سفرناما

سِڪ سڄڻ يار جي

”سڪ سڄڻ يار جي“ اصل ۾ 1956ع ۾ پنڌ ڪيل حج جو سفرنامو آهي جنهن جو ليکڪ حاجي عبد الڪريم سنگهار آهي.
هي ڪتاب 2016ع ۾ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ساحل پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون مور ساگر ۽ يوسف سنڌيءَ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سِڪ سڄڻ يار جي

باب پنجون : هڪ عجيب واقعو

اسين اُن وڻ کان اڇان ڪو فرلانگ ڏيڍ اڳتي هليا هونداسين ته گس کان اوڀر طرف ڪنهن ماڻهوءَ جون دانهون ٻڌڻ ۾ آيون. مون پنهنجي رفيقن کي ٻڌايو ته ڪنهن ماڻهوءَ جون دانهون پيون ٻُڌجن. همراهن چيو ته توکي وهم ٿيو آهي. اِهي ڀولڙا لڳَ تي هوندا. هتي ڪٿان ماڻهو ايندو!؟ متان اوڏانهن وڃي. ڀولڙا پٿر هڻندا. مون کين چيو ته پاڻ سڄي سفر ۾ ڏسندا اچون ته جيڪڏهن پاڻ ڀولڙن کي نٿا ڇيڙيون ته ڪو به ڀولڙو يا باندر پنهنجو نالو نٿو وٺي. سو آئون به وڃي ڏسان ٿو. جيڪڏهن ڀولڙا هوندا ته وريو واپس ٿو اچان. پوءِ سامان رستي تي رکي، لٺ ساڻ ڪري اڳتي وڌيس ته دانهون اڃان به ڪجهه اتر طرف کان جبل جي گولائي هئي، ان مان پئي آيون. گولائيءَ ۾ هڪ هنڌ هڪڙي چُر (کڏ) هئي جنهن مان رڙيون پئي آيون. ويجهو آيس ته پرڀرو زنانا ڪپڙا ڏسڻ ۾ آيا. هاڻي مونکي به اچي ڊپ ٿيو ته متان نه ڪو ڳورنارِ ڪنهن عورت کي کڻي آيو هجي ۽ پنهنجي گُرِ ۾ کڻي ويندو هجي. پر وڏڙن جو چوڻ آهي ته ڳورَ نارَ کي جسم جي ٻئي ڪنهن به حصي ته ڪو به ڌڪ اثر ڪو نه ٿو ڪري. باقي سندس نڪ نازڪ ٿيندو آهي. کيس نڪ تي ڌڪ لڳندو ته مري ويندو. اِهو سوچي لٺ تيار ڪري اڳتي وڌيس. جڏهن بنهه ويجهو پهتس، ته ڏٺم ته ڪا به بلا وغيره ڪا نه هئي. پر جيئري جاڳندي هڪڙي عورت هئي، جنهن تي وزندار پٿر رکيا هئا. فقط سِرِ پٿرن کان آجو هوس. ٽنگن، ٻانهن ۽ پيٽ تي پٿر رکيا هئا. مون پنهنجي رفيقن کي سڏ ڪيا ته جلدي پهچو. هنن جي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي مون هن تان پٿر لاهي ورتا هئا. هوءَ عورت پاڻيءَ لاءِ دانهون ڪري رهي هئي. پوءِ اسان کيس کڻي، هڪڙي کِپَ جي ٻوٽي جي ڇانوَ ۾ آڻي ويهاريو ۽ کيس پاڻي به پياريو ۽ ڪجهه سندس ڇاتي ۽ مٿي کي به پاڻيءَ جا ڇنڊا هنياسين. جڏهن ڪجهه سامت ۾ آئي، تڏهن کانئس خبرون پڇيون سين. مائيءَ جو نالو مريم هو. هوءَ ٻن مهينن کان وٺي بيمار هئي. هتي وڏو بَر ۽ بلائون هيون. سندس مڙس ڏٺو ته هن گس تان ڪو ورلو ماڻهو ٿو گذري. تنهن ڪري هو بيزار ٿي پنهنجي زال کي پٿرن سان ڍڪي، اسان جي پهچڻ کان ڪو ڪلاڪ ڏيڍ اڳ ۾، کيس اڪيلو ڇڏي پاڻ اڳتي روانو ٿي ويو هو. هُن جي خيال ۾ سندس زال کي هتي بلائون کائي وينديون. اِهي سڀ خبرون اسان کي حاجياڻي مريم ٻڌايون. هُن وڌيڪ چيو ته هاڻ منهنجا مائٽ به اوهان آهيو. منهنجا سڀ سڱ اوهان سان آهن. مون کي خدا ڪارڻ پاڻ سان گڏ وٺي هلو. منهنجي زندگي بچايو ۽ مون کي هلي حج پڙهايو. رفيقن چيو ته هن بيمار مڙهه کي ڪٿي کڻيو پيا هلنداسين. هن کي جڏهن سندس پنهنجو مڙس ئي پٿرن ۾ ڍڪي هليو ويو آهي، ته پوءِ پاڻ ڇا ڪنداسين. مون پنهنجي همراهن کي چيو ته ”ٻيلي، هيءَ به انسان ذات آهي. سا به هڪڙي عورت! هِن کي هِتي هروڀرو ناحق بلائون کائي وينديون. هڪ بدوءَ کان ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته في الارض جو شهر هتان کان صرف ٻن ميلن جي فاصلي تي آهي. پاڻ هِن کي هتان جهوليءَ ۾ وجهي کڻي هلي شهر جي اسپتال ۾ ٿا ڇڏيون. پوءِ کٽنس ڀاڳ!“
سج اڇان لاڙ اڳيون هو. پوءِ اسان جهولي ٺاهي، کيس جهوليءَ ۾ وجهي ڪلهن تي کڻي اچي شهر جي اسپتال ۾ داخل ڪرائي وانڌا ٿياسين. پوءِ اسان وڃي في الارض جي چونئرن ۾ آرامي ٿياسين. اُتي جمع بازار کي ”سوق“ چوندا هئا. هر منزل يا هر شهر ۾ ڏينهن مقرر هوندا هئا، جن تي بازار (ميلو) لڳندو هو. جتان ٻهراڙين جا بدو هفتي جو سامان وٺي ويندا هئا ۽ سندن جوئر، ٻاجهري، رڍون، ٻڪريون، اُنَ، اُٺ، ڳئون ۽ ڪاٺيون وغيره وڪري لاءِ کڻي ايندا هئا. اهڙن ميلن يا جمع بازارين جو رواج يمن ۾ به هو ته هتي سعوديه ۾ به هو. هن شهر ۾ اسان جو ٻن ڏينهن ترسڻ جو ارادو هو. ٻئي ڏينهن، سج مٿي آيو ته اسپتال وڃي مسمات حاجياڻي جي خبر ورتي سين. ته هوءَ ٺيڪ ٺاڪ ڏسڻ ۾ آئي. مون کي منٿ ڪندي چيائين ته مون کي ڇڏي نه وڃجو. مون کي پاڻ سان گڏ وٺي هلي حج پڙهائجو. مون کيس دلداري ڏيندي چيو ته پهريائين تون ٺيڪ ته ٿي. پوءِ توکي حج پڙهائڻ به وٺي هلنداسين. آئون اسپتال مان نڪري، شهر جي هڪڙي گهٽيءَ مان لنگهي رهيو هوس. ڪتن جي لاءِ لٺ پاڻ سان کڻندو هوس. هڪ چونئرو هو، جنهن کي ٻاهران پناهه لاءِ گنب جو ڪوٽ ٺهيل هو. ڪوٽ جي دروازي جي سامهون هڪڙو مينديءَ جو وڻ هو. جنهن هيٺان منجڻ تي پاڻيءَ جو مٽ رکيل ڏٺم. وري سامهون اُن گهر جي ڀاتين مان هڪڙي عورت تي نظر پيئي. مون کي اُڃ به اچي تنگ ڪيو هو. سو مون انهيءَ عربياڻي عورت کي چيو ته مون کي پاڻي پياريو. ان عورت چيو ته اندر اچي مٽ مان پاڻي ڪڍي پيءُ. آئون اندر وڃي، مٽ مان پاڻي ڪڍي برتن وات تي رکي پاڻي به پيئڻ لڳس ته هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ به لڳس. ڏٺم ته گهر ۾ ان عورت کان سواءِ ٻيو ڪير به ڪو نه هو. اُها نوجوان عورت تندور مان ماني ڪڍي رهي هئي. آئون پاڻي پيءُ واپس وڃڻ لڳس ته عورت مون کي سڏ ڪري چيو ته مسڪين بابا اچو، ماني کائي وڃو. ماني کائڻ لاءِ ته آئون راضي هوس. پر گهر ۾ ٻيو ڪو به ماڻهو ڪونهي! ننڍڙو ٻارڙو به ڪونهي. هُن عورت چونئري ۾ پيل کٽ تي ماني ۽ ٻاڦيل مڇي آڻي رکي. هٿن ڌوئڻ لاءِ ٺڪر جو پيالي جهڙو هڪڙو ڪرو هو. چونئري ۾ چار کٽون پيل هيون. آئون ماني به ويٺو کان ۽ گهر جو نمونو به ويٺو ڏسان. چونئرو اندران سڄو سفيد مٽيءَ سان راڳيل هو. تنهن ۾ وري چوٽيءَ تائين سينگار ٿيل هو. ڦڙهن جي پليٽ، ۽ تنهن جي وچ ۾ ڦڙهن جي ڪٽوري. ڪٽوريءَ جي وچ ۾ ڪاٺ جو ڪوڪو رنگين لڳل هو.
آئون ماني ته ويٺو کان، پر موچڙن جو ڊپ! پرائي گهر ۾ اڪيلي عورت جي موجودگيءَ ۾ ڌاريون مرد! سو به هيئن کٽ تي چڙهيو ويٺو ماني کائي! گهر ۾ ٻيو ڪير به ڪونهي. سو موچڙا ته مون گهري ورتا هئا. ايتري ۾ ڪوٽ جي دروازي تي ڪنهن ماڻهوءَ جي اچڻ جو کُڙڪاٽ ٿيو. مون کي يقين ٿي ويئي ته اڄ موچڙا ضرور لڳندا. پر بچائڻ وارو به ته رب پاڪ آهي. هڪ نوجوان مرد، جنهن کي صاف سٿرا ڪپڙا پاتل هئا ۽ مٿي تي رومال ۽ دستار ٻڌل هئي. سڌو چونئري ۾ اندر هليو آيو. اچڻ شرط سلام واريائين. اُها نوجوان عورت سندس زال هئي. تنهن کان پڇيائين ته مسڪين بابا کي ماني کارائي رهي آهين؟ هُن چيو ته هائو. پوءِ چيائين ته چڱو. هاڻ مون کي به ماني آڻي ڏي ته کان. پوءِ هُن نوجوان چيو ته آئون جڏهن دروازي کان اندر آيو هوس ته مون سمجهيو ته منهنجي گهرواريءَ جو ڪو عزيز قريب آيو آهي. جيئن ته مون کي عربي ڪپڙا پاتل هئا. تنهن مان هُن ائين سمجهيو. پر سلام جي جواب مان هو سمجهي ويو ته آئون عرب ڪو نه آهيان. هڪڙي کٽ تي گهر جو مالڪ ويٺو ماني کائي ۽ ٻي کٽ تي آئون ويٺو ماني کان. ماني کائيندي هُن مون کان خبرون ورتيون. رهائش، ملڪ ۽ مائٽن جو پُڇيائين ۽ اهو به پڇيائين ته هيڏانهن ڪيڏانهن پيو وڃي ۽ گهر ۾ ڪيئن پهتين؟ مون کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي. سندس گهر واري به سامهون ويٺي هئي. اهو شخص ماني کائي، هٿ ڌوئي، پهرين وڃي قرآن شريف کڻي آيو ۽ چيائين ته مون کي پڙهي ٻڌائي. مون کيس پڙهي ٻڌايو. پوءِ چيائين ته مون کي هلي اُها عورت ڏيکار، جيڪا اسپتال ۾ آهي. اِتي سندس گهرواريءَ به چيو ته آئون به هلان ٿي. اسپتال اچي اُن عورت کي ڏٺائون ۽ ڊاڪٽرن کي به پارت ڪيائون. هو وري مونکي پنهنجي گهر وٺي آيا. قهوه ٺهيو ۽ اُهو پيتوسين. پوءِ چيائون ته هلي تنهنجا رفيق ڏيکار. جڏهن رفيق وٽ پهتاسين ته هو ويچارا مرڳو منهنجي لاءِ پريشان هئا. کين خدشو هو ته متان اُها عورت گذاري ويئي هجي ۽ آئون ان جي دفن ڪفن ۾ مصروف هجان.
پوءِ هُن عرب پنهنجون خبرون ٻڌايون. هن چيو ته منهنجو نالو محمد آهي. منهنجي گهر جي اولهه طرف منهنجي اوطاق آهي. اتي منهنجا اٺ نوڪر رهن ٿا. آئون سوداگر آهيان. هتان جمع بازار مان سودو خريد ڪري ٻئي پاسي وڃي کپائيندو آهيان. باقي ڍور نوڪر پيدل ڪاهي هلندا آهن. رات سڀئي ڪٺي گذاريندا آهيون. جيڪڏهن اوهين ايندڙ جمع بازار تائين هتي ترسندا ته پوءِ آئون توهان کي اٺن تي کڻي ”اُبحا“ شهر تائين پهچائيندس. پوءِ اتان کان اڳتي هليا وڃجو. پر هينئر مون سان گڏجي منهنجي اوطاق تي هل. ڇيلو ذبح ڪرايان ٿو. ان جي هڪڙي ٽنگ کڻي آڻي رفيقن کي ڏي ته رڌي کائين باقي تون ماني مون وٽ کائج. پوءِ هڪڙو رفيق پاڻ سان وٺي اوطاق تي پهتاسين. شيخ محمد سندس نوڪر کي چيو ته هڪڙو ڇيلو ڪُهي، ان جي هڪڙي ٽنگ مسڪين بابا کي ڏيو ۽ هيترو گوشت گهر موڪليو، باقي اوهين رڌي پچائي کائو. الله سائين جي مهربانيءَ سان شيخ محمد مونکي سچو ماڻهو سمجهي پنهنجي گهر ماني کارائيندو هو ۽ وڏي عزت سان ڏسندو هو. عمراڻي بلوچ ٻه عورتون ۽ هڪ مرد پوڙهو، تن وٽ سندن ڪافي پئسا هئا. طعز جي شهر کان وٺي مون سان گڏ هئا. گهڻو ڪري جتي ڏکيو پنڌ هوندو هو ته کين ڪرايئي تي اُٺ ڪري ڏيندو هوس ۽ هو منزل تي پهچي انتظار ڪندا هئا، جيستائين اسان پهچون. ٽن چئن ڏينهن بعد ميڙو (جمع بازار) لڳو. شيخ محمد سوداگر پنهنجو سودو خريد ڪيو. اُٺ تيار ڪيا ويا. تيستائين پٿرن سان ڍڪيل بيمار عورت به اچي چڱي ڀلي ٿي. اُن کي به وٺي آڻي عمراڻي عورتن سان گڏ ڪيم. ٻئي ڏينهن صبح جو پوڙها، پوڙهيون آڻي اُٺن تي سوار ڪياسين. باقي اسين شيخ محمد سان ڪٺي هئاسين. ”اُبحا“ جي چڙهائيءَ تي مرد سڀ اٺن تان لهي پيا باقي عورتون ويٺيون رهيون. عبدالله عمراڻيءَ کي به ڪو نه لاٿوسين، جو سندس نظر ڪمزور هو. ٻيو ته چڙهائي ۽ گولائي ڏاڍي ڏکي هئي. نئي جي پيٽ مان جبل جي چوٽيءَ تي چڙهڻو هو. شاباش اٺن کي هجي، جيڪي وزن سميت مٿي پئي چڙهيا. اسان عورتن کي چيو ته توهان جامع مسجد وٽ هلي ترسجو. اسين توهان وٽ پهچنداسين. اسين مرد، جيڪي پيادل هئاسين، سي صبح جو ڏهين وڳي روانا ٿياسين. اڳين ۽ وچين نمازون چڙهائيءَ تي پڙهيوسين. جيئن جيئن مٿي جبل پئي چڙهياسين، تيئن تيئن پاڻيءَ جا چشما موجود هئا. منهنجا رفيق به پوڙها هئا. پر عبدالله عمراڻيءَ جهڙا نه. هو ته وري نظر کان به ڪمزور هو. اسان ڇڙهائي پار ڪري ”ابحا“ شهر جي ناڪي تي پهتاسين ته سج لهي ويو. سانجهيءَ جي نماز پڙهي، منهنجا رفيق، جيڪي ٿَڪَ کان چُور هئا، سي ناڪي واري ڪوٺڙيءَ ۾ ئي سُمهي رهيا. اُن ناڪي جي سنڀاليندڙ پوليس واري جو گهر به اتي هو. سو اسان جو برو حال ڏسي، سندس گهران ڪڻڪ جي مانين سان ڪيلن جي ”ڪُٽي“ ڪري، وڏو ٿالهو ڀري کڻي آيو ۽ اچي چيائين ته مسڪين بابا، کائي اسان کي دعا ڪجو ۽ اسان اُها ”ڪُٽي“ کائي ڍؤ ڪيو. مون ان ناڪي واري کان پڇيو ته اڃا شهر گهڻو پري آهي؟ چيائين ته فقط هيءَ جبل جي ٽڪري گولائي ڪري بيٺي آهي. هڪڙو فرلانگ پنڌ به ڪو نه ٿيندو. آئون رفيقن کي ناڪي تي ڇڏي، اڪيلو شهر ۾ اچي جامع مسجد وٽ پنهنجن عمراڻي رفيقن کي هٿ ڪيم. ويچارڙين حاجياڻين چيو ته ابا اسين شهر مان گوشت وٺي ٻوڙ رڌي ۽ مانيون پچائي، اوهان جي انتظار ۾ ويٺا آهيون. پوءِ آئون واپس وڃي پنهنجي همراهن کي وٺي آيس ۽ گڏجي ماني کاڌي سين. هن شهر ۾ سيءُ تمام گهڻو هو. ٻن ڏينهن ۾ ئي منهنجا ته هٿ ۽ پير ڦاٽي پيا هئا.
اِنهيءَ جامع مسجد تي مرمت جو ڪم هلندڙ هو. منهنجي ان مسجد جي پيش امام سان اچڻ شرط دوستي ٿي ويئي. ان جي معرفت مون ٻه ٽي روز اتي مزوري به ڪئي. اڍائي ريال روزانو مزوري ملندي هئي. پيش امام مون کي ٻڌايو ته اسان جي شهر جو ”امير صاحب“ تمام ڀلو ۽ رحم دل ماڻهو آهي. گذريل سال به هتي جيڪي به ديسي پرديسي حاجي آيا هئا، تن سڀني کي لوڊ گاڏين ۾ چاڙهي ”طائف شريف“ تائين پهچايو هئائين. اوهين به جيڪڏهن کيس عرض ڪندا ته اوهان کي طائف تائين پهچائي ڇڏيندو. پوءِ مون سفيد پنو وٺي پاڻ وٽ رکيو ته ڪنهن کان درخواست لکرائجي. درخواست ته آئون به لکي ويندو هوس. پر سوچيم ته ڪنهن عرب کان لکرائجي. شاهي بازار اتر کان ڏکڻ طرف هئي. پر ان بازار مان وري اولهه طرف ٻي بازار ٿي ويئي. آئون ٿورو الهندي طرف هليس ته هڪڙو ڪمرو ڏٺم، جنهن ۾ رڳو ڇهه ست مرد ماڻهو ويٺا هئا، پر سامان سڙو ڪجهه ڪو نه هو. مون اندر داخل ٿي سلام واريو ۽ کين عرض ڪيم ته اسين مسافر پيدل حج وڃي رهيا آهيون. حج پڙهڻ کي باقي ٿورو وقت وڃي بچيو آهي. فاصلو تمام گهڻو آهي. پنڌ وينداسين ته پهچي ڪو نه سگهنداسين ۽ حج قضا ٿي ويندو. سو مهرباني ڪري اسان کي خدا ڪارڻ لوڊگاڏين ۾ چاڙهي اڳتي روانو ڪيو وڃي. مون فقط پنهنجي ٽولي لاءِ ئي درخواست لکرائي. پر هاڻ هو هِن کي چوي ته تون لِک ۽ هو هُن کي. هڪڙي چيو منهنجا اکر صاحب سڃاڻي وٺندو. تنهنڪري آئون توکي لکرايان ٿو ۽ تون لکي وٺ. اُهو شخص امير صاحب جو نائب هو. پوءِ نائب چوندو ويو ۽ لکڻ وارو لکندو ويو. نائب مونکي چيو ته سڀاڻي صبح جو سج چڙهي مٿي اچي، تيڏي مهل تون درخواست کڻي مٿي چڙهي اچج. آئون توکي امير سان ملائيندس. پر کيسي ۾ چاقو وغيره ڪا به شيءِ کڻي نه اچج. مون درخواست کڻي اچي پيش امام کي ڏيکاري. رات گذري، صبح ٿيو. پيش امام مون کي اها سرڪاري جاءِ ڏيکاري واپس هليو ويو. اها جاءِ گول چار منزل ٺهيل هئي. ڇت تي توپون رکيل هيون. آئون دروازي تي پهتس ته پوليس وارو بيٺو هو. بندوق ۾ خنجر به لڳل هو. مون کي روڪي پڇيائين ته ڇا جي لاءِ مٿي ٿو وڃي؟ مون کيس درخواست ڏيکاريندي چيو ته امير صاحب سان ملڻو آهي. پوليس واري منهنجي تلاشي ورتي ۽ پوءِ مٿي ڇڏيائين. ٽي منزل تي پهتس ته اتي به پوليس وارو بيٺل هو. جنهن به ساڳئي نموني پڇا ڳاڇا ڪري، منهنجي تلاشي وٺي پوءِ مٿي ڇڏيو. آئون امير صاحب جي ڪمري ۾ پهتس. اتي ڪلهوڪو نائب ويٺو هو ۽ مون کان درخواست وٺي امير صاحب کي ڏنائين. امير صاحب مون کي هيٺ مٿي ڪري ٺاهي جانچيو. پاڻ اڌ ڄمار جو هو. مون کي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيائين. پاڻ درخواست پڙهي، پوءِ نائب کي چيائين ته عبدالرئوف کي گهرائي وٺ. ٿوري دير بعد هڪرو ننڍڙي قد جو پٺاڻ، ڪوٽ پاتل ۽ مٿي تي ڪارا ڪُلي ٽوپي، اچي امير صاحب جي اڳيان حاضر ٿيو. امير عبدالرئوف کي چيو ته هن مسڪين بابا کان پڇ ته هيءُ ڇا ٿو چوي؟ ڪهڙي ملڪ جو آهي ۽ ٻولي ڪهڙي ٿو ڳالهائي؟ مون کين پنهنجي ائڊريس ٻڌائي ۽ کين چيو ته آئون اردو ۽ عربيءَ ۾ ڳالهائي ۽ سمجهي سگهان ٿو. عبدالرئوف مون سان اردوءَ ۾ ڳالهايو ۽ پاڻ وري مرچ مصالح وجهي صاحب کي عربيءَ ۾ چيائين. مون کين فقط نَوَن (9) ماڻهن جو عرض ڪيو هو. پر امير صاحب عبدالرئوف کي حڪم ڏنو ته جيڪي به ديسي پرديسي حاجي موجود آهن، تن کي پرائيويٽ توڙي سرڪاري لوڊ گاڏين ۾ چاڙهي طائف شريف روانو ڪر. جن به ماڻهن وٽ پاسپورٽ يا اجازت ناما آهن، سي وٺي عبدالڪريم جي حوالي ڪج. جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪو به ڪاغذ پٽ ناهي ته ان جي تصوير ۽ پوري ائڊريس لکي اُها به هن جي حوالي ڪج. اهو ڪم لاهي اسين هيٺ آياسين. عبدالرئوف پنهنجو عملو تيار ڪيو. هو لوڊ گاڏيون هٿ ڪندو اچي ۽ اسان حاجين کي سوار ڪندا اچون. مون انهن کان پاسپورٽ ۽ اجازت ناما وٺي هڪ ٻوريءَ ۾ گڏ ڪيا. پهرين گاڏيءَ ۾ منهنجا رفيق روانا ڪيم. گاڏيون لوڊ ٿينديون ويون ۽ طائف ۾ ايس پيءَ جي آفيس جي اڳيان وڏي ميدان ۾ حاجي گڏ ٿيندا ويا. لڳ ڀڳ 1500 کن حاجي ابحا جي شهر ۾ هئا. تن سڀني کي طائف روانو ڪيوسين. آخر ۾ آئون ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو فوجي فادر جيپ ۾، ڪاغذن جي ٻوريءَ سميت روانا ٿياسين. پر منهنجي وڏي خوشقسمتي چئبي جو مون پنهنجي علائقي جي نامور حاجي سڳوري حاجي شير محمد چانگ، جنهن ڪافي حج پڙهيا هئا، سندس ناٺي، ننڍڙي ڌيءَ، حاجي بلاول اوٺو جن کي به هتان اڳتي روانو ڪيو ۽ سندن پاسپورٽ به مون وٽ هئا. آئون انهن وٽ رات جو پهتو هوس. عبدالرئوف مون سان گڏ هو. عبدالرئوف اتي جي آفيسر سان ڳالهائي واپس روانو ٿي ويو. حاجي سڀ ميدان ۾ گڏ هئا. ڇو ته انهن جا اجازت ناما مون وٽ هئا. پر عبدالرئوف گهڻا حاجي ڏسي موٽي آيو. اسان کي ٻه ڪرسيون ڏنيون ويون ۽ ٻه پوليس وارا پڻ مليا. جن اسان جي حفاظت ڪئي. ڇو ته هرڪو پيو چوي ته پهرين اجازت نامو مون کي ملي. مون ٻوري کڻي اڳيان رکي ۽ هڪڙو هڪڙو اجازت نامو ڪڍندو، نالو پڪاريندو ڏيندو ويس. منهنجي رفيقن جا ڪاغذ مون پاڻ وٽ رکيا. داخلا ٿيندي ويئي. عبدالرئوف وٽ رجسٽر ۾ سڀني جا نالا داخل هئا. اُهو رجسٽر وري واپس ابحا ۾ امير صاحب وٽ پهچائڻو هو ته هيترا ماڻهو طائف ۾ پهچائي آيا آهيون. اجازت ناما ڏيئي وانڌا ٿياسين. پوءِ عبدالرئوف موڪلائي اُنهيءَ ئي فادر جيپ ۾ واپس ’اُبحا‘ روانو ٿي ويو. رات طائف شريف ۾ گذري. ٻئي ڏينهن صبح جو، طائف شريف ۾ جيڪي زيارتون موجود هيون، تن بابت حاجي شير محمد چانگ کان معلومات وٺي زيارتون ڪيون سين.
طائف شريف ۾ هڪڙي معجزاتي زيارت هئي. ٻڌل روايت آهي ته ڪنهن جنگ دوران جڏهن حضور سائين جنصه آرام فرمائي رهيا هئا، تڏهن حضور جن مٿان ڇانوَ ڪرڻ لاءِ جبل جي ڇٽڙي اچي جبل کي ٽيڪ ڏيئي بيٺي هئي. تمام گهڻا ماڻهو هن ڇٽڙيءَ جي زيارت ڪرڻ ايندا هئا. مون به انهيءَ ڇٽڙي (ڇٽي) هيٺان آرام ڪيو هو. آس پاس ۾ تمام گهڻي گرمي هوندي به، ان ڇٽيءَ هيٺان برف جهڙي ٿڌي هير لڳي رهي هئي. مون کي اُتي آرام ڪندي جو ڪجهه نصيب ٿيو، تنهن جي هڪڙي خبر مون کي آهي، ٻي خدا کي. اُتي مون سان ٻيو ڪو به رفيق موجود ڪو نه هو. اُن کانپوءِ حضرت عباسرضه جي زيارت ۽ هرڻيءَ جي قدمن وغيره جون زيارتون به ٿيون. جڏهن رفيقن وٽ پهتس ته مون کي حاجي شير محمد چانگ مال جي چرٻيءَ جي بوتل ڏني ته هن مان چانور رڌي کائجو. مون اُها بوتل آڻي عمراڻي عورتن جي حوالي ڪئي ته چانور رڌجو ته سڀ گڏجي کائينداسين. ڪجهه دير بعد مونکي حاجي شير محمد چيو ته حاجي بلاول اوٺو وفات ڪري ويو آهي. ان جي دفن ڪرائڻ ۾ مون سان مدد ڪر. اهڙا ڪيترا ئي حاجي مون سرڪاري مدد سان دفن ڪرايا هئا. سو مون هڪدم آفيس ۾ درخواست ڏني ۽ حاجي بلاول اوٺي کي طائف جي وڏي قبرستان ۾ دفن ڪرايو، جتي حضرت عباسرضه جي مزار هئي. اِن وچ ۾ ٻي رات به خيرن سان گذري ويئي. سڀ حاجي الڳ الڳ ٽوليون ٺاهيو ويٺا هئا. صلاح مصلحت پئي هلي ته اڳتي مڪي تائين هلڻ لاءِ لوڊ گاڏي ڪجي. ايتري ۾ اُن عورت مريم مون کي سڏ ڪيو. ويجهو ويس ته مون کي چيائين ته جنهن مون کي پٿرن سان ڍڪي ڇڏيو هو، سو منهنجو مڙس هو پيو وڃي. سندس نالو غلام حسين آهي. مون کي اشاري سان ڏيکاريائين. آئون نوجوان هوس. مون کي جوش اچي ويو. سو ڊوڙي وڃي غلام حسين کي پٺيان سڏ ڪيم. هن پٺيان لؤنڻو هنيو. مون کي پڪ ٿي ته ساڳيو آهي. سو ٺڪاءُ ٿو ڪرايانس زورائتي مُڪ. هو مون کان زورائتو هو سو مون تي ڦوڪجي پيو. ڊگهي ڏاڙهي هيس. مون کي ڪاوڙ مان چيائين ته مون کي ڌڪ ڇو هنئين ڙي! تڏهن مون چيس ته توکي ته شرم اچڻ گهرجي. اوڏيءَ مهل غيرت ڪانه ٿي آيئي، جڏهن پنهنجي نڪاح ٻڌي زال کي جيئرو پٿرن سان ڍڪي کيس جهنگ ۽ جبل ۾ ڇڏي ڀڳو هئين. هينئر مون توکي مُڪ هنئي ته ڪاوڙ اچي ويئي. ٺلهي ڊگهي ڏاڙهي رکائي ۽ حمائل شريف پاسي سان ٻڌيو پاڻ کي مؤمن پيو ظاهر ڪريئين! هوڏانهن ڏس، هوءَ زنده جيئري ويٺي آهي. هو ائين ڪُڇي، جيئن ڀت! شرم کان ڪنڌ جهڪائي خاموش بيهي رهيو. هوڏانهن سندس گهرواري مسمات مريم اُڀي ٿي بيهي رهي ۽ چيائين پليت، تون منهنجو عزيز قريب هجڻ سان گڏ منهنجو مڙس به هونئين. تو مونکي جيئرو ڪيئن ٿي پٿرن ۾ ڍڪيو. مري وڃان ها ته پوءِ ڍڪي ڇڏين ها ته به ڪا ڳالهه ٿئي ها. هنن ماڻهن ويچارن مونکي پٿرن مان ڪڍي، جهوليءَ ۾ وجهي کڻي آڻي اسپتال مان علاج ڪرايو ۽ هيستائين پاڻ سان وٺي آيا آهن. هاڻي منهنجو تو سان ڪو به واسطو ڪونهي. منهنجا عزيز قريب هي آهن، جيڪي مون کي حج پرهڻ وٺي پيا وڃن. تون هاڻ منهنجو مُنهن ڇڏي ٽري وڃ. هاڻ منهنجي تو سان ڪا به مٽي مائٽي ناهي. هُن اِهي ڳالهيون پري کان بيٺي ٻڌيون. شرم کان ڪنڌ هيٺ هوس. آخر ۾ ٻي ڪا واهه نه ڏسي، وٽس جيڪو قرآن شريف هو، سو کڻي مسمات مريم جي مٿي تي رکيائين ۽ ليلڙائيندي چيائين ته آئون ڏوهه جو ڏوهاري آهيان. مون کي هن قرآن شريف جي واسطي خطا بخش ڪر. مون کي معاف ڪر. پر مريم چيو ته قرآن پاڪ ڀلو، پر تون شيطان ۽ ڪوڙو آهين. هاڻي آئون تو سان ڪڏهن به ڪا نه هلنديس. انهيءَ ڇڪ ڇڪان ۾ ڪافي وقت گذري ويو. هُن کي ابحا مان کڻي آنڌو به مون هو. پر آئون ته هن کي سڃاڻندو به ڪو نه هوس. پر خير، اسين پرائي مائيءَ کي، سا به پرڻيل ۽ نڪاح پيل، تنهن کي ڇا ڪريون؟ پوءِ اسان به غلام حسين کي تمام گهڻي جُٺ ۽ ٿُڪ لعنت ڪئي ۽ شرمايو سينس ۽ مسمات مريم کي به سمجهايو سين ته تون قرآن شريف کي مان ڏي. هيءُ وري به تنهنجو عزيز قريب آهي ۽ مڙس به آهي. هن کي هاڻي معاف ڪر. تنهنجو اڳوڻو انصاف پاڻيهي قرآن شريف ڪندو. پوءِ هنن کي راضي ڪري پرچائي گڏي ڇڏيوسين. ۽ هو انهيءَ وقت ئي اسان کان جدا ٿي ويا. خدا ڄاڻي ته حج جو فرض ادا ڪيائون يا نه. باقي عمراڻي بلوچ اسان سان گڏ هئا.
اسان حاجين صلاح ڪري، لوڊگاڏي ڀاڙي تي ڪري مڪي شريف وڃڻ لاءِ تيار ٿياسين. سعوديه جا ٻه ريال ڪرايو هو في ماڻهوءَ جو. لوڊگاڏيءَ ۾ سوار ٿياسين. ”فاطمه واديءَ“ ۾ غسل ڪري احرام ٻڌوسين. ”جده“ کان ٻاهران ڦري، سومهڻي نماز کان پوءِ بيت الله شريف پهتاسين. سومهڻي نماز پنهنجي پڙهي، طواف ڪيوسين ۽ صفا مروه ۾ ڊوڙي، پوءِ مٿو ڪوڙائي عمره مڪمل ڪيوسين. بعد ۾ ماني کائي وڃي آرام ڪيوسين. سڀني زيارتن، طواف، صفا مروه، عمره، قبرستانن ۽ روضي پاڪ رسولصه جي زيارت ڪرڻ تائين جي دعائن جو ڪتاب مون طائف مان خريد ڪيو هو. جنهن ۾ سڀ ڪجهه سمجهاڻيون لکيل هيون. رات گذري، فجر جي نماز جماعت سان ادا ڪري، قرآن شريف جو سيپارو دؤر ڪري، نيرن ڪئي سين. پوءِ اسان جي علائقي مان پاڻيءَ جي جهاز ذريعي آيل حاجين ۽ پيادل پهتل حاجين سان ملاقاتون ڪرڻ نڪري پياسين. ان وقت هوائي جهاز ۾ ڪو ورلي حاجي حج ڪرڻ ايندو هو. گهڻو ڪري حاجي پاڻيءَ جي جهازن ۾ وينداد هئا. طعز کان گڏ وٺي آيل عمراڻي بلوچ عورتن ۽ مرد کي، پاڻيءَ جي جهاز ۾ آيل سندن مائٽن سان ملايم. منهنجي ڳوٺ مان حاجي صديق سنگهار، عباس جو والد، حاجي محمد ولد حاجي ناٿو سنگهار آيل هئا. اسان جي ڳوٺ جي آس پاس مان حاجي عيسو اوٺو، حاجي ممون اوٺو ٻارن سان، حاجي هاشم پنهور ٻارن سان، حاجي صالح گهُن ٻارن سان آيل هئا. حاجي هوٿي اوٺو به آيل هو. حاجي ممون، حاجي صالح ۽ حاجي هاشم سان ته ملاقات ٿي. باقي ٻين سان ڪا نه ٿي سگهي.
*