لطيفيات

شاھہ جا سورما، سورميون ۽ سورھيہ (لطيفيات بابت سوال جواب)

ھن ڪتاب ۾ شاھہ سائينءَ جي زندگيءَ ۽ سندس دور بابت معلومات، سسئي پنھون، سسئي پنهونءَ تي ٺھيل فلمن، سورٺ راءِ ڏياچ (ڪاٺياواڙي ۽ سنڌي قصو)، سھڻي ميھار، نوري ڄام تماچي، ليلا چنيسر، عمر مارئي، مومل راڻو، موکي متارا، مورڙو ميربحر، سورهيہ ۽ ڏاتار جي قصن بابت سوال ۽ جواب ڏنل آھن.

Title Cover of book شاھہ جا سورما، سورميون ۽ سورھيہ (لطيفيات بابت سوال جواب)

سسئي پنهون

سوال: شاهه سائين سڀ کان وڌيڪ بيت ڪنهن بابت چيا آهن؟
جواب: سسئي پنهون بابت. (سر سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري، حسيني )
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سورمي لاءِ ”رفيع الدرجات“ جو لفظ ڪتب آندو آهي؟
جواب: پنهونءَ لاءِ.
سوال: پُنهونءَ جي پيءُ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: آري ڄام (ڪيچ مڪران جو حاڪم هو) ماءُ جو نالو مِلي.
سوال: مير عالي ڪيچ مڪران جو ڪڏهن حڪمران ٿيو؟
جواب: اندازن 1157ع کان 1220ع تائين.
سوال: سسئي پنهونءَ جو قصو اندازن ڪڏهن ٿيو؟
جواب: سسئي پنهونءَ جو قصو 1194ع کان 1223ع جي وچ ۾ ٿيو.
سوال: مير عالي ڪهڙي لقب سان مشهور ٿيو؟
جواب: آري ڄام لقب سان.
سوال: ڪيچ جو موجوده نالو تربت آهي، ڪيچ جو پراڻو نالو ڇا هو؟
جواب: گنج آب.
سوال: پنهونءَ جو قلعو دڙي جي صورت ۾ ڪهڙي نئن جي ڪناري تي موجود آهي؟
جواب: ڪيچ نئن جي ڪناري تي.
سوال: پنهونءَ جو اصل شهر ٻڌايو؟
جواب: ڪيچ.
سوال: هوت ڪنهن جي وفات کان پوءِ ڪيچ جي گاديءَ تي ويٺو؟
جواب: مير جلال خان جي وفات کان پوءِ.
سوال: پنهونءَ جو تعلق ڪهڙي قبيلي سان هو؟
جواب: هوت قبيلي سان / هورتائي خاندان سان ۽ ڪجهه ڪتابن ۾ سماٽ نسل مان.
سوال: سسئيءَ جيڪو پنهون لاءِ سفر ڪيو ان سفر ۾ اندازن ڪيترا ماڳ اچن ٿا؟
جواب: 35 ماڳ. (محقق، گل حسن ڪلمتي)
سوال: ڀنڀور کان ڪيچ تائين ڪل ڪيترا ماڳ آهن جيڪي شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: ڪل 36 ماڳ.
سوال: ڀنڀور، ٺٽي کان ڪيترا ميل پري اولهه طرف سنڌو درياءَ جي ڪناري تي وڏو تجارتي مرڪز هو؟
جواب: 20 ميل. (حوالو، ذڪر لطيف، ص، 64 ).

سوال: پنهونءَ جي زالن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: 1. آئسان. 2. ٻائي (محقق، ڊاڪٽر بلوچ)
سوال: پنهون کي ڀنڀور ۾ ٿانيڪو ڪري پوءِ سندس ڀائرن ڪهڙي قبيلي وارن کان سواريءَ لاءِ اُٺ وٺي پنهونءَ کي کڻي ويا؟
جواب: ساسولي قبيلي وارن کان. (برفت بروهي)
سوال: سسئيءَ جو جنم ڪهڙي شهر ۾ ٿيو هو؟
جواب: ٻانبڻا شهر ڀانڀر واهه جي ڀر ۾ ( ٻي روايت موجب سيوهڻ ۾).
سوال: سسئيءَ جي اصل ماءُ ۽ پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ماءُ منڌر ۽ پيءُ جو نالو نائون مل ٻانڀڻ (برهمڻ). پيءُ تانيه برهمڻ (مير علي شير قانع ).
سوال: سسئي نالي جي معنى ڇا آهي؟
جواب: چنڊ.
سوال: سسئيءَ جي ويڳي پيءُ ۽ ماءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: محمد ۽ زينب.
سوال: سسئيءَ کي جنهن پيتيءَ ۾ وجهي لوڙهيو ويو، اها پيتي ڪيترن ڏينهن کان پوءِ ڀنڀور شهر جي گهاٽ وٽ پهتي ؟
جواب: سورنهن ڏينهن کان پوءِ.
سوال: جنهن صندوق ۾ سسئي کي بند ڪري لوڙهيو ويو اها صندوق ڪهڙي ڍنڍ مان لڙهندي لڙهندي اچي گهاري ۾ پهتي؟
جواب: سونهري ڍنڍ مان.
سوال: محمد ڌوٻي ڀنڀور ۾ ڪهڙي گهاٽ تي ڪپڙا ڌوئيندو هو؟
جواب: گهاري گهاٽ واري ڦاٽ تي.
سوال: سسئيءَ کي ڪنهن نپايو هو؟
جواب: محمد کٽي عرف لالا (روايتن ۾ منهيه ۽ لار به نالو ملي ٿو).
سوال: شاهه سائين جي سر سسئي آبري ۾ لفظ ڀنڀور ڪيترا ڀيرا استعمال ٿيل آهي؟
جواب: 14 ڀيرا.
سوال: آري ڄام، ٺٽي جي پاسي کان اَن ڳنهي اچڻ لاءِ جيڪو قافلو موڪليو هو ان جو سرواڻ ڪير هو؟
جواب: ٻاٻل (ٻاٻيهل)
سوال: پنهون قافلو وٺي ڀنڀور ڏانهن آيو هو، ڀٽائيءَ ماضيءَ واري ان منظر کي ڪهڙي بيت ۾ بيان ڪيو؟
جواب: ڪيچان آيو قافلو ساٿ ڌڻي سرواڻ،
وار وڍي واڳون ڪريان، پئان هوند پلاڻ،
جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي. (سر ديسي)

سوال: پنهونءَ ڪهڙي شخص کي ڀنڀور ڏانهن موڪليو هو؟
جواب: جسو عرف ٻاٻيهل/ٻاٻل کي.
سوال: آري ڄام جي منيب جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ٻاٻيهو ( اصل نالو جَسو ).
سوال: ڪهڙي شاهراهه ذريعي سنڌ ۽ بلوچستان جو واپار عراق تائين ٿيندو هو؟
جواب: ڪيچ، مڪران، ڪرمان، خراسان کان ٿيندي عراق.
سوال: ڄام پنهل جو تعلق ڪيچ مڪران جي ڪهڙي علائقي سان هو؟
جواب: حرب علائقي سان.
سوال: سسئي جي سونهن جي خبر پنهونءَ کي ڪنهن ٻڌائي هئي؟
جواب: ٻاٻيهل واپاريءَ (ٻاٻل).
سوال: سسئيءَ جي ان سهيليءَ جو نالو ٻڌايو جنهن سان سسئيءَ کي تمام گهڻي محبت هئي؟
جواب: سهجان سوناري.
سوال: سسئيءَ ۽ پنهونءَ جي محبت جو داستان آريءَ ڄام سان ڪنهن اوريو هو؟
جواب: چنروءَ.
سوال: آري ڄام ڀنڀور مان پنهونءَ کي گهرائڻ لاءِ ڪنهن کي موڪليو هو؟
جواب: چنري، هوتيءَ ۽ نوتيءَ کي.
سوال: ”جيڪڏهن ويساهه نٿو اچيئي ته کيس آزمائي ڏس“اهي لفظ ڪنهن ۽ ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: سهجان، محمد کٽيءَ کي پنهونءَ لاءِ اهي لفظ چيا.
سوال: پنهونءَ کي ڀنڀور مان ڪهڙن ڀائرن کنيو هو؟
جواب: چنرو، چنو، ۽ هوتي.
سوال: پنهونءَ جي ڀائرن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: هوتي، نوتي، چنرو.
سوال: جديد تحقيق مطابق پنهونءَ جي ڀائرن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: نوت، قمبر، چنو ۽ چوٽا (حوالو. ڪتاب سسئيءَ جي واٽ. ص.59 ).
سوال: پنهونءَ سسئيءَ جي باغ ۾ ڪهڙي پکيءَ کي تير هنيو هو؟
جواب: ڪبوتر کي.
سوال: سسئي ڪهڙي پکي سان مخاطب ٿيندي چيو ته پنهل جي قافلي آڏو کاٻي پاسي کان اُڏامي ساڄي پاسي نه وڃجانِءِ؟
جواب: مالاري پکيءَ سان.


سوال: شاهه سائين جي سورمي سسئي، پنهل پويان ويندي ڪهڙي وڻ تي چڙهي پنهونءَ لاءَ واجهايو هو؟
جواب: بيد جي وڻ تي (جمر).
سوال: سسئي جي واٽ جو نشان ”سسئيءَ جو ٽوڀو“ ڪٿي آهي؟
جواب: پٻوڻي لڪ وٽ.
سوال: ڀنڀور ڪراچي کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: چاليهه ميل اوڀر ۾ ۽ گهاري جي ڏکڻ ۾. (چوهٺ ڪلوميٽر)
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سسئيءَ جا ڪيترا ۽ ڪهڙا ويري ڳايا آهن؟
جواب: ست ويري ـ اٺ، اوٺار، ڏير، واءُ، سج، چنڊ ۽ جبل يا ڇپر.
سوال: سسئي ڪهڙي جبل لاءِ چيو ته پنهنجي ريٽي رت سان ان جبل کي ريجهائيندس؟
جواب: هاڙهو جبل.
سوال: پنهونءَ جي ساٿ گهگهر نئن وٽ ڪنهن جي مهماني کاڌي هئي؟
جواب: سهجان سوناري جي.
سوال: پنهونءَ جي ساٿين ڀنڀور ڏانهن ايندي هنڱور ۽ هاڙهو لتاڙيندي ڪانهيري ٻيلي وٽ منزل ڪئي ۽ ڪانهيري کان پوءِ ڪٿي منزل ڪيائون؟
جواب: وندر وٽ (وندر سون مياڻيءَ کا ن چار ميل پري آهي).
سوال: پنهونءَ جو قافلو ڪهڙي واٽ کان سنڌ ۾ آيو هو؟
جواب: پسني اور ماڙا، گدور (هنڱور) ۽ ولپٽ وٽان مَٽي، ڦور ندي، ٽپي هاڙهي جبل جي ڏاکڻئين لڪ مان نڪري ڪانهري ٻيلي وٽان لياري کان پوءِ، سون مياڻي وٽان حب نديءَ تي اچي ڀنڀور طرف آيو.
سوال: پنهونءَ کي جڏهن ڀائرن نشو ڏئي بيهوش ڪري اٺ تي سوار ڪيو ته کيس ڪٿي سجاڳي ٿي هئي؟
جواب: منهٻار ڍوري وٽ.
سوال: پنهونءَ کي سندس ڀائر نشو ڏيئي کڻي ويا ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سسئيءَ ڪهڙي بزرگ کان خط لکرائي پنهل ڏانهن روانو ڪيو هو؟
جواب: آخوند لعل کان.
سوال: سسئي پنهل پويان ويندي ڪهڙي هنڌ اٺن جو پيرو وڃايو هو؟
جواب: منهٻار ڍوري وٽ. (مانباڻ ڍوري سنگهر وٽ).
سوال: سسئي جي سهيلي سهجان اصل ڪٿان جي رهاڪو هئي؟
جواب: ڀنڀور جي هئي.
سوال: پنهونءَ کي ڪيچ مان جڏهن آزادي ملي ته ڪنهن کي ساڻ وٺي ويو؟
جواب: ڀاءُ هوتو (ساٿي مارک ۽ ٻٻر).
سوال: ڪهڙي ماڳ تي لڪڻ يا لٺ ٺوڪڻ سان وٽي جي آواز وانگر درديلو آواز نڪرندو آهي؟
جواب: سسئي وارو ڪنجهو. منهٻار نئن وٽ جتي سسئيءَ جو وٽو وڃائجي ويو هو.
سوال: سسئيءَ پهريون وڏي ۾ وڏو ڪهڙو پهاڙي سلسلو لتاڙيو هو؟
جواب: پٻ جبل جو.
سوال: اُن نديءَ جو نالو ٻڌايو جنهن جي تيز وهڪري سبب سسئي اُها ندي ٽپي نه سگهي هئي؟
جواب: ڦور ندي.
سوال: سسئي جي ڪهڙي ساهيڙيءَ هاڙهي لڪ ڀرسان خيمان کوڙي پنهونءَ جي قافلي جو انتظار ڪيو هو؟
جواب: سهجان.
سوال: پنهونءَ کي ڪهڙي ويڳي ڀاءُ اُٺ سان ٻڌو هو؟
جواب: ٻٻر نالي.
سوال: شاهه سائين سسئي پنهونءَ جو قصو ڪهڙن پنجن سرن ۾ بيان ڪيو آهي؟
جواب: سر آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني ۾.
سوال: سسئيءَ ڏوراپي طور پاڻ کي ڪهڙين ذاتين کان گهٽ سمجهيو آهي؟
جواب: سمن، سومرن، جتن ۽ اوٺن کان.
سوال: ڀنڀور کان ڪيچ تائين پهچندڙ واٽ تي ڪئين ماڳ اچن ٿا، انهن مان ڪهڙا ڇهه ماڳ وڌيڪ مشهور آهن؟
جواب: (1) وٽيجي. (2) سون مياڻي. (3) ڪانهري ٻيلو. (4) ولپٽ. (5) اورماڙ. (6) پسني.
سوال: شاهه سائين، سسئي پنهونءَ جي قصي جي پنجن سرن ۾ سسئي جي واٽ سان لاڳاپيل ڪهڙن ماڳن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: 1. ڀنڀور. 2. ويڙهه. 3. ملير (نئين). 4. پاهوارو جبل. 5. پڙهه / للو پڙهه. 6. گريو / گرو. 7. چنبيل. 8. ناراسر/ ناراٿر. 9. لٽ. 10. حب. 11. ڪارو جبل. 12. ڪانڀو جبل. 13. پٻ. 14. سنگهر. 15. مانباڻ / منهبار. 16. بَر. 17. وندر. 18. لياري. 19. هاڙو. 20. ڪهه ڳڻي پٽ.21. وڻڪار. 22. لس. 23. لمون / لوڻو. 24. جهائو (جائو). 25. جمرجهر / جومورجر. 26. ڪيچ. 27. مڪران.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ سسئي جي وصفي نالن جو تعداد ڪيترو آهي؟
جواب: پنجويهه.
سوال: سسئيءَ وارن سرن ۾ لطيف سائينءَ، پنهونءَ کي ڪيترن وصفي نالن سان بيان ڪيو آهي؟
جواب: 16/19 نالن سان.
سوال: شاهه سائينءَ پنهونءَ کي ڪهڙن نالن سان ڳايو آهي؟
جواب: پنهل، پنهون، ٻاروچو، هوت، ڪوهيارو، ڪانڌ، آرياڻي، جت، آري ڄام، ڪيچ ڌڻي، ڪامل ڌڻي، آري، سردار، لالڻ، پنهون ڄام، وريام، خان بلوچ، هاڙهي ڌڻي، پٻ ڌڻي وغيره.
سوال: شاهه سائين سرديسيءَ ۾ ڪهڙين ٻانهين جي ڪردار کي ڳايو آهي؟
جواب: گلبوءِ، ناتر ۽ دولت.
سوال: شاهه سائين چنبيلي چوٽيءَ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر حسيني ۽ سر ديسي ۾ ٻه ڀيرا.
سوال: شاهه سائين پنهون جي خوبصورت جتي جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪوهياري ۽ معذوريءَ ۾ .
سوال: سسئي ڍنڍ ڪٿي واقع آهي؟
جواب: تاريخي ماڳ ڀنڀور جي ڪنڌيءَ تي اوڀر ۾، تعلقو ميرپور ساڪرو.
سوال: ”سسئيءَ جو باغ“ ڪٿي واقع آهي؟
جواب: گهگهر ۾ وٽيجي نئن جي ڪنڌيءَ تي.
سوال: سسئي جو باغ ڀنڀور کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: 12 ڪلوميٽر.
سوال: سسئيءَ جو چوڍو ۽ سسئيءَ جو ٽوڀو ڪٿي آهي؟
جواب: لسٻيلي ۾ پٻوڻي ناڪي جي ڀر ۾.
سوال: سسئي پنهونءَ جي پويان ويندي هٿ ۾ ڇا کنيو هو؟
جواب: شادي جي رات واري مينديء جي ٽاري.
سوال: سسئيءَ ميندي جي ٽاري ڪٿي پوکي هئي؟
جواب: پٻ جبل جي پٻوڻي ناڪي واري چشمي جي ڀر ۾.
سوال: ڪيچ نديءَ جي اوڀر طرف پنهونءَ ۽ آري ڄام جي رهائش گاهه يعني ڪوٽ جا آثار آهن، ان ماڳ کي مقامي ماڻهو ڇا سڏين ٿا؟
جواب: ميري يعني قلعو (ڪيچ ندي جي سطح کان 80 فوٽ مٿي آهي).
سوال: پنهون جو قلعو دڙي جي صورت ۾ ڪهڙي نئن جي ڪناري تي موجود آهي؟
جواب: ڪيچ نئن جي ڪناري تي.
سوال: شاهه سائينءَ سسئي جي داستان ۾ ڪيچ جي تمثيل ڪهڙي شهر ڏانهن اشارو آهي؟
جواب: مديني ڏانهن.
سوال: شاهه سائين سسئي جي سرن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي سر ۾ ڀنڀور جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر حسيني ۾ 26 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين سسئي جي سرن ۾ پنهون ۽ سندس ڀائرن لاءِ لفظ جت ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 63 ڀيرا.
سوال: ميري قلات (پنهون جو قلعو) ڪٿي آهي؟
جواب: ڪيچ ۾.
سوال: ميري قلات، تربت شهر کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: 12 ڪلوميٽر.
سوال: پُنون نالي جو تعلق سنسڪرت سان آهي ان جي معنى ٻڌايو؟
جواب: سج. ( بلوچ پنهون کي پنون معنى پيارو چون ٿا ).
سوال: ڪهڙي سال لسٻيلي جي حڪومت برفتن جي هٿ هيٺ هئي ۽ ملڪ پاهڙ خان حڪمران ٿيو؟
جواب: 1115هه موجب 1703ع.
سوال: ڄام عالي کٿوريو ڪڏهن کان لسٻيلي جو حاڪم مقرر ٿيو؟
جواب: 1742ع کان 1766ع تائين .
سوال: 1739ع ۾ ملڪ دينار گچڪي ڪنهن کان ڪيچ مڪران جي حڪومت حاصل ڪئي؟
جواب: بليدين کان.
سوال: 1742ع ۾ قلات تي ڪنهن جي حڪومت هئي؟
جواب: مير محبت خان.
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ لفظ هوت پنهون ڪيترن بيتن ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 24 بيتن ۾.
سوال: شاهه سائين، سسئي پنهونءَ واري قصي جي سرن ۾ خان بلوچا، بلوچ، ٻروچن، بلوچن، ٻروچ، ٻاروچن، بلوچا، هوت بلوچ ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي ؟
جواب: 145 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ لفظ پنهون يا پنهل جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 12 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين، سسئيءَ جي سرن ۾ آري، آريچن ۽ آرياڻي جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 15 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين، سسئيءَ جي پنجن سرن ۾ جت، جتن جتڙو ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 63 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين، سسئيءَ وارن پنجن سرن ۾ سسئي جي برهمڻ يا ٻانڀڻ لاءِ ڪيترابيت چيا آهن؟
جواب: 20 بيت.
سوال: محمد کٽيءَ وٽ ڪيترا ڌوٻي ڪم ڪندا هئا؟
جواب: 500 .
سوال: شاهه سائين جي لوڪ ڪهاڻين ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي قصي مقبوليت ماڻي؟
جواب: سسئي پنهون.
سوال: ڀنڀور جي ڦٽل شهر ۽ بندر جا آثار ڪراچيءَ کان ٺٽي ويندڙ رستي تي ڪيترن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهن؟
جواب: 64 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي.
سوال: ڀنڀور جا آثار اٽڪل ڪيترن ايڪڙن تي مشتمل آهن؟
جواب: ڇهن ايڪڙن تي.
سوال: پير صدرالدين مرانپوريءَ جي درگاهه لڳ هڪ پراڻي وهڪري کي اتان جا مقامي ماڻهو ڪهڙي نالي سان سڏين ٿا؟
جواب: سسئي جو درياهه.
سوال: ڀنڀور جي لفظي معنى ڇا آهي؟
جواب: ڳاڙهو ( مقامي ماڻهو ڀڃ ڀور چون ٿا ).
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ ڀنڀور جو نالو ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 54 ڀيرا.
سوال: ڀنڀور کان ڪيچ وڃڻ لاءِ سسئي سان ساهيڙيون ڪيستائين گڏ هلي پوءِ موٽي آيون هيون؟
جواب: وٽيجيءَ تائين.
سوال: سسئي جا ڏير ڀنڀور ۾ ڪيتريون راتيون رهيا هئا؟
جواب: هڪ رات به نه ٽڪيا.
سوال: سسئي جو ڀنڀور ڇڏڻ، ڀنڀور سان سڪ، ڀنڀور کي دانهن ۽ ڀنڀور کي باهه ڏيڻ بابت رسالي ۾ ڪل ڪيترا بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 46 بيت ۽ 14 وايون.
سوال: سسئي وارو ڍورو ڀنڀور کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: 8 ڪلوميٽر.
سوال: سسئي وارو ڍورو ۽ سسئي واري روهي ڪٿي آهي؟
جواب: ڳوٺ نبي بخش ڪلمتي وٽ.
سوال: سسئي ڀنڀور ڇڏي پنهون لاءِ ڪيچ ڏانهن پنڌ پيئي ته پهرين منزل ڪٿي ڪيائين؟
جواب: ويڙهه واري جهنگ ( ڪنهن ڳوٺ ۾ ).
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ ويڙهه واري جهنگ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: ست ڀيرا.
سوال: سسئي واري روهي ڪٿي آهي؟
جواب: ديهه پپريءَ ۾.
سوال: سسئي ڪهڙي رستي کان وندر ڏانهن ويئي هئي؟
جواب: جوريجي، ڪوٽيرڙي واري رستي کان.
سوال: سسئي واري لڪي، ڪٿي آهي؟
جواب: ميندياري ڍوري لڳ.

سوال: شاهه سائين، سسئي پنهونءَ جي سر معذوري ۽ حسيني ۾ ملير جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: ٻه ڀيرا.
سوال: ”سائو هوندين پر ڊائو نه هوندين“ هي لفظ ڪنهن ۽ ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: ملير نئين کيس رستو نه ڏنو ته، اهي لفظ سسئيءَ ملير نئين کي چيا هئا.
سوال: سسئي واري واٽ سان شاهه سائين جو تڪيو ڪهڙي جبل وٽ هو؟
جواب: پاهواري جبل وٽ. ( اتي هاڻي گرينڊ مسجد آهي )
سوال: سسئي جو ڪنگڻ ڪٿي ڪري پيو هو؟
جواب: گريو/گرو بٺي هن وقت اتي عبدالحڪيم گبول ڳوٺ.
سوال: شاهه سائين لٽ واري علائقي جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر معذوريءَ ۾.
سوال: سسئي جو ڳوهيل اٽو ۽ ٿال ڪهڙي جاءِ تي موجود آهي؟
جواب: حب ڊيم روڊ جي ڪناري، مٺان ڍوري جي ڪپ تي.
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ حب ندي جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: اٺ ڀيرا.
سوال: وندر شهر کان سسئي پنهون جي درگاهه کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: 26 ڪلوميٽر.
سوال: پنهون جي ڀائرن ۽ انهن جي اٺن جي پيرن جا نشان ڪهڙي ماڳ تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا؟
جواب: پٻوڻي نئين جي ڪناري تي.
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ ڪانڀو ۽ ڪاري جبل جو ذڪر ڪيو آهي؟ ڪانڀو جبل جي ڊيگهه ۽ اوچائي ڪيتري آهي؟
جواب: ڊيگهه 20 ميل ۽ اوچائي 2300 فٽ.
سوال: شاهه سائين، سسئي جي پنجن سرن ۾ پٻ ۽ ان جي ڏکيائين جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي ؟
جواب: ٽيهن کان وڌيڪ.
سوال: سسئي لاءِ سڀ کان اڙانگو پنڌ ڪهڙي جبل جو هو؟
جواب: پٻ جبل جو پنڌ.
سوال: سسئي ڪهڙي لڪ تان هٿين، پيرين، مونڙين، ڀر گسڪي پار پهتي هئي؟
جواب: ٿڙيءَ وارو لڪ جتان پٻوڻي ڍورو وهي ايندو آهي.
سوال: ”سسئي جي قدمن جا نشان“ چڪي جي صورت ۾ ڪڍي ڪهڙو شخص کڻي آيو هو؟
جواب: شهدادپور جو منظور خاصخيلي 2012ع ۾.
سوال: سسئي جي پير جو ٻيو اڻ چٽو پنڊ پهڻ ٿيل قدم چڪي جي صورت ۾ ڪير ڪڍي کڻي آيو هو؟
جواب: نبي بخش پٺاڻ (سنڌي پٺاڻ ) ڪيٽي بندر.
سوال: ڪهڙي سال کان سسئي جي قدمن جا نشان پنهون جي درگاهه تي رکيا ويا؟
جواب: 2018ع کان.
سوال: سسئي، پنهل پويان ويندي اٽڪل ڪيترا ميل پنڌ ڪيو هو؟
جواب: 75 ميل (47 ڪوهه ڪتاب تحفةالڪرام).
سوال: جديد تحقيق موجب جنهن واٽ تان سسئي سفر ڪري آئي هئي انهي واٽ مطابق ڀنڀور کان سنگهر پٽ ڪيترو پري آهي؟
جواب: 119 ڪلوميٽر.
سوال: سسئي سنگهر کان اڳتي ڪيستائين وئي هئي ۽ پوءِ اتان واپس سنگهر پٽ آئي هئي؟
جواب: هاڙهي، وڻڪار ۽ ڪهه ڳڻي پٽ تائين.
سوال: شاهه سائين سنگهر پٽ جو ذڪر سسئي وارن سرن ۾ ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: ست ڀيرا.
سوال: ڪنڊيءَ جي وڻ جي ڦرين کي ڪوهستان ۾ ڇا چوندا آهن؟
جواب: سنگهر.
سوال: ايل پنهوار سسئي کي ڪٿي ڏٺو هو؟
جواب: منهٻار نئين جي ڪنڌيءَ تي.
سوال: ايل پنهوار جي ذات ٻڌايو؟
جواب: باکڙو (روايت مطابق ذات موندرو.
سوال: سسئي جو وٽو/سسئي جو ڪنجهو ڪٿي وڃائجي ويو هو؟
جواب: پٻوڻي ناڪي کان ٿورو اڳتي منهٻار نئن ۾.
سوال: مانباڻ جبل ۽ نئين تي منهٻار نالو ڪيئن پيو؟
جواب: ان ماڳ تي سسئي نقاب لاهي منهن ٻاهر ڪڍيو پوءِ ان ماڳ تي منهٻار نالو پئجي ويو.
سوال: سسئي پنهونءَ جي درگاهه، وندر کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: 26 ڪلوميٽر.
سوال: پنهون جو قافلو ڪهڙي رستي سان ڀنڀور آيو هو؟
جواب: لياري کان سونمياڻي، پوءِ سنگهر، پٻ کان ڀنڀور.
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ وندر جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 25 ڀيرا.
سوال: وندر برساتي نئن آهي ان جي ڊيگهه ڪيتري آهي؟
جواب: ڊيگهه 75 ڪلوميٽر.
سوال: شاهه سائين، سسئي وارن سرن ۾ بَر علائقي جو ذڪر ڪيو آهي. بَرُ ڪٿي آهي؟
جواب: ڳوٺ غلام قادر کان بالا قبرستان تائين ٻئي پاسي اٿل تائين ميلن جا ميل واريءَ جا دڙا آهن.
سوال: شاهه سائين جي پنجن سرن ۾ لفظ بَرُ ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 16 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ لياري شهر ۽ لياري نئن جو ذڪر ڪيو آهي؟ لياري شهر ۽ لياري نئن ڪٿي آهن؟
جواب: لياري شهر ضلعو لسٻيلو. لياري نئن ضلعو ملير.
سوال: شاهه سائين، سسئي واري واٽ سان ڪيترا ڀيرا سفر ڪيو آهي؟
جواب: ٻه . ٽي. ڀيرا.
سوال: شاهه سائين سسئيءَ جي سرن ۾ هاڙهي جبل جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 34 ڀيرا.
سوال: سسئي واري کٽ ڪٿي آهي؟
جواب: رونگهاڻ واٽ جي وچ ۾ هاڙهي جي جابلو سلسلي سان گڏ ڏهه ٻارهن فٽ مٿي اوچو پٿر.
سوال: ڀٽائي، روميون ۽ نيروهي ڪٿي آهن؟
جواب: بالا ڪوٽ قبرستان ۾.
سوال: سسئي جون کونهريون ( کونئريون ) ڪٿي آهن؟
جواب: ٻاڙڪي ڍوري ۾، ٻراڙ واري علائقي ۾.
سوال: بلوچستان جي سڀ کان وڏي مينهوڳي ندي جو نالو ٻڌايو؟
جواب: هنگول، هڱور ۽ اگور.
سوال: مقامي ماڻهن جي خيال مطابق پنهون جو قافلو ڪهڙي رستي سان ڪيچ کان ڀنڀور آيو هو؟
جواب: ڪيچ کان آواران، جائو لڪ وارو رستو، پٻ کان ڀنڀور آيو.
سوال: شاهه سائين، سر ديسيءَ ۾ ڪهه ڳڻي ( گهڻي ) واري پٽ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 14 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين سسئي جي سرن ۾ وڻڪار جو ذڪر ڪيو آهي، وڻڪار وارو ماڳ ڪٿي آهي؟
جواب: لسٻيلي جي اولهه پاسي.
سوال: پنهونءَ جو واپاري قافلو ڪيچ کان ڀنڀور ڪيترن ڏينهن ۾ پهتو هو؟
جواب: 12 کان 15 ڏينهن تائين.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ سنگهر پٽ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 6 ڀيرا ( سر حسيني ).
سوال: ضلعي خضدار جو ڪهڙو علائقو موندر سڏجي ٿو؟
جواب: جومر جهل.
سوال: شاهه سائين، سسئي واري قصي ۾ سسئي جي واٽ کان 209 ڪلوميٽر پري ڪهڙي ماڳ جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: جومر.
سوال: شاهه سائين، سسئي وارن سرن ۾ ڪيچ، ڪيچان ۽ ڪيچن جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 174 ڀيرا.
سوال: سسئي، پنهونءَ جي پويان ڪهڙي واٽ سان وئي هئي؟
جواب: ڀنڀور کان وندر واري واٽ.
سوال: سسئي، پنهون جي عشق ۾ ڪشالا ڪڍي ڪيترا ڏينهن مسلسل جبلن جو سفر ڪيو؟
جواب: 18 ڏينهن. سترنهن منزلون.
سوال: ڪهڙي شاعري سسئي جي ڄمڻ کان ويندي ڌرتيءَ م داخل ٿيڻ تائين 126 بيت چيا آهن؟
جواب: موريو مل ٺٽائي.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙيء سورميء رب پاڪ کي ٻاڏائيندي فرمايو ته اي ستار! ”هن بي وسيليءَ جو وسيلو ٿيءُ“ ؟
جواب: سسئي (ايل پنهوار کان عزت بچائڻ مهل).
سوال: سسئي جي قبر مٿان پٿرن جا نشان ڪنهن ڏنا هئا؟
جواب: ايل. ٻڪرار.
سوال: هي لفظ، ڪنهن ۽ ڪنهن کي چيا هئا؟ لفظ: ”ذرا ويرم ترسو ته هن قبرجي زيارت ڪري وٺان“؟
جواب: پنهونءَ سسئي جي قبر تي پنهنجي ڀائرن کي چيا.
سوال: پنهون ڀائرن کان آزاد ٿي سسئي جي قبر وٽ پهچندي ئي رب سائين ڪهڙي دعا گهري؟
جواب: دعا ”اي وڇڙيلن کي ملائڻ وارا ڪار ساز! مون کي منهنجي محبوب سان سدائين جي لاءِ ملائي ڇڏ“.
سوال: سسئيءَ جو موت ڪهڙي واديءَ ۾ ٿيو هو؟
جواب: وندر جي واديءَ ۾.
سوال: سسئي پنهونءَ جي قبر ڪٿي آهي؟
جواب: سنگهر واريءَ سيم، پٻنيءَ ۾. (پٻوڻي لڪ. ضلعو لسٻيلو)
سوال: شاهه سائين جي سورمي، سسئي جي قبر تي شاهه سائينءَ جو ڪهڙو بيت لکيل آهي؟
جواب: سسئي جي سري سان ڪيچ ڌڻي ڪانڌي،
پسڻ ڪارڻ پرين جي منڌ هئي ماندي،
لڪن تان لطيف چئي آرياڻي آندي،
پنهونءَ پيراندي، نماڻي نصيب ٿئي. (سر حسيني).
سوال: ٺٽي شهر جو ڪهڙو شيرازي بزرگ سسئي جي مزار تي پهتو ته، قبر کلي ۽ سسئي کي ڏٺائين؟
جواب: سيد علي شيرازي ثاني.

سوال: ملتان مان ڪهي آيل درويش اسماعيل سسئي پنهونءَ جي مزار تي ڪيترا ڏينهن فاقو ڪاٽيو هو؟
جواب: ٽي ڏينهن.
سوال: ملتان جي درويش اسماعيل، سسئيءَ جي مزار تي چلو ڪڍيو ته، کيس ڪهڙو جواب مليو؟
جواب: سسئي مان آهيان، باقي پنهونءَ ڏسڻ جي پچر ڦٽي ڪري ڇڏ، ڇو ته زماني تي ڀروسو ناهي، آءُ اڳيئي ڏيرن جي ستايل آهيان.
سوال: سسئي پنهونءَ جي مزار تي پهريون ڀيرو ميلو لڳرائيندڙ شخصيتن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: ميون اسماعيل ۽ گل محمد.
سوال: سسئيءَ پنهونءَ جو پهريون ڀيرو ميلو ڪهڙي انگريزي مهيني ۾ لڳو هو؟
جواب: آڪٽوبر ۾.
سوال: سسئي پنهونءَ جو پهريون ميلو شعبان مهيني جي ڪهڙي تاريخ کان شروع ٿيو هو ۽ ان ميلي جي باقاعده شروعات لس ٻيلي جي ڪهڙي ڊي.سي.او ڪئي هئي؟
جواب: هر مهيني شعبان جي 11 تاريخ کان 13 تاريخ تائين ڊي.سي.او محمد اسماعيل (حوالو ڀيڄ ڀٽائي مئگزين اپريل-مئي 2004ع).
سوال: سسئي پنهون جو ميلو هر سال ڪهڙي تاريخ تي لڳندو آهي؟
جواب: 13 جولاءِ کان 15 جولاءِ تائين، پٻني ناڪي جي ويجھو ڳوٺ سنگهر ۾. (حوالو: انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا، جلد 7 س ـ 1)
سوال: تعلقي وندر جي سنگهر پٽ ۾ سسئي پنهونءَ جو ميلو آگسٽ 2009ع جي ڪهڙي تاريخ کان شروع ٿيو هو؟
جواب: 4 کان 6 آگسٽ 2009ع تائين.
سوال: سسئي پنهوءَ جو ميلو ڪهڙي هجري مهيني ۾ لڳندو آهي؟
جواب: 11 شعبان کان 13 تاريخ تائين، ڪڏهن وري 22 کان 25 شعبان تائين.
سوال: سسئي پنهونءَ جو ميلو 12 شعبان 1430هه کان 14 شعبان تائين ڪهڙي فقير جي سرواڻيءَ ۾ لڳو هو؟
جواب: فقير عبدالرحمان ٻرا لاهوتيءَ جي سرواڻيءَ ۾.
سوال: 16 ڊسمبر 2011ع تي سسئي پنهونءَ جي مزار تي مچ ڪچهري ڪنهن ڪرائي هئي؟
جواب: نور احمد سمون، ڊپٽي ڪمشنر ضلع لسٻيلو.
سوال: سسئي ۽ پنهونءَ جي قبر ڪنهن ڳولي لڌي؟
جواب: سيٺ علي محمد بِڪڪ.
سوال: سسئي ۽ پنهونءَ جي قبر مٿان ڪکائون ڇاپرو ڪنهن ۽ ڪڏهن ٺهرايو هو؟
جواب: سيٺ علي محمد بڪڪ 1968ع ۾.

سوال: پهرين مارچ 1980ع ۾ سسئي پنهونءَ جي مزار ڪنهن ٺهرائي هئي؟
جواب: حاجي محمد علو صديق الياساڻي ملاح.
سوال: سسئي پنهونءَ جي مزار جي موجوده گادي نشين جو نالو ٻڌايو؟
جواب: عبدالرحمان لاهوتي (2009ع مطابق).
سوال: سسئي پنهون جي قصي کي انگريزي ٻوليءَ ۾ پهريون ڀيرو 1862ع ۾ ڪنهن ترجمو ڪيو؟
جواب: سنڌ جي نائب ڪمشنر ميجر سر فريڊرڪ گولڊ سمڊ.
سوال: ڪتاب. سسئي جي واٽ ڪنهن جو لکيل آهي ۽ پهريون ڀيرو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: تحرير ۽ تحقيق. گل حسن ڪلمتي ۽ ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، آڪٽوبر 2021ع. ايڊيٽنگ. پروفيسر محمد سليم ميمڻ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.
سوال: مضمون. سسئي جي سرن جا ماڳ ۽ مڪان ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، روزاني هلال پاڪستان 11 کان 25 مئي 2006ع ۾ شايع ٿيو.
سوال: ”داستان سنڌ“ جي نالي سان سسئي پنهون جو قصو انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪري ڪنهن ۽ ڪڏهن ڇپرايو؟
جواب: ڊي. ٽي. ايڇ هارٽ 1861ع ۾ بمبئي مان.
سوال: ڪهڙي مترجم سسئي پنهون جو قصو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري 1863ع ۾ لنڊن مان شايع ڪرايو؟
جواب: ميجر هينري ايف. جي. گولڊ سمڊ.
سوال: سسئي پنون، هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو تعليم کاتي پاران ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1867ع ۾.
سوال: قصو پنهون سسئي جو نظم ۾ ڪنهن جوڙيو هو؟
جواب: عارف ڪلهوڙي. (هڪ ڪتاب ۾ 1867 ۽ ٻئي ۾ 1868ع )
سوال: ڪڇ جي ڪهڙي ليکڪ سر سسئي نالي ڪتاب لکيو؟
جواب: مولوي اسماعيل.
سوال: سڀ کان پهريائين سسئي پنهونءَ جي قصي کي منظوم مثنوي ۾ ڪهڙي نالي سان ۽ ڪنهن لکيو هو؟
جواب: حسن و ناز نالي مير معصوم بکريءَ.
سوال: قصو سسئي پنهل جو ڪنهن ۽ ڪڏهن سنڌي مثنوي ۾ منظوم ڪيو؟
جواب: ماستر واحد بخش مشتاق شڪارپوري 1889ع ۾.
سوال: ڪتاب ”ڪيچ نامو“ ڪنهن ۽ ڪڏهن لکيو هو؟
جواب: ڪمالا بن مير هاشم گچڪيءَ سن 1283هه ۾.
سوال: سسئي پنهونءَ جي قصي کي امر تسر شهر جي ڪهڙي شاعر لکيو هو؟
جواب: هاشم شاهه. 1955ع.
سوال: ڪتاب اصل وڏو قصو سسئي پنهون (سرائڪي شعر ۾) ڪنهن جوڙيو؟
جواب: خليفي نبي بخش لغاريءَ.
سوال: ڪتاب سسئي پنهون (سرائڪي شعر ۾) ڪنهن نئين سر ترتيب ۾ شايع ڪرايو؟
جواب: غلام نبي کوسو، ڪتب فروش خيرپور ناٿن شاهه ، ڇاپيندڙ ، مولوي محمد عظيم ، تاجران ڪتب شڪارپور 1970ع.
سوال: سسئي پنهونءَ جي قصي جا سٺِ بيت نظم جي صورت ۾ ڪنهن چيا آهن؟
جواب: گل خان نصير.
سوال: ”مقالو، سسئي ۽ پنهون تاريخ جي روشني ۾“ ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: مير حاجي محمد بخش ٽالپر جو. 1983ع ۾ شايع ٿيو.
سوال: ”ڪتاب ڀنڀور ۽ ديبل“ ڪنهن جي تصنيف آهي؟
جواب: عبدالقادر منگيءَ جي.
سوال: ”سسئي جي سورن جي ڪهاڻي شاهه لطيف جي زباني“ هن مضمون جي ليکڪ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري.
سوال: شاهه سائين جي سورمي سسئيءَ تي لکيل مضمون ”لنگهي ڪالهه قطار“ جي ليکڪ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: عنايت بلوچ.
سوال: شاهه سائين جي سورمي سسئي تي لکيل مضمون ”ڪوهياري جا ڪردار“ ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: محمد ابراهيم سنڌيءَ جو.
سوال: بلوچي زبان ۾ سسئي پنهون جي قصي تي پنجٽيهه بيتن تي مشتمل نظم ڪنهن جو چيل آهي؟
جواب: ملا محمد رمضان رمي گواداريءَ جو.
سوال: مقالو. سر ڪوهياريءَ ۾ ڏک، ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: ڊاڪٽر محمد مارو خشڪ.
سوال: مقالو. سر ڪوهياريءَ ۾ ڏک ۽ سور، ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: سيف الله خالد يوسفاڻي.
سوال: پهرين ڀنڀور عالمي ڪانفرنس ڪهڙي عيسوي تاريخ ۽ سال ۾ منعقد ٿي؟
جواب: 10 مارچ 2012ع تي ثقافت کاتي پاران ٺٽي ۾ منعقد ٿي.
سوال: مضمون. سسئي پنهونءَ جي مزار: هڪ ڏينهن جو سفر ، ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: مهر فقير جو.


مقالو. سر سسئي آبريءَ ۾ وحدة الوجود، ڊاڪٽر امير علي شاهه.
مقالو. سسئيءَ جو پنهنجي عشق تي يقين، نذير سومرو.
مضمون. سرجيس تان سور، سامائي تان سک وئا. عطا چانهيو.
اول آخر آه ، هلڻ منهنجو هوت ڏي. پروفيسر ستار سومرو.
مضمون. هوند جنين سين هوءِ، هوت نه هوندو تن سين. منير ڊومڪي.
مضمون. ججهي جس جتن کي جتي جت رهن. آزاد عبدالحميد جت.
مقالو. اهي ماڳ جتي سسئي پنهون پويان ويندي ٽي راتيون رهي ! . محقق. گل حسن ڪلمتي.
مقالو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سسئيءَ جي سرن جو فڪري مطالعو. امداد علي مجيداڻو. ڊسمبر 2021ع.
شاهه لطيف جو سر سسئي آبري ۽ شاعراڻي عالمگيريت، چئندر ڪيسواڻي، ڪاوش دنيا آچر 3 جولاءِ 2022ع.
مقالو. پٻ جبل ۽ سسئي پنهون ڏانهن سفر. مختيار شاهنوازاڻي. ڪاوش دنيا، آچر 28 مئي 2023ع.

سسئي پنهونءَ جي پويان سترنهن منزلن تي رات گذاري، اهي هيٺ ڏجن ٿيون.
پهرين منزل، ويڙهه ( ڪنهن ڳوٺ ۾ ).
ٻي منزل، پاهوارو جبل ( ڪنهن ڳوٺ ۾ ).
ٽين منزل، ناراسر / ناراٿر (قافلا سراءِ يا ڪنهن مسافرخاني ۾ ).
چوٿين منزل، مٺان ڍوري جي ڪناري لڳ الله ڏنو بروهي ڳوٺ (قافلا سراءِ يا مسافر خاني ۾ ).
پنجين منزل، عباس هوٽل، پٻوڻي ڍوري جي ڪپ تي، عباس ڳوٺ ليويز چيڪ پوسٽ (قافلا سراءِ ۾).
ڇهين منزل، کر پلاڻ لڪ لڳ ننڍي سنگهر ( قافلا سراءِ يا مسافر خاني ۾ ).
ستين منزل، بالا ڪوٽ وندر (قافلا سراءِ يا مسافر خاني ۾ ).
اٺين منزل، لياري (قافلا سراءِ يا مسافر خاني ۾ ).
نائين منزل، هاڙهي جبل لڳ هاڻوڪي رحيم اڱاريو ڳوٺ جتي پراڻي وسنديءَ جا به آثار آهن.
ڏهين منزل، هاڙهو جبل، ڪنڊ واري علائقي ۾، گهوڙو پٽ ( پٿر تي ).
يارهين منزل، ڪنڊ واري علائقي ۾، گهوڙو پٽ (پٿر تي) ٻيهر ڦور نئين کان واپسي ۾.
ٻارهين منزل، هاڙهي جبل لڳ هاڻوڪي رحيم اڱارو ڳوٺ. ٻيهر ڦور نئين کان واپس ورڻ کانپوءِ.
تيرهين منزل، ڪانيارو ڪوٽ / ڪانيارو ٻيلو (قافلا سراءِ يا مسافرخاني ۾ ).
چوڏهين منزل، وڻڪار، لوڻو جبل ۽ لوڻو ڍوري جي ڪپ تي پراڻي وسندي جا آثار، هاڻي اتي رکيل شاهه جي دونهين به آهي.
پندرهين منزل، لاکڙو (مسافرخاني يا قافلا سراءِ ۾).
سورهين منزل، ڄوڙا، ونگوئي (مسافرخاني ۾).
سترهين منزل، ڀمنبڙ ٻرو ڳوٺ (قافلا سراءِ ۾).