اداري پاران
جيئن رومانس روح جي غذا آهي بلڪل ايئن مزاحمت به روح جو نرواڻ آهي، مٽيءَ جي جسم ۾ بيقرار ۽ ڀٽڪندڙ روح لاءِ. مزاحمت جي معنيٰ ئي اها آهي ته اُها هر منفي ۽ ناانصافيءَ تي ٻڌل عمل خلاف هيڻن روحن مان جنمجي پوندي آهي، ۽ پوءِ مختلف روپ ۽ رنگ وٺندي دلين ۽ دماغن کي سيراب ڪندي ويندي آهي.
دنيا جي مزاحمتي ادب جي تاريخ به رت جي ڳاڙهن لفظن سان تحرير ڪئي وئي آهي. جيڪا اڄ جي پوري دنيا جي غلام، مظلوم ۽ محڪوم قومن جي لاءِ هڪ وڏو اُتساهه ۽ حوصلو بڻجندي رهي ٿي. دنيا ۾ آيل وڏا انقلاب هجن يا مارچ، اُهي ڌرتي جي سياست ڪندڙن لاءِ نيون نيون راهون هموار ڪندا آهن. فرينچ انقلاب، روس انقلاب، چين، ويٽام، ڪيوبا وغيره جا انقلاب. مائو ۽ گانڌيءَ جا مارچ پڻ آزادي پسند ملڪن يا قومن لاءِ جدوجهد جي ڊگهي ۽ تپندڙ سفر ۾ گهاٽي ڇانوَ، همت ۽ حوصلي جو سبب پي بڻيا آهن، دنيا جي هن وسيع تر گولي تي مختلف ڌرتين تي غلام ۽ محڪوم قومن جي هلندڙ مزاحمت، جدوجهد جي تاريخ ۾ جتي مزاحمتي هلچل ۽ اُن جي ردِعمل ۾ تحرير ٿيندڙ ادب تخليق ٿيو آهي، اُن ۾ سنڌ جي ڌرتي لاءِ هلندڙ آزادي جي هلچل ۽ اُن لاءِ لکنجندڙ مزاحمتي ادب پڻ اُن جو ڀرپور ۽ اهم حصو آهي، جتي سنڌي ادب ۾ رومانوي ادب جي اهميت محسوس ڪئي وڃي ٿي، بلڪل ايئن ئي مزاحمتي ادب جي به انتهائي گهڻي ضرورت ۽ اهميت آهي.
تازو 2012ع وارو آزادي مارچ يا اُن کان اڳ 2009 ع وارو آزادي مارچ ۽ ٻي هلچل,سنڌ جي غلام قوم لاءِ غلامي کان نفرت جو احساس پئي پيدا ڪندا رهيا آهن. اِن سموري سنڌ جي آزادي لاءِ هلندڙ جدوجهد جو ابو ۽ خالق سائين جي ايم سيد ته آهي ئي پر مختلف دورن ۾ دشمنن سان وڙهندي، وڙهندي شهيد ٿيندڙن ۾ شهيدِ سنڌوديش بشير خان قريشي اڄوڪي قومپرست سياست جو عملي روح روان هو. جنهن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هن رياست کي پنهنجي عملي سياسي جدجهد سان وائڙو ۽ خطا ڪري وِڌو هو. سموري سنڌ جي انچ، انچ جو هي محافظ، سالارُ بڻجي ڏينهن توڙي رات، آڌي توڙي مانجهي، هر پل، هر وقت سنڌ وطن جي نگهباني پيو ڪندو هو. مختلف احتجاجن، ڌرڻن، بک هڙتالن کان ويندي، هن وڌي آزدي مارچ جهڙو انتهائي قدم، ڀرپور نموني سان کڻي سنڌ جي دل ڪراچي ۾ سڄي سنڌ کي ڪٺو ڪري هن رياست جي مصنوئي جنم ڏينهن تي اُن جي وجود کان انڪار ڪندي، پنهنجي ڌرتيءَ جي آزادي جي گُهر ڪري دُنيا کي نيٺ ٻُڌائي ڇڏيو ته ”سنڌ گُهري ٿي آزادي“. 2009ع وارو آزادي مارچ بشير خان قريشي واري عملي جدوجهد جو اهڙو ته مٿڀرو قدم هو، جنهن ڪراچي جهڙي شهر ۾ سنڌي ماڻهو کي ڳاٽ اوچو کڻي هلڻ لائق بڻايو، پر 2012ع واري آزادي مارچ ته سنڌي قوم کي ايترو ته سُجاڳ ڪري وِڌو جو اُن سُجاڳيءَ جي ڀرپور عمل، ظالم قوتن کي پنهنجي وجود ۾ ڏڪڻي وجهي ڇڏي ۽ پوءِ سڄي دُنيا منصور جي آواز کي ڪَن ڏيئي ٻُڌو ۽ اُن جي وراڻي به ڏني، اُن وراڻي هن رياست جي دوکي بازن جي پٿر دلين کي ڏهڪائي ڇڏيو، جنهن جي ردِ عمل ۾ هن نڪمي رياست انتهائي ڪِريل حرڪتي سازش ڪري سنڌ جي ابوجهاد ۽ آزادي مارچ جي خالق شهيدِ سنڌوديش بشير خان قريشي کي ڇنڇر 7 اپريل 2012ع تي راتاهو هڻي، کيس زهر ڏيئي شهيد ڪري ڇڏيو. جنهن جي ردِ عمل ۾ سموري سنڌ ۽ اُن جو هر ذرو سوڳ وار بڻجي روئي پيو هو. اُن آزادي مارچ کان اڳ آزادي مارچ لاءِ ڪيل شهيد بشير خان قريشي ۽ اُن جي سموري سٿ جي جدوجهد جي ڪهاڻي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پنهنجي ڊائري ۾ ڊيلي ڊائري جي روپ ۾ سهيڙي ورتي هئي، جنهن کي اڄ ڪتابي صورت ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي قلم بند ڪري هڪ اهڙي تاريخ کي تحرير ڪري ورتو آهي جيڪا مزاحمتي ادب جي لاءِ لازوال ۽ دنيا توڙي سنڌ جي هر مظلوم ۽ محڪوم قوم لاءِ هڪ اُتساهه ۽ سبق طور ياد رکي ويندي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي شهيدِ سنڌوديش بشير خان قريشي جو اهو ٻانهن ٻيلي ۽ هن آزادي مارچ جو هڪ اهڙو بهادر ۽ عملي جدوجهد تي يقين رکندڙ ڪردار آهي جنهن پڻ پنهنجي زندگي جا سون ورنا ڏينهن جيلن، روپوشين، عقوبتن ۽ سنڌ دشمنن سان وڙهندي گذاريا آهن.
ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي آزادي مارچ واري لکيل ڪتاب ۾ خوبصورت ۽ دلچسپ انداز سان سمورا واقعا ۽ روز مرهه جي جدوجهد کي تحرير ڪيو آهي. جو هو جڏهن آزادي مارچ ڊائري جي شروعات ٿو ڪري ته اُها پنهنجي سموري تاريخي پسمنظر ۾ خوبصورت حوالن سان تاريخي معلومات به فراهم ڪندي هلي ٿي ته ٻي طرف پڙهندڙ مطالعو ڪندي ايئن ٿو محسوس ڪري ڄڻ هُو به هن آزادي مارچ ۾ آزادي جي سرواڻ بشير خان قريشي سان سڄي سنڌ پيرين پنڌ هلندي ڏسندو پيو وڃي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي تحرير ڪيل اهڙي خوبصورت ۽ مزاحمتي تاريخي ڪتاب ”آزادي مارچ“ کي سِپ پبليڪيشن پاران ڇپائيندي دلي طور تي آئون ڏاڍي سرهائي ٿو محسوس ڪيان ۽ اُن سان گڏ پنهنجي محترم نظرياتي ساٿي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بُڙدي ۽ پنهنجي پياري دوست ستار سُندر جو به ٿورائتو آهيان، جن هن ڪتاب جي مختلف ڪمن ۾ مون سان هٿ ونڊائي هن سنڌ جي اَمانت کي آڻڻ ۾ مون سان ڀرپور سهڪار ڪيو آهي.
بخشل باغي
خميس 3 جنوري 2013ع