وڏو ڀاڳ سَندون
ڪتاب جو پهريون سفرنامو نعرو خسر مارس جو آهي جنهن 1050ع ۾ حج جو سفر ڪيو ۽ آخري باب مائيڪل ولف جو آهي، جنهن 1990ع ۾ حج جو سفر ڪيو.
هزارين سالن جي حج جي سفرنامي جي اها چونڊ پيرين پنڌ حج ڪرڻ لاءِ نڪرڻ کان وٺي جيٽ دور جي حج تائين پهچي ٿي.
هاڻ ته حج جو سفر ڏاڍو آرام وارو ٿي ويو آهي، اهو فاصلو جيڪو اڳ مهينن، سالن ۾ طئي ڪبو هو، هاڻ ڪلاڪن تي اچي پهتو آهي، سفر جي انهن آسانين جي ڪري حاجين جو تعداد به وڌيو آهي، اڳ حج تي هر سال حاجين جو تعداد جيڪو ڪجهه هزارن ۾ هوندو هو سو هاڻ 25 لکن تائين اچي پهتو آهي ۽ هر سال سڄي دنيا مان حج جي لاءِ خصوصي هوائي سروسز شروع ڪيون وينديون آهن.
مائيڪل ولف جي مذڪوره ڪتاب پڙهڻ سان احساس ٿئي ٿو ته هزارين ماڻهو سفر جون ڪيڏيون نه تڪليفون برداشت ڪندا هئا ۽ هزارين ماڻهو ته پنهنجي منزلِ مقصود تي پهچڻ کان اڳ رستي ۾ ئي يا ته ڦورن هٿان ڦرجي لُٽجي مارجي ويندا هئا يا وري ٻين بلائن ۽ بيمارين جو شڪار ٿي ويندا هئا. مائيڪل وفل ڪتاب جو انتساب ئي اهڙن ماڻهن جي نالي ڪيو آهي، ”انهن جي نالي جيڪي سوين سال اڳ مختلف قافلن جي صورت ۾ گڏجي نڪرندا ته حج ڪرڻ جي لاءِ هئا، پر الله جي گهر تائين پهڻ کان اڳ ئي رستي ۾ ڦورن ۽ لُٽيرن جي هٿان مارجي ويا، حج جي شروعات جيڪڏهن گهر مان نرڪندڙ پهرينءَ وِک سان ٿئي ٿي ته انهن جو حج الله تعاليٰ قبول فرمائي ورتو هوندو.“
جڏهن محترم سائين پرويز مونکي حاجي عبدالڪريم سنگهار جو 1956ع ۾ پيرين پنڌ ڪيل هي سفرنامو ڇپرائڻ لاءِ ڏنو ته مون اهو سرسري پڙهڻ شروع ڪيو ۽ مونکي ايترو ته دلچسپ لڳو جو بٺوري کان حيدرآباد ويندي مون سفر ۾ ئي پڙهي ورتو ۽ خيال آيم ته جي هي سفرنامو اڳ لکجي ۽ ڇپجي ها ۽ انگريزي ۾ ترجمو ٿئي ها ته ولف هن کي ضرور پنهنجي مٿينءَ ڪتاب ۾ شامل ڪري ها.
حاجي صاحٻ جو هي سفرنامو سادي سودي ۽ دلچسپ انداز ۾ لکيل آهي. جيتوڻيڪ ليکڪ جي هيءَ پهرين ڪوشش آهي، پر واهه جي آهي! ۽ واقعن ۾ تسلسل هئڻ سان گڏ، پڙهندي ڪٿي به دلچسپي جو عنصر ٽٽندي محسوس نٿو ٿئي. هاجي صاحب جڏهن اهو سفر ڪيو هو ان وقت مڪي ۽ مديني ۾ اڃا جديديت جي ٻوڏ نه آئي هئي ۽ ايتريون سهولتون به نه هونديون هيون، جيڪي هاڻ آهن ان وقت مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي جون عمارتون اڃا قديم زماني جون قائم هيون. هينئر ته مسجدالحرام ۽ مسجد النبوي جون عمارتون شاندار اڏاوتي نمونا آهن ۽ انهن ۾ هر قسم جون سهولتون ايئرڪنڊيشن، واٽر ڪولر وغيره مهيا ڪيا ويا آهن، جيئن حاجين کي تڪليف نه ٿئي ۽ هو پنهنجو فرض سڪون، اطمينان ۽ آرام سان ادا ڪن ۽ سعودي حڪومت انهن ۾ توسيع جو ڪم مسلسل جاري رکيو پئي اچي ۽ ان تي دل کولي خرچ به ڪري ٿي. مثال طور: آئون جڏهن اپريل، مئي 2013ع ۾ عمري تي ويو هئس ته ڪعبي جي چوڌاري طواف لاءِ اڏيل ٽريڪ جي اڃا اڏاوت شروع ئي نه ٿي هئي ۽ ان وقت مسجد الحرام جي توسيع ڪم ۾ باب عبدالله جو واڌارو ڪيو پي ويو، جيڪو هاڻ ٺهي ۽ کلي چڪو آهي.
الله تعاليٰ جتي سعودي عرب جي سرزمين کي ڪعبي شريف ۽ روضي پاڪ رسولﷺ جهڙا سڳورا هنڌ عنايت ڪيا آهن، اتي معدني دولت، خاص ڪري پئٽرول سان به مالا مال ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو سعودي عرب جو نقشو ئي بدلجي ويو آهي، پر سعودي رهاڪن جي زندگيءَ جو معيار به بدلجي ويو آهي. پئٽرول ڊالر کان اڳ سعودي عرب جي معيشيت جو گهڻو مدار هاجين جي آمد، انهن کان اوڳاڙجندڙ حج ٽئڪس ۽ واپار وڙي تي هوندو هو. پئٽرول ڊالر اچڻ کان پوءِ ڳالهه ئي ٻي ٿي ويئي، هڪ سياح پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته، ”1954ع ۾ حاجين کان جيڪي ڏهه ملين اسٽرلنگ پونڊ ٽئڪس طور حاصل ٿيا هئا، اهي تيل مان حاصل ٿيل دولت جي سمنڊ ۾ هڪ ڦڙي کان وڌيڪ نه هئا.“
سال ٻن کانپوءِ سعودي حڪومت اهو حج ٽئڪس حاجين تان معاف ڪري ڇڏيو. پئٽرول ڊالر اچڻ جي ڪري تعميراتي ڪم به وڏي پئماني تي ٿيڻ لڳو ۽ اڏاوتي ڪم هڪ اندسٽري بنجي ويو ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. جنهن سان نه رڳو مڪي ۽ مديني جي پراڻي شڪل ئي بدلجي ويئي آهي پر اهي ٻئي سفر وڏا ڪارباري هنڌ به بنجي ويا آهن. هن وقت ٻنهي شهرن ۾ ڪيترائي وڏا وڏا شاپنگ مال اڏجي چڪا آهن، جن ۾ دنيا جي هر شئي ججهي تعداد ۾ وڪري لاءِ موجود آهي. ان جو هڪ مثال مسجد الحرام جي اڳيان رڪن يماني واري پاسي اڏيل هڪ وڏو عمارت ”وقف عبدالعزيز شريفين“ آهي. جنهن جي مٿان ئي دنيا جو سڀ کان وڏو ”مڪه ڪلاڪ ٽاور“ به اڏيو ويو آهي. اها عمارت هن وقت دنا ۾ ٻيو نمبر وڏي عمارت آهي، جيڪا سڄي واپاري مقصدن لاءِ اڏي ويئي آهي ۽ ان ۾ ڪيترائي شاپنگ مالس به آهن، جن ۾ هڪ ريال کان وٺي لکين ريالن تائين، سُئي سڳي کان وٺي موٽر ڪارين تائين خريد ڪري سگهجي ٿي، ان جاءِ تي ڪنهن وقت تاريخي قلعو الجياد هوندو هو. جنهن کي سعودي حڪومت ڊاهي ڇڏيو.
تنهن کانسواءِ هر سال 25 لک حاجين کانسواءِ لکين عمري لاءِ ايندڙ زائرين جي خريدوفروخت به سعودي معيشيت لاءِ وڏي ٽيڪ بنيل آهي، ۽ سعودي عرب به هر سال حاجين لاءِ وڌ ۾ وڌ سهولتون پيدا ڪري انهن جو جيڪو تعداد وڌائيندو پيو وڃي، ان جي پسمنظر ۾ ديني خذمت سان گڏ واپاري مزاج به شامل آهي.
حج اسلام جو اهڙو رڪن آهي، جيڪو رڳو ان مسلمان تي فرض آهي، جيڪو ان جي سگهه رکندو هجي، جيئن قرآن ۾ فرمايل آهي ته: ”جيڪو الله جي گهر تائين پهچڻ جي سگهه رکندو هجي، اهو حج ڪري (آل عمران 981) يا جيئن حديث نبوي ۾ آهي ته: ”حج اهو ڪري جنهن وت حج لاءِ گهربل ثمر ۽ سواري ميسر هجي.“ پر جنهن کي سِڪ سڄڻ يار جي..... تنهن کي نه گهر جي نه ٻار جي...... سو حاجي عبدالڪريم سنگهار کان به اهو سفر سِڪ ئي ڪرايو.
وري حاجي صاحب حج جو اهو سفر جوانيءَ ۾ ڪيو، سو به پيرين پنڌ ۽ بنا ڪنهن ثمر جي جاوني جي توبه ۽ دينداري لاءِ ڪنهن فارسي شاعر چيو آهي.
در جاوني توبه کردن شيوه پيغمبري،
وقت پيري گُرگ ظالم مي شود پرهيز گاري.
]جواني ۾ توبه ڪرڻ پيغمبرن جو طريقو آهي، ٻڍاپڻ ۾ ته ظالم بگهڙ به پرهيز گار بنجي وڃي ٿو.[
ان سفر ۾ پاڻ جيڪي تڪليفون ڏٺائين، لڪَ لتاڙيائين... انهن جو ٿورو تصور ڪجي ٿو ته نه رڳو ماڻهو حيران ٿئي ٿو، پر ڪبتيٰ به وٺي وڃي ٿي، همراهه حج جي سفر جو سعيو ڪري نڪتو، پوءِ پويان سندس خبر نه ڪا چار... اڳ جو حج تي وڃڻ کان اڳ روئي ڌوئي موڪلائي چوڪلائي نڪربو هو ته يا نصيب وري ملڻ ٿئي الائجي نه... هاڻ ته کل خوشي سان تڪبيرون هڻندي گهران نڪرجي ٿو ۽ ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا موبائيل تي ڳالهائي پئي هڪٻ؟ي جي خبر چار وٺجي.
سو اڄ جو حج ته ڏاڍو آسان حج آهي، پوءِ به حاجي سڳورا پيا شڪايتون ڪندا آهن... کين اها خبر ئي نه هوندي آهي ته حج سهپ، برداشت ۽ رواداري ۽ الله جي راهه ۾ تڪليفن جو سبق ٿو ڏي.
آئون حاجي صاحب جي حج جي سفر جو تصور ڪريان ٿو ۽ وري سندس سفرنامي جي سٽن تي ويچاريان ٿو، مونکي سندس سڪ سڄڻ يار جي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نٿو اچي، جيتوڻيڪ پاڻ جوان هو، اڃا پرڻيو به نه هو، پويان اوسيئڙي ۾ ماءُ پيءُ به نه هئس، رستي ۾ ڪيتريون ئي آڇون به مليس ٽڪڻ جون، پرڻجڻ جون، سدائين جي لاءِ تانيڪو ٿيڻ جون، پر حاجي صاحب ٻي ڪا به وائي ڪانه واري... پهرين حج جو فرض ادا ڪندس، پوءِ ٻي ڳالهه.
سندس حرمين شريفين جي لاءِ سڪ ڏسي مونکي، سيدنا بلاول حبشي رضي الله تعاليٰ عنه جي مڪي شريف جي ياد ۾ چيل شعر پيو ياد اچي.
الاليت شعري هل ابيتن ليلة
بواد وصولي اذخر و جليل
وهل اردن يوما مياه مخبة
وهل يبدون لي شامة و طفيل
]هن شعر (مڪي) جي ڪهري ڳالهه ڪجي، ان ۾ رات ٽڪڻ جي خواهش اٿم جنهن ۾ اذخر ۽ جليل نالي گاهه ڦٽندو آهي ۽ پوءِ مخبه جي چشمن جي پاڻي ۽ شامه ۽ طفيل نالي ٽڪرين جو منظر ڏسڻ جي لاءِ دل ۾ ارمان اٿندا پيا رهن.[
لطيف سائينءَ به اهڙن ماڻهن کي ڀاڳ وارو چيو آهي، جيڪي مڪي جو سفر ڪن ٿا.
وڏو ڀاڳ سَندون، جي مڪو ڀيٽي آيا،
وڃي، سو ڏٺون، روضو پاڪ رسول جو.
(سر سامونڊي)
جڏهن حاجي عبدالڪريم سنگهار حج ڪيو ته يقينن مٿيون سهولتون موجود نه هيون، ۽ ٻنهي شهرن جو قديمي ڍانچو اڃا برقرار هو. حرم شريف، مسجد نبوي جا توسيع منسوبا پوءِ شروع ٿيا. منيٰ ۽ عرفات ۾ اڃا اهي سهولتون مهيا نه ڪيون ويون هيون، جيڪي پوءِ جي سالن ۾ مهيا ڪيون ويون. سو حاجي عبدالڪريم جيڪڏهن پنهنجي سفرنامي ۾ ڪي اهي به جهلڪيون پسائي ها ته سفرنامو اڃا به دلچسپ بنجي وڃي ها، پر ان سلسلي ۾ حاجي صاحب تي معيار ٺهي به ڪانه ٿي، جو پاڻ ڪٿي لکيو اٿس ته جيڪو وسرڻ کان بچي ويو، اهو ئي لکيو اٿس.
حاجي عبدالڪريم سنگهار جو هي سفرنامو ”سِڪ سڄن يار جي“ ته سنڌي ادب جي سفرنامي جي صنف ۾ اهم واڌارو آهي، ان سلسلي ۾ آئون محترم غلام حسين گلڙي کي جس ڏينس، جنهن زور ڀري حاجي صاحب کان اهو لکرايو ۽ سائين پرويز جنهن محبت ۽ محنت سان پنهنجا سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي، هن سفرنامي جي لکت ۽ ٻولي سڌاري ۽ مختلف پاين ۾ ورهايو، اهو سڀ سندس سنڌي ٻولي ۽ ادب سان دلي لڳاءُ جو ثبوت آهي.
منهنجي لاءِ هيءُ وڏي خوشي جي ڳالهه ۽ سعادت آهي ته هي سفرنامو منهنجي هٿن مان ڇپجي پڙهندڙن تائين پهچي رهيو آهي، ايئن آئون به لوڻ لپ وجهي هن نيڪ ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي ويو آهيان.
يوسف سنڌي
حيدرآباد: پهرين مئي 2016ع
Cell: 0301-3640468
*