لطيفيات

شاھہ جا سورما، سورميون ۽ سورھيہ (لطيفيات بابت سوال جواب)

ھن ڪتاب ۾ شاھہ سائينءَ جي زندگيءَ ۽ سندس دور بابت معلومات، سسئي پنھون، سسئي پنهونءَ تي ٺھيل فلمن، سورٺ راءِ ڏياچ (ڪاٺياواڙي ۽ سنڌي قصو)، سھڻي ميھار، نوري ڄام تماچي، ليلا چنيسر، عمر مارئي، مومل راڻو، موکي متارا، مورڙو ميربحر، سورهيہ ۽ ڏاتار جي قصن بابت سوال ۽ جواب ڏنل آھن.

Title Cover of book شاھہ جا سورما، سورميون ۽ سورھيہ (لطيفيات بابت سوال جواب)

موکي متارا

سوال: موجوده ترتيب مطابق شاهه سائين جي رسالي ۾ پهرئين عورت ڪردار جو نالو ٻڌايو؟
جواب: موکي.
سوال: متارن جو ذڪر سڀ کان پهرين ارغونن جي دؤر جي ڪهڙي شاعر ڪيو آهي؟
جواب: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري.
سوال: موکي متارن جو واقعو اندازن ڪڏهن پيش آيو؟
جواب: 1380ع. ڪجهه ڪتابن ۾ 1450ع / 1460ع.
سوال: سومرن جي دور ۾ سرڪاري رکوالن کي ڇا چيو ويندو هو؟
جواب: متارا.
سوال: موکي ۽ متارن بابت پهريون ڀيرو تفصيلي مقالو ڪهڙي اديب لکيو هو؟
جواب: حافظ محمد بخش خاصخيليءَ.
سوال: شاهه سائين موکي متارن جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾.
سوال: ڀٽائي سرڪار کي موکي متارن جي ڪهاڻي ڪهڙي علائقي مان ملي هئي؟
جواب: گڏاپ مان.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعري ۾ موکي ۽ متارن جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: 96 بيتن ۾/75 بيت ۾ 56 بيتن ۽ ٻن واين ۾ ۽ 60 بيتن ۾ (مختلف رسالن جي ڪري تعداد گهٽ وڌ آهي.)
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ متارن جا ڪهڙا نعم البدل نالا بيان ڪيا آهن؟
جواب: سري جا سردار، سورهيه، مهايا، مئي جا مشتاق، سري ڌڻي، داتا، گهوٽ، اگهوري، پرين، پوشيده، پره جا پياڪ، پهيڙا، ڀتار، کنجڙيا، اڳڙيا ۽ ڪونئر.
سوال: مومل جي سڙي مرڻ کان پوءِ سندس ٻانهيءَ ناتر ڪهڙي علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي؟
جواب: گڏاپ پاسي نارا ٿر علائقي ۾. (ڪراچي)
سوال: روايتن مطابق ناتر ڪنهن سان شادي ڪئي هئي؟
جواب: هيبت خاصخيلي سان. ٻي روايت محبت گولي سان.
سوال: موکيءَ جي ماءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ناتر، جيڪا مومل جي ٻانهي هئي.
سوال: ناتر کي ڪيتريون نياڻيون هيون؟
جواب: ٽي. موکي، سونگل، سڦوران. (ليکڪ، نياز سرڪي)

سوال: ناتر کي ڪل ڪيترو اولاد هو؟
جواب: ست ڌيئر هڪ پٽ مهادل (1) موکي. (2) سونل (سونگل). (3) سپرا (صفوران). (4) تائيسر. (5) مٺان. (6) الله ڦائي. (7) سکان. (حوالو، سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري، ص: 281 . اَٺ ڌيئرون، سونگل، دوزان، ٻائل، سورجاڻي، الله ڦائي، مٺان، سفوران ۽ موکي.)
سوال: موکيءَ جي قبر ڪهڙي هنڌ واقع آهي؟
جواب: شاهه مريد درگاهه لڳ نئين سبزي منڊي ڪوزي واٽر پارڪ ويجهو (ناڙا ٿر کان ٽي چار ڪوهه اولهه طرف جتي سندس مئخانو هو).
سوال: موکي جي قبر بابت اتان جا مقامي ماڻهون ڇا چون ٿا؟
جواب: ساقي جي مزار.
سوال: متارن جون قبرون ڪٿي آهن؟
جواب: نارا ٿر ٽڪريءَ جي اولهه واري ڇيڙي تي ڳوٺ گاجان بلوچ ويجهو (حوالو ڪتاب سنڌ جو شاهه ڇاپو 2000ع صفحه 306 تان ورتل).
سوال: عام روايتن مطابق موکيءَ وٽ اَٺ متارا ايندا هئا، هن وقت تائين انهن مان ڪهڙن متارن جي قبرن جا نشان مليا آهن؟
جواب: (1) حيدر حاجي (هالار). (2) اسحاق حاجي. (3) سمو اسماعيل. (4) قبر تي نالو نه آهي. (5) آدم. (6) يادگار اسماعيل حاجي. (7) قبر تي نالو نه آهي.