شرمايو آهي.
هي ادبي ذوق جي جنون واري جنگ ۾ رات جو پروانو ٿي جليو آهي ته فجر جي ماڪ ڦڙن جيان وسيو به آهي ته ٽاڪ منجهند جو پتنگن جيان پچيو به آهي ته شام لڙيءَ جي پاڇن کي ٿڪايو به اٿس. ڪهاڻيءَ جي کيتر کان وٺي شاعريءَ جي مجلسن تائين هن ادبي ميدان ۾ بنا ڪنهن مايوسيءَ جي همت ۽ حوصلي سان ڪم ڪيو آهي. هن قلم جي نوڪ کان تلوار جو ڪم وٺندي، فرضن جي ادائيگيءَ جا سمورا سجدا پنهنجي پوري سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ادا ڪيا آهن. سماج جي طبقاتي اڻ برابريءَ کي هن لفظن جا تير به هنيا آهن ته ڌرتيءَ ڌڻين جي مسئلن تي هن پنهنجي سوچن ۽ جذبن کان پٿر وسائڻ جو ڪم به سوچي سمجهي ورتو آهي، هي جنهن به ادبي مورچي تي بيٺو آهي، اتي هن ڪروڌ جي هر طوفان آڏو مستقل مزاجيءَ جون ميڻ بتيون جلائي رکيون آهن. مفلسيءَ جي نانگ کيس ڪکڻ جون ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون آهن پر هو گوڏن ڀر گسڪي به پنهنجي ذوق ۽ شوق جي پنهون تائين ضرور پهتو آهي. ان ويڙهه ۾ پير پٿونءَ ڪرڻ باوجود به هن پنهنجي ڪردار کي هر لمحي داغدار ٿيڻ کان بچائي رکيو آهي. هي سنڌي ادب جي تاريخي منزل جو مسافر نوريءَ جي حُسن جهڙي ڏات جو تماچي آهي، هي سير ۾ ٻڏل سُهڻي جو دِلو به آهي، هي مارئي جي مُلڪ جي اڻ مِٽ محبت جو سفير آهي، هي مومل جو ماڻو به آهي ته سنڌي ادب جي ليليٰ جو مجنون به آهي، مسافر هاليپوٽو سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جو عاشق، دراوڙي تهذيب جي روايتن جو امين به آهي، جنهن جي محبت جو محور صرف ۽ صرف سنڌ آهي. ان سنڌ جا ماروئڙا ئي سندس حقيقي محبوب آهن، شال سندس ايمان سان گڏوگڏ سندس عشق به سدائين سلامت رهي، سندس تخليق جي چنڊ کي ڪڏهن به ڪا گرهڻ نه لڳي، هميشه بهارون سندس وجود کي ڇُهنديون ۽ چُمنديون رهن.
اعظم ڀٽي