ٻه اکر
هيءُ ڪتاب “ٻول جو بُڻ” ڊاڪٽر محبت 95-1994ع ڌاري لکي ورتو هو، جيڪو پوءِ نظرثانيءَ لاءِ مانائتي اديب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي گھڻ-گھري محترم سراج الحق ميمڻ صاحب کي پڙهڻ لاءِ ڏنو، جنهن جي راين کان پوءِ، ٻيهر لکڻ شروع ڪيو، جنهن کي مڪمل ٿيندو ڏسندي، ڊاڪٽر صاحب هڪ اڻ پورو ۽ نه موڪليل خط سراج صاحب جن ڏانهن لکيو، جنهن ۾ هن ريت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو:
“‘ٻول جو بُڻ’ نالي لکيل ڪتاب، جيڪو اوهان کي ڏيکاريو هئم ۽ اوهان مهرباني ڪري ڪي صلاحون ڏنيون هيون، ٻيهر لکي پڄاڻيءَ تي پهچائڻ وارو آهيان. هاڻي ته اهو مورڳو ڪو ٻيو ڪتاب ٿي پيو آهي ۽ وڌيڪ علمي پيو ڀانئجي.”
افسوس! ڊاڪٽر صاحب اهو ڪتاب اڻ ڄاتل سببن جي ڪري مڪمل ڪري نه سگھيو، جنهنڪري اڻ پورو رهجي ويو.
ڊاڪٽر محبت جي 1997ع ۾ وفات کان پوءِ، مون جڏهن سندس قلمي ۽ ڇپيل مواد کي سنڀاليو، ته مون کي ٻئي مواد سميت، ‘ٻول جو بڻ’ جي مٿي ذڪر ڪيل فيئر ڪاپي، ان ڪتاب سان واسطيدار ڪجهه باب ثانوي ڪاپيءَ وارا (جيڪي ‘ثانوي حالت ۾ مڪمل ڪتاب’ ۾ شامل ڪندي، ڊاڪٽر محبت شايد ته سراج صاحب جن ڏانهن موڪليا هئا) ۽ ڪجهه مواد ابتدائي صورت وارو مليو ۽ هڪ ڪتابَ ‘ٻوليءَ جو بُڻ’ جي هڪ ڪاپي لڳ ڀڳ مڪمل صورت ۾ ملي.
هتي هيءَ ڳالهه چٽي ڪجي ته ڊاڪٽر محبت پنهنجي مواد کي فيئر ڪندي، اڪثر ڪري اهڙيون نيون ڪاپيون تيار ڪندو ويندو هو، جيڪي اڳئين مواد کان ڪافي قدر وڌيڪ ۽ بهتر مواد تي مشتمل هونديون هيون.
بهرحال، ‘ٻوليءَ جو بُڻ’ جيئن ته وڌيڪ بهتر ۽ نسبتاً مڪمل روپ ۾ مليو هو، تنهنڪري ڊاڪٽر صاحب جي پنجين ورسيءَ تي، 2002ع ۾، ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو ۽ ‘ٻول جو بُڻ’ کي مون صرف ان ڪري ترسايو ته جيئن ان ڪتاب جي سموري مواد تي ڌيان ڏئي جاچڻ ۽ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڇپرائجي، ته جيئن پاڻ کي خاطري رهي ته ‘ٻول جو بُڻ’ نالي سان اهڙو ڪتاب پيش ڪري رهيا آهيون، جيڪو ڊاڪٽر محبت جي ‘سوچ جي ويجھو’ محسوس ٿئي ٿو. ان خيال کي وڌيڪ هَٿي تڏهن ملي، جڏهن مون کي ڊاڪٽر صاحب جي مواد ۾ ‘ٻول جو بُڻ’ جي اها فهرست ملي جيڪا ‘ٻول جو بُڻ جي ثانوي ڪتاب’ واري هئي. ان فهرست منهنجي گھڻي مدد ڪئي، پر هڪ ڏکيائي هئي ته فهرست ۾ شامل ڪيل بابن ۽ انهن جي ننڍن عنوانن جي ترتيب بلڪل اهڙي نه هئي جيڪا ‘آخرين’ ڪاپيءَ واري هئي، ٻيو ته ثانوي ڪاپين وارن بابن جا ڪجهه عنوانَ ۽ موضوع آخرين ڪاپيءَ وارن بابن ۾ شامل ڪيا ويا هئا. تڏهن به، مون ان فهرست کي پنهنجو رهنما بڻايو ۽ ان کي نظر ۾ رکندي ‘ٻول جو بُڻ’ سان واسطو رکندڙ سموري آخرين، ثانوي ۽ ابتدائي مواد کي نظر مان ڪڍي، انهيءَ سهيڙ سان پيش ڪيو آهي، جيڪا ڪتاب جي مڪمل مواد کي، منهنجيءَ ذاتي راءِ موجب، پنهنجي دائري ۾ آڻيندي هجي. تنهنڪري، هي وضاحتون اڻٽر آهن، ته هن ڪتاب ۾:
1. مهاڳُ، باب-1، 2، 4، 5، 6، 7، 8 ۽ 9 آخرين ڪاپيءَ وارا آهن ۽ باب 10 جا مهڙيان ٻه عنوان به آخرين ڪاپيءَ وارا آهن.
2. باب 3 ۽ 11، ٻاڌيو-1 ۽ ٻاڌيو-2 جو مواد ثانوي ڪاپيءَ وارو آهي ۽ باب 10 جي آخري عنوان هيٺ لکيل مواد به ثانوي ڪاپيءَ وارو آهي.
3. باب 12، 13 ۽ ٻاڌيو-3 (جيڪو ان عنوان هيٺ، ڊاڪٽر صاحب جي مواد مان، مون پيش ڪيو آهي، ڇو ته ان جي ترتيب مون کي مواد ۾ ٺهڪندي نظر نه پئي آئي، پر هئي ان ئي ڪتاب جي) ابتدائي ڪاپيءَ وارو آهي.
4. ٽنهي قسمن جي مواد جي مطالعي مان سڄاڻ پڙهندڙ کي محسوس ٿيندو ته مواد جو معيار جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ علمي ۽ تحقيقي ٿيندو پيو وڃي، جيئن اهڙو اظهار ڊاڪٽر صاحب جي ڏنل حوالي ۾ به آهي. ٻيو فرق جيڪو پڻ ڌيان ڇڪائيندو ته آخرين ڪاپيءَ جي ڀيٽ ۾ ابتدائي ۽ ثانوي ڪاپين ۾ حوالن جي ججھائي آهي، جنهنڪري اسان کي آخرين ڪاپي وڌيڪ اتساهيندڙ لڳي ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت جي اعلى فڪري سوچ جي عڪاسي ٿيل آهي.
5. ‘ڪتابسُڌ’، ڪتاب ۾ ڏنل حوالن کي نظر ۾ رکندي، مون جوڙي پيش ڪئي آهي، البت اصطلاحن جي لسٽ جوڙي نه سگهيم.
جڏهن اسين هن ڪتاب جو مطالعو ڪيون ٿا ته اسان کي ڀرپوريت سان محسوس ٿو ٿئي ته ‘ٻول جو بُڻ’ هڪ حيرت انگيز ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌي لفظ بابت اچرج جوڳن نتيجن جا انڪشاف ڪيا ويا آهن. هي ڪتاب يقيناً اسان جي عالمن جو ڌيان لهڻي ٿو ۽ کانئن گُهر ٿو ڪري، ته ضرورت آهي ته اسان پنهنجي تحقيق ۽ ڪڍيل نتيجن تي نظرثاني ڪيون، ته جيئن پنهنجي سنڌي ٻولن جي بُڻ کي صحيح طور کوجي سگهون ۽ پنهنجيءَ ٻوليءَ جي لفظن جي شروعات کان به بهتر طور آگاهه ٿي سگهون.
توهان جي راين جي اوسيئڙي ۾:
رياضت ٻرڙو
22 مارچ 2007ع، قنبر