لطيفيات

شاھہ جا سورما، سورميون ۽ سورھيہ (لطيفيات بابت سوال جواب)

ھن ڪتاب ۾ شاھہ سائينءَ جي زندگيءَ ۽ سندس دور بابت معلومات، سسئي پنھون، سسئي پنهونءَ تي ٺھيل فلمن، سورٺ راءِ ڏياچ (ڪاٺياواڙي ۽ سنڌي قصو)، سھڻي ميھار، نوري ڄام تماچي، ليلا چنيسر، عمر مارئي، مومل راڻو، موکي متارا، مورڙو ميربحر، سورهيہ ۽ ڏاتار جي قصن بابت سوال ۽ جواب ڏنل آھن.

Title Cover of book شاھہ جا سورما، سورميون ۽ سورھيہ (لطيفيات بابت سوال جواب)

سورهيہ ۽ ڏاتار

سوال: شاهه سائين ڪهڙن سرن ۾ سمن سردارن جي سخا، سورهيائي ۽ عوامي ڪردار جو خوب ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر بلاول، سر پرڀاتي، سر ڏهر، سر سورٺ، سر ڪاموڏ ۽ سر ڪارايل ۾.
سوال: سمن مان ڪهڙا ڏهه ڏاتار مشهور ٿيا؟
جواب: وڪيو ڏاتار، جکرو جادماڻي، ڄام ڪرن، راءِ ڏياچ، راهو هوٿياڻي، ڄام انڙ، سٻڙ چوٽاڻي، ڄام لاکو، ڄام اوٺو جکراڻي ۽ هڻند ٿڌياڻي.
سوال: معمور يوسفاڻيءَ ڪهڙا ڏهه ڏاتار ڄاڻايا آهن؟
جواب: ڄام ڪرن، ابڙو اگھام، ڄام راهو، ڏياچ ويراڻي، ڄام سپڙ چوٽاڻي، ڄام جکرو اوڍاڻي، ٿانور ڀٽي، ڄام انڙ، ڄام جکرو ڳهڙ راءِ ۽ لاکو ڦلاڻي.
سوال: لسٻيلي جي روايتي تاريخ موجب سٻڙ ڄام جي خاندان جا ڪل ڪيترا سردار ٿي گذريا آهن؟
جواب: 64 سردار.
سوال: ڄام سٻڙ ڪنهنجو پٽ هو؟
جواب: ڄام چوٽا.
سوال: ڄام سٻڙ پنهنجي پٽ چوٽا کي ڪيترن گهوڙن سان روانو ڪري چيو ته، وڃي فقير کي ڏئي اچ؟
جواب: پنجاهه گهوڙن سان.
سوال: ڄام چوٽي جو مقام ڪٿي آهي؟
جواب: وندر جي ڀرسان. جتي ڄام چوٽي فقير کي گهوڙا ڏنا هئا.
سوال: شاهه سائينءَ سنڌي سورمن جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سربلاول ۽ سرڏهر ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو سورمو ملڪ جي گهرجائن کي گهر ويٺي دان پهچائيندو هو؟
جواب: ڄام سٻڙ چوٽاڻي.
سوال: ڍولا مارو ۾ ڪهڙا ٽي ڪردار نمايان آهن؟
جواب: ڍول (ڍولا)، مارل (مارو) ۽ امره سمره بادشاهه.
سوال: سمون ۽ ڪيريو ڪنهن جا پٽ هئا؟
جواب: ڄام هٻي جا.
سوال: پنهنجي وقت جو وڏو درويش ۽ فقير ”ڄام ڀيئن سي“ ڪهڙي سخي ۽ سورهيه جو پٽ هو؟
جواب: ڄام ڏهر جو.

سوال: شاهه سائين سپڙ نالي سان ڪيترن ۽ ڪهڙن ڪردان کي ڳايو آهي؟
جواب: ٻن کي، هڪ ڄام سپڙ سمون لقب ٻيلي ڌڻي، ڀٽ ڌڻي، چوٽاڻي، ٻيو سپڙ ولد چوٽو رونجهو.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سورهيه کي ٻيلي ڌڻي سڏيو آهي؟
جواب: ڄام سپڙ چوٽاڻيءَ کي.
سوال: ڪهڙي سخي سورهيه هڪ ڏڏ مڱڻهار کي هڪ سؤ عربي گهوڙا دان ۾ ڏنا هئا؟
جواب: ڄام سپڙ.
سوال: ڄام سپڙ جي قبر ڪٿي آهي؟
جواب: لسٻيلي ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سخي ۽ سورهيه کي ”ڪاڇي جو ڪيسري نر“ چيو وڃي ٿو؟
جواب: ابڙي سمي کي.
سوال: ابڙي سمي کي ڪهڙن لقبن سان ياد ڪيو ويو آهي؟
جواب: هالار ڌڻي، ڪاڇي ڌڻي، باگو لاڻي ڌڻي، ڪنڊ جي ڪلاهه، جوڻا جو سردار، ڪڇ ڌڻي وغيره.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ بيان ڪيل ڪهڙي سورهيه کي ڪڇ ۾ پيرَ جيترو درجو حاصل آهي؟
جواب: ابڙي اَڙٻنگ کي.
سوال: شاهه سائين ڏهن ڏاتارن مان سڀ کان وڌيڪ ساراهه ڪهڙي ڏاتار جي ڪئي آهي؟
جواب: ڄام جکرو اوڍاڻيءَ جي.
سوال: راءِ کنگهار ڪهڙي عورت تي موهت ٿيو هو؟
جواب: چينچل ريٻارڻ تي (عرف البيلي).
سوال: ڀڄ شهر ڪڇ جي ڪهڙي حاڪم ٻڌايو هو؟
جواب: راءِ کنگهار سن 1548ع ۾.
سوال: سماٽ قوم جي شجرن مان ڄام قوم جو لقب سڀ کان پهريائين ڪنهن کي مليو هو؟
جواب: ڪاڪي ولد سمي کي.
سوال: شاهه سائينءَ جاڙيجن ۽ لاکي ڦلاڻيءَ بابت بيت ڪٿي چيا؟
جواب: ڀڄ ۾.
سوال: شاهه سائين، لاکي ڦلاڻي بابت بيت ڪٿي چيا هئا؟
جواب: کڏي (گهاڙيءَ ويجهو.)
سوال: لاکو ڦلاڻي ڪنهن جو پٽ هو؟
جواب: مشهور سمي سردار ڄام ڦل جو.
سوال: لاکي ڦلاڻي جو اصل ڳوٺ ڪهڙو هو؟
جواب: کڏي. (حوالو، ڪتاب، سنڌ جو کارو)
سوال: لاکو ڦلاڻي، مهر راڻي سان شادي ڪري ڄڃ سنڌ ڏانهن وٺي پئي آيو ته ڪهڙي جاءِ تي سندن سمورو ڏاج پسي ويو پوءِ سمورو سامان سڀني وڻن کي اوڍايائين؟
جواب: پراڻ جي گهيڙ ( آمري جي گهيڙ وٽ ).
سوال: لاکي ڦلاڻي جي پراڻ جي وڻن کي اوڍاڻي بعد ڪهڙي سوداگر انهن وڻن کي سونا زيور پارايا هئا؟
جواب: سيف الملوڪ.
سوال: آمريءَ جي قبرستان واري آمريءَ جو ذڪر شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي. آمريءَ جي وڻ کي ڪهڙي بزرگ وڍائي ڇڏيو هو؟
جواب: عبدالرحيم گرهوڙيءَ.
سوال: تون ابل سندي آمري، ڪه تون لاکي سندي لال. هن بيت ۾ ابل نالي شخص ذات جو ڪير هو؟
جواب: سومرو.
سوال: آمريءَ جو مقام ڪهڙي تعلقي ۾ آهي؟
جواب: تعلقو ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد کان اوڀر طرف ڪجهه مفاصلي تي.
سوال: سگهڙن جي روايتن موجب ”بڊام“ گهڻيون شاديون ڪيون هيون؟
جواب: چار شاديون ڪيون هيون.
سوال: بڊام کي ڪيترو ۽ ڪهڙو اولاد ٿيو؟
جواب: پهرين زال مان ٻه پٽ جوڻو ۽ ويسو، ٻي زال مان ٻه پٽ سيئرو ۽ پاچوهو، ٽين زال مان پاتوريو نالي هڪ پٽ ۽ چوٿين زال مان هڪ ڌي کيري ۽ ٻه پٽ ڦل ۽ پونرو ٿيا.
سوال: ڪهڙي سورهيه جي اولاد وٽ ڳائو مال ججهو هئو ته، مٿن سانگي نالو پئجي ويو؟
جواب: بڊام جي ٻن پٽن جوڻو ۽ ويسو وٽ.
سوال: ڪڇ ۽ راجستان کان ٿيندڙ حملن کي روڪڻ لاءِ پنري بڊاماڻيءَ ڪهڙو قلعو تعمير ڪرايو هو؟
جواب: ٻرڙائي ڪوٽ. موجوده تعلقو جهڏو.
سوال: پنري جي پيءُ بڊام جي قبر ڪٿي آهي؟
جواب: کڏهري جي اتر طرف چار ڪلوميٽر مفاصلي تي.
سوال: ڄام ڦل بڊاماڻيءَ جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: اندازن 890ع يا 885ع ۾.
سوال: ڄام ڦل ڪهڙي بادشاهه جي ڌيءُ سان شادي ڪئي؟
جواب: اُتم راءِ جي ڌيءُ ڀوري پدمڙي سان. لوڪ روايتن موجب پائر جي ڪرڌر ريٻاريءَ جي ڌيءُ سونل، ڄام ڦل پرڻيو جنهن جي پيٽان ڄام لاکو ڄائو.
سوال: ڄام لاکو ڪهڙي عيسوي سن ۾ ڄائو هو؟
جواب: 20-918ع ۾ ۽ وفات 976ع ۽ 979ع ( ڪجهه ڪتابن مطابق جنم 866ع ۽ لاڏاڻو 955ع ).
سوال: ڄام لاکو ڪهڙي سبب جي ڪري لوڙائو يعني ڌاڙيل ٿيو هو؟
جواب: ريٻارن سندس دوست جُسو ۽ جُسراج کي قتل ڪيو ان ڪري.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سورهيه ڏاتار کي هڪ کوهه مان سون جو پتلو هٿ آيو هو؟
جواب: لاکي ڦلاڻيءَ کي.
سوال: لاکو ڦلاڻي ڪنهن کان کماچ تي راڳ ٻڌندو هو؟
جواب: مهر کي ڏاج ۾ مليل مڱڻهار کان.
سوال: ڪهڙو سخي سورمو روزانو هڪ لک پنجويهه هزار غريبن ۾ ورهائيندو هو؟
جواب: ڄام لاکو ڦلاڻي.
سوال: لاکي ڦلاڻي جي آخري دور ۾ گجرات جو حاڪم ڪهڙو هو؟
جواب: مولراج سولنڪي.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو سورمو ڪڇ جي شاعرن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو؟
جواب: لاکو ڦلاڻي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي ڏاتار کي حرص پسند سڏيو آهي؟
جواب: لاکو ڦلاڻي کي.
سوال: شاهه جو سورمو لاکو ڦُلاڻي، بدين ضلعي جي ڪهڙي تمام پراڻي شهر ۾ پنهنجن دوستن وٽ هميشھ پيو ايندو هو؟
جواب: گهاڙي شهر ۾.
سوال: ان مشهور پهلوان ۽ سورهيه جو نالو ٻڌايو جيڪو سنڌ جي ستن سورهين ۾ پهريون سورهيه سردار چيو وڃي ٿو؟
جواب: پونرو ولد بڊام چنو (حوالو ڪتاب ڀٽائيءَ جو مطالعو صفحه 77).
سوال: وارهه تعلقن جي سرحد تي ايف. پي. بند جي اولهه ۾ بڊام ڍنڍ جي وچ ۾ بڊام جو ڪوٽ ڪيترن ايڪڙن تي پکڙيل آهي؟
جواب: چئن ايڪڙن تي.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ لاکي ڦلاڻيءَ سان گڏ ٻين ڪهڙن ڪردارن، ذاتين ۽ قبيلن جو ذڪر اچي ٿو؟
جواب: جاڙيجا، سما، اوڏ، ريٻاڙي، چاوڙا، راجپوت، راءِ کنگهار، جيسر (جسو) جئسراج، جسوڌن، پنرو بڊاماڻي وغيره.
سوال: لاکي ڦلاڻي عوام لاءِ ڪهڙن نالن سان ڪڇ ڀڄ ۾ ٻه تلاءَ ٺهرايا هئا؟
جواب: لاکا راءُ تلاءُ ٻيو بيلي راءُ تلاءُ.
سوال: لاکي ڦلاڻي جو راءِ کنگهار سان ڪهڙو رشتو هو؟
جواب: لاکو ڦلاڻي، راءَ کنگهار جو ڀاڻج هو.
سوال: ڪهڙو سورهيه ڏاتار اٺين اٺين ڏينهن پنهنجي راڻين کي گهرائي انهن کان پڇندو هو ته مون کان وڌ سنڌ ملڪ ۾ ڪو سخي آهي؟
جواب: ڄام لاکو.
سوال: ڄام لاکي سنڌ ملڪ ۾ پڙهو ڄارائي چارڻن، منگتن کي گهرائي پڇيو ته هن ملڪ ۾ مون جهڙو ڪو سخي آهي، ته کيس سمنگ چارڻ ڪهڙو جواب ڏنو؟
جواب: سمنگ چارڻ چيو اسان جي ملڪ ۾ ڏهه ڏاتار ڳڻڀا آهن. پهريون. سخي سپڙ چوٽاڻي ڏاتار. ٻيو. ڄام اونو ڏاتار. ٽيون. وينجهو ڏاتار. چوٿون. وڪيو ڏاتار. پنجون. جکرو ڏاتار. ڇهون. سمون هڻند ٿڌياڻي ڏاتار. ستون. ڄام اوڍاڻي جکرو ڏاتار. اٺون. ڄام ڪرن ڏاتار. نائون. راءِ ڏياچ ڏاتار. ڏهون. ڄام لاکا تون آهين.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ بيان ڪيل ڪردار لاکو ڦلاڻي جي درٻاري شاعر جو نالو ٻڌايو؟
جواب: سمنگ چارڻ (ڪيرا ڪوٽ جو ويٺل هو).
سوال: سمنگ جي معنيٰ ڇا آهي؟
جواب: سؤ مڱيندڙ.
سوال: ڄام وڪيي جي ڪهڙي علائقي ۾ تمام گهڻا پيرو ٿيندا هئا؟
جواب: چينائي ٻيلي ۾.
سوال: آزمائش وٺڻ لاءِ سمنگ چارڻ ڪهڙي سورهيه ڏاتار کان اڻ مندائتا پيرون گهريا ۽ اهو به چيو ته جي اوهان سوال پورو نه ڪندا ته آءُ ڄام وڪئي وٽ ويندس؟
جواب: لاکي ڦلاڻيءَ کان.
سوال: هي لفظ لاکي ڦلاڻي کي ڪنهن چيا هئا ”ڄام وڪئي ڏانهن وڃ اتان پيرون آڻي ڏي يا وڪئي ڏاتار جو سر آڻي ڏي نه ته تنهنجي سر جو خير ڪونهي“ ؟
جواب: سمنگ چارڻ کي.
سوال: سمنگ چارڻ، وڪئي ڏاتار کان اڻ مندائتا پيرون گهريا ته، وڪئي سندس سوال ڪيئن پورو ڪيو هو؟
جواب: سون جا پيرون گهڙائي انهن مٿان ماکيءَ جي مَڌ جي چاش چاڙهائي اهي پيرون سمنگ کي ڏيئي لاکي ڏانهن روانو ڪيائينس.
سوال: سمنگ چارڻ کي پاراتو ڏيندي ڪهڙي ڏاتار چيو ”اڙي ڪوڙهيا ڏاتارن کان اهڙا اڻ مندائتا ڏان گهرڻ کپن ڇا“ ؟
جواب: وڪئي ڏاتار.

سوال: هي لفظَ ڪهڙي ڏاتار چيا هئا ”مون کي جيڪو بابي جي وفات جي خبر ڏيندو تنهن جي زبان ڪپائي ڇڏيندس“؟
جواب: لاکي ڦلاڻيءَ.
سوال: لاکي ڦلاڻي پنهنجي نالي ٿيل عورت مهر راڻي کان منهن موڙي ڪهڙي اوڏڻ سان شادي ڪئي هئي؟
جواب: جسمان اوڏڻ عرف ٻاجهه سان.
سوال: جسمان اوڏڻ ڪهڙي شهر جي هئي؟
جواب: ڪڍڻ شهر جي.
سوال: لاکو ڦلاڻي پنهنجي سواريءَ لاءِ ڪهڙي رنگ جي گهوڙي استعمال ڪندو هو؟
جواب: ڪاري رنگ جي.
سوال: جسمان اوڏڻ ڀڄ تعلقي ۾ لاکي ڦلاڻي لاءِ ڪيرو ڪوٽ ٺاهيو هو، توهان ان عورت جي پيءُ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: بيلي اوڏ.
سوال: لاکي ڦلاڻيءَ جو دور ڪهڙي عيسوي سن کان ڪيستائين چيو وڃي ٿو؟
جواب: 920ع کان 978ع تائين (ٻي روايت 1200ع کان 1350ع تائين).
سوال: ڪهڙي حڪمران جي قهري ڪارواين سبب ٿانور ڀٽي راجا، مان رعيت سميت فقير ٿيو؟
جواب: محمود غزنوي جي حملي سبب.
سوال: ٿانور ڀٽي جي والد ۽ امڙ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: والد راجا سارنگ راءِ، والده راڻي چترا ديوي.
سوال: ٿانور داس ڀٽي جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 990ع ڌاري.
سوال: ٿانور ڀٽي ڪهڙي عيسوي سال راجا ٿيو؟
جواب: 1005ع ۾.
سوال: ٿانور ڀٽيءَ کي، سندس ڪهڙي ظالم ڀاءُ جي، موت کان پوءِ حڪومت ملي؟
جواب: سانڀر ڀٽي جي موت کان پوءِ.
سوال: ٿانور ڀٽيءَ کي ڪيترا ڀائر هئا؟
جواب: ٽي. سانڀر، ٿانور ۽ دوليءَ ڀٽي.
سوال: ڪهڙي سخيءَ جي گهڻي سخاوت ۾ گنج لٽائڻ جي ڪري سندس گاديءَ جو شهر ”گنج گوندي“ سڏجڻ لڳو؟
جواب: ٿانور ڀٽي جي.
سوال: ٿانور ڀٽي ڪيترا مهينا گنج گوندي ۾ گذاريندو هو؟
جواب: اٺ مهينا ۽ برساتن وارا چار مهينا هاڪڙي درياءَ جي ڪپ تي.
سوال: ٿانور ڀٽيءَ جي پتنيءَ جو نالو ڇا هو؟
جواب: منيل ديوي عرف مڌهومتي. (حوالو، ڪتاب، سنڌ جي سڳنڌ)
سوال: ساموئي يا سما ننگر جي مذڪور شهر جو باني ڪنهن کي چيو وڃي ٿو؟
جواب: ڄام انڙ جي والد ڄام لاکو کي.
سوال: انڙ بن سمون کي ڪيترا پٽ هئا؟
جواب: 28. حوالو، ڪتاب. سر پرڀاتي، ص، 138.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سورمي کي سنڌ جي سگهڙن انڙ وير ڪوٺيو آهي؟
جواب: ڄام انڙ کي.
سوال: ڄام انڙ ڪهڙي پرڳڻي جو حاڪم هو؟
جواب: ڌيرڪ پرڳڻي جو (سندس گاديءَ جو هنڌ ساموئي يا سما ننگر).
سوال: ڪهڙي سورهيه سج اڀرڻ ٽاڻي اٺ ڪروڙ جو سوالين کي دان ڏنو؟
جواب: ڄام انڙ.
سوال: ڄام انڙ کان پوءِ ڏهين صديءَ جي وچ تائين سندس ڪهڙي سپوت پٽ جي سرداري هئي؟
جواب: ڄام تماچي عرف ڄام سمي جي.
سوال: ڄام جکرو ڳهڙ راءِ ڪٿي رهندو هو؟
جواب: لاڙ جي پاتار بندر تي.
سوال: ڄام جکري جو تخت گاهه ڪٿي هو؟
جواب: پاتار شهر ۾. (آثار تعلقي ڏيپلي جي کاڙڪ تپي ۾ ).
سوال: ڄام جکرو ولد ڄام سمي جو شجرو ڪهڙيءَ ريت آهي؟
جواب: ڄام جکرو ولد ڄام سمون ولد انڙ ولد لاکيار ولد اوڍ.
سوال: ڄام جکري اوڍاڻي جي پيءُ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: پيءُ جو نالو اوڍو ڪيهر ۽ ماءُ جو نالو هوٿل پري. (حوالو، ڪتاب. ست سورهيه ڏهه ڏاتار، ص. 67 ).
سوال: هوٿل نڱامري ڪهڙي شهر جي رهاڪو هئي؟
جواب: پارڪر جي.
سوال: ڄام جکرو اوڍاڻي ڪهڙي علائقي جو حاڪم هو؟
جواب: پارڪر ۽ پائر علائقي جو.
سوال: نهٽي شهر ڪنهن ٻڌايو هو؟
جواب: راءِ جکري.
سوال: جکري جي زماني ۾ نهٽي شهر ۾ ڪيترا هٽ هوندا هئا؟
جواب: 900.
سوال: ڪهڙي سخي ڏاتار کي لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ حاتم ڪوٺيو آهي؟
جواب: ڄام جکري اوڍياڻي کي.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ سکر جي سونهن جي تعريف ڪئي آهي، سکر ڪنهن جي ڌيءُ هئي؟
جواب: ڄام جکري اوڍي جي.
سوال: جادم جکري کي ڪيترا ۽ ڪهڙا پٽ هئا؟
جواب: پنج پٽ، هشبت، نر پٽ، گج پٽ، ڀو پٽ ۽ ڳوهڙ راءِ.
سوال: ڄام راهوءَ کان پوءِ سندس ڪهڙو پٽ گادي نشين ٿيو؟
جواب: ڄام داسڙو.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ بيان ڪيل چئن سخي، ڏاتارن جا نالا ٻڌايو جيڪي راڳ ۽ ڪيرت جا تمام گهڻا قدر دان هئا؟
جواب: راءِ ڏياچ، ڄام سٻڙ چوٽاڻي، ڄام لاکو ڦلاڻي، ڄام انڙ.
سوال: ڄام سٻڙ کان پوءِ سندس گادي نشين ڪير ٿيو هو؟
جواب: ڄام وڪيو.
سوال: ڄام وڪيو ڪنهن جو پٽ هو؟
جواب: پنري جو (حوالو، ڪتاب. ست سورهيه ڏهه ڏاتار، ص. 38 )
سوال: گهاگهرا وادي ۾ قديم زماني جو هڪ اعلى ثقافتي مرڪز ”رنگ محل“ ڪهڙي حڪمران جو مضبوط قلعو هو؟
جواب: وڪيي.
سوال: ماڻڪ، ڦل ۽ وڌو ڪنهن جا پٽ هئا؟
جواب: ڄام وڪئي جا.
سوال: شاهه سائينءَ رڻمل راٺوڙ جي تعريف ڪهڙي سر ۾ ڪئي آهي؟
جواب: سر ڍولامارو ۾.
سوال: جڏهن سومرن جون سامون دودي جي مارجڻ کان پوءِ ڪڇ ڏانهن پئي ويون ته انهن جي آجيان ڪهڙي سورهيه ڪئي هئي؟
جواب: ڄام اوڍر سمي.
سوال: پکوٿر ديهه ولهاري جي ڪهڙي وڏي بزرگ کي شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳايو آهي؟
جواب: ڄام اوڍر سمون.
سوال: ڄام اوڍر سمون، علاءُ الدين جي فوج سان ڪيترا ڏينهن مسلسل جنگ ڪري سر ڏئي سرهو ٿيو؟
جواب: 10 ڏينهن.
سوال: دودي چنيسر جي جنگ دوران ڀاڳو ڀان هٿان سومريون (سامون ٿي) سڀ کان پهريائين ڪهڙي سورهيه وٽ پهتيون هيون؟
جواب: ابڙو اجيت اڙٻنگ وٽ. ( ابڙي الفاڻي سومرن جون سامون جهليون، حوالو. ڪتاب. ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن، ص. 164 ).
سوال: سومرن جون ڪيتريون سامون ابڙي جي پناهه ۾ رهيون؟
جواب: اڍائي لک. (حوالو. ڪتاب. ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن ).
سوال: ڄام اوڍي جو ڪهڙو پٽ علاؤالدين جي فوج سان مسلسل ڏهه ڏينهن جنگ لڙيو ۽ يارهين ڏينهن سر ڏيئي سرهو ٿيو؟
جواب: ڄام اوڍر.
سوال: مشهور سورهيه سردار ابڙو اڙٻنگ ڪهڙي علائقي جو والي هو؟
جواب: ڪڇ جي وڏ سر جو.
سوال: دودي ۽ علاؤالدين جي جنگ ڪڏهن لڳي هئي؟
جواب: 1313ع ۾.
سوال: شهيد دودي سومري جي 709هين عرس جون تقريبون روپا ماڙيءَ ۾ ڪهڙي تاريخ ۽ مهيني ۾ ملهايون ويون؟
جواب: 11، 12، 13 فيبروري 2022ع.
سوال: ڄام ابڙي جي ڪري ڪڇ جي اولهه حصي جو نالو ڪهڙو سڏجڻ لڳو؟
جواب: ابڙا سيون.
سوال: هالار وارو پاسو جڏهن ڄام ابڙي جي قبضي ۾ آيو ته ابڙي کي ڪهڙي نالي سان سڏيو ويو؟
جواب: هالار ڌڻي.
سوال: پراڻ جي مشهور ڪهاڻين مان سڀني کان پراڻي ڪهاڻي ڪهڙي آهي؟
جواب: بروئي ۽ رپ جي ڪهاڻي.
سوال: شاهه سائين جي سورميءَ رِپَ جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ڪلياڻ بادشاهه (ڪلات جو والي).
سوال: بروو ۽ رپ جي عشقيه داستان جا اشارا لطيف سائين ڪهڙن سرن ۾ بيان ڪيا آهن؟
جواب: ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، رپ، بروو سنڌي، بروو هندي ۽ بلاول ۾.
سوال: شاهه جي رسالي جو اهم ڪردار بروو سنڌي ڪٿي رهندو هو؟
جواب: بروڙ جو دڙو (هي آثار فضل ڀنڀري کان 2 ڪلوميٽر پنڌ تي 32 ايڪڙن تي پکڙيل دڙي جي شڪل ۾ موجود).
سوال: قديم آثار بروڙ جو دڙو ڪيترن ايڪڙن تي پکڙيل آهي؟
جواب: 32 ايڪڙن تي.
سوال: ڄام ڪارايل ولد ڄام پينگهر سمون ڪٿي جو رهاڪو هو؟
جواب: ڪڇ جي گرڙيي ابڙاسي جو.
سوال: ڪهڙي ڏاتار کي ڪڇ ۽ سنڌ جا ماڻهو سُرهو چور ڪوٺيندا هئا؟
جواب: ڪارائڙو ڪونڌر کي.
سوال: ڪارائڙو ڪڇ کي الوداع چئي ٿرپارڪر ضلعي جي ڪهڙي ايراضيءَ ۾ رهندو هو؟
جواب: ناري واري ايراضيءَ ۾.
سوال: ڪارائڙي ڪونڌر جي ونيءَ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ڪپوري (ڌي ساري سنگهار جي).
سوال: ڪپوريءَ پنهنجي شاديءَ جو ڪهڙو شرط رکيو هو؟
جواب: منهنجو ور اهو ٿيندو جيڪو ستن سانن ڪڍڻ وارو چڙوا ڪيلي سر ڪڍي ڏيکاريندو (اهو شرط ڪارائڙي پورو ڪيو هو).
سوال: ڪارايل ۽ ڪپوري شاديءَ کان پوءِ ڪهڙي ڳوٺ ۾ رهيا هئا؟
جواب: پولڙيا ڳوٺ ۾.
سوال: وينجهار ڪهڙي مشهور ڏاتار جو پٽ هو؟
جواب: ڪارايل جو.
سوال: نبي سر واري ايراضيءَ ۾ ڪهڙا چار مشهور تلاءَ ساري سنگهار ڏانهن مشهور آهن؟
جواب: ڀيماسر، صاحب تڙ، ليٽڪو ۽ نهٽو.
سوال: ڪارائڙي ڄام، ساري سنگهار جي ڪهڙين ٻن ڌيئرن سان شادي ڪئي هئي؟
جواب: مچاچل ۽ ڪپورئين سان.
سوال: سنگهار جي تربت ڪٿي آهي؟
جواب: هندستان جي شهر راءِ پور ۾.
سوال: لفظ سارو سنگهار جي معنيٰ ڇا آهي؟
جواب: ڀاڳين جو بادشاهه .
سوال: سنگهار سومرو ڪنهن جو پٽ هو؟
جواب: دودي وڏي جو پٽ. ( حوالو. مقالو. شاهه ۽ ڪڇ، ليکڪ. محمد سومار شيخ ).
سوال: ڪهڙي شخص چيو هو ته منهنجي مال جو سمورو کير جمعي جي رات غريبن ۾ خيرات ڪيو وڃي؟
جواب: سنگهار سومري.
سوال: شاهه عنايت رضويءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ همون ئاڻي ڪنهن کي سڏيو آهي؟
جواب: سورهيه ڏاتار ڄام ڪرن کي.
سوال: ڄام ڪرن ڪهڙي ايراضيءَ جو حاڪم هو؟
جواب: ناري پٽ جي سونپور واري ايراضي جو.
سوال: ڄام ڪرن ڪيترو عرصو حاڪم رهيو؟
جواب: ڏيڍ ڏينهن. (محقق. غلام محمد لاکو ).
سوال: آڳاٽي دور ۾ جيڪو به سردار ڏاتاري جي دعوى ڪندو هو ته ڪهڙا پورهيت ان جو امتحان وٺڻ لاءِ پهچي ويندي هئا؟
جواب: چارڻ، ڀاٽي، ڀان ۽ مڱڻهار.
سوال: جنهن ڏاتار کان جيڪر ڪنهن سائل جو سوال پورو نه ٿي سگهندو هو ته ڏاتار ڇا ڪندو هو؟
جواب: بنا دير پنهنجو سر ڏيندو هو.
سوال: ابڙي اگهام جي رهائش ڪٿي هئي؟
جواب: پارڪر جي چوٽاڻ جي پٽ ۾.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو سخي ڏاتار واٽ ويندڙ مسافرن جي جاچ ڪندو هو ته انهن مان ڪو بکيو ۽ اڃيو ته نه رهجي ويو آ ؟
جواب: ڄام ابڙو اگهام.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙن ٽن سخي سردارن جي سخاوت ۽ ڏاتاريءَ کي برابر سمجهيو آهي؟
جواب: ڄام ابڙو اگهام، ڄام سٻڙ، ڄام جکرو اوڍاڻي کي.
سوال: ڄام راهو ڪهڙي مشهور حاڪم جو پٽ هو؟
جواب: ڄام تماچي عرف ڄام سمي جو پٽ هو (ڄام انڙ جو پوٽو).
سوال: ڄام راهو ڪهڙي پرڳڻي جو رهاڪو هو؟
جواب: ڌيرڪ پرڳڻي جو (ٻي روايت راهوڪيءَ جو).
سوال: شاهه سائين، سمن جي گاديءَ واري شهر محمد طور جو ذڪر ڪهڙي بيت ۾ ڪيو آهي؟
جواب: جڏهن ڍاڳي ڍور، ٻئي وهن ٻلهيار،
تڏهن تازڙين طور، هئي جسوڌڻ سين.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ بيان ڪيل ڪردار ساري سنگهار کي ڪيترو اولاد هو؟
جواب: ٻه ڌيئر ۽ چار پٽ.
سوال: مهڙ، منائي (مناهين) ۽ انڙ انڙاڻي شاهه سائين جي ڪهڙي سورهيه ڏاتار جا پٽ هئا؟
جواب: ڄام انڙ سمي جا.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سخي جي سخاوت لاءِ چيو ته ”هن جي سخاوت ارڙهن هزار حاتمن کي ڍڪي ڇڏيو آهي“؟
جواب: سخي جادم جکري جي سخاوت. (سر بلاول ۾.)
سوال: ڪهڙو سخي مڙني سمن جو ابو ليکجي ٿو؟
جواب: سخي جادم جکرو.

سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو سورمو چئن قلعن جو ڌڻي هو؟
جواب: ڄام ڳهڙ.
سوال: شاهه سائين ڍول ۽ مارئي جي ڪهاڻي ڪهڙي علائقي ۾ ٻڌي هئي؟
جواب: سيريين (ڍٽ علائقي ۾).
سوال: ڍول ۽ مارل جي واقعي کان لڳ ڀڳ ڪيترا سال پوءِ عمر مارئي جو واقعو رونما ٿيو؟
جواب: ٻه سؤ سال پوءِ.
سوال: ڪهڙي شخص ڍول جي زال مارل کي کڻي ڪوٽ ۾ قيد ڪيو هو؟
جواب: همير سومري. ( پهريون ). هاڃو ڪيو همير با الله نئي ٿو بند ۾ !
سوال: ڪهڙي محقق جي تحقيق مطابق، مارئي جي سر ۾ جيڪي بيت ”ور“ يا ”ڪانڌ“ جي نالي سان آهن، اهي سڀ ڍولي ۽ مارئي سان وابسته آهن؟
جواب: معمور يوسفاڻيءَ .
سوال: شاهه سائين جي سر ڍول مارئي جي ڪردار مارئي جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: راجا پينگڙ.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙن ٻن راجائن جي قصي کي سامهون رکي سر ڍولا مارو جوڙيو هو؟
جواب: راجا نڙ ۽ راجا پينگڙ جي قصي کي.
سوال: شاهه سائين جي سر ڍول مارئي جي ڪردار ڍولو عرف ڍول ڪهڙي حڪمران جو پٽ هو؟
جواب: راجا نڙ جو.
سوال: راجا نڙ ۽ راجا پينگڙ ڪهڙن علائقن جا راجا هئا؟
جواب: راجا نڙ اوجڻ نگر جو ۽ راجا پينگڙ، پونگڙ گڊهه جو.
سوال: ڄام ڏهر جي شهر ڏهر جا آثار ڪٿي موجود آهن؟
جواب: ڏيپلي تعلقي جي ٻلهياري ۽ راحمڪي بازار جي وچ ۾.
سوال: ڄام ڏهر عرف ڏاهر پنهنجي نالي سان شهر ڪهڙي علائقي ۾ جوڙايو هو؟
جواب: وَٽِ واري سهڻي علائقي ۾.
سوال: جسوتڻ بادشاهه ڪنهن جو پٽ هو؟
جواب: مهڙ بادشاهه جو.
سوال: جسوڌڻ کي ڪيتريون نياڻيون هيون ۽ انهن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: ٻه نياڻيو، سهڻي ۽ سانجهي.
سوال: ڄام هوٿي کي سهڻيءَ مان ڪهڙو پٽاڻو اولاد ٿيو هو؟
جواب: ڄام ابڙو، ڄام جوڻو ۽ ڄام کيبر.
سوال: جکري کي سانجهيءَ مان ڪهڙو پٽاڻو اولاد ٿيو هو؟
جواب: فقط ٻه پٽ، ساند ۽ ٿيٻو.
سوال: 14 جون 1870ع ۾ قصو وڪيي ڏاتار جو ڪنهن ٺاهي تيار ڪري ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ آڏو پيش ڪيو هو؟
جواب: آخوند عبدالرحيم.
سوال: سيد صالح محمد شاهه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪهڙي سال، شاهه سائينءَ جا بيت تحت اللفظ رڪارڊ ڪرايا؟
جواب: 1979ع ۾.
سوال: سيد صالح محمد شاهه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي شاهه جي ستن سورمين تي لکيل ڊرامن ۾ هيرو جو ڪردار ادا ڪيو. اهي ڊراما ڪنهن لکيا ۽ ڪنهن پيش ڪيا؟
جواب: مشتاق چنگيزي لکيا ۽ جهانگير قريشيءَ پيش ڪيا.
سوال: ڊرامن جو سلسلو شاهه جا سورما ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيا، اهي ڪنهن تحرير ڪيا هئا؟
جواب: سيد ماڪن شاهه رضوي.
سوال: شاهه سائينءَ ستن سورمين کان علاوه ٻين ڪيترين عورتن جا ذاتي ۽ صفاتي نالا پنهنجي رسالي ۾ بيان ڪيا آهن؟
جواب: 22 عورتن جا.
سوال: ڪهڙي ليکڪا پنهنجي مقالي ۾ شاهه لطيف جا 34 سورما ڳڻيا آهن؟
جواب: رقيه عامر.