1.4 لکت ۾ محنت جو قائل اديب
ناول بيشڪ ادب جي ھڪ تابندهه صنف آھي، جنھن پنھنجي اندر پنھان سچائين ۽ ان سان لاڳو ٻين سببن ڪري دنيا ۾ لامحدود حيثيت ماڻي آھي. اڄوڪي دنيا جي معتبر ناول نگارن جي وقار جو مک سبب انھن جي حقيقت نگاري جي بي انتھا قوت آھي، اھوئي سبب آھي ته ناول جي ان ھڪڙي خصوصيت ان کي ‘حيران ڪندڙ’ حيثيت ڏياري ھئي. ناول جي معجزاتي تاثر سبب اھو داستان، قصي ۽ ڪٿا کان عليحدھ ۽ ارفع ھڪ شيءِ سمجھي وئي. ان ڪري ئي ان جو نالو ‘نئين ۽ انوکي شيءِ’ (ناول) پئجي ويو.
ائين جديد ادب جو ڏاڏو پيدا ٿي پيو، پر جئين روايت آھي ته ڏاڏو گھڻو وقت اڪيلو نه رھيو. ان جي کٻي پاسراٽيءَ مان ڏاڏي حوا افساني جي صورت ۾ پڻ تخليق ٿي.
افساني جي خمير ۾ ڏاڏي آدم جي حقيقت نگاري بدرجه اتم موجود ٿئي ٿي، پر ساڳئي وقت حوا واري رومانويت ئي کيس سندس حقيقي حسن بخشي ٿي.
ڪلاسيڪل افساني جي اھا صورت اسان کي منظور ڪوھيار جي افسانن ۾ باضابطا طور تي نظر اچي ٿي. اڄوڪي سنڌي افساني ۾ ھونئن ته منظر نگاري جي حوالي سان معياري نثر جي کوٽ ھرگز ناھي پر اھڙا ڪي چند افسانا ھوندا جن ۾ بيان ۽ ڪلام، ٺيٺ مقامي ۽ لاڳاپيل محاوري ۾ ادا ٿيل ھجن.
افساني جي زبان ته سنئين سڌي سنڌي چئبي پر ھر جڳھـ ۽ ھر پاسي جي ٻولي ۾ فرق ملي ٿو. ڳالھائڻ ۾، ادائگي ۾ ته فرق آھي ئي پر معنائن ۽ مفھومن جو ڦيرو مزيدار آھي. ھر ھنر جو وکر پنھنجو، ھر ڪرت جو استعارو جداگانه ۽ ھر شريعت ۽ طريقت جو محاورو يگانا آھي. جڏھن ڪھاڻي ڪنھن ھڪ ماحول ۾ سرجي ٿي ته ان جي ٻولي پڻ ان ماحول مان ئي ھئڻ گھربي آھي.
ڪوھيار جي اھا قابليت آھي ته ھن ھر ماحول کي موزون زبان سان ادا ڪيو آھي. جڏھن اوڏن جي وسندي ۾ ڪنھن واقعي جنم ورتو آھي ته انھن جي سماج جي ھڪ مڪمل تصوير اکين آڏو اچي وڃي ٿي، اڳ ۾ به اسان وٽ اوڏ چند افسانن جو موضوع بڻيا آھن، پر لاڳاپيل ٻولي نه ھئڻ ڪري ۽ ماحول جي حقيقي تصوير ڪشي نه ٿيڻ سبب سندن سماجي تعلق ۽ عمومي اٿا-ويٺي مڙئي اکين کان اوجھل رھي آھي.
‘ساڌ’ انھن سڀني پراڻن مثالن کان جدا ھڪ اھڙي ڪوشش آھي جنھن جي پڙھڻ سان اھڙي ڪا به تشنگي نٿي رھي. اوڏن جو اٿڻ ۽ ويھڻ،کائڻ ۽ پيئڻ، سنئوڻ ۽ وسوسا، مطلب ته سندن سماج جي پوري تصوير، افساني جي پسمنظر ۾ موجود رھي ٿي ۽ انھيءَ ‘حقيقي فريم ورڪ’ ۾ ڪھاڻي پلجي وڏي ٿئي ٿي ۽ پنھنجو جوڀن ڏيکاري ٿي. حقيقت نگاري جو اھو اعليٰ مثال ھڪ اعليٰ افساني ۾ ڪيئن ٿو ڍلجي اھو ھڪ جداگانه ڪمال آھي.
ھت اسان وٽ خود افساني ۾ رومانويت جا ٻه ٽچڪا کاڌل (دوآتشا) موجود آھن ۽ اھو به سوڍي جي پنھنجي ذات ۾ .... اديب جيئن ته سماجي نفسيات کي ھڪ علم طور پڙھندا آھن، ان ڪري اڪثر انھن جي نظرن آڏو اھا حقيقت پنھنجن مختلف روپن ۾ بيٺل ھوندي آھي، پنھنجي ان مشاھدي کي عام تائين پھچائڻ لاءِ، اُھي پنھنجي تخليقي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿيندا آھن.
جنسي حوالي سان روا بندشون، عام صحتمند رجحانن جي پيداوار ۾ رڪاوٽ آھن، نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ‘غير معمولي افعالن’ جو ذڪر ڪيترن افسانن جو موضوع رھيو آھي. ‘ٽيون سبب’ ان موضوع تي ھڪ ڀرپور افسانو آھي، جنھن جي بي انتھا حقيقي سيٽ تي، جيئري جاڳندي زندگي ۾، اسان جي اکين آڏو جڏھن اھو کيڏ کيڏيو ويو ته نه صرف غير صحتمند جنسي رجحانن جي خمير جي خبر پئي بلڪ يقين به ٿي ويو ته اصلاح لاءِ اسان اڃا تائين ڪو جوڳو انتظام ڪرڻ لائق به ناھيون.
ان افساني جي ٻولي، ماحول جي ڪيفيت کي وڏي سولائيءَ سان سمجھڻ لائق بڻائي ٿي. ‘جھان گمگشته’ جي ھڪ صورت اکين آڏو اچي ٿي. اڄوڪي پڙھيلن لاءِ مدرسو ھڪ نئين ڳالهه آھي پر ڪوھيار مدرسي جي ماحول ۽ ان جي شب و روز جو ذڪر نفيس مزاح سان جنھن رواني سان ڪري ٿو اھا سندس ھنر ۽ علم جو ڌاڪو ويھارڻ لاءِ ڪافي آھي.
منظور ڪوھيار پاڻ تعليم ۽ ڪرت جي لحاظ کان سماجي علم جو ماھر چئجي. ھن يونيورسٽي ۾ ۽ عام زندگي ۾ ھميشه سماج جو مطالعو جاري رکيو. ھن فرد جي عمل کي سماجي روين جي ڪسوٽي تي پرکيو آھي ۽ سماجي چرخي کي فرد جي ٻل تي ڦرندي جاچيو آھي. ھو سماجيات جي ماھرن جي نظرن کي ماڻھن جي لوڌ ۾ ڳولھي ڪڍي ٿو. اھڙيءَ طرح ھن جون ادبي ڪاوشون پڙھندڙن کي گھري نظر عطا ڪن ٿيون. لکت ۾ محنت جو قائل ھي اديب، ادب کي امير ۽ ٻوليءَ کي سرھو ڪندو نظر اچي ٿو. اميد ته ڳوٺاڻيءَ زندگيءَ سان سندس ويجھڙائپ اسان جي ٻولي کي روايتي رستن کان ٻھراڙي جي انيڪ پيچرن تي وٺي ويندي، جنھن جي نتيجي ۾ ڪرت ۽ احساس جي ترجماني جو ھڪ نئون بندوبست ممڪن ٿي ويندو.
ڪليم لاشاري