باب پهريون: انساني سماج ۽ ان جو پس منظر
جبلتي پيار
انسان جي سڀ کان پهرين تجربن ۾ ان جو اُهو ”پيار“ شامل هو، جيڪو انسان جي نر ۽ ماد هئڻ جي ناتي اُن کي حاصل هو. ان کانسواءِ ان جا ٻيا سڀ تجربا سندس ماحول يعني ڌرتي تي مٽيءَ، هوا ۽ پاڻي ۽ اُنهن سان لاڳاپيل حيوانات ۽ نباتات جي ناتي، ۽ آسماني جسمن يعني سج، چنڊ ۽ تارن جي سلسلي ۾، ڪم از ڪم مشاهداتي حدن اندر، اُن کي حاصل ٿيا ۽ ٿيندا رهيا.
محنت، (3) سمجهه
انسان جي ٻين تقريباً سڀني پوءِ جي تجربن جو بنياد انسان جي محنت ۽ ان محنت جو بنياد انسان جي سمجهه هئي. پر سندس پيار وارو تجربو ڇاڪاڻ ته سندس سڀ کان آڳاٽن تجربن مان هو، تنهنڪري اُهو هن جي جبلتي نظام سان تعلق رکندڙ هو، ڇوته اوائل ۾ اهڙي تجربي ۾ محنت ۽ سمجهه جو دخل تمام گهٽ نظر ٿو اچي.
(4) ماحول سان لاڳاپو
جڏهن کان انسان زندگي شروع ڪئي، هن جي تجربن ۾ وسعت ۽ واڌارو ايندو ويو. مثلا هو پنهنجي آسپاس جي پکين ۽ ٻين جانورن سان جيئن پوءِ تيئن گهڻيءَ ۽ مختلف قسم جي لهه وچڙ ۾ آيو. هن لهه وچڙ جي واڌاري ۽ وسعت ۾ به هن جي سمجهه اُسرندي ۽ ڪم ڪندي رهي ۽ ان جو نتيجو هن جي وڌندڙ ۽ سڌرندڙ محنت جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندو رهيو.
(5) ضرورتون
انسان جي هنن سڀني تجربن جو بنياد، هن جي حياتيءَ جي دائري ۾، هن جون ضرورتون هيون، جن ۾ هن جي جسماني (Physical) ۽ حياتياتي (Biological) ضرورتن جو وڏو تعداد شامل هو. پنهنجي جياپي لاءِ انهن ئي ضرورتن جي سلسلي ۾ انسان سڀ کان وڌيڪ ڌرتيءَ سان لهه وچڙ ۾ آيو ۽ کيس اُن جي باري ۾ اهو معلوم ٿيو ته سندس حياتيءَ لاءِ ڌرتي ئي هن جو اولي ۽ آخري مقام آهي.
(6) ٻوليءَ جو دائرو
اهو ئي سبب آهي، جو انسان جي جيئاپي جي ضرورتن جي اظهار ۽ اپٽار جي طريقي، يعني سندس ٻوليءَ ۾، بنيادي طور تي سندس ”پيار“، يعني عورت ۽ مرد يا ”ماڻهوءَ جي ماڻهوءَ سان پيار“، ۽ سندس ماحول يعني ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي مٽيءَ، هوا ۽ پاڻيءَ وغيره، ۽ آسمان ۽ آسمان جي سج، چنڊ ۽ تارن جو ذڪر بنيادي طور تي ملي ٿو. انسان جي اندروني توڙي بيروني يا داخلي توڙي خارجي ڪيفيتن جو هيءُ عڪس دنيا جي قديم ترين زبانن ۾ به ملي ٿو. هن طرح دنيا جون قديم ٻوليون انسان جي اڪيچار عملن ۽ تجربن جو هڪ آئينو بڻجي پيون آهن، ۽ اهڙي طرح اڳتي وڌندي، انسان جي محنت ۽ ان محنت سان بنايل هن جي ”هٿراڌو“ ماحول ۽ ان ماحول سان سندس تعلق جو اظهار به ٻوليءَ جي وسيلي اسان تائين تازي کان تازي روپ ۾ پهچندو پئي آيو آهي.
(7) موت ۽ زندگيءَ جو تصور
اوائلي انسان جي تجربي جو ٻيو واسطو سندس پنهنجي حياتيءَ جي خاتمي يعني موت سان ٿي سگهيو هوندو. هن پنهنجي ڪنهن ساٿيءَ ۽ مئي ماڻهوءَ مان به پنهنجي زندگيءَ جون ڪي ضرورتون پوريون ڪيون هونديون يا نه، تنهن لاءِ ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي. ان سلسلي ۾ رڳو ايترو وسهي ٿو سگهجي ته:-
هن پنهنجي ساٿيءَ کي مرندي ڏسي، پاڻ کان ڪنهن وڌيڪ طاقتور حيثيت يا قوت جو گمان ڪيو هوندو.
هن ”سنگت“ (گڏ رهڻ) واري تجربي جي تحت ڏک محسوس ڪيو هوندو.
هن پنهنجي ساٿيءَ کي ڪنهن طرح زمين جي حوالي ڪيو هوندو.
هن اهو به محسوس ڪيو هوندو ته هن جو هي ساٿي جيڪو چرڻ پرڻ جهڙو نه هو (مئل هڻڻ جي حالت ۾)، سو هن سان اڳي وانگر گڏ رهي ۽ کانئس پري نه ٿئي.
هن اهو به محسوس ڪيو هوندو ته هن جي پنهنجي زندهه رهڻ واريءَ حالت جي پڄاڻي به ٿي سگهي ٿي.
ان تصور مان هن خوف محسوس ڪيو هوندو.
ان خوف جي حالت ۾ هن پنهنجي ماحول ۾ پاڻ کي محفوظ ڪرڻ جا وسيلا ڳولڻ شروع ڪيا هوندا ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجيءَ سلامتيءَ جي ضرورت محسوس ڪئي هوندي.
ان ئي خوف جي حالت ۾ هن پاڻ ۾ گڏ رهڻ جو احساس پيدا ڪيو هوندو ۽ ان ئي خوف جي نتيجي ۾ هن پنهنجي لاءِ ان وقت جي حالتن پٽاندر ڪي ”اوزار“ به هٿ ڪيا هوندا. پر ان وقت جي انسان جي خوف واريءَ حالت ۾ وڏو حصو ٻاهرئين ماحول جي سختيءَ جو هو. هوائون، طوفان. برساتون، پاڻي، برف، آسمان، سج، جبل، جهنگلي جانور، سڀ انسان کان وڌيڪ طاقتور هئا. ان ڪري انسان جو اهو ماحول ڀوائتو هو ۽ انسان ان ماحول جي اڳيان بيوس ۽ گهڻو هيڻو هو. اهي سڀ نتيجا انسان جي تاريخ جي خشڪ حقيقتن جي آڌار تي ڪڍي سگهجن ٿا.
ٻوليءَ جو مواد
هن طرح سمجهي سگهجي ٿو ته ڪهڙيءَ ريت انسان پنهنجي اظهار جي وسيلي يعني ٻوليءَ ۾ پنهنجو ڏک، تڪليف، تجربو، خواهشون، امنگ، خوف خطرا ۽ وهم گمان ڀريا هوندا. هن طرح اهو به معلوم ڪري ٿو سگهجي ته تمام پراڻين ٻولين جا بنيادي آواز ڪهڙي قسم جا هوندا. اسان هي بحث ضرورت آهر پوئين ڀاڱي ۾ به آندو آهي.
زمين سان لهه وچڙ
سڀاويڪ طور تي زمين سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جو تجربو پهريائين ”پٿرن تي ڪم ڪرڻ“ (Working upon stones) سان ٿيو هوندو ۽ پوءِ زمين کي انهن جي مدد سان کوٽڻ تي ٿيو هوندو. ڇوته ان وقت جي انسان وٽ زمين کي کوٽڻ لاءِ پٿرن کان وڌيڪ سخت ۽ ويجهي شيءِ ٻي ڪانه هئي. اهو ئي سبب آهي جو انسان جي ارتقا ۾ ان دور کي ”پٿر وارو زمانو“ چيو ٿو وڃي. هن مان مطلب اهو نڪتو ته پٿر جي دور وارو ماڻهو پنهنجون گهڻيون ضرورتون پٿر سان پوريون ڪندو هو.
پٿرن سان لهه وچڙ
گمان اهو به آهي ته پهرئين دور جو انسان جبلن تي رهندو هوندو، ڇو ته ان دور کان اڳ برفاني دور پورو ٿي چڪو هوندو ۽ هيٺانهينءَ ۾ پاڻي جي گهڻائيءَ انسان لاءِ زندگيءَ جون حالتون ڏاڍيون دشوار بڻائي ڇڏيون هونديون.
اهڙي ريت اهو ويساهه به ڪري سگهجي ٿو ته ان دور جي انسان جون ضرورتون يعني پوريون گهرجون، مثال طور خوراڪ ۽ اجهي جون ضرورتون، پهريائين جبلن مان طبعي حالتن مطابق پوريون ٿيون هونديون.
جابلو طبعي حالتن کي خيال ۾ رکي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ان دور جي انسان جو پهريون تجربو پٿر سان، ٻيو بک سان، ٽيون اڃ سان ۽ چوٿون اجهي جي حالتن سان ٿيو هوندو. البت انهن سڀني حالتن ۾ ”پيار“ وارو جذبو، يعني مرد ۽ عورت جو باهمي ميلاپ هڪ بنيادي تجربي طور رهندو ايندو هوندو. ڇوته انهيءَ ڳالهه جو گمان به ڪري نه ٿو سگهجي ته ان دور جو انسان ايڏو مهذب هو، جو شرم ۽ حياءَ هن کي ڪجهه ڪرڻ ۽ ڪجهه نه ڪرڻ لاءِ تيار ڪندو هوندو. اهو ئي دور آهي، جنهن ۾ اسان چئي ٿا سگهون ته انسان غارن يا چُرن (Caves) ۾ رهندو هو.
هيٺانهينءَ واريءَ ايراضيءَ ۾ پاڻيءَ جي گهڻائيءَ ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڻ پيدا ٿيندڙ (Wild) ٻوٽن ۽ وڻن جي گهڻائيءَ ۽ ان جي نتيجي ۾ خطرناڪ جانورن جي گهڻائيءَ (جن جو وجود وڻن تي قائم هوندو)، انسان لاءِ زندهه رهڻ جي لائق رڳو جابلو علائقا وڃي ڇڏيا هوندا.
هونئن انسانن جا قديمي آثار ۽ جبلن تي لڌا آهن ۽ بچاءَ جا اوزار به جبلن مان لڀي رهيا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ انسان جي پهرئين گهر جو تصور، عورت ۽ مرد جي گڏ رهڻ جي تصور يا هڪ اجهي ۾ رهڻ جي تصور کانسواءِ، سمجهه ۾ اچي نه ٿو سگهي. هن گڏ رهڻ جي تصور ۾ انسان جي ازلي پيار واري جذبي ڪم ڪيو ۽ ٻيو ڪم اجهي جي حالتن ڪيو جن جو تعلق جابلو علائقن سان هو. هنن حالتن ۾ پهريون اجهو غار ۽ چر جهڙو هوندو. پهريون کاڌو ننڍن ٻوٽن جون پاڙون ۽ ڪمزور ۽ آهستي هلندڙ ڪيڙا ۽ جانور هوندا. اڃ اجهائڻ لاءِ جبلن جي سڀاويڪ بناوت طور ڪن هنڌن تي پاڻي هوندو ۽ انسان جو پهريون گهر يا اجهو انهن ئي هنڌن تي قائم ٿيو هوندو جن هنڌن تي پاڻي ۽ چرون موجود هونديون.
هي سڀ ڳالهيون ”قياس تي نه“ پر عقل ۽ سمجهه يا علم جي بنيادن تي بعد ۾ پرکيون ويون آهن. هنن سڀني تجربن ۾ انسان جي محنت ڪم آئي هوندي ۽ هن ان جي نتيجي ۾ پنهنجي عضون يعني سڀ کان اڳ ۾ پنهنجن هٿ کان ڪم ورتو هوندو ۽ پوءِ ٻين عضون يعني پيرن ۽ گوڏن يا هلڻ جي حالت ۾ ڄنگهن کان. اهو ئي سبب آهي، جو ڪي عالم انهيءَ خيال جا آهن ته پهريان آواز هٿن جي چرپر سان گڏ ڪيا ويا هئا.
اهڙيءَ حالت ۾ انسان جي ڪارنامن جو پهريون شاهد ”دور“ يا ”وقت“ آهي ۽ ٻيو شاهد ”زمين“. ان ڪري انسان جي تاريخ کي دورن ۾ ورهائڻ لاءِ انهن ئي ٻن شاهدن جي شاهديءَ تي ڀروسو ڪرڻو پيو آهي.
انسان جي سماج سان گڏوگڏ ان جي دوستن ۾ اهي جانور به اچن ٿا جيڪي ان جا پهريان پاڙيسري هئا.
اهڙيءَ ريت سمجهه ۾ اچي ٿو ته جيئن جيئن انسان جو ماحول ويڪرو ٿيندو ويو تيئن تيئن هن جي ٻوليءَ ۾ به وڌيڪ تجربو ۽ مشاهدو شامل ٿيندو ويو، ۽، سواءِ ڪنهن لکڻ جي ڪوشش يا رڪارڊ تي آڻڻ جي ارادي جي، انسان لاشعوري طور تي پنهنجو تجربو ٻوليءَ ۾ محفوظ ڪندو رهيو، تان جو اڄ انسان جي قديم ترين ماحول ۽ تاريخ جو اڪيلو ذريعو رڳو دنيا جون زبانون آهن. اهڙي ئي هڪڙي ٻولي سنڌي ٻولي آهي، ڇو ته سنڌي سماج (جيئن اڳتي ذڪر ايندو) هڪ قدم سماج آهي.
زمين جي شاهديءَ جي ڀروسي تي ۽ وقت جي آڌار تي انسان جي تاريخ کي، لوهه واري زماني سميت، ڇهن دورن ۾ ورهايو ويو آهي. اهي دور هيٺ ڏجن ٿا:
ارتقائي جائزو
پهريون پٿر وارو زمانو Eolithic
ٻيو پٿر وارو زمانو Poleolithic
وچون پٿر وارو زمانو Mesolithic
پويون پٿر وارو زمانو (يا نئين پٿر وارو زمانو) Neolithic
پتل وارو زمانو Bronz age
لوهه وارو زمانو (1) Iron age
دورن جي ورهاست زمين جي مشاهدي جي بنياد تي ٿي آهي، پر وقت جي مشاهدي جي بنياد تي چئجي سگهجي ٿو ته ”اٽڪل ٽيهه هزار سال قبل مسيح جي پراڻي دور جي تهذيب پٿر جي ٻئي دور جي تهذيب جي معيار تي پهتي هئي. پراڻو دور اٽڪل ويهه هزار سال قائم رهيو. يا (قريباً قياس آهي ته) اهو دور ٽيهه هزار سال ق- م کان وٺي ڏهه هزار سال ق- م تائين رهيو. ٻئي دور ۾ نئون ۽ وڌيڪ سڌريل انساني نسل زمين تي آباد رهيو. (جناب مارٽيمر وهيلر پنهنجي ڪتاب ”سنڌو ماٿري ۽ ان جي آسپاس واريءَ تهذيب“ ۾ ”جريڪو جي آثارن“ جو دور 8000 سال ق- م ٿو ٻڌائي) حياتياتي اصولن جي آڌار تي انهيءَ دور جو انسان هاڻوڪي دور جي انسان جي بنياد طور خيال ۾ آڻي سگهجي ٿو. (2)
اهڙيءَ حالت ۾ چئي سگهجي ٿو ته Pithecan thropus پراڻي دور جي پٿر وارو انسان به پنهنجي پوئين نسل جيان عين باندرن جي نسل جهڙو نه هو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انهن وٽ ڳالهائڻ جي طاقت هئي، جنهن سان هو پنهنجي ساٿين تائين پنهنجي دل جي ڳالهه پهچائي سگهندا هئا. انهيءَ طاقت جي وسيلي هو پنهنجي ”علم“ کي پنهنجي پويان ايندڙ نسلن تائين پهچائي سگهيا. جيڪڏهن اسان ائين چئون ته انهن وٽ استدلال جي قوت به هئي ته به اسان غلط نه آهيون. بنيادي طور تي اهي انسان اوزار ٺاهيندڙ (Tool making) جانور هئا. جانورن جي وڻن واريءَ زندگيءَ جي حالتن مان انهن اهو معلوم ڪيو هوندو ته پٿر کي ڀڃي يا ڪوري يا گهي سگهجي ٿو. اهڙيءَ ريت هنن پٿرن جي اوزارن کي وڍڻ لائق بنايو هوندو. (3)
ٻئي دور جي پٿر وارو انسان ته وڌيڪ سڌريل هو. ان دور ۾ اوزار پٿرن کانسواءِ هڏن، عاج ۽ سڱن مان به ٺاهيا ويا هئا. ان دور جي اوزارن مان اسان کي هٿي جي سئي، مڇيءَ جو ڪلوئڙو (Fish hook) ۽ تير ڪمان جهڙا اوزار به ملن ٿا. پٿر جي ٻئي دور جو انسان اگهاڙو نه گهمندو هو، ڇو جو ان دور جي يادگارن مان پٿر جا ٺهيل بٽڻ ۽ سيون هٿ آيون آهن. اُڻڻ ڪونه ڄاڻندا هئا پر اها پڪ آهي ته جانورن جون کلون پائيندا هئا: جيڪي سبي پائڻ لائق بڻائيندا هئا. سپيون ۽ ڏند جيڪي هٿ آيا آهن انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان دور جو انسان پاڻ سينگاريندو هو. کاڌو کائيندو هو، ڇو ته ان دور جون چلهيون به هٿ آيون آهن.(4)
پر پرڀاتي پٿر جي دور وارو انسان ننڍڙن ٽولن ۾ رهندو هو ۽ رڳو کاڌو ڳوليندو وتندو هو. تمام ننڍين ايراضين ۾ رهندو هو. ان جو کاڌو ميوا ۽ (ڪچڙيون) پاڙون هيون. ان جي کاڌي ۾ ڪيڙا ۽ چرندا جيوڙا به شامل هئا. جنهن مان پڌرو آهي ته اهي گوشت به کائيندا هئا. (5)
ان دور جي نشاني اسان وٽ رڳو ڪي پٿر (Eoliths) آهن. ايوليٿ انهيءَ پٿر کي ٿو چئجي، جنهن تي انسان ڪجهه ڪم ڪيو هجي يا محنت ڪري ان جي شڪل بدلائي هجيس. (6)
هن دور جو مرد يا هن دور جي عورت هٿ ۾ هڪڙي ڇيڙي کان مڙهيل لٺ کڻندا هئا. جنهن کي ڊبل (Dibble) چيو ويندو آهي. ڊبل بنيادي ڪاريگريءَ جي شئي (Artifact) آهي. ان سان پاڙون کوٽيون وينديون آهن. ان سان بچاءُ ڪيو ويندو آهي. ۽ اها هلڻ ۾ مدد ڪري ٿي. (7)
اهڙيءَ ريت پٿر جي ٽن دورن کي (جيئن مٿي دور ڏنا ويا آهن) اڀياس هيٺ آڻڻ کانپوءِ جيڪي نتيجا ڪڍي ٿا سگهجن، سي هي آهن:
اهو دور انسان جي بنيادي تهذيب وارو دور هو. انهيءَ زماني ۾ ٻجن، پاڙن، گوشت (پکين ۽ جانورن) کي کاڌي طور ڪم آندو ويندو هو. اوزار پٿر، هڏي ۽ ڪاٺ جا هوندا هئا، ۽ ڪن عملن جا مقرر ٿيل اصول به موجود هئا.(8)
ان دور جو انسان بت ڍڪيندو هو ۽ پاڻ وٽ اظهار (Language) جو به ڪونه ڪو نمونو رکندو هو. اهڙيءَ ريت لاشعوري طور تي ۽ سڀاويڪ طريقن مان آڳاٽو انسان پنهنجي تهذيب جو بنياد رکي چڪو هو ۽ سندس ٻولي ان تهذيب جو پاڻ وٽ هڪ رڪارڊ محفوظ ڪري رهي هئي. عالمن جي خيال ۾ انهن دورن جي ورهاست جدا جدا آهي. مثال طور، راف ۽ برنس (Ralph and Burns) جي خيال ۾، پٿر جي دور جا رڳو ٻه دور ٿين ٿا، پر هوبيل (Hoebel) جي خيال ۾ پٿر جي دور جا ٽي دور ٿين ٿا. ان ڪري هن پرڀاتي پٿر جي دور جو اضافو ڪيو آهي. هوبيل انهن ٽن دور ۾ به پٿر جو نئون زمانو شامل ڪونه ٿو ڪري. راف ۽ برنس به ”پٿر جي نئين دور“ جو اڀياس جدا گانو ٿا ڪن. اهڙيءَ ريت هوبيل صاحب پٿر واري دور کي چئن دورن ۾ ٿو ورهائي. پٿر جي پراڻن دورن ۾ جن تي مٿي بحث ٿي چڪو آهي، عالم محنت ۽ سمجهه جي ماهرن کي وڏي اهميت ڪونه ٿا ڏين. انهيءَ جو وڏو ڪارڻ اهو آهي، جو عالم انهيءَ دور ۾ انسان کي ڪم ڪندڙ يا سمجهدار ماڻهو ڪونه ٿا سمجهن. ڇو ته اهي ٻئي لفظ ماڻهوءَ لاءِ هو يورپ جي اڀرندڙ تهذيب ۾ استعمال ڪرڻ گهرن ٿا ۽ ”محنت جي تصور“ کي هو صنعتي انقلاب جي اپت سمجهن ٿا.
هن حالت ۾ انسان ذات سان انصاف ڪرڻ لاءِ ان جي سگهه ۽ ان جي محنت جي ابتدائي شڪلين تي بحث ڪرڻ تمام ضروري آهي. ڇو ته ٻيءَ حالت ۾ پوئين ۽ هاڻوڪي دور جي سماج ۽ ڪلچر جو رابطو (Continuum) سمجهه ۾ اچي نه سگهندو. انساني نسل وڌندو رهيو آهي، ۽ سڀ عالم ان راءِ تي متفق به آهن ته انهيءَ دور ۾ به انساني نسل وڌندو رهيو آهي، ته پوءِ انسان جي گهرو ۽ سماجي مامرن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ ۽ ان لاءِ ڪجهه چوڻ به اسان لاءِ تمام ضروري آهي. انساني تهذيب جي هنن ابتدائي دورن ۾ انسان جي ٻوليءَ جي نوعيت ۽ حيثيت جي باري ۾ رڳو ايترو چئي ٿو سگهجي ته جيئن جيئن ان جون ضرورتون وڌنديون ويئون ۽ هن نيون شيون ڳولي لڌيون، ٻوليءَ جو دائرو به شين جي نالن تي تعداد جي مدد سان وڌندو ويو، ۽ پٿر جي دور جي پڄاڻيءَ تائين انسان جي تهذيب جو تمام وڏو حصو هن جي ٻوليءَ ۾ نالن ۽ تصورن جي صورت ۾ يا اهڃاڻ جي صورت ۾ شامل ٿي چڪو هو. (اهڃاڻ جي هيءُ حيثيت نرالي هئي.) اها ڳالهه بيجا نه آهي ته انساني نسل جي واڌاري ۾ تعداد جي ضرورت، جنسياتي ضرورت ۽ حياتياتي زندگيءَ جي اصولن جي تقاضائن سڀني گڏجي ڪم ڪيو آهي. ٻيءَ حالت ۾ انساني تهذيب جو اڳتي وڌڻ، ڪلچر جو وڌيڪ سڌرڻ ۽ نسلن جو قائم ٿيڻ ڀلا ڪيئن ممڪن هو، سو سمجهه ۾ نه ٿو اچي.
انهيء ڳالهه جي وڌيڪ وضاحت ڪرڻ به ضروري آهي ته جبلن تي به موسم مطابق هر سال برف پوندي هوندي، ان ڪري جنهن دور کي اسين برفاني دور ٿا چئون سو جدا دور آهي ۽ انهي دور ۾ انسان جو وجود لهي نه ٿو سگهجي. گهٽ ۾ گهٽ ان دور جي اهڙي ڪا شاهدي ڪانهي ته انسان موجود هو ۽ ڪم ڪري رهيو هو، پر اها ڳالهه چئي ٿي سگهجي ته ان دور ” حياتي“ قائم ٿي چڪي هئي. پر ان لاءِ مڃڻو پوندو ته سخت سرديءَ کي برداشت ڪرڻ وارو جانور ۽ وڏن وارن وارو يا وڌيڪ سگهارو جانور يا وڻن تي چڙهي ويهڻ وارو جانور انسان جي ابتدائي شڪل ۾ هو.
هت انهيءَ بحث ۾ پوڻ کانسواءِ انسان کي ان دور کان شروع ڪيو ويو آهي، جنهن دور ۾ هو اجهي ۾ رهندو هو. زمين کوٽيندو هو. ڪاريگريءَ جا ڪم ڪندو هو ۽ کاڌ خوراڪ کي هٿ ڪرڻ جا وسيلا هٿ ڪري چڪو هو ۽ ان سان گڏ پنهنجو نسل به وڌائي رهيو هو. وري ڇاڪاڻ ته وڏو سوال به انساني سماج ۽ ڪلچر جو آهي، ان ڪري هت انسان جي ابتدا جي باري ۾ وڌيڪ بحث ڪري ئي نه ٿو سگهجي.
اسان جي لاءِ اهميت وارو سوال به اهو ئي آهي ته آخر ڪهڙي دور ۾ انسان سماج جي بنيادي تقاضائن جي خيال کان هڪ سماجي جزو بڻجي رهيو هو. اهو چئي سگهجي ٿو ته انسان پٿر جي پراڻن دورن ۾ ئي سماج جي ابتدائي شڪلين مان لنگهي رهيو هو پر جيڪڏهن اهو مڃيو وڃي ته ان وقت اچ وڃ جا رستا به موجود هئا ته پوءِ اهو به مڃڻو پوندو ته انسان طبقاتي طور تي ميل ميلاپ به ڪري ٿي سگهيو ۽ پوءِ انهيءَ ئي شاهديءَ جي آڌار تي انسان کي ان وقت ئي هڪ ”سماجي جانور“ جي حيثيت ڏيڻي پوندي. اها ڳالهه مڃڻ سان هڪڙو مونجهارو پيدا ٿيندو. اهو مونجهارو اهو هوندو ته ان دور ۾ جيڪي اوازار ۽ طبعي حالتون موجود هيون انهن جي صورت حال کي سامهون رکي، ميل ميلاپ (Social integration) کي ڪئين ٿا ممڪن سمجهي سگهونٰ آخر رستا ڪيئن ۽ ڇو ٺهيا هوندا؟ هن سوال جو جواب ڏيڻو پوندو ته اهو سماج به تمام ننڍو ۽ هڪ خاندان جيڏو هوندو. ته پوءِ آخر ڇو چئون ته ان وقت جو انسان ”سماجي انسان“ (”جانور“ لفظ هت ڪم نه ٿا آڻيون) نه هو؟
سو اسان جي استدلال جو نتيجو هيءُ آهي ته سماج جي ابتدائي شڪل خود پٿر جي پراڻن دورن ۾ ئي موجود هئي: ۽ اهو ئي زمانو هو جڏهن انسان جون پهريون ٻوليون ٺهي رهيون هيون.
رهيو سوال ته ان وقت سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو هو ۽ سنڌ جو سماج ڪٿي هو ته ان باري ۾ لئمبرڪ توڙي وهيلر جا خيال اسان وٽ موجود آهن. هت فقط هي بيان ڪرڻو آهي ته اسان وٽ انهيءَ ڳالهه جا ثبوت موجود ڪونه آهن ته پٿر جي دور جو سنڌي سماج ڪهڙو هو يا ان دور ۾ هتي ڪو سماج هو به يانه. (ويجهڙائي ۾ پروفيسر آلچن ۽ سندس بيگم جي ڪوشش سان سنڌ جي جبلن مان ڪي تمام پراڻا اوزار هٿ ڪيا ويا آهن، جن تي تحقيق ٿي رهي آهي.)
بنيادي طور تي سنڌ هڪ وادي آهي ۽ گهڻو ڪري پراڻي سنڌ هڪ ميداني علائقو هئي. ظاهر آهي ته اهڙيءَ حالت ۾ نديون جن سان سنڌ سينگاريل هئي، سي برفاني دور کان پوءِ پيدا ٿيون هونديون ۽ هڪ دفعو وهڪرو قائم ٿيڻ کانپوءِ انهن مسلسل انهيءَ رستي سان وهڻ شروع ڪيو هوندو. (وهڪرن بدلائڻ وارا اتفاق به پوءِ پيدا ٿيا هوندا). وري هيءَ ڳالهه به ويچارڻ جهڙي آهي ته سنڌ ۽ هند (جنهن کي هڪ جاگرافيائي علائقو سمجهيو ويو آهي) ان جون سڀ نديون گهڻو ڪري جبلن جي هڪڙي ئي سلسلي سان نڪرن ٿيون. اهڙيءَ حالت ۾ انومان جوڳي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ ميداني علاقا تمام آڳاٽو قائم ٿيا هوندا. ان ڪري جابلو علاقن کان وڌيڪ آسان علاقا ميداني علاقا آهن. ان ڪري ميداني سنڌي تهذيب جو بنياد پٿر واري دور ۾ ئي پيو هوندو. ان ڪري سماجي علوم ۽ ڪلچر يا تهذيب جي بنيادن تي سنڌ جي ماڻهن جو پهريون اظهار جو وسيلو ان ئي دور ۾ ٺهيو هوندو ۽ اهو ئي اظهار وارو طريقو اڳتي هلي هڪ زبان جو بنياد ٿيو هوندو. ان ڪري اسان جي ٻوليءَ جي قدامت جو پهريون دليل اسان جي سماج ۽ تهذيب جي ابتدائي شڪلين وارو اهو انساني اظهار آهي، جيڪو هن ئي سرزمين تي رهڻ وارن ان دور جي ماڻهن اختيار ڪيو هو. پر جيڪڏهن سنڌ جي جبلن ۽ دڙن مان اوزارن جو ۽ پراڻن پٿر جي اوزارن جو موزون ذخيرو هٿ آيو ته پوءِ انهن اوزارن جي اڀياس مان اسان پنهنجي سماج جو وڌيڪ اڀياس به ڪري سگهنداسون.
سنڌ ۾ پهريان ماڻهو جاوا ۽ نندرلئنڊ کان آيا هوندا، اُهو نٿو چئي سگهجي. ان وقت اهڙن ماڻهن جي آمدرفت جي وسيلن جي محدود هئڻ ڪري اسان يقين سان ڪجهه چئي نه ٿا سگهون. البت جيڪڏهن اهو ثابت ٿي وڃي ته هماليا تي ڪا قوم يا ڪو نسل آڳاٽو پٿر جي زماني ۾ موجود هو، ته پوءِ ان جو هيٺ لهي اچڻ ويساهه جوڳو آهي، يا وري هڪ ٻي واٽ هيءَ آهي ته چين جي پيڪنگ واري علاقي سان ڪا واٽ اسان وٽ ايندي هجي ته پوءِ ان طرف کان آباديءَ جو سلسلو قائم ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته رالف ۽ برنس جي خيال ۾ چين ۾ به پٿر جي زماني ۾ ماڻهو آباد هئا. (9)
ٻي قوم، جن جو هي صاحب بيان ڪن ٿا، سا هئي ڪروميگنان (Cromagnon men) جي قوم. ”هي فرانس ۾ آباد هئي. هن قوم جا ماڻهو ڊگها، ويڪرن ڪلهن وارا ۽ سنوان سڌا هئا. مردن جو قد سراسري طور ڇهه فوٽ هو يا وڌيڪ هو. انهن جون پيشانيون اڀريل هيون. سندس کاڏيون وڏيون هيون ۽ بار کڻڻ جي طاقت به وڌيڪ هئي.“ (10)
هن قوم جي باري ۾ خود راف ۽ برنس لکن ٿا ته ”خبر ناهي ته هنن ڪو پونير ڇڏيو يا نه.“ البت هي صاحب مڃين ٿا ته هن قوم کي به هڪالي ڪڍيو ويو هو. پوءِ اهي جبلن تي چڙهي ويا هئا ۽ شايد پوءِ اهي ٻين قومن سان ملي ويا. (11)
پر اهڙي دور ۾ سنڌ ۾ ڪهڙا ماڻهو هئا، يا ٻئي هنڌان آيا، تن لاءِ ڪجهه به چوڻ تصديق ۽ تحقيق کان سواءِ مناسب ناهي.
ضروري نتيجا
مٿي آيل انساني سماج جي پس منظر جي هڪ عمومي بحث مان معلوم ٿئي ٿو ته:
سنڌي سماج پراڻو انساني سماج آهي.
سنڌ جي زمين پراڻي انسان جي رهڻ لاءِ موزون هئي.
سنڌ جي زمين جاگرافيائي حالتن جي ڪري وڌيڪ انساني تجربن جو مقام ٿي سگهي ٿي.
سنڌ جي زمين تي آڳاٽو آباد انسان هر طرح اسان هڙين حالتن ۾ رهندو هو، جن ۾ ٻوليءَ جو پيدا ٿيڻ ناگزير هو.
سنڌي سماج جي هڪ هنڌ مستقل طور موجود هئڻ جي ڪري ۽ ان جي گوناگون سماجي تجربن جي ڪري سنڌي ٻوليءَ جو نشانن (Signals) ۽ علامتن (Signs) جو تعداد تمام گهڻو هوندو.
سنڌي سماج جي تمام گهڻي عرصي تائين هڪ هنڌ ۽ حالت ۾ رهڻ جي ڪري اهي آڳاٽا لفظ اسان تائين پهچي ويا هوندا. هنن ڳالهين کي خيال ۾ رکي اسان اڳتي سماج جي هڪ عمومي بحث کانپوءِ سنڌي سماج جو اڀياس ڪنداسون ته جيئن هاڻوڪي سنڌي سماج ۽ اسان سنڌي ٻوليءَ جو سماجي اڀياس ڪري سگهون.
حوالا
Hoebel Adams E. “Man in the Primitive World”, McGraw Hill Co. International Student edition, Tokyo, 1958, p. 73.
Burns E. M. and Ralph P. L. “World Civilization”, abridged edition, O.U.P Pakistan Branch for W.W. Norton & Co. 1958, p. 1.
Ibid, p. 2
Ibid, p. 4
Hoebel Adams E, “Ma in the Primitive World”. Mc Graw Hill Co. International Student Edition, Tokyo, 1958, p. 74.
Ibid, p. 74.
Ibid, p. 75.
Ibid, p. 75.
Burns E. M. and Ralph P. L. “World Civilization”, abridged edition, O. U. P. Pakistan branch for W. W. Norton & Co. Inc., 1958, p.1.
Ibid, p. 4.
Ibid, p. 4.