سفرناما

سِڪ سڄڻ يار جي

”سڪ سڄڻ يار جي“ اصل ۾ 1956ع ۾ پنڌ ڪيل حج جو سفرنامو آهي جنهن جو ليکڪ حاجي عبد الڪريم سنگهار آهي.
هي ڪتاب 2016ع ۾ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ساحل پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون مور ساگر ۽ يوسف سنڌيءَ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سِڪ سڄڻ يار جي

تعارف

درگاهه حاجي خير محمد شاهه جي خليفي عارب سنگهار جي وفات تي عذرخواهيءَ لاءِ منهنجو سندن ڳوٺ ديهه جمناسر، تعلقو ڪيٽي بندر، ضلعو ٺٽو ۾ سندس تڏي تي وڃڻ ٿيو. اتي خليفي عارب سنگهار جي مٽن مائٽن ۽ عزيزن قريبن سان گڏ منهنجي ملاقات هاجي عبدالڪريم سنگهار سان به ٿي. سندس اوطاق تي اچي ڪچهري ڪرڻ دوران پاڻ ٻڌايائين ته هُن 1956ع ۾، جڏهن سندس عمر فقط 22 سال هئي، پيرين پنڌ وڃي حج پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪئي آهي، ۽ پوءِ منهنجي اسرار ڪرڻ تي، هُن مونکي سندس سفر جو احوال ٻڌايو، جيڪو مون کي ڏاڍو دلچسپ لڳو ۽ مون هڪدم فيصلو ڪري ورتو ته هھڙي دلچسپ ۽ معلومات سان ڀريل مواد رڪارڊ تي اچڻ گهرجي نه ته اِهو سمورو معلومات ۽ مشاهدات جو خزانو وقت سان گڏ زمين ۾ دفن ٿي ويندو.
پوءِ مون حاجي عبدالڪريم سنگهار ولد حافظ احمد سنگهار تي زور ڀريو ته هُو سندس سفر جو سمورو احوال لکي. اول ته حاجي صاحب لهرايو ۽ ڳوٺ ناٿن ڪئي ته، ”منهنجي سفر کي لڳ ڀڳ سٺ سال ٿي ويا آهن، سو گهڻيون ڳالهيون ته وسري ويون آهن. ملڪن ۽ شهرن جا نالا به ياد ڪونه رهيا آهن. ٻي ڳالهه ته منهنجا اکر ڪچا ۽ لکڻ جو جڏو! سو هيءُ ڏکيو ڪم مون کان ڪونه ٿيندو!؟“ پر پوءِ به آئون نه ڇڏ ٿي لڳوسانس ۽ بِنهه پٺيان پئجي ويو سانس، تڏهن مس مس وڃي هُن اُهو سفرنامون لکيو.
توڙي جو سٺ سالن جو ڊگهو عرصو گذرڻ جي ڪري کانئس واقعي گهڻيون ڳالهيون وسري ويون هيون، پر پوءِ به جيڪي ڪجهه لکيو اٿس، سو تمام گهڻو معلوماتي ۽ دلچسپ آهي. خاص طور تي انهن شائقينن لاءِ، جيڪي مهم جوءُ طبيعت جا آهن ۽ يا انهن حضرات لاءِ پڻ، جيڪي اڄڪلهه جي جديد دؤر ۾ اِهو سفر پُر آسائش ۽ آرام دهه هوائي جهازن ذريعي ڪن ٿا.
هيءُ سفرنامون پڙهڻ سان، دورانِ سفر جي پيش ايندڙ واقعن، تڪليفن، ڏکن، مشڪلاتن ۽ همدردين جو بي مثال ذڪر ملي ٿو. اُتي عرب علائقي جي مختلف ملڪن، جن جون اُن وقت ڪي واضح سرحدون به نه هيون، جون سياسي، سماجي، علمي ۽ جاگرافيائي حالتون پڻ معلوم ٿين ٿيون.
هِن سفرنامي ۾ اُتي جي مقامي توڙي ٻين ملڪن جي اجنبي ماڻهن لاءِ سرڪار طرفان ڪفن دفن جي سهوليت جي جوڳي انتظام جي به خبر پوي ٿي. جتي چور مسافرن جو سامان چورائي ٿي ويا، اُتي وري مقامي ماڻهن طرفان ماني کارائڻ، پاڻي پيارڻ ۽ رات ترسائڻ سان گڏ مالي مدد ۽ اخلاقي همدرديءَ جا پڻ تمام گهڻا مثال ملن ٿا. جتي هڪڙو سنڌي پنهنجي بيمار زال کي جبلن ۾ بي يارو مددگار ڪري پٿرن سان دفن ڪري، جهنگلي جانورن جي وچ ۾ اڪيلو ڇڏي وڃي ٿو هليو، اُتي وري ٻيو سنڌي ماڻهو، اُن اڻ شناس بيمار ۽ بي حال لاچار عورت کي جهوليءَ ۾ وجهي ڪلهن تي کڻي، سندس علاج ڪرائي کيس منزلِ مقصود تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. هِن سفرنامي ۾ انهن ڪمزور ۽ ضعيف پوڙهن مردن توڙي عورتن جو به ذڪر ملي ٿو، جيڪي حضور سائين حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي سِڪ ۽ محبت ۾ سفر جون تڪليفون همت ۽ حوصلي سان برداشت ڪري به هڪٻئي جي مدد ڪن ٿا. ته ٻئي پاسي وري ڪي نوجوان مرد سفر دوران پنهنجي مائٽن توڙي عزيزن کي به اڪيلو ڇڏي هليا ٿي ويا. ڪٿي ڪي اجنبي ماڻهو ڪيئن ٻين جي مدد ڪن ٿا ته ڪٿي وري ڪيئن پنهنجا به بي وفائي ڪن ٿا.
هن سفرنامي ۾ جتي شيخ محمد، شيخ ناصر ۽ شيخ عبدالله جهڙن اعليٰ ظرف رکندڙ نيڪ انسانن جي حُسنِ ڪارڪردگيءَ جو ذڪر به ملي ٿو ته اُتي گڏ سفر ڪندڙ ٽرڪ جي مسافرن جي ڪم عقلي ۽ غلط فهميءَ سبب ڪيل جهيڙي جو به ذڪر ملي ٿو.
آخر ۾ آئون ٿورائتو رهندس محترم علي محمد پرويز صاحب جو، جنهن مواد کي پڙهيو، درست ڪيو ۽ ترتيب ڏيئي ڇپائڻ ۾ اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي. ۽ پڻ سچائي اشاعت گهر دڙو جي محترم يوسف سنڌيءَ جا ٿورا، ٿورا نه چئبا، جنهن بنا ڪنهن لوڀ، لالچ ۽ معاوضي جي، پنهنجي اداري طرفان هيءُ سفرنامون ڇپرائي اسان تائين پهچايو. سندن لک قرب.
پڙهندڙن جي راءِ جو انتظار رهندو.

15 اپريل 2016ع
غلام حسين گلڙي بلوچ
ٻگهاڻ- ضلع ٺٽو، سنڌ
03122059013
*