باب ستون : واپسي جو سفر
لوڊگاڏيءَ رات جو آڻي سعوديه جي مسافر خاني ۾ لاٿو. پوءِ ٽي ڏينهن سعودي حڪومت طرفان دعوت هئي. آخري ڏينهن تي رياض جو شهر گهمي رهيا هئاسين. آئون ۽ حاجي محمد گڏ هئاسين. هڪڙي لوڊ گاڏي بيٺي هئي. پاسي ۾ ٻه چار لوهه جا پائپ پيا هئا. اسان کي گاڏيءَ مان ڪنهن سڏ ڪيو ته هيڏانهن اچو. اسين گاڏيءَ کي ويجهو پهتاسين ته ان ۾ هڪڙو ڌوتل پوتل عرب ويٺو هو. تنهن چيو ته هي ٻه چار پائپ اسان کي گاڏيءَ ۾ چاڙهي ڏيو. اسان ٻنهي اُهي پائپ گاڏيءَ ۾ چاڙهي ڏنا. اُن عرب پنجاهه ريالن جو نوٽ ڪڍي مزوريءَ طور اسان کي ڏنو. اسين ڏاڍا خوش ٿيا سين ته ٽي ڏينهن ٿيا آهن. رڳو چانور ئي چانور پيا کائون. اڄ هلو ته هلي هوٽل تي ”پايا“ کائون. سو هوٽلِ تي ڪڻڪ جي مانيءَ سان پاوا ويٺاکائون. تيستائين اُهو پنجابي، جنهن کي اسان ڪُٽي ڪيرائي وڌو هو، سو هوٽل تي چڙهي آيو. جيئن اسان تي نظر پيس، تيئن ئي وٺي ٻاهر ڀڳو. اسان سمجهيو ته شايد پنهنجن ساٿين کي وٺڻ ويو آهي ۽ متان نه ا سان سان جهيڙو ڪن. سو اسان کي اچي دپ لڳو. پر ڪا به ڳالهه ڪا نه ٿي. هُن کي پاڻ اچي ڊپ ٿيو ته مرڳو وري به نه موچڙا هڻن. سو وٺي ڀڳو هو. خير، اسين وري مسافر خاني تي آياسين. انتظاميه طرفان اسانکي ٻڌايو ويو ته اڄ رات ريل گاڏي ايندي سا ايران ويندي. اوهين جتي چوندا اتي اوهان کي لاهي ڇڏيندي. اسان رياض مان مال گاڏيءَ جي دٻن ۾ ويٺاسين. ”الحاسي“ کان لنگهي اڳيان ٿياسين. رات جا لڳ ڀڳ ٻه کن ٿيا هئا، جو ريل گاڏيءَ اسان کي ”الخوبر“ جي ننڍڙي اسٽيشن تي لاهي ڇڏيو. باقي رات آرام ڪيوسين. صبح جو هڪ لوڊ گاڏيءَ کي اڌ ريال في ماڻهو ڏيئي اچي الخوبر جي بندر گاهه تي لٿاسين. اُهو ڏاڍو خوبصورت شهر هو. وڏيون وڏيون عمارتون ٺهيل هيون. پر ان بندر تي وڏا وڏا جهاز ڪو نه ايندا هئا. ننڍيون لانچون، هوڙها، ٻيڙيون ۽ بتيلا موجود هئا. الخوبر مان ننڍي لانچ ۾ چڙهي، 5 ريال في ماڻهو ڀاڙو ڏيئي ”بحرين“ ۾ پهتاسين. بحرين هفتو کن رهياسين، جيستائين ڪراچيءَ لاءِ ڪا سواري ملي. هڪڙو پاڻيءَ جو جهاز بيٺو هو، پر اُن اسان کي ابوبڪر جي ڏنل اجازت نامي تي ڪو نه کنيون. فقط حاجي شير محمد چانگ وٽ پڪو پاسپورٽ هو، تنهن کي جهاز کڻي ويو. جيڪو اسان کان اڳ ۾ وڃي ڳوٺ پهتو. تنهن وري اسان جي عزيزن قريبن کي ٻڌائي ڇڏيو ته همراه لڳ ڀڳ هيترن ڏينهن ۾ پهچي ويندا. بحرين ۾ هڪ هفتو رهڻ کان پوءِ هڪڙي لانچ جو انتظام ڪيوسين. جنهن ۾ اندازاً ٻه سؤ حاجي سوار ٿيا. پاڪستاني 80 روپيه في ماڻهو ڀاڙو هو. لانچ ۾ ديرو غازي خان، بلوچستان، دادو، ٺٽو، بدين ۽ ڪراچيءَ جا حاجي موجود هئا. سمنڊ تيز هو. سمنڊ ۾ هلڻ لاءِ موسم خطرناڪ هئي. پوءِ ڪٿي ڪاٺين کڻڻ لاءِ ته ڪٿي پاڻي کڻڻ لاءِ بيهندا بيهندا پئي آياسين. وري ناکئي جو ڳوٺ به رستي ۾ هو.
هڪڙي اهڙي جاءِ تان پاڻي کڻڻو هو جو، سمنڊ ۾ وِيرَ هئي. لانچ وڏي پاڻيءَ ۾ بيٺي هئي. ننڍڙي هوڙهي هيٺ لاهي ويا. جنهن وقت وِيرَ آلڙ ٿي، ته سمنڊ مان هيٺان پاڻيءَ جي چشمي مان پاڻي اُڀَڪي ٻاهر اچي رهيو هو. اُن مان پاڻيءَ جي ٽانڪي ڀري ويئي. ٻه سؤ ماڻهو هئا. روزانو صبح جو هر ماڻهو کي هڪ سيرَ واري ڇَلَ پاڻيءَ جي ڏني ويندي هئي پيئڻ لاءِ. رات جو به. باقي وضو کاري پاڻيءَ مان ٿيندو هو. پاڻي وٺڻ مهل به جهيڙا ٿيندا هئا. هرڪو پيو چاهي ته پهرين مونکي ملي، متان نه ٽانڪيءَ مان پاڻي کٽي وڃي. وري تئو به هڪڙو هوندو هو، پر تمام وڏو. جو هڪ ئي وقت ڇهه مانيون پچي سگهن. ڪاٺين جي به ضرورت پوندي هئي. جيڪڏهن ڪو حاجي سڳورو جهان ڇڏي وڃي، ته کاري پاڻيءَ سان غسل ڏيئي، سندس احرام وارين چادرين جو ڪفن ڏيئي کڻي سمنڊ ۾ لاهيندا هئاسين. فقط هڪڙو حاجي اسان سُڪيءَ تي دفن ڪيو. اُهو ڳوٺ ناکئي جو هو ”دُبه“. هڪ رات لاءِ سڀ حاجي سُڪي تي لهي آيا. لانچ ۾ ويٺي ويٺي ننڊ ڪري بيزار ٿي پيا هئا. سو چيائون ته هڪڙي رات پير ڊگهاري سمهي ٿڪ ڀڃون. لانچ ۾ فقط اُهي ماڻهو رهيا، جيڪي بيمار هئا. ٻيا سڀ هيٺ لهي ويا. هن ڳوٺ ۾ کجور ايتري ته گهڻي هئي، جيئن ڪڻڪ ۽ جَوَن جا پڳر وجهجن، تيئن پئي سُڪي. اهڙي طرح وري مڇي به تمام گهڻي پئي سُڪي. هتي اسان کي کجور تمام گهڻي ملي. هتي جا ماڻهو وڏي هڙ کجور جي ٻڌي، مٿي ٽنگي ڇڏيندا هئا ۽ هيٺان ڪو ٿانوَ رکي ڇڏيندا هئا. کجور جو رس اُن ٿانوَ ۾ پيو ڳڙندو هو. اسين سُڪيءَ تي ستا پيا هئاسين ته هڪڙي عورت جي روئڻ جو آواز آيو. اسين سمجهي وياسين ته ڪو بيمار گذاري ويو آهي. صبح جو هوڙهيءَ ۾ چڙهي لانچ تي پهتاسين ته خبر پئي ته حاجي ممون اوٺو وفات ڪري ويو هو. اُن جي گهر ۾ ڊوڪياڻي ذات جي عورت هئي. اسين ميت کي هيٺ لاهي آياسين ۽ ان ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفن ڪيوسين. ٻي رات اچڻ واري هئي. سڀني مسافرن کي لانچ ۾ سوار ڪري ڇڏيائون. پر ناکئي جي طبيعت ٺيڪ ڪانه هئي. تنهن ڪري اُها رات به اتي لانچ ۾ گذاري سين. صبح جو لانچ هلڻ لڳي، پر سمنڊ ۾ وڏيون وڏيون ڇوليون هيون. هڪ هڪ ڇولي 50، 50 فوٽ اوچي هئي ۽ لانچ کي مٿي کڻيو ٿي ويئي. جڏهن لانچ هيٺ ٿي ٿي ته ائين پئي لڳو ته ٻي ڇوليءَ جو جبل اسان جي لانچ کي ڍڪي ڇڏيندو. پر تيستائين لانچ مٿي اُڀري ٿي آئي. ڏاڍي مشڪل گهڙي هئي. حج وڃڻ وقت اهڙي تڪليف ڪانه هئي.
حاجي صالح گهُن جو ڇوڪرو حسين اڃا ننڍو هو، پر اُهو به حج پڙهي آيو هو. اهو به لانچ ۾ سوار هو. تنهن پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ کي لانچ جي ڪڇي تي پيشاب ٿي ڪرايو ته لهرن جي لوڏن جي ڪري اُها ڇوڪري حسين جي هٿن مان نڪري سمنڊ ۾ ڪري پيئي. حسين به هڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنو. تنهن ڇوڪريءَ کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو. پر ڇوليون تمام وڏيون هيون. اسان ويٺي خدا ۽ خدا جي رسولصه کي ستايو ته هي ڇوليون ٽرن. تيستائين هي واقعو پيش آيو. حسين جا ٻئي هٿ ڇوڪريءَ ۾ پيا آهن، هو پيرن سان ڳُجهريءَ پيو تري. ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ڪرڻ سان ئي مشين جو مستري ۽ ٻه خلاصي پاٽيا لاهي سمنڊ ۾ لهي پيا. لانچ اڳتي هلندي وڃي. لانچ جو جيڪو مالڪ هو، تنهن کي لانچ پوئتي ڪرڻ (ريوَرِس) جي خبر ڪانه هئي. تنهن لانچ جي مشين بندڪري ڇڏي. پر لانچ پوءِ به هوا جي زور تي اڳي هلندي وڃي. حاجي گهُن چوي ته آئون ٿو سمنڊ ۾ ٽپو ڏيان. تنهن کي مون زوريءَ ڀاڪرن ۾ سوگهو جهلي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪيو. کيس چيوسين ته هو ته ٻڏي ويا پر تون به ٿو ٻڏڻ وڃي. چيائين ته ٻچڙن جهڙي ڳالهه آهي، ڪيئن صبر ڪريان. پر مون زوريءَ کيس سمنڊ ۾ ڪرڻ کان روڪي رکيو. مستري ۽ خلاصين ڇوڪريءَ کي پاٽئي تي رکيو ۽ ڇوڪرو پاٽئي کي جهلي ترندو آيو. تيستائين مستري سمنڊ مان نڪري لانچ چالو ڪري ريورس ڪري همراهن وٽ پهتو ۽ اهڙيطرح ٻارن کي بچايو ويو. اڳيان ٿياسين ته وري رات پئجي ويئي. ناکئي جي نگاهه قطب نما ۾ هئي. رات جو آخري حصو هو. سمنڊ جي وچ ۾ هڪڙو جبل هو. سمنڊ ۾ وِيرَ هئي. پاڻي چڙهيل هو. ان جبل جي چوٽي رڳو ٻه فوٽ کن پاڻيءَ مان ظاهر هئي، باقي سڄو جبل پاڻيءَ ۾ هو. لانچ جي موري سِڌي جبل جي چوٽيءَ تي هئي. ناکئي جي نطر قطب نما ۾ هئي ۽تنهن کانسواءِ هُو اندر ڪئبن ۾ ويٺل هو. حاجين کي ڏينهن جي ڇولين ڇانڇولي ڇڏيو هو. رات جو ڇوليون ڪين هيون. سي به ويٺي ويٺي پوئين رات جي اگهور ننڊ ۾ ستل هئا. تنهن کان سواءِ اسين نوان ماڻهو، سمنڊ يا لانچن جي رمزن کي ڇا ڄاڻون. هي مامرا ته اُهي ئي سمجهي سگهن ٿا جن جو ڏينهن رات دريا سان واسطو هوندو. بس رب پاڪ ئي بچائڻ وارو آهي. خلاصين مان هڪڙو جاڳي رهيو هو. تنهنجي نظر اڳيان جبل تي پئجي ويئي ۽ هڪدم وٺي گهوڙا وِيڪَ ڪيائين ۽ ناکئي کان اسٽيئرنگ (سُکانِ) وٺي لانچ جو رخ ڦيرايائين. اُن خلاصيءَ جي گهوڙا گهوڙا تي سڀ حاجي جاڳي پيا. جڏهن سندن نگاهه جبل تي پيئي ته سڀني وٺي ڪلمون پڙهڻ ۽ رب کي ٻاڏائڻ شروع ڪيو ته جيئن ڪلمي شريف سان لاڏاڻو ٿئي. اسان سڀني جي سامهون، لانچ جبل کان صرف 10 فوٽن جي فاصلي تان ٽڪرجڻ کان بچي ويئي. ائين اسان هڪ خلاصيءَ جي حاضر دماغيءَ جي ڪري، موت سان اکيون ملائيندي، سندس چنبي مان بچي وياسين. رب تعاليٰ جا لک احسان ٿيا. هونئن به چوندا آهن ته مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو هوندو آهي.
بحرين مان لانچ ۾ سوار ٿي ڪراچي پهچڻ تائين اسان کي ارڙهن ڏينهن ۽ ارڙهن راتيون لڳي ويون. جڏهن هوا بنهه تيز لڳندي هئي يا سمنڊ جو نمونو خراب هوندو هو ته ناکئو بيهي رهندو هو. انهن ارڙهن راتين مان فقط هڪڙي رات اسان خشڪي تي گذاري هئي. سو به بيمارن نه. انهن ارڙهن ڏينهن ۾ 9 (نوَ) حاجي فوت ٿي ويا. انهن مان فقط هڪڙو حاجي مَمون اوٺو، رهندڙ ڳوٺ خليفا، ان وقت محال ڪيٽي بندر، کي خشڪيءَ تي دفنايو ويو. باقي اٺ حاجي، جيڪي بدين، حيدرآباد، نواب شاهه، بلوچستان ۽ ديرو غازي خان جا هئا، تن کي غسل ۽ ڪفن ڏيئي، جنازي نماز پڙهي (ويٺي ويٺي) کڻي سمنڊ جي حوالي ڪيو ويندو هو.
سمنڊ ۾ وڃڻ وقت يا اچڻ وقت، جنهن وقت سمنڊ ماٺار ۾ هوندو هو، ته ان وقت ”مالارن“ جي ٽي چار سؤ فوٽ ڊگهي قطار ظاهر ٿيندي هئي. جيئن ڪُڙين سان مڇي ماريندڙ گهاتو قطار ڪري مڇي جهلڻ لاءِ گهور ڪندا آهن. ساڳئي نموني ۾ مالار به قطار ۾ پاڻيءَ جي لهرن سان هيٺ مٿي ٿيندا اڳتي وڌندا ويندا هئا. پوءِ جنهن کي مڇي هٿ لڳندي، سو مڇيءَ کي مٿي هوا ۾ اڇليندو هو ۽ پاڻ هيٺان وات کولي بيهندو ۽ مڇي پُڇ ڀر سڌي سندس وات ۾. اهو نظارو مون پاڻ پنهنجي اکين سان به ڏٺو هو. پر سوين حاجي اِن جي شاهدي به ڏيندا. وري ٻُلهڻين جو به ساڳيو نمونو. سمنڊ ۾ ننڍا توڙي وڏا نانگ به کوڙ سارا هئا، جيڪي ويڙهي ڪريو ويٺا هوندا هئا. انهن ۾ ”ماروچو“ نانگ تمام وڏو هوندو هو. جيڪڏهن اُٺ کي ڦري وَڪڙ ڏي ته ڪَرَ اُٺ کي به ڪيرائي وجهي. هيڏانهن وري سمنڊ جو پاڻي ڪٿي اڇو ته ڪٿي آسماني، ڪٿي ڳاڙهو ته ڪٿي هيڊو. ۽ ڪٿي ته اڃا ئي ٻيو رنگ. ناکئن کان پڇا ڪئي سين ته انهن ٻڌايو ته پاڻي ته شفاف هوندو آهي، پر هيٺ زمين جو جهڙو رنگ هوندو آهي، تهڙو پاڻيءَ جو رنگ لڳندو آهي. لانچ ۾ لڳل اسٽيل جي ڪُنڊيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون مڇيون ڦاسنديون هيون، جن جا ڏند هوبهو ماڻهن جي ڏندن جهڙا هوندا هئا.
”مسقط“ کان اڳتي مون هڪڙي ناکئي کان پڇيو هو، ۽ اسان آکاڻين ۾ به پڙهيو هو ته ماڻهن جي زباني به ٻڌو هو ته ڪٿي ڪٿي غوراب ۽ جهاز ازخود سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندا آهن. سا حقيقت ڪيئن آهي! ۽ ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ ناکئو عرب هو. هُن ٻڌايو ته اڄ به سمنڊ ۾ اهڙو علائقو آهي. اسين اوڏانهن ڪو نه ويندا آهيون. اتي فقط اهڙا هوڙها مڇي مارڻ ويندا آهن. جن کي ڪا ٻار جي نوڙيءَ جا ٻنڌڻ ٻڌل هوندا آهن. يا ڪاٺ جا سُونهڻ (ڪاٺ جا ڪوڪا) يا جست جا ڪوڪا لڳل هوندا آهن ڇو ته سمنڊ ۾ موجود جبلن ۾ چقمق لوهه کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي ٿي. جيڪي لوهه جا ٺهيل جهاز هوندا آهن، يا جن هوڙهن ۽ لانچن ۾ لوهه استعمال ٿيل هوندو آهي، تن کي چقمق هيٺ ڇڪي ٻوڙيو ڇڏي. گهڻا ننڍا هوڙها مون پنهنجي اکين سان ڏٺا جن کي ڪا ٻار جا ٻنڌڻ ٻڌل هئا. خير، قصو مختصر، ارڙهن ڏينهن بعد بحرين کان اچي ڪراچيءَ ۾ پهتاسين. اسان جا مٽ مائٽ گهاس بندر تي پهچي ويا هئا، جن کي حاجي شير محمد چانگ اطلاع ڏنو هو. اُهي اطلاع ملندي ئي اسان جي لاءِ نوان ڪپڙا وٺي سُبرائي ۽ ٻيو گهربل سامان کڻي پنجن ڇهن ڏينهن کان وٺي حاجي آدم خاصخيليءَ وٽ رهيا پيا هئا ۽ روزانو صبح جو گهاس بندر تي اچي انتظار ڪري ڪري، شام جو موٽي ويندا هئا. سمنڊ جي تيز هجڻ ڪري اسان کي وڌيڪ ڏينهن لڳي وياهئا. جڏهن لانچ گهاس بندر تي پهتي، تڏهن ڪسٽم وارن اسان کان اجازت ناما ورتا. پوءِ اسان کا دٻائڻ لڳا ته اوهين پيادل حج تي ڇو ويا هئا. اوهين ڏوهن ۾ گهربل آهيو، تنهنڪري اسان جي آڦيس تي هلو ته جانچ ڪرايون. ڪسٽم جو بالا آفيسر حاجي عمر پليجو (ٻنون، ضلع سجاول وارو) هو، جنهن کي ڪنهن دوست چيو. پوءِ به 12 روپيه في ماڻهو وٺي، پوءِ لانچ تان لهڻ ڏنائون. اسين سنگهار 3 ڄڻا هئاسين، سي رات جو احمد ڀائي ڪميشن ايجنٽ جي اوطاق تي ترسياسين. صبح جو مونکي جيڪو عربن جو لباس شروع کان وٺي پاتل هو، سو بدلي ڪري وري مون ديسي ڪپڙا پاتا هئا. منهنجي لاءِ منهنجو وڏو ڀاءُ عبدالواحد آيو هو ۽ حاجي صديق لاءِ سندس پٽ عباس آيو هو. حاجي محمد لاءِ سندس ڀاءُ حاجي عمر آيو هو.
احمد ڀاءُ جي اوطاق کان هلي اچي بولٽن مارڪيٽ ڪراچيءَ جي ڏکڻ ۾ محمدي هائوس جي اولهه ۾ ٻهارن وڃڻ لاءِ بيٺل گورنمينٽ بس ۾ چڙهياسين. ۽ خيرن سان اچي ٻهارن ۾ لٿاسين. ڪيٽي بندر وڃڻ واري بس ۾ چڙهي اچي پالڪي روڊ تي لٿاسين. اتان کان پيادل هلي اچي جانيارن جي ڳوٺ ۾ حاجي عمر جانياري جا مهمان ٿياسين. رات گذاري، جو صبح جو ٻگهاڻ وٽان اوچتو دريا جي پتڻ تان في ماڻهو هڪ آنو پتڻ ڏيئي اچي ٻگهاڻ پهتاسين. ڪنڀارن سان اسان جا مائٽاڻا تعلقات هئا. ڇو ته سنگهارن ۾ اسان جو پاڙو ڪنڀارڪو ڪم ڪندا هئا. سو جڏهن حاجي خميسي ڪنڀار کي خبر پئي ته حافظ احمد ڪنڀار جو پٽ عبدالڪريم حج پڙهي اچي پتڻ تي پهتو آهي، تڏهن وڌي اچي ملاقات ڪيائين ۽ اسان جي دعوت ڪيائين. هڪڙو ماڻهو موڪلي اسان جي ڳوٺ اطلاع ڪرايائين. اتان اسان جي ڳوٺ جا مولودي ۽ ٻيا ماڻهو آيا. جيڪي پوءِ مولودن سان ڳارائي اسان کي ڳوٺ وٺي ويا. اهڙي طرح منهنجو حج پڙهڻ جو سفر خيرن سان پڄاڻيءَ تي پهتو.
مون کي سفر نامو لکڻ جي ڳالهه ذهن ۾ ئي ڪا نه هئي ۽ جڏهن سائين غلام حسين گلڙي مونکي سفر نامي لکڻ جو شوق جاڳايو، تڏهن تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي، تمام گهڻا تفصيل وسري ويا آهن. جيڪي ڪجهه ياد هو، سو مٿي لکيم. پر پوءِ به جيڪي واقعا ۽ جيڪي ڳالهيون جڏهن يادآيون، تن کي الڳ الڳ لکندو ويس. تن کي هتي آخر ۾ شامل ڪريان ٿو. پڙهندڙ انهن واقعن، وارداتن، ۽ ڳالهين کي به هن سفرنامي جو حصو ڪري پڙهن.
*