مختلف موضوع

سنڌي ادبي سنگت ضلعو دادو هڪ تاريخ

هن ڪتاب ۾ سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۽ تعارف،  دادو ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي ادبي سنگت جي سڀني فعال ۽ غير فعال شاخن جو تعارف، تاريخ ۽ أحوال، ميمبرن،  عھديدار اديبن ۽ شاعرن جو مختصر تعارف  پڻ ڏنل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رجب آزاد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادبي سنگت  ضلعو دادو هڪ تاريخ

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو وجود ۾ اچڻ

سنڌي ادبي سنگت جي قيام کان اڳ سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ادبي بزمون ۽ انجمنون فعال هيون جيڪي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ سرگردان هيون. ان وقت ترقي پسند ليکڪن جي هڪ جماعت جو پڻ پتو پوي ٿو جيڪا سنڌ جي ترقي پسند ۽ روشن خيال اديبن ٺاهي هئي. ممڪن آهي ته انهن اهو به سوچيو هجي ته اهڙي ڪا تنظيم ٺاهجي جيڪا سنڌ ۾ جديد ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. انهن اديبن پنهنجي خواب کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ خط و ڪتابت ذريعي به هڪ ٻئي سان رابطا ضرور ڪيا هوندا جنهن جو مثال هي خط به آهي.
ناميارو ليکڪ ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجي ڪتاب “سنڌي ادبي سنگت هڪ تحريڪ” جي صفحي نمبر 90 تي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو جي خط جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو موصوف 1945ع تي مهراڻ رسالي ڏانهن لکيل هو. جنهن ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو صاحب سنڌي اديبن کي گڏ ڪرڻ لاءِ گذارش ڪري ٿو. لکي ٿو ته: “اچو يارو، هندو مسلم ڀائرو ته هڪ ٻئي سان ملي مهراڻ جي وسيلي اهڙي ادبي سنگت، ادبي ياري يا جمعيت ٺاهيون جنهن کي ملڪ جي ادبي اُنتيءَ جو اونو هجي.” ممڪن آهي ته سنڌي ادبي سنگت جي قيام لاءِ اهو خط به ڪارائتو ثابت ٿيو هجي.
تاريخي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت مرڪز جو قيام 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان ٿورو اڳ ٿيو. جنهن لاءِ اسان جي ترقي پسند، سڄاڻ ۽ روشن خيال اديبن ڪجهه وقت کان ڪوششون پئي ڪيون. جن ۾ اڪثريت ڀائيبند اديبن جي هئي. تن وقتاً فوقتاً گڏجاڻيون ڪري هن وڏي ڪم کي پايئه تڪميل تي پهچايو. ان وقت جي ماهوار مئگزين “نئين دنيا” آگسٽ 1947ع جي پرچي ۾ ان قسم جي خبر شايع ٿيل آهي جنهن جو عڪس ڊاڪٽر ادل سومري صاحب پنهنجي ڪتاب “سنڌي ادبي سنگت هڪ تحريڪ” جي صفحي نمبر 95 تي ڏنو آهي. خبر ۾ لکيل آهي ته: “گذريل آرتوار تي ڪراچيءَ جي سنڌي ليکڪن جو ميڙ “بايرس اينڊ شپرس” چيمبر ۾ پروفيسر منگھا رام ملڪاڻي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جتي پروفيسر ايم ـ يو ملڪاڻي، لال چند امرڏ نومل، آسانند مامتورا، چوهڙمل هندوجا، منوهرداس ڪوڙومل، تيرٿ سڀاڻي، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالهي، بهاري ڇاٻڙيا، آنند گولاڻي، ڪيرت ٻاڀاڻي، موهن پنجابي، ڀڳوان لالواڻي ۽ ٻيا ڪيترا جهونا خواه نوان سنڌي ليکڪ حاضر هئا. ان موقعي تي جناب گوبند مالهيءَ ترقي پسند ادب جي باري ۾ پنهنجا ويچار ونڊيا، جنهن کان پوءِ منوهرداس ڪوڙي مل، آسانند مامتورا ۽ پروفيسر ملڪاڻيءَ به پنهنجا رايا پيش ڪيا آخر ۾ ليکڪن کي جماعت بندي ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ “سنڌي ادبي سنگت” جي نالي سان هڪ جماعت برپا ڪئي وئي. جيسين سنگت جون چونڊون ٿين ڪاروبار هلائڻ ۽ جوڙ جڪ ٺاهڻ لاءِ پنجن ڄڻن پروفيسر منگھا رام ملڪاڻي، آسانند مامتورا، چوهڙ مل هندوجا، بهاري لال ڇاٻڙيا ۽ گوبند مالهي (ڪنوينر) جي عارضي ڪاميٽي ٺاهي وئي. هي جماعت سڄي سنڌ جي ليکڪن کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي اميد آهي ته ٻين شهرن ۾ به اهڙي قسم جون جماعتون جلد قائم ٿينديون. شڪارپور مان شيخ اياز جو احوال آيل آهي ته هو اپر سنڌ ۾ ترقي پسند ليکڪن جي جماعت بندي ڪري رهيو آهي. هو پنهنجي ڪوششن ۾ گھڻي حد تائين ڪامياب ٿيو آهي سربستو احوال آئنده اشاعت ۾ ڏنو ويندو.”
اهڙيءَ طرح آگسٽ 1947ع ۾ چونڊون ڪرايون ويون جن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي پهرين باڊي تشڪيل ڏني وئي. جنهن ۾ صدر ماستر آسانند مامتورا، نائب صدر پروفيسر منگھارام ملڪاڻي، جنرل سيڪريٽري گوبند مالهي، جوائنٽ سيڪريٽري شيخ اياز ۽ بهاري لال ڇاٻڙيا چونڊيا ويا. ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي لال چند امر ڏنومل جڳتياڻي، سوڀو گيانچنداڻي، شيخ عبدالرزاق راز چونڊيا ويا. هتي اها ڳالهه واضح ڪجي ٿي ته 03 آگسٽ 1947ع جي نئين دنيا جي عڪس ۾ وائيس پريزيڊنٽ شيخ اياز جو نالو ڏنل آهي ۽ ليبريرين لاءِ ايسر ڪلياڻي شامل ڪيل آهي. اهڙي طرح مينيجنگ ڪاميٽيءَ ۾ احسان بدوي، ديو سڀاڻي، موهن پنجابي، ڪيرت ٻاٻاڻي، چوهڙ مل هندوجا ۽ پروفيسر ايم ـ يو ملڪاڻيءَ جا نالا به ڏنل آهن. پر ڊاڪٽر ادل سومري ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ هيٺين باڊي واضح نموني ڏنل آهي.

آسانند مامتورا: صدر
پروفيسر منگھارام ملڪاڻي: نائب صدر
گوبند مالهي: جنرل سيڪريٽري
شيخ اياز ۽ بهاري لال ڇاٻڙيا: جوائنٽ سيڪريٽري

ڪاروباري ڪاميٽي
لال چند امر ڏنومل جڳتياڻي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ شيخ عبدالرزاق راز جن جا نالا شامل آهن.
وري ساڳئي رسالي نئين دنيا ۾ مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جو ميڙ 13 تاريخ تي ديو سڀاڻيءَ وٽ ڪيو ويو. جتي ادبي سنگت جي سرگرمين جو پروگرام ٺاهيو ويو . جنهن جا مکيه اسم هيٺيان آهن.
1. هر هفتي ادبي ڪلاس ڪيو وڃي جتي سنڌي ليکڪن جا مضمون، ليکڪ يا آکاڻيون پڙهيون وڃن ۽ انهن تي تنقيد ڪئي وڃي جيئن صحيح تنقيد جو مادو سنڌي اديبن ۾ پيدا ٿئي.
2. هڪ مڪمل لئبريري ٺاهي وڃي ته جيئن ميمبرن کي نڪرندڙ ادب جو پتو پوي.
3. وقت به وقت ايڪسسڪرشن ڪري ميمبرن ۾ ميل ميلاپ وڌائڻ گھرجي.
4. تُــزُ اکر ڳولڻ لاءِ اکر چونڊ ٻاري ٺاهي وڃي جنهن جو ڪم سڀاڻيءَ کي سپرد ڪيو ويو.
وري هڪ ٻئي خبر ادبي ڪلاس جي به ساڳئي هنڌ تي ڏنل آهي. جيڪا 20 تاريخ تي ٿي آهي. خبر جو عنوان “ادبي ڪلاس” واضع نموني لکيل آهي. لکيل آهي ته “سنڌي ادبي سنگت جو پهريون ڪلاس هندستاني ساهتيه آستان جي آفيس ۾ 20 تاريخ شري آسانند مامتورا جي صدارت هيٺ ٿيو شيخ اياز جو مضمون غلطي يا غلطفهمي (جيڪو ايندڙ مهيني جي نئين دنيا ۾ شايع ٿيندو)”.
اهڙيءَ طرح سڄي سنڌ ۾ تنظيم سازيءَ لاءِ سڄاڻ ۽ روشن خيال اديبن سان رابطا ڪيا ويا. اسان جا ڪي ليکڪ سنگت جي وجود ۾ اچڻ جو سال 1952ع ته ڪي وري 1956ع پڻ چون ٿا. پر سواءِ هڪ ٻن جي ٻيا سڀ اديب 1947ع تي متفق آهن، ڇو ته ڊاڪٽر ادل سومري جي ڪيل گوبند مالهيءَ سان خط و ڪتابت ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ ٻين جا انٽرويو ۽ لکتون 1947ع جو سال ظاهر ڪن ٿيون. شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، تاج بلوچ جي لکتن ۾ به سنگت جي قائم ٿيڻ جو سال 1947ع آهي. ايترو ضرور آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ لڏ پلاڻ شروع ٿي جنهن ڪري اسان جا هندو اديب هندوستان لڏي ويا جنهن ڪري ڪجھه ڪم ۾ ٿـڌائي ضرور ٿي جيڪا اڳتي هلي تحرڪ ۾ آئي ۽ 1952ع ۾ محترم نور الدين سرڪي ۽ عبدالغفور انصاريءَ جي دلچسپيءَ سان ادبي سنگت نئين سر ترتيب ۾ آئي ۽ پوءِ سڄي سنڌ ۾ شاخن کلڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ ڪيترائي ناميارا شاعر ۽ اديب بزمن ۽ انجمنن کي ڇڏي سنڌي ادبي سنگت ۾ شامل ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ادبي سنگت جون شاخون قائم ڪرڻ لڳا ۽ ڪن وري پنهنجن بزمن جا نالا مٽائي سنڌي ادبي سنگت رکيا.
11 آڪٽوبر 1952ع تي ڪراچيءَ ۾ ادبي سنگت جي گڏجاڻي نور محمد دائود پوٽي جي صدارت ۾ ٿي. جنهن ۾ محترم احسان بدوي سنگت جي جوڙ جڪ پڙهي منظور ڪرائي جنهن کان پوءِ چونڊن جو مرحلو آيو، جنهن ۾ گڏيل راءِ سان هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
احسان بدوي سيڪريٽري
عبدالغفور انصاري جوائنٽ سيڪريٽري
فتح محمد سنديلو خزانچي
ڪاروباري ڪاميٽي تي هادي بخش لاڙڪ، غلام النبي ڏوگر، شمشاد جوڻيجو ۽ نجم عباسي کنيا ويا.
اها ڳالهه چٽي آهي ته 1952ع واري چونڊيل باڊي ادبي سنگت مرڪز جي آهي. مطلب ته سنڌي ادبي سنگت جو وجود هڪ روشن لاٽ مثل هو جنهن جي روشني سڄي سنڌ ۾ پکڙجڻ لڳي هئي پوءِ ڪڏهن گھٽ ته ڪڏهن وڌيڪ.
1952ع دوران سنڌ جي ترقي پسند اديبن پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ادبي سنگت جون شاخون جيڪي قائم ڪيون تن جي باري ۾ به اهڙو ڪو رڪارڊ نه ٿو ملي سگھي ته اهي ڪيترو فعال هيون. البته ڪن ضلعن ۾ سنگت جي سرگرمين جو پتو پوي ٿو.
سنڌي ادبي سنگت جي باقاعدي تنظيم سازي 1956ع کان ملي ٿي. جنهن جو رڪارڊ به موجود آهي. ان حوالي سان ادبي سنگت سنڌ هڪ سرگرم جماعت طور 1956ع کان ئي پنهنجو سفر شروع ڪيو.
17 آڪٽوبر 1956ع تي سنڌ مدرسي ۾ ع ـ ق شيخ جي صدارت ۾ سنگت جي جوڙ جڪ ۽ ٻين معاملن بعد ساليانيون چونڊون ڪيون ويون جنهن ۾ اياز قادري (سيڪريٽري جنرل)، شمشير الحيدري (جوائنٽ سيڪريٽري)، موتي رام رامواڻي (خزانچي) ۽ ع ـ ق شيخ (آڊيٽر) چونڊيا ويا. هن ڪنوينشن ۾ سڄي سنڌ جي 11 ضلعن مان 33 عيوضين شرڪت ڪئي. اهڙيءَ طرح سنگت جو هي قافلو اڳتي وڌڻ لڳو.
ڪجھه وقت کان پوءِ اياز قادري صاحب استعيفا ڏني جنهن کان پوءِ قائم مقام سيڪريٽري محترم شمشير الحيدري 1966ع تائين رهيو. ان وچ ۾ سنگت جي گھڻ گھرن سان گڏجي 02 جون 1965ع تي “سوسائٽيز رجسٽريشن ايڪٽ 1860 XXI” تحت جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز حيدرآباد ۾ رجسٽريشن نمبر 727 تحت سنڌي ادبي سنگت سنڌ کي رجسٽرڊ ڪرايو ويو.
سنڌي ابي سنگت نه صرف ادب ۽ ٻولي لاءِ پئي جاکوڙيو آهي پر هن سنڌ جي وحدت ۽ بقا لاءِ هر دور ۾ پنهنجو مزاحمتي ڪردار ادا پڻ ڪيو آهي. تاريخ شاهد آهي ته ون يونٽ خلاف تحريڪ کان ويندي هر سنڌ مخالف سرگرميءَ خلاف سنڌي ادبي سنگت عملي طور اڪيلي سر نه صرف پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي پر سنڌ ۽ سنڌي قوم جي فائدي لاءِ هلندڙ تحريڪن سان سهڪاري پڻ رهي آهي.