سفرناما

سِڪ سڄڻ يار جي

”سڪ سڄڻ يار جي“ اصل ۾ 1956ع ۾ پنڌ ڪيل حج جو سفرنامو آهي جنهن جو ليکڪ حاجي عبد الڪريم سنگهار آهي.
هي ڪتاب 2016ع ۾ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ساحل پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون مور ساگر ۽ يوسف سنڌيءَ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سِڪ سڄڻ يار جي

باب ڇهون : مڪو شريف ۽ حج پڙهڻ

حاجي ممون اوٺي مونکي ٻڌايو ته حاجي محمد سنگهار ۽ حاجي عيسو اوٺو جده ۾ مزوري ڪرڻ ويا آهن. باقي حاجي صديق سنگهار بيمار آهي. سو بيت الله جي ٻاهران غسل خانن جي ڀر سان هڪ وڏو کنڀو آهي، ان جي پاڙ ۾ بيمار پيو آهي. حاجي هوٿي اوٺو ان جي نظرداري ڪندو آهي. مون وڃي ڏٺو ته اوڀر طرف وارن غسل خانن ۽ وضو ڪرڻ واري جاءِ وٽ واقعي بجليءَ جو کنڀو هو ۽ ان جي پاڙ ۾ هڪ شخص جُوڙي ٿيو پيو هو. ويجهو وڃي ڏٺم ته حاجي صديق سنگهار، عباس جو والد هو. عباس اسان سنگهارن ۾ سُکيو ستابو ماڻهو هو.
مون سلام واريو. هُن مٿو مٿي کڻي جواب ڏنو. پڇيو مانس ته مونکي سڃاڻين ٿو؟ چيائين ته نه. کيس ٻڌايم ته آئون عبدالڪريم، حافظ احمد سنگهار جو پٽ آهيان. تڏهن روئي پيو ۽ چيائين ته آئون حاجي محمد سان گڏجي آيو آهيان. پر هو مون کي ڇڏي پاڻ جده مزوري ڪرڻ ويو آهي. آئون هتي بيمار ٿي پيو آهيان. دستن مون کي ڏاڍو تنگ ڪيو آهي. حاجي هوٿي اوٺو شهر مان گدائي ڪري ايندو آهي. پاڻ به کائيندو آهي ۽ مونکي به کارائيندو آهي. منهنجا باقي ٽي سؤ روپيه بچيا آهن، سي به حاجي هوٿي وٽ آهن...! اوڏيءَ مهل هُن وٽ ڪير به ڪو نه هو. هُو ڪاڙهي ۾ پيو هو. چيومانس: ٿوري صبر ڪر، آئون اچان ٿو. پوءِ وڃي صابڻ ۽ ٽوال کڻي آيس. سندس ڪپڙا لاهي، ٽوال جي گوڏ ٻڌائي مانس. سڄو ڪرفتيءَ مان ڀريو پيو هو. جيئن تيئن ڪري کيس غسل خاني تائين کڻي ويس. کيس صابڻ سان وهنجاري، صاف ڪري، سندس ٽوال جي گوڏ ڪرائي، هڪ پاسي ليٽائي مٿان ڪمبل ڪرايومانس. پوءِ سندس ڪپڙا، جيڪي به ڪرفتيءَ سان ڀريا پيا هئا، سي ڌوئي صاف ڪري، سُڪائي کيس پارايم. انهيءَ وچ ۾ حاجي هوٿي آيو ئي ڪونه. پوءِ مون سامان حفاظت سان رکي، هن کي ڪلهي تي کڻي وڃي مڪي شريف جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو. ڊاڪٽرن تپاس ڪري ٻڌايو ته روزانو اسان کي ڌونئرو پهچائي وڃج. باقي علاج اسين پاڻيهي ڪنداسين. انشاء الله ٺيڪ ٿي ويندو.
اوڏي مهل به ۽ روزانو آئون ڌونئرو وٺي اچي الماريءَ ۾ رکندو هوس. پٺيان حاجي هو ٿي آيو ۽ حاجي صديق کي سندس جاءِ تي پيل نه ڏسي سمجهيائين ته شايد گذاري ويو، جنهن کي کڻي وڇي دفنائي ڇڏيائون. سو هن پنهنجي سڀني ڳوٺ وارن کي حاجي صديق جي وفات بابت ٻڌائي ڇڏيو. پر ڪن کيس ٻڌايو ته حاجي عبدالڪريم سنگهار وٽس ويو هو. متان نه هو کيس کڻائي ڪنهن اسپتال ۾ ويو هجي. جڏهن حاجي هوٿي مون سان مليو ته چيومانس ته هل ته توکي تنهنجي رفيق سان ملايان. پوءِ اسپتال وياسين. حج پڙهڻ کي اڃان وقت پيو هو. رفيقن سميت عمره پيا ڪندا هئاسين. مون وٽ ڪتاب هو. گهڻيون دعائون ڪتاب تان ڏسي پڙهندو هوس. اسين ٽيهه چاليهه ماڻهو گڏجي دعائون پڙهندا، طواف ڪندا هئاسين ۽ صفا مروه ۾ ڊوڙون پائيندا هئاسين. ڪنهن ڪنهن وقت پنجاه سٺ ماڻهو به ٿي ويندا هئاسين ۽ پوءِ گڏجي آس پاس جون زيارتون ڪندا هئاسين. حجر اسود کي چميون ڏيندا، مقام ابراهيم وٽ نفل پڙهندا هئاسين. ”غارِ حرا“ جبل جي چوٽيءَ تي هو. پاڻي کڻي وڃڻ جي ضرورت پوندي هئي. اسين سڀ پاڻ ۾ مرد ماڻهو هئاسين. فقط حاجي مٺو سوڍائي ڪو نه هليو. هو بيمار هو. غارِ حرا مڪي شريف کان ڪجهه پري هو. پر اسان پاڻ سان پاڻي ڪو نه کنيو هو. جڏهن جبل جي وچ تي پهتاسين ته هڪڙو پنجاب جو پيرسن ماڻهو پاڻي نه هئڻ ڪري بيهوش ٿي ڪري پيو هو. سندس ساٿي پاڻي کڻڻ لاءِ ويو هو، پر اڃا تائين وريو ڪو نه هو. اسين مٿي چڙهي غارِ حرا جي زيارت ڪري واپس پئي آيا سين ته اُن پنجابي حاجيءَ ۾ باقي ڪي پساهه بچيا هئا. اُڃ ته اسان کي به لڳي هئي. پر انهيءَ پيرسن حاجيءَ کي ڪلهن تي ٽيڪ ڪري جبل تان هيٺ لاهي آياسين. تيستائين سندس رفيق، جيڪو جوان مڙس هو، پاڻي کڻي آيو. پهريائين اُن بيهوش حاجيءَ کي پياريو ويو. اسان کي به ٻه ٻه ڍُڪ ڏنائين. جڏهن اسين هيٺ لهي رستي تي آياسين ته رستي تي هڪڙي هوٽل هئي. هوٽل واري کان ليمن سوڍا جون بوتلون وٺي پيتيوسين. پر جيئن بوتلون پيئون، تيئن نڙي زياده خشڪ ٿيو وڃي. پر خيرن سان مڪي شريف پهچي وياسين. ماني کائي رهيا هئاسين ته حاجي مٺي سوڍائيءَ وفات ڪئي. ماني اتي ڇڏي ڏني سين. ويجهو ئي اطلاع ڏيڻ جي آفيس هئي. دفن ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي درخواست ڏني سين. جنازو اتي پهچايو ويو. لکرائي وٺندا هئا. فقط هڪ ماڻهو پاڻ وٽ رهائيندا هئا. باقي غسل، ڪفن، جنازي نماز، قبر وغيره ۽ دفن ڪرائڻ جو ڪم حڪومت جو هوندو هو. قبرون اڳ ۾ ئي کوٽيل هونديون هيون. رڳو جنازو پهچائڻ جي ضرورت هوندي هئي. حاجي مٺي کي جنت المعليٰ قبرستان ۾ دفنايو ويو.
حج پڙهڻ کي اڃا وقت پيو هو. هڪڙي بنگلي تي ڪم هلي رهيو هو. دروازي تي منشي ويٺو هو. ان کي نالو لکرائي پوءِ بنگلي اندر مستري ڪم ڪندا هئا. تن کي لاڪ، ريتي يا جيڪو هو چوندا هئا، پهچايو ويندو هو. اڳي نماز کان ٿورو اڳ ۾ واپس دروازي تي اچي پنهنجو نالو ٻڌائي، اڍائي ريال مزوري وٺي، وضو ڪري اڳين نماز جي تياري ڪبي هئي. نماز پڙهي پوءِ وڃي ماني کائيندو هوس. مڪي شريف ۾ مٽريءَ جي دال مون کي وڻندي هئي. دال جا ٽي آنا ۽ جوئر جي ٻن مانين جا چار آنا، ڪل سعوديه جي ستن آنن ۾ ٻن پهرن جي ماني کائيندو هوس. اُن کان پوءِ وري هڪڙي سُرمي واري جي مزوري ڪندو هوس. سُرمون ڏڏر ڪري، پوءِ پٿر جي وڏي ڪونڊيءَ ۾ زم زم جو پاڻي وجهي سرمي کي کرل ڪيو ويندو هو. تان جو اهو پاڻي خشڪ ٿي ويندو هو. سرمون خشڪ ڪري، سائي ڪري بوتلون يا سرائيون (آنڙا، سرمي داني) ڀريون وينديون هيون. جيترو ڪم مون کان ٿيو، اوترو مون ڪيو. منهنجي موڪل ٿيندي هئي ته منهنجي جاءِ تي ٻئي اچي ٿي ڪم ڪيو. منهنجي ڊيوٽي اڳين نماز کان پوءِ شروع ٿيندي هئي ۽ وچين نماز کان اڳ ۾ ختم ٿيندي هئي. سرمي وارو مون کي هڪ ريال ۽ ست آنا ڏيندو هو. تنهن کان پوءِ سانجهي نماز تائين اسپتال وڃڻ ۽ حاجين سان ميل جول ڪندو هوس. سانجهي نماز کان وٺي سومهڻي نماز تائين ڪمزور ۽ بيمار حاجين کي طواف ڪرائڻ ۽ صفا مروه ۾ ڊوڙڻ ۾ مدد ڪندو هوس. سومهڻي نماز کان پوءِ وڃي ساڳي ستن آنن جي ماني کائيندو هوس. رات جو آرام ڪري، فجر جي نماز پڙهي، قرآن شريف جو دؤر ڪري ۽ پوءِ نيرن ڪري وري مزوريءَ تي ويندو هوس. حج پڙهڻ جو وقت آيو ته مزوري ڪرڻ ڇڏي ڏنم. الله پاڪ جي مهربانيءَ سان سٺو ۽ عزت سان وقت گذري ويو. مون مزوريءَ مان سٺا پئسه ڪمايا هئا. پنڻ کان رب پاڪ پناهه ۾ رکيو. باقي پنهنجي رضا خوشيءَ سان ڪنهن ماني کارائي ته کائي وٺندو هوس. پوءِ اُها ماني پنل ئي ڇو نه هجي. حج پڙهڻ جو وقت ويجهو اچي ويو هو. قرباني ڪرڻ به ضروري هئي. پر مون ڏٺو ته جي جانور وٺي قربان ڪندس ته واپس ڳوٺ وڃڻ جو خرچ پورو ڪو نه پوندو. تنهن ڪري مسڪين بابائن لاءِ روزن رکڻ جي هدايت تي عمل ڪندي مون ٽي روزا مڪه شريف ۾ رکيا ۽ باقي ست روزا واپس ڳوٺ پهچي اُتي رکيم. باقي ٻين رفيقن جي پنهنجي مرضي هئي. حاجي محمد سنگهار جده مان مزوري ڪري واپس مڪه آيو هو. پر حاجي صديق اڃان برابر صحيح ڪو نه هو. ڪمزور هو.
اسان مڪي شهر ۾ غسل ڪري، احرام ٻڌي، بيت الله جو طواف ڪري ۽ صفا مروه ۾ ڊوڙي، پنهنجي علائقي جا رفيق اچي هڪ هنڌ گڏ ٿياسون. حاجي صديق کي هڪ بس ۾ سوار ڪيو ويو ۽ کيس چيوسين ته تون منيٰ واري وڏي مسجد جي دروازي وٽ ويٺو هجج. اسين سڀئي مڪه کان نڪري پنڌ ڪري اچي منيٰ ۾ پهتاسين. حاجي صديق مسجد جي دروازي وٽ ويٺو هو. تنهن کي گڏ کنيوسين. اُها رات منيٰ ۾ گذاري سين. صبح جو عرفات وڃڻو هو. حاجي صديق کي وري به هڪڙي بس ۾ روانو ڪيوسين ته تون هلي عرفات جي پهرئين حصي جي روڊ تي ويهي انتظار ڪج. اسين پيادل هلي اچي عرفات جي ميدان ۾ پهتاسين. جهازن ۾ آيلن حاجين کي سندن معلمن تنبو هڻي اندر ويهاريو هو ۽ مانيءَ جو انتظام به انهن ڪيو هو. پر اسان پيادل اچڻ وارن جو نه ڪو معلم هو نه ئي ڪو رهائش يا مانيءَ جو بندوبست هو. پر اسان ته پنهنجو رفيق حاجي صديق به وڃائي ڇڏيو هو. حاجي تمام گهڻا هئا. اسين ساٿي به هڪ ٻئي کان ڇڊا ٿي وياسين. آئون ۽ حاجي محمد فقط ٻه ڄڻا ڪٺي هئاسين. پهريائين آياسين ”عرفات جي ٽڪريءَ“ تي، جتي حضرت آدم عليھ السلام جي يادگار مسجد ٺهيل هئي. اتي نفل پڙهياسين. وري اولهه پاسي وڏي مسجد هئي، جتي خطبو پڙهبو آهي. اتي بادشاهه، امير ۽ وزير به ايندا آهن. اتي خطبو ٻڌوسين. اِن دوران اسين حاجي صديق کي به ڳوليندا رهياسين. منجهند جو هڪڙي تنبوءَ واري معلم اسان کي چانور کارائي ڍؤ ڪرايو. اڳين ۽ وچين نمازون گڏ پڙهيون سين. وچين نماز ختم ٿيڻ سان ئي حج پڙهڻ جو وقت به ختم ٿيو. اهڙو اعلان ٻه چار توپن جا ٺڪاءَ ڪري ڪيو ويو، ته جيئن سڀئي حاجي ٻُڌن ۽ پنهنجا تنبو وغيره کولڻ شروع ڪن. اسين ٻه ئي ٻه ڄڻا آهيون. ايتري ۾ حاجي صديق کي ڏسي ورتوسين. هاڻي واپسي هئي. پر روڊ تان وڏي رش هئي. بسون، موٽرون ۽ پيادل حاجي. پوءِ ڪٿي حاجي صديق کي ڪُلهي تي کڻڻو ٿي پيو. خير، رات اچي ”مُزدلفه“ ۾ گذاري ويئي. سانجهي ۽ سومهڻي نمازون هڪ ٻئي پٺيان پڙهيون ويون. صبح جو فجر جي نماز پڙهي هرهڪ حاجيءَ اُڻونجاه پٿريون کنيون. اِتي وري به سڀ رفيق اچي گڏ ٿياسين. اِتان کان پيادل هلي واپس منيٰ ۾ آياسين. حاجي صديق کي منيٰ جي اسپتال ۾ داخل ڪرئي ڇڏيوسين. اڄ ٽن شيطانن کي ست ست پٿريون هڻڻيون آهن. حاجي صديق جي پاران حاجي محمد پٿريون هنيون. پٿرين کان پوءِ قرباني ڪرڻي هئي. مون ته قربانيءَ جا روزا رکيا هئا. مون کان ”ٽوپرو“ (گوشت رڌڻ جي ديگڙي) به ويو هليو. مون پنهنجو ٻيو سامان ته هڪ عرب جي دوڪان ۾ امانت طور رکيو هو. باقي ٽوپڙو ساڻ کنيو هوم ته منيٰ ۾ قربانيءَ جو گوشت رڌي کائينداسين. اڇا احرام ٻڌل هو. مون اهو ٽوپرو ٽوال جي هڪ پلاند ۾ ٻڌي ڇڏيو هو. پٿرين هڻڻ مهل ماڻهن جو ايترو ته هجوم هو جو خبرئي ڪانه پئي ته اُهو ٽوپڙو ڪٿي پٽجي ڪري پيو يا مرڳو ڪنهن ڪٽي ورتو. پٿريون هڻي وانڌو ٿي ڏٺم ته ٽوپرو هو ئي ڪونه. خير، گوشت ته اسان کي رڌل کائڻ لاءِ ملي ويو. پوءِ مٿو ڪوڙايوسين. پوءِ تڪڙا تڪڙا بيت الله (ڪعبو شريف) ڏانهن وياسين. طواف ڪيوسين. حجر اسود کي چميوسين. صفا مروه ۾ ڊوڙي، وڃي احرام لاٿوسين. رکيل منهنجو سامان کنيم. رات پئجي ويئي. صبح جو سويل منيٰ ۾ وڃي شيطانن کي ست ست پٿريون هنيون سين. آخري رات منيٰ ۾ ترسي وڏي شيطان ”رمي جمار“ کي ست پٿريون هڻي، واپس بيت الله پهچي موڪلاڻيءَ جو آخري طواف ڪري ۽ صفا مروه ۾ ڊوڙون پائي، پوءِ گڏجي ويهي صلاح مصلحت ڪئي سين. حاجي محمد صديق کي آخري ڏينهن تي منيٰ جي اسپتال مان وٺي آيا هئاسين.
هاڻي منهنجا باقي ٻه رفيق بچيا هئا، حاجي صالح سوڍائي ۽ حاجي مڱيلڌو جوکيو. جن ٻنهي چيو ته اسين ٻيو حج پڙهي پوءِ واپس ٿينداسين. مڪي شريف جون سموريون زيارتون، سنتون ۽ فرض پورا ڪري هاڻي اسان کي مديني پاڪ وڃڻو هو، حضور سائينصه جي روضي پاڪ جو ديدار ڪرڻ ۽ مسجد نبوي ۾ 40 نمازون پڙهڻ. اسين بس ۾ سوار ٿي جده ۾ آياسين. جتان گڏجي سڏجي لوڊ گاڏي ڪري، 12 ريال في ماڻهو ڏيئي، رات جو ڏهين وڳي روانا ٿياسين. سڄي رات ۽ سڄو ڏينهن گاڏي هلي. سانجهي نماز کان ٿورڙو اڳ ۾ حضور سائينصه جي روضي پاڪ ۽ مسجد نبويءَ جي بتين جي روشني تي نظر پيئي. عجيب رقعت انگيز نظارو هو. روئڻ ۽ اوڇنگارن کان سواءِ ٻي ڪا وائي وات ڪا نه هئي. لوڊ گاڏيءَ مان لهي، سانجهيءَ جي نماز مسجد نبويءَ ۾ پڙهي ويئي. پوءِ روضي پاڪ جي درن، درين تي دعائن جي جهونگار ۽ اوڇنگارن کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه ڪا نه هئي. سومهڻي نماز جو وقت ٿيو. پوءِ ماني ٽڪيءَ جو به انتظام ڪيوسين. هتي مسجد نبويءَ ۾ 40 نمازون باجماعت پڙهڻڻيون هيون.
ٻئي ڏينهن صبح جو پهريائين ”جنت البقيه“ جي قبرستان ۾ وياسين. هڪڙو واقف ماڻهو هو، جيڪو ٻڌائيندو پئي هليو ته هيءَ قبر فلاڻي اصحابيءَ جي هئي ۽ هيءَ فلاڻي جي. اسين دعائون گهرندا پئي وياسين. روزانيون زيارتون ڪندا هئاسين. آئون اڪثر جنت مسجد ۾ وڃي نماز پڙهندو هوس. چون ٿا ته اُها مسجد حضور سائينصه جي وقت ۾ به موجود هئي. اصل مسجد جا ٿنڀا سفيد رنگ جا هئا ۽ باقي پوءِ وڌايل حصي جو رنگ ٻيو هو. آئون گهڻو ڪري حضور سائينصه جن جي روضي پاڪ کي ويجهو وڃي نماز پڙهندو هوس ۽ نه ته مسجد ۾ اڳيان وڃي نماز پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. ٿنڀن جي وچ واري جاءِ ۾، جتي صف پوري ڪا نه ٿيندي هئي، اتي وري پاڻيءَ جون ڇلون رکيل هونديون هيون. هڪڙي ڏينهن مون ويٺي تسبيح پڙهي ته حضور سائينصه جي روضي پاڪ جي گول دريءَ مان هڪڙو ڪاري رنگ جو ڪبوتر اڏامي اچي منهنجي هنج ۾ ڪريو ۽ اوٻاڪيون ڏيڻ لڳو. مون ڇلن جي تر ۾ پيل چند ڦڙا پاڻي هٿ جي تريءَ تي لاهي، پوءِ ڪبوتر جي چهنب تريءَ تي رکي، کيس پاڻي پياري ڍؤ ڪرايو مانس. ڪبوتر پاڻي پيءَ، اکيون مٿي کڻي منهنجي منهن ۾ نهاريو ۽ پوءِ واپس ان دريءَ مان اڏامي ويو. مون کي اُهو ڪبوتر اڃا تائين نٿو وسري.
اسين ”اول مدينو شريف“ جي زيارت ڪرڻ پئي وياسين. اسان سان حاجي جمون وِگهام به ٻارن سميت گڏ هو. رستي جي ٻنهي پاسن کان انگورن جا ڇاپرا هئا. اڳيان هڪڙو کوهه هو. ڀرسان ٻير جو هڪڙو سُڪل وڻ ڪريو پيو هو. چون ٿا ته اِهو ٻير جو وڻ سر سبز هو ۽ منجهس ٻير ٿيندا هئا، تڏهن امام حضرت حسن ۽ امام حضرت حسين رضه جن پڻ هن ٻير جا ٻير کائيندا هئا. انهيءَ ٻير جي حوالي سان مون عربن جي واتان حضرت حنيف ابن علي رضه جي به روايت ٻڌي هئي. اها ٻير 1956ع ۾ مون سُڪل، پٽ تي ڪِريل ڏٺي هئي. عربن چواڻي ته هِن ٻير جا ڇوڏا ڌاڳي ۾ ٻڌي ڳچيءَ ۾ ٻڌڻ سان ٻئي ٻئي ڏينهن ايندر بخار لهي ويندو آهي. مون بانهيءَ ٻير جا ڇوڏا کنيا هئا. باقي کوهه سُڪو پيو هو. ڀر سان گهر به ٺهيل نظر پئي آيا. شايد پراڻا يادگار هجن.
اسان اول مديني شريف جي مسجد ۾ نفل پڙهيا ۽ اُتي موجود ٻيون به زيارتون ڪيون سين. يادگار مسجدون ڏٺيون سين. واپس اچي اڳين نماز مسجد نبوي ۾ ادا ڪئي سين. پوءِ احد جبل تي حضرت حمزورضه جي قبر جي ۽ ٻين شهيد اصحابين جي قبرن جي به زيارت ڪئي سين.
*