4.10 ردي ڪتابچو
سامهون ويٺل همراهن مان گھڻن هڪ زبان ٿي چيو:
‘بيشڪ اوهان ڏاهپ جا ڌڻي آهيو.’
‘جيئن مون دنيا جي عظيم ليکڪن کي سمجھيو آهي، ٻيو ڪو به ائين نٿو سمجھي سگھي.’
دانشور پنهنجي ذهانت جي پاڻ واکاڻ ڪندي چيو.
سامهون ويٺل همراهن مان ڪافي ڄڻن تائيد ڪندي وراڻيو: ‘بيشڪ اوهان جي سمجھه ۽ ٻُڌي نرالي آهي.’
ڪتابي دانشور انڪشاف ڪندي چيو:
‘اوهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته آءٌ دنيا جا سڀ ڪتاب پڙهي ڇڏيا آهن.’
‘بي شڪ اوهان بي مثال شخصيت جا مالڪ آهيو.’ سامهون ويٺلن مان گھڻن حيرت سان گڏ اقرار ڪيو.
هُن ويٺلن تي طنز يه انداز ۾ نظر وڌي ۽ پوءِ چيو: ‘هاڻي ان تلاش ۾ آهيان ته باقي ڪهڙو ڪتاب بچيو آهي، جنهن کي پڙهي ڇڏجي. جي اوهان کي معلوم هجي ته مون کي ضرور ٻڌائجو.’
هڪ خاموش همراهه جنهن ڪافي دير کان وٺي ڪتابي دانشور جو جائزو پئي ورتو. تنهن جرئت ڪندي چيو: ‘اي پاڙهو دانشور! تنهنجي ڏاهپ، سمجھه ۽ ٻُڌي ۾ ڪو شڪ ناهي. پر افسوس اِهو آهي، ته تو اڃا هڪ اهم ۽ بنيادي ڪتاب ناهي پڙهيو.’
‘اهو ڪهڙو وڏو ڪتاب آهي، جيڪو مون اڄ تائين ناهي پڙهيو.’ دانشور ڪاوڙ ۽ پريشاني وچان کائنس پڇيو.
‘جي فرصت مليوَ ته ڪڏهن پاڻ کي به پڙهڻ جي ڪوشش ڪجو!’
‘ان سان ڇا ٿيندو؟’ گھڻ پڙهئي ڪتابي دانشور، اُن ڪنڊائتي ويٺل همراهه کان ٽوڪ واري انداز ۾ پڇيو.
‘اُن سان اِهو ٿيندو ته اوهان پاڻ کي ڪنهن خسيس ۽ ردي ڪتابچي جيان محسوس ڪندؤ!’
اُهو ٻڌي گھڻ پڙهيو دانشور ائين سسي ويو، جئين ڀريل ڦوڪڻي کي سئي لڳي ويندي آهي.