لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج

الھداد ٻوهئي صاحب جو ھي ڪتاب  ڊي. فل ڊگريءَ لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نگرانيءَ ۾ مقالي جي صورت ۾ لکيو ويو. هيءُ ڪتاب پنجن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. ڀاڱي پھرين ۾ انساني سماج ۽ ان جي پس منظر ۽ جوڙجڪ، ٻوليءَ جي وصف ۽ ڪارج ۽ ثقافت تي بحث ڪيل آهي. ڀاڱي ٻئي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۽ ان جي سماجي اڀياس متعلق، ڀاڱي ٽئين ۾ روز مرھہ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ تي ڇنڊ ڇاڻ، ڀاڱي چوٿين ۾ اشارن واري ٻوليءَ جو اڀياس ۽ ڀاڱي پنجين ۾ ٻوليءَ جي سماج ۽ معنوي حيثيت تي بحث ۽ محقق جي اظھارن جي ذريعن جو ذڪر ٿيل آهي. ڪتاب جو موضوع فلسفياڻو، گَھرو، تورتڪ جي سائنسي پئمانن تي مشتمل آهي، ليکڪ اوترو ئي هن ڪتاب ۾ موضوع جي متعلق گَھرا ويچار ڏنا آهن.

Title Cover of book سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج

باب پنجون: سنڌي سماج جون ڪي عمومي ڌارائون

ٻوليءَ جي شاهديءَ تي سماج جون ڌارائون هي آهن:

مٽي مائٽي ”ڏي وٺ“ جي بنياد تي ٿئي ٿي.

نتيجا:

مٽي مائٽيءَ ۾ اسان جون ذميواريون ذاتي ذميوارين کان گهڻو مٿي آهن.
گهوڙي ڪن برابر- مٽي مائٽيءَ ۾ وڏ ننڍائيءَ جو سوال ئي ڪونه ٿو پيدا ٿئي.
ذاتي عمل جي ذميواري به ذات وارن يا مائٽن تي عائد ٿئي ٿي، ان ڪري بدلي يا هرجاڻي ۾ سڀ گڏ ۽ شريڪ رهڻا آهن.
ننگ ۽ نياڻيون سڀني کي هڪجهڙيون پياريون آهن.
ننگن ۽ نياڻين تي يا ونين تي سر ڏبا آهن.
ننگن جي سام رڳو سڄڻ جهلي سگهندا آهن يا سيڻ.
ننگ ڏبا ته نشانبر (ظاهر) ٿي ڏبا، ڇو ته مٽي مائٽي وڻو (عيب) ڪونه ٿا سمجهون.
ڀائر ڀائرن جا وارث آهن (يعني مال ملڪيت ۾ سڀني جو حق آهي، ڇو ته هو پياري ۾ پياري شيءِ يعني نياڻي به هڪٻئي کي ڏين وٺن ٿا).
زال ۽ مڙس جا هڪٻئي تي حق آهن پر پيڪا ۽ ساهرا به حق رکن ٿا. (زال اها جيڪا پيڪا به ملهائي ساهرا به.)
زال مرد جي لاءِ هڪ وسيلو آهي وڌيڪ عمليت ۽ سماجي ڪارڪردگيءَ جو (ان ڪري زال کي چئون ”ٻانهن“).
زال ٻن ڌرين جي وچ ۾ لاڳاپن جو وسيلو آهي (ان ڪري زال کي چئون ”سڱ“).
زال ۽ مرد جي جنسياتي ۽ سماجي لاڳاپا انتهائي جانبدار ۽ محفوظ رهن ٿا.

نتيجا:

مرد جي حيثيت اهڙي آهي جهڙي پٽڪي جي ورن جي، جيڪي هڪٻئي مٿانهون ورن ٿا ۽ هڪٻئي جو ڍڪ ٿين ٿا (ان ڪري مڙس کي چئون ”ور“).
زال وڌيڪ نسل پيدا ڪري ٿي ان جو وسيلو بڻجي ٿي (ان ڪري زال کي چئون ”وهه“ (يعني وهڪرو Channel). (”مون ور تون ئي تون تو ور وهون ڪيتريون.“)
مرد غير عورت سان ڏسي وٺون ته چئون ”ڪارو“ (بد) آهي.
اهڙيءَ ريت عورت غير مرد سان هجي ته چئون ”ڪاري“ آهي (ڪاري ڪاريءَ جي سزا موت آهي.)
غير صحتمند ۽ ناجائز تلعقات هئڻ جي ڪري چئون ته فلاڻي جو فلاڻيءَ سان ”منهن ڪارو“ آهي يا فلاڻي جو فلاڻيءَ سان ”منهن ڪارو“ آهي.
عورت ناجائز تعلقات رکي ته چئون ته ”کريل“ آهي. (اهڙيءَ ريت مرد لاءِ به ”کريل“ ڪم اچي ٿو.)
عورت ڀڄي وڃي مڙس ڪري ته چئون ته ”ڀڳين ڪهڙا سيڻ“ (يعني هن جو هاڻي مائٽن سان ڪو واسطو ڪونهي.)
نياپي سنيهي ڏيڻ واري يا واريءَ کي چئون ته ”وچتي“ آهي يا ”وچ واري“ آهي، ڇو ته اهو مرد يا عورت زال ۽ مڙس جي تعلقات کي ڇني ٿي.
”مڙس“ معنيٰ ”گهر“، ان ڪري مڙس کي چئون ”گهر وارو“ ۽ زال کي چئون ”گهر واري.“

پٽجو اولاد وڌيڪ نسل جي اپائڻ ۽ نپائڻ لاءِ ضروري آهي.

نتيجا:

عورت کي پٽ نه ٿئي ته ان لاءِ نفرت کان چئبو ته ”نپٽي“ (نڀاڳي) آهي.
اهڙيءَ ريت مرد لاءِ به ”نپٽو“ لفظ ڪم آڻي، هن کي نڀاڳو سمجهبو.
اڪيلو پٽ يا اڪيلي نياڻي هجي، ته چئون ته ”سڪيلڌو“ آهي يا ”سڪيلڌي“ آهي (معنيٰ وڏيءَ اڪير کان پوءِ ڄائي آهي.)
پٽ يا ڌيءَ جي زندگي ان جي هڪڙي هئڻ جي حالت ۾ ڏاڍي پياري ٿئي ٿي، ان ڪري ”هڪڙي پٽ جي ماءُ“ سڏي، اسان ڄڻ ڪنهن عورت کي قسم ڏيندا آهيون. (مائي! هڪڙي پٽ جي ماءُ آن، تون ڳالهه ڪر.)
پٽ کي ڀاڳ سمجهندا آهيون، ان ڪري سڀاڳيءَ عورت کي چئون ”پٽن ماءُ“.
پٽ کلندو هجي يا کلڻو هجي، ته چئون ته ”ماءُ هن کي کلي ڄڻيو آهي.“ دير سان پٽ ڄمي ته چئون ته مينهن ۽ پٽ ”قسمتي“ (يعني پٽ ڄڻ قسمت آهي.)
يا چئون ته ”پٽ ڊڀ ناهن، جو هر هر ڄمندا.“
پٽ کي چئون ”ويڙهو“: دعا ۾ چئون ”شل ويڙها وڌنئي!“ (يعني شل خاندان ۾ برڪت پوي.)
پٽ کي ”پيڙهي“ چئون. ان ڪري چئون (نپٽيءَ لاءِ) ته پويان پيڙهي ڪانه ٿيس.“ پٽ کي پيڙهي ڪري سڏ ڪريون- ”او ابا! پيڙهي!“
پٽ کي سڏيون ”سلو“” پٽ نه هجي ته چئون. ته ”پويان سلو ڪونه ڇڏيائين.“
اهڙيءَ ريت مرد لاءِ لفظ ”وڻي“ (وڻ جهڙو) يا ”وانگي“ (وانگ يا ڇانگ جهڙو) ڪم آڻيندا آهيون.
پٽ کي يا ڌيءَ لاءِ لفظ ”روچي“ ڪم آڻيون (”روچ“ ڀاڳ جي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو). پٽ يا ڌيءَ کي سڏيون ”وڌندي روچي“ (يا وڌندڙ ڀاڳ).
پٽ کي ”ٽُهي“ يا ٽهي به سڏيندا آهيون. ٽهي معنيٰ ول يا ٻوٽو (نهال). ان ڪري جوان نسل کي سڏيون ”نئين ٽهي“ (جنهن جو مستقبل روشن هجي). (”ٽهو“ لفظ اسان جي تر ۾ تيليءَ لاءِ به ڪم اچي ٿو ڇوته ان تي مٿان سنگ يا پيداوار ٿئي ٿي). مثال: ”گاهه جي ٽهي لاءِ وڙهي پيا.“)
پٽ کي چئون ”پڳ“. ان ڪري گهاٽي يار کي چئون ”پڳ مٽ“ يار (پٽ جهڙو پيارو-) (”پڳ“ مٿان جو ڪم اچي ٿو).
پٽ کي چئون ”بڻياد“ معنيٰ نسل يا بنهه پاڙ (ان ڪري ”پيڙهي بڻياد“ لفظ گڏ ڪري به ڪم آڻيندا آهيون).
پٽ کي چئون ”اميد“ ان ڪري حامله عورت جي لاءِ چئون ته ”اميد واري“ آهي (هر عورت لاءِ چاهيندا آهيون ته هن کي پٽ ڄمي.) يا حاملا لاءِ چئون ته ”اميد سان آهي“ يا هن کي ”اميد“ آهي.
پٽ کي چئون ”ڌڻي يا مالڪ“، ان ڪري نڀاڳيءَ کي چئون ”ننڌڻڪي“ (جنهن عورت جو ڪو ڌڻي نه هجي)، يعني جنهن کي پٽ نه هجي. اهڙيءَ ريت مرد لاءِ به ”وارث“ ۽ ”ڌڻي“ لفظ ڪم اچن ٿا.
نڀاڳي پٽ لاءِ چئون ”جهڙو ٿيئن تهڙو نه ٿئين.“
قسمت يا مقدر جو تصور موجود آهي، ان ڪري اسان جو ويساهه آهي ته ڪمن جا نتيجا ائين ٿا نڪرن جيئن ”مقدر“ چاهي ٿو (”واڳ ڌڻي جي وس آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي“.)

نتيجا:

ڪو ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ چئون ته ”دعا گهر“ (نيزاري ڪر ته جيئن نتيجو سٺو نڪري).
ڪنهن جي واتان پٽڻ جا لفظ نڪرن ته چئون ”خير گهر“.
”پرائو خير“ ته ”پنهنجو خير.“
نتيجو برو نڪري، ته چئون ته ”قسمت!“
چئون ”لکيو ته ٽري ئي ڪونه“ (”لکيو منجهه نراڙ“ يا ”ڀاڳ ظاهر آ“)
”بس جيئن هوندو تيئن ٿيندو“ (يعني جيئن ٿيڻو هوندو تيئن ٿيندو.)
جيڪو روز (روزي) ”لکيل“ آ، سو ملندو.
روز آ رب تي.
”لکئي منجهان ليهه (ذري) لهندي ڪانه لطيف چوي“، (يعني ان مان ذور به گهٽ وڌ نه ٿيندو.)
مڙس ”بيٺو“ آ ته لکن جو آ، ”ڪرئي“ جو ڪوئي ڪونهي.
اهو سوار ئي ناهي، جيڪو ڪريو ناهي.
”جنين ڏاند نه ٻڄ تنين به تنهنجو آسرو.“
رزق جا وسيلا ورهائڻ گهرجن ۽ سڀ ڪنهن کي حق ملڻ گهرجي.

نتيجا:

حق وڃڻو ناهي.
شل حقئون به رکي ته ناحقئون به رکي (خدا شل ناحق بخشي).
حق وارن کي حق ملڻو آهي.
ڪنهن ڏي لهڻو هوندو ته ملندو ڇونه!
ونڊ ۽ کاءُ، ايمان پاءِ.
ماءُ ڄڻيندي پٽڙا ڀاڳ نه ڏيندي ونڊي (سڀ ڪنهن کي پنهنجو پنهنجو نصيب ملندو.)
ملڪيت جو تصور جنهن ۾ ذاتي ملڪيت اچي وڃي ٿي.

نتيجا:

”اڀريون سڀريون پانهنجون سسيون سڀ سنڀار.“
”پنهنجو“ ماري ڇانو ۾ اڇلي، ”پرائو“ ماري اس ۾ اڇلي.
”پنهنجا پنهنجا آهن.“
”رت دانگيءَ تي به وري“ (پنهنجي رت جو تصور).
”رت رت آ.“
”پنهنجائپ ۾ ليکا نه ڪبا آهن.“
”مان به پنهنجي گهرون ٿو کاوان.“
سڀڪو ”پنهنجي“ گهرون ٿو کائي.
”پنهنجي سنهنجي آ.“
”پنهنجي ۾ هٿ پرائي ۾ اکيون.“
”چار ٻارا پنهنجا اٿس“، سکيو ستابو آ.
”ويڄنئون ويئي ٿي وهيڻي سڄڻين.“
”شل ڪنهن جي وهيڻي نه ٿئي“ (شل محتاجي ڪڍڻي نه پوي).
”هل ڙي، ڪا تو وهيڻي آ ڇا!“ (تنهنجو محتاج آهيان ڇا!)
پورهئي جو تصور- پورهيو سڀ ڪنهن کي ڪرڻو آهي.

نتيجا:

”ڀاڳوند آ، هڏ ڳٺل اٿس“ (يعني پورهيت آ).
”پورهيو ته خدا چور جو به وڃائي نه ٿو.“
”نودين (محنت ڪندين) ته لهندين.“
”جيڪو پوکي سو کائي“ (پورهيت وڏو حقدار آ)
”ڪڻي مان گهڻو ٿو ٿئي.“
”ڪڻي مان ڪاسو، ڪاسي مان خرار.“
”ڏي ڪڻو ته ملئي گهڻو.“
”جيڪو وهي سو لهي.“
”پورهيت خدا جو يار آ.“
”پورهيو وڃڻو ناهي.“
”ان آ ته ايمان آ.“
زمين جو تصور- زمين زندگيءَ جو سرچشمو آهي.

نتيجا:

ماڻهو مٽيءَ مان ٺهيو آ.
(مرڻ کان پوءِ) مٽي مٽيءَ سان ملي ويندي.
مٽيءَ کي مان آ (انسان جي عزت وڏي آ).
لوڙهه اتي ئي لٽبو جتي هوندو مٽيءَ جو پنوڙو- (انسان اتي مرندو جتي ڄائو آ).
مٽيءَ مان سون لڀي.
پاڻي جو تصور- پاڻيءَ سان زندگي اڀري ٿي- پاڻي زندگي آ.

نتيجا:

ڏاند سٺو وهي ته چئون ته ”پاڻياٺو“ آ- (هن کي پاڻي آ).
ڪاتي نه وڍي ته چئونس ته ”پاڻي ڪونهيس“.
مڙس بي غيرت هجي ته چئون ته ”منهن ۾ پاڻي ڪونهيس.“
ڪو بيماريءَ مان چڱو ڀلو ٿئي ته چئون ته ”منهن تي ڇنڊو وڌو اٿس.“
زال بالغ ٿئي ته چئون ته ”منهن تي پاڻي آندو اٿس.“ (پاڻي معنيٰ جواني.)
جسم ٺري وڃي ته چئون ته ”پاڻي ڇڏي ويو آ“.
پاڻيءَ کي ”پاڻ“ يا ”وجود“ به چئون، جيئن مڇي سڪي پوءِ ڪني ٿئي ته چئون ته ”ڏپ“ (زندگي) ڇڏي ويئي آهي يا ”پاڻ ڪڍي ويئي آ“.
مٿي اسان سماجي علمن، عقيدن، ويساهن ۽ تصورن جي لحاظ کان سنڌي سماج جون 9 عمومي ڌارائون (General Postulates) ڏنيون آهن. انهن جي اڀياس سان اڳتي اسان کي پنهنجي سماج کي ان جي طبقاتي حيثيت ۾ سمجهڻ ۾ مدد ملندي، ۽ اهڙيءَ ريت سان اهو به ڏيکاري سگهنداسون ته ڪيئن سنڌي ٻولي اسان جي سماج جي لڪي ۽ عمومي حيثيت کي بيان ڪري رهي آهي.
هن قسم جو هڪ تفصيلي اڀياس اسان هن ڪتاب جي ڀاڱي ٽيئن ۽ چوٿين ۾ ڏيڻ وارا آهيون. پر هت سماج ۽ ڪلچر ۽ ٻوليءَ جي گڏيل اڀياس جي لاءِ اسان کي سماج جون سماجي ڌارائون ڏيڻيون هيون. هن قسم جي اڀياس جي آڌار تي هاڻي اسان جي سماج جا سماجي لاڙا جيڪي اسان سمجهي سگهون ٿا، سي هن هيٺ ڏيئي رهيا آهيون:
اسان جو پراڻو سماج ”زميني سماج“ آهي.
اسان جو سماج ”جبريت“ (Determinism) ۾ ويساهه رکي ٿو.
اسان جو پراڻو سماج پورهئي جي فضيلت کان واقف آهي.
اسان جو پراڻو سماج انصاف ۽ سماجي انصاف ۾ ويساهه رکي ٿو.
اسان جو پراڻو سماج زال ۽ مڙس جي تصور سان اڀريو آهي.
اسان جو پراڻو سماج، سماج ۾ مرڪزي حيثيت مرد ۽ عورت ٻنهي کي ڏئي ٿو. ان ڪري ان جو بنياد مرد ۽ عورت جي باهمي لاڳاپن تي آهي.
اسان جو پراڻو سماج وسيلن (ان ۽ پاڻيءَ) جي موجودگيءَ ۽ فراهميءَ کي سماجي زندگيءَ لاءِ تمام ضروري ٿو سمجهي.
ظاهر آهي ته هي سڀ ڳالهيون هڪ اهڙي سماج ۾ ئي پيدا ٿي سگهن ٿيون، جيڪو:
سدائين زندگيءَ جي مشڪل حالتن سان مقابلو ڪندو رهيو هجي.
آفتن ۽ مصيبن کان هيسيل هجي.
لٽيل ڦريل ۽ پرماريت جو شڪار رهيو هجي.
غيريقيني زندگي گذاريندو هجي.
خارجي وٿن کان بيخبر رهيو هجي ۽ اندروني نظام جو قائل رهيو هجي.
ٻين تهذيبن سان تمام گهٽ ملي سگهيو هجي.
اندروني وسيلن جي ڏڪر جو شڪار هجي.
سخت محنتي ۽ ڏاڍو هجي.
محنت جو ڦل تمام گهٽ ماڻي سگهيو هجي.
جنهن جو گذارو عمومي طور تي پوکيءَ تي رهيو هجي.
جيڪو سماجي طور تي ”پاڻ وهيڻو“ (Egocentric) هجي.
نسلي وقار جو تصور رکندڙ هجي (Ethnocentric).
جنهن جي طبقاتي ڪشمڪش ۾ علمن کي گهٽ ۽ تصورن کي وڌيڪ داخل رهيو هجي، ۽ جيڪو ڀرمن ۽ وهمن جو شڪار ٿي ويو هجي.
اهڙي سماج لاءِ ضروري مڪان ۽ اندازو آهي ته ان ۾،
سماجي مسئلن کي نه سمجهيو ويو هجي.
سماجي مسئلن جي حل ڪرڻ جو اُدم موجود نه رهيو هجي.
سماجي ڪشمڪش جو تصور اڀري نه آيو هجي.
وسيلن ۽ اوزارن جو ماهراڻو استعمال نه ٿيو هجي.
سماجي واڌاري جي رفتار تمام گهٽ رهي هجي.
غيريقيني زندگيءَ جو اونو موجود رهيو هجي.
اهڙيءَ ريت اسان عمومي بحث مان پنهنجي سماج جي اوڻاين ۽ چڱاين کي اڳيان رکي هاڻي اڳتي پنهنجي سماج جي طبقاتي زندگيءَ ۽ سماجي مسئلن کي سمجهي سگهنداسون.

***