لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج

الھداد ٻوهئي صاحب جو ھي ڪتاب  ڊي. فل ڊگريءَ لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نگرانيءَ ۾ مقالي جي صورت ۾ لکيو ويو. هيءُ ڪتاب پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. ڀاڱي پھرين ۾ انساني سماج ۽ ان جي پس منظر ۽ جوڙجڪ، ٻوليءَ جي وصف ۽ ڪارج ۽ ثقافت تي بحث ڪيل آهي. ڀاڱي ٻئي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۽ ان جي سماجي اڀياس متعلق، ڀاڱي ٽئين ۾ روز مرھہ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ تي ڇنڊ ڇاڻ، ڀاڱي چوٿين ۾ اشارن واري ٻوليءَ جو اڀياس ۽ ڀاڱي پنجين ۾ ٻوليءَ جي سماج ۽ معنوي حيثيت تي بحث ۽ محقق جي اظھارن جي ذريعن جو ذڪر ٿيل آهي. ڪتاب جو موضوع فلسفياڻو، گَھرو، تورتڪ جي سائنسي پئمانن تي مشتمل آهي، ليکڪ اوترو ئي هن ڪتاب ۾ موضوع جي متعلق گَھرا ويچار ڏنا آهن.

Title Cover of book سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج

باب ٽيون: ٻولي- ان جي وصف ۽ ڪارج

1- ٻولي- (وصف)

”ٻولي ”فونمين“ جو هڪ اهڃاڻوي سرشتو آهي.“ (1)
”ٻولي رواج ۽ روايت جو ٻيو نالو آهي. “ (2)
ٻولي هڪ اهڙو طريقو آهي جنهن کي انسان جي پنهنجي مرضيءَ پٽاندر ٺاهيو ويو آهي.
”ٻولي ۾ آواز ته گهڻا ٿا ٿين پر ان جي جوڙجڪ خاص مونجهاري واري آهي. انهن ٿورن آوازن جي مدد سان هڪ عام رواجي ذهن وارو ماڻهو سوين هزارين لفظ ٺاهي ٿو سگهي. هن بنياد تي ٻوليءَ کي هڪ تمام وڏو ۽ گهڻ- پٽاڻو مانڊاڻ (Complex) چئي ٿو سگهجي.“ (3)
”لکڻ کي ٻولي نه چئبو، پر لکڻ رڳو اهو طريقو آهي جنهن سان ٻوليءَ کي رڪارڊ تي رکيو ٿو وڃي. لفظ يا اکر رڳو اهي نشان يا انڊا آهن جيڪي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.“ (4)
”وڏو مطلب وٺجي ته ٻولي انسانن جي وچ ۾ هڪ اظهار جو وسيلوآهي... پر جي ٻوليءَ جو سڌريل پهلو ڏسجي ته معلوم ٿيندو ته ٻولي سڌي سنئين هڪ انساني خصوصيت آهي. اها خصوصيت انسان جي امتيازي خصوصيت آهي.“ (5)
”ٻولي معنيٰ ڳالهه ٻولهه، ٻولي معنيٰ فرد جي ٻوليائي عمليت جنهن ۾ هن کي ڪمال حاصل آهي.“
ڪي ماهر ٻوليءَ ۽ عام رواجي گفتگوءَ ۾ فرق ڪن ٿا. هڪ کي هو (Parole) پئرول ٿا چون ۽ ٻئي کي ٻولي (Language). ”ٻولي انساني عمل جو هڪ نمونو آهي.“ (6)
”سوال رڳو اهو نه آهي ته ٻولي اسان کي ٻين جي تجربن مان ڪجهه وٺي ڏئي ٿي. سوال اهو به ناهي ته اسان پنهنجو تجربو رڳو ٻوليءَ جي وسيلي ٻين تائين پهچايون ٿا. برابر تجربي جي منتقليءَ ۾ به ٻوليءَ وڏو ڪم ڪيو آهي، پر ٻوليءَ جو اڃا به وڏو ڪم اهو آهي ته ٻولي پنهنجو پاڻ ۾ ئي هڪ وڏو تجربو ۽ علم سمايون ويٺي آهي. رڳو اهو خزانو هٿ ڪرڻ ئي اسان لاءِ ايترو فائدي وارو ٿيندو، جو ڄڻ اسان ڪو وڏو علم پرايو آهي.“ (7)
”ٻوليءَ جي عمل جو به هڪ مقصد ٿئي ٿو. اهو مقصد اِهو آهي ته هڪ انسان پاڻ جهڙن ٻين انسانن سان ذهني طور تي لاڳاپي ۽ لهه وچڙ ۾ اچي. پر اسان کي هروڀرو ائين نه سمجهڻ گهرجي ته ٻولي هڪ ذهني وسيلو آهي جنهن سان خيال منتقل ڪري سگهجن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته ڳالهائڻ وارن جي گفتگو مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن وٽ ڳالهائڻ جو مقصد هروڀرو ”خيال“ ڏيڻ ڪونه آهي. جنهن جو مطلب هي آهي ته هو هروڀرو ڪا معنيٰ منتقل ڪرڻ ڪونه ٿا چاهين، پر خود هيءَ غيرمقصديت واري عملي چرپر به ٻوليءَ جي ترقيءَ جو سبب بڻجي ٿي.“ (8)
پر جيڪڏهن ٻولي هڪ عملي چرپر آهي ۽ اها چرپر ٻوليءَ جي ترقيءَ جو سبب به بڻجي ٿي ته پوءِ اها ”غيرمقصديت واري“ چئي نه ٿي سگهجي. جڏهن رڳو اشارن ۾ يا نظري ۽ بصري ٻوليءَ ۾ يا نشانين (Pictographs) ۾ به ڪانه ڪا معنيٰ ٿئي ٿي، ته پوءِ ٻوليءَ جي ڪابه حيثيت اهڙي مڃي ڪانه ٿي سگهجي، جيڪا مقصد کان سواءِ هجي.
جيڪڏهن انسان جو اڀياس خود انسان ذات جو اڀياس آهي ته پوءِ انسان ذات جي اڀياس ۾ ٻوليءَ جو اڀياس ضروري آهي. ڇوته ٻولي انسان ۽ ٻين جانورن جي وچ ۾ فرق سمجهائي ٿي. (9)
انسان کانسواءِ ٻيو ڪوبه جانور اهڙو نه آهي جيڪو ڪوبه اطلاع اڳواٽ سکيل (Learned) علامتن يا اهڃاڻن (Signs or Symbols) جي وسيلي پهچائي سگهي. دراصل انهن اهڃاڻن ۽ علامتن کي ئي اسان ٻولي چئون ٿا، جيڪي ڳالهيون ٻوليءَ جي وسيلي تهذيب کي ممڪن بڻائين ٿيون. انهن ۾ اهي علامتون ۽ اهڃاڻ ۽ اهو منتقليءَ جو طريقو (Way of Communication) اچي وڃن ٿا. (10)
آڊمس (Adams) دعوا ٿو ڪري: ”پنهنجي ٻوليءَ (انگريزي) ڳالهائڻ واريءَ عادت اسان جي ذهن جي اصل بنياد (Substance) کي پنهنجي طريقي يا لئه (Fashion) ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. اها ڳالهه نه فقط هڪ صورتحال آهي، بلڪه اها ته هڪڙي پختي حقيقت آهي جيڪا تاريخي حادثي جهڙي آهي.“ (11)
”ٻولي انهيءَ خزاني جو نالو آهي جيڪو ڳالهائڻ جي عمل جي وسيلي گڏ ٿي ويو آهي.“ (12)
ٻولي انسان جو محض غيرجبلتي يعني سکيل يا حاصل ڪيل طريقو آهي، جنهن سان انسان اهڃاڻن جي وسيلي خيال، جذبا ۽ خواهشون ٻين تائين پهچائي ٿو. (13)
”ٻوليءَ جي وصف هيئن به آهي ته اها عادتن جو هڪ سيٽ آهي. جيڪو هر ماڻهو ٻال جتيءَ ۾ ئي پنهنجي ٻوليءَ جي قوميت مان سکي ٿو. عادتن جو اهو سيٽ ڪن خاص آوازن جي پيدا ڪرڻ مان ٺهي ٿو. انهن خاص آوازن کي فونيم (Phonems) ٿو چئجي. اهي فونيم وري ٻوليءَ جي ٻين سرشتن (مورفيم Morphemes) جي صورت وٺن ٿا.“ (14)
”ماڻهنجي عملي کوجنائن کان وڌيڪ اهم ته ماڻهن جو اهو رڪارڊ آهي جيڪو ماڻهن جي خيالن، نظرين ۽ محسوس ڪرڻ جي طريقو جو آهي. ڪابه تاريخ اهڙي دلچسپ ۽ اهم نه آهي جهڙي انسان جي روح جي. انهيءَ تاريخ کي هڪ وٿ (Value) ۽ هڪ مقصد آهي ۽ اها تاريخ اسان کي لفظن جي انهيءَ اڀياس مان ملي ٿي جنهن جو مقصد آهي انهيءَ تاريخ کي سمجهائڻ ۽ ان کي ڪنهن واضح پس منظر ۾ رکڻ.“ (15)
”ٻولي غير جبلتي ۽ اهو مڪمل طريقو آهي، جنهن سان ماڻهو خيال، جذبا ۽ خواهشون پڌريون ڪري سگهي ٿو. هن باري ۾ انسان جو وسيلو آهن ارادي طور تي پيدا ڪيل اهڃاڻ.“ (16)
”ٻولي ان وقت ٺهي، جنهن وقت اسان شخص (Persons) ٿياسون يا اسان انسان واري انهيءَ تهذيبي منزل تي پهتاسون جنهن جي خصوصيت آهي ٻولي.“ (17)
”ٻولي هڪ اهڃاڻوي عمل (Symbolic activity) آهي. ٻولي رڳو لفظن جي لغوي صورت جو نالو نه آهي، توڙي جو لفظ به ٻوليءَ جو هڪ حصو آهن. ٻوليءَ جو اصل ته اهڃاڻ ئي آهن.“ (18)
توڙي جو ٻوليءَ لاءِ کڻي چئجي ته اها آواز پيدا ڪندڙ عضون جي هڪ اپت آهي؛ ايترو ته مڃڻو پوندو ته ٻوليءَ پوءِ به هڪ اهڃاڻوي طريقو آهي يا اهڃاڻوي عمل آهي. تنهنڪري لفظن جي هٿراڌو صورت به انسان جي سماج تي وڏو ۽ اڻ ڄاتل اثر ڪري آهي.“ (19)
”ٻوليون ماڻهن جي هڏن مان نه پر زندهه ماڻهن جي روزمرهه جي زندگيءَ مان معلوم ڪري سگهبيون.“ (20)
گرين برج (Green berge) ٿو چوي ته اها ڳالهه هرڪو مڃي ٿو ته ٻولي ماڻهن جي ڪلچري ڪارڪردگيءَ جو حصو آهي. ٻوليءَ جو علم اهڙيءَ ريت منطقي طور تي علم الانسان جي انهيءَ شاخ سان تعلق رکي ٿو، جنهن جو واسطو ڪلچر سان آهي. اهڙيءَ ريت ڏٺو ويندو ته اهو نظريو جيڪو انسان سان تعلق رکي ٿو سو ٻوليءَ سان به لاڳو ٿئي ٿو.
”ٻولي انسان جو حياتياتي يا موروثي عمل نه آهي. ٻولي ته غيرجبلتي، پرايل ۽ ڪلچري انساني عمل آهي.“ (21)
”ٻولي خاص انساني عمل آهي ۽ اهو خيالن، جذبن ۽ خواهشن جي ظاهر ڪرڻ جو هڪ غيرجبلتي طريقو آهي. پنهنجي انهيءَ ڪم جي لاءِ ٻولي اهڃاڻن جي هڪ خودساخته سرشتي کان مدد وٺي ٿي. جنهن شيءِ کي اسان ٻولي ٿا سڏيون سا ته اهڃاڻن جو هڪ وڏو هٿراڌو ۽ خود ساخته سرشتو آهي.“ (22)
”هرڪا ٻولي پنهنجو پاڻ ئي اظهار جو هڪ اجتماعي آرٽ آهي. انهيءَ آرٽ ۾ جيڪي شيون شامل آهن سي آهن جمالياتي عنصر.
جمالياتي عنصرن جي هڪ خاص نموني ۾ صوتياتي عنصر، موزونيت وارا عنصر، اهڃاڻوي عنصر ۽ ٻوليءَ جي جوڙجڪ وارا عنصر شامل آهن. هي سڀ عنصر اهڙا آهن، جو اهي هر ٻوليءَ ۾ جدا ٿين ٿا ۽ ڪن به ٻن ٻولين ۾ اهي هڪجهڙا ڪونه ٿا ٿين.“ (23)
ٻوليءَ جي قوميت جي باري ۾ مئڪس مپولر جهڙي عالم جو رايو آهي ته ”مون وري وري چيو آهي ته جڏهن مان ڪنهن کي آريا ٿو چوان تڏهن منهنجو مطلب نه رت سان آهي نه هڏن سان نه وارن سان ۽ نه ئي هڏائين پڃري سان. آريا چوڻ سان منهنجي مراد انهن سان آهي جيڪي آريائي ٻولي ڳالهائين ٿا.“ (24)
انهيءَڳالهه جي تائيد ساپر (Sapir) جهڙو عالم به ڪري ٿو ته ٻوليءَ جي ڪانه ڪا قوميت ٿئي ٿي. ساپر چوي ٿو، ”هر هڪ ٻوليءَ جو هڪ دائرو ٿئي ٿو ۽ ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ اهڙيءَ ريت ڪنهن نه ڪنهن قوميت سان تعلق رکن ٿا. ٻوليءَ جي قوميت اها شيءِ آهي جيڪا طبعي خصوصيتن (Physical characteristics) جي ڪري ٻين گروهن ۽ قوميتن کان ڇنل آهي.“
پوٽر ٿو چوي، ”چئي سگهجي ٿو ته اڄڪلهه دنيا ۾ پنج شيون انسان ذات کي ورهائي رهيون آهن: قوميت، مذهب، ڪلچر، ٻولي ۽ نسل: هي سڀ شيون هڪٻئي سان لاڳاپو رکن ٿيون.“
پوٽر وڌيڪ چوي ٿو ته ”هڪڙي لحاظ کان ٻولي آداب جي شعبي جيان هڪ سرشتي جو نالو آهي. ٻولي انساني ڪارڪردگيءَ جو تمام اهم حصو آهي، جيڪو روايت ۽ ڪلچر جي تحت رهي ٿو.“ (25)
ٻوليءَ جي اظهار واري ڪردار جي باري ۾ مرجوري بوسٽن جا خيال هن ريت آهن:

”مون سان نه ڳالهاءِ“ هيءَ دڙڪو تمام وڏو آهي ۽ انتهائي ناراضگيءَ جو دليل آهي.

اظهار هنن طريقن سان ٿئي ٿو:

حقيقتون- گاڏي يارهن وڄي ويهن منٽن تي ويندي.
حڪم يا خواهش- پاڻي پيار، يا پاڻي ته پيار!
جذبا- ٽري وڃ اکين اڳيان! ڀلي اچ، نچ اچ!

دليل- جئين تون چوين ٿو ته دنيا هڪ سڌي سنئين ٿالهيءَ جهڙي آهي، جي ائين هجي ته ضرور ڪو اهڙو رڪارڊ به هجي ها، جنهن ۾ اهو ڏيکاريو ويو هجي ته فلاڻو ڪناري تان ڪري پيو.

ميل جول جا طريقا- ڀلي آئين. معاف ڪجانءِ. وري چئجان. خير جي ڳالهه آ! ڪا ڳالهه ناهي. مهرباني. الوداع! خدا حافظ!

جادو، منڊ ۽ ڦيڻا.
پڇاڳاڇا- ڪنهن ڳالهه معلوم ڪرڻ لاءِ پنهنجي خواهش ظاهرڪرڻ: ادا ٻڌائيندا ته مسجد ڏانهن ڪهڙو رستو ٿو وڃي!

لفظن جو لطف وٺڻ- لفظ رڳو مزي خاطر به ڪم آڻجن ٿا. مثال طور، ماڻهوءَ کي ڄاهو، گدڙ (ڊڄڻو)، رڍ (حليم)، ڳئون جي کل (نرم)، جبل (تمام ڳورو)، سڪو ڪاٺ (رکو) چيو ٿو وڃي.

پنهنجو پاڻ ڳالهائڻ.
راڳ ۽ نغمو. (26)
عام رواجي ٻوليءَ جي باري ۾، پوٽر جا خيال وڏي ڪم جا آهن. لکي ٿو: ”ٻوليءَ جي صحت ۽ طاقت جو دارومدار سڀ کان اڳ ۾ عام رواجي ٻوليءَ تي آهي، ڇو ته اها ٻولي پنهنجي عذا ۽ پنهنجي تازگي روزمرهه جي بهترين ڳالهه ٻولهه مان لڳاتار حاصل ڪندي ٿي رهي.“
پيئرسل سمٿ تان نقل ڪندي، پوٽر هن باري ۾ لکي ٿو: ”انساني ٻولي عوامي پيداوار آهي. اها نه عالمن جي پيداوار آهي ۽ نه استادن جي. عالم ۽ استاد ٻوليءَ کي شاهوڪار بڻائين ٿا، ۽ ان کي سينگاري ٺاهي ادبي ٻوليءَ جي حسن جو گل بڻائين ٿا. پر ته به ٻوليءَ جون اهم ترين مکڙيون انهيءَ ٽاريءَ تي پيدا ٿين ٿيون، جيڪا پنهنجو پاڻ اڀري ۽ وڌي آهي ۽ ان جون پاڙون زمين ۾ آهن ۽ جيڪا ڪنهن به هڪ جي محنت جو نتيجو نه آهي. اها ئي زمين آهي جنهن مان ٻوليءَ کي پنهنجي تازگي ۽ غذا وٺڻ گهرجي. ٻيءَ حالت ۾ تاريخ جي سفر ۾ اها به انهن ٻولين جيان مري ويندي، جيڪي پنهنجي عام رواجي حالت کان ڇڄي جدا ٿيون هيون.“ (27)
ساڳئي ريت پوٽر چوي ٿو ته ”بهترين زبان اها آهي جنهن جو بنياد سماجي روايات تي رکيل هجي.“
هڪڙي ٻي اهم راءِ هن هيٺ نقل ڪجي ٿي- ”انسان زمين تي انهيءَ مخلوق جو نالو آهي، جيڪا زبان جي مالڪ نه آهي پر خود ٻولي آهي.“ (28)
”ٻولي ڪليات (Universals) جي اها سگهه آهي، جيڪا انسان کي انهيءَ لاءِ ڏني ويئي آهي ته هو پنهنجي ماحول جو مشاهدو ڪري سگهي ۽ اهو معلوم ڪري ته هو به هڪ دنيا جو مالڪ آهي. دنيا خلقهڻ ٻوليءَ جي قانون ۾ آهي، ان ڪري اها ڪوشش اجائي آهي جنهن جو مقصد آهي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد معلوم ڪرڻ. جهڙيءَ طرح عقل جو بڻ بڻياد معلوم ڪري ٿو سگهجي، اهڙيءَ ريت ٻوليءَ جو بڻ بڻياد معلوم ڪري نه ٿو سگهجي. عقل ۽ ٻوليءَ جي عمر ايتري آهي جيتري خود انسان جي. عقل ۽ ٻولي ٻيئي انسان جي اهم ترين حقيقت ۽ سندس لساني وجود جا حصا آهن“. (29)
”ٻولي اها شيءِ آهي، جيڪا انسان کي انهيءَ لائق بڻائي ٿي ته هو پاڻ جهڙن ٻين انسانن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري، ٻين جي اڳيان پنهنجي نفس جا راز کولي؛ خدا جي اڳيان پنهنجون التجائون، خواهشون، نااميديون ۽ ڏک ظاهر ڪري.“
”لفظ مخلوق نه آهي ڇو ته اهو فقط لفظ ”ڪن“ جي مدد سان ممڪن ٿيو هو ته دنيا وجود ۾ آئي ۽ خالق ڪا شيءِ خلقي. جيڪڏهن ائين چيو ويو ته ”ابتدا ۾ رڳو خدا جو وجود هو“ ته پوءِ لفظ جو وجود به خدا جي وجود سان وابسته مڃڻو ٿو پوي.“
”انسان ٻولي کانسواءِ خود پاڻ کي سڃاڻي نه ٿو سگهي. ٻولي انسان جي نمائندگي ڪري ٿي. ٻولي انسان جو وڏو ڪمال آهي.“
”ٻوليءَ جي مدد سان انسان جي طاقت جي حفاظت ٿي رهي آهي.“
”ٻولي رڳو ميڪانيڪي سرشتو نه آهي، توڙي جو اُها هڪ ميڪانيڪي سرشتو آهي. ان جو مقصد اهو هئڻ گهرجي ته ڏسون ته ٻوليءَ جي ميڪانيت ۽ ٻوليءَ جي معنيٰ جو پاڻ ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي.“
”ٻولي انسان ۽ خدا جي وچ ۾ تعلق جو هڪ وسيلو آهي.“
”ڪائنات پاڻ ئي ٻولي آهي. اهڙيءَ ريت ٻولي نالو آهي خيالن کي وجودن بخشڻ (Corporealisation) جو.“
”ٻِولي رڳو ”هئڻ“ (being) نه آهي: ٻولي ته ”ٿيڻ“ يا ”بڻجڻ“ (Becoming) به آهي.“ (30)
ٻولي پنهنجو پاڻ ئي زندگيءَ جي هڪ نئين معيار کي ممڪن بڻائي ٿي. ٻوليءَ جي مدد سان ئي اسان پنهنجي وسيع ترين دنيا جي جدا جدا علائقن ۾ داخل ٿيون ٿا. لفظن جي سکڻ سان اسان انهيءَ دنيا کان واقف ٿيون ٿا، جيڪا اهي لفظ پاڻ ۾ سمائين ٿا.“ (31)
”ٻولي اظهار جو اهڙو وسيلو آهي، جنهن کي جدا جدا نمونن ۾ ورهائي ٿو سگهجي. اهو جن ڀاڱن ۾ ورهائي ٿو سگهجي، انهن مان هر هڪ کي مونيم (Moneme) ٿو چئجي. انهيءَ مونيم ۾ ٻوليءَ جي معنيٰ وارو مواد به هوندو آهي ۽ ان جي صوتياتي صورت به هوندي آهي. انهيءَ صوتياتي صورت کي وري جن جزن ۾ ورهائي ٿو سگهجي، انهن کي فونيم ٿو چئجي هو. فونيمن جو تعداد ٻوليءَ ۾ مقرر ٿئي ٿو ۽ انهن جي نوعيت ۽ هڪٻئي سان واسطيداري به جدا جدا ٿئي ٿي.“ (32)

ٻوليءَ جون ڪي وڌيڪ خصوصيتون
ٻولي هڪ مڪمل اهڃاڻوي نظريو آهي، جنهن ۾ انسان جو تجربو شامل آهي.
”ٻولي پنهنجي ڪارڪردگيءَ (Activity) جي لحاظ کان عمل کان جدا ڪري نه ٿي سگهجي.“ (33)
(33) ”اها ٻولي جيڪا هڪ وسيلوآهي ۽ منطقي طريقو آهي، تنهن جو تعلق ڳالهائڻ وارن عضون جي مدد سان نڪرندڙ آوازن سان آهي ئي ڪونه.“ (34)
انهيءَ جو واسطو عقل ۽ سماجي حالتن سان ۽ ڪلچر سان آهي.

وڌيڪ تحقيق
ٻوليءَ جي باري ۾ مٿي جيڪي ان جي وصف جي لحاظ کان چيو ويو آهي، ان سڄي کي هڪ وقت پڙهبو به جيڪي نتيجا ڪڍي سگهبا، پهريائين اهي هيٺ ڏجن ٿا:
ٻوليءَ جي اڏاوت ۾ آوازن ۽ معنيٰ جي جزن، جهڙوڪ مونيم، فونيم ۽ مورفيم، گڏجي ڪم ڪيو آهي.
ٻولي گلي جي عضون يا آوازن وارن عضون جي اداري چرپر جي مد سان ٺهي آهي.
ٻولي هڪ عمليت ۽ هڪ عمل (Activity) آهي، ڇو ته ارادي ۽ مقصدي شيءِ آهي.
ٻولي اظهار جو وسيلو آهي، پر اظهار رڳو معنيٰ جو چئي نه ٿو سگهجي، ڇو ته ٻوليءَ ۾ ته انسان جو عظيم تجربو ۽ ان جون بنيادي صلاحيتون به موجود آهن.
ٻولي انسان جي پهرين امتيازي حيثيت آهي، ڇو ته ان ۾ انسان جي محنت ۽ عمل يا پورهئي جا تجربا شامل آهن، جن جي ڪري بنيادي انساني تهذيب وجود ۾ آئي.
ٻولي پنهنجو پاڻ ئي هڪ علم ۽ خزانو آهي.
ٻوليءَ جو اڀياس ڄڻ انسان ذات جو اڀياس آهي.
ٻولي انسان جي حاصلات ۽ ان جي عضون ۽ صلاحيتن جي اپت آهي. ان ڪري ٻولي پهريائين انسان جو ارادي عمل ۽ پوءِ هن جي عادت آهي.
ٻوليءَ اهڃاڻن، علامتن ۽ نشانن جو هڪ وسيلو آهي، جنهن جي مدد سان اڳواٽ سکيل تجربو ٻين تائين پهچائجي ٿو، ۽ اهڙيءَ ريت انساني تهذيب کي ممڪن بڻائجي ٿو.
(جيئن آڊمس ٿو چوي) ڳالهائڻ واري عادت (يا ٻولي) اسان جي ذهن جي اصل جوڙجڪ (Substance) کي پنهنجي لئه يا طريقي (Fashion) ۾ بدلائي ٿي ڇڏي. (هن ڳالهه تي وڌيڪ بحث ساپر ۽ هودف جي مفروضي جي باب ۾ ڪيو ويو آهي.)
ٻولي ماڻهن جي خيالن، نظرين ۽ محسوس ڪرڻ جي طريقن جو هڪ رڪارڊ آهي، جيڪو انسان ۽ انسان جي روح جي تاريخ جهڙو آهي ۽ ان ڪري سڀني تاريخن کان وڌيڪ اهم آهي. (جيئن لوگن پيٽريل سمٿ ٿو چوي).
ٻوليون ماڻهن جي هڏن مان نه پر زندهه ماڻهن جي روزمره جي زندگيءَ مان ئي معلوم ڪري ٿيون سگهجن. (فرٿ Firth جو نظريو).
ٻولي انسان کي قوميتن ۾ ورهائي ٿي.
ٻوليءَ جي مدد سان انسان پنهنجي ماحول کي پاڻ ئي سمجهي سگهي ٿو.
ٻوليءَ جي عمر خود انسان جي عمر جيتري آهي.
هنن پندرنهن نقطن کي سماج ۽ ان جي سٽا ۽ جوڙجڪ جي باب سان ملائي پڙهبو، ته نظر ايندو ته جيڪي ڳالهيون انسان کي سماج جو هڪ جزو بڻائين ٿيون، اهي سڀ ٻوليءَ ۾ موجود آهن.
مثال طور عمل، تجربو، ارادو، مقصد، اعتقاد، ميل ميلاپ، اظهار، پيار جو جذبو. روح جي تاريخ، تهذيب، خيال، نظريا، سوچ جا طريقا ۽ روزمره جي زندگيءَ جا اصول سڀ ٻوليءَ جي وصف ۾ شامل آهن. ۽ اهي ئي اهي ڳالهيون آهن، جن جي بنياد تي ڪو سماج ٺهيو آهي. ان ڪري آخري طور تي مٿي حوالن طور پيش ڪيل راين جي آڌار تي، اهو نظريو قائم ڪري ٿو سگهجي ته سماج ۽ ٻوليءَ جو سٻنڌ نه رڳو قائم آهي پر اهو اٽوٽ آهي ۽ ٻيئي هڪٻئي جا لازم ۽ ملزوم آهن. اهڙيءَ ريت ٻوليءَ جو اڀياس، سماج جو اڀياس آهي، ۽ سماج جو اڀياس ٻوليءَ جو اڀياس آهي، يا ٻيئي هڪٻئي کي سمجهڻ جا وسيلا آهن، ۽ گڏجي انسان جي سچي تاريخ ٺاهين ٿا. ٻوليءَ جو واسطو سماج ۽ ڪلچر سان اڃا به وڌيڪ آهي. هن باري ۾ بحث ۽ تحقيق طور ڇنڊڇاڻ اڳتي اچي رهي آهي.


حوالا

“Encyclopaedia of Social Sciences”, Editor in chief R. A. Edwin Solisman, Asstt: Editor Johenson, Chapter on Language, Vol. IX, p. 156.
See Nelson Francis W. “English Language” an Introduction and Background for Writing, 1956.
Ibid, pp. 1-5.
Bloomfield Leonard, “Language”, 1961, p. 21.
Encyclopaedia Britannica, Ency. Britannica Corporation Ltd, Vol. X (chapter on Language), 1961, p. 696.
Isaac Goldberge: “The Wonders of the World”, N. Y. 1938, p. 29.
Alfred Kuhn: “The Study of Society”, (A multi- disciplinary approach) Social Science (paper back). Tavistock Publication Ltd. London, 1966, p. 152.
Encylopaedia Britannica, Ency: Britannica Corporation, 1861, (Chapter on Language), Vol. X, p. 696.
Alfred Kuhn “The Study of Society” (A multi- disciplinary approach), Social Science (paper back), Tavistock Publication Ltd, London, 1966, p. 152.
Ibid, p. 154.
Toynbee as quoted by Adams in his Essay “The idea of Civilization” in his “Civilization”, University of California Press, 1959, p. 56.
Odgen C. K. Richards I. A. “The Meaning of Meaning.” Rlutledge and Kegan Paul Ltd, London, Tenth edition, 1952, p. 5.
Sapir Edward: “Language”: (An introduction to the study of speech), Harcourt, 1949 p. 7.
Shiply J.T. (Editor) “The Dictionary of World Literary Terms”, George Allen and Unwin, London, 1955, p. 246.
Ogan Pearsal Smith: “Words and Idioms”, Constable and Co. Ltd, London. 1928 p. Vii (Introduction).
Sapir Edward: “Language” (An introduction to the study of speech) Harcourt, 1921.
Joeseph, R. Keller: “Linguistic Theory and the Study of English” (A selective outline), Burgess Publishing Co. 1963, p. 1.
Ibid, p. 2.
Ibid, p. 4.
John, R. Firth: “Papers in Linguistics” 1975, p. 179.
Sapir, Edward: “Language” (An Introducation to the study of speech), Har- court, Brace, 1949, p. 4.
Ibid, pp. 8- 11.
Ibid, pp. 12- 13.
Simeon Potter: “Language in the Modern World” (A Pelican book), Hazell Watson, Ltd, 1960, pp. 24.
Ibid, p. 175.
Boulton,Marjorie: “The Anatomy of Language”, Routledge and Kegan Paul Ltd, London 1960, pp. 3- 12.
Simeon Potter: “Language in the Modren Wolrld” (A pelican book), Hazell, Watson, Ltd, 1960, p. 178.
Ruth Nauda and Anshen: “Lnaguage” (An enquiry into its meaning and function), Harper and Brothers (N. Y), 1957, p. 3.
Ibid, pp. 3-4.
Ibid. pp, 4.
Bean, S. I. and Peter, R.S. “Social Principles and the Democratic State”, George Allen and Unwin Ltd, Lodon, 1968, p. 14.
Andre Martinet: “Functional View of Language”, 1962, p. 26.
“Encyclopaedia of Social Sciences”, General Editor R. A. Edwin Seligman. Asstt: Editor Johenson, Vol. IX, chapter on Language, p. 158.
Ibid, p. 156.
***