سفرناما

سِڪ سڄڻ يار جي

”سڪ سڄڻ يار جي“ اصل ۾ 1956ع ۾ پنڌ ڪيل حج جو سفرنامو آهي جنهن جو ليکڪ حاجي عبد الڪريم سنگهار آهي.
هي ڪتاب 2016ع ۾ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ساحل پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون مور ساگر ۽ يوسف سنڌيءَ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سِڪ سڄڻ يار جي

باب ٻيو: منهنجو رفيقن کان ڌار ٿيڻ

مون پنهنجي گهران صرف ٽي سؤ سٺ روپيه کنيا هئا. مون اڳ ۾ ئي سڀني همراهن کي ٻُڌائي ڇڏيو هو ته گس ۾ پنڻ مون کان ڪو نه پهچندو. باقي مزوري جيڪا به ملندي، سا ڪندس. حاجي مٺو سوڍائي اسان جو اڳواڻ هو. هن جو اڳ ۾ به پنڌ حج ڪيل هو ۽ ٻڌايائين ته رستي ۾ مزوري جام آهي. مون وٽ جيڪي پئسا هئا، سي مون حاجي مٺي سوڍائيءَ کي ئي ڏيئي ڇڏيا هئا ته مون کي ماني کائڻ سان ڪم. پوءِ چاهي توهان گدائي ڪري کارايو، باقي مزوري آئون ڪندس. جڏهن حسن بلعيد پهتا هئاسين، تيستائين آئون تقريباً 12 آنا عربي ٻولي سکي چڪو هوس. باقي 4 آنا کن فرق هو. ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن سفر تي هلڻ جو وقت ٿيو، ته حاجي مٺي سوڍائيءَ چيو ته ”سنگهار ڏنڊو مُٽو آهي. نه ڪو پني ٿو ۽ نه ڪو ڪم ڪري ٿو. باقي کائڻ لاءِ تيار ويٺو آهي.“ مون حاجي صاحب کي چيو ته ”اوهان پنهنجي واعدي کي ڏسو، ڪا به مزوري لڳي ته آڻي وچ تي رکندس. باقي پنڻ مونکان ڪو نه پُڄندو. مون کي ٻين اڳيان هٿ ٽنگڻ ۾ شرم ٿو اچي.“ خير. ناراضگي ٿي ويئي. مون کي 30 روپيه اُڇلي ڏنا ته ”تنهنجي باقي جيڪا ملڪيت بچي آهي، سا هٿ ڪر.“ پوءِ هُن ٻين رفيقن کي چيو ته هلو ته هلون. ائين هُو اٿي هلڻ لڳو. پر صالح سوڍائي ۽ عرس کوسو روئي پيا ته اسين توکي ڪو نه ڇڏينداسين. گهڻين منٿن بعد مون کين چيو ته آئون ”عدن“ جي شهر تائين توهان سان هلان ٿو. پوءِ اتي مزوري ڪري پٺيان پيو ايندس. پوءِ گڏجي روانا ٿياسين. ننڍڙا ڳوٺ ايندا رهيا. ”شئقره“ جي شهر ۾ پهتاسين. اتي جو جيڪو آفيسر صوبدار هو، تنهن جي ٻه ڏينهن مزوري ڪيم. هُن اسان کي لوڊ گاڏيءَ ۾ سوار ڪري اڳتي روانو ڪيو. جنهن اسان کي رستي ۾ ’عدن‘ شهر ۾ ڪو نه وياسين. اتي هوائي جهازن جو اڏو هو. اتان کان پنڌ ڪري ”شيخ عثمان“ جي شهر ۾ وڃي رهياسين. اتي ريال وغيره ڪو نه هئا. اُتي شِلنگ هئا، جنهن ۾ ڏهه آنا هئا. مون هڪڙي هوٽل واري کي ڇهه آنا ڪڍي ڏنا ته هِنن جي مون کي دال ڏي. هوٽل واري مون کي شِلنگ وارا منهنجا ڇهه آنا اُڇلي ڏنا. همراه بنهه ڪاوڙجي پيو. چيائين ”مڙس ڇهه آنن جي دال ٿو کائي!“ پوءِ مون کي مفت ۾ داخل ڏيئي ڇڏيائين، هتي کاڌي کائڻ جو سامان مهانگو هو. باقي ليمن سوڍا جي بوتل ڏهن پئسن ۾ ملندي هئي. مون ڪافي بوتلون پيتيون، جيڪي هاضمي لاءِ ڏاڍيون ڀليون هيون.
شيخ عثمان شهر جي جامع مسجد جي پيش امام سان منهنجي دوستي ٿي ويئي هئي. اسين اتي چار ڏينهن رهياسين. همراه اڳتي سفر لاءِ تيار ٿيا. مون ساڻن واعدو ڪيو هو ته آئون ’عدن‘ تائين گڏ هلندس. سو مون هلڻ کان انڪار ڪيو ۽ همراه اڳتي روانا ٿي ويا. آئون هڪ ڏينهن عدن جي شهر ۾ ويس ۽ شهر جي ٻاهران مزوريءَ جي ڳالهه ٻولهه ڪري آيو هوس. پوءِ روزانو شيخ عثمان کان بس ۾ اڌ شلنگ ڏيئي اچي مزوريءَ واري جاءِ تي لهندو هوس. لوڊ گاڏي تي ڪم ٿيندو هو. چڪرن جي حساب سان ريتي، پٿر، مٽي، پائپ وغيره لاهبا چاڙهباهئا. شام جو حساب ڪري، پئسا وٺي، بس تي چڙهي شيخ عثمان جي جامع مسجد وٽ لهي پوندو هوس. پيش امام منهنجو دوست ٿي ويو هو. پنهنجو سامان وغيره ان وٽ رکندو هوس. سومهڻي نماز پڙهي، هوٽل تي ماني کائي، پوءِ اچي پيش امام جي ڪوٺڙيءَ ۾ سمهي پوندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن بوتلون به گڏجي پيئندا هئاسين. روزانو مزوري ڪڏهن 50 شلنگ ته ڪڏهن سٺ شلنگ ته ڪڏهن اڃا به وڌيڪ ڪمائيندو هوس. ڏهه ٻارهن ڏينهن ڪمائي ڪجهه واٽ جو ثمر هٿ ڪيم. پيش امام دوست کان سڄو رستو معلوم ڪري اچي هڪڙي بس ۾ چڙهيس. ”لهج“ شهر تائين اڌ شلنگ ڀاڙو هو، پر مون کان بس واري پئسه ڪو نه ورتا. مون سوچيو ته مون کان ڀاڙو ان ڪري نٿا وٺن جو آئون ”مسڪين بابا“ آهيان. ڇو ته ساري واٽ تي اسان کي ملندڙ بدو توڙي عرب اسان کي ”مسڪين بابا“ ڪري سڏيندا هئا. بس وارن کي شايد ڪا هدايت ٿيل هئي ته جيڪو به مسڪين بابا هٿ لڳي، تنهن کي وٺي اچي ايس.پي. جي آفيس ۾ پهچايو. سو هنن بس وارن به مون کي ايس پي جي آفيس وٽ لاهي هڪ پوليس واري جي هٿ ۾ ڏنو ۽ پوليس واري مون کي وٺي آڻي اُتي ڇڏيو جتي ميدان ۾ کوڙ سارا مسڪين بابا پاڻ ۾ ٽولا ٽولا ٺاهيو ويٺا هئا. اتي ڏٺم ته مون وارا رفيق به ويٺا هئا. پوءِ ته وري به اچي گڏياسين. هي ٿاڻو ’لهج‘ شهر جو هو. ٻاهران پوليس جي چوڪي هئي. هڪ رات اتي گذري ويئي، پر ٻئي ڏينهن به ٽِپهري اچي ٿيڻ واري هئي. ڀڄي نڪرڻ جون واٽون ڳولي هٿ ڪري ورتيون هيون سين. اوڏي مهل هڪ شخص، جنهن کي اڇاڪپڙا پاتل هئا ۽ سنهڙو بدن هوس. سو هر هڪ ٽولي کان خبرون وٺندو اچي اسان جي ٽولي وٽ پهتو. هُن اردو زبان پئي ڳالهائي. مون به ساڻس ڳالهايو. هُن اسان کان خبرون پُڇيون. اسان کيس ٻڌايو ته اسين پاڪستان جا آهيون. پوءِ مون کانئس پڇيو ته هتي اسان کي ڇو جمع ڪيو پيو وڃي؟ هن چيو ته هي ماڻهو سڄي رستي ۾ پنندا پيا اچن. تنهن ڪري هتي جا ويٺل رهاڪو ماڻهو هنن مان تنگ ٿي پيا آهن. هي هڪ ٻه ته ڪونهي. هي هزارن جي تعداد ۾ آهن. عرب جي حڪومت ٻاهرين ملڪن جي سفيرن سان رابطو ڪيو آهي. جيڪي چون ٿا ته هي سڀ ماڻهو چور، ڌاڙيل ۽ قتلن ۾ گهربل ڀاڳيلا آهن. سي حج جو بهانو ڪري هتان لڪي نڪتا آهن. تنهن ڪري توهان انهن ماڻهن کي گڏ ڪري پوءِ ڪنهن پاڻيءَ واري جهاز ۾ چاڙهي اسان ڏانهن روانو ڪريو ته ڏوهارين کي اسين قابو ڪريون. سو هي ماڻهو گڏ پيا ٿين ۽ اِهي واپس ويندا. پر هيترن ماڻهن مان ٻئي ڪنهن به مون کان خبرون ڪو نه پڇيون. رڳو تو ئي مون کان پڇيو آهي. تون هوشيار ماڻهو ٿو ڏسجين. مون کيس چيو ته هوشيار ته خير آئون ڪو نه آهيان، پر ڏاڍي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جيڪي ماڻهو ڪعبة الله شريف ۽ رسول الله جي روضي پاڪ جي زيارت جي حُب دل ۾ کڻي پيرين پنڌ نڪتا آهن ۽ سي به اُهي، جن جا پُکي ۾ ڏهه ڏهه سال نالا نٿا اچن، تن کي اسان جي حڪومت وري چور، ڌاڙيل، قاتل ۽ ڀاڳيلا سڏي کين واپس پئي گهرائي ته جيئن کين سزا ڏجي. منهنجي کيسي ۾ جيڪي مزوريءَ جا پئسا پيل هئا، سي ڪڍي کيس ڏيکاريم ۽ چيم ته سڀ پنڻ وارا به ڪو نه آهن. پر حڪومت کان موڪل نه ملڻ ڪري پيرين پنڌ نڪري پيا آهن ۽ مزوري ڪري ڀلي پار وڃي رهيا آهن. اُهو ماڻهو ڪو سي.آءِ.ڊي. جو هو، پر منهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪري ويو. پوءِ اُن شخص مون سان مدد ڪئي ۽ چيائين ته سامهون وارو پوليس وارو منهنجو مائٽ آهي. آئون اُنکي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته هي (اسان جو ٽولو) پنڻ وارا ڪونهي. سو جيڪڏهن نڪرڻ جي ڪوشش ڪن ته ڀلي نڪري وڃن ۽ ڪجهه ئي دير بعد مون واقعي ڏٺو ته هو پوليس واري کي اسان ڏانهن اشارو ڪري رهيو هو. جڏهن رات ٿي ته اسين هڪڙو هڪڙو ٿي ٻاهر نڪري هليا وياسين. رات وڃي شهر کان ٻاهر پرڀرو جبلن ۾ گذاري سين. صبح جو گس هٿ ڪيوسين. اُهو لوڊگاڏيءَ جو ڪچو رستو هو. اهو رستو وٺي اچي ”خشب“ پهتاسين. خشب معنيٰ ڪاٺ. ۽ اُهو ”يمن“ جي بارڊر تي هو. اُن جي اتر کان ڦري وري اچي رستي تي چڙهياسين. پر هتان ٻه رستا وڃڻ لاءِ هئا. هڪڙو جنت مسجد کان ثناء وارو رستو ۽ ٻيو جيزان وارو رستو. اُتي جي بدوئن ٻڌايو ته جيزان وارو رستو ٺيڪ آهي. پوءِ اسان اُلهندي طرف هلڻ شروع ڪيو. اڳيان آسرين لَيَن وارا ڊگهاوڻ هئا، جيڪي هيٺاهين زمين ۾ بيٺل هئا. انهن وڻن ۾ وڏين مکين واري ماکي جام ويٺل هئي. اُتي جيڪي جبل هئا، سي به چوٽين تائين سر سبز هئا. اتي جا ماڻهو جبلن تي پٿرن جون چاڙهيون ٺاهي، مٽي ڀري، ان ۾ جوئر، ٻاجهري ۽ مڪائي پوکيندا هئا. برسات پوندي هئي ته سيڙهين واري مٽي رجهي ويندي هئي.
جڏهن ”طعز“ شهر کي ويجهو پهتاسين. باقي لڳ ڀڳ چار ميل پنڌ ڪرڻو هو، ته رستي تي ٻه عورتون ۽ هڪڙو پوڙهو مرد بيٺل نظر آيو. عورتن اسان کي خدا جا واسطا ۽ قسم ڏنا ته اسان کي پاڻ سان گڏ وٺي هلو. هنن ٻڌايو ته هو عمراڻي بلوچ آهن ۽ بلوچستان جي ’جهٽ پٽ‘ شهر جا رهاڪو آهن. ساڻن گڏ هڪ نوجوان ڇوڪرو به هو، جيڪو کانئن الڳ ٿي ويو آهي. هو ٻئي ڀينرون هيون ۽ سندن مرد پاڻ ۾ ڀائر هئا. اسان سان گڏ هيءُ پوڙهو عبدالله آهي، جيڪو به اکين سان ڏسي نه پيو سگهي. سندس گهرواري اڳيان لٺ کڻي هلي ته هيءُ اوهانکي جهلي هلي سگهي ٿو. ٻيو هن جو جيڪو اڌڙوٽ ڀاءُ هو، سو وفات ڪري ويو آهي. هاڻ اسان سان خدا ڪارڻ مدد ڪريو، جو هيءُ لاش دفن ڪري اسان کي پاڻ سان گڏ وٺي هلو. اوهان کي الله تعاليٰ اجر فرمائيندو. اسان کي سالن کان سِڪ هُئي پر پُکي ۾ نالو نه پئي نڪتو. اسان وٽ پئسي ڏوڪڙ جي ڪمي ڪانهي. پُکو نٿي نڪتو. تنهنڪري پنڌ سفر هليا آهيون. هاڻي هيءَ حالت ٿي آهي. سو مهرباني ڪري هيءُ لاش به دفن ڪرايو ۽ پاڻ سان گڏ به وٺي هلو.
اسان وٽ ته نه ڪوڏر ۽ نه ڪو ٽيڪم. ٻيو جابلو علائقو، سو قبر به ڪيئن کوٽجي! هاڻي ڇا ڪجي ۽ ايتري ۾ هڪ لوڊگاڏي کيکڙو پئي آئي. مون کين هٿ ڏيئي روڪي، ساري حقيقت ڪري ٻڌائي، پر لوڊگاڏيءَ وارن جواب ڏنو ته اسان سان سرڪار وڙهي ٿي ته مسڪين بابائن کي نه کڻندا ڪريو. خير، مون کين ڏاڍيون منٿون ڪيون ته رڳو مون هڪڙي کي کڻي امير صاحب جي آفيس وٽ لاهي ڇڏج. اهڙي طرح لاچار ٿي مون اڪيلي کي کڻي وڃي امير صاحب جي آفيس سامهون لاهي ڇڏيائين. آئون آفيس اندر ويس. امير صاحب ويٺو هو. آفيس کان ٻاهر سفيدي جا وڻ بيٺل هئا. سفيدي جي انهيءَ جنس جا وڻ مون پهريون ڀيرو ڏٺا هئا. مون سمجهيو ته اُهي مِرين جا وڻ آهن. وري آفيس لڳ هڪ ڪمري ۾ گهوڙا، شينهن، هاٿي ۽ ٻيون بلائون بند هيون. مون سڌو وڃي امير صاحب کي عرض ڪيو. هو منهنجي ڳالهه سمجهي ويو ۽ مون کي جنازي کڻڻ لاءِ هڪ ڊگهي وين ۽ ٻه مزور ڏنائين. آئون گاڏي کڻي جنازي وٽ پهتس. جنازو ۽ ماڻهو چاڙهي امير صاحب جي گهر آياسين. حڪم مليو ته لاش دفن ڪيو وڃي. پوءِ غسل ۽ ڪفن ڏيئي لاش دفن ڪيو ويو. ماڻهو اُهي ئي ٻه مزور ۽ ٽيو آئون. قبر اڳيئي کوٽيل هئي. ”طعز“ جي قبرستان ۾ جنازو دفن ڪيو ويو. اُها حڪومت يمن جي حد هئي. اتي جو دستور هو ته ڳوٺ جي لاءِ مسجد ۽ کوهه سرڪار ٺهرائي ڏيندي. اسان کي امير صاحب ٽي ڏينهن ڪو نه ڇڏيو. اسان جي ماني به امير صاحب جي گهران ايندي هئي. ٽن ڏينهن کان پوءِ موڪل ڏنائين. موڪل مهل جيترا به اسين رفيق پاڻ ۾ هئاسين، اوترا فرانسي ريال خيرات ۾ ڏنائين. اُن ريال ۾ پورا پنج تولا ڪچو چاندي هو ۽ فرانسسي راڻيءَ جو فوٽو مٿس لڳل هو. اُهو ئي سِڪو اُتي هلندڙ هو. باقي جيڪي يمن ۾ روپيا هئا، تن جي هڪ پاسي ڪلمو شريف ته ٻئي پاسي ”امام احمد بن يحيٰ“ لکيل هو. اهي پئسا يمن ۾ هلندڙ هئا.
اتان موڪلائي اسين اولهه طرف فرلانگ کن پنڌ ڪري ”طعز“ شهر ۾ داخل ٿاسين ته اتي به گيٽ کان اندر گهڙڻ مهل هڪڙي پوليس واري اسان کي وٺي اچي ٻين مسڪين بابائن سان گڏ ويهاريو. اتي به لهج وارو ساڳيو نمونو هو. طعز جي ان وقت صورتحال هِن قسم جي هئي ته ڏکڻ، اوڀر ۽ اولهه طرف کان هڪ وڏو جبل ڦريل هو. باقي اُتر کان هڪ وڏو ڪوٽ ٺهيل هو، جنهن جي ڊيگهه هڪ ميل کان به وڌيڪ هوندي. ٻه وڏا گيٽ هئا. هڪ اوڀر طرف ۽ ٻيو اولهه طرف. هڪڙي دروازي مان لوڊ گاڏي اجازت نامو وٺي، ڪوٽ سان لاڳو پڪو روڊ وٺي اندر هلي وڃي ۽ ٻئي دروازي تي اجازت نامو ڏيکاري نڪري وڃي. هتي ايتري سختي هئي. هن ڪوٽ کي ٻيا ننڍا ننڍا دروازا به هئا. پر ماڻهوءَ کان سواءِ ننڍڙي گاڏي به ڪا نه گذري سگهندي هئي. مون جڏهن عدن جي شهر ۾ مزوري ڪئي هئي ته ڪجهه وقت عربن سان گڏ رهيو هوس. تنهن ڪري مون پنهنجو لباس تبديل ڪري ڇڏيو هو. سلوار، پهراڻ، پٽڪو ۽ چِٽڪمرو رومال. ڪارو دستار مٿي تي ٻڌل ۽ ڪارو پٽو چيلهه تي ٻڌل. ته جيئن ڪو به ماڻهو ائين نه سمجهي ته هي به ڪو مسڪين بابا آهي. ڪٿي ڪنهن علائقي ۾ گوڏ، ننڍي قميص ۽ مٿي اگهاڙي جو رواج هو. جهڙوڪ بدو. بس جهڙو ديس، تهڙو ويس. جڏهن طعز جي شهر ۾ پڪڙياسين، ته مون اتي جو ويس پائي ننڍا دروازا ڳوليا ته ڪهڙو دروازو ڀڄي وڃڻ ۾ سولو لڳندو. هڪڙي رات ته اتي لڳي ويئي. ٻيءَ رات نڪري وڃڻ لاءِ تيار هئي. پوءِ مون عمراڻين عورتن ۽ پوڙهي کي ٻاهر ڪڍي محفوظ جاءِ تي ويهاريو ۽ باقي همراهن کي ٻڌايم ته فلاڻي دروازي مان هڪڙو هڪڙو ٿي نڪري فلاڻي کنڀي وٽ پهچجو. اهڙي طريقي سان اسين لِڪَ چوريءَ اتان ڀڄي نڪتاسين ۽ رات وڃي شهر کان پرڀرو گذاري سين. اسان کي ڀڄڻ جو موقعو اُن ڪري ملي ويو جو پوليس وارا ڊيوٽي ڏيئي ڪيڏي مهل ماني کائڻ ويندا هئا يا قهوه پيئڻ وينداهئا ۽ اهو وقت ڀڄڻ لاءِ صحيح وقت هوندو هو. انهن ماڻهن مان هڪڙو ماڻهو اسان کي مڪي شريف ۾ گڏيو هو. جنهن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سڀني کي ڇڏي ڏنو هئائون. انهن مان گهڻن حج پڙهيو ته گهڻن کان قضا ٿي ويو.
طعز کان اڳتي روانا ٿياسين. اُهو علائقو سر سبز هو. جبل جي چوٽين تائين آبادي هئي. عورتن ۾ خوبصورتي به تمام گهڻي هئي. گهڻو ڪري جيڪي جوان ۽ خوبصورت هيون، سي پاڻ کي هيڊ گهي مکينديون هيون. اِها خبر مون کي تڏهن پيئي، جڏهن آئون عربن جي گهرن ۾ وڃي جنڊ تي جوئر يا ٻاجهري پيسائي ڪندو هوس. هڪ ته آئون پاڻ نوجوان ۽ خوبصورت هوس ۽ ٻيو وري منهنجو لباس به عربي هو. ٽيون ته آئون عربي ٻولي به چڱي طرح ڳالهائي پئي سگهيس. تنهن ڪري اِها سڃاڻپ مشڪل هئي ته هيءُ به ڪو مسڪين بابا آهي. ڪيترين نوجوان ڇوڪرين مون کي نڪاح جي آڇ ڪئي هئي، پر اُن وقت مونکي شادي وغيره جي ڪا به تمنا ڪا نه هئي. مون کي تڏهن رڳو مڪو شريف ۽ رسول ڪريمصه جو روضو مبارڪ ياد هوندو هو ته ڪڏهن ٿو اتي پهچان.
اسان جي جنڊن جهڙا جنڊ فقط هن علائقي ۾ هئا. اُها حد يمن جي هئي. پر اسان وٽ جندن ۾ هٿ وجهڻ وارو هٿيو (مُٺيو) وڏو هوندو آهي ۽ هُتي يمن ۾ اُهو مُٺيو ايترو ننڍو هوندو آهي، جو مشڪل سان هٿ پئجي سگهي. جنڊ پيهڻ جو آئون ننڍي هوندي کان ئي هوشيار هوندو هوس. ڇو ته مائٽ منهنجا ڪونه هئا. يتيميءَ واري زندگيءَ مان نڪري هتي پهتو هوس. سعوديه ۾ جنڊ ڪو نه هئا. اتي وري ڊگهيون پٿر جون پليٽون ٿوريون لهواريون اُڀيون ڪري رکبيون هيون. جوئر، ٻاجهري يا مڪائي رات جو پُسائي رکبي هئي. پوءِ ان کي پٿر واري ڊگهي پليٽ تي گَسائي ميدو اٽو ڪيو ويندو هو. وري يمن ۽ سعوديه جي ٻهراڙين ۾ مون ماني پچائڻ لاءِ تئو ڪو نه ڏٺو. جڏهن اسين تئي تي ماني پچائيندا هئاسين ته عرب ۽ بدو اسان کي ڏاڍي غور سان ڏسندا هئا. ٻهراڙيءَ ۾ تندور جو رواج هو. جوئر، ٻاجهري يا مڪئيءَ جي ٻه انچ ٿلهي ۽ ننڍي ماني، جيڪا کائڻ ۾ ڏاڍي لذيذ هوندي هئي. ٻهراڙيءَ ۾ پاڻي پيئڻ لاءِ ٺِڪِر جا مٽ يا ٿلهي ويڪري گُهگهي ڪاٺ جي منجڻ تي رکيل هوندي هئي ۽ اُها منجڻ مينديءَ جي وڻ هيٺان ضرور رکيل هوندي هئي ڇو ته مينديءَ جي وڻ هيٺان پاڻي جو مٽ ٿڌو رهندو هو.
اُتي جا ماڻهو مينديءَ مان ٻيو به فائدو وٺندا هئا. هڪ ته هٿن، پيرن، مٿي جي وارن ۽ سونهاري شريف کي رنگ ڪندا هئا. ٻيو ته ٻهراڙيءَ ۾ هرگهر جي اڳيان سواريءَ جي لاءِ نَر يا مادي، پر سفيد رنگ جا گڏهه ضرور بيٺل هوندا هئا ۽ اُهي ماڻهو انهن اڇن گڏهن تي ميندي لڳائي چِٽَ گل ٺاهيندا هئا. ”تنگ“ وري سيلي (ويڪري) پٽي جو ٺهيل، جيڪو گڏهه کي پٺيان ڦري اچي، اُن تي وري ڀرت جا گل ٺهيل هونداهئا. اتي گڏهه خاص چڙهڻ جي سواريءَ جا وهٽ هوندا هئا. اٺ به سواريءَ جو ڪم ڏيندا هئا. انهن لاءِ وري پشم جاگل ٺاهبا هئا. باقي لاڏو اٺ (بار کڻڻ وارا) يا گڏهه، سي ائين سادا هوندا هئا. يمن توڙي سعوديه جي ٻهراڙين ۾ ٻيو به هڪڙو سٺو نمونو ڏسڻ ۾ آيو هو. ٻهراڙيءَ ۾ اڪثر ”چؤنرا“ هوندا هئا. هر ڳوٺ ۾ هڪ ”چؤنرو“ اوطاق يا پئنچات گهرلاءِ مقرر هوندو هو. سانجهيءَ جي نماز پڙهي ڳوٺاڻان ان پئنچات گهر ۾ گڏ ٿيندا هئا. هڪ ماڻهوءَ جو وارو مقرر ٿيل هوندو هو، جيڪو پئنچات گهر ۾ ٽانڊو ٻاري ۽ چُلم تيار ڪري. قهوه ڪاڙهڻ لاءِ هڪ ٺڪر جو ٿانوَ، جيڪو گهگهيءَ وانگر ٺهيل هو، باهه تي پيو ٽهڪندو هو. ان ۾ قهوه، سُنڊ، دالچيني وغيره وجهي ڇڏيندا هئا. پوءِ ٺڪر جون ننڍيون ننڍيون پياليون ڀري ساري جماعت کي پياريو ويندو هو. چلم ۾ وري رٻڙ جو ڊگهو روڙو لڳل هوندو هو، جيڪو سڄي جماعت تان ڦري اچي. چلم به ناريل جي ٻن اڌن کي پاڻ ۾ ملائي، انهن تي چانديءَ جا پَٽَ گن جي ڊزائين تي لڳائي ٺاهيندا هئا. هيٺ رکڻ وارو برج ۽ وات ۾ وجهي ڇڪڻ واري روڙي جي مهاڙي به چانديءَ جي ٺهيل هوندي هئي. باقي ٽوپي ٺڪر جي هوندي هئي. اهو جماعت خانو روزانو سانجهيءَ کان وٺي سومهڻي نماز تائين هلندو هو. باقي جيڪڏهن ڪو وڏو فيصلو يا راڄ جون ڳالهيون وغيره ڪرڻيون هونديون هيون ته اُهي سومهڻي نماز کان پوءِ جماعت خاني ۾ پيش ڪبيون هيون.
*