باب پهريون : سِڪ سڄڻ يار جي
اندازً 1955ع ۾ جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ وڏي دريائي ٻوڏ آئي هئي، جنهن جي ڪري اڪثر ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا هئا. اسان جو ڳوٺ ۾ ٻڏي ويو هو، پوءِ اسين پنهنجو مال ڪاهي، ”اُداسي“ ڳوٺ کان اولهه طرف پير قريشي وارن جي زمينن ۾ وَسَ چرڻ آيا هئاسين. اسان انهن کان مال جي چري جي موڪل وٺي، مال جا واڙا ٺاهي اچي ويٺاسين. اُهو مال منهنجي سهري محمد حسن جون ڍڳيون هيون. انهن ۾ منهنجو فقط هڪڙو وهڙو (ننڍو ڍڳو) هو. مون اڃا شادي ته ڪا نه ڪئي هئي، پر يتيم هوس، تنهن ڪري سنڱ جي آسري تي مال جي سنڀال ڪندو هوس. هڪ ڏينهن شام جو وقت هو. ڍڳين جي ڦَرَن جي نظرواريءَ لاءِ وٿاڻ مان نڪري هڪڙي قبرستان جي پاسي ۾ ويٺو هوس. آئون ننڍي هوندي کان ئي پنج وقت نماز به پڙهندو هوس ته قرآن پاڪ جو دؤر پڻ ڪندو هوس. اُتي ويٺي ويٺي، اوچتو ئي اوچتو منهنجي دل ۾ هڪ خيال اُڀريو. هڪڙي قسم جي چِڪَ محسوس ٿي. اوچتو ئي اوچتو هڪڙي بي انتها سِڪَ اُڀري ته حج پڙهڻ وڃجي ۽ رسول اللهصه جي روضي پاڪ جي زيارت ڪجي. بس پوءِ ته روئڻ کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه ڪانه هئي. ڳئوئن جا ڦر اُتي قبرستان وٽ ئي ڇڏيم. آئون اُتان اُٿي وٿاڻ تي آيس. پنهنجي وهڙو ستر روپين ۾ وڪڻي، پئسا وٺي وڃي ٻي ڳوٺ ۾ درسن وٽ ترسيس. ٻئي ڏينهن ”ٻگهاڻ ڳوٺ“ ۾ آيس. ان وقت ٻگهاڻ شهر ڪو نه هو. رڳو ٻه دوڪان هئا حسين ڪڙمون ۽ خميسي ڪنڀار جا. هاڻي 1956ع جو زمانو آهي ۽ منهنجي عمر اندازاً 22 سال کن آهي. ڳوٺ وڃڻ لاءِ وچ ۾ هڪ ڍنڍ هئي، جنهن ۾ پاڻي تار هو. رڳو ڪٿي ڪٿي وڻن جون چوٽيون ظاهر هيون، پر مون کي ڳوٺ وڃڻو هو، سو لهي پيس ڍنڍ ۾، ديهه ”گهٻا“ مان پاڻيءَ مان ترندو، وڻن جي چوٽين کي جهليندو ساهي پٽيندو اچي ننڍي پاڻيءَ تي پهتس. ديهه ”پير ڪجريو“ جي چاڙهه زمين تان ڦري ڳوٺ آيس. ڳوٺ منهنجا ڪجهه پئسا رکيل هئا، سي کنيم. وڏو ڀاءُ عبدالواحد گهر ڪو نه هو. باقي ننڍي ڀاءُ خميسي کي ٻڌايم ته آئون حج پڙهڻ ٿو وڃان. اُتي ترسيس به ڪونه. اڳتي وڃي ”ڌانڌاريءَ“۾ لڳ ”لاکن“ ۾ ترسيس.
ٻئي ڏينهن صبح جو رئيس احمد خان جلباڻيءَ جي ڳوٺ پهچي شفيع محمد جلباڻيءَ سان ملاقات ڪيم. شفيع محمد جلباڻي مون کي ادا ادا ڪري سڏيندو هو. انهيءَ جو سبب هيءُ هو ته شفيع محمد جو والد حاجي تڳيو، بابا جو پڳ مٽ يار هو. تنهنڪري شفيع محمد کان آئون اجازت وٺڻ ويو هوس. پهريائين ته هُن مون کي منع ڪئي ته غريب ماڻهوءَ تي حج پڙهڻ فرض ڪونهي. پر اُن وقت اهڙيون منع ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون مون کي زهر ٿي لڳيون. اُها رات ڀاءُ شفيع محمد وٽ سندس گهر گذاريم. مون کي پنجاهه روپيه ڏيئي اجازت ڏنائين. اتان کان روانو ٿي ”اُداسي“ ڳوٺ ۾ آيس، پر اُداسيءَ جي ڳوٺ کان، جنهن ۾ تڏهن رڳو ٻه دوڪان هئا، ڏکڻ طرف سوڍائي ذات وارن جو ڳوٺ هو. اُتي پهچي هوڪو ڏنم ته ”آهي ڪو جُوان، جيڪو پيادل حج تي مون سان گڏ هلي.“ منهنجو هوڪو ٻُڌي ٻه ڄڻا سوڍائين مان تيار ٿي ويا. هڪ حاجي مٺو سوڍائي، جنهن جو اڳ به پيادل حج ڪيل هو. ٻيو صالح سوڍائي. انهن چيو ته ”تون ٻه ڏينهن صبر ڪر. اسان جي گهرن ۾ وڏيون نياڻيون ويٺل آهن. تن جا رڳو نڪاح پڙهائي ڇڏيون، ته پوءِ اسين ٻئي هلون ٿا.“ اُهي ٻه ڏينهن آئون اُتي سوڍائين ۾ ئي ترسي پيس. منهنجي وڏي ڀاءُ کي جڏهن خبر پيئي ته هو پهريائين وٿاڻ تي آيو ۽ اتان معلوم ڪري اچي مون کي سوڍائين ۾ مليو. مون کي ڏهه روپيا خرچي ڏنائين ۽ واپس موٽي ويو. ان وقت مون وٽ ڪُل ٽي سؤ سٺ روپيا موجود هئا. حاجي مٺو اسان جو اڳواڻ ٿيو. پاڻ ٻڌايائين ته گس ۾ مزوري ڪرڻ واري لاءِ مزوري جام آهي. اسان جي تياري ٿي رهي هئي. اُداسيءَ کان اوڀر ۾ ديهه ”ميران“ ۾ ويٺل حاجي مٺي وارن جي دوست حاجي صديق جوکئي اسان جي دعوت ڪئي. جڏهن سندس دعوت کائڻ وياسين، تڏهن سندس گهر ڀرسان ٻئي گهر ۾ ويٺل مڱيلڌو جوکيو پڻ اچي دعوت ۾ شريڪ ٿيو. اُهو به حج تي هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر سندس گهرَ واريءَ اچي گهوڙا گهوڙا ڪئي ۽ اسان کي پٽڻان ۽ پاراتا ڏيڻ لڳي ته خبر ناهي هي ڪٿي جا رولُو آيا آهن، جيڪي منهنجي مڙس کي چوري ٺڳاري وٺيو ٿا وڃن. خير، اسان اُهي سڀ ڳالهيون سَٺيون. ٻئي ڏينهن صبح جو تياري مڪمل ڪري هڪ جوکيو، ٻه سوڍائي ۽ هڪ سنگهار، ڪُل چار ڄڻا اُداسيءَ مان مولودن سان ڳارائي روانو ڪيائون.
ڪيٽي بندر کان ”ٻُهارا“ تائين شهبازي سوناري جي بس هلندي هئي. رستي ۾ اچي اُن بس ۾ سوار ٿي ٻهارا شهر ۾ لٿاسين. تڏهن بگهاڙ دريا تي پتڻ بيٺل هو. اڃا پُل وغيره ٺهيل ڪا نه هئي. تڏهن پتڻ هڪ آنو في ماڻهو وٺندا هئا. ياد رهي ته هڪ روپئي ۾ سورهن آنا هوندا هئا. بگهاڙ دريا جي هُنَ ڀَرِ ڪراچيءَ وڃڻ ۽ اچڻ لاءِ گورنمينٽ جون ٻه بسون هلنديون هيون. هڪ ڪراچيءَ ۾ ۽ ٻي ٻهارن ۾ نائيٽ ڪندي هئي. ٻهارن کان ڪراچيءَ جو ڀاڙو ڏيڊ روپيو هوندو هو. اسين ڪيٽي بندر واري بس مان لهي، پتڻ اُڪري اچي ڪراچيءَ واري بس ۾ ويٺاسين. لسٻيلا چوڪ تي لهي، گوليمار ۾ حاجي مُريد بڪڪ جي ڳوٺ پهتاسين. اتي سوڍائين جي لاڳاپي جا ماڻهو، گُجڙيا ذات جا ويٺل هئا. اسين وڃي آچار گُجڙيئي جا مهمان ٿياسين. آچار گجڙيو پير سن ماڻهو هو ۽ ٺاٺارڪو ڪم ڪري گذر ڪندو هو. اُهو به حج پڙهڻ لاءِ تيار ٿي پيو. اسان کي سواريءَ جي تلاش ۾ ٻه ٽي ڏينهن لڳي ويا. خبر پئي ته محمد ڀٽيءَ جون لانچون چانور ۽ ٻيو سامان کڻي ”جيوڻي“ جي شهر تائين وينديون آهن. في ماڻهو 70 روپيا ڀاڙو وٺنديون آهن ۽ مسافرن کي عربن جي ڪنهن رياست ۾ لاهي ڇڏينديون. اسان هڪ ڪميشن ايجنٽ محمد حسن بڪڪ کي پئسا ڏنا، جيڪو منڊو هو ۽ ڪاٺ جي گهوڙيءَ تي هلندو هو. لانچ ٻن ڏينهن ۾ هلڻ لاءِ تيار ٿي ويئي. اسين گهاس بندر ڪراچيءَ تي پهتاسين. لانچ ۾ سوار ٿيڻ وقت ڪو دلال 20 ماڻهو وٺي آيو ته ڪو 50 اهڙي طريقي سان تقريباً ٻه سؤ ماڻهو پهچي ويا. اندر ۽ ٻاهر ٿي ويٺا. ڊاڪٽر ٺپا هنيا ته سڀ بلڪل ٺيڪ آهن. ڪا به رڪاوٽ ڪا نه هئي. ڪسٽم وغيره مليل هئي. پر اسان تڙ تڪڙ ۾ کاڌي پيتي جي ڪا به شيءِ ڪا نه ورتي. لانچ ۾ شام جو تقريباً 5 وڳي سوار ٿياسين. لانچ سڄي رات هلي. اڳي چانهه وغيره جو رواج گهٽ هوندو هو. پر ٻئي ڏينهن منجهند جو بک اچي تنگ ڪيو. ٻين سوارين مان ڪن کجور وٺي ساڻ کنئي هئي ته ڪن وري اٽو ڀُڳي کنيو هو. مگر اسين ته اڻ ڄاڻ هئاسين پر حاجي مٺي به ڪو نه ٻڌايو. سو هڪڙي حاجيءَ کان ڪجهه کجور وٺي کائي ۽ پاڻي پي ڍؤ ڪيوسين. جڏهن مون کجور کائي پاڻي پيتو ته مون کي هڪدم پيچش قابو ڪري ورتو ۽ مون کڻي ليٽرين جو دروازو قابو ڪيو.
خير، لانچ گوادر پهتي. ناکئي چيو ته توهان ٻه ڏينهن گوادر ۾ ترسو. آئون جيوڻيءَ ۾ چانور لاهي پوءِ اچي توهان کي کڻندس ۽ عربن جي ڪنهن بندر تي لاهيندس. هڪڙي ننڍڙي ڪشتيءَ وسيلي لانچ مان لٿاسين. گوادر جي ڏکڻ ۾ بڙن ۽ پپرن جا وڻ بيٺل هئا. مٺي پاڻيءَ جون ننڍيون کوهريون به هيون. ٻه ڏينهن اُتي ترسي پياسين، مون کي پيٽ ۾ خرابي هئي. مون شهر مان حلوو وٺي کاڌو ته پيٽ صحيح ٿي ويو. اهڙو حلوو وري اڄ ڏينهن تائين مون ڪٿي به ڪو نه کاڌو آهي. تمام لذيذ ۽ وري طاقت واريون چيزون منجهس پيل هيون.
ٻن ڏينهن کانپوءِ لانچ اچي اسان کي کنيو، انهيءَ لانچ جي سُکانَ وٽان مڇي مارڻ جو ڪَلُو ڊگهي ڏور ۾ ٻڌل هوندو هو. ڪلوءَ کان اڳيان اسٽيل جي ٺهيل هڪڙي ننڍڙي مڇي لڳل هوندي هئي. لانچ هلڻ سان اُها مڇي ڊوڙندي نظر ايندي هئي. دريا جون وڏيون مڇيون، اُن مڇيءَ کي پنهنجو ڳاهه (کاڌو) سمجهي جهلڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون ته اُها مڇي اڳيان نڪري ويندي هئي ۽ ڪُنڍي (ڪلو) مڇيءَ کي قابو ڪري وٺندو هو. اهڙي طرح سمنڍ ۾ مڇين جا پِنَ هوندا آهن. لانچ وارن به ڪافي مڇي ماري. پوءِ اُن ۾ چانور پچائي ٻه آنا في پليٽ اسان ۽ ٻين سوارين کي ڏنائون. گوادر کان پوءِ ٻه راتيون ۽ ٻه ڏينهن هلي اسان کي صبح سان ”صمده“ بندر تي لاهي ڇڏيائون. اسين اُتان کان پنڌ ڪري ”طيوي“ بندر تي پهتاسين. اُهي ٻئي بندر ننڍڙا هئا. اُن وقت ماڻهن جي آبادي به گهٽ هئي. اتان کان پنڌ ڪري ”شور بندر“ تي پهتاسين. اُهو بندر وڏو هو ۽ شهر به چڱو هو. جاين جي مٿان کجين جي پالارن جون جافريون (جاليون) ٺهيل هيون. شور بندر جي اولهه ۾ کجين جا باغ هئا. هڪ کوهه هو جنهن مان هڪ ڍڳو ”ڪوس“ ذريعي پاڻي ڇڪي ٻاهر ڪڍندو هو. هڪڙو ماڻهو موجود هو، جيڪو اُهو چمڙي جي ڪوس وارو پاڻي ٻارين جي اڏن ۾ ليٽائيندو هو.
لانچ ۾ آيل سڀئي ماڻهو اُن باغ جو سهارو ڪري کوهه جي ڀرسان ويهي رهيا. پنجن ڏينهن اندر وري ٻي لانچ جو بندوبست ڪيو ويو. جنهن اسي روپيا في ماڻهو ڀاڙو ورتو. اُها لانچ عربن جي هئي. جيڪا ٽي راتيون ۽ ٽي ڏينهن هلي هئي. اُن لانچ وارن وٽ به مڇي پڪڙڻ جو ساڳيو طريقو هو. انهن به چانور رڌي وڪرو ٿي ڪيا. اسين حاجي، جيڪي حج پڙهڻ لاءِ لانچ ۾ سوار هئاسين، تن ۾ سنڌ، پنجاب، سرحد (ڪي پي ڪي) ۽ بلوچستان جا ماڻهو به هئا. تن ۾ ڪافي ڄاڻو ماڻهو، اڳ ۾ به پنڌ حج پڙهيل ۽ بندرن جا واقف به هئا. عربن جي لانچ اسان کي سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ اچي ”شرما بندر“ تي لاٿو. پهرين ننڍڙي ڪشتي جيڪا مسافرن سان ڀرجي خشڪيءَ تي پهتي، تن ۾ آئون ۽ صالح سوڍائي پنهنجي رفيقن جو سامان کڻي اچي سُڪيءَ تي پهتاسين. جيستائين اُها هوڙي وري ٻيو چڪر ڏي، تيستائين صالح سوڍائيءَ ٿورو پرڀرو وڃي پيشاب ڪيو. واپس اچي ٻڌايائين ته ڀولڙا ويٺا آهن. مون وٽ ٽن سيلن واري وڏي ٽارچ هئي. جان کڻي ٽارچ هڻان ته فوج جا ڏهه ٻارهن ماڻهو اٿي بيهي رهيا. هنن اسان کان پڇا ڳاڇا ته ڪا نه ڪئي، پر سمنڊ جي ڪناري تي اچي ننڍڙي ڪشتيءَ جي انتظار ۾ بيهي رهيا. جڏهن ڪشتي ٻيو چڪر کڻي آئي ته ان ۾ منهنجا سڀ رفيق موجود هئا ۽ هيٺ لهي آيا. اسان کي اچي ڊپ ورتو ته متان نه فوج اسان کي واپس ڪري ڇڏي. تنهن ڪري اسين اونڌهه جو فاعدو وٺي ڀر ۾ موجود جبلن ۾ لڪي وياسين، ڪاري ٻاٽ اونڌاهي ۾ نظر ڪجهه نه پيو اچي. مرڳو اسان جا گوڏا وغيره ڦٽجي پيا. پر نيٺ هڪ هنڌ وڃي آرام ڪيوسين. لانچ ۾ به سمهڻ جي سهوليت ڪا نه هئي. بحرهال، صبح جو اٿي گس پنڌ جي پڇا ڪري اڳتي وڌياسين ۽ اچي ”حامي“ شهر ۾ پهتاسين. شهر جي ڏکڻ ۾ مٺي پاڻيءَ جون کوهريون هيون. تن مان پاڻي ڪڍي پاڻ کي صاف ڪيوسين ۽ ڪپڙا وغيره ڌوئي صاف ڪري سڪائي پائي تيار ٿياسين. اتي ٻيرين جا جام وڻ پڪا بيٺا هئا، تن مان ٻير کاڌاسين. اسان کي ڪنهن به منع ڪانه ڪئي. حامي شهر مان اٽو، ماني پچائڻ لاءِ تئو ۽ ٻوڙ رڌڻ لاءِ ٿانوَ ورتاسين. پوءِ ٻوڙ ماني رڌي پچائي کاڌي سين. شام ڌاري ”بدوئن“ کان رستو معلوم ڪري اڳتي روانا ٿياسين. لانچ۾ جيڪي ماڻهو هئا، سي سڀ خير سلامتي سان هيٺ لهي آيا هئا. سڀڪو پنهنجي پنهنجي رفيقن جو ٽولو ٺاهي اڳتي روانا ٿيا. لانچ کي به فوج ڇڏي ڏنو. اسين پاڻ ۾ پنج رفيق هئاسون. ٻه سوڍائي، هڪ جوکيو، هڪ گھجڙيو ۽ هڪ سنگهار. حامي شهر مان وري نواب شاهه جو عرس کوسو به اسان سين شامل ٿيو. هاڻ پاڻ ۾ ڇهه رفيق ٿياسين. سمنڊ جي ڪناري سان ماڻهن جو گس هو. اُهو گس وٺي رات جو وڃي شهر ”شير بلاد“ ۾ ترسياسين. جن ماڻهن جي گهرن کي اسين ويجهو هئاسين، تن اسان کي فقط ٻاڦيل مڇي، سا به بغير مرچ مصالح جي، آڻي کارائي. باقي نه چانور نه ماني. ماني وري اسان پنهنجي پچائي مڇيءَ سان کاڌي. شايد هنن ماڻهن جو گذر ئي رڳو مڇيءَ تي هو. اسان کي جيڪا مڇي آڻي ڏني هئائون، سا به اندازاً 5 ڪلو هوندي ۽ اسين پان ۾ هئاسين ئي ڇهه ڄڻا.
صبح جو رستو معلوم ڪري اڳتي روانا ٿياسين، پر رستو ڪونهي. ماڻهن جي هلڻ جو گس آهي. ڪٿي ڪٿي ته جبل تي به چڙهڻو ٿي پيو. جبل مٿان هيٺ ٿي ڏٺوسين ته کجين جا وڻ جهڙا ڇٻر جا ڪُونگا ٿي نظر آيا. پنڌ ڪري ”شهر بندو“ پهتاسين. اُهو سمورو پهاڙي علائقو هو. وري جيڪو گس هو، سو سمنڊ جي ڪناري سان هو. جيڪڏهن ڪو لوڊ گاڏيءَ جو گس هوندو ته اُهو ٻئي پاسي کان هوندو. اسين ته اڻڄاڻ هئاسين. هر ڳوٺ وارن کان مڪي شريف وڃڻ جو گس معلوم ڪندا هئاسين. جتي به جيڪڏهن گس ڀلجي پوندا هئاسين ته اتي مال چاريندڙ پوڙهيون عورتون ڊوڙي اچي سڏ ڪري اسان کي سڌو گس ڏسينديون هيون. ۽ اسان جي نراڙ تي چميون ڏينديون هيون ۽ چونديون هيون ته ڀلي راهه تي پيا وڃو، اسان جي لاءِ دعا ڪجو. هدايت به ڪنديون هيون ته هِن گس کان ٻئي پاسي نه وڃجو نه ته مري ويندا. وڏا وڏا جبل آهن. ريت آهي. پاڻي ڪونهي. ڪٿي، جتي چشما آهن ته اتي خطرناڪ جانور ويٺل آهن. شينهن، ڳورنارَ (ڳورپٽ) وغيره موجود آهن. پوءِ اسان کي رڍن ۽ ٻڪرين جو کير ڏُهي ڏينديون هيون.
شهر بندر کان اڳتي روانا ٿياسين ته ڪوهه کن پنڌ تي سرڪار پاران پاڻي پيئڻ جو انتظام ٿيل هو. هڪڙي سيمينٽ سان قُٻي (حوض) ٺهيل هئي، جيڪا پاڻيءَ سان ڀريل هئي. پاڻي پيئڻ لاءِ ٺڪر جون ڇلون رکيل هيون. ويهڻ لاءِ وڻن جي ڇانوَ هئي. اُهو نمونو ڳچ پنڌ تائين هو. ان کان پوءِ ننڍا ننڍا ڪافي ڳوٺ به هئا. شهربندر کان پوءِ شهر ”مُڪلا بندر“ هو. هيءُ شهر بلڪل سمنڊ جي ڪناري سان تمام خوبورت شهر هو. پاڻيءَ ۾ ٽي ٽي، چار چار منزلن واريون پڪيون جايون ٺهيل هيون ۽ ڪافي نيون جايون ٺهي رهيون هيون. شهر بندر کان مُڪلا تائين رستي ۾ ڪافي ڳوٺ هئا. ڪٿي ماڻهن جو گس ته ڪٿي لوڊ گاڏيءَ جو ڪچو رستو هوندو هو. پر اسان پنهنجي پيرن کان ڪم ورتو. تنهن کان پوءِ پنڌ ڪندا، منزلون ڪندا اڳتي وڌندا رهياسين. رستي ۾ تمام گهڻا ڳوٺ ۽ شهر آيا. جن مان ڪجهه نالا ياد آهن: ”فو“، ”بروم“، ”مائيف“، ”بيرعلي“، ”جئاري“، ”عين“ ۽ ”حسن بلعيد“. حسن بلعيد جو شهر ته وڏو ڪو نه هو، پر ڳوٺ وڏو هو. اهو ڳوٺ وارياسي ميدان تي اڏيل هو. بلڪل سمنڊ جي ڪناري سان هو. هِن ڳوٺ ۾ سرڪار پاران هڪ ڊگهو، گول مورچو اندازاً 30، 35 فوٽن جو ٺهيل هو. جنهن تي توپون لڳل هيون. هڪڙو پاڻي وارو وڏو جهاز سمنڊ ۾ ٻڏل نظر ٿي آيو. جڏهن وِيرَ جو پاڻي مٿي چڙهيو ٿي ته اُهو جهاز ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿي آيو. وري جڏهن وِيرَ آلڙ ٿيندي هئي ته ڀڳل، ٽٽل ۽ جهُريل، ڪنهن پراڻي زماني جو ڪَس چڙهيل جهاز نظر آيو ٿي. اُن مورچي سنڀاليندڙ سان منهنجي ملاقات ٿي هئي. نالو مون کي ياد ڪونهي. باقي هو تمام نيڪ نمازي، رحم دل ۽ مهمان نواز ماڻهو هو. اسين جڏهن اُنهيءَ ڳوٺ ۾ پهتا هئاسين ته هُن اسان کي مورچي مان پري کان ڏسي ورتو هو. سو ڇا ڪيائين جو اسان اڃا ڳوٺ ۾ قدم ئي ڪونه رکيو هو. اسين اڃان ٻاهر هئاسين، تيستائين هو اسان وٽ اچي پهتو ۽ اسان کان سامان وٺي پنهنجي ڪلهي تي رکي، سندس گهر کي ويجهي جيڪا مسجد هئي. اُتي آڻي سامان رکيائين ۽ چيائين ته ا ڄ رات اوهان منهنجا مهمان آهيو مون کانئس اُنهيءَ جهُريل جهاز جي باري ۾ پڇيو. چيائين ته منهنجي چارج سنڀالڻ کان اڳ جي حقيقت آهي ته ان وقت ملڪ ۾ جنگ جو خطرو هو ۽ هيءُ جهاز سمنڊ مان آيو پئي. هُن کي وائرليس ذريعي آگاهه ڪيو ويو، پر هُن ڪو به جواب ڪو نه ڏنو. تنهن کان پوءِ هن مورچي مان فائرنگ ڪري جهاز ٽوڙي ڇڏيو. هيءُ دشمن جو جهاز هو.
هيءُ مورچو اڃان تائين سرڪار جي پاران حفاظت لاءِ قائم آهي ۽ آئون ڊيوٽي ڪري رهيو آهيان. اُن همراه اسان کي رات جي ماني کارائي. پر حسن بلعيد جي اوڀر ۾ جيڪا اسان رات گذاري هئي، سا شايد ڪڏهن انسان ذات ڪا نه گذاري هوندي! عين جي ڳوٺ کان نڪري سمنڊ جي ريل (ڪنارو) وٺي اڳتي وڌياسين. پر اڳيان هڪڙو جبل اچي ويو، جيڪو سمنڊ ۾ اٽڪل چار فرلانگ تائين اندر ٿي ويو. اُهو جبل وارو بند، تنهن جي وچ مان وري هڪڙي قسم جي شاخ کوٽيل، جيڪا پڻ چار فرلانگ سمنڊ اندر ٿي ويئي ۽ اهڙو هڪ ميل کن جبلن طرف به پئي ويئي. اسان کي ڪو به رستو نٿي مليو، جو لنگهي اڳيان نڪرون. گهڻي ڪوشش ڪئي سين، پر ٻيو مڙيئي ٿيو خير! رات پئجي ويئي. سمنڊ جي ڪناري رڇَ نڪري، سمنڊ جي ريل تي پيل مُئل مڇي، گهانگهٽ کائڻ لاءِ آيا پئي. پر الله تعاليٰ جي وڏي مهرباني هئي، جو انهن رڇن اسان جو نالو ڪو نه ٿي ورتو. نه ئي وري ڪا اسان ساڻن ڇيڙ ڇاڙ ٿي ڪئي. هڪڙو مٺي پاڻيءَ جو چشمو هو، جنهن جي ڪناري سان ”آسريون لَيُون“ هيون. جن جا ويهه پنجويهه فوٽ ڊگها وڻ بيٺل هئا. اُتي ڊپ کان ڪو به ماڻهو ڪو نه ايندو هو. ڇو ته اُهو خطرناڪ علائقو هو. اُن ۾ ڪيهر شينهن رهندو هو ۽ اسان کي اهڙي خطري جي ڪا به خبر ڪا نه هئي. اسين ته مڙيئي ائين قابو ٿي وياسين. رات پئجي وئي هئي. اسين به مٺي پاڻيءَ جي چشمي وٽ، ڪجهه مٿانهين پَٽَ تي لڏو لاهيو ويٺا هئاسون. رِڇَ، باندر، ڀولڙا ۽ ٻيون نموني نموني جون بلائون پاڻي پيئڻ لاءِ آيون پئي. اسان ڇا ڪيو جو اُتي ڪاٺيون ته جام هيون، سو وڏا وڏا بُنڊَ دُکائي، ساري رات باهه ٻاري ويٺا رهيا سين. تنهن ڪري ڪا به بلااسان کي ويجهو ڪا نه آئي ٿي. سومهڻيءَ نماز کان پوءِ جهنگ ۾ اترطرف شينهن جي گجگوڙ ٿي. اسان پاڻ ۾ طئي ڪيو ته شينهن پاڻ کي کائي ته ڀلي کائي، پر ڪيڏانهن به ڀڄنداسين ڪو نه، پر خير ٿيو. ساري رات گذري ويئي. صبح جو اُنهن آسرين لَيَن مان چاقوئن سان زورائتا بانٺا وڍي پاڻ سان کنياسون.
اتر طرف جبلن جي مٿان سفيد رنگ جون جايون ڏسڻ ۾ پئي آيون. رفيقن کي موڪليو ويو ته وڃي رستي جي ڳولا ڪريو. سي اُن شهر طرف ويا هليا رستو ڳولڻ. باقي آئون ۽ عرس کوسو ويٺا رهياسين ڀِٽَ جي مٿي، ته ايتري ۾ هڪرو ”بدو“، جنهن جي ڪلهي تي رائفل هئي، سو سمنڊ جي ريل وٺي، ان جبل جي بند تي چڙهي هُن پار اُڪري ويو. آئون کيس ڏسي رهيو هوس. جتان کان هُو وڃي جبل تي چڙهيو هو، اُهو نشان نظرن ۾ رکيم. پوءِ عرس کوسي کي سامان وٽ ويهاري آئون اُتي پهتس جتان کان هو بدو اُڪري ويو هو. جڏهن اتي پهچي ڏٺم ته هڪڙو ڪاٺ رکيل هو، پر اُن تان اُڪرڻ ڏاڍو اڙانگو هو. پهرين مون پنهنجي آزمائش ڪئي. جنهن ۾ الله تعاليٰ جي نوازش سان ڪامياب ٿيس. وري واپس به اُڪري آيس. واپس اچي ساٿيءَ کي ٻڌايم ته انشاءَ الله تعاليٰ پاڻ به ڪاٺ تان اُڪري وينداسين. تيستائين ٻيا همراهه به اچي ويا. انهن اچي ٻڌايو ته ويجهو ڪو به گس ڪونهي. باقي سفيد جاين واري شهر کان لوڊ گاڏيءَ جو رستو آهي. پوءِ پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪئي سين ته پهريائين ڪاٺ کي آزمائجي. پوءِ ٻي ڪا صلاح ڪبي. اُتان روانا ٿي وياسين ڪاٺ تي. منهنجا رفيق سڀئي پوڙها هئا. منجهن جوان رڳو آئون هڪڙو هوس. سو ڪاٺ جي وچ تي پير رکي پهريائين جيڪو سامان هو، سو سڀ اُڪاريم. تنهن کان پوءِ هر هڪ رفيق جو پير منهنجي ڪاٺ تي رکيل پير مٿان رکائي، کيس ڇڪي پريان پيل سامان مٿان ڪيرائيندو آيس ته جيئن سندن عضوا ڦٽجي نه پون. اهڙي طريقي سان خيرن جو اُن کاهيءَ تان اُڪري ”حسن بلعيد“ پهتا هئاسين. جڏهن اها حقيقت مون مورچي سنڀاليندڙ کي ٻڌائي ته اسين فلاڻي جاءِ تي ترسيا هئاسين ۽ ڪاٺ تان اُڪري آيا آهيون. تڏهن هُن اسان کي آفرين ڏني ۽ چيائين ته ڪيهر شينهن جي ڊپ کان جبل جي هُن پاسي ڪير ويندو ئي ڪونهي.
*