باب ٽيون : لکت سرشتو
جَـجھروپ (Pleistocene) زماني جي عظيم بارفي ڄمارن (Great Ice Ages) دوران اسان جي ماڻهو وڏڙن ‘پراڻِي پاٿر ڄمار راهپ’ (Old stone age culture) قائم ڪري ورتي: انهن آڱار وکــرَ (flint tools) ۽ پوءِ هڏي، عاج ۽ سڱ جا وکر ٺاهيا؛ انهن باهه ٻارڻ سکي ورتي ۽ پنهنجو کاڌو سيڪي/ڀُڃِي کائيندا هئا؛ انهن وڏن جھنگلي جانورن جو شڪار ٿي ڪيو. ظاهر آهي ته اهو ڪم ڪنهن اهڙي طريقي سان ٿي سگھيو پئي جنهن ۾ سهڪار (co-operation) ۽ سهرِٿ (co-ordination) جي گھرج هئي.
جيئن جيئن سندن مادوائي راهپ (material culture) هوري هوري سڌرندي وئي، اهي فن ۾ ماهر ٿيندا ويا ۽ هڏن ۽ پٿرن تي ٽُڪ (carving) ۽ اُڪر (engraving) جو ڪم ڪرڻ ۽ گڦائن جي ڀتين تي جانارن جون اچرج جھڙيون وڻندڙ تصويرون چٽڻ لڳا. انهن، جھوپَـهـڻِـي (Palaeolithic) راهپ جي خالق ماڻهن بابت اهو سمجھڻ ته انهن ڳالڻ نه پئي ڄاتو، هڪ اهڙي ڳالهه هوندي جنهن تي ڀروسو نه ٿو ڪري سگھجي. سڀ کان اوائلي آڱار هٿيارن کان ويندي ديرائت (Late) ‘پراڻي پاٿر ڄمار’ جي شاندار فن ۽ هنر تائين (پهريان کهرا/مُڏا سِڌا آڱار وکر شايد ڪي 10-لک ورهه اڳ ٺهيا، جڏهن ته پراڻِي پاٿر ڄمار جي ماڻهن جون عمديون حاصلات 1-لک ورهه ق م کان پوءِ جون آهن). ان سڄي عرصي دوران، اوائلي انساني ٽولن جِي انتهائي آڳاٽِي اَرِچ ۽ محدود ٻوليءَ کان ويندي پراڻي پاٿر ڄمار جي ڦُلڻ واري زماني تائين پوريءَ طرح اسريل ٻوليءَ بابت تصور کي تازو رکي سوچي سگھجي ٿو، ته ايڏي عرصي ۾ ٻولي هوري هوري ۽ لاڳيتو ڪيئن اسري هوندي.
ٻولي پنهنجي ابتدائي زماني ۾ ڪيئن نسري ۽ اسري هوندي، ان بابت مختلف عالم ۽ ٻوليڄاڻڪ (Linguists) ڌار ڌار قسم جا نظريا رکن ٿا. انهن نظرين کي بو - وو (هو هو/وو وو) نظريو (The Bow-Wow Theory)، پُوھ - پُوھ (ڦُوھ ڦُوھ/آھ آھ/واھ واھ) نظريو (The Pooh-Pooh Theory)، ڊِنگ - ڊانگ (ٽِڻ ٽِڻ/ڊَم ڊم) نظريو (The Ding-Dong Theory)، يُو – هِي - هُو نظريو (The Yo-He-Ho Theory)، اشارڪ (اشارن وارو) نظريو (The Gesture Theory)، سُر -تار وارو (گيتڪار/ميوزڪدار) نظريو (The Musical Theory) ۽ لاڳاپ (ميل جول وارو) نظريو (The Contact Theory) جي نالن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. فطري آوازن وارو نظريو بابت سراج صاحب جن پنهنجي ڪتاب ‘سنڌي ٻولي’ ۾ ذڪر ڪيو آهي. اهي سڀ نظريا هڪ حد تائين ٻوليءَ جي ابتدا جي وضاحت ڪن ٿا ۽ سڀني ۾ ڪي نه ڪي چڱا ۽ لڱا پاسا موجود آهن.
ٻنگارپَـهڻي/ٽاماپهڻي (Aeneolithic/Chalkolithic) يعني ڪِنجھي يا ٽامي واري دور کان اڳ وارين ٻولين بابت ڄاڻ هيل تائين هٿ نه ٿي سگھي آهي، ان ڪري لڳ ڀڳ 7-هزار ق م کان اڳ وارين ٻولين بابت اڄ جو عالم، هن وقت رڳو مفروضن تي ئي سوچي سگھي ٿو. لکڻ جو عمل، ميَسر شاهدين موجب، اڄ کان ڪي وڌ ۾ وڌ 7-هزار ورهه اڳ واري عرصي دوران شروع ٿيو.
آڳاٽن ماڻهن پنهنجي فنڪار ذهن جي تخليقن کي ٽَڪرين، ڇِپن، پٿرن، گڦائن جي ڀتين وغيره تي تصويرون چٽڻ، هڏي ۽ عاج تي نقش ڪورڻ يا خاڪا کُرچڻ وغيره وسيلي ظاهر ڪرڻ شروع ڪيو. هن نرم پٿر کي گھڙي مُورت جي شڪل ڏني ۽ چيڪي مٽيءَ مان اهڙا مجسما ٺاهيا جن ۾ سندن ذهني فنڪاريءَ جو اولڙو نظر اچي ٿو. جڏهن جانار-پالنا وڌي، پوکي راهي ججھي ٿي، ڏيتي ليتي ۽ ٻيو وهنوار وڌيو، تڏهن فيصلا ۽ وعدا ياد رکڻ جي عملي گھرج وڌي. تڏهن اهو ڪم پهريائين پهريائين انهن تصويرن، چِٽن، نقشن، خاڪن، اڪرن ۽ مورتن کان وٺڻ شروع ڪيو ويو، پر ان هوندي به ان کي لکڻ چئي نه ٿو سگھجي.
جيئن جيئن پيغام رساني، ڏيتي ليتي ۽ ريڪارڊ رکڻ جو ڪم وڌيو تيئن گھڻين تصويرن، خاڪن وغيره جي گھرج وڌندي وئي جنهنڪري تصويرن کي سادي صورت ۾ آڻڻو پيو. انهن جي سڃاڻپ ۽ انهن سان واسطيدار مطلب ۽ مفهوم عام ٿيندو ۽ گھڻن ماڻهن جي سمجھ ۾ ايندو ويو. تصويرون ۽ خاڪا مختصر ٿيندا ويا ۽ نيٺ ڪا هڪ مخصوص ۽ مختصر شڪل ڪنهن هڪ مخصوص جملي، ٻول (لفظ)، پَد ۽ پوءِ نيٺ وائيي/صوتيي (phoneme) لاءِ مخصوص ٿيندي وئي، جيڪي هوري هوري ٻوليءَ جو وڙ (item) ٿي پيا.
حقيقي اوائلي لکيت (script) جا شايد پهريان عنصر ڏکڻ ميسوپوٽاميا (Mesopotamia، عراق) ۾ سُميري ماڻهن سڌاري سنواري پيش ڪيا. سميري ڪاتبن (scribes) نَڙ (read) جي ڪِلڪ (stylus) سان چيڪي مٽيءَ جي تختين تي لکڻ شروع ڪيو. ظاهر آهي ته ڪلڪ جي رهڙ سبب مٽي کُرڙبي هوندي ۽ تصوير يا خاڪو ڪي قدر اڍنگو ٿي پوندو هوندو، ان ڪري ڪاتبن وڌيڪ سولو اهو سمجھيو ته ڪلڪ وهائڻ بدران چُڀائڻ گھرجي. ڪلڪ جي چُک جا هڪ ٻئي ويجھو چُڀڪا ڪري انهن گھربل تصوير يا خاڪو جوڙي ورتو پئي ۽ پوءِ انهن تختين کي باهه ۾ پچائي ٺڪر کي هڪ سنَد طور محفوظ رکيو پئي. مٽيءَ تي وِڌل اهي وَڍ/چُگھ ڄڻڪ ڪنهن ڇيڻيءَ، چَپر يا ميخ (ڪوڪي) جي چڀڪي/گُھچڪي جي ڏِک ڏين ٿا، ان ڪري لکت (writing) جي ان انداز کي ميخي خط، ڇيڻي-صورت يا چَپرائين (cuneiform) لکيت سڏجي ٿو.
هر تصوير يا خاڪي لاءِ وَڍَن/چُگھن جي ڳڻپ هوري هوري وئي گھٽبي ۽ نشان وڌيڪ عام ٿيندا ويا، تان جو تصوير/خاڪي ۽ ان جي نشانن وچ ۾ ڪا به هڪجھڙائي نه رهي. بابلي (Babylonian) ۽ اشوري (Assyrian) ماڻهن، جيڪي سامي (Semite) هئا ۽ اڪادي (Accadian) سڏيا وڃن ٿا، ترت ئي ميسوپوٽاميا جي ان حصي ۾ اقتدار تي قبضو ڪري ورتو، جنهن تي سميرين جي سَرندي هئي. انهن سميرين جي لکيت کي سڌاريو ۽ اها سڌريل صورت هوري هوري وئي پکڙبي ۽ وسيع ٿيندي.
مٽيءَ جي تختيءَ تي لکڻ کان اسري پَئپارِس (هڪ قسم جو وڻ ۽ ان جو پَن) ۽ چَم تي قلم ۽ برش وسيلي لکڻ لاءِ لکڻ جو اهو چڀڪيدار ڍنگ قابل قبول نه هو. هاڻي ور وڪڙ يا ونگدار لکت جي گھرج هئي جيڪا ڪُنڊائتي/چپرائين لکت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سولي ۽ تيز رفتار ٿئي ٿي. لکت جو اهو انداز مصر (Egypt) ۾ ملي ٿو. بڻائتي (original) مصري لکيت (لڳ ڀڳ 3-هزار ورهه ق م) تصويري آهي ۽ ان کي پوترکيڙي (؟) (هيروگلائفڪ، Hieroglyphic، پاڪ/پوتر اُڪر واري) لکت چوندا آهن ─ اهو اصطلاح يونانين ٺاهيو ۽ انهن سمجھيو پئي ته مصرين اها لکيت مذهبي نوشتن/ڪَتبن (inscriptions) لاءِ ڪم آندي هئي. جيئن ته لکت جا وڏا مرڪز واسطيدار عبادتگاهه ۽ وڏا ڄاڻو اتي جا پروهت هئا تنهنڪري انهن پنهنجي عام وهنوار لاءِ لکت جو نئون ڍنگ اساريو جنهن کي پروهتائي (هيراٽڪ، Hieratic، پروهتن واري) لکت سڏجي ٿو جنهن مان وري، 7-سَو ق م ڌاري، جمهورائي (ڊيماٽڪ، Demotic، عام ماڻهن واري) لکت نسرڻ لڳي.
تصويري لکت مختصر ٿيندي ٿيندي مخصوص ٻوليائي صورت تي پهچڻ لاءِ جيڪي ڏاڪا طيءِ ڪيا، اهي ڏاڍا اهم آهن.
پهريائين هر تصويري نشان/خاڪو هڪ جملي يا ٻول (لفظ) کي ظاهر ڪندو هو. “وڌائي اڳتي ڪيل هٿ جي نشان” جو مطلب هو “تو/توهان ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌائجي ٿو.” آڳاٽيون سميري لکتون ڪن شين جا نالا آهن. هڪ ڍڳي جي خاڪي ڀرسان ٽن آڱرين (هڪ آڱر جو نشان برابر ڏهه هزار) ۽ ٻن ڪنول گلن (هڪ ڪنول گل جو نشان برابر هڪ هزار) واري تصوير جو مطلب ٿيو: “ٻٽيهه هزار ڍڳا.” ڍڳي جي مُنڍي جو خاڪو ۽ ان ڀرسان چار اڌ-گول ─ “چار ڍڳا.”
“علم لسان ۽ سنڌي زبان” تان ڪجھ ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا جيڪي گھڻي ڀاڱي سَر ليونارڊ وُولِي (Wooley) جي ڪتاب “دي بِگنِنگس آف سوِلائيزيشن” تان ورتل آهن.
• سميري زبان ۾ بنيادي پد لفظ هئا يعني هڪ پدا لفظ هئا جن جي ميلاپ سان ٻيا نوان مرڪب لفظ ٺهندا هئا. انهن بنيادي لفظن جو تعداد پنج سوَن کان ڇهه سوَن تائين هو. (ص 207)
• بئبيلان }بابل{ وارن جڏهن سميرين واري تحريري طرز اختيار ڪئي تڏهن لفظن جي مختلف صيغن لاءِ کين دقت درپيش آئي ڇو ته سندن زبان صرفي (inflective }ڦيرائڪ{) هئي. ان اوڻائي جي پورائي خاطر بئبيلان وارن کي نوان نشان مقرر ڪرڻا پيا جيڪي پدن جي نمائندگي ڪندا هئا، پر اهي پد، لفظ نه هئا... ائين غير لفظي پد وجود ۾ آيا. تنهنڪري سميري لکت جو بنياد لفظن تي ٿيو ۽ اڪادي (Akkadian) لکيت جو دارومدار پدن تي پيو (بئبيلان وارن کي اڪادي قوم سڏبو هو). (ص 207)
• جنهن وقت سميرين جي لکڻي لفظي منزل اڪري بئبيلان ۾ پدائتي {Syllabic} پد (درجي، منزل، Grade) تي پهتي تنهن وقت کان پوءِ مصرين پنهنجي تحرير پدائتي منزل سان شروع ڪئي. (ص 210)
• قديم مصري زبان ۾ ‘رَ’ يا ‘را’ (ra) جي معنيٰ هئي ‘وات’، جنهن جو نشان هو . پوءِ اهو نشان رڳو ‘ر’ (ري) آواز لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. (ص 211)
هتي ٻه ڳالهيون ياد رکڻ جھڙيون آهن. (1) سميري ٻولي جا ٻول/ لفظ يڪپدا (monosyllabic) هئا ۽ اهي بنياد يا پيڙھ هئا، ۽ پد سان پد ملي نئون لفظ ٺهندو هو. (2) هڪ سڄي ٻول لاءِ مقرر نشان هوري هوري گھٽجي وڃي هڪ اکر جو نشان ٿيو. اکر جو نشان ٿيڻ کان اڳ اهو هڪ مڪمل وائڄڻ (وائل سمائي رکندڙ وائڄڻ، consonant with vowel) آواز جو نشان هو. سراج صاحب جن موهن دڙي جي جن مهرن جي پڙهڻي مقرر ڪئي هئي انهن جي اڪثر نشانين جو ملهه “... (ڪو به حرف صحيح) + حرف علت” ڄاڻايو هو (“سنڌي ٻولي”، ص 138) ۽ اها ڳالهه مٿي ڏنل مصري ٻولي واري مثال سان هم آهنگ آهي. ان ئي مثال جھڙو هڪ ٻيو ٽڪرو هيٺ ڏجي ٿو جيڪو ان ڳالهه کي ڪجھ وڌيڪ چٽو ڪري ٿو.
• قديم مصري لکت پڻ پدائتي سرشتي تائين اسري آئي ۽ حقيقي الف-ب واري (Alphabetic) لکت اسارڻ لاءِ خصوصي حيثيت جي حامل هئي }يعني هڪ اهڙي لکيت هئي جنهن وٽ وائيا/صوتيا/فونيمس ظاهر ڪندڙ نشان موجود هئا{. مصري سرشتي بابت اهم شيءِ اها هئي ته ان ۾ وائل (vowel) ڄاڻايل (ظاهر ڪيل) ڪو نه هئا. ڪيترائي نشان (لڳ ڀڳ 80) ٻن وائڄڻن (consonants) جي ٽولي ۽ سندن جيڪي به وائل هئا }يعني ٻه-اکري پد{ لاءِ ڪم ايندا هئا. مثال “گَھر” (پار، Par) لاءِ نشان pr (پ ر) هو ۽ ان جا اچار par (پار)، per (پر)، epr (اِپۡـــرۡ/ايـپۡـــرۡ)، epra (ايپرا) ۽ اهڙي قسم جا ٻيا ڪيترائي هئا. پر چوويهه نشان اهڙا هئا جيڪي رڳو هڪ وائڄڻ ۽ ان جي وائلن لاءِ مخصوص هئا. جيئن وات جو نشان (ra) هڪ وائڄڻ ‘ر’ (r) لاءِ به ڪم ايندو هو ته ان جو مطلب ra (رَ، را)، ar(ارۡ)، re (ري)،er (اِرۡ/ ايرۡ) ۽ اهڙي قسم جا ڪيترائي اچار هو. جڏهن ڀُونوِچ (Mediterranean) جي اوڀراون ڪنارن ويجھو رهندڙ اولهه سامي (West Semite) ماڻهن هڪ لکيت اساري، تڏهن مصرين جا رڳو 24 نشان کنيائون. بنيادي طرح اهو هڪ پدائتو سرشتو هجڻ گھرجي جنهن ۾ موجود نشانن مان هر هڪ ڪيترن ئي ممڪن ٺهي سگھندڙ پدن جي بدران ڪم ايندو هو، جيئن مصري ra، er، re وغيره؛ پر حقيقت ۾ اها نج الفابيٽ سرشتي سان رسمي طرح هڪجھڙي (identical) هئي جنهن ۾ رڳو وائڄڻَ لکيل آهن ۽ وائل لکيل ناهن. (باربر ]1982[ 45)
سنڌي ٻوليءَ جي مروج الفابيٽ ۾ ‘پ’ جا آواز گھٽ ۾ گھٽ ‘پَ’، ‘پِ’ ۽ ‘پُ’ ٿي سگھن ٿا جڏهن ته ‘پٽ’ جي پڙهڻي پُٽۡ، پَٽۡ، پِٽۡ، پُٽُ، پَٽُ، پِٽِ، پُٽَ، پَٽَ، پِٽَ، پِٽِ وغيره ٿي سگھي ٿي. سراج صاحب جن پاران مقرر ڪيل پڙهڻي ۾ اهڙو ڪو به مثال نه ٿو ملي جنهن جو مطلب ‘حرف علت + حرف صحيح’ هجي جيئن ar ۽ er جا مثال آهن يعني اکري نشان ته هڪ هجي پر ان جي اچار ۾ پهريائين وائل ۽ ان جي ڪڍ وائڄڻ آواز هجي.
• ڇاڪاڻ ته مصري تختين ۾ ٻن اکرن وارا گڏيل نشان اٽڪل 250 هئا تنهنڪري سندن لکيت کي بلڪل اکري چئي نه ٿو سگھجي. البت انهن ۾ هڪ اکري نشانن جو تعداد ٻه درجن کن هو جيڪي خاص نشانن لاءِ اکر ٿي ڪم اچڻ لڳا. ائين اکرن جي الڳ وجود جي ابتدا ٿي جيڪا مصرين ۾ مڪمل نه ٿي ڇو ته غير شعوري هئي. (جتوئي ]1983[ 211)
• شام جي سامونڊي ڪناري تي }رهندڙ{ فونيشي }اولهه سامي{ واپارين جڏهن ڏٺو ته هيرو گلائفي نشانن ۾ هڪ اکرا پدَ {Syllables}، سُر {Vowel} آوازن جي نشانن کان سواءِ موجود آهن ۽ محض اکر ٿي ڪم اچي سگھن ٿا تڏهن انهن مان صرف 24 نشان اخذ ڪيا جن جو واسطو نه صورتن سان هو ۽ نه سُر }وائل{ آوازن سان؛ ۽ انهن کي مختلف وينجن }وائڄڻ{ آوازن لاءِ استعمال ڪيائون ۽ انهن کي سڏيائون “الف-بيت”. فونيشي واپاري، جن جي ٻولي آرميني هئي، سي سامي قوم جا هئا. (جتوئي ]1983[ 212)
• اُگارت (Ugarit) جي ماڻهن جيڪو ميخي لکيت جو نمونو ايجاد ڪيو تنهن ۾ بئبيلاني صورتختي کي سادو ۽ سولو ڪيو ويو. ان ۾ 30 نشان هئا جيڪي سچ پچ ته اکري هئا. انهن مان 27 نشان بئبيلان وارا ميخي هئا جيڪي مصمت يعني وينجڻ }وائڄڻ{ هئا ۽ باقي ٽي (3) سُر }وائل{ آوازن جا نشان هئا. تحرير جو اهو نمونو هُري توڙي سامي ٻولين لاءِ ڪم ايندو هو. (جتوئي ]1983[ 212)
• تحرير جي تاريخ ۾ فقط هڪ ڀيرو ائين ٿيو آهي ته اها پدائتي {Syllabic} پد (درجي) }منزل{ مان ترقي ڪري اکرن جي منزل تي پهتي. اهي سامي ڪاتب هئا جن تحرير جي فن کي اکرن جي منزل تي آندو. انهيءَ “الف-بيت” اکرن مان مشرق بعيد }ڏور اوڀر، {Far East جي تحريرن کان سواءِ دنيا ڀر جي لکيتن جا اکر پيدا ٿيا. (جتوئي ]1983[ 213)
• آخري وک، ته وائلن لاءِ مقرر ۽ باقاعدي نشان هجن، يونانين کنئي جڏهن انهن الفابيٽ اختيار ڪئي. فونيشين جا ڪي وائڄڻ آواز يوناني ۾ موجود ناهن ۽ انهن جھڙن نشانن کي يوناني ماڻهو وائل طور ڪم آڻيندا هئا. مثال، اولهه سامي الفابيٽ جو پهريون اکر، جيڪو هڪ ڍڳي جي تصوير تان ورتل آهي، الف (Aleph) هو ۽ ھ (h) قسم جي آواز لاءِ ڪم ايندو هو (...)؛ ان زماني جي يونانين اهو آواز ڪم نه ٿي آندو، ۽ اهو اکر الفا (alpha) ڪري کنيو جيڪو a (اي) وائل آواز جي نمائندگي ڪندو هو. (باربر ]1982[ 45-46)
• يوناني روايت موجب 1500 سال قبل مسيح چادميوس (Cadmus) نالي شخص فونيشيا مان الفابيٽ (Alphabet) کي يونان ۾ آندو. انهيءَ يوناني الفابيٽ مان ايٽرسڪن (Etruscan) الفابيٽ نڪتي جنهن مان وري رومن ...}۽ ان مان{ يورپ جون الفابيٽون نڪتيون.
فونيشي “الف-بيت” اکرن مان عربي “الف-با” نڪتا جيڪي ساري اسلامي دنيا جي ٻولين ۾ ڪم اچڻ لڳا... (جتوئي ]1983[ 213)
• جامدت نصر (Jamdat Nasr) واري دور ۾ جڏهن سميري تحريري طرز کي صوتياتي ٿي بنايو ويو تڏهن ايران ۾ به اوائلي ايلمتي (Elamite) لکيت وجود ۾ آئي. (جتوئي ]1983[ 208)
• عالمن جي راءِ موجب قطعي طرح سان اهو ثابت ڪري نه ٿو سگھجي ته هندين (سنڌين) سميرين کان لکڻ جو فن حاصل ڪيو مگر ان ڳالهه جو گھڻو امڪان به آهي. انهن عالمن جي اها به راءِ آهي ته جيئن گھڻو پوءِ اتر هندستان جي آرين ۾ پنهنجي براهمي لکيت کي پيدا ڪرڻ جو ذوق آرميني ماڻهن جي رسم الخط کان واقف ٿيڻ کان پوءِ پيدا ٿيو تيئن سنڌين کي به عراقين جي لکيت ڏسڻ کان پوءِ پنهنجي تحريري طرز پيدا ڪرڻ جو }خيال{ جاڳيو... (جتوئي ]1983[ 209)
• سنڌ (هند) جي ماڻهن کي اسان نجوم ۽ حسابن ۾ گھڻو اڳتي ڏٺو. انهن جو هڪ خاص سنڌي (هندي) خط آهي... (الانا (1969) 17، جاحظ جي حوالي سان. 864ع/ لڳ ڀڳ 250 هجري)
ان سنڌي الف-ب جي صورتخطي ڪيئن هئي، تنهن بابت ليکڪ کي ڄاڻ نه آهي. سنڌي ٻولي جا لفظ لکڻ لاءِ گرمکي، خواجڪي، ديوناگري، خداوادي، شڪارپوري، ساکرو (سکر واري)، ٺٽائي، لاڙائي، ونگائي، راجائي، ميمڻڪي، سيوهاڻي وغيره لَپيون پڻ ڪم اينديون هيون. مخدوم ابوالحسن جي جوڙيل لپي بابت به سڀني کي ڄاڻ آهي. اڄوڪو مروج سنڌي رسم الخط عربي-فارسي تان ورتل ۽ ڪجھ اکرن ۾ واڌارا ڪري ٺاهيل آهي.
جيئن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد، اوسر ۽ تبديلين بابت هڪ مونجھارو موجود آهي تيئن آڳاٽي سنڌي لکيت بابت به ڪا پڪي پختي، طيءِ ٿيل راءِ موجود ناهي.
• ڊاڪٽر ڪريمر (Crammer) آمريڪا ۾ سُميريالاجي (Sumeriology) جو وڏو ماهر ۽ ڄاڻو سمجھيو وڃي ٿو. هن سمير جي تختين وارين لکيتن کي پڙهي، اهو نظريو پيش ڪيو آهي ته سميري تمدن جا انسان، جنهن ‘دلمون’ ملڪ جي ساراهه مان ڍاپن ئي نه ٿا ۽ بار بار ان کي ديوتائن جو ملڪ چون ٿا، سو لاشڪ موهن جي دڙي وارو ملڪ هو. (سراج ]1964[ 23-24)
سراج صاحب جن جي راءِ موجب “سنڌو تهذيب سميري تهذيب جو سرچشمو هئي.” (ص 25)
• ... سنڌو سان واسطيدار لڳ ڀڳ 40 ڪتبا (inscriptions، نوشته) ويجھي اوڀر (Near East) مان لڌل آهن. انهن مان ڪي سنڌو تهذيب جي کولَ (discovery) کان به گھڻو اڳ لڌيون ويون هيون جيڪي عوام جي ڄاڻ لاءِ پهريون ڀيرو سَر جاهۡن مارشل (Marshall) ‘اِلسٽريٽيڊ لنڊن نيوز’ ۾، 20-سيپٽمبر 1924ع، ڇپايون... هڪ هفتو پوءِ ‘السٽريٽيڊ لنڊن نيوز’ اي.ايڇ. سائيس (A.H. Sayce) جو هڪ مختصر خط ڇپيو جنهن سنڌو مهرن ۽ ٺڪر جي ٿانون کي سوسا (susa) مان لڌل آڳل-ايلمائيٽ (Proto-Elamite) تختين ۽ ٻين پڪل ٿانون (ceramics) سان ڀيٽيو هو ۽ دليل ڏنا ته اهي عملي طرح هڪجهڙيون هيون. ان کان هڪ هفتو پوءِ ساڳئي جرنل ۾ سي.جي. گاد (C.J. Gadd) ۽ سڊني سمٿ (Smith) جو مضمون (paper) شايع ٿيو، جنهن موجب انهن سنڌو ۽ ميسوپوٽاميائي سڀيتائن جي وچ ۾ ڪيترين ئي شين جون ڀيٽون (comparisons) ڪيون ۽ انهن کي ان بنياد تي }ٻنهي سڀيتائن جي وچ ۾{ ويجھي ناتيداريءَ جي شاهديءَ طور قبول ڪيو. وڌ ۾ وڌ ڪو هڪ ورهه پوءِ ايل.اي. واڊيل (L.A. Waddell) جو 146 صفحن وارو ڪتاب “دي انڊو-سميرين سِيلز ڊِيسِفَرڊ” (حل ڪيل سنڌو-سميري مهرون) شايع ٿيو، جنهن جو هڪ ننڍو عنوان “سنڌو ماٿر جي سميرين کي فونيشين (Phoenician)، بَرات (Barats)، گوٿ (Goths) ۽ مشهور ويدي آرين (Vedic Aryan) طور کوجڻ” ٻڌائي ٿو. }اصطلاح “انڊو-سميرين” سنڌو ۽ سمير جي وچ ۾ گھاٽا ناتا ڏسندي مارشل ڪم آندو هو ۽ پوءِ ان ۾ ڪي ڪمزوريون ڏسي پاڻ ئي ترڪ ڪيو هو{... گذريل ڏهاڪن ۾ هوري هوري چِٽو ٿيندو آيو آهي ته سنڌو سڀيتا پاڻ سان ويجھي ناتيداري ۽ مقامي طرح ٿورو فرق رکندڙ اوائلي سنڌو راهپن (Early Indus Cultures) جي ڪنهن هڪ شاخ جو ڦوهه جواني (جوڀن) کي رسڻ جي نتيجي ۾ اسري آهي. اوائلي سنڌو راهپون لڳ ڀڳ ان ساڳي ئي ايراضيءَ ۾، ٽي هزار کان اڍائي هزار ورهه ق م تائين ڦُلاربيون رهيون. اهي اوائلي وِچـپَهڻي (Mesolithic) ۽ نَوپَهڻي (Neolithic) روايتن (traditions) مان ڏکڻ ترڪمانستان (Turkmenistan) ۾ ٻنگارپهڻي راهپن جي اوڀرائين پاسي واڌ/پکڙجڻ کي ظاهر ڪن ٿيون جيڪي اولهائين ايران ۽ ميسوپوٽاميا جي ڀيٽ ۾ خودمختار هيون توڙي جو ان پاسي کان به اثر ورتائون. ڦلارجندڙ ترڪماني سڀيتا جي واڌو آباديءَ هوري هوري اوڀر پاسي جياسڪي اُر (Geoskyur) واري نخلستان، سيستان (Seistan)، ڏکڻ اوڀرائين افغانستان، اترئين بلوچستان ۽ سنڌو ماٿري ڏانهن لڏڻ شروع ڪيو. ڀِـڙاڄاڻِي شاهديون (Archaeological parallels) ۽ ريڊيو-ڪاربان چڪاس کان پوءِ سڌاريل سَن چوٿين هزارين ق م جي پڄاڻي ۽ ٽئين هزارين ق م جي ابتدا وارن ورهن دوران مضبوط راهپي (Cultural) ۽ معاشي (Economic) لاڳاپن کي پڌرو ڪن ٿا... 3 هزار کان اڍائي هزار ق م دوران صورتحال تبديل ٿي وئي، وسيع سنڌو علائقو راهپي طرح ترڪمانستان کان ڌار ٿي ويو ۽ ان جا راهپي لاڳاپا ڏکڻ-اولهه ۽ ميسوپوٽاميا ڏانهن لڙي ويا... سنڌو لکيت جيڪڏهن ڪنهن ٻيءَ لکيت سان ناتو رکي ٿي ته اها هر طرح آڳل-ايلمائيٽ ئي آهي جيڪا اوڀر ۾ ويندي تيپ يحى (Tape Yahya) سان ڳنڍيل آهي جنهن سان اوائلي سنڌو راهپون لاڳاپي ۾ هيون جيئن موهن دڙي ۾ درآمد ڪيل صابڻ-پٿر (Steatite) مان ٺهيل صراحيون (vases) ڏيکارن ٿيون. پر ائين ٿو ڀانئجي ته سنڌو لکيت، جيستائين حقيقي تصويري خاڪن جو تعلق آهي، گھڻي ڀاڱي خودمختار تخليق آهي.
(آسڪو پرپولا، “رِيسينٽ ڊيوِلپمينٽس اِن دي اسٽڊي آف انڊس اسڪرپٽ”، ‘سنڌ ٿرو سينچريز’، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، 1981ع)
سنڌو لکيت جيڪڏهن هڪ خودمختار لکت آهي ته پوءِ سراج صاحب جن جي راءِ هڪ سگھاري دليل جي حمايت ماڻي وٺي ٿي. سراج صاحب جن جي پرک ٻڌائي ٿي ته سنڌو لکيت ۾ ڪي تصويري خاڪا اهڙا آهن جيڪي هڪ سڄي لفظ جي نمائندگي ڪن ٿا، جيئن ‘ڪوٽ’ جو تصويري نشان آهي ۽ ڪي خاڪا هڪ پد جي به نمائندگي ڪن ٿا (پوءِ اهو پد ٻه-اکرو هجي يا هڪ-اکرو) ته هڪ وائڄڻ آواز يا اکر جي به. انهيءَ تحرير ۾ البت ڪنهن وائل آواز جو اکري نشان نشانبر ڪيل ناهي جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته اها پنهنجيءَ اوسر جي ان سطح تي هئي جنهن تي مٿي ڄاڻايل ٽڪرن ۾ سميري ۽ مصري لکيتون هيون.
آسڪوپرپولا ۽ سندس ساٿي، روسي عالم يورِف نوروزوف (Yurijv Knorozov) ۽ سندس ساٿي ۽ ڪيترائي ٻيا عالم سنڌو لکيت کي دراوڙي ٻولي جي حوالي سان پرکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ايم ايڇ پنهور صاحب جن جو خيال آهي ته آڳاٽي سنڌي ٻولي ۾ دراوڙي اثر رڳو 20-سيڪڙو مس هوندو ۽ باقي 80-سيڪڙو ڏکڻ ايران سان واسطو رکي ٿو، جيڪي سامي نه هئا پر سُوسا جا ايلمائيٽ هئا. (ڏسو سندن ٻه مضمون “سنڌ جون ٻوليون” ۽ “سنڌ جي ٻولي”)
هينري هيراس (Henry Heras) سنڌو لکيت کي دراوڙي سمجھي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن سنڌو مهرن ۾ هر خاڪي کي هڪ لفظ جو اهڃاڻ ٿي سمجھيو ڇو ته سندس خيال موجب، ٻين سببن سان گڏ هڪ سبب هي به هو ته ٽئين هزارين ق م جي سمورن ڄاتل لکت سرشتن جو نمونو اهو آهي جنهن کي ٻولَ-پدائتو (Logo-syllabic) سڏجي ٿو، ٻئين هزارين ق م ۾ گھڻي ڀاڱي پدائتو (syllabic) آهي ۽ آخري هزارين ق م ۾ الفابيٽ وارو آهي. هن پڌرو ڪيو ته موهن دڙي مان لڌل مهرن تي پيل نشان پدن سان ٺهڪي نه ٿا اچن ۽ اهي وائڄڻ آواز جا نشان هجن، ان جو امڪان اڃا به گھٽ آهي تنهنڪري اهي هڪ مڪمل ٻول/لفظ کي پيش ڪن ٿا. (ڏسو آسڪو پرپولا وارو مضمون)
مسٽر هنٽر (Hunter) مسٽر لئنگڊن جي پوئواري ڪندي (جنهن بروهڪي لکت کي سنڌو لکيت جي پوئيَر سڏيو هو) ڪجھ نشانن کي وائل جو اهڃاڻ سمجھيو هو. پر ڪي عالم انهيءَ خيال جا به آهن ته سنڌو مهرن تي وائيا (phonemes، صوتيا) نقش ٿيل آهن (حوالو ساڳيو). اهڙيءَ طرح سنڌو لکيت کي پڙهڻ جي معاملي ۾ ڪيترائي مونجھارا ڪَر کڻي بيهن ٿا: مختلف نشانن کي ڪو عالم ٻول/لفظ جو نمائندو ٿو سمجھي ته ڪو پد يا وائيي (phoneme) جو ۽ ڪجھ نشانن کي وائل جو اهڃاڻ سڏيو وڃي ٿو.
پنجويهن ورهن جي پورهيي ۽ ڪمپيوٽر ۽ ٻين جديد وسيلن جي واهر کان پوءِ ڪن عالمن سنڌو مهرن تي گھڻي کان گھڻي نظر ايندڙ نشان کي “مڇي”، دراوڙي ۾ = مِن (min) پڙهيو آهي ۽ ان کي هڪ وک اڳتي قرار ڏيندي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. هي ليکڪ حيرت ظاهر ڪرڻ جي حيثيت ۾ ناهي، البت ايترو اوس چوڻ گھري ٿو ته ان ساڳي ئي نشان کي سراج صاحب جن، 1964ع ۾، جيڪڏهن “مڇي” پڙهيو ۽ “م + حرف علت” جو نمائندو سڏيو ته ڇو اها ڳالهه قبول ڪرڻ بدران کين تنقيد جو نه پر ٽوڪ جو نشان بنايو ويو؟
• موهن جي دڙي ۾ جتي ڪٿي انهن }مُهن نالي قبيلي وارن{ جي نياتي نشاني (totem) ملي ٿي. اهو ئي قبيلو هزارين سالن کان اڄ تائين سنڌ ۾ رهندو اچي. ان ساڳئي قبيلي کي شاھ }لطيف ڀٽائي{ ‘مُهاين’ جو قبيلو سڏيو آهي. ان قبيلي جون شاخون يا ذاتيون “مي”، “مهاڻا” وغيره اوهان کي سنڌ ۾ اڃا تائين ملندا. اڄ تائين ٺٽي، ماڃر، دادو وغيره طرف ويٺل غريب مهاڻن جي ڪن ذاتين وٽ، اوهان کي اها نياتي نشاني ٺڪر جي ٿانون ۽ ويندي ٻيڙين جي پاسن تي کوٽيل ۽ اڪريل ملندي. (سراج ]1964[ 119-120)
• ان کان پوءِ گھڻي استعمال ٿيل نشاني آهي. ان جي شڪل مڇيءَ جھڙي آهي، شايد ان وقت به ان ئي نالي سان سڏبي هئي... منهنجي خيال ۾ ان جو ملهه “م+ حرف علت” آهي. (سراج ]1964[ 138)
سراج صاحب جن ان کي دراوڙي نه، سنڌي ٻولي سمجھي پڙهيو آهي.
حقيقت ڇا آهي، ان تي اڃا پردو پيل آهي. سراج صاحب جن سان ۽ سڀني عالمن سان ڪنهن به ڳالهه تي اختلاف ڪري سگھجي ٿو ــــــ مثبت اختلاف ئي حقيقتن کي کولڻ ۾ واهرو ٿيندو. ممڪن آهي ته پرپولا ۽ نوروزوف واريون ٽِيمون (teams) به غلط ثابت ٿين پر هڪ مثبت امڪان رکي سگھجي ٿو ته اهي ۽ اهڙيون ڪوششون ئي اڳتي هلي سچائيءَ کي پڌرو ڪنديون.
سنڌو لکيت جي حوالي سان مٿي جيتريون به ڳالهيون آيون آهن، اهي سڀ امڪاني/مفروضا آهن. بهرحال، سمورا عالم جھڙوڪر متفق آهن ته جيستائين موهن دڙي جو هيٺيون تهه نه ٿو کوٽجي، ووڙجي ۽ چڪاسجي، تيستائين سنڌو سڀيتا توڙي سنڌو لکيت جي مڪمل ۽ درست پرک ڄڻڪ ناممڪن آهي.
• بهرحال، هن تحرير جو صحيح حل ان وقت ٿي سگھي ٿو، جڏهن ميسوپوٽاميا يا سنڌو ماٿري جي وڌيڪ کوٽائيءَ مان ڪو اهڙو ڪَتبو يا مهر هٿ اچي وڃي، جنهن ۾ انهن ٻنهي زبانن ۾ اڪريل ڪتبا دريافت ٿي سگھن، ۽ اهڙيءَ طرح ميسوپوٽاميا جي زبان جي مدد سان سنڌو ماٿري جو رسم الخط پڙهي سگھجي ─ ڇاڪاڻ ته ميسوپوٽاميا جي زبان پڙهجي چڪي آهي. (صديقي ]1980[ 174)
تحرير جي اوسر بابت مٿي آيل سموري ذڪر ۾ هڪ ڳالهه چٽي ٿئي ٿي ته لکت ۾ ڪيترن ئي وائل آوازن جا نشان تمام گھڻو پوءِ ٺهيا ۽ مقرر ٿيا آهن. اڄ اسان وٽ ڪي ٻوليون اهڙيون به آهن جن جي لفظن ۾ وائل نشان الڳ اچي ٿو (پر اهو ڪنهن هڪ مقرر وائل آواز لاءِ ڪم نه ٿو اچي، مختلف وائل آوازن جي نشاندهيءَ لاءِ ڪم اچي ٿو) جيئن انگريزي ۾ آهي ۽ ڪن ٻولين جي لفظن ۾ اڃا سوڌو گھڻا وائل نشان الڳ ناهن. عربي ۾ ا، و ۽ ي سان گڏ تحرڪ جا نشان اهو ئي ڪردار ادا ڪن ٿا جيڪو، مثال طور انگريزي ۾ a، e، i، o ۽ u ڪن ٿا پر عربي ۾ ا، و ۽ ي کي حروف علت، زير، زبر ۽ پيش کي حرڪت جون نشانيون، جزم کي ساڪن جي نشاني، شد کي تشديد جي نشاني ۽ لفظ جي آخر ۾ ايندڙ حرڪت جي نشاني کي اعراب سڏيو وڃي ٿو. عربي ۾ مصوَت (وائل) جا ڪي مقرر نشان ايئن ئي موجود ناهن جيئن مصمت (وائڄڻ) جا آهن. سنڌي جي رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن ۾ اڪثر لفظن تي تحرڪ جون نشانيون ڏنل نه هونديون آهن.
“هو پٽ تي ويٺو آهي.”
هن جملي ۾ ظاهري وائل نشان رڳو ‘آ’ آهي، جنهن کي 1970ع تائين ‘حرف علت’ سڏيو ويندو هو، باقي ڪنهن به اکر تي نه ته ڪا تحرڪ جي نشاني آهي ۽ نه ئي اڪيلو الڳ وائل نشان. ان هوندي به هر سنڌي پڙهندڙ ماڻهو ان جملي کي “هُو پَٽَ تي ويٺو آهي” ئي پڙهندو، ڪنهن ٻئي نموني سان نه، ڇو ته هو ان طرز تحرير کان چڱيءَ طرح واقف آهي. ڪو شڪ ناهي ته سمير ۽ بابل توڙي مصر وارا پنهنجي “بنا-وائل-نشان” لکت کي بلڪل ائين ئي پڙهندا هوندا جيئن هيءَ لکڻي پڙهي وڃي پئي.
نمبر 2 ڳالهه. ڪجھ ٻولين ۾ توڙي جو وائل نشان الڳ آهن پر اهي پنهنجي ٻولي جي سمورن وائل آوازن کي صحيح نموني ادا نه ٿا ڪري سگھن. عام طرح سمجھيو وڃي ٿو ته انگريزي ۾ 12 يَڪسُرا وائل (Monophthong vowels) ۽ 8 ٻِسُرا وائل (Diphthong vowels) موجود آهن (بابر ]1982[ 5 ۽ 7) پر انهن سڀني آوازن کي سڏجندڙ پنج وائل اکرن (a، e، i، o، u) ۽ ڪڏهن ‘واءِ’ (y) ۽ ‘ڊبليو’ (w) جي مدد وٺي ظاهر ڪيو وڃي ٿو جنهنڪري انگريزي ٻولي پڙهندي ڪنهن هڪ ئي وائل نشان جو آواز مختلف ٻولن ۾ مختلف ٿي وڃي ٿو، جيئن هيٺ ڏنل انگريزي لفظن ۾ a (اي) جو آواز آهي:
1. Aback /ə-bak’/ ● Astir /ə-stûr’/
2. Abbess /ab’es/ ● Ask /ask/ يا /äsk/
3. After /äftər/ ● Arch /arch/
4. Aleatory /ā’li-ə-tər-i/ ● Angel /ān’jl/
5. Albeit /öl-bē’it/ ● All /öl/
6. Shabble /shab’l/ ● Shall /shal/ يا /shəl/
7. Shade /shād/ ● Shale /shāl/
8. Shaft /shäft/ ● Sharp /shärp/
مٿي ڏنل لفظن جا وايوڄاڻي (phonetic، صوتياتي) نشان (اکر) جيڪي ─ // ─ ۾ ڏنل آهن، ‘چئمبر’س ڊڪشنري’ تان ورتل آهن.
اهڙي ئي قسم جا ڪيترائي مثال انگريزي جي هر هڪ وائل نشان جي حوالي سان پيش ڪري سگھجن ٿا.
سنڌي ٻولي ۾ ‘ا’ ۽ ‘ء’ جو ڪو به فرق ناهي. سنڌي وائل آوازن کي اَ، اِ، اُ، او، اَو، اُو، اي، اَي، اِي ۽ آ جي صورت ۾ لکيو وڃي ٿو ۽ انهن جو نشان ‘ا’ ڪن لفظن ۾ ‘ء’ جي صورت ۾ اچي ٿو ته ڪن لفظن ۾ محض حرڪت جي نشان طور، ۽ ڪن لفظن ۾ اها نشاني ڏئي سگھجي ئي نه ٿي.
لکت جي حوالي سان ليکڪ انهيءَ خيال جو آهي ته
1. هر وائل آواز جو تحريري نشان ڌار ڌار نموني جو ۽ هڪ-اکرو هجڻ گھرجي يعني وائل آواز جيڪڏهن وِيهه آهن ته انهن جا اکر به ويهه هجڻ گھرجن،
2. هر وائڄڻ ذات لاءِ ڌار ڌار هڪ-اکرو تحريري نشان هجڻ گھرجي، ۽
3. هر وائڄڻ آواز کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هر هڪ وائڄڻ ذات جي اکري نشان سان گھربل وائل آواز جو نشان اهڙي نموني ڳنڍيل هجي جو ان جي اکري بناوت به هڪ-اکري هجي.