لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٻول جو بُڻ

هي ڪتاب سنڌي ٻولي جي حوالي سان هڪ اهم ڪتاب آهي. جڏهن اسين هن ڪتاب جو مطالعو ڪيون ٿا ته اسان کي ڀرپوريت سان محسوس ٿو ٿئي ته ‘ٻول جو بُڻ’ هڪ حيرت انگيز ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌي لفظ بابت اچرج جوڳن نتيجن جا انڪشاف ڪيا ويا آهن. هي ڪتاب يقيناً اسان جي عالمن جو ڌيان لهڻي ٿو ۽ کانئن گُهر ٿو ڪري، ته ضرورت آهي ته اسان پنهنجي تحقيق ۽ ڪڍيل نتيجن تي نظرثاني ڪيون، ته جيئن پنهنجي سنڌي ٻولن جي بُڻ کي صحيح طور کوجي سگهون ۽ پنهنجيءَ ٻوليءَ جي لفظن جي شروعات کان به بهتر طور آگاهه ٿي سگهون.

Title Cover of book Boul jo Bun

باب پهريون: ٻولي ڇا آهي؟

ٻولي معنادار اهڃاڻوي آوازن جو هڪ اهڙو سرشتو آهي جيڪو ماڻهوءَ جي سوچ کي مخصوص، گھربل، چونڊيل ۽ رٿيل ترتيب وسيلي اچاري ٻولن جي صورت ۾ ظاهر ڪري ٿو، اهي ٻول ڪن مخصوص شَيُن، لقائن، عملن، مجرد خيالن وغيره جو اهڃاڻ ٿين ٿا ۽ ٻڌندڙ اهو ساڳيو مفهوم پرائي ٿو جيڪو ڳالهائيندڙ جو آهي. ماڻهو پنهنجي ذهن ۾ سوچڻ جو عمل به رڳو تڏهن جيئرو رکي سگھي ٿو جڏهن اهو ٻولن جي صورت ۾ هجي، ان ڪري چيو ويندو آهي ته ٻولي سوچن جو مادائي خول آهي.
• اسان جيڪي به ڳالهايون ٿا تنهن جو تعلق ٻاهرين عملي دنيا جي شين ۽ واقعن سان آهي ۽ انهن جو تعلق علامتي (Symbolical) آهي. گويا اسان جي گفتن ۾ معنى موجود آهي. جڏهن اسين چئون ٿا ته “ڪتو اچي ٿو”، تڏهن لفظ “ڪتو” هوبهو ساڳي شيءِ ناهي پر ان خاص شيءِ جي علامت آهي ۽ انهيءَ علامت مان خاص معنى نڪري ٿي. اهڙيءَ طرح سان “اچي ٿو” هوبهو واقعو ناهي پر ان خاص واقعي جي علامت آهي، جا هڪ خاص معنى کي ظاهر ڪري ٿي. (جتوئي ]1983[ 12)
• ٻولي هڪ اهڃاڻوي عمل (Symbolic activity) آهي. ٻولي رڳو لفظن جي لغوي صورت جو نالو نه آهي، توڙي جو لفظ به ٻوليءَ جو هڪ حصو آهن. ٻوليءَ جو اصل ته اهڃاڻَ ئي آهن. ٻولي ماڻهن جي ڪلچري cultural}، ثقافتي، راهپي{ ڪارڪردگيءَ جو حصو آهي. (ٻوهيو ]1978[ 41)
• انساني ٻولي هڪ اشارائي (signalling) سرشتو آهي جيڪو پنهنجي مادائي
مواد طور واڪل آوازَ ڪم آڻي ٿو. اها ڳالهه ياد رکڻ ڏاڍي ضروري آهي ته بنيادي طرح هڪ ٻولي اها آهي جيڪا ڳالهائجي ٿي (which is spoken). لکيل ٻولي ٻِئيت/ثانوي ۽ اُوَئيَل يا مشتق (derivative) آهي. هر فرد جي تاريخ ۾ لکڻ کان اڳ ڳالهائڻ سکيو وڃي ٿو ۽ اهو ئي هڪ سٺو مثال آهي اِهو سمجھڻ لاءِ ته بلڪل ايئن ئي ڪنهن به قوم/نسل جي تاريخ ۾ پڻ ٿيو هوندو. ڪيتريون ئي آدياتي (primitive، جھوني زماني واريون، اڻ-رچيل) برادريون موجود آهن جن وٽ لکڻ کان سواءِ ئي ڳالهائڻ موجود آهي پر ڪنهن به اهڙي انساني راڄ جي پروڙ نه پئجي سگھي آهي جنهن وٽ ڳالهائجڻ کان اڳ لکجندڙ ٻولي هجي. (باربر ]1982[ 2)
• صورتخطيون به علامتون آهن. انهن جو تعلق به ٻولين سان آهي پر سڌو ناهي. اهي، ٻولين جي علامتن جون علامتون آهن. ٻولين جون علامتون انساني گفتا آهن ۽ انهن گفتن جون علامتون لکيل لفظ آهن. (جتوئي ]1983[ 13)
‘لکت’ ٻوليءَ جي آوازن کي اکرن وسيلي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
ماڻهو جڏهن ڳالهائي ٿو تڏهن سندس ڳالهاءَ ۾ هڪ قسم جو تاثر موجود ٿئي ٿو. هو ڪنهن آواز، ٻول يا جملي کي زور ڏئي شدت، تيزيءَ، کهرائيءَ، ميٺاڄ، حجت، دڙڪي وغيره واري انداز ۾ به ڳالهائي ٿو ته لَس ليٽ عام بياني انداز ۾ يا لانڍ ۽ جھيلار وسيلي پڻ ۽ ڳالهائيندي سندس اکين، وات، هٿن ۽ ڪڏهن ڪڏهن سڄي جسم يا جسم جي ڪنهن حصي جي چرپر ڳالهه جي تاثر کي بيان ڪري ٿي. اهو سڀ ڪجھ اکرن وسيلي ظاهر ڪري سگھڻ ممڪن نه آهي.
لکت سرشتو لاڳيتو اسرندو رهيو آهي. دم (.) ، اڌ دم (،)، هلڪي دم (؛)، ڪولون (:)، ڊئش/خال (.../–)، آواز جي نشانين (“ “ يا ‘‘)، هائفين (-)، سوال ۽ عجب جي نشانين (؟ ۽ !) وغيره کان مدد وٺي لکت کي ان لائق بنائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وئي آهي ته جيئن اها بلڪل اهڙو تاثر ڏئي سگھي جهڙو ڳالهائيندڙ جو آهي.
(1) “ڪتو اچي ٿو.” - عام بياني انداز.
(2) “اَي ڪُتو!”، “هان! ڪتو!” - تعجبي انداز.
(3) “ڪهڙو ڪتو؟” - سوالي انداز.
(4) “ڪتو“ - کهرو يا دڙڪي وارو انداز، ڪتي کان خبردار ڪرڻ يا ڪتي کي تڙڻ/ڀڄائڻ لاءِ.
(5) “ڪتو ~” - لانڍ وارو، نرم يا حجائتو انداز.
مٿي ڏنل پنجن مان پهريَن ٽن تحريري نشانن کان هر هڪ چڱيءَ طرح واقف آهي. چوٿين ۽ پنجين انداز کان به چڱيءَ طرح واقف آهيون پر اهڙا تحريري نشان اڃا نه ٺهيا آهن توڙي جو اچارڻ جو اهو ڍنگ بلڪل عام آهي. تعجبي نشان کي سڏ ۽ ٽوڪ وارو انداز ظاهر ڪرڻ لاءِ به ڪتب آندو وڃي ٿو. اهو سڀ ڪجھ انهيءَ لاءِ آهي ته جيئن هر هڪ لکڻي بلڪل ان طريقي سان پڙهي وڃي جيئن ڳالهائي وئي هئي.
ليکڪ انهيءَ راءِ جو آهي ته ڳالهائڻ جي ڍنگ، رفتار، لانڍ وغيره جو چڱيءَ طرح اڀياس ڪري هر هڪ انداز لاءِ ڌار ڌار تحريري نشان مقرر ڪجن ته جيئن پڙهندڙ ڄڻڪ پڙهڻ سان گڏ حقيقت به ڏسي رهيو آهي.
ڳالهائڻ آوازن تي مشتمل آهي جڏهن ته لکيت اکرن تي. لکت ٻوليءَ جي آوازن کي اکرن وسيلي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش آهي. ٻوليءَ جو هڪ آواز ضروري نه آهي ته لکت ۾ هڪ اکر وسيلي ئي ظاهر ٿئي، ٻه يا ٽي اکر به ڪڏهن ڪڏهن رڳو هڪ آواز جي نشاندهي ۽ نمائندگي ڪن ٿا. ڪي عالم ٻوليءَ ۽ ٻولن جو تجزيو ڪرڻ مهل پنهنجو گھڻو ڌيان ٻول جي آوازن بدران لفظ جي اکرن تي ويڙهائيندا آهن. ليکڪ انهيءَ راءِ جو آهي ته ان نموني درست نتيجن تي پهچي سگھڻ ممڪن نه آهي. ٻولي آوازن جو اهڃاڻي معنى رکندڙ منظم سرشتو آهي تنهنڪري ٻوليءَ ۽ ٻول جي پرک لاءِ بنيادي اهميت آواز جي آهي.