لطيفيات

شاھہ جا سورما، سورميون ۽ سورھيہ (لطيفيات بابت سوال جواب)

ھن ڪتاب ۾ شاھہ سائينءَ جي زندگيءَ ۽ سندس دور بابت معلومات، سسئي پنھون، سسئي پنهونءَ تي ٺھيل فلمن، سورٺ راءِ ڏياچ (ڪاٺياواڙي ۽ سنڌي قصو)، سھڻي ميھار، نوري ڄام تماچي، ليلا چنيسر، عمر مارئي، مومل راڻو، موکي متارا، مورڙو ميربحر، سورهيہ ۽ ڏاتار جي قصن بابت سوال ۽ جواب ڏنل آھن.

Title Cover of book شاھہ جا سورما، سورميون ۽ سورھيہ (لطيفيات بابت سوال جواب)

سهڻي ميهار (سنڌ جو قصو اڳ ۽ پنجاب وارو قصو پوءِ جو آهي)

سوال: سهڻي ۽ ميهار جو جنم ڪهڙي رات تي ٿيو هو؟
جواب: شبِ قدر جي ڀلاري رات ۾.
سوال: سنڌ جي قصي مطابق ميهارجو اصل نالو ڇا هو ۽ سندس ذات ڪهڙي هئي؟
جواب: نالو ساهڙ ذات نڱامڙو (پنجاب جي قصي مطابق نالو عزت بيگ).
سوال: ساهڙ ڪهڙو ساز درديلي انداز ۾ وڄائيندو هو؟
جواب: نڙ.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ ”ساهڙ“ سان شروع ٿيندڙ بيتن جو تعداد ڪيترو آهي؟
جواب: 9 بيت.
سوال: ميهار ڪهڙي ڏينهن صبح سان ئي سمورو کير خدا جي واٽ ۾ ورهائي ڇڏيندو هو؟
جواب: خميس جي ڏينهن.
سوال: سنڌ جي قصي مطابق ميهار جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: گهنور ڄام (پنجاب جي قصي مطابق مرزا عالي بيگ اصل بخارا جو هو).
سوال: سنڌ جي قصي ۾ سهڻي جي ذات ڪهڙي بيان ٿيل آهي؟
جواب: سامٽي ۽ واهوچي (حوالو ڪلاچي 2003ع).
سوال: شاهه سائين جو سورمو ميهار سڀ کان پهريائين سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ داخل ٿيو جتي اُن واپار شروع ڪيو هو؟
جواب: پينگهارو ۾.
سوال: لاڙ واسين وٽ سهڻي ميهار جو قصو ڪهڙي درياءَ سان وابسته آهي؟
جواب: پٽيهل درياءَ سان (پنجاب جي قصي مطابق چناب درياءَ سان).
سوال: سهڻي ميهار جو قصو ڪهڙي بادشاهه جي دور جو آهي؟
جواب: دلوراءِ بادشاهه جي.
سوال: سهڻي جي شادي سندس ڪهڙي سؤٽ سان طئه ٿيل هئي؟
جواب: ڏم سان.
سوال: ڏم ڪٿان جو رهاڪو هو؟
جواب: ميرانپور جو.
سوال: سنڌ جي قصي مطابق سهڻيءَ جي پيءُ جو نالو ڪهڙو هو؟
جواب: جرڪت عرف جرڪس سامٽيو (پنجاب جي قصي مطابق تلاءُ ڪنڀر گجرات).
سوال: سهڻيءَ جو پيءُ جرڪت شهدادپور جي جوءِ ۾ ڪٿي رهندو هو؟
جواب: لوهاڻي جي ڪناري تي.
سوال: شاهه سائينءَ سر سهڻي ۾ ميهار کي ڪهڙن لقبن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: ساهڙ، ساهڙ ڄام، ميهار، سنگهار، وڇار، هوت ۽ پي ٻيلائي.
سوال: ڪهڙي درياءَ کي سهڻيءَ وارو ڍورو يا سهڻي وارو درياءُ سڏيو وڃي ٿو؟
جواب: لوهاڻو درياءَ کي (شهدادپور کان اولهه ۾ ان جا آثار موجود آهن).
سوال: ميهار سهڻيءَ لاءِ روزانو ڪهڙو طعام کڻي ويندو هو؟
جواب: مهاڻن کان پڪل مڇي.
سوال: سهڻيءَ جي ملاقات وچ درياءَ ۾ ڪهڙيءَ بزرگ هستي سان ٿي هئي جيڪو وچ سير ۾ روزانو نماز پڙهندو هو؟
جواب: ڇٽي پير سان.
سوال: سهڻيءَ جي مرشد جو نالو ڇا هو؟
جواب: ڇٽو فقير.
سوال: سهڻي ميهار ۽ ڇٽي پير جا اهڃاڻ ۽ آثار سڀ کان وڌيڪ ڪهڙن ٻن ضلعن ۾ ملن ٿا؟
جواب: سانگهڙ ۽ ٺٽي ۾.
سوال: هي بيت ڪهڙي موقعي تي چيل آهي؟
ڇٽا ڇينڀ مَ مون کي تون پل مَ پيرَ،
نيو نمازون پڙهين، سائر مٿي سير،
ڪٺيون جي تقدير ، سي گهر گهارينديون ڪيترو.
جواب: جنهن وقت درويش ڇٽو امراڻي درياءَ جي سير ۾ نماز پڙهي رهيو هو ته سهڻي ان جي اڳيان ترندي وئي ته ڇٽي سهڻي کي ڇينڀيو ان موقعي تي.
سوال: ڇٽي پير جي مزار ڪهڙي هنڌ درياءَ جي ڪناري تي واقع آهي؟
جواب: نند سر جي ڪناري تي. (گولاڙچي جي چڪ نمبر 34 ۾).
سوال: سهڻي ۽ ميهار جو عشق تقريبن ڪيترا مهينا هليو؟
جواب: 13 مهينا.
سوال: سهڻيءَ جي سس سهڻي کي ٻوڙڻ لاءِ، ڪچو گَهڙو ڪهڙي ڪنڀار کان تيارڪرائي سهڻيءَ جي گَهڙي جي جاءِ تي رکيو هو؟
جواب: ڪوڏو ڪنڀار کان.
سوال: شاهه سائين سهڻيءَ جي موت جو منظر پنهنجي ڪهڙي بيت ۾ بيان ڪيو آهي؟
جواب: ڪانڌي ڪنگ ٿياس، وهڻ جنازو سهڻي،
ٻگها جي ٻيٽن جا ڪُلها تن ڏناس،
اکين ملڪ ڏٺاس، توء من ڪاڍو ميهار ڏي.
سوال: لاڙ جي روايتن مطابق سهڻيءَ جو لاش ريڻ درياءَ مان لڙهندو لڙهندو ڪٿي اچي پيو هو؟
جواب: ڳٺي دوري ۾.
سوال: شاهه سائين سرسهڻيءَ ۾ لفظ مهراڻ ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 5 ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سورميءَ کي عشق جو امام سڏي ٿو؟
جواب: سهڻيءَ کي.
سوال: شاهه سائين جي سورمي سهڻيءَ جي رهائش جا آثار نوشهرو فيروز ضلعي جي ڪهڙي شهر ويجهو ملن ٿا؟
جواب: گهيڙ گجو واري وهڪري لوهاڻي درياءَ جي ساڄي ڪپ تي. (حوالو. تحقيقي جرنل ڪلاچي ).
سوال: سهڻيءَ جو مقام ڪٿي آهي؟
جواب: لوهاڻي درياءَ جي کاٻي ڪنڌي لڳ شهدادپور ۾.
سوال: ميهار ڪنهن جي مدد سان سهڻيءَ جو لاش درياءَ مان ڪڍيو هو؟
جواب: ڏاڙهون کٽيءَ جي مدد سان.
سوال: سهڻي ميهار جي قبر شهدادپور شهر جي ڪهڙي پاڙي ۾ آهي؟
جواب: سيد الله اوڀائي شاهه جي پاڙي ۾.
سوال: سهڻيءَ جي قبر مٿان چوٽي واري سنئين پٿر تي ڪهڙو ڪتبو اڪريل آهي؟ يا اڪريل هو؟
جواب: ته ڪر ڪينءَ سئي، جي سير نه گهڙي سهڻي،
هت حياتي ڏينهڙا، هڏئين تان نه هئي،
چُڪي تنهن چري ڪئي، جو ڏنس اُن ڏهي،
سهڻي کي سيد چئي، وڌو قرب ڪهي،
هنهين هوند مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا. (شاهه)
سوال: ساهڙ جي قبر تي سيرانديءَ واري پاسي ڪهڙي شاعر جو فارسيءَ ۾ بيت اڪريل آهي؟
جواب: حافظ شيرازيءَ جو.
سوال: ساهڙ جي مزار تي پيرانديءَ کان ڪهڙو ڪتبو اڪريل آهي؟
جواب: ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن، عاشق اُڀو آهون ڪري،
تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن،
درياءَ توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي. (شاهه)
جوڙائيندڙ سيد مدد علي شاهه لڪياري، هالاڻي.
سوال: ڪهڙو شخص مجاوريءَ وارن ڏينهن ۾ سهڻيءَ جي مقبري لاءِ ”سون چڙيءَ جي ڀڙي مان“ پڪيون سرون ڪڍي پاڏي تي کڻي آيو ۽ سهڻي جو مقبرو ٺاهيائين؟
جواب: ساهڙ ڄام.
سوال: محمد ابراهيم ڏيٿي، شاهه سائين جي ڪهڙيءَ سورمي جي مزار مٿان مقبرو تعمير ڪرايو هو؟
جواب: سهڻيءَ جي مزار مٿان.
سوال: سهڻيءَ جي مزار مٿان مقبرو ۽ مسافر خانو ڪنهن ۽ ڪهڙي سال ٺهرايو هو؟
جواب: محمد ابراهيم ڏيٿي 1980ع ۾، هڪ لک رپين ۾.
سوال: سهڻي جي قبر ڪنهن جوڙائي؟
جواب: مرحوم حامد علي. نوابشاهه ضلعي جواڳوڻو ڪليڪٽر.
سوال: ڪهڙي شخص سهڻي جو پراڻو مقبرو ڊهرائي ان جاءِ تي سنگ مرمر جي پٿر جو مقبرو ٺهرايو؟
جواب: مرحوم حامد علي (برطانيه جي دور ۾ ).
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سورميءَ جي درگاهه تي فقير، شاهه جو راڳ ۽ مولود شريف چوندا آهن؟
جواب: جمعي جي رات، سهڻي جي درگاهه تي.
سوال: شاهه سائين جي سورمي سهڻيءَ تي ميلي لڳائڻ جي شروعات ڪنهن ڪئي هئي؟
جواب: محمد ايوب ٻانڀڻ.
سوال: پهريون ڀيرو ثقافت کاتي پاران سهڻي ميهار جي مزار تي ميلو ڪهڙين تاريخن تي لڳايو ويو؟
جواب: 29، 30، 31، مئي 1980ع ۾.
سوال: شاهه سائين جي سورمي سهڻي ۽ ميهار جي درگاهن جا موجوده متولي بزرگ ڪهڙا آهن؟
جواب: فقير محمد يوسف خاصخيلي ۽ ميهار جو متولي سيد ارباب شاهه. سال 2010ع مطابق
سوال: سهڻيءَ جي ميلي ۾ منعقد ٿيل ادبي ڪانفرنس ۾ نظم ”سهڻي نينهن نڀائي وئي“ ڪنهن پڙهيو هو؟
جواب: شهزاده علي بخش ناز لطيفيءَ 29 مئي 1980ع ۾ پڙهيو هو.
سوال: سڀ کان پهرئين پنجابي زبان ۾ سهڻي ميهار جو قصو ڪنهن منظوم ڪيو؟
جواب: هاشم شاهه، ولادت 1166هه.
سوال: 1980ع ۾ ٻيو نمبر ۽ ٽيون نمبر سهڻي ايوارڊ ڪهڙن فنڪارن کي ڏنو ويو؟
جواب: ٻيو نمبر جيجي زرينه بلوچ ۽ ٽيون نمبر موهن ڀڳت کي.