سنڌي ادبي سنگت شاخ دادوءَ جا ميمبر
شمشاد احمد ولد عصمت الله جوڻيجو 02 سيپٽمبر 1927ع ۾ پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم B.A LL.B هئي ۽ وڪالت جي شعبي سان منسلڪ هو. ڪيترين ئي سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن جو ميمبر رهيو. سال 1952ع ۾ سڀ کان پهريائين ڪراچي شاخ ۾ ميمبر ٿيو ۽ ان ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ به ميمبر رهيو. پاڻ افسانه نگار ۽ شاعر هو. عمر جي آخري حصي ۾ انجمن آفتاب ادب دادؤ جو صدر به رهيو. جوڻيجو صاحب شوڪت سنڌي سان صحبت هجڻ ڪري سندس ايام ڪاريءَ ۾ ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر ٿيو هو. هن ڪيترائي عام ڀلائيءَ جا ڪم پڻ ڪيا، سندس وفات 06 مارچ 2012ع تي ٿي. سندس مزار لال هندي قبرستان دادؤ ۾ آهي.
مخدوم احمد مجتى غالب ملڪاڻي
مخدوم احمد مجتى غالب ولد محمد ملڪاڻي 15 مئي 1920ع تي ڳوٺ ملڪاڻي شريف تعلقي دادؤ ۾ ڄاوا. پاڻ عربي ۽ فارسي جا عالم هئا. ادب جي شروعات 1940ع ڌاري ڪيائون. پاڻ شاعر، نثر نويس ٿي گذريا آهن. سنڌي ادبي سنگت جو بنياد 56-1955ع ۾ تاج صحرائي، علي احمد قريشي ۽ سائين شفيع محمد سولنگي ۽ ٻين دوستن سان گڏجي وڌائون. سندن ڪيترائي ادبي، مذهبي ۽ فلسفي تي ڪتاب شايع ٿيل آهن. جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
فتاوى ملکاني، يادگيريون، سانحه ڪربلا، ارمغان غالب، شهاب ثاقب، سخن عارفانه، برڪاتِ نقشبند، مادو مذهب ۽ خدا، مشهور مسلمان فلسفي.
سائين غالب صاحب 21 جنوري 2008ع ۾ وفات ڪئي.
علي احمد قريشي
سائين علي احمد قريشي ولد رحمت الله قريشي جنوري 1921ع تي بختيارپور ڳوٺ تعلقي سيوهڻ ۾ ڄاوا. پيشي جي لحاظ کان تمام مشهور وڪيل رهيا. لکڻ جي شروعات جي باري ۾ وثوق سان نٿو چئجي سگھجي سندن ادبي سڃاڻپ هڪ نثر نويس طور هئي. سندن ڪتاب جمنا ڪناري سفر نامو، انگريزيءَ ۾ G.M Sayyed ۽ يادگيريون شايع ٿيل آهن. پاڻ ادبي سنگت جي بنيادي ميمبرن مان هئا. قريشي صاحب 06 سيپٽمبر 2013ع ۾ وفات ڪئي. کين ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو.
سائين شفيع محمد سولنگي
سائين شفيع محمد سولنگي ولد غلام حسين سولنگي 7 آڪٽوبر 1920ع تي دادو شهر ۾ ڄاوا. پيشي جي حوالي سان استاد هئا. علمي ۽ ادبي خدمتن جي حوالي سان سندن وڏو نانءُ آهي. سائين شفيع محمد سولنگي نثر نويس، ڊرامه نويس، اداڪار، گلوڪار ۽ تاريخ نويس ٿي گذريا آهن. سنڌي ادبي سنگت دادؤ جي باني ميمبرن ۾ سندن نالو ڳڻجي ٿو. آخري دم تائين ادبي سنگت جي پروگرامن کي چار چنڊ لڳائڻ لاءِ ضرور ايندا هئا. سائين جن 92 سالن جي عمر ۾ 02 فيبروري 2011ع تي وفات ڪئي. کين لعل هندي قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو.
تاج صحرائي
سائين تاج محمد ولد نور محمد ميمڻ المعروف “تاج صحرائي” 11 سيپٽمبر 1921ع ۾ شڪارپور ۾ ڄاوا. ڪجھه عرصو سيوهڻ ۾ گذاريائين ۽ بعد ۾ لڏي اچي دادو شهر ۾ رهيا. 1940ع کان ادبي ميدان ۾ آيا. سندن سڃاڻپ شاعر محقق ۽ تاريخ نويس آهي. سندس ڪتاب “تصوير درد”، “سرسارنگ جو مطالعو”، “سنڌو تهذيب”، “ليڪ منڇر”، “پڻي لوڪ” ۽ “نيڻين ننڊ اکوڙ” ڇپيل آهن. سائين تاج صحرائيءَ جو تعلق درس و تدريس سان هو ۽ پاڻ طالب المولى هاءِ اسڪول دادؤ جا باني هيڊماستر رهيا. سندن وفات 28 آڪٽوبر 2002ع تي ٿي. تاج صاحب ادبي سنگت جا بنيادي ۽ باني ميمبر هئا.
ابوبڪر خان مگسي
ابوبڪر خان مگسي ولد مولوي عبدالرحيم مگسي ويٺل ڳوٺ گل محمد مگسي 1920ع تي ڪراچي شهر ۾ پيدا ٿيو جو سندس والد صاحب سنڌ مدرسي ۾ فقه جو استاد هو. سندس تعليم ۽ تربيت به ڪراچيءَ ۾ ٿي، جتي عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ بي اي، ايل ايل بي پڻ ڪيائين. هو ڪجھه وقت ڪراچي ۽ دادؤ جي مختلف اسڪولن ۾ استاد جي حيثيت سان به رهيو. ان بعد وڪالت ڪرڻ لڳو ۽ پراسيڪيوٽر به ٿيو. علم وادب سان بيحد لڳاءُ هيس هن ڪيترائي مضمون لکيا ۽ ترجمو به ڪيا.
ميان ابوبڪر مگسيءَ ڪجھه ڪتاب به لکيا ۽ ڪجھه ڪتاب ترجمو به ڪيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ “پاڪستان ڪي قومي زبان عربي” اردؤ ۾ 1970ع ۾، “ڪٽنب رياست ۽ ذاتي ملڪيت” ترجمو 1996ع ۾، ۽ “اسلامي فلسفو ۽ تصوف” 2001ع ۾ ڇپجي چڪا آهن. سندس ٻيا ٽي چار ڪتاب اڻ ڇپيل به هئا. جن ۾ “عربن جي جديد تاريخ” ۽ “اسلامي تهذيب ۽ تمدن” شامل آهن. ابوبڪر خان مگسي سنڌي ادبي سنگت دادؤ جي باني ميمبرن مان هو. شوڪت سنڌيءَ سان انسيت هجڻ ڪري ادبي سنگت ۾ سندس ساٿ ڏنائين. سائين ابوبڪر مگسيءَ چوٿين اپريل1981ع ۾ وفات ڪئي.
استاد بخاري
سائين سيد احمد شاھ ولد سيد حاجن شاھ بخاري 16 جنوري 1930ع ۾ ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ ڄاوا. پاڻ سنڌ جا ناليوارا شاعر ٿي گذريا آهن. پيشي جي حوالي سان پهريائين استاد ۽ پوءِ پروفيسر جي عهدي تان رٽايرمينٽ ورتائون. استاد بخاري جن لکڻ جي شروعات 1942ع کان ڪئي. سندن شاعريءَ ۾ 40 جي لڳ ڀڳ ڪتاب ڇپيل آهن.
استاد بخاري ادبي سنگت دادؤ جا تاحيات ميمبر رهيا ۽ پاڻ ڪائونسلر ۽ ڪاروباري ڪاميٽي جي عهدن تي پڻ رهيا. بخاري صاحب 19 آڪٽوبر 1992ع تي وفات ڪئي سندس تربت واڌن شاهه قبرستان دادؤ ۾ آهي.
نواز رڪڻائي
محترم الهنواز ولد محمد عرس ڪوريجو ملاح المعروف “نواز رڪڻائي” 10 مئي 1930ع تي پراڻو رڪڻ تعلقي دادؤ ۾ ڄاوا. پاڻ استاد هئا. 1951ع کان ادب ۾ بحيثيت شاعر ۽ نثر نويس طور داخل ٿيا. سندس ڪتاب “ڇليون منڇر ڇوليون”، “درياهي ٻولي”، “ڄام هٿ ۾ ڄار” ۽ “نيڻ نه ننڊون ڪن” ڇپيل آهن. دادؤ ۾ رهڻ ڪري ادبي سنگت دادؤ جا ميمبر ٿيا ۽ سال 2001ع ۾ سيڪريٽري به رهيا. سندن وفات فيبروري 2007ع تي ٿي.
سيد حاڪم علي شاھ بخاري
سيد حاڪم علي شاھ بخاري ولد سيد حاجن شاهه بخاري صاحب 15 فيبروري 1938ع ۾ ڳوٺ غلام چانڊيو تعلقه دادؤ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي آرڪيالاجي هئي. پاڻ چار سال روينيو کاتي ۾ رهيو، ۽ ٻه سال تعليم کاتي ۾ استاد پڻ رهيو. ان بعد آرڪيالاجي کاتي ۾ ملازمت ڪيائين ۽ 1998ع ۾ رٽاير ٿيو. رٽاير ٿيڻ کان پوءِ به کيس مختلف پراجيڪٽس ۾ خدمتون ورتيون پئي ويون. سيد حاڪم علي شاهه 1964ع کان ادبي ميدان ۾ آيو. پاڻ تاريخ نويس هيو ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪالم سنڌ جي رسالن وغيره ۾ شايع ٿيل آهن. سندس ڏهه ڪتاب ڪو رائيٽر جي حيثيت سان ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيل آهن. جيڪي پڻ مختلف موضوعن تي آهن. پاڻ سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ مهارت سان لکي سگھندو هو. “کير ٿر”، “ڪلهوڙا پيرڊ ايگريڪلچر” انگريزيءَ ۾ “آرڪيالاجيءَ جي لغت” ۽ موسيقي تي به ڪتاب ڇپيل اٿس. سيد حاڪم علي شاهه بخاري 13 مئي 2021ع تي ڪورونا وبا سبب وفات ڪري ويو. سندس مزار پير محمد مراد قبرستان ۾ آهي.
بشير سيتائي
بخشل ڀٽي ولد محمد موسى ڀٽي ادبي نالو “بشير سيتائي” 08 جولاءِ 1949ع تي سيتاوليج ۾ تعلقي دادؤ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي ادب ۽ ايل ايل بي هئي. پاڻ بلڊنگس کاتي ۾ ملازم هو. 1966ع کان ادب ۾ پير پاتائين سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. “سج سريکو سچ”، “جھرڻو منهنجو جيءُ”، “ڏات نه ٿيندي مات”، “ڏاها ڏات ڌڻي”، “اکر اکر ۾ اٿاھ الفت”، “اداس من جي اداس موسم” ۽ “عشق عجب سوغات” وغيره ڇپيل آهن. 1998ع ۾ ادبي سنگت دادو جو ميمبر ٿيو هن کان اڳ شاخ سيتا روڊ جو 1989ع ۾ سيڪريٽري به رهيو. سندس وفات 5 فيبروري 2016ع تي ٿي. کيس محسن شاهه قبرستان ڇاڻو شاهه آباد دادؤ ۾ دفنايو ويو.
شوڪت سنڌي
شوڪت علي ولد حاجي محب علي قريشي ٽين جنوري 1939ع ۾ ڄائو. شوڪت سنڌي سياسي ڪارڪن رهيو. سنگت دادؤ کي 1963ع ۾ ٻيهر منظم ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي ۽ هو واحد سيڪريٽري هو جنهن ٻولي ۽ ادب ۾ تمام وڏو ڪم ڪيو. ان حوالي سان سنگت دادو سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي. شوڪت سنڌي هڙان وڙان خرچ ڪري ڪراچيءَ جي اجلاسن ۾ به شريڪ ٿيندو هو. هن سياسي حوالي سان ڪيترا ڀيرا قيد به ڪاٽيو. شوڪت سنڌيءَ سال 2002ع ۾ وفات ڪئي.
ڊاڪٽر نـظير چارڻ
نظير احمد ولد رسول بخش چارڻ 02 جون 1947ع تي ڳوٺ ٻٽڙا پهنور ۾ پيدا ٿيا. ڊاڪٽر نظير صاحب علمي ۽ ادبي توڙي پيشي جي حوالي سان تمام گھڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ هاڻي به ڏئي رهيو آهي.
سندس ڪيترائي ميڊيڪل ۽ سماجيات تي لکيل مضمون اخبارن جي زينت بڻجي چڪا آهن ۽ اڄ به زينت بڻجندا رهن ٿا. سندس هن وقت ٻارن جي بيماري تي ڪتاب “ٻارن جون عام بيماريو ۽ انهن جو هوميوپيٿي ۽ بايوڪيمڪ علاج” ٻه جلد ۽ ڊاڪٽر ولمار شوابي جو “مٽيريا ميڊيڪا باءِ ڊاڪٽر وليم بورڪ” ترجمو ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو آهي. اڄڪلهه سنڌيءَ ۾ “ميڊيڪل ڊسڪرپٽو ڊڪشنري” تي پڻ ڪم ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا جي جلدن ۾ 80 کان مٿي ميڊيڪل بابت تحقيقي مضمون پڻ لکيا آهن. هو دادو ادبي سنگت دادؤ جو پراڻو ڪارڪن آهي ۽ اها رڪنيت اڄ به جاري رکيو پيو اچي.
پروفيسر عبدالله مگسي
پروفيسر عبدالله ولد ڌڻي بخش مگسي 17 ڊسمبر 1947ع تي ڳوٺ گل محمد مگسيءَ ۾ پيدا ٿيو. 1960ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين سندس سڃاڻپ هڪ محقق ۽ تاريخ نويس آهي. سندس ڪتاب “عالمي امن ۾ سنڌي اديبن جو حصو”، “سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو” ۽ “جان جان هئي جيئري” شايع ٿيل آهن. مگسي صاحب سنڌي ادبي سنگت جو گھڻو عرصو سرگرم ميمبر ۽ عهديدار به رهيو. سندس وفات 01 اپريل 1993ع ۾ ٿي. سندس مزار پير محمد مراد قبرستان ۾ آهي.
عادل سکيراڻي
شهيد غلام الرسول ولد محمد خان سکيراڻي المعروف “عادل سکيراڻي” 10 مارچ 1957ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. هو ساسو ۾ آفيسر هو ادب جي شروعات 1970ع کان ڪيائين. پاڻ سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو بهترين ۽ جاکوڙي ورڪر هو. شهيد عادل سکيراڻيءَ سنگت جو 88 ـ1987ع ۾ ٻه سال سيڪريٽري به رهيو ۽ ادبي سنگت دادؤ کي تمام گھڻو فعال ڪيائين. سندس ٻه ڪتاب “نيڻ ٿڪجي پيا” ۽ “سنڌ جون رانديون” شايع ٿيل آهن.
کيس 23 مارچ 1992ع تي گھرجي دروازي آڏو شهيد ڪيو ويو.
شان راشدي
عادل راشدي ولد پير علي محمد راشدي 12 فيبريوري 1961ع ۾ ڄائو. هو گھڻو وقت دادؤَ ۾ به رهيو. سندس تعليم ايم-اي جرنلزم (يونيورسٽي آف ٽورينٽو) آهي. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار طور آهي. پاڻ “شان راشدي” تخلص استعمال ڪندو آهي. اڄڪلھه سندس وابستگي جيئو نيوز چينل سان آهي. شان راشدي دادؤَ ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. عزيز رانجھاڻي جي چوڻ موجب ته هن مائوزي تونگ سان پڻ ملاقات جو شرف حاصل ڪيو هو. شان راشدي ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر به هو ۽ سال 1983ع ۾ سيڪريٽري پڻ رهيو. اڄڪلھه هو ڪئناڊا ۾ رهائش پذير آهي.
رحمت الله آخوند
حڪيم رحمة الله ولد حڪيم محمد عبدالعزيز آخوند 29 جنوري 1951ع ۾ دادو شهر جي آخوند محله ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم-اي ايڪنامڪس، فاضل طب وجراحت آهي. 1968ع کان صحافت سان وابسته رهيو. 1971ع کان آر-ايم-اي پرنٽرس نالي پريس کولي ماهوار رسالو “روشن طب” جاري ڪيائين، جيڪو اڳتي هلي هفتيوار اخبار جي صورت ۾ نڪرڻ لڳو. آخوند صاحب حريت، مهراڻ، سنڌ ٽائيم، مارننگ نيوز ۾ پڻ ڪم ڪري چڪو هو ۽ پوءِ A.A.P سرڪاري نيوز ايجنسي سان منسلڪ رهيو.. پاڻ ڪجھه وقت P.T.V ۽ ريڊيو پاڪستان نيوز ۾ به ڪم ڪيائين. سماجي حوالي سان سگا دادو ۾ صدر ۽ روشن تارا اسڪول جو وائيس چيئرمن پڻ رهيو. هو پهريائين شوڪت سنڌي جي وقت ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو هو، پر وچ تي ڪجھه عرصو غائب رهيو وري شهيد عادل سکيراڻيءَ جي دؤر ۾ ٻيهر ميمبر ٿيو. پاڻ سال 1993ع ۾ سنگت جو سيڪريٽري به رهيو. اهڙي طرح ٻين به ڪيترن ئي عهدن تي ادبي سنگت جو ساٿ ڏنائين. عمر جي پوئين عرصي ۾ پنهنجي والد صاحب جي مطب “عزيز دوا خانه” کي سنڀاليائين. آخوند رحمت الله جي وفات 17 فيبروري 2021ع تي ٿي.
شمس الدين ملڪاڻي
شمس الدين ملڪاڻي ولد سرائي غلام دستگير ملڪاڻي 14 آگسٽ 1940ع تي دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي ايل ـ ايل ـ بي ۽ ڊپلوما ان بينڪنگ هئي، شروعات ۾ نيشنل بئنڪ ۾ ڪجھه وقت نوڪري ڪيائين پوءِ وڪالت شروع ڪيائين. پاڻ ٻه ڀيرا ڊسٽرڪٽ بار جو صدر رهيو. 1992ع ۾ اسپيشل ڪورٽ جو جج به رهيو. سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو رهيو. سگا ۽ سنڌي ادبي سنگت ۾ پڻ فعال ڪردار ادا ڪيائين. پاڻ 1970ع ۾ سيڪريٽري به رهيو. ڪجھه مضمون ۽ ڪهاڻيون به لکيائين. سندس وفات 02 فيبروري 1993ع ۾ ٿي.
خالدميمڻ
محمد خالد ولد مولوي محمد سليمان “صدائي” ميمڻ دادو شهر ۾ 13 مارچ 1953ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي ادب، اسلامڪ ڪلچر ۽ بي ـ ايڊ آهي پيشي جي لحاظ کان ايڇ ايس ٽي استاد هو، پر وقت کان اڳ رٽايرڊ آهي. 1972ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس طور آهي. 1975ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر هو ۽ 1986ع ۾ آڊيٽر پڻ رهيو. سندس ڪتاب “خالد چوي” 2019ع ۾ ڊاڪٽر محمود مغل ترتيب ڏئي امرتا پبليڪيشن پاران شايع ڪيو آهي. خالد ميمڻ اڄڪلهه حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.
احمد خان ملڪاڻي
احمد خان ولد غلام دستگير ملڪاڻي 11 جون 1944ع ۾ ملڪاڻي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمتن ۾ بهرو وٺندو پيو اچي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو پراڻو ميمبر آهي. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ مقالا نگار واري آهي. اڄ تائين سنگت جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو رهندو آهي. ماضيءَ ۾ سنگت کي متحرڪ ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو آهي.
اظهر سولنگي
محمد عرس ولد محمد عمر سولنگي المعروف “اظهر سولنگي” 13 جنوري 1942ع ۾ ڳوٺ ميوو خان ۾ ڄائو. پاڻ رٽايرڊ استاد آهي. هو 1962ع کان نثر نويس ۽ شاعر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ٻه ڪتاب دادو “ضلعي جو ماضي ۽ حال” ۽ “دادو ضلعي جو اڀياس” ڇپيل آهن. پاڻ ادبي سنگت جو ميمبر آهي ۽ تقريبًا سيڪريٽريءَ کان سواءِ ٻين سڀني عهدن تي رهي چڪو آهي.
سومرو سودائي
غلام الرسول ولد محمد يوسف سومرو 10 اپريل 1938ع ۾ جنم ورتو. فائينل پاس هو ۽ ميونسپل ۾ آڪٽراءِ ڪلارڪ هو. 1954ع کان ادب ۾ مزاحيه شاعر طور داخل ٿيو ۽ تخلص “سودائي” اختيار ڪيائين. “چهنڊريون”، “ٽاڪوڙا” ۽ “تنهنجا ڏاڍ منهنجي ماٺ” ڇپيل آهن. ان کان علاوه هن ڪيترائي اسٽيج ڊرامه پيش ڪيا. سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر پڻ رهيو. هن 14 اپريل 1992ع ۾ وفات ڪئي.
اطهر منگي
علي نواز ولد محمد فاضل منگي 28 اپريل 1948ع تي ڳوٺ واسو ڪلهوڙو تعلقه نصيرآباد ضلع قمبر شهداد ڪوٽ ۾ ڄائو. پاڻ پهريائين استاد هو ۽ بعد ۾ P.TV تي پروڊسر رهيو. اطهر منگي جي سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي. هو 1969ع کان باقاعدي لکندو پيو اچي. سندس مواد ڇپائيءَ جي اوسيئڙي ۾ آهي. سنڌي ادبي سنگت سان سندس گھڻو واسطو هو. سال 1983ع ۾ ادبي سنگت جي فعاليءَ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. اڄڪلهه هو ڪوئيٽا ۾ رهائش پذير آهي.
ملوڪ لنڊ
محمد ملوڪ ولد نٿو خان لنڊ 25 مارچ 1957ع ۾ دادو شهر جي شاھ آباد ڇاڻو ۾ پيدا ٿيو پاڻ ايم-اي پوليٽڪل سائنس آهي. پاڻ ٽريزي آفيسر هو ۽ هاڻي رٽاير آهي. 1980ع کان ادبي ميدان ۾ آيو. پاڻ سٺو نثر نويس ۽ مترجم آهي. سندس ترجمي ۽ طبع زاد جا درجن کن ڪتاب ڇپيل آهن. هو ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر آهي ۽ اڄ تائين مصروفيتن مان وقت ڪڍي سنگت جي سڏ تي حاضر ٿئي ٿو. پاڻ ذاتي خرچ تي “سيف الملوڪ” نالي ذاتي لائبرري قائم ڪئي اٿائين. جنهن ۾ ڪتابن ۽ رسالن جو تعداد سٺ هزار جي لڳ ڀڳ آهي.
مشتاق ڀرڳـڙي
مشتاق علي ولد محمد ڇٽل ڀرڳڙي 16 سيپٽمبر 1974ع ۾ ڳوٺ اٺين شاخ جوهي ۾ جنم ورتو. 1990ع کان ادبي ميدان ۾ آيو، هو هڪ سٺو نثر نويس، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر هو. سندس ڪهاڻين جا ڪتاب “پاڇي”، “سفر”، “لفظ ناهن کيڏوڻا” ۽ “ايئن ئي جيئندا رهون ٿا” ڇپيل آهن. هو ادبي سنگت جو 2000ع ۽ 2005ع ۾ سيڪريٽري رهيو. ان کان علاوه ڪيترائي ڀيرا ٻين عهدن تي به رهيو سنگت جو تمام سرگرم ڪارڪن هو. مشتاق ڀرڳڙي ماهوار مئگزين “رم جھم” به ڪڍندو هو جنهن طرفان لڳاتار 6 شمارا شايع ٿيا. زندگيءَ سندس ساٿ نه ڏنو ۽ جوانيءَ ۾ ايڪسيڊنٽ ۾ اسان جو ساٿ ڇڏي ويو. سندس وفات 18 جولاءِ 2007ع ۾ ٿي. کيس جمال شاهه ستي جتي قبرستان مرکپور ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ضمير ڪوريجو
ضمير احمد ولد محمد ابراهيم ڪوريجو 08 فيبروري 1968ع تي بُٺ محله دادؤ ۾ پيدا ٿيو. 1983ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين شاعري، مضمون ۽ ڪالم لکندو آهي. لکڻ ۾ پهريائين “سچل سنڌي” ۽ “آزاد دادوي” تخلص استعمال ڪندو هو. پر هاڻي “ضمير ڪوريجو” جي نالي سان لکي ٿو. ضمير سياسي ۽ سماجي ڪارڪن پڻ رهيو آهي ۽ ڪيترين ئي تنظيمن جو ميمبر ۽ عهديدا رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت دادؤَ ۾ اهم عهدن تي رهيو آهي. ضمير ڪوريجو دادو ادبي سنگت شاخ جو سال 2015ع ۾ سيڪريٽري رهيو. سندس تعليم ايم-اي ايڪانامڪس آهي ۽ واپڊا ۾ ملازم آهي. هو ڪجھه عرصو ڏهيسر اخبار ۾ تعلقي رپوٽر به رهيو آهي.
ملڪ وحيد
وحيد علي ولد الهورايو ملڪ 12 مارچ 1981ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي ادب آهي ۽ پاڻ خانگي ملازم آهي. 2000ع ۾ ادب ۾ پير پاتائين. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي. سندس ٻه ذاتي ڪتاب “آءُ منسوب تنهنجي نالي سان” 2006ع ۽ “ڪجھه ته ڳولينِ ٿيون اکيون” 2017ع ۾ ڇپيل آهن ۽ ٻيو ڪتاب “گلن سرهاڻ آندي آ” 2015ع ۾ ترتيب ڏنل آهي. ملڪ وحيد سنگت دادؤ جو سال 20 ـ2019ع لڳاتار ٻه سال سيڪريٽري رهيو. هن ادبي سنگت کي تمام گھڻو فعال رکيو.
صدف حسيني
شمس الدين ولد الهداد پهنور 15 فيبروري 1964ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. 1986ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سڃاڻپ شاعري آهي ادبي سنگت جو 1994ع ۾ ميمبر ٿيو ۽ سال 1999ع ۾ سيڪريٽري رهيو ليڪن رڪارڊ ۾ هير ڦير سبب سندس ميمبر شپ ختم ڪئي وئي هئي. پر 2014ع ۾ ڊاڪٽر مشتاق ڦل سيڪريٽري جنرل سنڌ ۽ دادؤ جي هڪ اديب جي مدد سان تيرهن سالن کان ميمبرشپ ختم ٿيل کي ميمبر شپ ڏئي ٻيهر سيڪريٽري چونڊرايو ويو. اهڙي طرح سندس مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ وري به سندس ميمبر شپ ڪاروباري ڪاميٽي سال 2015ع جي آخر ۾ ختم ڪري ڇڏي جو هن سنگت جو رڪارڊ، ڪيش بڪ، رسيد بڪ ۽ ڪجھه ٻيو سامان چارج ۾ نه ڏنا ۽ نه سنگت سان رجوع ڪيو.
ڊاڪٽر چندر لال
ڊاڪٽر چندر لال ولد پرڀداس اداسي 1954ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم بي بي ايس هئي ۽ پاڻ ڊاڪٽر هو. اڄڪلهه شايد پاڙيسري ملڪ ۾ رهي ٿو. هو تمام سماجي ۽ ادبي ڪمن ۾ سرگرم هوندو هو. ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکندو هو. ڊاڪٽر چندر لال سٺو مصور به هو ۽ ڪيتريون ئي شاندار پينٽنگس ٺاهيائين. ڊاڪٽر چندر لال ادبي سنگت ۾ باقاعدي سرگرم ميمبر رهيو.
امام بخش گهرياڻي
امام بخش گھرياڻي 1932ع ۾ ڳوٺ شاهه حسن تعلقي جوهي ۾ ڄائو. ميٽرڪ پاس ڪري سيشن ڪورٽ ۾ ڪلرڪ ٿيو نوڪري دوران وڪالت جو امتحان پاس ڪيائين. پوءِ نالي واري وڪيل ديوان آسنداس جو اسسٽنٽ ٿيو. ورهاڱي بعد ديوان صاحب هندستان ويندي کيس پنهنجي آفيس به ڏئي ويو. گھرياڻي صاحب هڪ ادب دوست انسان هو، ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ گھڻو حصو وٺندو هو. شام جو سندس آفيس ۾ وڏي ڪچهري ٿيندي هئي جنهن ۾ مختلف مڪتبِ فڪر جا ماڻهو شريڪ ٿيندا هيا. پاڻ ادبي سنگت جو ميمبر به رهيو. گهرياڻي صاحب پيپلز پارٽيءَ جو خاص ڪارڪن رهيو. سندس وفات 2009ع تي ٿي.
شرجيل
عبدالفتاح ولد ڪرڙ خان ذات هاليپوٽو تخلص “شرجيل” 13 ڊسمبر 1938ع تي قاضي احمد شهر ۾ ڄائو. سندس پيدائش کانپوءِ سندس وڏا لڏي اچي دادؤ ۾ رهيا. سندس تعليم گريجوئيشن سان گڏوگڏ AMC, ET آهي پاڻ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ ڊرائنگ جا استاد رهيا. جتان 1998ع ۾ رٽارير ڪيائون. شرجيل جي ڪهاڻين جو ڪتاب “پن ڇڻ کانپوءِ” ۽ نظمن جو ڪتاب “ڇوليون” شايع ٿيل آهن. فائن آرٽ جي دنيا ۾ فتاح هاليپوٽو هڪ وڏو نان آهي. اڄڪلهه حيدرآباد ۾ رهي ٿو.
صاحب خان چنه
صاحب خان چنه لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ الهيار آگاڻيءَ ۾1941ع ۾ پيدا ٿيو. پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم.اي ڪري دادوڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 1965.66ع دوران سنڌي ادبي سنگت دادؤ سان منسلڪ رهيو. هن بعد ۾ پي ايڇ ڊي به ڪئي ۽ ڪيترن ئي وڏن عهدن تي رهيو. سال 2002ع ۾ رٽاير ٿيو. سندس علمي ۽ ادبي سڃاڻپ محقق ۽ تواريخ نويس طور آهي. چنه صاحب ڪيترن ئي ملڪن جا مطالعاتي دورا پڻ ڪري چڪو آهي ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿس. سندس هڪ ڪتاب تازو انگريزي زبان ۾ “The Sepration of Sind to Bomby” آهي. اڄڪلهه پاڻ ڪراچي شهر ۾ رهي ٿو.
اعجاز قريشي
اعجاز احمد ولد علي احمد قريشي جو جنم نامياري وڪيل ۽ اديب علي احمد قريشيءَ جي گهر ۾ پهرين جنوري 1948ع تي ٿيو. سندس تعليم ايم اي اڪنامڪس آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پروفيسر جي عهدي تان رٽاير ٿيو. دادؤ ۾ رهڻ دوران پهرين مارچ 1970ع ۾ ادبي سنگت جو سيڪريٽري چونڊيو ويو ليڪن مئي 1970ع تي حيدرآباد لڏي وڃڻ ڪري شمس الدين ملڪاڻيءَ کي ان جي جاءِ تي سيڪريٽري بڻايو ويو. اعجاز قريشي بنيادي طور تي نثر نويس آهي ۽ سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. جن ۾ “تاريخ سنڌ ارغون ۽ ترخان دور”، “هو جي واڪا واءَ ۾”، “اچو ته نئين سنڌ تعمير ڪريون” وغيره شامل آهن.
گل حسن ”گل ٻرڙو“
پروفيسر گل محمد ولد محمد صالح ٻرڙو تخلص “گل” پهرين جنوري 1936ع تي ڳوٺ بگو دڙو ضلعي قمبر شهدادڪوٽ، اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم اي اسلامڪ ڪلچر هئي. پاڻ دادو ڊگري ڪاليج ۾ ليڪچرر هو ان بعد گورنمينٽ بوائز ڪاليج مورو ۾ پرنسيپال رهيو. دادو ۾ رهڻ دوران سنڌي ادبي سنگت شاخ دادؤ ۾ ميمبر رهيو. جڏهن رٽاير ٿيو ته ڪوٽڙي شهر ۾ رهائش اختيار ڪيائين ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.
يار محمد جھانگي
يار محمد ولد عمر پهنور تخلص “جھانگي” 17 جولاءِ 1937ع ۾ ڄائو. سندس تعليم سنڌي فائنل هئي. بعد ۾ ڪجھه ٻيون ڊگريون حاصل ڪيائين پاڻ استاد هو. 1958ع کان شاعر جي حيثيت ۾ ادب ۾ آيو. وريام سنڌي کيس ادبي سنگت ۾ وٺي آيو سندس ڪافي مواد ڇپائيءَ جي انتظار ۾ آهي. يار محمد جھانگي 19 مئي 2017ع تي وفات ڪئي.
سنڌو ميراڻي
محمد صالح ولد محمد حسين المعروف “سنڌو ميراڻي” 15 فيبروري 1948ع ۾ دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم M.A انگلش هئي. 1963ع جي دور کان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ شوڪت سنڌيءَ جي ڏينهن ۾ سنڌي ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر رهيو. هن دادؤ مان هڪ رسالو “ليکڪ” نالي سان جاري ڪيو. هو سٺو ڪارٽونسٽ، شاعر ۽ نثر نويس هو سندس جملي لکڻيون ۽ ڪارٽون اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدي ڇپيا. سنڌو ميراڻي سال 2013ع ۾ وفات ڪئي.
روشن سولنگي
روشن علي ولد شفيع محمد سولنگي پهرين اپريل 1947ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. جواني جي دور ۾ فاروق سولنگي، احمد خان ملڪاڻي ۽ غلام علي سومرو جن جي صحبت ۾ رهڻ ڪري کيس به لکڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ ڪجھه مضمون ۽ ڪهاڻيون به لکيائين، شوڪت سنڌيءَ جي وقت ۾ ادبي سنگت دادو جو ميمبر رهيو. روشن سولنگي حيدرآباد حبيب بئنڪ ۾ آفيسر هو سندس وفات 10 جولاءِ 2017ع تي ٿي.
علي دادا سومرو
غلام علي ولد دين محمد سومرو 08 فيبروري 1937ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو هي بنيادي طور تي اداڪار هو. ڪيترائي اسٽيج ڊرامه ڪيائين بعد ۾ T.V تي به اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريائين. هو ڪهاڻيڪار ۽ شاعر به هو ۽ شوڪت سنڌيءَ جي وقت ۾ ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر پڻ رهيو. غلام علي “پمپي” طور مشهور هو ۽ پنسارڪو دوڪان هلائيندو هو. غلام علي سومري 24 آگسٽ 1984ع ۾ وفات ڪئي.
غلام الرسول (ڪيبرال) سومرو
غلام الرسول ولد بخشل سومرو المعروف “ڪيبرال” پهرين فيبروري 1969ع ۾ ڳوٺ شادڻ تعلقي جوهي ۾ تولد ٿيو. اڄڪلهه دادؤ ۾ رهي ٿو سندس تعليم ايم اي، ايم ايڊ آهي ۽ درس و تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. 1986ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. سندس سڃاڻپ نثر ويس ۽ ڪالم نگار طور آهي. هو 1991ع ۾ سنگت جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.
حاجي محمد اسماعيل چارڻ
حاجي محمد اسماعيل چارڻ ولد غلام عباس چارڻ 1950ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ بهرو وٺندو پيو اچي. پاڻ ادب دوست آهي ۽ سنگت دادؤَ جو پراڻو ميمبر آهي. سنگت سان سندس اهو ساٿ اڄ تائين برقرار آهي.
شير ڀرڳڙي
شير محمد ولد محمد ڇٽل ڀرڳڙي 08 آگسٽ 1949ع تي ڳوٺ اٺين شاخ تعلقي جوهيءَ ۾ ڄائو. ادبي دنيا ۾ 1983ع ۾ داخل ٿيو. سندس سڃاڻپ نثر نگار آهي. پيشي جي حوالي سان استاد هو ۽ هاڻي رٽاير آهي. شير ڀرڳڙي سنگت شاخ دادؤَ جو سال 11 ـ 2010ع ۾ سيڪريٽري به رهي چڪو آهي ۽ هر سال ڪنهن نه ڪنهن عهدي تي چونڊ جي ايندو آهي.
طارق قريشي
طارق قريشي ولد نيڪ محمد قريشي 17 سيپٽمبر 1969ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار طور آهي. سندس ڪتاب “ٽين اک” ۽ “آسمان ڇا ٿو چئي” شايع ٿيل آهن. ان کان علاوه ڪافي ٽيلي پلي لکي چڪو آهي، اڳ ادبي سنگت دادو سان لاگاپيل هو، پر هاڻي هو ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. ان ڪري سنگت کان ٿورو پري آهي.
الهرکيو ڳورڙ
محترم الهرکيو ولد بشارت علي ڳورڙ تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ سوجھرو گورڙ ۾ ڄائو. پاڻ تعليم کاتي ۾ اعلى آفيسر رهيا. لکڻ جي شروعات 1962ع کان نثر لکي ڪيائون. سندن هڪ ڪتاب “جيون سفر سڪ جو” ڇپيل آهي. سائين ڳورڙ صاحب سنڌي ادبي سنگت جو آخري دم تائين ميمبر رهيو ۽ هو ڪاروباري ڪاميٽي ۽ ننڍن عهدن تي رهيو. سندن وفات 13 مارچ 2012ع ۾ ٿي.
شمس سومرو
ڊاڪٽر شمس الدين ولد غلام حيدر سومرو المعروف “ڊاڪٽر شمس سومرو” پهرين جولاءِ 1954ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. ادب ۾ 1970ع کان آيو هو شاعر ۽ نثر نويس جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران چانڊڪا ۾ قائم ڪيل سنگت شاخ جو سيڪريٽري رهيو. 1975ع ۾ سنگت دادؤ جو پڻ سيڪريٽري رهيو. ڊاڪٽر شمس سومرو 1994ع ۾ مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي به رهيو. سندن ڪتاب “موهن جو دڙو ادبي تنقيد جو مهاڳ” شايع ٿيل آهي. ڊاڪٽر شمس سومرو 2003ع ۾ وفات ڪري ويو.
سقراط سيتائي
شبير احمد ولد محمد حسن سومرو المعروف “سقراط سيتائي” 15 ڊسمبر 1963ع تي مرکپور دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس مستقل رهائش سيتا روڊ ۾ هئي ۽ هاڻي ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. سندس تعليم ايم ـ اي پاس آهي. پيشي جي حوالي سان صحافي ۽ پريس فوٽو گرافر آهي. 1979ع کان ادب ۾ پير پاتائين هڪ شاعر ۽ نثر نويس جي حيثيت سان. سندس اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن جيڪي شايع ٿيل آهن. هو سنگت دادو شاخ جو سال 1984ع ۾ سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.
اختر لڪياري
سيد عباس علي شاه ولد سيد عالم شاه لڪياري 21 ڊسمبر 1948ع تي ڳوٺ دين محمد شاهاڻي ۾ ڄاوا. پاڻ تدريسي شعبي سان لاڳاپيل هئا. 1965ع ۾ بحيثيت هڪ شاعر جي ادبي ميدان ۾ آيا ۽ ڪجھه نثر ۾ به لکيو اٿن. سندن مواد ڇپائي جي اوسيئڙي ۾ آهي. سائين اختر لڪياري سنڌي ادبي سنگت جو آخري دم تائين ميمبر رهيو. سندن وفات 10 آگسٽ 2010ع ۾ ٿي ۽ کين محسن شاه قبرستان ڇاڻو شاهه آباد ۾ دفن ڪيو ويو.
ناز ڪاظمي
ڊاڪٽر ڪرم علي شاه ولد سيد عالم شاه 07 مارچ 1955ع تي کوسه وليج نوشهروفيروز ۾ ڄائو. پيشي جي حوالي سان ڊاڪٽر آهي. هاڻي دادؤ ۾ رهائش پذير آهي. 1967ع کان بحيثيت شاعر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ناز ڪاظمي سنگت شاخ ڇاڻو شاهه آباد ۾ به شامل هو ۽ هاڻي دادو ادبي سنگت سان لاڳاپيل آهي. سندس ٽي شاعريءَ جا ڪتاب شايع ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن.
سعيد سنڌي
سعيد احمد ولد محمد پريل ميمڻ مارچ 1947ع تي دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. صحافت سان تعلق رکندو هو. 1968ع ۾ ادبي سنگت ۾ داخل ٿيو ۽ ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر ۽ سيڪريٽري به رهيو. سندس سڃاڻپ ڪالم، ڪهاڻي ۽ شاعري هئي. سعيد سنڌي 18 مئي 2014ع تي وفات ڪئي. سندس مزار پير محمد مراد قبرستان ۾ آهي.
نور گھلو
نور محمد ولد محمد عالم گھلو المعروف “نور گھلو” پهرين جنوري 1949ع تي ڄائو. پاڻ درس و تدريس جي شعبي سان واڳيل هئا. نور گھلوءَ جي سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار، مقالا نويس، مزاح نگار ۽ ڊرامه نويس طور هئي. سندس ڪتاب “مان زنده هوندس”، “پيارا فتاح” ۽ “ ڀڳل شيشا، ٽٽل آڱريون” ڇپيل آهن. سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو پراڻو ميمبر هو ۽ سيڪريٽري به رهي چڪو هو. سندس وفات 14 جون 2019ع تي ٿي، کيس نانگو شاهه قبرستان حسين آباد حيدرآباد ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
سليم سولنگي
پروفيسر عبدالسليم ولد حڪيم محمد هاشم سولنگي 14 جنوري 1945ع تي ڳوٺ دين محمد شاهاڻيءَ ۾ تولد ٿيا. ڊگري ڪاليج دادؤ ۾ انگريزيءَ جا پروفيسر رهيا. ڪيتريون ئي عملي ۽ ادبي خدمتون سر انجام ڏنائون. ادبي سنگت دادؤ جا ميمبر رهيا. شاهه سائين ۽ شيخ اياز جي ڪجھه شاعري انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيائون. سندن سڃاڻپ نثر نويس طور هئي. سائين سليم سولنگي پاڪستان ٽيليويزن جي ادبي پروگرامن ۾ ميزبان به رهيو. سندن وفات 2008ع تي ٿي کين لال هندي قبرستان دادؤ ۾ دفن ڪيو ويو.
ڊاڪٽر لياقت مگسي
ڊاڪٽر لياقت علي ولد ڌڻي بخش مگسي پهرين اپريل 1953ع تي ڳوٺ گل محمد مگسي لڳ دادؤ ۾ ڄائو. 1968ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتائين. ڊاڪٽر لياقت مگسي هڪ مؤرخ ۽ مضمون نويس هو. سندس ڪتاب “خدا آباد جي سياسي ۽ سماجي حيثيت” شايع ٿيل آهي ۽ ڪجھه مقالا پڻ. پاڻ ادبي سنگت دادؤ جو سال 2017ع ۾ ڪائونسلر رهيو. سندس وفات 13 مئي 2019ع تي ٿي کيس پير محمد مراد قبرستان دادؤ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
شير زمان سومرو
شير زمان ولد شير محمد سومرو 2 اپريل 1962ع تي ڇاڻو شاھ آباد دادؤ ۾ ڄائو. 1979ع ۾ سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ بحيثيت شاعر جي پير پاتائين. هو ننڍن وڏن عهدن تي به رهيو. سندس ڪوبه ڪتاب ڇپيل نه آهي. شير زمان سومري سال 2013ع ۾ وفات ڪئي.
محمد بخش سميجو
محمد بخش سميجو ولد فقير محمد سميجو 1945ع تي ڳوٺ پٽيجيءَ ۾ ڄائو. سندس وڏا دادو شهر جي جڳت آباد محلي ۾ اچي آباد ٿيا. سميجو صاحب پهريائين استاد هو. بعد ۾ پاڪستان ٽيليويزن تي سينيئر پروڊيوسر جي عهدي تي رهيو. علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ شوق سان شريڪ ٿيندو هو. سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر به رهيو سندس ادبي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار هئي. محمد بخش سميجي 13 آگسٽ 2004ع تي وفات ڪئي. سندن مزار لال هندي قبرستان دادؤ ۾ آهي.
عبدالله افضل
شيخ عبدالله پنهور ولد غلام الرسول تخلص “افضل” جو جنم 1932ع ۾ ڳوٺ دڙو تعلقـي دادو ۾ ٿيو. سندس تعليم سنڌي فائينل، عربي ۽ فارسي هئي. هو اناج جو واپار ڪندو هو. پاڻ فنونِ لطيف جي هر صنف سان پيار ڪندو هو ۽ پاڻ سٺي شاعري به ڪندو هو. ادبي سنگت ۽ بزم صوفياء سنڌ سان واڳيل رهيو.23 آگسٽ 2001ع ۾ وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه لال هندي قبرستان ۾ آهي.
مسرور ملڪاڻي
غلام هادي ولد علي حيدر “حيدري” ملڪاڻي ادبي نالو “مسرور ملڪاڻي” 20 مارچ 1936ع تي ڳوٺ ملڪاڻي شريف تعلقي دادؤ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي پاس هئي ۽ ايگريڪلچر کاتي مان آفيس سپرنٽينڊنٽ ٿي رٽاير ڪيائين. ڳوٺ ۾ ادبي ماحول ملڻ سبب مئٽرڪ کان ئي شاعري ڪرڻ لڳو. پاڻ سائين احمد مجتبى غالب کان اصلاح وٺندو هو. سال 1965ع ۾ سنگت دادؤ جو ميمبر ۽ عهديدار پڻ رهيو. مسرور ملڪاڻي 22 اپريل 1994ع تي هن دنيا کي الوداع ڪيو.
احمد خان سهاڳ
احمد خان ولد ڪمال خان سهاڳ 21 سيپٽمبر 1959ع ۾ ڳوٺ الهرکيو سهاڳ ۾ ڄائو. پاڻ پيشي جي حوالي سان هاءِ اسڪول ٽيچر هو ۽ هاڻي رٽاير آهي. سندس سڃاڻپ لوڪ ادب تي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو لوڪ ادب جي محفلن ۾ ڪثرت سان شرڪت ڪندو آهي ۽ پاڻ به اهڙي قسم جا پروگرام ترتيب ڏيندو آهي. سنڌي ادبي سنگت دادو جو پراڻو ميمبر آهي پر اڄڪلهه غير سرگرم آهي.
طارق امر آريجو
طارق حسين ولد ڊاڪٽر غلام مرتضى آريجو لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آريجا ۾ پيدا ٿيو. سندس والد دادؤ ۾ ڊاڪٽر هو ۽ آخري دم تائين دادؤ ۾ رهيو. طارق امر آريجو 87-1986ع کان دادو ادبي سنگت جو ميمبر هو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ مضمون نويس آهي. پاڻ مشهور رسالي “شعور” جو سب ايڊيٽر به رهيو آهي ۽ عبرت مئگزين ۾ پڻ سب ايڊيٽر رهي چڪو آهي. اڄڪلهه ادبي سنگت کان ٿورو پاسيرو آهي. ليڪن ڪڏهن ڪڏهن سنگت جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو آهي.
اميد سنڌي
اميد علي ولد محمد يعقوب لنڊ 18 اپريل 1963ع تي شاھ آباد ڇاڻو دادؤ ۾ ڄائو. پاڻ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور تعليم جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. 1981ع کان ادب ۾ آهي ۽ ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن آهي. هو سنگت دادؤ جو 1990ع ۽ 2009ع ۾ سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر ۽ ٻين ننڍن عهدن تي به رهي چڪو آهي. هينئر ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي. سندس سڃاڻپ نثر نويس آهي.
تابش بخاري
سيد غلام شبير شاھ ولد سيد رسول بخش شاھ تخلص “تابش بخاري” ڳوٺ شير محمد ڏاوڇ تعلقي دادؤ ۾ 12 جولاءِ 1965ع تي ڄائو. پاڻ طالب المولى هاءِ اسڪول دادؤ ۾ استاد آهي. 1988ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. 1993ع ۾ سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ ميمبر ٿيو. هو اڄ تائين سنگت سان هڪ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان واڳيل آهي. 1998ع ۽ 2017ع ۾ شاخ جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. سندس ٽي ڪتاب “منهنجا شعر منهنجون تصويرون”، “اداسيءَ جون شامون” ۽ “اظهار عقيدت” نعتون شايع ٿيل آهن. تابش بخاري اڄڪلهه ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.
نور محمد سومرو
نور محمد ولد عبدالله خان سومرو 29 مارچ 1953ع تي ڳوٺ شادڻ تعلقي جوهي ۾ ڄائو. سندس تعلق درس و تدريس سان رهيو هاڻي رٽايرڊ آهي. پاڻ سياسي، سماجي ۽ ادبي خدمتن ۾ حصو وٺندو پيو اچي. سندس سڃاڻپ نثر نويس طور آهي. ادبي سنگت دادؤ ۾ اڄ تائين سرگرم ڪارڪن آهي ۽ مختلف عهدن تي پڻ رهيو آهي. هاڻي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.
رجب آزاد
رجب آزاد سنگت دادؤ جو اهم عهديدار رهيو آهي. سندس ذڪر ضلعي رابطا سيڪريٽرين واري حصي ۾ ڪيل آهي.
محبوب سنڌي
محبوب عالم ولد غلام مصطفى ڪنڀر المعروف “محبوب سنڌي” 24 مارچ 1982ع ۾ دادو شهر ۾ جنم ورتو. تعليم پرائي پوليس کاتي ۾ ملازم بڻيو. هو هڪ ئي وقت اداڪار، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪيائين. 1998ع ۾ مشتاق ڀرڳڙيءَ واري دؤر ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. نوڪريءَ سانگي ڪوٽڙيءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ اتان جي بند پيل شاخ کي ٻيهر فعال ڪري سيڪريٽري بڻيو. سندس ايام ڪاريءَ ۾ تمام گھڻا پروگرام ٿيا.
اصغر جمالي
اصغر علي ولد غلام النبي جمالي پهرين مارچ 1986ع ۾ ڳوٺ شاھ محمد جمالي ۾ ڄائو. 2001ع ۾ رجب آزاد کيس ادبي سنگت ۾ وٺي آيو. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس طور آهي. هو ادبي سنگت کان ڪجھه وقت ڪٽيل رهيو، پر هاڻي ٻيهر فعال ٿيو آهي ۽ هن سال ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.
عاشق دادوي
عبدالغفور ولد حاجي عبدالڪريم چارڻ غريب آباد دادؤ ۾ 12 مارچ 1958ع ۾ ڄائو . دادؤ جو هي پورهيت شاعر 1968ع کان شاعري ڪري پيو. عاشق دادوي سنگت دادو جو سال 2013ع ۾ سيڪريٽري رهيو. هن کان اڳ به تمام گھڻو سرگرم ڪارڪن پئي رهيو آهي. سال 2018 ع ۾ ڪائونسلر جي عهدي تي به رهيو. سندس هڪ ڪتاب “سچو آ نانءُ سنڌ جو” 2021ع ۾ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد مان ڇپجي رهيو آهي.
عبدالستار کوسو
عبدالستار ولد عبدالله خان کوسو 10 جنوري 1980ع تي گھرام خان گوپانگ دادو ۾ ڄائو. سندس تعليم ميٽرڪ پاس هئي ۽ خانگي ڊاڪٽر وٽ ڊسپينسر هو. ادبي دنيا ۾ 1999ع ۾ آيو ۽ سنگت دادؤ جو ميمبر ٿيو هو. تمام سٺو شاعر هو ۽ صالح ادب جو حامي هو. پر زندگي ساڻس وفا نه ڪئي. عبدالستار کوسي 22 ڊسمبر 2005ع ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
گل حسيني
گلاب خان ولد حاجي خان ابڙو قلمي نالو “گل حسيني” جو جنم 06 جون 1979ع تي ڳوٺ شير محمد ابڙو ۾ ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر طور آهي. 2012ع کان سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو ۾ ميمبر آهي.
اسد سومرو
اسد علي ولد نور محمد سومرو 11 سيپٽمبر 1982ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. پاڻ هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر ۽ تعليم کاتي ۾ استاد آهي. 1998ع کان ادب ۾ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ داخل ٿيو. هو سنگت جو ميمبر آهي ۽ اڪثر ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهندو آيو آهي.
نظام شيخ
نظام الدين ولد احمد علي شيخ 15 آڪٽوبر 1975ع ۾ دادو ڀرسان ڳوٺ ٻڍو شيخ ۾ ڄائو. هاڻي دادو شهر ۾ رهي ٿو. هو صحافي آهي ۽ 1989ع کان ڪاوش گروپ سان لاڳاپيل آهي. K.T.N نيوز ۽ ڪاوش اخبار جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر آهي. نظام شيخ دادو ادبي سنگت جو ميمبر آهي، سندس ڪالم ۽ مضمون اخبارن جي زينت بڻبا آهن. نظام شيخ ادبي سنگت دادؤ جو گذريل 20 سالن کان ميمبر آهي.
نواز عباسي
سائين علي نواز ولد خدا بخش ڪلهوڙو عباسي 16 فيبروري 1941ع تي ڳوٺ عرض محمد لغاريءَ ۾ جنم ورتو. حافظ محمد احسن چنه صاحب جي صحبت ۾ ادب ۾ پير پاتائين. سندس تعليم ايم ـ اي، بي ايڊ آهي ۽ پاڻ رٽايرڊ استاد آهي. پاڻ ادبي سنگت دادؤ جو پراڻو ميمبر آهي ۽ مختلف عهدن تي پڻ رهيو آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي سندس ڪجھه ڪتاب ڇپائيءَ لاءِ واجھائي رهيا آهن.
نور محمد ڪنڀر
نور محمد ولد محمد اسماعيل ڪنڀر 30 آگسٽ 1980ع ۾ ڳوٺ محب علي چانڊيو تعلقي دادؤ ۾ ڄائو. هاڻي دادو شهر ۾ رهي ٿو. پاڻ پوليس کاتي ۾ ملازم آهي. 1993ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. هو شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس پڻ آهي. 1998ع کان ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. ڪجھه وقت غير سرگرم رهيو، هاڻي وري سرگرم آهي. ڊرامن جي حوالي سان مختلف چئنلس تي سندس سوپ سيريل ڊرامه هلي چڪا آهن. نور محمد اڳ “آدرش” تخلص استعمال ڪندو هو.
نـظير نياز جويو
نظير احمد ولد علي بخش جويو المعروف “نظير نياز جويو” 07 مئي 1959ع تي ڳوٺ حاجي عبدالرسول جويو لڳ پيلو پتڻ ۾ ڄائو. 1982ع کان لکندو پيو اچي. سندس سڃاڻپ شاعري آهي. سندس شاعريءَ جو مجموعو “گيت چياسين جھومي جھومي” شايع ٿيل آهي. هو ادبي سنگت جو سرگرم ميمبر آهي ۽ اليڪشن ۾ سدائين سوڀارو ٿيندو آهي. نظير نياز سنگت جو ڪائونسلر، خزانچي ۽ آڊيٽر جي عهدي تي رهي چڪو آهي. هن سال ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.
سمير علي گوپانگ
سمير علي عرف مست علي ولد ڪفايت علي گوپانگ 12 اپريل 1981ع ۾ ڳوٺ گھرام خان گوپانگ ۾ جنم ورتو. 2000ع کان ادب ۾ پير پاتائين ۽ ادبي سنگت جو ميمبر بڻيو، پر هاڻي هو سيوهڻ شهر ۾ رهي ٿو. سنگت ۾ سرگرم نه آهي.
مقسوم ثناگر
محمد اسماعيل ولد حاجي محمد ادريس ملاح تخلص “مقسوم ثناگر” ٽين مارچ 1976ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو. سائين عباس علي شاه اختر لڪياريءَ جي صحبت ۾ ادبي سفر شروع ڪيائين ۽ ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر ٿيو. اڄڪلهه پنهنجي ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ مصروف آهي ۽ ادبي سنگت کان پاسيرو آهي.
ابل اداس ٻٻر
عبدالله ولد محمد سچل ٻٻر المعروف “ابل اداس ٻٻر” 16 مارچ 1980ع ۾ ڇاڻو شاھ آباد ۾ ڄائو. 1995ع کان شاعر بڻجي اسان جي سامهون آيو. 1998ع ۾ سنگت دادؤ جو ميمبر ٿيو ۽ اڄ تائين ميمبر آهي. سال 2004ع ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي پڻ رهيو. سندس هڪ ڪتاب “اسان کي اکيون بس روئڻ لئه مليون” ڇپيل آهي.
صالح فقير
سوڍل پهنور ولد محمد عرس پهنور “صالح فقير” 08 فيبروري 1953ع ۾ ڳوٺ بچل پهنور تعلقي دادؤ ۾ ڄائو. سندس تعليم مڊل پاس هئي. 1973ع کان هڪ شاعر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو. هو ادبي سنگت جو پراڻو ميمبر هو. غزل، ڪافيون، وايون ۽ نعتون تمام گھڻيون لکيون اٿس. سندس نعتن جو نذرانو، “نعت وڏي سوغات”، “مون اکر وهايو حق جو”، “نعت آهي ڏات”، “سراپا نور اسان جو حضورﷺ” ڇپيل آهن. صالح فقير سنگت جو سرگرم ميمبر رهيو. هر سال ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهندو هو. سندس وفات 20 نومبر 2018ع تي ٿي.
منظور برهماڻي
منظور علي ولد حسين بخش برهماڻي 15 اپريل 1967ع ۾ شاھ آباد ڇاڻو دادؤ ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم بي-اي ايل ايل بي آهي. پاڻ پوليس کاتي ۾ ملازم آهي. 1992ع کان ادب ۾ پير پاتائين. پاڻ هڪ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار آهي. مشتاق ڀرڳڙي کيس سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر بڻايو. اڄڪلهه سنگت کان ڪجھه پاسيرو آهي.
منير گوزائي
ڄام منير احمد راهوجا ولد شمس الدين راهوجا 20 جولاءِ 1941ع ۾ ڳوٺ حاجي لعل بخش راهوجا ۾ ڄائو هو. پاڻ دادؤ ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ ڪجھه وقت پير الاهي بخش لا ڪاليج جو پرنسيپل پڻ رهيو. 1959ع کان بحيثيت شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار ۽ ڪالم نگار جي حيثيت مشهور ٿيو. سندس ڪتاب “پانڌي”، “منهنجي منزل تنهنجي مرڪ”، “چنڊ ڦرين ڇو گول” 2003ع ۽ “راهون رت ڦڙا” 2008ع ۾ شايع ٿيل آهن منير ڳوزائي ادبي سنگت جو سرگرم ميمبر هو. سندس وفات 30 آڪٽوبر 2018ع ۾ ٿي.
صائب ميمڻ
غلام مصطفى ولد عبدالغفور ميمڻ تخلص “صائب ميمڻ”11 جنوري 1965ع تي ڳوٺ دواٻو تعلقي دادؤ ۾ ڄائو. 1990ع کان شاعر جي حيثيت ۾ لکڻ شروع ڪيائين. ادبي سنگت دادؤ جو سرگرم ميمبر ۽ عهديدار رهيو. هو اڄڪلھه ڪوٽڙيءَ ۾ رهي ٿو ۽ اتي سنگت شاخ ڪوٽڙيءَ ۾ سرگرم آهي. سال 2017ع ۾ ڄامشوري ضلعي لاءِ رابطا سيڪريٽري چونڊجي آيو هو. سندس هڪ ڪتاب “ڏاڍ نه رهندو ڏيهه ۾” ڇپيل آهي.
مولا بخش آزاد
مولا بخش ولد بخشل خان سولنگي تخلص “آزاد” 9 آڪٽوبر 1973ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو. 1992ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ 2000ع ۾ ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي. اڄڪلهه هتان لڏي ڪوٽڙيءَ ۾ رهي ٿو ۽ سنگت کان ڪٽيل آهي.
علي گوهر سومرو
علي گوهر ولد غلام حسين سومرو ڳوٺ شادڻ تعلقه جوهيءَ ۾ پهرين جون 1952ع ۾ ڄائو. ادبي سنگت دادؤ جو پراڻو ڪارڪن آهي. هو شاعر ۽ مقالا نويس جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. 1985ع ۽ 1986ع ۾ لڳاتار ٻه سال سيڪريٽري رهيو. سال 2021ع ۾ ادبي سنگت دادؤ جو يڪراءِ طور سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي. هو اڄ تائين سنگت سان سلهاڙيل آهي. هن جي ايام ڪاري ۾ سنگت دادؤ کي ميونسپل ڪاميٽيءَ کان بنا ڪرايي تي آفيس ملي، جيڪا اڄ تائين موجود آهي.
علي محمد درد سولنگي
علي محمد ولد مير محمد سولنگي تخلص “درد” 21 نومبر 1965ع تي ڳوٺ قاضي پير محمد تعلقه دادؤ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي، بي ايڊ آهي ۽ پاڻ هڪ استاد آهي. سال 1989ع کان ادب سان واڳيل آهي. هو شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس آهي سندس ڪتاب “چاهتن جا گلاب”، “چاهتن جي موٽ”، “ٻار گلن جا هار”، “سهڻا ٻار” 2012ع، “هڪ شام جو الميو” 2012ع، “ڪاش” 2019ع، “قلم جنين جي هٿ ۾” ۽ “وڃائجي ويل رنگن جو احساس” 2020ع، “قدر منجه ڪنار” ۽ “ڪراچي سنڌ آ سائين” 2021ع ۾ ڇپيل آهن. درد سولنگي سنگت جو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. هو سال2001ع ۾ سيڪريٽري ۽ ٻين عهدن تي به رهي چڪو آهي. پاڻ پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل آهي.
عثمان ميمڻ
محمد عثمان ولد محمد بچل ميمڻ پهرين اپريل 1952ع تي بوبڪ شهر ۾ ڄائو. 1978ع کان ادبي دنيا ۾ آهي. پاڻ ڊرامه نگار، ترجمه نگار ۽ شاعر جي حيثيت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. شاعريءَ ۾ “بيخود” تخلص استعمال ڪندو آهي. سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن هو. سال 1992ع ۾ سيڪريٽري به رهيو. ان کان علاوه مختلف عهدن تي پڻ رهيو آهي. اڄڪلهه ٻوليءَ جي با اختيار اداري ۾ ٻوليءَ لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
محمد رمضان خشڪ
محمد رمضان خشڪ ولد سعيد خان خشڪ پهرين آڪٽوبر 1954ع تي ڳوٺ جان محمد خشڪ لڳ خداآباد ۾ جنم ورتو. پيشي جي لحاظ کان پاڻ وڪيل آهي. ادبي ۽ سماجي خدمتن ۾ اڳي کان اڳرو آهي. شهيد عادل سکيراڻيءَ جي دور ۾ سنگت جو ميمبر ٿيو ۽ اڄ تائين سنگت سان سلهاڙيل رهي ٿو.
وحيد قريشي
وحيد الزمان ولد لطف الله قريشي 12 فيبروري 1962ع تي ڳوٺ ڪنڊي لڳ دادؤ ۾ ڄائو. 1978ع کان ادبي کيتر ۾ بحيثيت شاعر طور داخل ٿيو. سندس استاد حافظ احسن چنه آهي. هو ادبي سنگت جو ميمبر آهي. پاڻ استادي پيشي ۽ مطالعي کي گھڻو وقت ڏئي رهيو آهي.
وريام سنڌي
غلام مصطفى ولد بخش علي پهنور 02 آگسٽ 1971ع ۾ ڳوٺ درويشاڻي پهنور ۾ ڄائو. عاشق دادويءَ کيس ادبي سنگت ۾ آندو ۽ هو سال 12-2011ع لڳاتار ٻه سال کن سيڪريٽري رهيو. سندس سڃاڻپ نثر نويس آهي. هو سنگت ۾ ڪائونسلر به رهيو آهي ۽ اڄڪلهه ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.
وزير منگي
وزير منگي ولد محمد فاضل منگي 10 مارچ 1965ع تي ڳوٺ واسو ڪلهوڙو تعلقه نصيرآباد ضلع قمبر شهداد ڪوٽ ۾ ڄائو. 1979ع ۾ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار جي حيثيت سان ادب ۾ داخل ٿيو. هو سال 1989ع ۽ 2006ع ۽ 2007ع ۾ لڳاتار ٽي سال سنگت شاخ دادؤ جو سيڪريٽري رهيو. وزير منگيءَ سال 2010ع ۾ وفات ڪئي. هو استادي پيشي سان تعلق رکندو هو.
راجه رفيق پهنور
رفيق احمد ولد محمد صديق پهنور 23 مارچ 1972ع تي ڳوٺ آدم پهنور دادو تعلقي ۾ ڄائو. پيشي جي حوالي سان سول اسپتال دادؤَ ۾ ملازم آهي. هو هڪ سماجي ڪارڪن سان گڏوگڏ بهترين اداڪار به آهي ڪيترائي ڊرامه T.V تي ڪري چڪو آهي. ادبي سنگت جو بهترين ڪارڪن آهي ۽ باقاعدي سنگت جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو رهي ٿو. هو خزانچي ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي عهدن تي به رهي چڪو آهي.
قادر سنڌي
قادر بخش ولد محرم الدين کوکر چوٿين اپريل 1967ع تي ڳوٺ سيال لڳ دادو شهر ۾ ڄائو. پيشي جي لحاظ کان استاد آهي. سندس سڃاڻپ گلوڪار طور آهي. ريڊيو ۽ ٽي- وي تي پنهنجي آواز جو جادو جاڳائي چڪو آهي. سنڌي ادبي سنگت جو ويهن سالن کان وٺي ميمبر آهي.
وفا ڪوڙل چنه
وفا ڪوڙل چنه ولد محمد ڇٽل چنه پهرين مارچ 1977ع ۾ ابڙان ڳوٺ ضلع نوشهروفيروز ۾ ڄائو. 1993ع ۾ ادبي دنيا ۾ داخل ٿيو. هو شاعر ۽ ڪمپيئر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ادبي سنگت جو ميمبر آهي. پر اڄڪلهه گھٽ سرگرم آهي. سندس گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب “نيڻ نه ننڊون ڪن” ڇپيل آهي.
وفا ياسين چارڻ
غلام ياسين ولد محمد صالح چارڻ 08 سيپٽمبر 1971ع ۾ غريب آباد دادو ۾ ڄائو. 1990ع کان شاعريءَ ۾ پير پاتائين. پهريائين هو “يگانو” تخلص استعمال ڪندو هو پر هاڻي هو “وفا” تخلص استعمال ڪري ٿو. وفا ياسين ادبي سنگت دادؤ جو سرگرم ڪارڪن آهي ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ ميمبر رهندو ايندو آهي.
گل محمد شادان
گل محمد ولد احمد خان سومرو پهرين آڪٽوبر 1949ع ۾ سيتا روڊ ۾ جنم ورتو. پاڻ سول اسپتال ۾ ملازم پڻ رهيو. هو تاريخ نويس، مضمون نگار ۽ ڪهاڻيڪار هو. عربي ۽ سنڌي ٻوليءَ تي عبور هيس. عام طور تي کيس “گلاب سومرو” سان سڃاتو وڃي ٿو، پر تخلص “شادان” استعمال ڪندو هو. 1974ع کان ادبي افق تي براجمان ٿيو. هو سنگت دادو جو ميمبر هو. هن ادب جي خدمتگار 06 آگسٽ 2017ع تي هن فاني دنيا کي خيرباد ڪيو. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن ۾ “قرآن شريف جو سرائڪي ۽ سنڌي زبان ۾ ترجمو” ۽ “استاد بخاريءَ جي لفطن جي لغت” شامل آهي.
ڪريم ميمڻ
عبدالڪريم ولد عبدالحڪيم ميمڻ 07 فيبروري 1954ع ۾ ڳوٺ دين محمد شاهاڻيءَ ۾ ڄائو. 1983ع کان ادب ۾ پير پاتائين. هو ساسو ۾ ملازم هو ۽ شهيد عادل سکيراڻيءَ کيس ادبي سنگت ۾ آندو. هو مختلف وقتن ننڍن عهدن تي پڻ رهيو آهي. ڪريم ميمڻ شاعر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
غني ٻٻر
عبدالغني ولد حاجي نياز ٻٻر 11 مارچ 1977ع ۾ ڳوٺ ستين شاخ تعلقه جوهي ۾ پيدا ٿيو. ادب ۾ 1998ع ۾ داخل ٿيو بحيثيت هڪ شاعر جي. اڄڪلهه دادو شهر ۾ رهي ٿو. هو مزاحيه ۽ اصلاحي انداز ۾ وڏي مهارت سان لکي رهيو آهي. سنگت دادو ۾ هر سال ڪنهن نه ڪنهن عهدي تي سرگرميءَ سان ڪم ڪندو آهي.
فقير صوفي غلام مصطفى مڱڻيجو
غلام مصطفى ولد محمد صفر مڱڻيجو 28 نومبر 1962ع ۾ ڳوٺ يار محمد مڱڻيجو تعلقه دادؤ ۾ ڄائو. پيشي جي حوالي سان استاد آهي. سندس تخلص “صوفي خادم فقير” آهي. هن جي سڃاڻپ شاعر، مقالا نگار ۽ صوفي راڳيءَ طور آهي. سندس بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل ڪتاب “مخزنِ عشق” سال 2020ع ۾ ڇپيل آهي. سنڌي ادبي سنگت دادؤَ جو ڪجھه سالن کان ميمبر هو ۽ جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي پڻ رهيو. سال 2018ع ۾ سنگت جي آئيني خلاف ورزيءَ جي ڪري ميمبر شپ ختم ڪئي وئي.
مسڪين ملاح
محمد ابراهيم ولد احمد خان ملاح المعروف “مسڪين ملاح” پهرين مئي 1947ع تي ڳوٺ ملڪ تعلقه مورو ۾ ڄائو. هو روينيو کاتي ۾ ملازم هو. مسڪين ملاح شاعر جي حيثيت سان سنڌي ادبي سنگت ۾ آيو ۽ آخري دم تائين سنگت سان منسلڪ رهيو. سندس ڪلام ممتاز لاشاري ۽ اڪثر فنڪار به محفلن ۾ ڳائيندا آهن. مسڪين ملاح ٽي چار سال اڌرنگ جي بيماريءَ ۾ رهيو ۽ هن 25 مئي 2019ع تي وفات ڪئي.
صلاح الدين پهنور
صلاح الدين ولد حڪيم محمد صالح پهنور 08 جون 1947ع ۾ ڄائو. سندس وڏا ڳوٺ ابراهيم ڪچي مان لڏي اچي دادؤَ ۾ رهيا. پاڻ سوشل ويلفيئر کاتي ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽايرمينٽ ورتائين. صلاح صاحب شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪمپيئر ۽ اداڪار به رهيو. هو سنڌي ادبي سنگت جو پراڻو ميمبر آهي. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. صلاح صاحب ڪيتريون ئي ادبي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
غلام مصطفى مگسي
غلام مصطفى مگسي ولد حبيب الرحمان مگسي پهرين ڊسمبر 1976ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. ادبي دنيا ۾ 1993ع کان داخل آهي ۽ سنگت شاخ دادؤَ جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. شاعري ۽ نثر نويس تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. هن وقت سرڪاري ملازم آهي.
پرديسي غلام الرسول ٻٻر
غلام الرسول ولد محمد خان ٻٻر 07 ڊسمبر 1971ع ۾ ٿرڙي جادو شهيد ۾ ڄائو. پاڻ سول اسپتال دادؤ ۾ ڊسپينسر آهي. 1993ع کان ادبي دنيا سان واڳيل آهي بحيثيت شاعر ۽ ڪهاڻيڪار جي. سندس تخلص “پرديسي” آهي. پاڻ ادبي سنگت ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ اڪثر چونڊ جي ايندو آهي.
عمران سومرو
عمران علي ولد علي حسن سومرو المعروف “عمران سومرو” پهرين اپريل 1970ع ۾ دادو شهر جي غريب آباد محله ۾ ڄائو. سال 2000ع کان شاعر جي حيثيت سان ادب سان لاڳاپيل آهي. سال 2018ع ۾ سيڪريٽري هو ۽ 2021ع ۾ ڪائونسلر جي عهدي تي آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن آهي ۽ استادي پيشي سان لاڳاپيل آهي.
شاهد علي سولنگي
شاهد علي ولد محبوب علي سولنگي 1972ع ۾ دادو شهر جي مارڪيٽ محلي ۾ اک کولي. شاعري جي حيثيت سان ادبي سنگت ۾ آيو. اڄڪلهه ملڪ کان ٻاهر آهي.
دلشاد ڀٽو
دلشاد ڀٽو ولد محمد بخش ڀٽو پهرين اپريل 1972ع ۾ ڳوٺ سعيد خان ڀٽو تعلقه دادو ۾ ڄائو. دلشاد ڀٽو سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آهي. ماضيءَ ۾ ميونسپل ۾ ڪلارڪ هو. ان دوران ادبي سنگت جو پڻ ميمبر هو. مضمون، مقالا ۽ ڪالم ڪثرت سان لکندو هو. پر اڄڪلهه سنگت کان پاسيرو آهي.
مقبول گھلو
مقبول احمد ولد دائم الدين گھلو 24 نومبر 1971ع دادؤ شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي آهي. مقبول گھلو ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن رهيو. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس آهي. ٻارڙن جون ڪهاڻيون “روبوٽ” نالي ڪتاب 1982ع ۾ سرهاڻ پبليڪيشن مان ڇپيل اٿس. اڄڪلهه ملڪ کان ٻاهر آهي.
عبدالنبي آزاد جوڻيجو
عبدالنبي ولد محمد عارف جوڻيجو تخلص “آزاد” پهرين مارچ 1966ع ۾ ڳوٺ مراد جوڻيجو لڳ ڪڪڙ ۾ جنم ورتو. پاڻ استاد آهي. 1992ع ۾ ادبي سنگت دادو جو ميمبر ٿيو ۽ سال 1997ع تي سنگت جو سيڪريٽري رهيو. ان کان علاوه ٻين عهدن تي به رهي چڪو آهي. سندس سڃاڻپ شاعر، مقالا نويس طور آهي، اڄڪلهه ڪوٽڙي شاخ ۾ ميمبر آهي.
عبدالشڪور چارڻ
عبدالشڪور ولد عبدالڪريم چارڻ 25 آگسٽ 1974ع ۾ غريب آباد ۾ ڄائو. سندس تعلق ايجوڪيشن کاتي سان آهي. ڪافي سالن کان شعر و سخن جو محفلون اٽينڊ ڪندو پيو اچي هڪ شاعر جي حيثيت ۾. عبدالشڪور چارڻ ادبي سنگت جو ميمبر آهي. هو ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ به رهيو آهي.
هارون برهماڻي
هارون برهماڻي تخلص “مسرور” 25 فيبروري 1963ع تي دادو شهر ۾ جنم ورتو. سندس سڃاڻپ سماجي ڪارڪن طور آهي. ان کان علاوه ادبي سرگرمين ۾ هڪ شاعر ۽ مضمون نگار جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيندو آهي. ڪافي سالن کان ادبي سنگت جو ميمبر آهي. سال 2019ع جي اليڪشن ۾ آڊيٽر جي عهدي تي فارم ڀريائين ليڪن اليڪشن جو بائڪاٽ ڪري ويو ۽ پنهنجي استعيفا ڏياري موڪليائين جيڪا چونڊيل ڪاروباري ڪاميٽيءَ منظور ڪئي. هارون مسرور سدائين تحرڪ ۾ رهندڙ شخص آهي.
حسين بخش سکيراڻي
حيسن بخش ولد ڪانڊيرو خان سکيراڻي تخلص “منصور سکيراڻي” 25 اپريل 1963ع تي ڇاڻو شاه آباد ۾ ڄائو. پاڻ پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ ملازم آهي. سندس سڃاڻپ گلوڪار ۽ شاعر آهي. عادل سکيراڻيءَ جي دور ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو، پر هاڻي هو غير سرگرم آهي جو دادؤ ۾ گھٽ رهي ٿو ۽ نوڪري سانگي اڪثر کيس ٻاهر رهڻو پوي ٿو.
شاهد کوسو
شاهد حسين ولد يار محمد کوسو دادؤ شهر ۾ گھرام خان گوپانگ پاڙي ۾ سن 1980ع ۾ ڄائو. 2000ع ۾ ادبي دنيا ۾ آيو ۽ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر جي حيثيت سان هئي، ڏاڍو پڪو پختو شاعر هو پر حياتيءَ وفا نه ڪيس سال 2007ع ۾ وفات ڪيائين.
سلامت جويو
سلامت علي ولد نبي بخش جويو پهرين مارچ 1981ع ۾ ڄائو. 1998ع کان ادبي سنگت ۾ ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي. پاڻ پوليس کاتي ۾ ملازم آهي ۽ هينئر ادبي سنگت کان ٿورو ڪٽيل آهي.
عزيز رانجھاڻي
عبدالعزيز ولد گاهي خان رانجھاڻي 07 سيپٽمبر 1968ع ۾ ڳوٺ ڇني ۾ ڄائو. پيشي جي لحاظ کان انجنيئر آهي. سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ڪافي سالن کان ميمبر آهي. سندس سڃاڻپ محقق، تاريخ نويس ۽ ڪالم نگار طور آهي. سندس ڪتاب “سنڌ جون ڍنڍون“ ۽ “مهاٻوڏ” شايع ٿيل آهن. عزيز رانجھاڻي دادو منجھان حيدرآباد شفٽ ٿي ويو آهي.
ارشاد سفير لغاري
ارشاد علي ولد روشن علي لغاري المعروف “ارشاد سفير لغاري” 09 مئي 1969ع تي ڳوٺ فتح محمد لغاري تعلقه جوهي ۾ پيدا ٿيو. هو شاعر ۽ نثر نويس هو. ريلوي ۾ ملازمت سبب دادو سنگت ۾ ايندو هو ليڪن ميمبر نه هو. سال 2015ع ۾ کيس ميمبر ڏيکاريو ويو. ارشاد لغاري سال 2019ع ۾ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو.
ساگر شهزاد جاگيراڻي
شهزاد خان ولد غلام اڪبر جاگيراڻي المعروف “ساگر شهزاد جاگيراڻي” لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 04 آگسٽ 1986ع ۾ ڄائو. ڪن سببن جي ڪري سندن وڏا دادؤ ۾ اچي رهيا. ساگر شهزاد سال 2001ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر جي حيثيت سان آهي. اڄڪلهه هو حيدرآباد ۾ رهي ٿو ۽ سنگت کان ڪٽيل آهي.
رياض شاھ.
پير رياض احمد شاه ولد پير محمد عارف شاه 10 فيبروري 1967ع تي ڳوٺ پير بدرالدين تعلقي جوهي ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي ادب ۽ بي ايڊ هئي. پاڻ ايجوڪيشن کاتي ۾ ملازم هو ۽ سال 2018ع ۾ طبيعت جي ناسازيءَ سبب رٽايرمينٽ ورتائين. لکڻ جي شروعات 1991ع کان ڪيائين ۽ ادبي سنگت دادؤ جو 1998ع ۾ ميمبر ٿيو. هو هڪ سٺو ڪهاڻيڪار آهي، پر اڄڪلهه ادبي سنگت کان ڪٽيل آهي.
رفيق جتوئي
رفيق احمد ولد امام الدين جتوئي دادو جي گھرام خان گوپانگ پاڙي ۾ 03 اپريل 1984ع ۾ ڄائو. سال 2000ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ۾ شاعر جي حيثيت سان ميمبر بڻيو. اڄڪلهه غير سرگرم آهي.
راهي سانوڻاڻي
فدا حسين ولد محمد بخش سانوڻاڻي 15 فيبروري 1971ع ۾ دادو شهر جي ڇاڻو شاهه آباد ۾ ڄائو. سال 1992ع کان لکندو پيو اچي. راهي ادبي سنگت جو ميمبر آهي ۽ هڪ شاعر طور سڃاڻپ رکي ٿو. پاڻ واپڊا کاتي ۾ ملازم آهي. ڪجھه سالن کان راهي سنگت کان ڪٽيل آهي.
آسي بدر چنه
بدر الدين ولد حافظ شاه محمد چنه ڳوٺ نئين ڪلري تعلقي دادؤ ۾ 16 فيبروري 1984ع تي پيدا ٿيو. سٺو خاصو پڙهيل ۽ حافظِ قرآن آهي. پاڻ سرڪاري ملازم آهي. هو هڪ شاعر طور سڃاڻپ رکي ٿو. سال 2015ع جي اليڪشن ۾ معجزانه طور ميمبر ٿيو. اڄڪلهه غير آئيني ادبي سنگت شاخ جو ميمبر آهي.
غلام الدين غلام چانڊيو
غلام الدين ولد محمد موريل چانڊيو تخلص “غلام بلوچ” 10 مئي 1958ع تي ڳوٺ پير ترهو ۾ جنم ورتو. هو شاعر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ادبي سنگت سان تمام گھڻي عرصي کان وابسته هو. ڪجھه وقت غير سرگرم هو ليڪن سال 2015ع کان وري هڪ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان ميمبر ٿيو ۽ ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ باقاعدي ايندو رهيو. هن 23 ڊسمبر 2018ع تي وصال ڪيو.
ذوالفقار ساحل
ذوالفقار علي ولد بخشل خان شاهاڻي 08 آڪٽوبر 1974ع ۾ ڇاڻو شاهه آباد ۾ پيدا ٿيو. 1995ع کان لکڻ شروع ڪيائين. هو 1999ع ڌاري ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو پر هاڻي هو ادبي دنيا کان ڪٽيل آهي.
دلبر جمالي
شمس الدين ولد محمد ابراهيم جمالي 12 جنوري 1950ع ۾ ڳوٺ امام بخش جمالي ۾ ڄائو. پيشي جي حوالي سان وڪيل هو. 1990ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. دلبر جمالي پنهنجي نالي پويان “بزم دلبر” به قائم ڪئي هئي، هن هڪ ڪتاب “ماڪ ڦـڙا” بزمِ غالب طرفان ترتيب ڏنو. دلبر جمالي ادبي سنگت جو ميمبر هو ۽ ننڍن عهدن تي به رهيو. سندس وفات 2004ع ۾ ٿي.
فاروق سولنگي
ساماڻو خان ولد ڪريم بخش سولنگي المعروف “فاروق سولنگي” 10 آگسٽ 1947ع تي سيتا روڊ شهر ۾ ڄائو. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس ۽ مقالا نويس آهي. هن ڪيترائي T.V ڊرامه به لکيا. سندس هڪ ناول “وکريل ماڻهو” سال 2008ع ۾ ۽ هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب “سرد هوائون” شايع ٿيل آهن. سنڌي ادبي سنگت دادو جو ميمبر رهيو بعد ۾ حيدرآباد ۾ وڃي رهيو. فاروق سولنگي 2009ع تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
نازن کيڙو
محمد نواز ولد غلام نبي کيڙو المعروف “نازن کيڙو” 1945ع ۾ جنم ورتو. ادبي ۽ سماجي ڪمن ۾ سندس وڏو نالو هو. سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو سرگرم ميمبر رهيو. ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس هو. سندس ڪا به تصنيف سامهون نه آئي. نازن کيڙو ڪجھه سالن کان هن دنيا ۾ موجود نه آهي.
دکي دائود سومرو
محمد دائود ولد ساماڻو خان سومرو 16 اپريل 1961ع تي ڳوٺ شادڻ تعلقه جوهي ۾ ڄائو. بعد ۾ لڏي اچي مرکپور کي پنهنجو مسڪن بڻايائين. 1982ع کان ادب ۾ شاعر جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو. هو ادبي سنگت سان به واڳيل رهيو. دائود دکي ڪجھه وقت ڪراچيءَ ۾ رهيو ليڪن هاڻي وري دادؤ ۾ واپس آيو آهي ۽ 2020ع ۾ ٻيهر ادبي سنگت ۾ ميمبر شپ ورتي اٿائين.
دانش ملاح
غلام شبير ولد محمد هاشم ملاح دادو جي ملاح پاڙي ۾ سن 1964ع ۾ ڄائو. 1983ع کان لکندو پيو اچي. دانش ملاح شاعر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. عاشق دادويءَ جي دور کان ادبي سنگت دادؤ جو باقاعدي ميمبر ٿيو. هو پروگرامن ۽ گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندو رهندو هو. دانش ملاح بزِم غالب دادو ۾ پڻ سيڪريٽري رهيو. پاڻ بهترين شاعر هو ۽ سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن پڻ ڳائي آهي. دانش ملاح ڪافي عرصو بيمار رهندي 4 ڊسمبر 2020ع تي وفات ڪئي. کيس لال هندي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
خادم زئونر
خادم حسين ولد شاھ علي زئونر 07 آڪٽوبر 1961ع ۾ دادؤ لڳ فتح خان زئونر ۾ ڄائو. 1998ع ۾ ادبي سنگت ۾ بحيثيت هڪ شاعر طور ميمبر بڻيو. پاڻ سرڪاري ملازم آهي ۽ اڄڪلهه سنگت کان پري آهي.
حاجن چارڻ
عبدالرسول ولد حاجي عبدالڪريم چارڻ سن 1961ع ۾ غريب آباد پاڙي ۾ جنم ورتو. گھڻي وقت کان لکندو پيو اچي. سال 1998ع کان ادبي سنگت ۾ شموليت اختيار ڪيائين. سندس ادبي سڃاڻپ شاعر طور آهي. حاجن چارڻ اڳ “زخمي” تخلص استعمال ڪندو هو. سندس ڪافيون، ڪلام، گيت ۽ غزل ڇپائيءَ جا منتظر آهن.
سجاد يوسف
سجاد علي ولد رياض احمد سومرو المعروف “سجاد يوسف” ڦلجي اسٽيشن ۾ 05 اپريل 1995ع ۾ ڄائو. لکڻ جي شروعات 14ـ 2013ع کان ڪئي اٿائين. هڪ شاعر ۽ مضمون نويس طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. دادو ادبي سنگت ۾ 2015ع کان ميمبر شپ حاصل ڪئي اٿائين. سال 2018ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي تي رهيو ان بعد سال 2019ع، 2020ع ۽ 2021ع ۾ خزانچيءَ جي عهدي تي آهي.
مقصود چانڊيو
مقصود احمد ولد امام بخش چانڊيو 07 جولاءِ 1973ع تي ڳوٺ ميانداد چانڊيو ۾ ڄائو. ادب ۾ 1988ع ۾ داخل ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪالم نگار آهي. ان کان علاوه صحافت ۾ به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ قومپرست ۽ سماجي ورڪر پڻ آهي، سندس شاعري ڪتابن ۽ رسالن ۾ ڇپي آهي اهڙي طرح مضمون ۽ ڪالم به لکندو رهي ٿو.
جاويد اختر
جاويد اختر ولد بخشل خان سولنگي 04 ڊسمبر 1979ع تي دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. لکڻ جي شروعات 1995ع کان ڪيائين ۽ 1998ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي. اڄڪلهه ڪوٽڙيءَ ۾ رهائش پذير آهي.
تبسم ماجد علي چنه
سليم علي ولد محمد ابراهيم چنه المعروف “تبسم ماجد چنه” 02 آڪٽوبر 1975ع ۾ دادو جي ڪنڀر محلي ۾ ڄائو. 1987ع کان لکڻ جي ابتدا ڪيائين ۽ 1998ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر بڻيو. هو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي، اڄڪلهه ادبي سنگت کان ڪٽيل آهي.
نبي بخش سمون
نبي بخش سمون ولد شادي خان 15 جولاءِ 1965ع تي دادؤ ۾ ڄائو. ادب جي ميدان ۾ 1990ع ۾ آيو. پيشي جي لحاظ کان استاد آهي. نبي بخش سمون سگا دادؤ جو صدر به رهي چڪو آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ سماجي ورڪر طور آهي. پاڻ هڪ سرگرم ڪارڪن هو ۽ سنگت جو جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو. نبي بخش اڄ به سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو پيو اچي.
اخلاق چارڻ
اخلاق احمد ولد نصرالله چارڻ پهرين مارچ 1976ع ۾ غريب آباد دادو ۾ جنم ورتو. عاشق دادوي کيس بزمِ غالب ۾ وٺي آيو ۽ پوءِ لکڻ جي شروعات ڪيائين. 1998ع کان “اخلاق چارڻ” جي تخلص سان شاعري ڪري ٿو. 2000ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو هو. پر اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.
سرور شيخ
غلام سرور شيخ ولد غلام الرسول شيخ ادبي نالو “سرور شيخ” 12 جنوري 1976ع ۾ ڳوٺ عارب شيخ ۾ ڄائو. پاڻ پيشي جي حوالي سان انجنيئر آهي. 2005ع کان ادب جي ميدان ۾ آيو. سندس سڃاڻپ هڪ مضمون نگار ۽ ڪالم نگار طور آهي. 2005ع کان ئي ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر آهي. سال 2021ع ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر چونڊيل آهي.
بدر جاگيراڻي
بدر الدين ولد غلام حيدر جاگيراڻي 12 جون 1981ع تي لاڙڪاڻي ضلع ۾ ڄائو. 2000ع کان ادب جي دنيا ۾ آيو. سال 2000ع ۾ ئي ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر ٿيو. ڪجھه عرصو دادؤ ۾ رهيو پر هاڻي حيدرآباد ۾ رهي ٿو.
بخت رضا
بخت علي ولد محبت علي گوپانگ پهرين جنوري 1982ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو. لکڻ جي شروعات 1998ع کان ڪيائين ۽ ادبي سنگت ۾ شاعر جي حيثيت سان داخل ٿيو. پاڻ واپڊا کاتي ۾ ملازم آهي. هو ادبي سنگت ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهندو آهي.
محمد حسين روشن منگي
محمد حسين ولد محمد صديق منگي تخلص “روشن منگي” پهرين سيپٽمبر 1948ع ام ڳوٺ پيارو آرائين ۾ ڄائو. تمام گھڻو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو آهي ۽ صحت کاتي ۾ اعلى عهدي تي رهيو. ادبي سنگت دادؤ جو پراڻو ميمبر آهي ۽ اڄ تائين سنگت کي باقاعدي وقت ڏئي رهيو آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي.
سارنگ جمالي
لهڻو خان ولد غلام قادر جمالي “سارنگ جمالي” 20 ڊسمبر 1975ع ۾ ڳوٺ سيوو خان جمالي تعلقي جوهي ۾ ڄائو. هو سياسي ۽ سماجي ڪارڪن هو. 2000ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو ۽ سال2005ع ۾ ٻه مهينا کن نگران سيڪريٽري به رهيو ۽ سال 2008ع ۾ کيس باقاعدي سيڪريٽري چونڊيو ويو. سندس سڃاڻپ نثر نويس طور آهي. هن سارنگ جي نالي سان هڪ ماهوار رسالي جا ٻه ٽي پرچا به شايع ڪيا. سارنگ جمالي 2014ع ۾ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو.
ڊاڪٽر صلاح الدين لاکير
ڊاڪٽر صلاح الدين ولد شمس الدين لاکير پهرين جنوري 1959ع ۾ ڳوٺ دائود ديرو تعلقي ميهڙ ۾ ڄائو. پاڻ رٽايرڊ ڊاڪٽر آهي ۽ سماجي خدمتن ڪري مشهور آهي. سنڌي ادبي سنگت جو پراڻو ڪارڪن رهيو آهي، پر اڄڪھه سنگت کان پري آهي، باقي وقتًا فوقتَا سنگت لاءِ حال حاضر ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندو آهي.
اقبال شينو
اقبال حسين ولد محمد مٺل شينو 26 جون 1953ع تي ڳوٺ “ابراهيم جي” ۾ ڄائو. پاڻ سب انجنيئر هو. 1973ع کان بحيثيت شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس ٻاراڻي شاعريءَ جو ڪتاب “جھڙا گل گلاب جا”، “سرها گل رابيل” ۽ “سنڌڙي ۽ سونهن” ڇپيل آهن. اقبال شينو 1988ع ۾ ڀريا وليج ڄامشورو ڦاٽڪ جو ميمبر رهيو ۽ بعد ۾ ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر ٿيو. اقبال شينو ڪافي عرصو بيمار رهڻ بعد 4 ڊسمبر 2020ع تي وفات ڪري ويو. کيس اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو.
حضور بخش گوپانگ
حضور بخش ولد حاجي ميرل گوپانگ 29 نومبر 1961ع ۾ ڄائو. سندس ڄمڻ جو هنڌ ڳوٺ مريد گوپانگ آهي. سندس تعليم ميٽرڪ پاس آهي پيشي جي حوالي سان ميونسپل ڪاميٽي ۾ ملازم آهي. هو ڪيترن ٽي-وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ به ڪم ڪري چڪو آهي ۽ هڪ استاد فنڪار جي حيثيت رکي ٿو. حضور بخش نه صرف فنڪار پر هو سٺو مزاحيه شاعر به آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ سال 2000ع کان ميمبر آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو آهي. سندس مزاحيه شاعريءَ جو هڪ ڪتاب “عاشقن سان ڌانڌلي” شايع ٿيل آهي.
رشيد چارڻ
عبدالرشيد ولد شفيع محمد چارڻ 1953ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. سندس سڃاڻپ فنون لطيفه جي حوالي سان آهي. هو ڪجھه وقت صحافتي ميدان به رهيو. پنهنجا مزاحيه لطيفه وغيره پاڻ لکندو آهي ۽ اخبارن ۾ به ڪالم لکيا اٿس. سنڌي ادبي سنگت جو پراڻو ڪارڪن آهي ۽ اڄ تائين سنگت سان نڀائيندو پيو اچي توڙي جو هو تمام گھڻو مصروف آهي.
پروفيسر اقبال پهنور
اقبال حسين ولد حسين بخش پهنور 02 جون 1952ع تي ڳوٺ ٻڍو پهنور تعلقه دادؤ ۾ ڄائو. 1988ع کان ادبي شعبي ۾ آيو سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار، مقالا نويس ۽ ترجمه نگار آهي. پروفيسر اقبال پهنور ادبي سنگت جو سال 95 ۽ 1996ع ۾ ٻه سال مسلسل سيڪريٽري رهيو هاڻي هو حيدرآباد ۾ رهي ٿو ۽ سنگت کان ڪٽيل آهي.
بهزاد سنڌي
رحمت الله ولد عبدالمجيد ملاح 12 ڊسمبر 1971ع تي ملاح پاڙي دادؤ ۾ ڄائو. 1989ع کان ادب ۾ آيو. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس آهي. سال 1994ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. هن “ڇليون منڇر ڇوليون” جي نالي سان هڪ مئگزين به جاري ڪيو ۽ هڪ ڪتاب “ريلا ريلا رت جا” پڻ ترتيب ڏنو. ڪجھه عرصو ڪوٽڙيءَ ۾ به رهيو ۽ اتي شاخ ڪوٽڙي سان واڳيل رهيو. هاڻي وري دادؤ ۾ رهي ٿو ليڪن سنگت جو ميمبر نه آهي.
بلوچ صحبت علي
صحبت علي ولد محمد يعقوب لنڊ 01 جنوري 1974ع ۾ شاھ آباد ڇاڻو ۾ پيدا ٿيو. 1995ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار آهي. 2000ع کان ادبي سنگت دادو جو ميمبر آهي. وچ تي ڪراچيءَ ۾ سندس رهائش هئي. اتي به سنگت جو سيڪريٽري رهيو ۽ ادبي سرگرميون جاري رکيائين، پيشي جي لحاظ کان پاڻ وڪيل آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل ۽ ترتيب پڻ ڏنل آهن. بلوچ صحبت علي “سرجھڻهار” پبليڪيشن جو پڻ باني آهي. اڄڪلهه سنگت ۾ سرگرم نه آهي.
نعيم ملڪ
غلام مصطفى ولد مير خان ملڪ المعروف “نعيم ملڪ” 15 مئي 1965ع تي ڳوٺ فيض محمد ملڪ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق استادي پيشي سان آهي. ادبي سنگت دادؤ جو 1993ع کان ميمبر آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. هو ادبي سنگت دادؤ ۾ خزانچي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي پڻ رهي چڪو آهي. اڄڪلهه ڪوٽڙيءَ ۾ رهي ٿو ۽ ڪوٽڙي شاخ جو ميمبر آهي.
غلام سرور ڀنڊ
غلام سرور ولد عبدالله ڀنڊ 1961ع ۾ ڳوٺ سلطان ڀنڊ ۾ جنم ورتو. سماجي ورڪر جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ ادب سان چاھ پڻ رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هو ادبي سنگت دادؤ ۾ ميمبر پڻ رهيو.
محمد يوسف سرهيو
محمد يوسف ولد حاجي خان سرهيو 11 سيپٽمبر 1944ع تي دادو شهر جي سرهيه محله ۾ ڄائو. شروعات ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ پوءِ ڪجھه وقت سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ۾ پڻ ملازمت ڪيائين. سماجي ڪمن جي حوالي سان سرهيو صاحب پڻ مشهور آهي. هو سگا دادو جو صدر پڻ رهيو. علمي ۽ ادبي ذوق رکندڙ هي انسان سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر به رهيو آهي.
ادل سولنگي
لعل بخش ولد محمد حسين تخلص “ادل سولنگي” 08 مارچ 1966ع تي ڳوٺ محراب پور ضلع لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم محراب پور ۽ مئٽرڪ دادو ضلعي جي مخدوم بلاول هاءِ اسڪول مان ڪيائين. سندس زندگيءَ جو گھڻو عرصو دادؤ ۾ گذريو جتي سندس ادبي ۽ سياسي اوسر ٿي. ادل سولنگي 1982ع کان لکڻ شروع ڪيو ۽ ادبي سنگت شاخ ڇاڻو شاهه آباد جو ميمبر ٿيو.1983ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ 1984ع ۾ دادو شاخ جو خزانچي پڻ رهيو سندس هڪ ڪتاب 2015ع ۾ “خانه بدوش لفظن جا قافلا” ڇپايو ويو آهي. ادل سولنگي اڄڪلهه محراب پور ۾ رهي ٿو.
اعظم ڇڻڪو
محمد اعظم خان ولد غوث محمد خان ترين پٺاڻ 14 فيبروري 1961ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو. سندس وڏا ڪوئيٽا مان هتي لڏي آيا هئا. اعظم خان “ڇڻڪو” تخلص استعمال ڪري ٿو. سندس سڃاڻپ مزاحيه شاعر طور آهي. 1998ع کان ادبي دنيا ۾ آهي ۽ سنگت دادؤ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ پڻ ميمبر رهندو آهي.
دلشاد ڀٽو
دلشاد ڀٽو ولد محمد بخش ڀٽو پهرين اپريل 1972ع ۾ ڳوٺ سعيد خان ڀٽو تعلقي دادؤ ۾ جنم ورتو. دلشاد ميونسپل دادؤ ۾ ڪجهه وقت ڪلارڪ به رهيو. هو سياسي، سماجي ۽ ادبي ڪمن ۾ پيش پيش هوندو هو. ڪيترين ئي سياسي ۽ سماجي تنظيمن ۾ اهم عهديدار به رهيو. دلشاد ڀٽو ڪجهه وقت صحافت سان به منسلڪ رهيو ۽ وڏين توڙي ننڍين، اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ مضمون ۽ ڪالم به لکيائين. سچ لکڻ ۽ ڳالهائڻ تي کيس گهڻيون ئي تڪليفون آيون. هو سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ به ڪيترا سال ميمبر رهيو، مگراڄڪلهه سرگرم نه آهي.
رشيد تصور سومرو
عبدالرشيد ولد حاجي محمد سومرو دادو شهر ۾ 8 آگسٽ 1970ع ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ٽيڪ سول ۽ ايل ايل بي آهي. پاڻ هاءِ ويز ۾ سب انجنيئر جي عهدي تي فائز آهي. 1988ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر ٿيو. اڄڪلهه مصروفيتن سبب ادبي سنگت کي ايترو وقت نٿو ڏئي سگھي.
سهيل اختر ملاح
سهيل اختر ولد محمد ادريس ملاح 30 مارچ 1981ع تي ڳوٺ پير بخش مير بحر ۾ اک کولي. 1999ع کان ادبي سنگت ۾ آيو سندس پسنديده صنف شاعري آهي اڄڪلهه ادبي سنگت کان پاسيرو آهي.
حامد علي حامد
حامد علي ولد بشير احمد قريشي 20 مارچ 1997ع تي غريب آباد محله دادؤ ۾ ڄائو. لکڻ جي شروعات 2014ع کان شاعر جي حيثيت سان ڪيائين سندس ادبي نالو “حامد قريشي” آهي. حامد 2015ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو سندس ادبي استاد عاشق دادوي ۽ عمران سومرو آهن.
امين جمالي
محمد امين ولد عطا محمد جمالي المعروف “امين جمالي” دادو شهر ۾ 30 نومبر 1965ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم اي، پوليٽيڪل سائنس ۽ مسلم هسٽري ۽ ايم ايڊ آهي. پاڻ استاد آهي. 1985ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين نظم ۽ نثر ۾ طبع آزمائي ڪري ٿو. سنڌي ادبي سنگت دادؤَ جو 1986ع ۾ ميمبر ٿيو ۽ ڪيترا دفعا ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ ميمبر چونڊيو ويو آهي.
ڊاڪٽر اشرف آصف مصراڻي
ڊاڪٽر محمد اشرف ولد احمد خان آصف مصراڻي ڪڪڙ جي ڀرسان ڳوٺ مٺو ٻٻر ۾ 08 مئي 1954ع ۾ پيدا ٿيو . سندس تعليم ايم بي بي ايس هئي ۽ هو پاڪستان فوج ۾ ڊاڪٽر هو پوءِ هو سول سروسز ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو ۽ سول اسپتال دادؤ ۾ سينيئر ميڊيڪل آفيسر رهي رٽاير ٿيو. دادو ۾ رهڻ دوران ادبي سنگت شاخ دادؤ جو ميمبر بڻيو. شاعري کيس ورثي ۾ ملي هئي ان ڪري پاڻ به هڪ بهترين شاعر هو. سندس وفات 13 مئي 2017ع تي ٿي.
رفيق راز
محمد رفيق ولد عطا محمد جمالي المعروف “رفيق راز” 08 آگسٽ 1970ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. لکڻ جي شروعات 1985ع کان ڪيائين ۽ 1986ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر بڻيو. هو سنگت دادؤ ۾ خزانچي ۽ ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر پڻ رهيو. پاڻ نظم ۽ نثر ۾ لکندو آهي. ادبي سنگت کان علاوه وطن دوست ٻار تنظيم جو پڻ عهديدار رهيو.
فاروق ڀرڳڙي
فاروق احمد ولد محبوب علي ڀرڳڙي 08 مارچ 1982ع ۾ ڄائو. پاڻ سٺو ڪهاڻيڪار ٿي سامهون آيو ۽ شاعري به ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات 1998ع ۾ ڪئي ۽ 2000ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. اڄڪلهه ادبي سنگت ۾ سرگرم نه آهي.
رضوان غني
رضوان غني ولد عبدالغني منگي المعروف “رضوان غني” دادو شهر ۾ 12 جون 1990ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ايس سي آهي ۽ صحافت جي شعبي سان واڳيل آهي. لکڻ جي شروعات 2010ع ۾ ڪيائين ۽ 2012ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ مضمون نويس ۽ ڪالم نگار آهي.
علي گوهر لغاري
علي گوهر لغاري ولد حڪيم محمد يعقوب لغاري ڳوٺ شير محمد سولنگيءَ ۾ 30 سيپٽمبر 1966ع ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر ۽ P.T.C آهي ۽ پاڻ پرائمري استاد آهي. لکڻ جي شروعات 1991ع کان ڪيائين. ادبي ۽ طبي مضمون لکڻ سان گڏوگڏ مضمون گڏ ڪرڻ جو بيحد شوق اٿس. سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ 2012ع کان ميمبر آهي.
عابد سولنگي
عابد حسين ولد محمد صديق سولنگي 04 اپريل 1986ع تي ڳوٺ گل حسن سولنگي ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم-اي انگلش آهي. هن لکڻ جي شروعات سال 2000ع کان ڪيائين ۽ سال 2013ع ۾ ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر بڻيو. عابد سولنگيءَ جي سٽي شاخ ۾ وڃڻ جي ڪري ميمبر شپ ختم ڪئي وئي.
علي گل ڪربلائي
علي گل ولد پيرل خان گوپانگ 15 آگسٽ 1979ع تي ڳوٺ وزير خان گوپانگ تعلقه جوهي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم-اي سوشالاجي آهي. 1999ع کان ادبي دنيا ۾ آيو ۽ “ڪربلائي” تخلص اختيار ڪيائين. پاڻ هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نويس آهي. سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ 2000ع ۾ ميمبر ٿيو. هو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي.
شڪيل آخوند
عبدالسميع ولد آخوند غلام قادر المعروف “شڪيل آخوند” 17جولاءِ 1953ع تي دادو شهر جي آخوند محلا ۾ پيدا ٿيو. مئٽرڪ پاس ڪري پنهنجي بابا سان زمينداري، ٺيڪيداري ۽ ڪاروبار سنڀالڻ جي ڪم لڳي ويو. روشن سولنگي، احمد خان ملڪاڻي، فاروق سولنگي، شوڪت سنڌي ۽ ٻين دوستن سان سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ پڻ گڏ هوندو هو. 1965.66ع ۾ ادبي سنگت دادؤ ۾ ادب دوست هجڻ جي ناتي ميمبر رهيو. شڪيل آخوند ميونسپل ڪاميٽي دادؤ جو چيئرمين به رهيو. هن پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ 1985ع ۾ ادبي سنگت لاءِ موجوده آفيس بنا ڪرائي جي ڏني ۽ فرنيچر لاءِ مالي مدد به فراهم ڪئي. آخوندصاحب اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.
راجه روشن
روشن علي ولد پيرل خان گوپانگ ڳوٺ وزير خان گوپانگ ۾ 1984ع ۾ جنم ورتو. سندس تعليم B.A آهي ۽ هو ريلوي کاتي ۾ ملازم آهي. سال 2003ع ۾ شاعر جي حيثيت سان ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر ٿيو. هو ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو پڻ ميمبر رهي چڪو آهي. سندس تخلص “راجه” آهي.
شعيب ٿهيم
محمد شعيب ولد غلام مصطفى ٿهيم المعروف “شعيب ٿهيم” 01 مارچ 1991ع تي مزدور آباد محله ۾ پيدا ٿيو. پاڻ بي ڪام پاس آهي ۽ صحافت جي شعبي سان منسلڪ آهي. ڪافي سالن کان اخبارن ۾ مضمون ۽ ڪالم لکندو رهيو آهي. اڄڪلهه “سچ” نيوز چينل جو ضلعي رپوٽر آهي. ادب سان چاھ هجڻ ڪري سال 2012ع کان سنڌي ادبي سنگت شاخ دادؤَ جو ميمبر آهي.
مير منظور صنم جويو
منظور علي ولد بشير احمد جويو پهرين جون 1988ع ۾ غريب آباد محلي دادو ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ڪام ايل ايل بي آهي ۽ وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل آهي. مير منظور صنم شاعر ۽ مقالا نگار جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو هن لکڻ جي باقاعدي شروعات 2004ع کان ڪئي. هو 2011ع کان سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو سرگرم ڪارڪن آهي. سال 2019ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري رهيو.
پرنس ذوالفقار چارڻ
ذوالفقار علي ولد زوار غلام حسين جعفري چارڻ 07 مارچ 1965ع ۾ دادو شهر جي بُٺ محلي ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم M.A مسلم هسٽري ۽ ماسٽرس ان ڊرائنگ آهي. پاڻ ڊرائنگ استاد جي حيثيت ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. لکڻ جي شروعات 1980ع کان ڪيائين. ڪجھه ڪهاڻيون ۽ ڊرامه پڻ لکيا اٿائين. هو سٺو اداڪار ۽ هدايتڪار پڻ آهي ڪيترن ئي ٽيلي فلمن ۾ ڪم ڪيو اٿائين. سال 2000ع کان سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر آهي.
رضا محرم جتوئي
محرم علي ولد سانوڻ خان جتوئي المعروف “رضا محرم جتوئي” 20 مارچ 1970ع تي ڳوٺ احمد خان جتوئي ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم ايم-اي بي ايڊ آهي ۽ استادي پيشي سان سلهاڙيل آهي. بحيثيت هڪ شاعر جي ڪافي سالن کان لکندو پيو اچي. رضا محرم جتوئي سال 2015ع کان سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن آهي.
پروفيسر بدرالدين ملڪاڻي
بدرالدين ولد سرائي غلام دستگير ملڪاڻي دادو تعلقي جي ڳوٺ ملڪاڻي شريف ۾ 02 جون 1946ع ۾ پيدا ٿيو. جوانيءَ ۾ مضمون ۽ ڪالم به لکيائين. پهريائين استاد ۽ بعد ۾ ڪاليج ۾ پروفيسر رهيو. سوشل هجڻ ڪري گسٽا جو صدر ۽ سپلا ۾ پڻ عهديدار رهيو ۽ استادن لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون سر انجام ڏنائين. پاڻ ڪجھه سال استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادؤ جو پرنسيپال پڻ رهيو. سگا ۽ سنڌي ادبي سنگت سندس پسنديده تنظيمون آهن ۽ پاڻ انهن جو ميمبر به رهيو. پروفيسر بدر ملڪاڻي ڪجھه عرصو بيمار رهيو سندس وفات سال 2019ع ۾ ٿي.
اقبال چارڻ
محمد اقبال ولد الهورايو چارڻ المعروف “اقبال چارڻ” 16 جنوري 1964ع تي ڳوٺ نهال خان چارڻ تعلقي دادؤ ۾ ڄائو. سندس تعليم مڊل پاس آهي ۽ پوليس کاتي ۾ سب انسپيڪٽر آهي. سندس سڃاڻپ شاعر ۽ فنڪار طور آهي. يڪتاري تي ڳائيندو آهي. شاعريءَ جي شروعات 1995ع کان ڪيائين ۽ سال 2013ع کان سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر آهي.
روح رڪڻائي
محمد عرس ولد الهنواز ڪوريجو تخلص “روح رڪڻائي” 05 اپريل 1953ع تي ڳوٺ پير بخش ميربحر ۾ سنڌ جي ناليواري شاعر سائين “الهنواز رڪڻائيءَ” جي اڱڻ تي اک کولي. سندس تعليم ايم اي ايم ايڊ آهي ۽ استادي پيشي سان لاڳاپيل هو. 2013ع ۾ رٽاير ڪيائين. شاعري ته کيس ورثي ۾ مليل هئي. پر منظر تي 2008ع کان آيو. سال 2013ع کان سنڌي ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر آهي.
سڪندر آصف ملڪاڻي
سڪندر علي ولد عرضي خان ملڪاڻي 12 اپريل 1965ع تي ڳوٺ ملڪاڻي شريف تعلقي دادؤ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم-اي-ايم-ايڊ آهي ۽ استاد طور خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. هن لکڻ جي شروعات 1992ع کان ڪهاڻيون ۽ مضمون لکي ڪئي. 1993ع کان سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر آهي ۽ ڪيترائي دفعا ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو آهي.
علي عباس سولنگي
علي عباس ولد نظير احمد سولنگي پهرين آگسٽ 1962ع تي ڇاڻو شاھ آباد دادو ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم B.A ۽ PTC آهي ۽ استادي پيشي سان منسلڪ آهي. لکڻ جي شروعات 1978ع کان ٻاراڻي ادب سان ڪهاڻيون لکي ڪيائين تخلص “علي” استعمال ڪندو آهي. 1980ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت شاخ ڇاڻو شاهه آباد جو ميمبر ٿيو هو. 1983ع ۾ دادو شاخ ۾ ڇاڻو شاه آباد شاخ ضم ٿي ته هن دوست به سرگرمي ڇڏي ڏني.
وجئه ڪمار
وجئه ڪمار ولد ڀڳوانداس نانڪاڻي 15 سيپٽمبر 1968ع ۾ دادو جي شاهاڻي محله ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم B.E آهي ۽ پاڻ انجينئر آهي نظم ۽ نثر ٻنهن ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس. 1986ع کان وٺي سنڌي ادبي سنگت دادو جو ميمبر آهي ۽ مختلف وقتن تي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو آهي.
جاني جمالي
عرفان شمس ولد شمس الدين “دلبر جمالي” 28 مارچ 1981ع ۾ غريب آباد محله دادؤ ۾ ڄائو. 2006ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين هڪ شاعر طور سندس سڃاڻپ آهي. تخلص “جاني” استعمال ڪري ٿو. سال 2007ع کان سنڌي ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر آهي. اڄڪلهه غير سرگرم آهي.
عزيز سنڌي
عبدالعزيز ولد سردار الحاج محمد هاشم امير البحر دادو تعلقي ۾ واقع سندن والد جي نالي قائم ڪيل ڳوٺ ۾ 1959ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم B.A آهي پاڻ رينجرز ۾ آفيسر ۽ بعد ۾ ايجوڪيشن ۾ ملازم رهيو. لکڻ جي شروعات 1973ع کان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور ڪيائين. پهريائين عزيز سنڌي ۽ بعد ۾ “شان انقلابي” تخلص استعمال ڪندو هو، پر هاڻي “عبد العزيز امير البحر” استعمال ڪري ٿو. 1975ع کان ادبي سنگت ڇاڻو شاه آباد جو ميمبر ٿيو ۽ ڪافي سرگرمي ڏيکاريائين. هن سنڌي ادبي سنگت کي فعال رکڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو، ۽ 1985ع ۾ آڊيٽر جي عهدي تي رهيو. هن وقت غير سرگرم آهي.
فرقان حنيف ڪابورو
فرقان احمد ولد محمد حنيف ڪابورو تعلقي دادؤ جي ڳوٺ “ڳڙهي” ۾ پهرين جنوري 1952ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي ۽ ڊپلومان ان فزيڪل ايجوڪيشن آهي. پاڻ فزيڪل انسٽرڪٽر هو ۽ اڄڪلهه رٽايرڊ آهي. لکڻ جي شروعات 1976ع کان ڪيائين سندس سڃاڻپ نثر نويس طور آهي. لکڻ ۾ تخلص “فرقان حنيف ڪابورو” استعمال ڪندو آهي. 1985ع کان سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر آهي. ان کان علاوه سماجي تنظيمن ۾ پڻ عهديدار آهي ۽ فلاحي ڪم پڻ ڪندو رهي ٿو.
نثار لاشاري
نثار احمد ولد ڪوڙو خان لاشاري ڳوٺ واهي پانڌي تعلقي جوهي ۾ پهرين جنوري 1970ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم-اي سوشيالاجي آهي ۽ پاڻ سول اسپتال دادؤَ ۾ بلڊ بئنڪ ليبارٽري ٽيڪنيشن جي عهدي تي فائز آهي. لکڻ جي شروعات 1988ع کان ڪيائين بحيثيت ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس جي. تخلص طور “نثار لاشاري” استعمال ڪندو آهي ادبي سنگت ۾ 2011ع ۾ ميمبر ٿيو.
تاج جمالي
تاج محمد ولد حاجي امان الله 1963ع ۾ ڳوٺ سيوو جمالي تعلقي جوهي ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري پاس آهي. 1988ع کان ادبي دنيا ۾ آيو. شاعري، مضمون ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيائين. تاج جمالي سنڌي ادبي سنگت سان 2005ع کان لاڳاپيل آهي. هو ڪيترا ڀيرا ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهي چڪو آهي.
عبدالمجيد جمالي
عبدالمجيد جمالي ولد فقير محمد جمالي ڳوٺ فقير محمد جمالي تعلقي جوهي ۾ تولد ٿيو. سندس جنم جي تاريخ 10 آگسٽ 1950ع آهي. تعليم بي-اي ايل ايل بي هئي. هو وڪالت جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو ۽ سماجي ڪمن ۾ پڻ ڀرپور حصو وٺندو هو. ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران مضمون وغيره لکندو هو. سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ کيس عادل سکيراڻي وٺي آيو سندس انتقال سال 28 جنوري 2014ع ۾ ٿيو.
احمد علي ٻٻر
احمد علي ولد ڄام خان ٻٻر ڳوٺ احمد خان ٻٻر ۾ پهرين مئي 1969ع ۾ اک کولي. سندس تعلق استادي پيشي سان آهي ۽ غريب آباد هاءِ اسڪول ۾ ايڇ ايس ٽي طور خدمت ڪري رهيو آهي.لکڻ جي شروعات 1984ع کان مضمون ۽ شاعري سان ڪيائين ۽ ادبي سنگت جو ميمبر بڻيو. هو ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو آهي، پر اڄڪلهه غير سرگرم آهي.
منظور جمالي
منظور علي ولد دلشاد جمالي ڳوٺ الهرکيو جمالي تعلقي جوهي ۾ 16 مئي 1975ع ۾ پيدا ٿيو. 1992ع کان لکڻ جي شروعات مضمون ۽ شاعريءَ سان ڪيائين. ادبي ذوق هجڻ ڪري 2007ع کان سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر بڻيو اڄڪلهه غير فعال ميمبر آهي.
نثار خشڪ
نثار احمد ولد علي شير خشڪ ڳوٺ محمد خان خشڪ ۾ 13 ڊسمبر 1973ع ۾ پيدا ٿيو. پاڻ مذهبي ماڻهو آهي ۽ نعتيه شاعري ڪندو آهي. ادبي سنگت ۾ 2012ع ۾ ميمبر ٿيو ۽ اڄڪلهه غير سرگرم آهي.
اختر برهماڻي
علي اختر ولد محمد الياس برهماڻي 27 ڊسمبر 1965ع تي ڇاڻو شاھ آباد ۾ جنم ورتو. سندس تعليم MSc ۽ M.P.A آهي. 1988ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين بحيثيت شاعر ۽ مضمون نگار جي. 1983ع کان ادبي سنگت دادو ۾ ميمبر بڻيو. هن کان اڳ ڇاڻو شاه آباد شاخ ۾ ميمبر هو.
نور محمد عباسي
نور محمد ولد فقير محمد عباسي ڳوٺ گنجا تعلقه ميهڙ ضلع دادو ۾ 08 فيبروري 1957ع ۾ ڄائو. ميٽرڪ وارهه هاءِ اسڪول ۽ انٽر نصيرآباد ڪاليج مان ڪيائين. سندس ڪل تعليم بي ڪام پاس آهي. 1981ع کان مليريا کاتي ۾ ملازم هو ۽ هاڻي رٽاير آهي. کيس آثار قديمه سان چڱي خاصي دلچسپي هوندي هئي. 1993ع ۾ هي دوست اڳئي ميمبر هو. گھڻو ڪري ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ به ميمبر چونڊبو هو. 1984ع کان مضمون ۽ مقالا لکڻ جي شروعات ڪيائين جيڪي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا. هاڻي ڄامشوري ۾ رهائش پذير آهي. نور محمد عباسي ادبي سنگت دادو جو گھڻو سرگرم ڪارڪن رهيو آهي.
ڊاڪٽر امين چانڊيو
ڊاڪٽر محمد امين ولد خير محمد چانڊيو ٻي اپريل 1962ع ۾ ڳوٺ ڏڱر تعلقي ڪي-اين شاه ۾ ڄائو. 1984ع ۾ سنڌي ادبي سنگت دادو جو ميمبر بڻيو بحيثيت هڪ نثر نويس جي. سندس تعليم ايم-بي-بي-ايس آهي ۽ ڊاڪٽري جي شعبي سان سلهاڙيل آهي. هو ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. اڄڪلهه غير فعال آهي.
علي اڪبر شيخ
علي اڪبر شيخ ولد قائم الدين شيخ ڳوٺ دڙو ۾ ڇهين آڪٽوبر 1955ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم¬ـ اي بي ايڊ هئي. سندس استادي پيشي سان تعلق هو. پاڻ مختلف اسڪولن ۾ پنهنجون خدمتون ڏئي چڪو جنهن ۾ گورنمينٽ پائليٽ (پرمانند هرداس) هاءِ اسڪول، طالب المولى هاءِ اسڪول ۽ غريب آباد هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر جي عهدي تي پڻ رهيو ۽ ڪراچيءَ ۾ A.D.O پڻ رهيو. شهيد عادل سکيراڻيءَ جي وقت ۾ ادبي سنگت جو ميمبر هو ۽ ڪيترا سال ادبي سنگت سان نڀائيندو رهيو. محترم علي اڪبر شيخ دل جي تڪليف سبب 08 جون 2021ع تي وفات ڪري ويو.
موليڏنو چنو
موليڏنو چنو جوهي تعلقي جو رهواسي هو ۽ S.A.S.O کاتي ۾ ملازم هو. شهيد عادل سکيراڻيءَ سان ويجھڙائي هئڻ ڪري ادبي سنگت دادؤ ۾ شموليت اختيار ڪيائين هي هڪ ادب دوست هو.
غلام قادر لغاري
غلام قادر لغاري صاحب به شهيد عادل سکيراڻيءَ جو دوست هو ۽ جوهي تعلقي سان تعلق هيس. صرف ادب دوست انسان هو. اڳ ڇاڻو شاه آباد ۾ رهندو هو. عادل کانپوءِ به هو سنگت جو ميمبر رهيو اليڪشن جي ورڪ دوران ان وٽ ووٽ وٺڻ لاءِ وڃڻ ٿيو هو. خبر پئي آهي ته هو 2016ع ۾ انتقال ڪري ويو آهي.
اياز سيفي چارڻ
اياز ولد شفيع محمد چارڻ ڇهين فيبروري 1970ع ۾ چارڻ محله دادؤ ۾ ڄائو. پيشي جي حوالي سان پرائمري استاد هو پر هاڻي رٽاير آهي. 1979ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتائين ۽ “البيلو” تخلص سان شاعري ڪرڻ لڳو. پر هاڻي هو “اياز سيفي” تخلص استعمال ڪري ٿو. سال 2013ع ۾ ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر بڻيو ۽ 2015ع ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. ايازسيفي هن سال آڊيٽر جي عهدي تي آهي. سندس حمد، نعت ۽ منقبتن تي مبني ڪتاب “سرڪارِ مدينه” 2021ع ۾ ڇپيو آهي.
دوست علي زئونر
دوست علي ولد ڪرم علي زئونر ڳوٺ بلاول خان زئونر لڳ دادؤ ۾ 1958ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم مڊل پاس هئي. بنيادي طور تي پاڻ سگھڙ طور ڄاتو سڃاتو ويندو هو. پاڻ ڏور بيت، سينگار ۽ ٻين صنفن تي لکندو هو، 2013ع کان سنڌي ادبي سنگت دادؤَ جو ميمبر هو ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ پڻ رهيو هو. سماجي ڪمن ۾ تمام گھڻو سرگرم هو. سندس وفات 06 نومبر 2020ع تي ٿي.
جاويد ميراڻي
الهداد ولد محمد حسين ميراڻي 14 آگسٽ 1942ع ۾ دادو شهر ۾ ڄائو. پاڻ يو- بي- ايل ۾ مينئجر پڻ رهيو. ۽ اتان رٽاير ڪيائين. پوءِ وڃي حيدرآباد ۾ رهيو. مزاحيه شاعري، مضمون ۽ ڪهاڻيون ڪثرت سان لکيائين هن پنهنجي هڙان وڙان به ڪيترائي ادبي پروگرام ڪرايا.
شوڪت سنڌيءَ جي وقت ۾ ادبي سنگت دادؤَ سان به لاڳاپيل رهيو. وفات کان اڳ “بزمِ روح رهاڻ” حيدر آباد ۾ ڪم ڪندو هو. سندس وفات سال 2007ع ۾ ٿي.
طارق ساگر ميمڻ
طارق حبيب ولد حبيب الله ميمڻ ادبي نالو “طارق ساگر” 08 آگسٽ 1973ع تي ڳوٺ دواٻي ۾ ڄائو. پاڻ تعليم کاتي ۾ ملازم آهي. سندس سڃاڻپ شاعر، سياسي ۽ سماجي ورڪر طور آهي ۽ “طارق ساگر” تخلص رکي ٿو. 1994ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ 1997ع کان ميمبر آهي ۽ 2006ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. هو ڪيترائي دفعا ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهيو آهي ۽ هن سال به ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.
جاويد ڳورڙ
جاويد اقبال ولد الهرکيو ڳورڙ ڳوٺ سوجھرو ڳورڙ تعلقي ميهڙ ۾ 15 اپريل 1974ع ۾ پيدا ٿيو. پاڻ سول انجنيئر آهي. لکڻ جي شروعات يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ ڪيائين انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ مضمون لکيا اٿس ۽ هڪ پنهنجي والد تي ڪتاب “سڄڻ ڏٺو جن” پڻ ترتيب ڏنو اٿائين سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر آهي. 2011ع کان ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ پڻ چونڊجي ايندو آهي.
شير محمد سومرو
شير محمد ولد آخوند احمد سومرو 15 فيبروري 1937ع تي ڇاڻو شاهه آباد ۾ جنميو. سندس تعليم ايم- اي بي- ايڊ هئي ۽ استادي پيشي سان واڳيل رهيو. هو شاعر، مضمون نويس ۽ اداڪار پڻ هو. P.T.V تي به ڪيترائي ڊرامه ڪيائين. والي بال راند متعلق سندس هڪ ڪتاب لکيل آهي. هو ماضيءَ ۾ ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر رهيو ۽ شاخ ڇاڻو شاھ آباد ۾ پڻ ميمبر رهيو. سندس وفات 2012ع ۾ ٿي.
سڪندر ڀرڳڙي
سڪندر علي ولد محمد ڇٽل ڀرڳڙي 1968ع ۾ اٺين شاخ تعلقي جوهي ۾ ڄائو. سندس تعليم B.A پاس آهي. شاگرديءَ واري زماني ۾ 1988ع ۾ سنڌي ادبي سنگت دادو جو ميمبر ٿيو جيڪو عادل سکيراڻيءَ دور هو. سندس سڃاڻپ نثر نويس طور هئي گھڻو ڪري ڪهاڻيون لکيائين جڏهن پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ لڳو ته سنگت کان پاسيرو ٿي ويو. اڄڪلهه هو ملڪ کان ٻاهر رهي ٿو.
وفا جمالي
غلام شبير ولد راوت خان جمالي 03 اپريل 1965ع تي ڳوٺ موريو تعلقي جوهي ۾ پيدا ٿيو. سندس ادبي سفر شاعريءَ سان شروع ٿيو ڇاڻو شاهه آباد شاخ ۾ ميمبر هو ۽ بعد ۾ سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ شامل ٿيو ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ ميمبر به رهيو. هو پوليس کاتي ۾ ڊي ايس پي جي عهدي تي آهي. نوڪريءَ جي سانگي ٻاهر رهي ٿو.
گلشير سولنگي
گلشير سولنگي 28 آڪٽوبر 1960ع تي ڳوٺ بچل سولنگيءَ ۾ ڄائو. هي سماجي ڪارڪن آهي. ڇاڻو شاهه آباد شاخ ۾ ميمبر ٿيو هو ۽ ڪجھه سال دادو ادبي سنگت ۾ پڻ رهيو. پيشي جي حوالي سان استاد آهي، مضمون ۽ ڪالم اڄ به لکندو آهي، پر سنگت ۾ فعال نه آهي.
مقبول پهنور
مقبول احمد ولد قمرالدين پهنور 15 اپريل 1962ع تي ڳوٺ ابراهيم ڪچي ۾ پيدا ٿيو. تعليم ايم- اي سنڌي ادب اٿس. پاڻ ايويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي کاتي ۾ سينئر انسپيڪٽر جي عهدي تي فائز آهي. 1973ع کان لکڻ جي شروعات مضمونن ۽ ڪالمن لکڻ سان ڪيائين. 1975ع ڌاري دادو ادبي سنگت جو ميمبر رهيو. اڄڪلهه ادبي دنيا ۾ غير سرگرم آهي.
ديدار سومرو
ديدار علي ولد صحبت خان سومرو پهرين نومبر 1982ع تي سومرا ڪالوني دادؤ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ڪام هئي ۽ اڪائونٽس کاتي ۾ آڊيٽر هو. سندس سڃاڻپ شاعر طور هئي. 2000ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. ديدار سومري جگر جي تڪليف ۾ مبتلا رهندي 19 جولاءِ 2020ع تي وفات ڪئي.
خادم کهرو
خادم حسين ولد حاجي خان کهرو 19 سيپٽمبر 1958ع تي جڳت آباد محله ۾ ڄائو. پاڻ اديب ته نه، پر ادب دوست ضرور آهي. علي انور دائود پوٽي جي صحبت ۾ هجڻ ڪري 1974ع ڌاري ادبي سنگت دادو جو ميمبر ٿيو. پر هاڻي سرگرم نه آهي.
انور دائود پوٽو
علي انور ولد محمد علي دائود پوٽو ٽلٽي ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس والد ۽ پاڻ دادؤ ۾ گھڻو عرصو رهيا. جنهن ڪري دادؤ جي علمي ادبي حلقن ۾ ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا. انور دائود پوٽو دادو ادبي سنگت ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ عهديدار پڻ رهي چڪو آهي.
ڊاڪٽر روشن ڀٽي
ڊاڪٽر روشن علي ڀٽي 9 نومبر 1954ع ۾ دادو تعلقي جي ڳوٺ پراڻي ديري ۾ پيدا ٿيو. جيتوڻيڪ پاڻ ليکڪ نه هو ليڪن ادب سان چاھ هجڻ ڪري 1987ع ۾ سنڌي ادبي سنگت دادو جو ميمبر ٿيو. هو شهيد عادل سکيراڻيءَ جو دوست هو. عادل کان پوءِ به ڪيترا سال سنگت جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو رهندو هو، پر اڄڪلهه نوڪريءَ سانگي شهر کان ٻاهر آهي.
آزاد سولنگي
نزاڪت علي ولد غلام الرسول سولنگي 28 جنوري 1971ع ميهڙ شهر ۾ ڄائو. نهايت ئي جاکوڙي ماڻهو آهي شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور سڃاتو وڃي. ٿو. تخلص “آزاد سولنگي” استعمال ڪندو آهي. تعليم انٽر پاس اٿس. هو هن وقت اسلام آباد ۾ رهي ٿو، ۽ اتان هن 2000ع ۾ هڪ ادبي رسالو “سونهن” جاري ڪيو هيائين. 2001ع ۾ ميهڙ شهر ۾ هن “سونهن ايوارڊ” تقريب به ڪئي هئي جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا. آزاد عادل سکيراڻيءَ جي دور ۾ دادو ۾ سنگت جو ميمبر ٿيو ان بعد ڦلجي اسٽيشن تي به ميمبر ٿيو هو.
زاهد لنڊ
زاهد علي ولد محمد اسماعيل لنڊ 25 آگسٽ 1992ع تي ڇاڻو شاهه آباد دادؤ ۾ ڄائو. هينئر ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ ۾ D.I.M ڪئي اٿائين. 2004ع ۾ ادبي سنگت جو معجزانه طور ميمبر ٿيو.
قربان بخاري
سيد قربان علي شاه ولد سيد احمد شاه (استاد بخاري) ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ پهرين جنوري 1952ع ۾ پيدا ٿيو. کيس علم و ادب سان گھڻو چاھ هو. ان ڪري هو سنڌي ادبي سنگت دادو شاخ جو ميمبر بڻيو. لکڻ جي حوالي سان شاعري به ڪندو هو ته مضمون وغيره به لکندو هو. هو سنگت دادؤ ۾ ڪائونسلر به رهيو ته ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو. هن 31 ڊسمبر 1999ع ۾ وفات ڪئي.
جاويد اختر گھلو
جاويد اختر ولد شير محمد گھلو 25 نومبر 1968ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي ايڪانامڪس ۽ پوٽيڪل سائنس آهي سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ ويهن ٻاويهن سالن کان ميمبر آهي. ليڪن اڄڪلهه غير فعال آهي.
منير جمالي
منير احمد ولد اميد علي جمالي جو جنم 03 مئي 1981ع تي دادو شهر جي ڀرسان ڳوٺ شاهه محمد جماليءَ ۾ ٿيو. سال 2000ع کان نظم ۽ نثر ۾ لکڻ شروع ڪيائين. سال 2003ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. سندس ڪافي مواد اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيو هو. پر هاڻي سنگت ۾ سرگرم نه آهي.
دوست علي جيسر
دوست علي ولد نور محمد جيسر 15 آگسٽ 1956ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم-اي ايل ايل بي آهي. سٺو زميندار هجڻ سان گڏوگڏ سندس سڃاڻپ سماجي ورڪر طور آهي. پاڻ سگا جو سرگرم ڪارڪن آهي. ادب دوست هجڻ ڪري شهيد عادل سکيراڻيءَ جي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر بڻيو. اڄڪلهه سنگت ۾ فعال نه آهي.
نواز جويو
علي نواز ولد گل محمد جويو المعروف “نواز جويو” 16 جنوري 1979ع ۾ سونارا محله دادؤ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم انٽر هئي ۽ ذريعه معاش سونارڪو ڌنڌو هو. نواز جويو جي سڃاڻپ مزاحيه شاعر ۽ مضمون نويس طور هئي. شروع ۾ “مجاهد” تخلص استعمال ڪندو هو . پوءِ “نواز جويو” استعمال ڪيائين. سال 2001ع ڌاري ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. سندس وفات سال 03 اپريل 2011ع ۾ ٿي.
رزاق ملڪ
عبدالرزاق ولد غلام قارد ملڪ پهرين جولاءِ 1979ع ۾ پوليس لائين دادؤ ۾ ڄائو. سندس تعليم B.A آهي ۽ ادبي سڃاڻپ نثر نويس طور آهي. ادبي سنگت دادؤ ۾ سندس ميمبرشپ 1985ع ڌاري ٿي. اڄڪلهه هو غير فعال ميمبر آهي.
اڪبر سولنگي
علي اڪبر ولد محمد عرس اظهر سولنگي جو جنم 31 جولاءِ 1966ع ۾ ٿيو. سندس جنم جو هنڌ ڳوٺ جنگو جمالي تعلقه جوهي آهي. سندس تعليم انٽر ۽ پي ٽي سي پيشي جي حوالي سان استاد هو پر مارچ 2017ع ۾ رٽاير ٿيو. سندس سڃاڻپ نثر نويس، شاعر، ريڊيو ۽ اسٽيج آرٽسٽ طور آهي. لهڻو جمالي جي وقت ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو پر اڄڪلهه غيرسرگرم آهي.
نثار جويو
نثار احمد ولد شبير احمد جويو 14 مئي 1994ع ۾ غريب آباد دادؤ ۾ تولد ٿيو. سندس تعليم BSc پاس آهي. سال 2013ع ۾ ادبي سنگت جو ميمبر بڻيو. صرف ادب دوست هجڻ ڪري کيس ميمبرشپ ملي، پر اڄڪلهه غيرسرگرم آهي.
الهه بخش سولنگي
الهه بخش سولنگي ولد ڪريم بخش خان سولنگي 15 جون 1955ع تي سيتا اسٽيشن ۾ جنم ورتو . سندس تعليم M.A پوليٽيڪل سائنس آهي. پيشي جي حوالي سان پاڻ بئنڪ آفيسر رهيو آهي.
سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ شوڪت سنڌي جي وقت ۾ آيو پاڻ مطالعي جو شوقين ۽ بهترين ادب دوست رهيو آهي. هو ادبي سنگت ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن ۾ بهترين ورڪر رهيو آهي. سندس وڏو ڀاءُ “فاروق سولنگي” بهترين ڪهاڻيڪار، ڊرامه ليکڪ ۽ ناول نگار هو. الهه بخش سولنگي اڄڪلهه رٽاير آهي ۽ حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.
رفيق قريشي
رفيق احمد قريشي ولد الهورايو قريشي ٽين آگسٽ 1952ع تي دادو شهر ۾ ڄائو . سندس تعليم B.A آهي ۽ پاڻ بئنڪ آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رٽاير ٿيو. ادبي سنگت دادؤ ۾ شوڪت سنڌيءَ جي توسط سان آيو ۽ خزانچي پڻ رهيو. بنيادي طرح قومپرست آهي. ڪجھه ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ لکيائين جيڪي ان وقت جي رسالن ۾ شايع پڻ ٿيا. پاڻ اڄڪلهه حيدرآباد ۾ رهي ٿو.
برج لال بيوس
برج لال ولد تارا چند شامناڻي تخلص “بيوس” 27 مارچ 1955ع تي دادو شهر جي جگت آباد محلي ۾ ڄائو. سندس تعليم بي ـ ايس ـ سي جاگرافي آهي، پيشي جي حوالي سان زميندار آهي. 1972ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين، پاڻ شاعر ۽ نثر نويس طور سڃاتو وڃي ٿو. سال 2018ع ۾ ادبي سنگت دادؤ جو ميمبر بڻيو.
زاهد منگي
زاهد حسين ولد عبدالعزيز منگي المعروف “زاهد منگي” 17 نومبر 1995ع مزدور آباد دادو ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم مئٽرڪ پاس آهي ڪجھه سالن کان لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ شاعر طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، پيشي جي حوالي سان پورهيت انسان آهي. زاهد منگي سال 2018ع ۾ دادو سنگت جو ميمبر بڻيو، ۽ اڄڪلهه سنگت ۾ جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي آهي.
يامين شاد
محمد يامين ولد محمد اڪرم چارڻ ادبي نالو “يامين شاد” 1981ع ۾ مدينه مسجد لڳ ملڪاڻي پاڙي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم مئٽرڪ پاس آهي ۽ کيس پنهنجو ذاتي ڪاروبار آهي. 2015ع کان شاعر جي حيثيت ۾ ادبي دنيا ۾ آيو ۽ سال 2018ع ۾ ادبي سنگت دادوءَ جو ميمبر بڻيو.
صدر الدين جوڻيجو
صدر الدين جوڻيجو پاٽ جي جوڻيجو خاندان سان تعلق رکي ٿو. سندس اولاد محترم تنوير جوڻيجو، تبسم جوڻيجو ادبي حوالي سان ڄاتل سڃاتل آهن. صدر الدين جوڻيجو صاحب دادؤ ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو، ادبي سنگت جي شروعاتي دور ۾ ميمبر رهيو.
نثار ميمڻ
نثار احمد ولد محمد هاشم ميمڻ 31 مئي 1946ع تي دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم پوسٽ گريجوئٽ ان سوشل ورڪ آهي. 1974ع تي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ پروڊيوسر بڻيو ۽ 2006ع ۾ رٽايرمينٽ ورتائين. ڪاليج جي زماني ۾ ڪجھه مضمون پڻ لکيائين دوستن جي صحبت ۾ ادبي سنگت دادوءَ ۾ ميمبر ٿيو. ڪراچي ۾ رهڻ دوران سنگت ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ پڻ شريڪ ٿيندو هو. نثار ميمڻ ريڊيو پاڪستان تي پڻ ڪيترائي ادبي پروگرام پيش ڪيا. هن وقت هو ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.
عطا ميمڻ
عطاء الرحمٰن ولد پير بخش ميمڻ دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. پاڻ وڪالت ڪندو هو. پيپلز پارٽيءَ جو شاگرديءَ جي زماني کان خاص ورڪر هو. ايم آرڊي تحريڪ ۾ به حصو ورتائين. ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس هجڻ ڪري ادبي سنگت ۾ ميمبر پڻ رهيو. عطا ميمڻ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ رجسٽرار به رهيو. ان کان پوءِ هو بينظير ڀٽو صاحبه جو پوليٽيڪل سيڪريٽري پڻ رهيو. هاڻي شايد ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.
راز ميمڻ
محمد پريل ولد جيئندل خان ميمڻ تخلص “راز ميمڻ” جو جنم 10 مارچ 1962ع تي آخوند محله دادو ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم اي ايڪانامڪس هئي ۽ پاڻ الائيڊ بيئنڪ ۾ آڊيٽر جي عهدي تي هو. سندس سڃاڻپ شاعري ۽ گلوڪاري هئي. راز ميمڻ ادبي سنگت جو ميمبر رهيو. هن 21 آڪٽوبر 2013ع تي وفات ڪئي .
حميد راهي
عبدالحميد ولد محمد ايوب ميمڻ تخلص “حميد راهي” 1948ع تي دادو شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم اي سوشيالاجي هئي ۽ پاڻ اسسٽنٽ فوڊ ڪنٽرولر جي عهدي تي فائز هو. ڪاليج جي زماني کان اسٽيج ڊرامن ۾ حصو وٺندو هو ۽ ڪهاڻيون به لکندو هو. حميد راهي سنڌي ادبي سنگت جو هڪ فعال ميمبر رهيو. هن کي تمام مختصر عمر ملي. هو 28 سالن جي عمر ۾ 29 جون 1976ع تي روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو.
خدا بخش پنهور
خدا بخش پنهور ولد حاجي محمد عيسى پنهور جو جنم پهرين اپريل 1972ع تي ڳوٺ آدم پنهور ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي ۽ ڊپلوما هئي. خدا بخش ASI ٿي ڀرتي ٿيو هيو ۽ پوءِ انسپيڪٽر ٿيو. شاگرديءَ جي زماني کان شعر و شاعري ڪندو هو ۽ ادبي سنگت جو ميمبر هو. خدا بخش 06 مئي 2018ع تي هن فاني دنيا کي خير باد ڪيو.
منير قريشي
منير احمد ولد نيڪ محمد قريشي نامياري ڪهاڻيڪار طارق قريشي جو وڏو ڀاءُ هو. سندس جنم 24 نومبر 1951ع تي ٿيو. پاڻ ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس هو. سندس تعليم ايم ـ اي ـ بي ـ ايڊ هئي. پيشي جي حوالي سان استاد هو ۽ پوءِ رٽاير ٿيو. هو حيدرآباد لڏي ويو هو. جڏهن دادؤ ۾ هيو ته سنڌي ادبي سنگت ۾ سرگرم ميمبر رهيو. سندس انتقال 23 جون 2020ع تي ٿيو.
گل محمد سکيراڻي
گل محمد سکيراڻي ڳوٺ باغبان “مخدوم بلاول” جو رهاڪو هو. هن ڪجھه وقت ساسو ۾ نوڪري به ڪئي کاتي بند ٿيڻ کانپوءِ درزڪو ڪم ڪندو هو. هو سوشل ورڪر ۽ ادب دوست انسان هو. شهيد عادل سکيراڻي جي وقت ۾ ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو. هو ڪاروباري ڪاميٽي جو پڻ ميمبر رهيو. گل محمد سکيراڻي هن دنيا ۾ موجود نه آهي، الله پاڪ سندس مغفرت ڪري.
عابد گھلو
عابد حسين ولد دائم الدين گھلو 09 نومبر 1960ع تي دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم گريجوئيشن آهي. سندس سڃاڻپ زمينداري، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن طور آهي. عابد گھلو سگا ۾ رهي چڪو آهي ۽ شهيد عادل سکيراڻي جي وقت ۾ دادو سنگت جو ميمبر پڻ. پر اڄڪلهه فعال نه آهي.
خادم سکيراڻي
خادم حسين ولد محرم علي سکيراڻي 21 ڊسمبر 1961ع تي ڦڪا ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي ـ ايل ـ ايل ـ بي آهي ۽ پاڻ واپڊا کاتي ۾ ملاز آهي. خادم سکيراڻي جي سڃاڻپ راڳ داري آهي. ان ڏس ۾ پاڻ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪري چڪو آهي. هو هڪ ادب دوست انسان آهي شهيد عادل سکيراڻي کيس ادبي سنگت ۾ وٺي آيو. خادم سکيراڻي اڄڪلهه ڪوٽڙي ۾ رهي ٿو ۽ پنهنجون فني خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي.
غلام سرور لغاري
غلام سرور لغاري ولد الهڏنو خان لغاري دادؤ شهر ۾ 11 فيبروري 1962ع تي جنم ورتو. سندس تعليم ايم ـ ايس ـ سي باٽني آهي. پاڻ هن وقت خيرپور ناٿن شاهه ڪاليج جو پرنسيپال آهي. شهيد عادل سکيراڻيءَ جي صحبت ۾ 1987ع ڌاري سنگت جو ميمبر ٿيو. سندس سڃاڻپ نثر نويس طور آهي. پاڻ ڪيترائي مضمون لکي چڪو آهي ۽ اڄڪلهه سنگت ۾ سرگرم نه آهي.
حافظ غلام محمد چنه
حافظ غلام محمد چنه ولد حافط مبارڪ چنه جو احوال خداآباد شاخ ۾ آيل آهي.
ڊاڪٽر سڪندر نائچ
سڪندر علي ولد محمد حسن نائچ ڳوٺ محمد حسن نائچ تعلقه جوهيءَ ۾ پهرين جنوري 1969ع ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ بي ـ بي ـ ايس آهي ۽ پاڻ ڊاڪٽر آهي. ڪاليج لائيف کان شعرو شاعري، ڪهاڻيون ۽ مضمون لکندو پيو اچي. 1988ع ۾ شهيد عادل سکيراڻي کيس سنڌي ادبي سنگت دادؤ ۾ ميمبر ڪيو. هو تمام گھڻو فعال ميمبر هو. پر اڄڪلهه سرگرم نه آهي.
اشرف سکيراڻي
اشرف علي ولد محمد ابراهيم سکيراڻي المعروف “اشرف سکيراڻي” جو جنم 1963ع ۾ ڦلجي وليج ۾ ٿيو. سندس تعليم بي ـ اي آهي ۽ پنهنجو ڪاروبار ڪري ٿو. شهيدعادل سکيراڻيءَ جي دور ۾ سنگت دادؤ جو ميمبر ٿيو. پاڻ ادب دوست ۽ سماجي ورڪر آهي. اڄڪلهه سنگت ۾ سرگرم نه آهي.
الهورايو سمون
الهورايو سمون ولد محمد صفر پهرين فيبروري 1968ع تي پياو اسٽيشن شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ڊپلوما ان اليڪٽرڪ ۽ بي ـ اي آهي ۽ پاڻ ورڪشاپ انسٽرڪٽر جي عهدي تي آهي. هو مختلف ادبي، سماجي ۽ سياسي جماعتن کان ٿيندو ادبي سنگت دادؤ ۾ آيو. سندس سڃاڻپ نثر نويس طور آهي، پر اڄڪلهه غير سرگرم آهي.
نور الدين چارڻ
نور الدين ولد حاجي عبدالله چارڻ غريب آباد محلي ۾ ڄائو. ذهين ۽ پڙهيل لکيل انسان هو ڪاليج جي دور ۾ ڊرامه به پرفارم ڪيائين ۽ ڪهاڻيون وغيره به لکندو هو. هو بئنڪ ۾ ملازم هو ان بعد سعودي عرب هليو ويو جتي به بئنڪ جي نوڪري ڪيائين سال 2016ع جي آخر ۾ سندس انتقال ٿيو.
فتاح شمس چارڻ
عبدالفتاح ولد عبدالستار چارڻ تخلص “فتاح شمس” 1982ع تي غريب آباد محلي دادؤ ۾ ڄائو. سندس تعليم گريجوئيشن هئي. شاگردي جي زماني کان شاعري ڪندو هو ۽ ٻارن لاءِ هڪ رسالو “شمس” به جاري ڪيائين. 1994ع ڌاري دادو سنگت جو ميمبر ٿيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪوٽڙي لڏي ويا جتي سنگت شاخ ڪوٽڙي ۾ ميمبر ٿيو ۽ مختلف عهدن تي به رهيو. هن ڪجھه وقت صحافت به ڪئي. فتاح شمس چارڻ 06 سيپٽمبر 2019ع تي هيپاٽائيٽس جي بيماري سبب وفات ڪئي. کيس پير محمد مراد قبرستان دادؤ ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو.
رميش ڪمار
رميش ڪمار ولد ڀڳوان داس نانڪاڻي 30 آگسٽ 1956ع ۾ جنميو. سندس تعليم ايم اي اڪنامڪس ۽ ايم ايڊ آهي ۽ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تان رٽاير ٿيو.سندس سڃا ڻپ صوفي شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. سندس هڪ ڪتاب “نت نيم ٻاڻي” ترتيب ڏنو اٿائين ۽ دادوشهر تي پڻ ڪتاب لکيو اٿس، جيڪو جلد شايع ٿيندو.
ڀٽڪيل ۽ ڀليل هي،آهن سڀ انسان.
ڳولن ٿا ان راول کي جيڪو اٿن ساڻ
رميش تون ڇاڪاڻ، ڀٽڪين پيو هن ڀونء ۾.
انور قنبراڻي
علي انور ولد ميوو خان قنبراڻي 1960ع ڌاري ڳوٺ ڦلو قنبراڻي تعلقي جوهيءَ ۾ ڄائو.تعليم پنج ڪلاس هيس ۽ ٻني ٻارو ڪندو هو. دادو لڏي اچڻ کانپوءِ ڪاروبار ڪرڻ لڳو.1980ع کان شاعري شروع ڪيائين ۽ ڪيسيٽن جي دنيا ۾ مشهور ٿيو. استاد بخاريءَ کان اصلاح ورتائين ۽ سنگت دادؤ ۾ به آيو، ليڪن ميمبرشپ جاري نه رکي سگهيو. 10ڊسمبر2018ع تي وفات ڪيائين.
مٺا خان مري
مٺا خان مري جو تعلق ميرپور خاص سان هو ۽ هو ڊگري ڪاليج دادؤ ۾ فلاسافيءَ جو ليڪچرر هو. دادؤ ۾ رهڻ دوران ادبي سنگت دادؤ ۾ ميمبر رهيو.
غلام الرسول کوکر
غلام الرسول ولد محمد عارب کوکر 16 آگسٽ 1966ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ ايس ـ سي ڪميسٽري ۽ بي ايڊ آهي ۽ دادو ڊگري ڪاليج ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدي تي فائز آهي. سال1981ع کان شاعر ۽ نثر نويس جي حيثيت ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين ۽ شهيد عادل کيس سنگت ۾ ميمبر ڪيو. سال1987ع ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ ميمبر پڻ رهيو.
لعل محمد صديقي
لعل محمد ولد غلام النبي صديقي 1912ع ۾ دواٻو ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس تعليم پرائمري پاس هئي ۽ سنڌ مدرسي مان ديني تعليم حاصل ڪيائين. دادو شهر ۾ سندس بوڪ بائينڊنگ جو دڪان هو، جتي اديبن ۽ شاعرن جون ڪچهريون متل هونديون هيون. پاڻ به اردو ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪندو هو. شوڪت سنڌي کيس ادبي سنگت ۾ وٺي آيو. لعل محمد صديقيءَ سال1994ع ۾ وفات ڪئي.
نظام الدين ميمڻ
نظام الدين ولد تاج محمد صحرائي ميمڻ دادو شهر ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي سنڌي هئي. هو سنگت دادؤ جو ميمبر رهيو. ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نويس هو. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي عهدي تان رٽايرمينٽ ورتائين.
لالا فيروز ڪنڀر
لالافيروز ولد محمد اسماعيل ڪنڀر ڳوٺ محب علي چانڊيو تعلقي دادؤ ۾ 30 ڊسمبر1980ع ۾ ڄائو. سندس تعليم انٽر پاس آهي ۽ خانگي ملازم آهي. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس ۽ هدايتڪار طور آهي. سال 2001ع ڌاري سنگت دادؤ ۾ ميمبر ٿيو، پر هاڻي سرگرم نه آهي.
خير محمد انڙ
خير محمد انڙ ولد نور محمد انڙ ڳوٺ انڙپور ضلعو ڄامشورو ۾ 16 آگسٽ 1936ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ڊپلوما ان ايسوسيئيٽ سول انجنيئرنگ هئي. پاڻ ايريگيشن کاتي ۾ اسسٽنٽ انجنيئر هو. گھڻو عرصو دادو شهر گذاريائين. هو تمام گھڻو سرگرم ماڻهو هو. فنونِ لطيف سان خاص دلچسپي هوندي هيس. پاڻ سٺو ڪهاڻيڪار، اداڪار ۽ والي بال جو رانديگر هو. سنڌي ادبي سنگت دادو ۾ فاروق سولنگي، روشن سولنگي ۽ شوڪت سنڌي وارن سان هر ڪم ۾ اڳڀرو هوندو هو. سندس وفات 29 مارچ 1995ع تي ڦڦڙن جي ڪينسر سبب ٿي. سندس خاندان حيدرآباد ۾ رهي ٿو.
راهب جمالي
راهب خان ولد حاجي صحبت خان قلمي نالو “راهب جمالي” 1959ع تي ڳوٺ دوداڻي جمالي لڳ دادو شهر ۾ ڄا ئو. سندس تعليم پرائمري پاس آهي ۽ سندس سڃاڻپ شاعر ۽ گلوڪار طور آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب “سچ آئون چوندس” سال 2005ع ۾ ڇپيو. سنگت دادؤ جو 20 سالن کان ميمبر آهي، پر اڄڪلهه سنگت کان پاسيرو آهي.
عبدالله اداسي
عبدالله ولد حاجي صحبت خان جمالي تخلص “اداسي” ڳوٺ دوداڻي جماليءَ ۾ 1975ع ڌاري ڄائو. سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. پهريائين “اياڻو” تخلص استعمال ڪندو هو. راهب جماليءَ سان گڏ سنگت دادؤ ۾ ميمبر ٿيو هو. پر هاڻي هو ڪيترن سالن کان ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.
محمد عرس سومرو
محمد عرس ولد رسول بخش سومرو 09 آڪٽوبر 1972ع تي مستري محمد ابراهيم گھٽي ميمڻ محلا دادؤ ۾ ڄائو. سندس تعليم ايم ـ اي بي ـ ايڊ آهي ۽ استادي پيشي سان منسلڪ آهي. سندس سڃاڻپ ڪهاڻيڪار طور آهي. شهيد عادل سکيراڻي جي ٽينيوئر دوران سنگت دادو جو ميمبر ٿيو. پر اڄڪلهه سرگرم نه آهي.
ذلفي ميمڻ
ذوالفقار علي ولد جيئندل خان ميمڻ دادو شهر ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پوليس ۾ ملازم آهي 25 سالن کان شاعري ڪندو پيو اچي. طنز و مزاح به سٺي لکندو آهي. سندس هڪ ڪتاب “تنهنجا ٺينگ منهنجا ٽپا” ڇپيل آهي.
علي اقبال سولنگي
علي اقبال ولد نظير احمد سولنگي ڇاڻو شاھ آباد دادو ۾ پيدا ٿيو. پاڻ رٽائرڊ استاد آهي. 1983ع ۾ ادبي سنگت ۾ ميمبر رهيو ڪجهه ڪهاڻيون ۽ ڪالم به لکيائين. اڄڪلهه هو سنگت ۾ سرگرم نه آهي.
دادو سنگت جا اعزازي ميمبر
طارق امام جوڻيجو
طارق امام ولد حڪيم دين محمد “اڪرم ٻورڙائي” دادو ضلعي جي ڳوٺ ٻورڙيءَ ۾ 19 آڪٽوبر 1967ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم ـ اي سوشيالاجي ۽ ايل ايل بي آهي. پاڻ روينيو کاتي ۾ هن وقت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر عمر ڪوٽ آهي. سال 2018ع ۾ دادو ۽ جوهيءَ ۾ مختيارڪار هئڻ دوران سنگت دادؤ ۾ اعزازي ميمبر ٿي رهيو ۽ سنگت دادؤ جي پروگرامن ۾ هر ممڪن مدد ڪيائين. طارق امام جي سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس طور آهي. بنيادي طور سنگت شاخ ڪوٽڙيءَ جو ميمبر ۽ عهديدار پڻ رهيو آهي.
غلام الرسول غرق
غلام الرسول ولد محمد ابراهيم قنبراڻي 09 سيپٽمبر 1956ع تي ڪوٽڙي شهر ۾ پيدا ٿيو. سندن وڏڙا اصل سيتاروڊ جا هئا. سندس تعليم ايم ـ اي جنرلزم ماس ڪميونيڪشن آهي. پاڻ انفارميشن آفيسر جي عهدي تي دادو، شڪارپور، ڄامشورو ۽ ڪراچيءَ ۾ رهيو ۽ سال 2016ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽاير ٿيو. غرق صاحب سيد قائم علي شاهه وزير اعلى سنڌ جو پرسنل رليشن آفيسر به رهيو. سندس سڃاڻپ شاعر، ڪهاڻيڪار، اداڪار، هدايتڪار ۽ آرٽسٽ طور آهي. دادؤ ۾ ملازمت دوران سنگت دادؤ جو اعزازي ميمبر رهيو. سندس اصل وابستگي سنگت شاخ ڪوٽڙيءَ سان آهي جنهن جو چار ڀيرا سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. هو سال 2017ع ۾ ڄامشوري ضلعي جو رابطا سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.
ڊاڪٽر نثار شيخ
نثار احمد ولد لعل بخش شيخ نصير آباد ضلعو قمبر شهداد ڪوٽ شهر ۾ 03 آڪٽوبر 1962ع ۾ ڄائو. پيشي جي حوالي سان پاڻ ڊاڪٽر آهي ۽ يورولاجي ۾ اسپيشلسٽ آهي. دادو سول اسپتال ۾ نوڪريءَ دوران 2006ع کان وٺي ادبي سنگت دادؤ ۾ اعزازي ميمبر رهيو. ڪاليج جي زماني کان وٺي مضمون لکندو پيو اچي، گردن جي بيماري تي سندس ٻه ڪتاب لکيل آهن هڪ انگريزيءَ ۾ ۽ هڪ سنڌيءَ ۾. اڄڪلهه هو لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز آهي.