لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ٻول جو بُڻ

هي ڪتاب سنڌي ٻولي جي حوالي سان هڪ اهم ڪتاب آهي. جڏهن اسين هن ڪتاب جو مطالعو ڪيون ٿا ته اسان کي ڀرپوريت سان محسوس ٿو ٿئي ته ‘ٻول جو بُڻ’ هڪ حيرت انگيز ڪتاب آهي، جنهن ۾ سنڌي لفظ بابت اچرج جوڳن نتيجن جا انڪشاف ڪيا ويا آهن. هي ڪتاب يقيناً اسان جي عالمن جو ڌيان لهڻي ٿو ۽ کانئن گُهر ٿو ڪري، ته ضرورت آهي ته اسان پنهنجي تحقيق ۽ ڪڍيل نتيجن تي نظرثاني ڪيون، ته جيئن پنهنجي سنڌي ٻولن جي بُڻ کي صحيح طور کوجي سگهون ۽ پنهنجيءَ ٻوليءَ جي لفظن جي شروعات کان به بهتر طور آگاهه ٿي سگهون.

Title Cover of book Boul jo Bun

باب ٻيو : ٻوليءَ جا آواز

اڄ ڏينهن تائين مليل شاهدين ۽ حقيقتن موجب سوچڻَ سمجھڻَ يعني علم ۽ عقل يا شعور رکڻ واري اڪيلي مادائي زندهه هستي رڳو ماڻهو آهي. اهو سندس شعور جو ڪرشمو آهي ته هو نه رڳو پنهنجي ماحول پر پنهنجو پاڻ متعلق ۽ پنهنجي ذهن متعلق سوچي سگھي ٿو ۽ پنهنجيءَ سوچ کي بيان ڪري سگھي ٿو. خود علم ۽ عقل يا شعور جي تخليق ۽ پرورش جو بنيادي ڪارڻ عمل ۽ تجربو آهي ۽ انهيءَ عمل ۽ تجربي کي سمجھڻ لاءِ ماڻهوءَ پاران ‘ڇو’، ‘ڇا’، ‘ڪير’، ‘ڪيئن’، ‘ڪٿي’، ‘ڪڏهن’، ‘ڪهڙو’، جھڙا ٻول استعمال ڪيا ويندا پئي رهيا آهن. انهن ٻولن جي مدد سان ٺهندڙ جملا سوال پڇندڙ هوندا آهن جن جا جواب اسان تي حقيقتون، ۽ نيٺ سچ کي، ظاهر ڪندا آهن.
ٻين سڀني ‘ساهوارن’ ۽ ماڻهوءَ جي وچ ۾ ٽي وڏا، بنيادي، مکيه ۽ نيارا فرق موجود آهن:

(1) ماڻهو ڪا نه ڪا پيداواري تخليقي سرگرمي ڪري يا ان ۾ ٻانهه ٻيلي ٿئي ٿو.
(2) ماڻهو ڪا نه ڪا ٻولي ڳالهائي ٿو.
(3) ماڻهو ڪجھ نه ڪجھ سوچي سگھي ٿو.

۽ انهن ٽنهي جي گڏيل عمل وسيلي پنهنجيءَ سوچ ۽ تجربي کي پنهنجي پوئين نسل ڏانهن منتقل ڪري ٿو. اهي ٽيئي عنصر انساني سماج ۽ ثقافت (راهپ) جي تخليق ڪن ٿا ۽ جن پاڻ وري انسانذات جو سرمايو بنجي سڌريل ۽ سڌرندڙ جديد انسان جي ذهني تخليق ڪئي آهي. اڄوڪي ماڻهوءَ جو هٿ ۽ ذهن هنري ۽ فني تخليق جو شاهڪار آهي. جيترو سڌريل پيداواري وکر اوتري سڌريل ٻولي، جيتري سڌريل ٻولي اوترو سڌريل انساني ذهن، جيترو سڌريل انساني ذهن اوترو وڌيڪ رچيل انساني سماج ۽ ثقافت (راهپ)، جيترو سڌريل سماج ۽ ان جي راهپ اوترو سڌريل ماڻهو، جيترو سڌريل ماڻهو اوترو سڌريل سندس وکر، ٻولي ۽ ذهن. انهن مان ڪنهن به عنصر کي ٻين کان ڌار نه ٿو ڪري سگھجي. (ڪنهن به طريقي سان جيڪڏهن ائين ڪري سگھجي ته جيڪر ماڻهو پنهنجي ماڻهوءَ واري حيثيت وڃائي ڇڏي ۽ جيڪا هستي باقي بچندي اها ڪنهن به ٻئي جانور کان گھڻو مٿڀري نه هوندي.) ٻوليءَ کان سواءِ سوچ کي عڪسي سگھجي، ڏاڍو ڏکيو، ذري گھٽ ناممڪن آهي.
جيت جانور کان ويندي پکي پکڻ ۽ مڇي مڇڻ تائين، هزارين قسمن جا ساهوارا ڪي نه ڪي آواز ڪڍن ٿا. سوين ساز مختلف قسمن جا آواز پيدا ڪن ٿا. ايتري قدر جو هوا جڏهن تيز گُھلي ٿي تڏهن پڻ مختلف هنڌن تي مختلف نمونن جا آواز اپجن ٿا پر انهن سڀني آوازن کي ٻوليءَ جا آواز نه ٿو سڏجي.
ٻيا ڪي جانور، اهو سچ آهي ته، هڪ ٻئي سان لڳ لاڳاپي لاءِ يا ڪنهن ٻئي ۾ ڪو ڪم ڪرڻ جو اتساهه ڀرڻ لاءِ يا ڪنهن ڪم تي آماده ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جا واڪا ڪندا آهن. پنهنجو وهر پورو ڪرڻ لاءِ، خطري کان آگاهه ڪرڻ لاءِ، کاڌ خوراڪ جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جا ننڍا وڏا ساهوارا مختلف قسمن جا تفريق ڪري سگھڻ جوڳا ۽ چتاءُ ڏيندڙ ‘سَڏَ’ ڪندا آهن. انهن جون ڪي رڙيون اهڙيون به آهن جن مان ڪاوڙ، جوش، ڊپ، مزي وغيره جو اظهار ٿئي ٿو پر اهي سمورا آواز انساني ٻوليءَ جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي فرق رکن ٿا. جانارن جون رڙيون اُچارڪ، سَنڌيَل، يا ڳانڍڪ (articulate) ناهن. ان جو مطلب اصولي طرح هي آهي ته انهن ۾ اَڏپ جي کوٽ آهي، انهن جو ڍانچو ناهي جن جي ڪري ئي انساني اورپ کي ٻولن ۾ ورهائي سگھڻ ممڪن ٿئي ٿو. ماڻهو ان لائق آهي جو ڪنهن به قسم جي اورپ ۾ ڪنهن هڪ ٻول ۾ ڪو هڪ آواز تبديل ڪري (جيئن: /ڪَن، ڪُن، ڪِن يا ڪَنو، ڪُنو، ڪِنو/ وغيره) يا ڪنهن هڪ جملي ۾ ڪو هڪ ٻول تبديل ڪري (جيئن: “سنڌ جا ماڻهو سٻاجھا آهن” / “سنڌ جا ماڻهو سٺا آهن”) ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪ جملي ۾ هڪ ٻول جو هڪ آواز تبديل ڪري (جيئن “مون کيس ميدان ۾ وڙهندي ڏٺو” / “مون کين ميدان ۾ وڙهندي ڏٺو”) ان کي مفهوم جي لحاظ کان بدلائي سگھي، پر ٻين جاندارن وٽ ٻولن ۾ نه ورهائجي سگھجندڙ محض چتائڪ رڙيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو هڪ جاندار جيڪي آوازِي اشارا ڪري سگھي ٿو انهن جي ڳڻپ بلڪل ٿوري ٿيندي. سڀ کان وڌيڪ اسريل جانور وڌ ۾ وڌ ٽيهن قسمن جا ‘سڏ’ ڪري سگھي ٿو، جڏهن ته ماڻهوءَ جي ٻوليءَ ۾ ممڪن اچارن جو انگ اڻکٽ آهي. جانورن جون رڙيون عام طرح سڀ طرفو يا گھڻ طرفو مطلب رکن ٿيون، جڏهن ته ماڻهوءَ جو سڏ گھرج آهر سڀ طرفو يا خصوصي ٿي سگھي ٿو.
ماڻهو مختلف جانورن ۽ پکين کي سڏڻ يا هڪلڻ لاءِ مختلف قسمن جون ڳُٽڪرون ڪندو رهي ٿو. هو ڪيترن ئي پکين ۽ جانورن جي آوازن جي اهل به ڪندو آهي. مثال طور، پنهنجيءَ زبان کي ڏندن ۾ ڏئي، ڪجھ پاسائتو رکندي، مٿين ۽ هيٺين ڏندن جي وٿيءَ مان ۽ ڪنهن هڪ واڇ کان هوا ڇڪي اهڙو آواز ڪڍندو آهي جنهن جو مطلب ڪنهن پاليل جانور خاص ڪري ڍڳي، گھوڙي يا گڏهه کي هلندو رهڻ تي آماده ڪرڻ هوندو آهي يا وري خاص ڪري مينهن کي هڪلڻ لاءِ ‘هُون’ جھڙو آواز ڪڍندو آهي. اهڙا ڪيترا ئي آواز ٿي سگھن ٿا. واڪو ڪندڙ يا واڪي وارا (واڪائي يا واڪل) آوازن جو انگ (يا انهن جي ڳڻپ) جيڪي ڪو ماڻهو سِکِي، اچاري ۽ انهن ۾ فرق ڪري سگھي، چڱو چوکو، ڪيترن ئي سوَن ۾ ٿي سگھي ٿو. پر هڪ ماڻهو جيترا به، جنهن به قسم جا آواز اوري سگھي ٿو اهي سڀ جو سڀ ٻوليءَ جي سلسلي ۾ ڪم ڪو نه ٿا اچن. ماڻهو انهن مان ڪجھ، ڪي آواز چونڊي کڻي ٿو ۽ انهن کي ڳالهه ٻول ۾ اڏاوتي سِرَ طور ڪم آڻي ٿو. ٻوليءَ ۾ اڏاوتي سِرَ طور ڪم ايندڙ آوازن کي ٻوليءَ جا آواز چئجي ٿو. هر ٻوليءَ وٽ اهڙن آوازن جي چونڊ مختلف ٿئي ٿي.
واڪو ۽ واڪل عضوا
واڪو ڪندڙ (واڪائي، واڪل) آوازَ ٻوليءَ جو مادائي مواد مهيا ڪن ٿا ۽ واڪل آواز مختلف قسمن جي خصوصي عضون جي مدد سان اپايا وڃن ٿا، جن کي ‘ڳالهائڻ جا عضوا’ يا ‘ڳالِڪ آرکڻ’ چئجي ٿو.

ڳالڪ آرکڻن جو خاڪو

مکيه ڳالڪ آرکڻَ

ڄڀ:
وات ۾ موجود چرپر ڪندڙَ مَشڪائون آرکڻ؛ ڳالهائڻ، چٻاڙڻ، ڳِهَڻ ۽ ذائقي سان واسطيدار آرکڻ؛ ڦُنڊي ٿلهو ٿي ۽ پٿارجي سنهو ٿي سگھندڙ آرکڻ. ڄڀ کي عام طرح (1) چُک (چوٽي)، (2) مُهَڙ، (3) مٿياڙي، (4) پُٺ ۽ پاڙ (خاڪي ۾ ڏيکاريل)، ۽ (5) ڦَر نالي پنجن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو.
وانَڙ: هوا جي لنگھ وارو نڙو، آواز اپائڻ لاءِ مددگار هڪ آرکڻ.
واڪل ڏوريون (Vocal cords): وانڙ جي مٿئين حصي ۾، ڀت جي اندرئين پاسي ٻه جھليدار طاقيون (هڪ اوريان ۽ ٻي پريان)
نرم تارون (Soft palate) يا ڪنٺ (Velum): وات جي ڇت جو پٺيون نرم حصو.
سخت تارون (Hard palate): وات جي ڇت جو اڳيون هڏائون حصو.

ڪاڪڙو:
نرم تارون جي پوئين حصي ۾ هيٺ لڙڪندڙ ڊاک جھڙو هڪ آرکڻ.

گلاٽ (Glottis):
گَلي جي درِي جيڪا واڪل ڏورين جي سسڻ يا ڦنڊڻ ۽ لرزش سبب سوڙهي ۽ ويڪري ٿيندي رهي ٿي.
آواز اپائڻ لاءِ شڪتيءَ جي گھرج پوي ٿي جيڪا سيني جون مشڪون ۽ پيٽ-ڇهه (diaphragm، سيني ۽ پيٽ جي وچ وارو پردو) مهيا ڪن ٿا ۽ ان لائق ٿي سگھجي ٿو ته هوا کي ڦڦڙن مان ڇڪي ٻاهر ڪڍي سگھجي. افريڪي ڪجھ ٻولين جا آواز اهڙا آهن جيڪي ڄڀ جي مشڪن مان سگھ وٺي ڪِلڪڻا (clicking) واڪا ٿي اچارجن ٿا يا وري ڄڀ ۽ ڳل جي چرپر وسيلي پاپڻا (popping) واڪا اپائي سگھجن ٿا. اهو به ممڪن آهي ته ڦڦڙن ڏانهن اندر ڇڪجندڙ هوا کي ڪم آڻيندي ڪي واڪا پيدا ڪري سگھجن.
اهو ياد رکڻ گھرجي ته رڳو هوا کي زور سان اندر ڇڪڻ يا ٻاهر ڌِڪڻ وسيلي آواز پيدا نه ٿو ڪري سگھجي (پوءِ ڀلي ڪهڙن به عضون وسيلي شڪتي ورتي وڃي) تان جو ‘واڪل ڏوريون’ لرزش ڪن. هوا جي وهڪ مهل واڪل ڏوريون ٿورو يا گھڻو ڦڙڪنديون ته واڪو/آواز پيدا ٿيندو، نه ته نه ٿيندو. ڳالڪ آرکڻن جي جٿي وسيلي، انهن جي هڪ ٻئي سان سهڪار (co-operation) ۽ سهرِٿَ (co-ordination) وسيلي وات جي کوپي ۾ هوا جي وهڪ کي رنڊڪ ۽/يا سوڙهه ڪري مختلف قسمن جا آواز اپايا وڃن ٿا.
ڦڦڙن تائين ۽ اتان کان ٻاهر تائين هوا/واءُ پهچائيندڙ نَڙ کي ‘وانَڙ’ (windpipe) سڏجي ٿو جنهن جي مٿئين ڇيڙي، ‘نڙگُھٽ’ وٽ، سندس ڀتين جي اندرئين پاسي سان ڳنڍيل ڄڻڪ ٻه ننڍڙا چپ آهن، جن کي ‘واڪل ڏوريون’ چئجي ٿو. ڦڦڙن کان ايندڙ هوا سڀ کان اڳ واڪل ڏورين واريءَ، وقت سر ۽ گھرج آهر ويڪري ۽/يا سوڙهي ٿيندڙ دريءَ ــــــــ ‘گَلاٽ’ ــــــــ مان گذري ٿي. هوا جو لنگھ جڏهن گھڻيءَ حد تائين اڻ-رنڊيل هوندو تڏهن اهي پوريءَ طرح کليل هونديون آهن ۽ جڏهن اهي سوڙهيون ٿي ملن ٿيون تڏهن گلاٽ بند ٿيو وڃي، ان ڪري جيئن ته هوا جو لنگھ ئي نه هوندو تنهنڪري هوا جي وهڪ به بند ٿيو وڃي. وات کولي يا بند رکي ساهه منجھائڻ جو عمل درحقيقت گلاٽ کي بند ڪرڻ جو عمل آهي. گلاٽ کي مختلف بيهڪن تي سوڙهو يا ويڪرو ڪري سگھجي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح هوا جي وهڪ ۽ لنگھ به سوڙهو يا ويڪرو ٿي سگھندو. گلاٽ مان جيئن ئي هوا گذرندي ته هڪ قسم جي سريلي ۽ لرزشي گونج پيدا ڪندي جنهن کي واڪو (voice) سڏجي ٿو. واڪي جي شدت/ڪُوڪ گھٽ يا وڌ ڪري سگھجي ٿي ۽ ڳالهائڻ مهل واڪي جي لاهه چاڙهه سان گھٽ يا وڌ ٿيندي رهندي آهي ۽ ڳالهائڻ دوران آواز ۾ هڪ واڪو يا ڀڙڪو موجود يا اڻ-موجود ٿئي ٿو. اهي آواز جن ۾ نسبتاً وڌيڪ ڀڻڪو ٿئي ٿو انهن کي ‘واڪيدار’، ‘گَھڻڀُڻا’ يا ‘ڀُڻڀُڻا’ (voiced) چئجي ٿو پر ڳالهائيندي ڪي آواز انهيءَ بيهڪ تي اپجي سگھجندا آهن جو واڪل ڏوريون پوريءَ طرح کليل هجن ڀڻڪو نه-جھڙو هجي. اهڙن آوازن کي’اواڪ’، ‘گَھٽڀُڻو’ يا ‘بي ڀُڻو’ (voiceless) سڏجي ٿو. آواز ۾ ڀڻائپ جي موجودي ڪَنن کي هٿ جي ترين وسيلي زور سان بند ڪري پرکي سگھجي ٿي: ‘اگھۡ‌’ چوندي ‘گھ’ اچارڻ مهل کوپڙيءَ ۾ گونجدار ڀڻڪائتو (buzzing) آواز اڀرندو جڏهن ته ‘اَکۡ’ چوندي ‘ک’ اچارڻ مهل اهو ڀڻڪائتو آواز موجود نه هوندو. حقيقت اها آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ]گھ[ ۽ ]ک[ بلڪل ساڳئي نموني اپايا وڃن ٿا سواءِ ان فرق جي ته هڪ ‘ڀڻڀڻو’ آهي ۽ ٻيو ‘بي ڀڻو’. ]پ[ ۽ ]ب[، ]ت[ ۽ ]د[، ]ٽ[ ۽ ]ڊ[ وغيره اهڙي ئي قسم جي آوازن جا جوڙا آهن.
گلاٽ مان گذرڻ کان پوءِ هوا جي هڪ وهڪ مٿئين پاسي هلندي رهي ٿي ۽ ڪجھ اڳتي هلي وات يا نڪ يا ٻنهي مان خارج ٿئي ٿي. وات جي ڇت جو سڀ کان وڌيڪ پَريون/پويون پاسو، جنهن کي ‘نرم تارون’ يا ‘ڪنٺ’ چئجي ٿو، هيٺ يا مٿي چوري سگھبو آهي. ان جي پوڇڙ ۾ لار وانگر لٽڪندڙ ڊاک جھڙو آرکڻ، ‘ڪاڪڙو’ (uvula) مٿي ٿي نڪ جي کوپي ڏانهن هوا جي لنگھ کي ٻُجو ڏئي بند ڪري ٿو. وات جي کوپي ۾ هوا جي وهڪ ۽ لنگھ کي ڄڀ (ڄڀ جي ڪنهن حصي) ۽/يا چپن جي مدد سان سوڙهو ڪري، رنڊائي، بند ڪري سگھجي ٿو ۽ ائين ڪرڻ وسيلي مختلف قسمن جا آواز اپائجن ٿا.
ٻوليءَ جي آوازن کي سندن فطرت، اڏپ ۽ ڪيفيت جي لحاظ کان ٻن وڏن جٿن ۾ ورهائي درجيبند ڪري سگھجي ٿو. آوازن جي هڪ جٿي کي وائل (vowel) ]’وائل’ جو ڌاتو ‘واء’ آهي. ‘وائل’ اصطلاح مقرر ڪرڻ جو سبب ‘ٻاڌيي-1’ (Appendix-1) ۾ ڏنو ويو آهي[ ۽ ٻئي کي وائڄَڻ (consonant) آواز سڏجي ٿو.

ٻوليءَ جي آوازن جا گڻ

1- صاف (اڻ - نَڪائون) ۽ نڪائون آواز:
اهڙو آواز جيڪو اپائڻ مهل ڦڦڙن کان ڌُوڪي ايندڙ هوا جو ڪل مقدار وات جي کوپي مان نيڪال ٿئي ٿو، ان کي ‘صاف’ آواز سڏجي ٿو. مثال: ]آ[، ]ب[، ]ک[ وغيره.
اهڙو آواز جيڪو اپائڻ مهل ڦڦڙن کان ڌُوڪي ايندڙ هوا جو وڌ ۾ وڌ يا ڪل مقدار نڪ جي کوپي مان نيڪال ٿئي ٿو، ان کي ‘نڪائون’ آواز سڏجي ٿو. مثال: ]آن[، ]م[، ]ن[ وغيره.

2- ڀُڻڀڻو ۽ بي ڀڻو آواز:
ڦڦڙن کان ڌُوڪي ايندڙ هوا جڏهن واڪل ڏورين کي ايترو زور سان ڦڙڪائي جو ٻڌڻ ۾ اچڻ يا پرک جوڳو ٿي پوي ته اهڙي آواز کي ‘ڀڻڀڻو’ (يا ‘ڳرو’) آواز چئجي ٿو. جن آوازن جي حالت ۾ واڪل ڏورين جو ڦڙڪو ايترو زوردار نه هجي جو ڀڻڪو ٻڌي سگھجي يا پرک جوڳو ٿي پوي ته اهڙي آواز کي ‘بي ڀڻو’ (‘هلڪو’، ‘نرم’ يا ‘ڪومل’) سڏجي ٿو.
ڀڻڀڻي ۽ بي ڀڻي آواز ۾ فرق کي سمجھڻ جو سولو طريقو هي آهي ته ڪنن کي هٿن جي ترين سان پوريءَ طرح بند ڪري ڪو به آواز اچاريو وڃي. ڪو آواز اپجڻ مهل ڀڻڪو ٻڌڻ ۾ ايندو (- ڀڻڀڻو) ۽ ڪو آواز اپجڻ مهل ڀڻڪو ٻڌڻ ۾ نه ايندو (- بي ڀڻو).
ڀڻڀڻي آواز جا مثال: ]گھ[، ]ڀ[ وغيره.
بي ڀڻي آواز جا مثال: ]پ[، ]ت[ وغيره.

3- وِسرڳ ۽ اَوِسرڳ آواز:
وسرڳ ۽ اوسرڳ آواز ۾ فرق کي سولي نموني ان طرح سمجھي سگھجي ٿو ته هٿ جي پٺيءَ کي چپن جي ويجھو جھلي ڪو به آواز اچاريو وڃي. ڪو آواز اپجڻ مهل هٿ جي پٺيءَ تي هوا جو ڦُوڪو يا ان جي ڌُوڪَ محسوس ٿيندي ۽ ڪي آواز اپجڻ مهل اها ڌوڪ محسوس نه ٿيندي. جيڪي آواز اچارڻ مهل هوا جو ڦوڪو محسوس ٿئي انهن کي ‘وسرڳ’ ۽ جن ۾ ڦوڪو محسوس نه ٿئي انهن کي ‘اوسرڳ’ سڏجي ٿو.
وسرڳ آواز جا مثال: ]ڦ[، ]ٿ[ وغيره.
اوسرڳ آواز جا مثال: ]د[، ]ج[ وغيره.

4- بندشي (Stops):
جن آوازن کي اپائڻ مهل هوا جي ڌُوڪ کي ڪنهن به هنڌ مڪمل بندش/رنڊڪ ٿئي انهن کي ‘بندشي’ سڏجي ٿو. اها بندش ٻنهي چپن کي پاڻ ۾ ملائڻ وسيلي، مٿيَن ڏندن کي هيٺئين چپ سان ملائڻ وسيلي، ڄڀ جي چک کي ڏندن جي پاڙ يا مهارن سان ملائڻ وسيلي، ڄڀ جي مهڙ کي سخت تارون سان ملائڻ وسيلي، ڄڀ جي مٿياڙي کي نرم تارون سان ملائڻ وسيلي ۽ ڄڀ جي پُٺ/پاڙ کي ڪاڪڙي/نڙيءَ سان ملائڻ وسيلي ڪري سگھجي ٿي.
بندشي آوازن جا وري ڪجھ قسم ٿين ٿا:

(الف) ڌماڪيدار خارجي:
اهي آواز جن ۾ هوا جي جُوهه بند ٿي ٻاهر کلي انهن کي ‘ڌماڪيدار خارجي’ چئجي ٿو. مثال: ]پ[، ]ب[، ]د[ وغيره.

(ب) ڌماڪيدار اندروني/چُوسڻا:

اهي آواز جن ۾ هوا جي جوهه بند ٿي اندر کلي يعني ائين محسوس ٿئي ته هوا اندر ڇڪجي يا چُوسجي وئي انهن کي ‘چوسڻا’ يا ‘ڌماڪيدار اندروني’ چئجي ٿو. مثال: ]ٻ[، ]ڄ[، ]ڳ[ وغيره.

(ٻ) لرزيدار:
اهي آواز جن ۾ هوا جي جوهه بند ٿي لرزش ڪندي کلي انهن کي لرزيدار چئجي ٿو. مثال: ]ٽر/ٽ[، ]ڊر/ڊ[.

(ڀ) گِسڪيدار:
اهي آواز جن ۾ هوا جي جوهه بند ٿي گسڪو ڪري کلي انهن کي گسڪيدار چئجي ٿو. مثال: ]خ[، ]غ[ وغيره.

5- جزوي بندشي:
اهي آواز جن کي اپائڻ مهل هوا جي جوهه کي ڪنهن به هنڌ مڪمل نه پر جزوي بندش ٿئي. اها جزوي بندش ڄڀ جي چک يا مهڙ کي مٿينءَ مهاڙ جي اندرئين پاسي يا سخت تارون ويجھو آڻي پيدا ڪئي وڃي ٿي. جزوي بندشي آواز پڻ لرزيدار يا گسڪيدار ٿي سگھن ٿا. لرزيدار جو مثال آهي ]ر[ ۽ گسڪيدار جو مثال آهي ]س[.

6- پاسائتا (Laterals)
هن قسم جا آواز اپائڻ مهل وات جي کوپي ۾ هوا جي جوهه کي اهڙيءَ طرح رنڊڪ ٿئي ٿي جو ڄڀ جي پاسن کان هوا جو دڳ کليل به رهي ٿو. مثال: ]ل[.

آواز فرق ڇو ٿا ڪن؟

ڪي آواز توڙي جو ڪنهن هڪ ئي هنڌ رنڊجن، سَنڌجن ۽ اُپجن ۽ اتان ئي خارج ٿين ٿا، مثال طور ]پ، ڦ، ب، ڀ، ٻ ۽ م[ ٻنهي چپن جي ميلاپ وسيلي هوا جي وهڪ کي رنڊائي اپايا وڃن ٿا پر پوءِ به انهن ۾ فرق آهي، سو ڇو؟
هڪ ئي هنڌ سنڌجڻ باوجود اهي آواز ان ڪري هڪ ٻئي کان فرق رکن ٿا جو ڪو وسرڳ آهي ته ڪو اوسرڳ، ڪو ڀڻڀڻو آهي ته ڪو بي ڀڻو، ڪو صاف آهي ته ڪو نڪائون. مثال طور مٿي ڏنل آواز ٻنهي چپن جي ميلاپ وسيلي رنڊائي اپايا وڃن ٿا يعني بندشي آواز ته آهن پر پوءِ به:

ب. خارجي ڌماڪيدار، اوسرڳ، ڀڻڀڻو ۽ صاف آواز آهي.
پ. خارجي ڌماڪيدر، اوسرڳ، بي ڀڻو ۽ صاف آواز آهي.
ڀ. خارجي ڌماڪيدار، وسرڳ، ڀڻڀڻو ۽ صاف آواز آهي
ڦ. خارجي ڌماڪيدار، وسرڳ، بي ڀڻو ۽ صاف آواز آهي.
ٻ. اندروني ڌماڪيدار يا چوسڻو، اوسرڳ، ڀڻڀڻو ۽ صاف آواز آهي.
م. نڪ وارو/ نڪائون، اوسرڳ ۽ ڀڻڀڻو آواز آهي.