سفرناما

سِڪ سڄڻ يار جي

”سڪ سڄڻ يار جي“ اصل ۾ 1956ع ۾ پنڌ ڪيل حج جو سفرنامو آهي جنهن جو ليکڪ حاجي عبد الڪريم سنگهار آهي.
هي ڪتاب 2016ع ۾ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ساحل پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون مور ساگر ۽ يوسف سنڌيءَ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سِڪ سڄڻ يار جي

باب چوٿون : مدرسي ۾ داخلا

هاڻي اچون ٿا اُتي، جتي مسجد ۾ آئون ترسيو هوس. هيءُ وڏو ڳوٺ هو. ٽن چئن، جاين تي دوڪان به هئا. مسجد کان ٻاهر نڪري جيزان جي رستي جي پڇا ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌيس ته ڇا ڏسان ته هڪڙو وڏو مدرسو آهي، جنهن ۾ پوڙها، جوان به پڙهڻ لاءِ پيا وڃن. ست ڪلاس الڳ هئا، جن ۾ بينچ ۽ ميزون پيل هيون. تن ۾ وري ننڍا ننڍا ڇوڪرا پيا پڙهن. اتي وري منهنجو ارادو بدلجي ويو. سوچيم ته حج تائين وارو عرصو هن مدرسي ۾ پڙهڻ گهرجي. هيءُ شهر ”صافطه“ جو هو. آئون مسجد مان هلي اچي مدرسه جي در تي پهتس. ڏسان ته وڏو ڇاپرو ٺهيل هو. تقريباً 15 يا 16 حافظ پڙهائين ويٺا.هيٺ سُڪل گاهه وڇايل هو، تنهن تي شاگرد ويٺا پڙهن. مدرسي جو دروازو ڪو نه هو. ائين کليل گهٽي هئي. اُن جي اندر هڪ ڪاٺ جي ٺهيل منجهڻ هئي، جيڪا واڻ سان واڻيل هئي. تنهن تي هڪڙو پيرسن شخص، اڇي سونهاريءَ سان ويٺو هو. کيس اڇي ٽوپي پاتل هئي. سندس اکيون ڳاڙهيون هيون. آئون اچي ان شخص وٽ بيٺس. هن خيال سان ته معلوم ڪريان ته حج پڙهڻ کان اڳ وارو وقت هتي ويهي پڙهجي. آئون جڏهن شخص وٽ پهتس ته هو مون وٽ لٺ، ڪمبل ۽ پاڻيءَ جو دٻو ڏسي، سمجهي ويو ته هيءُ مسڪين بابا آهي ۽ خيرات وٺڻ آيو آهي. سو هڪدم هڪ ريال کڻي مون کي ڏنائين. مون کيس چيو ته آئون خيرات وٺڻ ڪو نه آيو آهيان، پر پڙهڻ چاهيان ٿو. پوءِ هُن مون کان حال احوال ورتو. مون کي چيائين ”ٺيڪ آهي، اهو ريال پاڻ وٽ رک ۽ هيترا سارا حافظ ويٺا شاگرد پڙهائين. تنهنجي مرضي آهي، جنهن وٽ به ويهي پڙهڻ چاهين، ويهي پڙهه.“ آئون اُتي ئي منجهڻ جي پاسي واري نوجوان حافظ وٽ، جيڪو يمن جو رهاڪو هو، پنهنجي داخلا ڪرائي ويهي پڙهڻ لڳس.
مون کي مدرسي جي طرفان هڪ ننڍي سائيز جو قرآن شريف (حمائل)، سليٽ، پين ۽ ٻه ڪتاب عربي ٻولي جا ”التوحيد“ ۽ ”شروت الصلواء“ پڙهڻ لاءِ ڏنائون. ڪتابن جي سنڀال شاگرد کي پاڻ ڪرڻي هئي. هاڻي مون به بسم الله الرحمان الرحيم پڙهي، پڙهڻ جي شروعات ڪئي. روزانو قرآن شريف جو سبق پڙهائيندا هئا ۽ ڪتابن جا سبق الڳ. حساب ڪتاب سليٽ تي لکڻ، جيڪو به حساب بورڊ تي لکن، سو آئون سڀني کان اڳ ۾ ڪريو ٿي ويس. باقي جيڪو قرآن پاڪ مونکي ڏنو هئائون، تنهن ۾ زير، زَبر ۽ پيش وغيره ڪو نه هيون. تنهن ڪري مون کي پڙهڻ ۾ تڪليف ٿي محسوس ٿي. خيرن سان پهرئين ڏينهن جي پڙهائي پوري ٿي. ظهر جي نماز کان اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ موڪل ٿيندي هئي. ان کان اڳ ۾ هر هڪ حافظ پنهنجي پنهنجي شاگردن جي لسٽ ٺاهي ۽ ان منجهڻ تي ويٺل شخص وٽ کڻي ويندو هو ۽ هر شاگرد في ريال جي حساب سان ريال وٺي اچي شاگردن ۾ ورهائي ڏيندو هو. مون کي به هڪ ريال مليو. آئون پنهنجو سامان کڻي نماز پڙهڻ لاءِ اچي ان پير مرد شخص جي پاسي مان لنگهيس ته مون کي سڏ ڪيائين ۽ چيائين ته نماز پڙهي پوءِ ماني مون وٽ اچي کائجانءِ. مون سندس مهرباني مڃي ۽ آئون دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيس. اهو شخص، جنهن جو نالو شيخ ناصر خلوفه هو، سو پندرهن مدرسن جو خزانچي هو. سندس گهر به مدرسي جي ڀرسان هو. پر هو ويچارو بازن کان معذور هو. گهران هٿن ۽ پيرن سان رِسِڪي اچي منجهڻ تي ويهندو هو. هن مدرسي جهڙا ٻيا به مدرسا هئا. جي ڪل ملائي پندرهن مدرسن جا پئسا به هن کان کڻي ويندا هئا. هڪ ٻيو آفيسر شيخ عبدالله نالي هو. جنهن کي حڪومت طرفان سواريءَ لاءِ جيپ مليل هئي. جيڪو جيزان مان هوائي جهاز ۾ سوار ٿي ”رياض“ مان ڏوڪڙ کڻي ايندو هو ۽ آڻي شيخ ناصر کي ڏيندو هو.
پهرئين ڏينهن شيخ صاحب سندس نوڪر هٿان ماني گهرائي گهر جي گهٽيءَ ۾ مون کي کارائي ۽ پاڻ به مون سان گڏ ماني کاڌائين. ماني کائڻ جو ٿانو، ٺڪر جي ڪونڊيءَ جهڙو ٺهيل هو، جنهن ۾ پاڻ گل ٻوٽا پوکيندا آهيون. اهڙي قسم جي ڪونڊيءَ جي اندرئين پاسن کان جوئر جو ڏريو ٿڦيل هو ۽ وچ ۾ جيڪا خالي جاءِ هئي تنهن ۾ کجور جو رس پيل. ڏرئي مان گرهه ڪڍي، کجور جي رَس مان ٻوڙي کائبو وڃجي. اها پهروڪي ڏينهن جي منهنجي ماني هئي. پاڻي پيئڻ لاءِ ٺڪر جي گهگهي ٺهيل هئي. جيڪا ڏاڍي خوبصورت ٺهيل هئي. مٿس ڪنڀار وري گل چٽ به ڀلوڙ ٺاهيا هئا. پاڻيءَ ۾ خوشبوءَ لاءِ وري موتئي جا گل پيل هئا. موتئي جو ٻوٽو شيخ صاحب جي گهر جي ڏيڊيءَ وٽ پوکيل هو. رات جي ماني به نوڪر گهر جي ڏيڍي ۾ آڻي رکي. گوشت جو ٻوڙ ۽ وڏيون گول گول خميرو پيل پوريون پنيون کٽسِريو مانيون. گڏوگڏ پنن سميت موري به کائڻ لاءِ.
اهڙي طريقي سان پڙهندو به هوس ۽ ماني ۾ شيخ صاحب مون کي پاڻ سان گڏ کارائيندو هو. ائين ڏهاڪو ڏينهن گذري ويا. هڪڙي ڏينهن شيخ صاحب جي گهر واري مون کي ڏسي ورتو. سو پنهنجي مڙس کي چيائين ته روز روز ماني ڏيڊيءَ ۾ رکجي ٿي. توهان سان گڏ کائڻ وارو مسافر ته اڃا ڇوڪرو آهي. سو جيڪڏهن پنهنجي گهر جي اندر به اچي ماني کائيندو ته ڪهڙو حرج آهي. پوءِ شيخ صاحب مون کي گهر جي اندر گڏ ماني کارائيندو هو. شيخ صاحب کي ڪو پُٽ ڪو نه هو. باقي چار نياڻيون هئس. مون کي پنهنجي پٽ وانگر ڀائيندو هو. رات جو مدرسي ۾ سمهندو هوس. پڙهائيءَ جو مونکي روزانو ريال ملندو هو. مون کي پنهنجي والد محترم کان ڪتابن جا پڪا جلد ٺاهڻ جي واٽ مليل هئي. سو هتي مدرسي ۾ اُهو ڪم ڪرڻ شروع ڪيم. جنهن مان مون سٺا پئسا ڪمايا. پئسا آئون شيخ صاحب جي گهرواريءَ وٽ رکندو هوس. شيخ ناصر خلوف وڏو آفيسر هو. وڏا وڏا ماڻهو شيخ ناصر ۽ شيخ عبدالله کي دعوتون ڏيندا هئا. شيخ عبدالله جيپ کڻي ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن مون کي به شيخ پاڻ سان گڏ دعوتن ۾ وٺي ويندا هئا. منهنجو لباس شروع کان وٺي عربي هو. انهن دعوتن ۾ ايس.پي ۽ ڊپٽي ڪمشنر جهڙا آفيسر به هوندا هئا ۽ هيٺ مختيارڪار وغيره، جن کي ”امير“ چيو ويندو هو، جي سطح جا عملدار هوندا هئا. گهڻن شيخ ناصر کان اهو معلوم ڪيو ته ڇا هيءُ توهان جو فرزند آهي؟ شيخ ناصر کين ٻڌائيندو هو ته توڙي جو هيءُ منهنجو فرزند ڪونهي، بلڪه پاڪستان جو آهي. پر پنهنجي پٽ جهڙو ئي پيارو اٿم. اهڙين دعوتن ۾ وڃڻ ڪري مون کي آفيسر توڙي پسگردائيءَ جا ڪافي معزز شيخ سڃاڻڻ لڳا هئا.
هن مدرسي ۾ سلائيءَ جون پڻ ڇهه مشينون هُيون. درزي سرڪار جا، سُٽ ۽ تيل پڻ سرڪار جو. باقي فقط ڪپڙو شاگرد پنهنجو وٺندا هئا. سلوار، پهراڻ ۽ رومال ٺاهي ڏيندا هئا. هن مدرسي ۾ ٻهراڙيءَ جا پوڙها، جوان ۽ پيرسن شاگرد پڙهندا هئا. ٻهراڙيءَ ۾ ۽ جبلن ۾ رهندڙ ”بدوئن“ جو لباس گوڏي تائين گوڏ، پُٺا اگهاڙا، مٿو اگهاڙو، وارَ ڇُڙيل، جُلَ ڦُلَ جي وَلِ جي سندن مٿي تي دستار لنڍي ٻڌل. چيلهه تي پٽو ٻڌل، جنهن ۾ ڏوڪڙن رکڻ لاءِ هڪڙو کيسو، ۽ خنجر رکڻ لاءِ جاءِ. باقي سڄي پٽي ۾ رائفل جي گولين جا خانا ٺهيل. گوليون به پنهنجون ٺاهين. بندوق يا رائفل ڪلهي تي رکڻ، اهو ٻهراڙيءَ جو قديمي رواج هو جيڪو 1956ع ۾ به اسان ڏٺو هو. وري پيرن ۾، چمڙو رنگي، ان ۾ سوراخ ڪري ۽ پنهنجون ڪنهيون ٺاهي چمپل ٺاهي پائيندا هئا ۽ جبلن ۽ جهنگلن ۾ آرام سان پيا هلندا هئا. نه لائسن، نه ڪا روڪ ٽوڪ. هٿيار به پاڻ ٺاهين ۽ پاڻ استعمال ڪن، ڇو ته شينهن ۽ ٻين خطرناڪ جانورن جو هر وقت خطرو رهندو هو. تنهنڪري بندوق جهنگ ۾ توڙي شهر ۾ ساڻن گڏ هوندي هئي. مدرسن ۾ ڪپڙا مفت ۾ سلائي ڪري ڏيڻ جو مقصد هو ته ٻهراڙيءَ جا شاگرد سلوار، پهراڻ، رومال ۽ ڪارو دستار پائي جڏهن پنهنجن ڳوٺن ۾ ويندا ته انهن کي ڏسي ٻيا بدو به ڪپڙا پائڻ سکندا. هڪ ريال روزانو ڏيڻ جو مقصد هو ته هو راشن وٺي کائڻ سکن ۽ انهن کي پڙهائڻ جو مقصد هو ته انهن مان جهالت نڪرندي. سعودي حڪومت پنهنجي ماڻهن کي سڌارڻ لاءِ اهو طريقو اختيار ڪيو هو. مدرسي ۾ رهندي مونکي اندازاً هڪ مهينو کن ٿي ويو هو. مون خيال ڪيو ته رفيقن کي به آڻي ڪٿي ويجهو ويهارجي. سو هڪڙي ڏينهن اُن شهر جي امير وٽ هليو ويس. رفيقن لاءِ کيس باقاعده درخواست لکي ڏنم. امير مون کي سڃاڻندو هو. مونکي چيائين ته هن شهر ۾ نه، باقي هن شهر کان ٻاهر ڪنهن چڱي معزز شيخ سان ڳالهائي، اتي کين ويهاري ڇڏ ۽ جڏهن اجازت ملندي ته پوءِ ڀلي ظاهر ظهور هليا وڃن. مون کيس عرض ڪيو ته آئون مدرسي جي استاد کان موڪل وٺي يمن جي بارڊر تي وڃي کين وٺي اچان. متان نه ان وچ ۾ پوليس مون کي ئي واپس نه ڇڏي. پوءِ امير صاحب مون کي اجازت نامون ٺهرائي ڏنو.
پوءِ مون شيخ ناصر کي پنهنجن رفيقن جي حقيقت ڪري ٻڌائي ۽ امير صاحب وارو اجازت نامو به ڏيکاريم. شيخ صاحب چيو ته اِهو امير ته شهر جو مالڪ آهي. پر اسين توکي مدرسي جي پاران به سرٽيفڪيٽ ڏيون ٿا. توکي ڪير به ڪو نه روڪيندو. ڀلي رفيقن کي وٺي ويجهو ڪٿي ويهاري ڇڏ. پوءِ مون هن شهر کان ٻاهر هڪ ڳوٺ جي چڱي مڙس شيخ ابراهيم سان ڳالهايو. شيخ ابراهيم ٻئي ٽيئي ڏينهن مدرسي ۾ پيو ايندو هو ۽ مون کي سڃاڻندو هو. هُن مون کان پڇيو ته ”ماڻهو گهڻا آهن.“ مون کيس ٻڌايو ته ”ڪل ست ماڻهو آهن.“ چيائين ته ڀلي کين وٺي اچ. پر کين تاڪيد ڪج ته هو گدائي نه ڪن. وضوءَ لاءِ مسجد جو پاڻيءَ جو مٽ ڀرين. مسجد جي صفائي وغيره ڪن. مسجد ۾ پنج وقت اذان ڏين. باقي کائڻ لاءِ ماني کين مسجد ۾ ئي ملندي. اهو معاملو طئي ڪري، شيخ ناصر کان اجازت وٺي، جمع جي ڏينهن، هونئن به موڪل هوندي هئي، هڪڙي لوڊ گاڏيءَ ۾ چڙهي پيس.وٽن پهچي، ساري حقيقت ڪري کين ٻڌايم. ٻئي ڏينهن صبح جو سڀني کي آڻي شيخ ابراهيم جي حوالي ڪيم. اُها رات آئون به شيخ ابراهيم وٽ ترسيس. آچار جي ڏينهن واپس اچي مدرسي ۾ حاضر ڀرايم. هن مدرسي ۾ جمادي الثاني، رجب، شعبان ۽ رمضان شريف جا چار مهينا گذاريم. رمضان شريف ۾ پڙهائي ڪانه هئي. شاگردن کي موڪل مليل هئي. پر اسان کي ته مهينو گذارڻو هو. سو شيخ صاحب جو در ڪو نه ڇڏيم. رمضان شريف ۾ وري تراويح نماز پڙهڻ بعد، ان شهر جو پڙهيل لکيل طبقو، روزانو رات جو هڪڙو قرآن مجيد ۽ هڪڙو مسئلن جو ڪتاب ۽ حديثون مبارڪ کڻي ايندا هئا. شيخ خلوث ۽ شيخ عبدالله، ٻئي قرآن جا حافظ هئا. اتي آيل ماڻهن جو گول گهيرو ٺاهي، ٻه گئس بتيون (گولا)، گاسليٽ تي ٻرندڙ، ٻاري وچ تي رکندا هئا. اُن دؤر ۾ اتي بجلي ڪا نه هئي. گولن جي روشنيءَ ۾ واري واري سان هر هڪ ڪجهه سِٽون تلاوت ڪندو هو. آئون به قرآن شريف کڻي ساڻن گڏجي ويهندو هوس. پنهنجي واري تي آئون به پڙهندو هوس. حافظ سڀني کي غلطين جي نشاندهي ڪري سمجهائيندا هئا. مون کي به سمجهائيندا هئا، پر ائين به چوندا هئا ته جيڪڏهن هيءُ وڌيڪ وقت هتي رهيو ته وڏو قاري ٿي سگهي ٿو. ائين سڄي رات درس هلندو هو. تان جو روزي رکڻ جو وقت اچي ٿيندو هو. روزي رکڻ لاءِ الڳ ٻانگ ڏني ويندي هئي. روزو رکي، فجر جي نماز پڙهي، قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري پوءِ سڀ ڪو وڃي آرام ڪندو هو. آئون روزو رکي، نماز پڙهي ۽ هڪ سيپارو تلاوت ڪري، پوءِ وڃي سمهندو هوس ۽ اڳي نماز تائين ستو پيو هوندو هوس. پوءِ ظهر جي نماز پڙهي گهمڻ ڦرڻ يا ڪچهرين ۾ وقت گذرندو هو. آئون هر جمعي تي شام جو رفيقن وٽ ويندو هوس. ڪچهري ڪري، حال احوال وٺي واپس رات جو اچي مدرسي ۾ گذاريندو هوس. روزو شيخ ناصر ۽ آئون گڏجي رکندا ۽ کوليندا هئاسين. شيخ ويچارو معذور هو، سو نماز گهر ۾ پڙهندو هو. آئون روزو کولي، نماز جماعت سان پڙهي، پوءِ مڪمل کاڌو گڏجي کائبو هو. انهيءَ وچ ۾ جيزان ۾ ٻه ٽي دعوتون هيون. جيڪي مون به شيخ ناصر ۽ شيخ عبدالله سان گڏجي کاڌيون. دعوتن ۾ بالا آفيسر پڻ هوندا هئا. 27 تاريخ رمضان جي، قدر جي رات جو هڪ سؤ وال ڪپڙو، پر وال ٻن فوٽن جو هو، شيخ ناصر غريبن ۾ ورهايو. مون کي به ست وال ڏنائين. شيخ صاحب جي گهر جي ڏيڍيءَ وٽ لڳ ڀڳ 12، 14 مڻ جوئر رکيل هئي. سا، جنهن رات رمضان پورو ٿيو، سڀ فطري ۾ ورهائي ڇڏيائين. مون کي به جوئر ڏنائين. رمصان شريف جو آخري روزو رکيو ويو هو، پر آسمان تي جهڙ ۽ غبار هو ۽ وري صبح جو برسات به وٺي. اسان ته روزو رکيو هو، پر ريڊيئي ٻڌايو ته مڪي شريف ۾ چنڊ نظر اچي ويو آهي. تنهنڪري پوءِ اسان به روزو کولي ڇڏيو. عيد نماز جو بندوبست مسجد ۾ ڪيو ويو. شيخ ناصر کي به جيپ ۾ کڻي آڻي مسجد ڀيڙو ڪيو ويو. عيد نماز پڙهائي، وري به شيخ عبدالله جي جيپ شيخ ناصر کي گهر پهچائي ويئي. جنهن وقت کان آئون شيخ صاحب جي گهر وڃڻ لڳو هوس، ان وقت کان ئي سڀني گهر ڀاتين جو خيال مونکي گهر ناٺي ڪري رکڻ جو هو. مون کي گهر ۾ تمام گهڻو ڀائيندا هئا. پر جيئن ته مونکي حج پڙهڻ کان سواءِ ٻي ڪا تات ڪا نه هئي، تنهن ڪري منهنجو ان طرف ڪو توجهه ڪو نه هو. يمن جي حدن ۾ به ڪيترين نوجوان ڇوڪرين نڪاح ڪرڻ تي زور ڀريو هو. پر مون سڀني کي جواب ڏيئي ڇڏيو هو.
عيد جو ڏينهن پورو ڪري، صبح جو رفيقن کي وٺي اچي مسجد ڀيڙو ڪيم. پوءِ آئون شيخ ناصر خلوث ۽ سندس گهرواريءَ کان موڪلائڻ گهر ويس. مون کي منهنجي امانت رکيل پئسا به ڏنائون ۽ چيائون ته اسين توکي اهڙي چڱي ڪم تي وڃڻ کان منع ته نٿا ڪري سگهون، پر هڪڙو عرض اسان ٻئي توکي ٿا ڪريون ته تون رفيقن کي چئو ته ڀلي اڳتي وڃن. هتان جيزان کان جده تائين هوائي جهاز جو ڪرايو اسي ريال آهي، اُهو به اسين ٿا ڀريون اوٽ موٽ جو. پر تون حج پڙهي وري به اسان وٽ ضرور ايندين. مون کين چيو ته حال هڪيو ته آئون رفيقن سان ڪٺي وڃان ٿو حج پڙهڻ. تنهن کان پوءِ رسول پاڪصه جي روضي پاڪ جي زيارت به ضرور ڪرڻي آهي. اتان مدينه شريف مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ جيڪڏهن منهنجي روزي اوهان وٽ ئي هوندي ته انشاء الله ضرور ايندس. پوءِ مون سڀني کان انتهائي عزت ۽ احترام سان موڪلايو. موڪلائڻ مهل ٻئي ڄڻا روئي رهيا هئا. بلڪه سندن نياڻيون به روئي رهيون هيون. انهن ماڻهن منهنجي ايتري ته خدمت ڪئي ۽ ماني ٽِڪي کارائي، پر موٽ ۾ مون کي ڪڏهن ائين به ڪو نه چيائون ته رڳو پاڻيءَ جو گلاس ڀري ڏي. اُهي پردي واريون عورتون هيون، پر موڪلائڻ وقت ڏيڊيءَ کان ٻاهر اچي بيٺيون ۽ چيائون ته الله تعاليٰ توکي سدائين خوش رکي.
پوءِ اسان سفر ڪري ”جيزان“ شهر ۾ آياسون. هيءُ شهر بلڪل سمنڊ جي ڪناري سان آهي. هتي هڪڙي ڪلراٺي زمين جي ٽڪري تي هڪڙِو فوڪر هوائي جهاز لهندو هو، جيڪو هتان ماڻهو کڻي وڃي جده ۾ لاهيندو هو. جيزان جي هڪڙي جامع مسجد، جيڪا سمنڊ جي ڪناري کي بلڪل ويجهي هئي. ان جي ٻاهران وڃي لڏو لاٿوسين. انهيءَ مسجد جي ارد گرد ڪافي تعداد ۾ پانڌيئڙا اچي گڏ ٿيا هئا. پر اسان جي ضلعي ۽ تعلقي جا ماڻهو به اسان کان اڳ پهچي چڪا هئا. اسان ٽئي ڏينهن سفر شروع ڪيو هو. پر هو عيد جي ڏينهن ئي پنڌ پيا هئا. اسان جي علائقي جا جيڪي ماڻهو مليا هئا، تن ۾ حاجي پريل شاهه، حاجي احمد جت گسر، حاجي محمد، حاجي جمون وِگهام، حاجي انور جت، حاجي سليمان پنهور، حاجي الهڏنو منڌرو ۽ ٻيا هئا. حاجي جمون وگهام جو ٻارن ٻچن سان پنهنجو قافلو هو. تن کان هڪڙو حج قضا ٿي ويو هو. رستو ڀُلجي ويا هئا. حاجي سليمان پنهور مون کي ٻڌايو ته تنهنجي ڳوٺ جا ماڻهو، تنهنجي سفر تي هلڻ کان پوءِ، ڳوٺان نڪري، لانچن ۾ سوار ٿي ’نهج‘ کان ٿيندا، جنت مسجد کان پوءِ ’ثنا‘ واري رستي کان مڪي شريف ڏانهن وڃي رهيا آهن. اُن رستي تي ڪا به رڪاوٽ ڪا نه هئي. آئون ڀلجي هن رستي کان آيس ته روڪجي پيس. حاجي صديق سنگهار عباس جو والد، حاجي محمد، حاجي ناٿي جو، حاجي عيسو اوٺو عيال سان، حاجي هوٿي اوٺو، حاجي هاشم پنهور ٻارن ٻچن سان، حاجي صالح گهُن ٻارن ٻچن سان، حاجي مَمون اوٺو عيال سان ۽ ٻيا. اِهي سڀ جنت مسجد واري گس سان ويا آهن، جيڪي جلد پهچي ويندا.
جيزان ۾ رهندي اسان کي هفتو کن ٿي ويو هو. هتي پانڌيئڙن ۾ وڏا وڏا ڄاڻو ماڻهو به هئا، جن جا ڪافي حج پڙهيل هئا. پر اڃان اڳتي وڃڻ جي اجازت نه پئي ملي. رات جو حاجي پريل شاهه ۽ حاجي احمد جت گسر پنهنجي پنهنجي ٽولڙي سان مولود ۽ مداحون پيا پڙهن، ته مسجد جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ عرب ڊوڙيو اچن ته هي ڇا پيا ڪريو؟ گهڻو ڪري انهن کي آئون ئي عربيءَ ۾ سمجهائيندو هوس ته هي حضور سائينءَ جي صفت ۽ ساراهه ويٺا ڪن. ان وقت آئون عربي ٻولي ايتري سکي ويو هوس، جو قرآن پاڪ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪري سگهيس ٿي. جيزان جي مسجد ۾ آرام ڪندا هئاسين. پر نماز جي وقت مسجد خالي ڪري ڇڏيندا هئاسين. هڪڙي رات ستا پيا هئاسون ته اڌ رات جو عربن اچي اسان کي اٿاريو. چيائون ته اٿي وضو ڪري نماز پڙهو. ڇو ته چند گرهيو آهي. اسان اٿي نماز پڙهي ۽ دعائون گهرندا رهياسين، جيستائين وڃي چنڊ آزاد ٿيو.
مسجد جي اتر اولهه ۾ پڪن رستن جو هڪڙو چوڪ ٺهيل هو ۽ هڪڙو پوليس وارو وچ تي بيٺل هوندو هو. مون کي منهنجي والد مرحوم کان ”ٻرهال“ بيماري (تليءَ جو وڌي وڃڻ) جي وڍڻ جو طريقو سيکاريل هو. چند جي مهيني جي پهرئين آچر تي، (ماهه پهرو يا سائو آچار) مٽيءَ جي ننڍي لولي ٺاهي ٻرهال واري جاءِ تي پيٽ تي رکي، اُن تي قرآني آيت پڙهي، پوءِ اُن لوليءَ کي وڍيندو هوس. شفا ڏيڻ وارو ته رب آهي، پر انشاء الله فاعدو ٿي ويندو. پر گهٽ ۾ گهٽ ٽي آچر ائين ڪجي. سو اُن ڏينهن به اِهو علاج ڪندي، اُن پوليس واري مون کي ڏسي ورتو. ۽ اچي پڇيائين ته هيءُ ڇا پيو ڪريئين؟ ٻڌايو مانس. تڏهن چيائين ته منهنجون ٻه گهرواريون آهن. پر ٻنهي کي اِها تڪليف آهي. ٿوري دير بعد ٻيو پوليس وارو منهنجي جاءِ تي ڊيوٽي ڏيڻ ايندو. پوءِ تون مون سان گڏجي منهنجي گهر هلي، منهنجي گهر وارين جو علاج ڪر. آئون ساڻس گڏجي گهر ويس. برابر ٻنهي عورتن کي ٻرهال جي تڪليف هئي. مون سندن علاج ڪيو ۽ پوليس واري مون کي ماني کارائي ۽ جوئر جي ٻوري ڀريل به ڏنائين. مون پريل شاهه کي ڪجهه جوئر ڏني. اجازت ناما ڏيڻ واري آفيس تي روزانو ميڙ لڳا پيا هوندا هئا. اسان جو اڳواڻ وري حاجي روضي شاهاڻي بلوچ هو. جنهن اڳ ۾ چار پنج حج ڪيا هئا. اُهو حاجين جو سونهون ٿي ايندو هو. پر هتي ان جي به ڪا نه ٿي هلي. هڪ ڏينهن مون کيس چيو ته اڄ آئون به آفيس تي هلان ٿو. اوهين الاجي ڪيئن ٿا ڪم وٺو، جو ٿئي ئي ڪو نه ٿو. اِتي بلوچ حاجي صاحب ڪجهه گرمائش ڏيکاري ته تون وري اسان کان به هوشيار ٿي ويو آهين ڇا؟ مون کيس چيو ته آئون برابر هوشيار ته ڪو نه آهيان. پر اڄ هلي ڏسان ٿو. خير، سو آئون به ساڻس گڏجي ويس. قسمت وارو ڏينهن هو. جو جيڪو آفيسر هو، تنهن جي ٻه ڀيرا شيخ ناصر سان گڏجي آئون دعوت به کائي آيو هوس. ٻيو ته آئون جيڏي مهل دروازي تي پهتس، اوڏي مهل شيخ عبدالله پاڻ به اچي ويو هو. جنهن کي رياض وڃڻو هو، جنهن لاءِ اهيءَ آفيس مان ڪجهه ڪاغذ وٺڻا پوندا هئا. مونکي سڃاڻي، اِتي بيهڻ جو سبب پڇيائين. مون کيس سارو احوال ڪري ٻڌايو. پوءِ سندس سفارش تي حاجي صاحبن جي قطار لڳي ويئي. اجازت ناما ملڻ شروع ٿي ويا. الله جا لک احسان جو هيترن ڄاڻو ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ منهنجي عزت اڳتي ٿي ويئي.
اجازت ملڻ بعد اسين جيزان ڇڏي، سفر ڪري اچي ”صبا“ جي شهر ۾ پهتاسين. اتي جي زمين تمام سٺي آباديءَ واري هئي. ٻيرين جا وڻ شهر جي ڏکڻ ۾ هئا. ٻير به کاڌاسين. پوءِ ننڍڙا وڏا ڳوٺ پاس ڪندي اچي ”ضرب“ جي شهر ۾ پهتاسين. هتان کان پوءِ ٻن ڏينهن جو بَر هو. يعني ماڻهن جي ڪا به آبادي ڪا نه هئي ۽ نه ئي ڪٿي پاڻي هو. جيڪڏهن ڪٿي کڻي پاڻي هوندو به ته اتي خطرناڪ جانورن جي موجودگيءَ جي ڪري خطرو هو. پاڻيءَ جو بندوبست ڪيوسين. جوئر به ڀُڳي کنئي سين. جبل جو علائقو هو. جهنگ هو. رستو ڪو نه هو. ماڻهوءَ جو گس هو. اسان هاڻي پنهنجا قدم به تيز رکيا. وچ ۾ رات پئجي ويئي. باندرن، ڀولڙن، رڇن ۽ ڳورپٽن جا پيرن جا نشان لڳا پيا هئا. اسان رات جو باهه جو وڏو مچ ٻاريو ۽ هر ڪنهن جو وارو مقرر ڪيوسين ته باهه جو مچ وسامڻ نه ڏجي. ڪاٺيون ته جام هيون. وڏا وڏا بُنڊ گڏ ڪياسين. اِها استادي اسان کي بدوئن کان مليل هئي ته جانور باهه جي ويجهو ڪو نه ايندا. خيرن سان رات گذري ويئي. جيئن ئي روشني ٿي تيئن سفر سروع ڪيوسين. تڪڙو تڪڙو هلڻ سان اُن بَرَ کي ڪڍي آياسين. اڳين نماز جو وقت هو. هڪ ٿلهو، گهاٽو ۽ وڏو وڻ بيٺو هو. جنهن جو ميوو پڪو پيو هو. جهڙا اَڪَ جا ڏينا. پر اندر پينا (سخت) ۽ مٿان ماس کائڻ جهڙو. پر ماڻهو نه کائن. بلائن جي کائڻ لاءِ هئا. وڻ وٽ ستر اسي کن ڀولڙا موجود هئا. هڪڙا وڻ تي چڙهيو ٿي ويا ۽ ميوو پٽي کاڌائون به پئي ته پٽ تي به پئي ڪيرايائون. جيڪو وري هيٺين ڀولڙن ٿي کاڌو. اسان کي ويجهو ايندو ڏسي ڀولڙا ڀڄي ويا ۽ اسان وڻ هيٺ زمين صاف ڪري آرام ڪيو. ظهر جي نماز پڙهي. ڀڳل جوئر کائي، پاڻي پيتو ۽ لاڙ اڳيءَ جو اُٿي پنڌ پياسين. هتي اسين اتر طرف منهن ڪري نماز پڙهندا هئاسين. اڳيان ”في الارض“ شهر باقي ٻن ميلن تي هو.
*