مختلف موضوع

سنڌي ادبي سنگت ضلعو دادو هڪ تاريخ

هن ڪتاب ۾ سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۽ تعارف،  دادو ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي ادبي سنگت جي سڀني فعال ۽ غير فعال شاخن جو تعارف، تاريخ ۽ أحوال، ميمبرن،  عھديدار اديبن ۽ شاعرن جو مختصر تعارف  پڻ ڏنل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 53
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رجب آزاد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادبي سنگت  ضلعو دادو هڪ تاريخ

سنڌي ادبي سنگت شاخ راڌڻ ۽ ان جا ميمبر

سنڌي ادبي سنگت شاخ راڌڻ جو بنياد 1990ع ۾ سبحان سوز جتوئي، معصوم بخاري جي ڪوششن سان پيو، بعد ۾ عاجز سرگاڻي، اسير جسڪاڻي، بسمل راڌڻائي، مجاهد راڌڻائي، خاور قبولائي، ۽ ٻيا به ساٿ ۾ گڏجي پيا. الحاق کان اڳ مجاهد راڌڻائيءَ کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. جنهن پهرين چونڊ ڪرائي. اسير جسڪاڻي هن شاخ جو پهريون سيڪريٽري بڻيو. پوءِ اڪبر بروهي، حاذق حڪيم، نور احمد گلال، علي مراد تبسم ۽ ٻيا پڻ سنگت سٿ ۾ شامل ٿي ويا. هن وقت تائين سنگت شاخ راڌڻ ۾ علي مراد تبسم، حاذق حڪيم، مانجھي زرداري، گوهر گل ڳورڙ، بيدل بروهي، عاجز سرگاڻي، مجاهد راڌڻائي، راجه نواب سولنگي، بشير ڀنڊ، سبحان سوز جتوئي، خاور قبولائي، مهراڻ شاهه، عظيم سومرو ۽ ٻيا عهديدار رهي چڪا آهن.

چونڊون
28جنوري 2018ع تي ضلعي رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيءَ ۾ سال 2018ع لاءِ متفق طور هيٺين باڊي چونڊي وئي.
معصوم بخاري سيڪريٽري، راجا نواب سولنگي جوائنٽ سيڪريٽري، سيد مهراڻ شاهه خزانچي، ممتاز سومرو آڊيٽر ۽ بشير ڀنڊ ڪائونسلر.
24 فيبروري 2019ع تي ضلعي رابطا سيڪريٽري رجب آزاد جي نگرانيءَ ۾ سال2019ع لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
معصوم بخاري سيڪريٽري، بشير ڀنڊ جوائنٽ سيڪريٽري، ممتاز سومرو خزانچي، راجا نواب سولنگي آڊيٽر ۽ الطاف جانوري ڪائونسلر چونڊيا ويا. هي باڊي سال 2020ع تائين يعني ٻه سال هلي.
سال 2021ع لاءِ چونڊ اجلاس ضلعي رابطا سيڪريٽري محترم عبدمگسيءَ جي نگرانيءَ هيٺ تاريخ 24 جنوري 2021ع تي عمل ۾ آيو، جنهن ۾ متفق طور هيٺين باڊي چونڊي وئي.
معصوم بخاري سيڪريٽري، ارشاد آڪاش جوائنٽ سيڪريٽري، راجا نواب سولنگي خزانچي، الطاف جانوري آڊيٽر ۽ بشير ڀنڊ ڪائونسلر.

سبحان سوز جتوئي
سبحان علي ولد جعفر خان جتوئي المعروف “سبحان سوز جتوئي” 16 مئي 1972ع تي ڳوٺ ٺوڙها لڳ نوان جتوئي ضلع نوشهرو فيروز ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ پوليس کاتي ۾ ملازم آهي. 1986ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس طور آهي. سنڌي ادبي سنگت راڌڻ شاخ جي بنياد وجھڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. هو ڪائونسلر ۽ ننڍن عهدن تي به رهيو. اڄڪلهه سنڌي ادبي سنگت نوان جتوئي جو ميمبر ۽ ڇهن سالن کان سيڪريٽري آهي. سال 2020ع ۾ مرڪزي اليڪشن ۾ ضلعي رابطا سيڪريٽري نوشهروفيروز چونڊجي آيو آهي.

معصوم بخاري
سيد غلام حيدر شاه ولد سيد محسن شاهه تخلص “معصوم بخاري” 13 اپريل 1968ع تي ڳوٺ مرزو جانوري لڳ راڌڻ اسٽيشن ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي ادب ۽ بي ايڊ آهي. پيشي جي حوالي سان هاير سيڪنڊري اسڪول راڌڻ ۾ H.S.T جي عهدي تي فائز آهي. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ مضمون نگار آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ راڌڻ جو ڪيترا ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. ادبي دنيا ۾ 1990ع ۾ آيو ۽ هر اخبار ۽ رسالي ۾ سندس شاعري ڇپجي چڪي آهي. سندس نثر جو هڪ ڪتاب “مٽيءَ جا شاهڪار” سال 2018ع ۾ شايع ٿيل آهي. معصوم بخاري سال 2019ع ۾ به سيڪريٽري رهيو.

اسير جسڪاڻي
عبدالنبي ولد مولوي حزب الله جسڪاڻي تخلص “اسير جسڪاڻي” ڳوٺ صوبدار سرگاڻي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پهرين اپريل 1959ع تي ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي، بي ايڊ آهي ۽ استادي پيشي سان منسلڪ هو ۽ هاڻي رٽاير آهي. لکڻ جي شروعات 1978ع کان شاعر جي حيثيت سان ڪيائين. سال 1990ع ۾ جڏهن سنگت راڌڻ شاخ جو بنياد پيو ته هو پهريون سيڪريٽري بڻيو. اڄڪلهه سندس رهائش لاڙڪاڻي ۾ آهي ۽ ڪنهن به شاخ ۾ سندس ميمبر شپ نه آهي.

عاجز سرگاڻي
عبدالرسول ولد عبدالمالڪ سرگاڻي ادبي نالو “عاجز سرگاڻي” ڳوٺ صوبدار سرگاڻي تعلقو باڊهه ضلعي لاڙڪاڻي 15 اپريل 1961ع ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس ۽ درس نظامي عالم آهي ۽ استادي پيشي سان وابسته رهيو ۽ 2007ع ۾ رٽايرمينٽ ورتائين. لکڻ جي شروعات 1976ع کان ڪيائين ۽ سنڌ جي ناليوارن شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. 1991ع کان سنڌي ادبي سنگت راڌڻ جو بنيادي ميمبر آهي، ۽ پاڻ سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر پڻ رهي چڪو آهي. ۽ اڄڪلهه سنگت کان ٿورو پاسيرو آهي. سندس ڪتاب “آزاديءَ جا ڳاڙها جھنڊا” 2011ع ۽ “دل خدا هڪڙي ڏني” ڇپيل آهن.

الطاف جانوري
الطاف حيسن ولد عنايت علي جانوري قلمي نالو “الطاف جانوري” 04 سيپٽمبر 1976ع تي ڳوٺ غلام جانوريءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ميٽرڪ ۽ ڌنڌو مزدوري اٿس. 2001ع کان شاعر جي حيثيت ۾ لکڻ شروع ڪيائين ۽ سال 2005ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. سنگت شاخ راڌڻ جو ميمبر ۽ عهديدار پڻ رهيو آهي. سال 2019ع ۾ ڪائونسلر رهيو.

گوهر گل ڳورڙ
گوهر علي ولد ڊاڪٽر نياز علي ڳورڙ تخلص “گوهر گل ڳورڙ” ڳوٺ وليو کوسو تعلقه ميهڙ ۾ 12 ڊسمبر 1962ع ۾ پيدا ٿيو. تعليم B.A پاس هيس. پيشو زمينداري هو. 1992ع کان ادبي کيتر ۾ پير پاتائين. سندس سڃاڻپ شاعر جي حيثيت سان هئي. گوهر گل پهريائين سنگت راڌڻ شاخ جو ميمبر هو ۽ سيڪريٽري به رهيو. ان بعد شاخ ٿرڙي محبت ۾ ميمبر ٿيو. سندس وفات پهرين جنوري 2018ع ۾ ٿي. وفات بعد سندس شاعريءَ جو ڪتاب “منهن موڙي ڇڏيئي” جنسار پبليڪيشن طرفان مئي 2018ع ۾ ڇپجي آيو.

بشير ڀنڊ
بشير احمد ولد محرم علي ڀنڊ ادبي نالو “بشير ڀنڊ” پهرين جنوري 1980ع ۾ ڳوٺ مير محمد ڀنڊ تعلقي ميهڙ ۾ ڄائو. شاعر جي حيثيت سان سال 2000ع کان سنگت شاخ راڌڻ جو ميمبر آهي. سندس شعرو سخن مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندو رهندو آهي. سندس هڪ ڪتاب “ڏونگر هڪ ڏاڪڙو” سال 2021ع ۾ ڇپجي آيو آهي. بشير ڀنڊ جي تعليم ميٽرڪ آهي ۽ کيتي ٻاڙي ڪري گذر بسر ڪري ٿو. هو سنگت شاخ راڌڻ ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي به رهي چڪو آهي ۽ سال 2018ع ۾ ڪائونسلر ۽ وري سال 2021ع ۾ به ڪائونسلر جي عهدي تي آهي.

مانجھي زرداري
معشوق علي ولد ڪريم بخش تخلص “مانجھي زرداري” ڳوٺ ڄام خان زرداريءَ ۾ 15 اپريل 1962ع ۾ ڄائو. تعليم پرائمري پاس آهي ۽ پيشي جي حوالي سان کيتي ٻاڙي ڪندو آهي. مانجھي زرداري سنڌي ادبي سنگت راڌڻ جو پراڻو ميمبر آهي ۽ سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب “جوڀن رت جون سوکڙيون” رم جھم پبليڪيشن دادو طرفان 1999ع ۾ ڇپيو ۽ سال 2017ع ۾ “بي رخي ٽانڊا ڏنا” ڇپيو آهي.

امير الطاف
الطاف حسين ولد امير بخش سميجو قلمي نالو “امير الطاف” 10 آگسٽ 1973ع تي راڌڻ وليج ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي اردو ادب آهي. خانگي ملازم آهي. 1990ع کان ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ لکڻ شروع ڪيائين. 1996ع ۾ ادبي سنگت راڌڻ جو ميمبر ٿيو ۽ اڄ تائين سنگت سان ناتو نڀائيندو پيو اچي. هو هيٺين عهدن تي ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ رهي چڪو آهي.

اختر عادل رند
اختر حسين ولد علي انور تخلص “اختر عادل رند” 07 فيبروري 1975ع تي راڌڻ اسٽيشن شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ـ اي پاس آهي ۽ پرائمري استاد آهي. 1993ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. پاڻ شاعر ۽ نثر نويس آهي ادبي سنگت راڌڻ جو پراڻو ميمبر آهي ۽ خزانچي جي عهدي تي پڻ رهيو آهي.

مجاهد راڌڻائي
محمد احسان ولد حاجي محمد عرس سميجو ادبي نالو “مجاهد راڌڻائي” 07 آگسٽ 1956ع تي راڌڻ وليج ۾پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي ادب آهي ۽ سال 2017ع ۾ سيڪنڊري استاد طور خدمتون سرانجام ڏئي رٽاير ڪيائين. 1977ع کان شاعري ۽ نثر لکڻ جي ابتدا ڪيائين. جنهن وقت راڌڻ شاخ کلي تڏهن کان ميمبر آهي ۽ الحاق حاصل ٿيڻ کان اڳ سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. اڄڪلهه سنگت ۾ غير فعال آهي.

حاذق حڪيم سولنگي
عبدالحڪيم ولد مغل خان سولنگي تخلص “حاذق حڪيم” 15 مئي 1969ع تي راڌڻ اسٽيشن ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم B.A آهي ۽ جوڊيشري ۾ ڪلارڪ آهي. 1992ع کان ادبي کيتر ۾ شاعر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سنڌي ادبي سنگت راڌڻ جو سيڪريٽري، ڪائونسلر ۽ ٻين عهدن تي پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون اٿائين.

راجه نواب سولنگي
نواب علي ولد محمد ابراهيم سولنگي المعروف “راجه نواب سولنگي” 1961ع ۾ باڊهه شهر ضلع لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. باڊهه ۾ پنج ڪلاس پرائمري جا پاس ڪيائين. سندس وڏا راڌڻ ۾ لڏي آيا وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگھيو ۽ محنت مزدوري ڪرڻ لڳو. راجه نواب جي ادبي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ـ ڊرامه ليکڪ آهي. فن اداڪاري سندس اهم مشغلو آهي ڪيترن ئي T.V ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي اٿائين ۽ ٽيلي فلمن جي هدايتڪاري پڻ ڏني اٿائين. سال 2003ع کان حاذق حڪيم سولنگي کيس سنگت راڌڻ ۾ ميمبر ڪيو. سال 2016ع ۾ ڪائونسلر پڻ رهيو. اهڙي طرح هو ٻين عهدن تي به رهي چڪو آهي ۽ نهايت ئي سرگرم ڪارڪن آهي.

وفا زرداري
ولي محمد ولد انور علي زرداري تخلص “وفا زرداري” 27 مارچ 1985ع تي ڳوٺ ڄام زرداريءَ ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي. ادبي کيتر ۾ 2000ع کان شاعر جي حيثيت سان پير پاتائين. وفا زرداري سنگت شاخ راڌڻ جو ميمبر آهي.

نظر سولنگي
نظر علي ولد علي اڪبر سولنگي قلمي نالو “نظر سولنگي” 15 مئي 1983ع ۾ شهر راڌڻ اسٽيشن ۾ ڄائو. سندس تعليم مڊل پاس آهي ۽ خانگي ڪاروبار اٿس. سال 2015ع کان نثر نويس جي حيثيت ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ ساڳئي ئي سال ادبي سنگت راڌڻ جو ميمبر ٿيو. نظر شاخ راڌڻ جو فعال ميمبر آهي.

مهراڻ شاهه
سيد مهراڻ شاهه ولد سيد غلام حيدر شاه بخاري 10 فيبروري 1992ع تي ڳوٺ غلام جانوريءَ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم اي، بي ايڊ آهي ۽ ذاتي ڪاروبار ڪري ٿو. مهراڻ شاه جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو آهي ۽ سال 2018ع ۾ خزانچي جي عهدي تي رهيو.

محبتي منظور
منظو علي ولد محمديوسف زرداري تخلص “محبتي منظور” 14 جولاءِ 1961ع تي ڳوٺ ڄام خان زرداري لڳ راڌڻ ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري پاس آهي ۽ ريلوي کاتي ۾ ملازم آهي. 1990ع کان شعر وشاعري ڪري ٿو. راڌڻ شاخ جو ميمبر آهي.

ممتاز سومرو
ممتازعلي ولد محمد قبول سومرو المعروف “ممتاز سومرو” 31 مئي 1961ع تي راڌڻ شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم اي آهي ۽ پاڻ لوڪل گورنمينٽ ۾ سرڪاري ملازم آهي. ادب دوست ۽ سماجي ورڪر هجڻ ڪري ادبي سنگت شاخ راڌڻ سان لاڳاپيل آهي ۽ مختلف عهدن تي رهندو آيو آهي.

علي گل ڪروڙ پتي
علي گل ولد مير محمد کوسو تخلص “ڪروڙ پتي” 08 مارچ 1977ع تي ڳوٺ کوندي تعلقه ميهڙ ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري ٽي درجا پاس آهي. ناظم منگي جي صحبت ۾ شاعر بڻيو ۽ 1990ع کان ادب ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هو اڳ سنڌي ادبي سنگت راڌڻ جو ميمبر هو. پر هاڻي غير سرگرم آهي.

ساگر قبولائي
نثار احمد ولد سڄڻ علي سرگاڻي (سڄڻ قبولائي ) پھرئين فيبروري 1969ع تي ڳوٺ سائين ڏنو جوڻيجو قبوليو ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي، ايم ايڊ آهي ۽ پاڻ هاءِ اسڪول ٽيچر آهي. لکڻ جي شروعات 1990ع کان شاعر جي حيثيت سان ڪيائين. سنڌي ادبي سنگت راڌڻ جو شروعات ۾ ڏهن سالن تائين سرگرم ميمبر رهيو. سال 2004ع کان لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو.

خاور قبولائي
محمد موسى ولد سڄڻ علي سرگاڻي تخلص “خاور قبولائي” سول اسپتال لاڙڪاڻو رڪاڊ مطابق ڳوٺ سائين ڏنو جوڻيجو قبوليو تعلقه ڏوڪري ۽ ضلع لاڙڪاڻو ۾ پهرين اپريل 1971ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي، بي ايڊ آهي ۽ پيشي جي لحاظ کان استاد آهي. لکڻ جي شروعات 1990ع کان ڪيائين ۽ راڌڻ ادبي سنگت شاخ جو ميمبر ٿيو. 1996ع ۾ سيڪريٽري ۽ 2002ع ۾ ڪائونسلر به رهيو، سندس ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس آهي. اڄڪلهه لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو ۽ ادبي سنگت لاڙڪاڻي ۾ هن سال جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي آهي.

بيدل بروهي
محرم علي ولد مولا بخش بروهي تخلص “بيدل بروهي” تاريخ 3 جنوري 1975ع تي راڌڻ شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي. ادب ۾ 1991ع ۾ پير پاتائين ۽ 1992ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ راڌڻ جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. بيدل سنگت شاخ راڌڻ جو ٽي ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. اڄڪلهه سنڌي ادبي سنگت شاخ ٿرڙي محبت جو ميمبر آهي. بيدل ڪراچيءَ ۾ هڪ خانگي ملازم جي حيثيت سان ڪم ڪري ٿو.

حيدر رضا
خليل احمد ولد محمد رمضان ميمڻ تخلص “حيدر رضا” 10 فيبروري 1981ع تي ڳوٺ سوڀو خان مگسيءَ ۾ ڄائو. سندس تعليم بي اي پاس آهي ۽ صحت کاتي ۾ ملازم آهي. سال 2003ع کان شاعر ۽ نثر نويس جي حيثيت ۾ لکڻ شروع ڪيائين. سال 2013ع کان سنگت شاخ راڌڻ جو ميمبر آهي.

علي لاکير
علي احمد ولد غلام مصطفى لاکير ادبي نالو “علي لاکير” پهرين اپريل 1964ع تي ڳوٺ ڪريم ڏنو لاکير ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ پاڻ پرائمري استاد آهي. 1981ع کان شاعر ۽ نثر نويس طور لکڻ جي ابتدا ڪيائين ۽ 1992ع کان ادبي سنگت شاخ راڌڻ سان منسلڪ آهي.

عظيم سومرو
محمد عظيم ولد دوست محمد سومرو 25 جنوري 1973ع تي راڌڻ اسٽيشن شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر آهي ۽ ڌوٻڪي ڌنڌي سان واڳيل آهي. سندس سڃاڻپ هڪ راڳيءَ واري آهي. سال 2016ع کان ادبي سنگت شاخ راڌڻ جو ميمبر آهي ۽ پابنديءَ سان پروگرامن ۾ حصو وٺندو آهي.

حبدار چنه
حبدار علي ولد رسول بخش چنه المعروف “حبدار چنه” 20 نومبر 1984ع تي راڌڻ وليج ۾ اک کولي. سندس تعليم بي ايس سي آهي. 2014ع کان لکڻ جي شروعات نثر نگار طور ڪيائين سال 2014ع ۾ ئي راڌڻ شاخ جو ميمبر ٿيو.

تيمور چانڊيو
تيمور علي ولد ڪوڙا خان چانڊيو تخلص “تيمور چانڊيو” 10 اپريل 1973ع ۾ ڳوٺ نيرهه شريف لڳ راڌڻ اسٽيشن ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر آهي. لکڻ جي شروعات 1998ع کان ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان ڪيائين ۽ سنڌي ادبي سنگت راڌڻ جو ميمبر ٿيو. تيمور چانڊيو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ آڊيٽر جي عهدي تي پڻ رهي چڪو آهي.

محمد علي سولنگي
محمد علي سولنگي ولد گلشير سولنگي 23 مارچ 1984ع تي سيتا روڊ ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ پاڻ فيلڊ اسسٽنٽ آهي. سال 2013ع کان شاعر طور لکڻ شروع ڪيائين ۽ سال 2014ع کان سنگت شاخ راڌڻ جو ميمبر آهي.

ڊاڪٽر عبدالغفار منگي
عبدالغفار ولد حاجي عبدالرشيد منگي ٿرڙي محبت شهر ۾ 12 ڊسمبر 1974ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي جنرل ازم ۽ بي ـ ايڇ ـ ايم ـ ايس ـ آر ـ ايم ـ پي آهي ۽ هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر آهي. 1986ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. پاڻ شاعر ۽ نثر نويس آهي. 1990ع ۾ راڌڻ شاخ جو ميمبر ٿيو. اڄڪلهه سرگرم نه آهي.

علي مراد تبسم
علي مراد ولد خدا بخش عباسي ادبي نالو “علي مراد تبسم” پهرين جولاءِ 1947ع تي ڳوٺ مانگڙو تعلقي ڏوڪري ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي اي هئي ۽ پاڻ وٽرنري اوورسيئر جي عهدي تان 2007ع ۾ رٽاير ٿيو. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي. سنگت شاخ راڌڻ جو سيڪريٽري به رهيو. علي مراد تبسم 27 جولاءِ 2008ع ۾ وفات ڪئي.

بسمل راڌڻائي
سندس اصل نالو لعل الدين هو ۽ “بسمل راڌڻائي” تخلص استعمال ڪندو هو. بهترين شاعر هو ۽ استادي پيشي سان سندس تعلق هو. رٽاير ٿيڻ کان ڪجھه سال پوءِ هو گذاري ويو. بسمل راڌڻائي سنگت راڌڻ شاخ جو سيڪريٽري به رهيو.

ارشاد آڪاش
ارشاد علي عرف دلدار ولد علي مراد تبسم عباسي پهرين جنوري 1980ع تي ڳوٺ مانگڙو تعلقو ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم اي سوشيالاجي ۽ ايل ايل بي آهي ۽ هڪ پرائيويٽ اسڪول هلائي ٿو. 2016ع کان شاعر جي حيثيت سان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ ادبي سنگت راڌڻ جو ميمبر ٿيو.

اسير اياز چنه
اياز حسين ولد محمد بخش چنه ادبي نالو “اسير اياز چنه” چوٿين مارچ 1975ع تي راڌڻ اسٽيشن شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ پاڻ سرڪاري ملازم آهي. 2004ع ۾ سنگت جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي. اڄڪلهه سنگت ۾ سرگرم نه آهي.

اڪبر بروهي
اڪبر بروهي سنڌي ادبي سنگت شاخ راڌڻ جو سرگرم ميمبر هو. راڌڻ شهر ۾ درزڪو ڪم ڪندو هو. پاڻ بهرين شاعر هو. اڪبر بروهي اڄڪلهه خضدار شهر ۾ رهي ٿو.

نور احمد گلال
نور احمد گلال سنڌي ادبي سنگت شاخ راڌڻ جو ميمبر هو. سندس سڃاڻپ شاعر طور هئي.