لطيفيات

شاھہ جا سورما، سورميون ۽ سورھيہ (لطيفيات بابت سوال جواب)

ھن ڪتاب ۾ شاھہ سائينءَ جي زندگيءَ ۽ سندس دور بابت معلومات، سسئي پنھون، سسئي پنهونءَ تي ٺھيل فلمن، سورٺ راءِ ڏياچ (ڪاٺياواڙي ۽ سنڌي قصو)، سھڻي ميھار، نوري ڄام تماچي، ليلا چنيسر، عمر مارئي، مومل راڻو، موکي متارا، مورڙو ميربحر، سورهيہ ۽ ڏاتار جي قصن بابت سوال ۽ جواب ڏنل آھن.

Title Cover of book شاھہ جا سورما، سورميون ۽ سورھيہ (لطيفيات بابت سوال جواب)

مورڙو ميربحر

سوال: شاهه سائينءَ مورڙي مير بحر جو قصو ڪهڙي سر ۾ بيان ڪيو آهي؟
جواب: سر گهاتوءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙا مردَ، اعلى آدرشي ڪردارن ۾ پيش ڪيا آهن؟
جواب: لاکو ڦلاڻي، ٻيجل، راءِ ڏياچ ۽ مورڙي کي.
سوال: مورڙي جا وڏا ڪڇ جي ڪهڙي شهر ۾ رهندا هئا؟
جواب: شهر گنڊا سنگهه ۾ (ان کان پوءِ شهر نرئي ۾ لڏو لاٿائون).
سوال: مورڙي جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: اوباهيو.
سوال: مورڙي جي ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ڏاڏو ٻاراچ ۽ ڏاڏيءَ جو نالو سون.
سوال: مورڙي مير بحر جي اصل ذات ڪهڙي هئي؟
جواب: بهليم.
سوال: مورڙي مير بحر جي ڀائرن ۽ ڀينرن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: مور ۽ سيرئين هڪ ماءُ مان ۽ ٻيءَ ماءُ مان ڇهه ڀائر. حوالو، ڪتاب. لوڪ داستان سر گھاتو.
(1) پنيهر. (2) اڱاريو. (3) مانجهاندو. (4) لَلوُ. (5) سانئر. (6) هنجهه هڪ ڀينر سيرهين عرف سيرئين. ٻي جمڙي.
ٻِي روايت ۾ (1) پڙهيار يا پنهور. (2) اڱارو. (3) منارو. (4) اسماعيل. (5) مانجهاندو. (6) لاڏڪو.
سوال: مورڙي جي خاندان نرئي شهر مان لڏو کڻي سنڌ جي ڪهڙي جبل تي رهائش اختيار ڪئي هئي؟
جواب: حب نديءَ جي اوڀر ۾ سوناري جبل وٽ مهندان مياڻي ۾.
سوال: مورڙي واري دور ۾ ڪلان ڪوٽ (هاڻي ان کي ميٺا در ۽ کارا در سڏجي ٿو) تي ڪهڙي راجا جي حڪومت هئي؟
جواب: راجا ڦلوند.
سوال: ”ڪلاچيءَ جو ڪن“ ۽ گهاتوءَ جو موضوع ڪهڙي عيسوي سن ۾ شروع ٿيو؟
جواب: پندرهين صديءَ ۾.
سوال: ڪراچي کان سٺ ميل پري اوباهئي ۽ سندس پٽن ڪهڙو ڳوٺ ٻَڌو هو؟
جواب: ڳوٺ سونمياڻي.


سوال: ڪراچيءَ تي نالو ڪراچي ڪيئن پيو يا اهو ڳوٺ ڪنهن ٻڌرايو هو؟
جواب: مائي ڪولاچي عرف ڪلاچي مهاڻيءَ. ٻيو حوالو ڪتاب سرگهاتو جي صفحه 44 تي ”ڪلاچي دودائي بلوچن مان هڪ مائي هئي، ان هي ڳوٺ ٻَڌايو هو.
سوال: راجا دلوراءِ سونمياڻيءَ مان ملندڙ ڪيترا لک محصول اوباهئي کي معاف ڪيا هئا؟
جواب: هڪ لک روپيا.
سوال: ڪلاچيءَ جوڪن ڪٿي هو جنهن ۾ خطرناڪ مانگر مڇ رهندو هو؟
جواب: هاڻوڪي منهوڙي ۽ ڪلفٽن جي وچ واري حصي ۾. ٻي روايت ڪن جو ماڳ لياري نديءَ وٽ بابا ڀٽ ٻيٽن ۾ هاڪس بي واري پاسي اونهي سمنڊ ۾.
سوال: مورڙي پنهنجا ڀائر مانگر مڇ جي پيٽ مان ڪڍڻ لاءِ لوهي ڪلن وارو پڃرو ڪهڙي لوهر کان ٺهرايو هو؟
جواب: ٻُڍل لوهر کان.
سوال: مورڙي مانگر مڇ جي منهن ۾ جيڪا ڪل (مشين) وڌي هئي ان جي ڊزائننگ ڪنهن ڪئي هئي؟
جواب: مورڙي پاڻ.
سوال: مانگر مڇ کي سمنڊ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ مورڙي ڪيترا جانور جوٽيا هئا؟
جواب: 500 گهوڙيون ۽ 500 سانَ ۽ ڍَڳا ۽ ڍڳيون (حوالو لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا).
(ٻي روايت 500 سانَهه، 900 گهوڙا ۽ 100 پاڏا).
سوال: مورڙي ۽ ٻين ملاحن جيڪو خطرناڪ مانگر مڇ ماريو هو ان جو وات ڪيترا گز وڏو هو؟
جواب: سورهن گز (16) .
سوال: ڀٽائي گهوٽ مورڙي ۽ سندس ڀائرن جون قبرون ڏٺيون ته کيس شيخ عبدالجليل جو ڪهڙو بيت ياد آيو هو؟
جواب: جو گهڙي سونيئي، ڪوجو قهر ڪلاچ ۾،
خبر ڪونه ڏيئي، ته رڇ ڪڄاڙيان رنڊيا.
سوال: ڀٽ ڌڻيءَ مورڙي ۽ سندس ڀائرن جي ساراهه ۾ ڪهڙو سر چيو آهي؟
جواب: سر گهاتو.
سوال: لاڙ علائقي وارا ميربحر کي ڪهڙي نالي سان پڪاريندا هئا؟
جواب: گھاتو، گھاتوئڙا.
سوال: شاهه سائينءَ جي سورمي مورڙي جو اولاد اڄ ڪلهه ڪٿي آباد آهي؟
جواب: ڪراچي ۾ ڳوٺ شمس، ڳوٺ بابا ڀٽ ۽ ڳوٺ ابراهيم حيدري.
سوال: شاهه سائينءَ مهاڻن ۽ مير بحرن کي پنهنجي شاعري ۾ ڪهڙو لقب ڏنو آهي؟
جواب: مير.
سوال: مورڙي مير بحر جي ڀائرن جون قبرون ڪٿي آهن؟
جواب: وزير مينشن ريلوي اسٽيشن جي ويجهو هڪ چوراهي ۾ ڇهن ئي ڀائرن جون قبرون آهن جن کي هاڻي گل باءِ (گل ڀائي) يا سڀ ڀائر چيو وڃي ٿو ۽ ٿورو اڳتي ٽڪريءَ تي مورڙي جي قبر آهي.
سوال: ڪلاچيءَ جي ڪپ تان ڪهڙي سال انگريز مانگرمڇ لنڊن کڻائي ويا؟
جواب: 1899ع يا 1936ع ۾. (حوالو. ڪتاب. ابيات ڀاڳو فقير ڀان. ڇاپو 1999ع. ص. 51 .).