سنڌ گُهري ٿي آزادي : 1 فيبروري 2012ع
منهنجي ان رٿ کي سڀني دوستن ساراهيو ۽ منظور ڪندي اهو طئي ٿيو ته سڀاڻي جسقم چيئرمين اهڙي قسم جي پريس ڪانفرنس ڪري، ان جو اعلان ڪري. محترم بشير خان قريشي 16 ڊسمبر تي سڪرنڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪري 23 مارچ ڪراچي ۾ سنڌ گُهري ٿي آزادي نالي آزادي مارچ جو اعلان ڪيو، جيڪو تقريباً سڀني اخبارن ۾ اچي چڪو هو.
پهرين فيبروري کان دورو، سن (ڄامشورو) ضلعي کان شروع ٿيو.
اسان مرڪزي باڊي ۾ شامل دوست ۽ سن ضلعي جا عهديدار ڄامشورو ڦاٽڪ ڪراس ڪري اڳتي وڌياسين (ان کي اسين قومي قافلو) جو نالو ڏيون ٿا. اهو جڏهن منظور آباد پهتو ته اتي مين روڊ تي بيٺل سوين ماڻهن قومي قافلي جو استقبال ڪندي، قومي قافلي جي سرواڻ محترم بشير خان قريشي تي گل نڇاور ڪيا. جتي مختصر خطاب ڪندي بشير خان گڏ ٿيل ماڻهن جي ميڙ کي ٻڌايو ته، اڄ اسين پنهنجي دوري جي شروعات ڪري سنڌ جي ماڻهن کي اها دعوت ڏيڻ آيا آهيون ته سنڌ اسان جو وطن آهي ۽ اسان سنڌي هڪ قوم آهيون. ان ناتي آزادي اسان جو فطري ۽ ابدي حق آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي گڏ ٿي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻي پوندي. ان لاءِ اسان 23 مارچ جو ڏينهن مقرر ڪيو آهي ته جيئن ڪراچي ۾ گڏ ٿي لکن جي تعداد ۾ آزادي جي گُهر ڪريون ان ۾ هر هڪ سنڌي کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اها دعوت جيڪڏهن اوهان کي قبول آهي ته قومي قافلي کي هٿ مٿي کڻي واعدو ڪيو ته اوهان ان ڏينهن ڪراچي ۾ آزادي مارچ ۾ ضرور شرڪت ڪندا. بيٺل ماڻهن جي ميڙ هٿ مٿي ڪري بشير خان سميت سڄي قومي قافلي کي يقين ڏياريو ته هو ضرور آزادي مارچ ۾ شريڪ ٿيندا. منظور آباد ۾ بيٺل ان ميڙ جي سرواڻي آصف ۽ رزاق کوسو ڪري رهيا هئا. قومي قافلو جوش ۽ جذبي سان اڳتي وڌيو. قومي قافلي ۾ شريڪ هر هڪ دوست جي ذهن ۾ مختلف خيال، ڳالهيون ڦرنديون رهيون. مون سان گاڏي ۾ حنيف ساگر بُڙدي هو. منظور آباد کان هلندي ساڄي پاسي ڏٺم ته ڳوٺ ۽ مين روڊ جي وچ ۾ جابلو ٽڪري هئي، جتي ڪاڪو علڻ ٿيٻو دفن ٿيل آهي. ڪاڪو علڻ ٿيٻو. سائين جي ايم سيد جي خاص رفيقن مان هڪ هو. سندس وفات تي آئون، عبدالواحد آريسر ۽ قاسم پٿر گڏ آيا هئا سين. اسان سن ۾ سائين جي ايم سيد وٽ (سنڌ ڳالهائي ٿي) نالي ڪتاب. جيڪو سائين جي ايم سيد عدالت ۾ بيان پيش ڪرڻ لاءِ لکيو هو. ان جي ترتيب لاءِ رهياسين جتان اسان منظور آباد آيا هئاسين. ڪاڪو علڻ ٿيٻو بابت مونکي ياد آهي ته سائين جي ايم وٽ ويٺا هئاسين ته سائين جي ايم سيد جو هڪ پوٽو به اتي ويٺل هو جنهن ڪاڪي علڻ ٿيٻو بابت ڪجهه شڪايتي جملا چيا ته سائين جي ايم سيد کيس چڙٻ ڏيندي منع ڪيو ته هو ڪاڪي علڻ ٿيٻو متعلق نه ڳالهائي، ڇاڪاڻ جو ان بابت هڪ ته کيس (پوٽي کي) گهڻي خبر نه هئي ۽ ٻيو ته هو غلط بياني ٿو ڪري. ان ڪري سائين جي ايم کيس چيو ته يا ته چُپ ڪري ويهي يا ڀلي اٿي وڃي پر ڪاڪي علڻ ٿيٻو بابت نه ڳالهائي. سائين جي ايم سيد پنهنجي رفيقن جي ايتري عزت ڪندو هو، ان بابت منهنجي روبرو اها ڳالهه ٿي هئي. ڪاڪي علڻ ٿيٻي کي دلي ۽ ذهني عقيدت پيش ڪندي اڳتي وڌندي سنڌ ڌرتي جي هن پٿريلي علائقي بابت پڙهيل ڳالهيون ذهن ۾ ڦرڻ لڳيون. عبدالواحد آريسر ”سَرَ ۾ سانجهيءَ وير“ نالي ڪتاب ۾ انهن سڀني ماڻهن تي لکيو آهي. جن ارغونن، تُرخانن ۽ مُغلن جي خلاف ويڙهه ڪئي هئي ۽ کين هڪ ڏينهن به سنڌ کي سک سان ڦُرڻ نه ڏنو هو. جن کي يوسف مِيرڪ پنهنجي شاهجهان نامه نالي ڪتاب ۾ ڌاڙيل ڄاڻايو هو. يوسف مِيرڪ انهن ليکڪن جي قطار ۾ سرفهرست آهي جن سنڌ جي آزادي لاءِ وڙهندڙن کي ڌاڙيل ۽ ڦورو ڄاڻائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. اڳيان خاصائي ڳوٺ اچي ٿو جنهن کي ان ارغونن، ترخانن، مغلن واري دور ۾ آزادي جي ويڙهه ۾ مکيه مورچي جي حيثيت حاصل هئي، جنهن کي ڪيترائي دفعا ڌارين ميساري ڇڏيو هو. پر هر دفعي ميسارجڻ کان پوءِ واري نئون ڳوٺ سنڌين اتي ئي ٿي اڏيو. جيئن باغين جا سر ڪٽجڻ کان پوءِ به نوَن سِرن جون قطارون ٺهنديون وينديون آهن، تيئن اهو ڳوٺ به ڪڏهن مڪمل تباهه ٿي نه سگهيو.
خاصائي کان ٿورو اڳتي هلندي روڊ جي وڪڙ تي سامهون سڄي هٿ کان ڊٺل جڳهه پئي نظر آئي، جيڪا آزاد سنڌ ۾ دولهه دريا خان جي اوطاق طور ڪتب ايندي هئي. ٿورو اڳتي وڌياسين ته ٽوڙهي ڦاٽڪ نظر آيو. جنهن جي مٿان اڄڪلهه پُل ٺهيل آهي. ان ڦاٽڪ تي 17 آڪٽوبر 1984ع ۾ ڄامشورو سان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ويندڙ قومي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي فوجي درندن انڌا ڌُنڌ فائرنگ ڪئي هئي. جنهن ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان لاڳاپيل 4 شاگرد شهيد امان الله وسطڙو، شهيد انور عباسي، شهيد مالڪ خشڪ ۽ شهيد ذڪريا ميمڻ شهيد ٿيا هئا. ۽ هڪ يونيورسٽي ملازم شهيد، مٺو بليدي شهيد ٿيو هو. ۽ سوين ڪارڪن ان وقت جي قومي اڳواڻن محترم گل محمد جکراڻي، نذير تنيو، اقبال تنيو، ستار مورچو، سڪندر ميراڻي، دودو مهيري، سليمان جتوئي، عمرالدين زرداري سميت گرفتار ڪيا ويا هئا.
مانجهند اسٽاپ وٽ نعرن جي گونج ۾ قومي قافلي جو استقبال ٿيو. قومي قافلو بشير خان جي سرواڻي ۾ مانجهند شهر طرف وڌڻ لڳو. شهر ٻاهران تعقلي اسپتال سامهون سوَن جي تعداد ۾ بيٺل ماڻهن گلن جي ورکا ڪري دُهلن، شرنانين سان آجيان ڪندي محترم بشير خان کي گاڏي ۾ لهڻ جو عرض ڪري کيس جلوس جي صرورت ۾ شهر طرف وڌڻ لڳا. سڄو شهر گڏ ٿي ويو، دڪانن ۾ ويٺل ماڻهو دڪانن مان ٻاهر نڪري هٿ لوڏي همت افزائي ڪندا رهيا ۽ جلوس جلسي گاهه ۾ پهتو. جيڪو حيدر علي لغاري لائبريري ۽ ڪمپيوٽر سينٽر ڀرسان ٺاهيو ويو هو. رفيق ميمڻ، فرحان ميمڻ، اڪرم کوسو، مانجهند، سن ۾ ڪيل جلسي جا روح روان هيا. جن قومي قافلي کي اجرڪون اوڍايون ۽ان کان پوءِ قومي قافلي جي سرواڻ محترم بشير خان قريشي جلسي کي مخاطب ٿيندي، چيو ته سنڌ هڪ الڳ ملڪ جي حيثيتن ۾ پاڪستان ۾ هڪ معاهدي تحت شامل ٿي هئي. جنهن ۾ سنڌ کي هڪ خومختيار حيثيت حاصل هئي، پر پنجاب ان معاهدي کي طاقت جي زور تي ٽوڙي پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جو استحصال ڪرڻ شروع ڪيو. سنڌ جي زبان کي مٽائي ان جي جڳهه تي ڌاري ٻولي کي سنڌ سميت سڄي پاڪستان تي مڙهيو ويو. سنڌ جون زرعي زمينون ۽ جڳهيون ڪليمن جي نالي ۾ ڌارين حوالي ڪيون ويون. سنڌ جون نوڪريون، ڪارخانا ڌارين جي قبضي هيٺ اچي ويا. سنڌ مان نڪرندڙ تيل، گيس اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جي حوالي ڪيا ويا. هاڻي سنڌ جا شهر سنڌين جا نه رهيا آهن اتي ڌاريا ڪثرت ۾ آباد ڪري انهن حوالي ڪيا ويا آهن. ان سڄي ظلم جو سبب پاڪستان آهي. ان ڪري اسان 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي پاڪستان کان سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪنداسين، جنهن ۾ اوهان کي شريڪ ٿي، ٻڌي جو نمونو اختيار ڪري طاقت ۾ تبديل ۽ اضافي جو سبب ٿي سنڌ جي گُهر کي وزنائتو ۽ پُرزور بنايو. جلسي ۾ شريڪ سڀني ماڻهن ننڍن ٻارن، پوڙهن، نوجوانن هٿ مٿي ڪري واعدو ڪيو ته هو 23 تاريخ جلسي ۾ ضرور شريڪ ٿيندا.
جلسي گاهه جي پُٺ ۾ مون کي هڪ خوبصورت مينار ٺهيل نظر آيو. جيڪو گلابي رنگ مائل هو. ڀرسان ويهي ان تي اڪريل اکر پڙهيم. جنهن تي لکيل هو ته سيرومل پٽ چانڊومل پهنجي زال موهني ٻائي جي ياد ۾ هي مينار ٺهرايو هو. ڏاڍي دل خوش ٿي ته هڪ سنڌي هندو شهر کي خوبصورت ڪرڻ ۽ پنهنجي زال جي ياد لاءِ ڪهڙو خوبصورت ۽ وڻندڙ مينار تيار ڪرايو آهي. پر هاڻي ان جي چوڌاري گند جا ڍير ۽ ڪانڊيرا پيا هئا. ائين محسوس ٿيو ته سنڌي هندن جي وڃڻ کان پوءِ ڄڻ سنڌ ۾ گند جا ڍير ۽ ڪانڊيرا گڏ ٿي ويا هجن. لاکا بس اسٽاپ طرف وڌندي مون ساگر حنيف بڙدي کي ٻڌايو ته مانجهند شهر ٻاهران ٺهيل بچاءَ بند جي پاسي ۾ هڪ شِوَ جو مندر به آهي. جيڪو هاڻي زبنون ٿي ويو آهي، اتي ڪڏهن وڏو ميلو لڳندو هو، مون اهو مندر پنهنجي شهدادڪوٽي دوست سيٺ ڀاونداس سان گڏ گُهمي ڏٺو هو. جنهن ان جي مرمت ڪرائڻ جو به خيال ڏيکاريو هو. پري کان روڊ هلندي مون حنيف ساگر کي اهو مندر ڏيکاريو. لاکا اسٽاپ پهتاسين ته سوين ماڻهو اصغر خاصخيلي، مير محمد کوسو، يار محمد کوسو، امين کوسو، روشن کوسو جي اڳواڻي ۾ بيٺل هئا. جن گلن جي ورکا ڪري، استقبال ڪري روڊ کان کٻي طرف ٺهيل جلسي گاهه طرف وٺي هليا. جتي قومي قافلي جي سرواڻ سميت قومي قافلي ۾ شريڪ سڀني ساٿين کي اجرڪون اواڍيون ويون. بشير خان قريشي مختصر خطاب ڪري کين ٻڌايو ته اسين پاڪستان ۾ برابري جي بنياد تي شامل ٿيا هئاسين پر پنجاب طاقت جي زور تي اسلام جو نالو کڻي اسان جي سڀني پيداواري ذريعن تي قابض ٿي اسان کي بُک، بدحالي ۽ مُفلسي ۾ مُبتلا ڪري ڇڏيو آهي. اسان کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڌارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪري انهن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي اسان جي وسيلن تي آساني سان قابض ٿي سگهن. ان ڪري اسان وٽ پُرامن واهه اها آهي ته اسين سنڌي هڪ هنڌ، ڪنهن وڏي شهر ۾، جيئن ڪراچي آهي اتي گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون ته جيئن سنڌ کي غلامي جي زنجيرن کان آزاد ڪرائي سگهون. تقريرن کانپوءِ قومي قافلو اڳتي وڌيو ته سولنگي اسٽاپ وٽ سوين ڳوٺاڻن استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي. بشير خان قومي جهنڊو، (ڳاڙهو، ڪهاڙي جي نشان وارو جنهن کي سنڌ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل هاسٽل جي17نمبر ڪمري ۾ اقبال ترين ۽ سندن دوستن پهريون دفعو ڊزائن ڪيو هو) ڦڙڪايو. اتي بشير خان گڏ ٿيل ماڻهن کي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ آزادي مارچ ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني. قومي قافلو ڪوٽائي چانڊيا ڳوٺ پهتو. جتي انور شاهه طرفان ڀليڪار ڪئي وئي. اجرڪون اوڍائڻ کان پوءِ بشير خان گڏ ٿيل ڳوٺاڻن کي مختصر خطاب ڪندي اهو ٻڌايو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ سان مسلسل بي انصافيون ٿي رهيون آهن. انهن ٿيل بي انصافين مان ڇوٽڪارو گهر ويٺي نه ملندو پر سائين جي ايم سيد جي فڪر تي عمل ڪرڻ سان سنڌ آزاد ٿي خوشحالي ماڻي سگهي ٿي. بشير خان سان ڳوٺاڻن هٿ مٿي ڪري واعدو ڪيو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي اچي آزادي مارچ ۾ ضرور شريڪ ٿيندا. تنهن کانپوءِ قومي قافلو موسيٰ شاهاڻي ڳوٺ طرف روانو ٿيو. مين روڊ تي ڳوٺ طرف ويندڙ رستي تي سوين ماڻهن استقبال ڪيو ۽ قومي قافلي سان گڏجي ڳوٺ طرف روانا ٿيا. اتي پنڊال ۾ حبيب الله شاهاڻي ۽ عبدالرحمان شاهاڻي آجيان ڪري اجرڪون اوڍايون. آصف بالادي مختصر خطاب ڪندي چيو ته هي قافلو تبديلي پسند، ترقي پسند، جمهوريت پسند، پاڪستان پسند نه پر وطن جي آزادي پسند ڪارڪنن جو قافلو آهي، جيڪو سنڌ جي ڳچي مان غلامي جو ڳٽ لاهڻ لاءِ سنڌين کي گڏ ڪري آزادي جي گُهر ڪرڻ لاءِ 23 مارچ تي ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ گُهرجائو آهي. بشير خان قريشي پڻ مختصر خطاب ڪري ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته پُر امن آزادي جي گُهر سنڌ جي ضرورت آهي ان لاءِ فقط گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي. تنهن کانپوءِ قومي قافلو سن طرف روانو ٿيو. سن اندر سوزوڪي اسٽاپ تي قومي قافلي جي آجيان ٿي، تنهن کان پوءِ قومي قافلي سائين جي ايم سيد وٽ حاضر ٿي قومي ترانو چيو. جيڪو شيخ اياز جو چيل آهي. سائين جي ايم سيد ان قومي تراني کي ڪجهه وقت لاءِ ان ڪري معطل يا مهمل ڪيو هو، جو شيخ اياز هڪ مضمون ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسي واري حالت ۽ مخدوم بلاول جي گهاڻي پيڙهجڻ واري پيڙا کي ڀيٽيو هو. بهرحال پوءِ ڪجهه وقت کان پوءِ سائين جي ايم سيد ان کي وري بحال ڪيو هو. تنهن کان پوءِ قومي قافلي جي سرواڻ محترم بشير خان سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحالي ۽ دنيا ۾ امن اتحاد ۽ ترقي بني آدم لاءِ دعا گُهري.
سن ۾ بس اسٽاپ تي گڏ ٿيل هزارين ماڻهن کي آصف بالادي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي ۽ بشير خان قريشي خطاب ڪيو. بشير خان پنهنجي خطاب ۾ سنڌ جي شاندار ماضي کي ياد ڪندي، هزارين ماڻهن جي مجموعي کي ٻڌايو ته آزاد سنڌ ماضي ۾ نهايت خوشحال ملڪ رهيو آهي. جنهن جي تهذيب ۽ تمدن مصر ۽ عراق جي تهذيبن کان به سُڌريل هئي. سنڌ، ماضي ۾ به هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ رهي آهي ۽ جڏهن انگريزن سنڌ کي 1843ع ۾ فتح ڪيو هو ته تڏهن به سنڌ هڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ هو. انگريزن جڏهن محسوس ڪيو ته هو هاڻي برصغير هندستان کي گهڻو وقت غلام نٿا رکي سگهن تڏهن هنن برصغير کي آزادي ڏيڻ جو سوچيو پر هنن اها ڳالهه ذهن ۾ رکي ته آئنده هلي هن خطي ۾ اهڙي ڌُر طاقتور رهي جيڪا سندن جديد بيٺڪيتي نظام ۾ رهڻ خوشي محسوس ڪري، انهن، ”مسلمان الڳ قوم آهن“ جو نعرو ۽ نظريو ايجاد ڪري پنهنجن خريد ٿيل ماڻهن ذريعي ان کي ڦهلايو ۽ پنجاب کي اهومحسوس ڪندي ته، هو ٻن عظيم جنگين ۾ سندن ٻانهه ٻيلي انگريزن جو نمڪ حلالي وارو ڪردار ادا ڪري چڪو آهي ۽ انگريزن جي غلامي ۾ هو ڪعبته الله شريف تي به گوليون هلائڻ کان نه هٻڪيو آهي، تڏهن انگريزن پنجاب کي چوڌري ڪري پاڪستان جو مالڪ بنايو. بشير خان وڌيڪ اهو ٻڌايو ته سائين جي ايم سيد جڏهن اهو ڏٺو ته پاڪستان ٺهي رهيو آهي، تڏهن سائين جي ايم سيد ان ٺهندڙ پاڪستان کي هڪ معاهدي ۾ تبديل ڪرايو. جنهن تحت پاڪستان ۾ گڏ ٿيندڙ قومون ۽ ملڪ، آزاد ۽ خودمختيار هوندا. پر پاڪستان ٺهڻ کان هڪ سال اڳ 1946ع ۾ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽي ۽ پارلياماني ڪاميٽي دهلي ۾ گڏ ٿي ان معاهدي، جنهن کي قرارداد پاڪستان طور 23 مارچ تي ملهايو ويندو آهي. ان کي ٽوڙي پاڪستان کي هڪ اسٽيٽ طور ڄاڻائي ڇڏيو. پاڪستان ٺهڻ شرط سڀ کان اڳ هن سڄي خطي سان ۽ خاص طور تي سنڌ سان ظلم اهو ڪيو ويو ته هزارين سالن کان وجود رکندڙ اسان جي شاندار ٻولي کي پوئتي ڪري ڌاري ٻولي اردو کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو. تنهن کان پوءِ سنڌ ۾ فساد ڪرائي سنڌي هندن کي زوري لڏرائي انهن جي 25 لک ايڪڙ زمين ڌارين جي حوالي ڪئي وئي. تنهن کان پوءِ ڪوٽڙي بئراج هئڻ ڪري 10 لک ايڪڙ زمين فوجين ۽ پنجابين ۾ ڀڳڙن مُٺ ورهائي وئي، اهڙي طرح سان گڊو بئراج ٺهڻ کان پوءِ پڻ لکين ايڪڙ سنڌجي زمين ڌارين حوالي ڪري کين سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو ۽ ون يونٽ ٺاهي سنڌ جا سڀ پيداواري ذريعا پنجاب حوالي ڪيا ويا.
نوڪريون پنجابين حوالي، گئس، تيل پنجاب حوالي، درياهه جي پاڻي تي بند ٻڌائي سنڌو درياهه جو پاڻي چورائي، سيني زوري پنجاب حوالي ڪيو ويو. 1973ع جو آئين ٺاهي سنڌ جي الڳ قومي وجود کان انڪار ڪيو ويو. روڊ، رستا پيداوار ۽ ذريعا وفاق جي نالي ۾ پنجاب حوالي ٿي ويا. ٻاهرين صوبن خاص طور تي پنجاب ۽ پٺاڻن کي کلي اجازت ڏني وئي ته هو سنڌ ۾ داخل ٿي سنڌ جي پيداوار جي ذريعن تي قابض ٿين، ٻين 29 ملڪن کان لکين پرڏيهي سنڌ ۾ داخل ٿي ويهي رهيا ۽ ائين سنڌ جا وڏا شهر ڌارين جي حوالي ٿي ويا. هاڻي ته مورڳو سنڌ جي شهرن جي مالڪي جي دعويٰ ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ واسيو ڇا ڪجي! بشير خان مجموعي طرف هٿ کڻي چيو ته 65 سال ووٽ به ڏناسين پر سنڌ جي تقدير تبديل نه ٿي سگهي. ان ڪري هاڻي فقط هڪ رستو بچيو آهي ته سنڌي سڀ گڏ ٿي سائين جي ايم سيد جي فڪر تحت سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪيون ۽ اهو فقط تڏهن اثرائتو ٿي سگهندو جڏهن تمام گهڻي تعداد ۾ لکن ۾، ڪروڙن ۾ سنڌ جي وڏي شهر ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون. بشير خان قريشي هزارن جي مجموعي کي مخاطب ٿي چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي آزادي چاهيو ٿا، جيڪڏهن پنهنجن ٻچن جو مستقبل محفوظ چاهيو ٿا ته پوءِ هٿ مٿي ڪري قومي قافلي کي يقين ڏياريو ته اوهان سڀ 23 مارچ تي ڪراچي ۾ ضرور گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪندا. جلسي ۾ شريڪ هزارين ماڻهن هٿ مٿي کڻي اهو واعدو ڪيو ته هُو جسقم جي سڏ تي بشير خان جي سڏ تي 23 مارچ تي ڪراچي ضرور اچي آزادي مارچ ۾ شريڪ ٿيندا.
جلسي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ قومي قافلو شالماڻي طرف وڌيو. جتي مين روڊ تي اسٽاپ وٽ بيٺل ڪيترن ئي ماڻهن استقبال ڪري گل نڇاور ڪيا. قومي قافلي ۾ شريڪ اڳواڻن کي اجرڪون اوڍايون ويون. ساگر حنيف بڙدي ۽ محترم بشير خان قريشي مختصرن خطاب ڪري گڏ ٿلين کي 23 مارچ ۾شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني. گڏ ٿيل مجموعي جي اڳواڻي علي بخش کوسو، لکاڏنو کوسو ۽ غلام قادر کوسو جن ڪري رهيا هئا. قومي قافلو اڳتي روانو ٿيو ته ٿورو اڳيان مين روڊ تي غلام علي گائنچي ۽ حضور بخش گائنچي جي اڳواڻي ۾ استقبال ڪندڙ ماڻهن جو هجوم بيٺل هيو، جن آڌرڀاءُ ڪري اتي هوٽل تي رکايل کٽن تي ويهاريو، جتي قومي قافلي کي چانهه پياري وئي. محترم بشير خان قريشي ڳوٺاڻي طرز تي حال احوال ڏيندي کين قومي قافلي جي اچڻ جو مقصد سمجهايو ۽ کين دعوت ڏني ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ اسان سنڌي گهڻي تعداد ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون. ڇاڪاڻ ته سنڌ اندر سنڌين سان لاڳو مصيبتن جو حل ان ۾ آهي ته اسان گڏ ٿي پنهنجو وطن آزاد ڪرايون. سڀني ويٺلن بشير خان کي يقين ڏياريو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ضرور اچي سنڌ جي آزادي جي گُهر ۾ شريڪ ٿيندا. تنهن کان پوءِ حضور بخش گائنچي سڀني قافلي جي اڳواڻن کي اجرڪون اوڍايون. حضور بخش گائنچو سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ عمر قيد جي سزا ڪاٽي آزاد ٿي آيو آهي ۽ اسان سان جيلن ۾ گڏ رهيو آهي. تنهن کانپوءِ قافلو ڇڇر ڳوٺ طرف روانو ٿيو. جتي قومي قافلي ۾ شريڪ ساٿين کي گلن جا هار پارايا ويا، وڏيري علي مراد طرفان، تنهن کانپوءِ وڏيري شير محمد گائنچي بشير خان قريشي کي بوسڪي جو پٽڪو پارايو. سائين منير حيدر شاهه کي ٽوپي ۽ ٻين اڳواڻن کي اجرڪون اوڍايون ويون، تنهن کان پوءِ مولوي حسن لاکي آجياڻي تقرير ڪندي بشير خان قريشي سميت سڀني قومي قافلي ۾ شريڪ ٿيلن کي مرحبا ڪئي ۽ ڳوٺ واسين طرفان يقين ڏياريو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ۾ جسقم جي ريلي ۾ ضرور شريڪ ٿيندا. تنهن کان پوءِ سن ضلعي جي اڳواڻ عاشق کوسو تقرير ڪندي کين سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن بابت آگاهي ڏني. ڪيهر انصاري کي پڻ تقرير جو وارو ڏنو ويو ۽ پوءِ آخر ۾ بشير خان قريشي، قومي قافلي جو ڳوٺ ۾ اچڻ جو موقف ٻڌائيندي کين چيو ته سائين جي ايم سيد پنهنجي ڊگهي سياسي ۽ عملي تجربي جي آڌار تي اها حقيقت اسان سڀني سنڌين آڏو رکي ته سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي کانسواءِ ٻيو حل ممڪن نه آهي جيڪو پُرامن طريقي سان گڏ ٿي حاصل ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ جسقم اهو فيصلو ڪيو آهي ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون ۽ دنيا کي ٻڌايون ته پاڪستان اندر هاڻي سنڌي رهڻ لاءِ تيار نه آهن. ڇاڪاڻ ته هتي جمهوريت معنيٰ پنجاب جي اڪثريت جي تابع رهڻ آهي. جنهن ذريعي نه فقط اسان جي الڳ قومي وجود جي تشخص کي خطرو آهي پر سڀ پيداواري ذريعا پڻ پنجاب حوالي ٿيل آهن، ان ڪري سنڌ جو مسئلو ڪنهن نظام حڪومت ذريعي حل ٿيڻ ممڪن نه آهي پر وطن سنڌ جي آزادي ۾ ئي ممڪن آهي. بشير خان قريشي جي خطاب کان پوءِ قومي قافلو وڏا ڇڇر پهتو، جتي رات جا 10.20 منٽ ٿي چڪا هئا. ٿڌ پنهنجو زور وٺي رهي هئي. پر ان هوندي به سوين ڳوٺاڻا قومي قافلي جي انتظار ۾ ويٺل هيا. ڪريم بخش ڇڇر اڳواڻن کي اجرڪون اوڍايون ۽ ڪريم بخش مختصر خطاب ڪندي قومي قافلي کي ڀليڪار چوندي سڀني ڳوٺاڻن طرفان 23 مارچ تي ڪراچي ۾ شريڪ ٿيڻ جي يقين دهاني ڏياري. تنهن کانپوءِ نجف لغاري پڻ مختصر خطاب ڪندي قومي قافلي جي اچڻ جو مقصد ٻڌايو. آخر ۾ بشير خان قريشي قومي قافلي جي سربراهي ڪندي کين مخاطب ٿيو ته ڇڇر جي ماڻهن ٿڌ پوڻ جي باوجود به جنهن محبت ۽ سڪ مان اسانجو انتظار ڪيو آهي ته اسان جي دلين ۽ دماغن کي اها پڪ ٿي وئي آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسان پنهنجي وطن ۾ مڪمل آزاد هونداسين ۽ آزاد هوندي پنهنجي وطن جي ماروئڙن کي سائين جي ايم سيد جي فڪر تحت خوشحالي طرف وٺي وڃي سڄي دنيا ۾ امن- اتحاد ۽ محبت پيدا ڪرڻ جو سبب پيدا ٿي ترقي بني آدم حاصل ڪري وٺنداسين، ان ڪري اچو ته ان جي شروعات 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي ڪريون. تنهن کان پوءِ قومي قافلو ڳوٺاڻن کان موڪلائي اڳئين منزل طرف وڌيو. رات جا 11.30 هين روڊ کان اندر لڪي شاهه ويندڙ رستي تي پهتاسين. جتي تنوير شاهه ۽ غلام قادر جويي جي اڳواڻي ۾ دوست قومي قافلي جي آجيان لاءِ بيٺل هيا. قومي قافلو لڪي شاهه صدر ۾ داخل ٿي لڳل شامياني وٽ پهتو ته اتي ويٺل ماڻهن والهانه استقبال ڪيو. غلام قادر جويي آجياڻو ڏيندي چيو ته شام کان سخت ٿڌ جي باوجود سوين ماڻهو انتظار ۾ بيٺل هيا ۽ هاڻي رات جا نوَ ٿيڻ وارا آهن ان جي باوجود به ماڻهو آتا آهن ته قومي قافلي جي سرواڻن کي ٻڌون. تنهن کان پوءِ سائين منير حيدرشاهه کي خطاب لاءِ سڏيو ويو. جنهن هن سڄي علائقي جي تاريخ ٻڌائيندي چيو ته ڄامشوري کان وٺي باغبان تائين ۽ پرتي غيبي ديري تائين هي اها ٽڪري ۽ علائقو آهي جنهن ڌارين حاڪمن جي ڪڏهن به غلامي قبول نه ڪئي آهي. ۽ سدائين حملي آور حاڪمن جي خلاف جدوجهد پئي ڪئي آهي. هن ئي علائقي ۾ مخدوم بلاول، دولهه دريا خان پنهنجي پٽن محمود ۽ موٽڻ سميت وطن تان قربان ٿيا ته حيدر شاهه سنائي کان وٺي سر يمڻ چانڊئي تائين هي علائقو اهڙن جوڌن سان ٽمڪندو هو. جيڪي وطن سنڌ جي آزادي سڀني کان وڌيڪ مقدم سمجهندا هيا. سائين منير حيدر شاهه جي مختصر خطاب کان پوءِ قومي قافلي جو سرواڻ بشيرخان مختصر خطاب ڪرڻ اٿيو. سامعين کي بشير خان، سائين جي ايم سيد جي اتر سنڌ جي دوري جو احوال ٻڌائيندي کين ٻڌايو ته شهداد ڪوٽ ۾ سائين جي ايم سيد دوري دوران خطاب ڪندي چيو هو ته عمر جي هن وهي ۾ دورا ڪرڻ ڇا ڪجي جو محبت وڌو آ مامري نه ته ڪير ڪشالا ڪري. سنڌ جي محبت جي ستي جيڪا اسان کي سائين جي ايم سيد پياري هئي اها اسان کي به پنهنجي رهبر سائين جي ايم وانگي ويهڻ نه ٿي ڏئي. اهڙي مهل جتي ڳالهائڻ مهل وات مان ٿڌ ڪري دونهان نڪرن ان مهل توهان به ويٺا هجو اسان جي انتظار ۾، توهان جي ان محبت جو قسم آئون توهان کي يقين ٿو ڏياريان ٿو يا ته هڪ ڏينهن سنڌ آزاد ڪرائينداسين يا ان راهه ۾ سر ڏينداسين. تقرير ڪرڻ کان پوءِ بشير خان قريشي سميت قومي قافلو لڪي شاهه وارن کان موڪلائي اڳتي روانو ٿيو. رات جي 12.30 وڳي سيوهڻ ٻاهران اٽڪ پيٽرول پمپ وٽ بيٺل دوستن استقبال ڪيو. تنهن کان پوءِ قومي قافلو، جو قلندر جي درگاهه ٻاهران عَلَمَ وٽ دعا کانپوءِ جلسو شروع ٿيو. اڪبر ملاح آجياڻي تقرير ڪئي. تنهن کان پوءِ ساگر حنيف بڙدي رات گهڻي ٿيڻ ۽ ٿڌ جو زور وٺڻ ڪري مختصر هڪ ٻه شاهه لطيف جا بيت ٻڌائي تقرير مختصر ڪئي. تنهن کان پوءِ محترم بشير خان قريشي تقرير ڪندي جلسي ۾ شريڪ ٿيلن کي ٻڌايو ته ملڪ يا ڌرتيءَ جا مالڪ جيڪڏهن پنهنجي وطن کان ويڳاڻا ۽ لاتعلق ٿي ويهي رهندا ته پوءِ سندن وطن مڪمل طور ڌارين حوالي ٿي ويندو آهي ۽ اڄ سنڌ سان به اها حالت آهي. پر سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ پنهنجي وطن جي مالڪي ۽ آزاديءَ جي گُهر ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ اندر نڪري پيا آهن ته پنهنجي وطن سنڌ جي گادي واري هنڌ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن جي آزادي ۽ مالڪي جي گُهر ڪريون، ان لاءِ اسان توهان وٽ آيا آهيون ته 23 مارچ تي جسقم جي سنڌ گُهري ٿي آزاد ۾ گڏ ٿيو ته جيئن زوردار نموني پنهنجي جائز ۽ قانوني گُهر ڪري سگهون. اتي ويٺل سڀني ماڻهن هٿ مٿي ڪري زوردار نموني يڪراءِ ٿي واعدو ڪيو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا.
تقريرن جي خاتمي کان پوءِ قومي قافلو رات جو 1.30 وڳي ڌاري سن ۾ آرام ڪرڻ لاءِ سيوهڻ کان روانو ٿيو. سن پهتاسين ته خبر پئي ته حيدرآباد مان ڪجهه دوست آيا هئا. جنهن ۾ بابو درس، سليم ڪابورو، جميل سيال، سردار واحد بخش شيخ ۽ ارشاد خاصيلي شامل هئا. جيڪي گهڻو وقت ويهڻ کانپوءِ دير ٿيڻ ڪري موٽي ويا هئا. بهرحال اڄوڪي ڏينهن جو دورو سن واپس پهچڻ کانپوءِ ختم ٿيو. رات جي ماني سائين منير حيدر شاهه نهايت ذائقيدار ۽ عاليشان ٺهرائي هئي ۽ اهڙي ٿي هئي جيڪا رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پنهنجي ڪيئي ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد جي دسترخوان جو ذڪر ڪندي لکي آهي. اڄوڪي دوري ۾ مرڪزي باڊي مان بشير خان قريشي، مان (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي)، آڪاش ملاح، آصف بالادي، ڪيهر انصاري، ساگر حنيف بڙدي، نجف لغاري، جساف جو اشرف ڪلهوڙو جن هئا ۽ سائين منير حيدر شاهه پڻ گڏوگڏ هئا. ان کان علاوه ضلعي عهديدارن مان عاشق کوسو، قربان سومرو، عالم ٻگهيو ۽ علي بخش ڪابورو هئا. رات جو آرام ڪري وري صبح جو شيڊيول مطابق دادو ضلعي جي دوري لاءِ نڪرڻو هو.
2 فيبروري 2012ع: صبح جو پُر تڪلف ناشتوڪري دادو ضلعي طرف روانا ٿياسين، دادو جسقم جو ضلع صدر مصطفيٰ جانوري رابطي ۾ هو. ڀان سعيدآباد ٻاهران سِم شاخ تي دوستن استقبال ڪري قومي قافلي کي شهر طرف نعرن جي گونج سان وٺي هلندا رهيا. ڀان سعيدآباد هونئن ته ڄامشوري ضلعي ۾ آهي. پر تنظيمي طرح ڀان ضلع دادو ۾ ڳنڍيل آهي. شهر جي وچ چوڪ تي اسٽيج ٺاهي وئي هئي. جتي جلسو ٿيو. سوين ماڻهو گڏ ٿي اڳواڻن جو خطاب ٻڌڻ لڳا. اتي سڀ کان پهريائين ڪاڪ لغاري آجياڻو ڏنو، تنهن کان پوءِ ساگر حنيف بڙدي گڏ ٿيل ماڻهن کي پنهنجي مخصوص انداز ۾ مخاطب ٿيندي ٻڌايو ته مرشد لطيف سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري ۾ ٻڌائي ٿو ته دوست، ساٿي، سڄڻ ۽ پنهنجو علائقو ڪنهن بي نڪي ماڻهو کان ئي وسرندو آهي پر مرشد لطيف ٿوچئي ته حيف تنين کي هوءِ، جن وطن وساريو. لعنت آهي انهن تي جيڪي پنهنجي وطن کان لاتعلق ٿي ويهي رهيا آهن. ان ڪري اڄ وطن سنڌ غلام آهي ۽ سنڌ وطن کي ڌاريا غلام ڪري ان جا وسيلا لُٽي ۽ ڦُري رهيا آهن، اسان جي زبان کي ختم ڪيو ٿو وڃي، اهڙي صورت ۾ پاڻ وطن کي وساري ويهون ته پوءِ نه فقط مرشد لطيف لعنت ٿو وجهي پر سڄي دنيا اهڙي قوم کي عزت ۽ احترام ڏيڻ لاءِ ڪيئن تيار ٿيندي؟ ان ڪري اچو ته 23 تاريخ ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون. تنهن کان پوءِ قومي قافلي جي سرواڻ ۽ جسقم چيئرمين بشير خان قريشي خطاب ڪندي ڀان واسين کي ٻڌايو ته هي سنڌ هزارين سالن کان اسان، توهان سنڌين جو وطن آهي. پر اڄ اسان پنهنجي وطن سنڌ کان لاتعلق بڻيل آهيون ۽ ڌاريا ماڻهو اهي دعوائون پيا ڪن ته سنڌ جو فلاڻو شهر سندن آهي. پٺاڻ اها دعويٰ ٿا ڪن ته سڄي ايشيا ۾ وڌ کان وڌ پٺاڻ آبادي جو شهر ڪراچي آهي. پشاور جو ڪابل ۽ قنڌار جو ذڪر نٿا ڪن. پر دعويٰ ڪندي چون ٿا ته انهن شهرن کان وڌيڪ پٺاڻ ڪراچي ۾ آباد آهي. تنهنڪري انهن جو حق تسليم ڪندي ڪراچي سندن حوالي ڪيو وڃي. عمران خان جيڪڏهن ڪاوڙجي ته ڪراچي ۾ جلسو ڪندي دعويٰ ڪري ته ڪراچي سڀني پاڪستانين جو آهي. اتي سنڌي پنهنجي شهرن ۾ اوپرو بڻجي ويهي رهي. اهو اسان کي قبول نه آهي. سنڌ جا شهر ڌارين حوالي ٿيڻ جو وڏو سبب اهو آهي ته حڪمران چون ٿا ته سنڌي ان ڳالهه ۾ خوش آهن. ان ڪري اچو ته 23 مارچ ڪراچي ۾ لکين سنڌي گڏ ٿي نه فقط پنهنجي شهرن جي مالڪي ڪريون پر سڄي دنيا کي اهو چٽو ۽ واضع لفظن ۾ ٻڌايون ته سنڌين کي هاڻي پاڪستان ۾ ڪنهن به نظام حڪومت سان دلچسپي نه آهي. اسين 1940ع جي قرارداد، جنهن کي توهان (حڪمران) پاڻ ئي ڪيترا دفعا رد ڪري چڪا آهيو کي نه ٿا قبوليون. ان کي چٽي ۽ واضح نموني دنيا کي ٻڌايون ته ”سنڌ گُهري ٿي آزادي“ تنهن تي اتي بيٺل مجموعي ۾ سڀني ماڻهن هٿ مٿي ڪري نعرا هنيا ته سنڌ گُهري ٿي آزادي ۽ بشير خان پوءِ کانئن اهو عهد ورتو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا ۽ اتي سڀني بيٺل ماڻهن هٿ مٿي کڻي بشير خان سان واعدو ڪيو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا.
ڀانن کان پوءِ قومي قافلو جوهي طرف وڌڻ لڳو، جوهي طرف ويندي 2010ع ۾ آيل ٻوڏ ۽ جوهي واسين جي همت ياد پئي ٿي ته ڪيئن نه جوهي واسين سرڪار جي مدد کانسواءِ پنهنجي شهر کي ٻُڏڻ کان بچايو هو، ٻه سال گذري ويا آهن، تباهه ٿيل روڊ نه ٺهي نه ٺهيا. زمينون اڃان پاڻي ۾ ٻڏل، ماڻهو بيحال. پر پوءِ به اڃان ماڻهن ۾ ڪاوڙ جي شدت ايتري ناهي آئي جو ماڻهن جو سمنڊ بنجي هن مصيبت يعني پاڪستان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪن. خيال ايندا رهيا ۽ رستو جهاڪن باوجود کٽندو رهيو، جوهي ٻاهران استقبال ٿيو ۽ جوهي جي ڪار اسٽينڊ تي جلسو ٿيو. جتي وهاب سومري آجياڻو ڏنو، حاجن بروهي تقرير ڪئي ۽ حنيف ساگر، آڪاش ملاح، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي)، سائين منير حيدر شاهه تقريرون ڪري گڏ ٿيل جوهي واسين کي اڄ جوهي اچڻ جو سبب ٻڌايو ۽ پنهنجي پنهنجي انداز سان سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي قومي هيرن ۽ سنڌ مان ٿيندڙ ڦرلٽ بابت آگاهه ڪيو. آخر ۾ بشير خان قريشي پنهنجي صدارتي تقرير ۾ جوهي واسين کي ٻڌايو ته سنڌ جو جابلو علائقو 5000 هزار چورس ميلن تي پکڙيل آهي جيڪو شهداد ڪوٽ کان وٺي ڪراچي تائين ۽ ٺٽي جي ٽڪرين کان پير پٺي تائين ۽ سکر کان وٺي شادي شهيد ۽ ٿر ۾ ڪارونجهر جي 12 ميل هم چورس جابلو علائقي ٿي مشتمل آهي. اهو سڄو جابلو علائقو بظاهر ته سُڪل پٿر نظر ٿو اچي پر انهن جي هيٺان قدرتي خزانا آهن. جيڪي تيل، گيس، يورينيم سان مالا مال آهن. جوهي ۽ جهانگارا باجارا جي وچ تي ڀت جبل وٽان گئس نڪتي آهي. جنهن جو افتتاح ڪجهه وقت ان وقت جي گورنر محمد ميان سومري ڪيو هو، جنهن جو مقدار 42 ٽرلين آهي. بلوچستان ۾ سُئي واري هنڌ وٽان نڪتل گئس جو مقدار 14 ٽرلين آهي. ڀت جبل وٽان نڪتل گئس 10 سالن ۾ 27 هزار ڪروڙ پيداوار ڏيندي ۽ سنڌ کي، جوهي واسين کي فقط 10 ڪروڙ ملندا. بشير خان تقرير ڪندي وڌيڪ ٻڌايو ته دادو، جوهي روڊ تي BHP نالي هڪ گئس ڪمپني گئس ڪڍي رهي آهي. هڪ ته اها گئس ڪمپني زمينن جي مالڪن کي پورو معاوضو نه ٿي ڏئي. جنهن جو مثال جوهي جو رهاڪو خميسو خان آهي ۽ ٻيو ته BHP وٽان نڪرندڙ گئس سڄي پاڪستان مان نڪرندڙ گئس جو 15 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿي، پوءِ به جوهي وارا نه فقط انهن گئس فيلڊن ۾ نوڪرين کان محروم آهن پر اتان نڪرندڙ اربين روپين جي گئس مان کين ٽڪو به نٿو ملي ان جو سبب اهو آهي ته سنڌ، پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جي غلام آهي ۽ اسان سنڌي هاڻي اچو ته ان غلامي کان بيزاري جو اظهار ڪريون ۽ پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون، ان لاءِ اسان 23 مارچ تي ڪراچي ۾ سڀني سنڌين کي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي ته جيئن اتي لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون ۽ توهان هتي گڏ ٿيل واعدو ڪيو ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ هر صورت ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪندؤ. تنهن تي اتي بيٺل سڀني ماڻهن هٿ مٿي ڪري واعدو ڪيو ته هُو، ڪراچي اچي پنهنجي سنڌ وطن جي آزادي جي گُهر ڪندا.
جلسي کان پوءِ قربان کوکر، حاجن بروهي، قومي شاعري ڪندڙ هارون پنهور سان سندن عزيزن جي وفات تي عذرخواهي ڪئي وئي. تنهن کان پوءِ قافلو دادو طرف روانو ٿيو. BHP جي مين گيٽ سامهون قومي قافلي جو دهلن ۽ شرنانين سان بيٺل ماڻهن استقبال ڪيو ۽ پوءِ قومي قافلو دادو طرف وڌندو رهيو. دادو شهر ٻاهران بيٺل سوين ماڻهن آجيان ڪئي ۽ سوين اسڪوٽرن جي اڳواڻي ۾ قومي قافلو دادو شهر طرف وڌڻ لڳو، جتي وچ شهر ۾ مين روڊ تي جلسي جو انتظام ٿيل هو. اجرڪن پائڻ جي رسم کان پوءِ تقريرن جو دؤر شروع ٿيو. غلام حسين لنڊ آجياڻي تقرير ڪئي. تنهن کانپوءِ مرڪزي عهديدارن نجف لغاري، ساگر حنيف بڙدي، ڪيهر انصاري، آڪاش ملاح، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) ۽ منير حيدرشاهه تقريرون ڪري عوام کي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ سان ٿيل ويساهه گهاتين، ظلم ۽ زيادتين کان پرجوش نموني آگاهه ڪيو ۽ آخر ۾ محترم بشير خان قريشي تقرير ڪندي دادو واسين کي اهو ٻڌايو ته پاڪستان، انگريزن طرفان پنجاپين کي ٻن مهاڀاري لڙاين ۾ خدمتن جي عيوض تحفي ۾ مليو هو. انگريزن ڏٺو ته ڪانگريس پارٽي وارا سندن پٺو ٿيڻ لاءِ تيار نه هئا ته هنن پنجابين کي، جيڪي سدائين انگريزن جا جي حضوري ۾ رهيا آهن نوازڻ لاءِ ۽ آئنده هن خطي ۾ انگريز سامراج جي وفادار خطي طور کين پاڪستان ٺاهي ڏيڻ جو پروگرام رٿيو. تڏهن سائين جي ايم سيد ان ٺهندڙ پاڪستان کي قومن جي وچ ۾ معاهدي ۾ تبديل ڪرايو. جنهن کي 1940ع جو معاهدو سڏجي ٿو. جنهن تحت پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ قومن کي جدا رياستن جو درجو ڏنو ويو، ان کان پوءِ پنجابين وڏي مڪاري ۽ فوجي طاقت جي زور تي ان معاهدي کي ختم ڪري سنڌ کي ڪالوني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. 1947ع کان پوءِ 10 لک سنڌي هندو سنڌ ڇڏي هندستان ويا. جن جون ٺهيل عاليشان جڳهون ۽ 25 لک زرعي زمين ٻاهران آيل ماڻهن کي ڏئي سنڌ سان ظلمن جي شروعات ڪئي وئي. تنهنڪري اسان چاهيون ٿا ته ان ساڳي ڏينهن يعني 23 مارچ تي وري لکن جي تعداد ۾ سنڌي گڏ ٿي دنيا کي ٻڌايون ته اسان کي 1940ع جي قرار داد قبول ناهي، هاڻي سنڌي پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪن ٿا. ان لاءِ توهان وٽ آيا آهيون ته ان ڏينهن ڪراچي اچو ته جيئن دوست، دشمن کي ٻڌائي سگهون ته اسان سنڌي ڪهڙي ڳالهه جي گُهر ٿا ڪريون. ان تي جلسي ۾ ويٺل ماڻهن نعرن سان چيو ته آزادي، آزادي، آزادي، تنهن کان پوءِ حسب معمول بشير خان هٿ مٿي کڻائي کانئن 23 مارچ تي ڪراچي اچڻ جو واعدو ورتو. جلسو رات جو 10.30 بجي ختم ٿيو. تنهن کانپوءِ سمهڻ لاءِ جسقم ضلعي دادو طرفان مقرر ٿيل جڳهه تي پهچي ماني کائي، ٿورو اڄوڪي ڏينهن تي تبصرو ڪندي سُمهي پياسين.
3 فيبروري 2012ع: صبح سان اٿي تياري ڪري ڦلجي طرف هلڻ جو چيو ويو. باٿ رومن ۾ گرم پاڻي جي سهولت نه هئي تنهنڪري ڪارڪنن ٽين جي دٻن ۾ پاڻي گرم ڪري پئي ڏنو ۽ قومي قافلي ۾شريڪ دوست واري واري سان وهنجي تيار ٿيڻ لڳا. ڦلجي طرف ويندي هيتم جتوئي وٽ ڦاٽڪ جي اورئين پاسي بيٺل ماڻهن ۽ ڪارڪنن استقبال ڪيو. تنهن کان پوءِ قومي قافلو ريلوي لائين سان ٺهيل روڊ وٺي ڦلجي طرف وڌڻ لڳو. ڦلجي ۾ وچ چوڪ تي سوين ماڻهو بيٺل هئا. جتي لالا ظهير آجياڻي تقرير ڪئي تنهن کان پوءِ ساگر حنيف بڙدي پنهنجي مخصوص انداز ۾ تقرير ڪئي، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقرير کانپوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪندي ”پاڪستان ڪري، سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن جو ذڪر ڪندي سنڌي ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿين. جيئن گڏجي سنڌ وطن کي آزاد ڪرڻ جي گُهر ڪري انهن ظلمن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪريون، تنهن کان پوءِ قومي قافلو پيارو ڳوٺ روانو ٿيو. واٽ تي ڪوٽ مري وٽ بشير خان قريشي قومي جهنڊو ڦڙڪايو. پيارو ڳوٺ وٽ استقبال ٿيو. بشير خان سميت سڀني اڳواڻن کي اجرڪون پارايون ويون. تنهن کان پوءِ نجيب پنهور ۽ عقيل پنهور سان سندن والد جي وفات تي عذر خواهي ڪئي وئي. نجيب پنهور ٻڌايو ته پيارو سندن ڏاڏي جو نالو هو. جنهن تان هن ڳوٺ جو پيارو ڳوٺ نالو پيو. پيارو اسٽيشن تي شگر مل اڳيان جلسو ٿيو. جلسي جي شروعات ۾ قومي قافلي جي اڳواڻن کي اجرڪون پارايون ويون.
سنڌ ۾ هن وقت تقريباً 29 شگر ملون آهن. ان جي باوجود به، نه کنڊ سستي ٿئي ٿي ۽ نه ئي وري مل مالڪ ڪمند جو صحيح ۽ مناسب اگهه آبادگارن کي ڏين ٿا. چون ٿا ته پيارو شگر مل آصف زرداري صاحب جي آهي. جيڪو هن مهل پاڪستان جو صدر ۽ پيپلز پارٽي جو ڪرتاڌرتا آهي. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته نئون ديرو شگر مل جو مالڪ به آصف زرداري آهي. ٽنڊو الهيار شگر مل جو مالڪ به چون ٿا ته هاڻي آصف زرداري آهي. اها مل عبدالستار بچاڻي جي ڊاڪٽر ڀاءُ کي اغوا ڪرائي پوءِ بچاڻي ڀائرن کان ورتي وئي هئي. سيري شگر مل، مرزا شگر مل، لاڙ شگر مل، قاضي احمد شگر مل پڻ چون ٿا ته آصف زرداري جون آهن، سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب سنڌوديش ڇو ۽ ڇا لاءِ جي صفحي 240 تي سنڌ جي آزاديءَ بعد ملندڙ فائدن ۾ لکي ٿو ته ڪمند جي وسيع تر پوکي ڪئي ويندي ۽ شگر ملن جو تعداد وڌائي 20 تائين ڪيو ويندو ته جيئن عوام کي سستي کنڊ ۽ آبادگارن کي بهتر اگهه ملي سگهن. اهو اُهو فائدو هو جيڪو سائين ڄاڻايو آهي ۽ هاڻي ته 29 شگر ملون آهن پر پوءِ به نه کنڊ سستي ٿي آهي ۽ نه ئي وري آبادگارن کي بهتر اگهه مليا آهن. اهو ان ڪري آهي ته سائين جي ايم سيد کيو آهي ته وڏا ڪارخانا پبلڪ سيڪٽر تحت قائم ڪيا ويندا ۽ پرايويٽ ڪارخانا فقط اهي قائم ڪرڻ ڏبا جنهن ۾ 10 مزدور ڪم ڪندا هجن. بهرحال جلسو شروع ٿيو. منهنجا خيالات ڦِٽا. اجرڪن اوڍائڻ جي ڪارروائي کانپوءِ هڪ راڳي هي گيت ڳايو ته:
سنڌ جي ڪري مون کي ڪفن منظور آ،
سنڌ جي ڪري ڪيو دفن مون کي منظور آ،
هڪڙي پاسي جند هجي ۽ ٻي پاسي سنڌ هجي،
منهنجي جند وٺي مون کي سنڌ آزاد ڏيو، مون کي منظور آ.
پوءِ جبل سنڌي آجياڻو ڏنو، تنهن کان پوءِ جلسي کي حنيف ساگر بڙدي خطاب ڪندي چيو ته، جنهن سياسي زبان ۾، ڳالهه ۾، سنڌ جو مفاد ناهي، سنڌ ناهي. ان ۾ سنڌ جو فائدو ناهي، تنهن کان پوءِ آڪاش ملاح تقرير ڪندي ٻڌايو ته سڪندراعظم سنڌ فتح ڪرڻ مهل سنڌ ۾ ريشم جو ڪيڙو ڏسي حيران ٿي ويو هو، سنڌ ماضي ۾ ايتري خوشحال ۽ سر سبز هئي اهو فقط سنڌ جي آزادي ڪري هو، تنهن کان پوءِ بشير خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته: اسان سنڌ جي ماڻهن وٽ ووٽ وٺڻ لاءِ نه پر سندن دلين ۾ سنڌ جي محبت جاڳائي سنڌ جو مالڪ هئڻ جي دعويٰ ڪرڻ جو عهد وٺڻ آيا آهيون. سنڌ ۾ بک، بدحالي، مفلسي، غربت خدا جي ڏمر ڪري نه پر پنجاب طرفان ٿيندڙ سنڌ جي ڦرلٽ ڪري آهي.
23 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ ماڻهن جي هجوم گڏ ٿي هڪ عهدنامو ظاهر ڪيو هو. جنهن جي سائين جي ايم سيد 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ ذريعي حمايت ڪئي هئي. پر پنجاب فوج ۽ نوڪر شاهي جي قوت ۽ طاقت جي آڌار تي ان عهدنامي کي لتاڙي ڦاڙي ڇڏيو. هاڻي 23 مارچ 2012ع تي ڪراچي ۾ لکين، ڪروڙين سنڌي ماڻهو گڏ ٿي اها گُهر ڪندا ته سنڌ گُهري ٿي آزادي. ان ۾شريڪ ٿيڻ لاءِ هڙان وڙان خرچ ڪري ڪراچي پُهچو. جلسي ۾ بيٺل سوين ماڻهن هٿ مٿي ڪري واعدو ڪيو ته هُو 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا. تنهن کانپوءِ قومي قافلو سيتا روانو ٿيو. تڳيا ڳوٺ ۾ سوين ماڻهو بيٺل هئا جن بشير خان جو استقبال ڪيو ۽ اتي بشير خان قومي جهنڊو پڻ ڦڙڪايو. پوءِ اڳتي وڌندي لونگ راهوجا ڳوٺ وٽ جيئي سنڌ جا جهنڊا کڻي قومي قافلي جي نوجوانن طرفان آجيان ٿي، سيتا شهر ۾ هڪ تمام وڏو جلسو ٿيو. جتي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ ٿيا. جتي ڪيهر انصاري، آڪاش ملاح، ساگر حنيف بڙي، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) تقريرون ڪري ماڻهن کي سنڌ ۽ ان سان ٿيندڙ ظلمن کان آگاهه ڪيو. تنهن کان پوءِ بشير خان قريشي ماڻهن کي مخاطب ٿيندي اهو چيو ته سنڌي ماڻهون تاريخ جي هر دؤر ۾ بهادر ۽ پنهنجي وطن سان پيار ڪندڙ رهيا آهن، انهن لاءِ، هنن پنهنجي سِرن جي ڪڏهن به پرواهه نه ڪئي آهي. سڪندراعظم جڏهن سنڌ کي ڦُرڻ، لُٽڻ لاءِ ڪاهه ڪئي هئي ته سنڌو درياهه جي ڪنڌي تي رهندڙ ماڇي قبيلي کيس اهڙا ته ٽوٽا چٻايا جو هو حيران ۽ پريشان ٿي ويو ۽ انهي قبيلي طرفان لڳل تير کيس اهڙو ته مُنجهايو جو هو سمنڊ ڪنارو ڏيئي بابل روانو ٿيو ۽ اتي لڳل تير جي زخم ڪري مري ويو. ان ڪري اسان پنهنجن بهادر ماڻهن وٽ آيا آهيون ته سنڌ هن مهل اسان کي پڪاري ٿي، جيڪا مصيبت ۾ آهي. سنڌ وطن ۾ سنڌي قوم جو قومي وجود خطري ۾ آهي. سندس سڀ وسيلا ڌارين جي حوالي آهن ان ڪري اچو ته دنيا کي ٻڌايون ته اسان سنڌي پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪندي دنيا کي اپيل ٿا ڪيون ته ان ۾ هو اسان جي مدد ڪن. آخر ۾ بشير خان حسب دستور کانئن 23 مارچ تي ڪراچي اچڻ جو هٿ مٿي کڻائي واعدو ورتو. تنهن کان پوءِ اعجاز انڙ وٽ ڪارخاني تي چانهه پارٽي ٿي. جتي بشير خان اعجاز انڙ جي والد صاحب کي جلسي جي دعوت ڏيندي کيس مدد جي پڻ اپيل ڪئي، تنهن کان پوءِ استادن جي هڪ وفد طرفان مليل چانهه جي دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ خيرپور ناٿن شاهه طرف روانا ٿياسين. واٽ تي گاڏهين جي ڳوٺ وٽ ۽ هڪ شاخ وٽ بيٺل ماڻهن استقبال ڪيو. قومي قافلو خيرپورناٿن شاهه ۾ سيتا واري طرف کان باءِ پاس کان ٿي شهيدن جي چوڪ کان شهر طرف روانا ٿيو. ٿورو اڳيان ماڻهن جي زور ڀرڻ تي بشير خان گاڏي مان لهي پنڌ ڪندي هلڻ لڳو. شهر ۾ روڊ جي ٻنهي پاسن کان، دوڪانن مان ماڻهو ٻاهر نڪري بشير خان جو استقبال ڪندا رهيا ۽ ماڻهن طرفان بشير خان ۽ سندس قافلي کي شاندار موٽ ملي. قومي قافلو ميهڙ اسٽاپ وٽ منعقد ٿيل جلسي ۾ پهتو. جتي اجرڪون اوڍائڻ کانپوءِ علي حسن گاڏهي آجياڻو ڏنو. تنهن کان پوءِ نجف لغاري، ساگر حنيف بڙدي ۽ آخر ۾ بشير خان جلسي کي سنڌ، سائين جي ايم سيد، سندس فڪر ۽ خيالن کان آگاهه ڪيو. ۽ ان جي ڪاميابي لاءِ 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جي اپيل ڪئي. ماڻهن موٽ ۾ هٿ مٿي ڪري پهچڻ جو واعدو ڪيو. تنهن کان پوءِ مراد گاڏهي ڳوٺ ۾ علي حسن گاڏهي وٽ منجهند جي ماني رات 9 وڳي کائڻ نصيب ٿي، تنهن کان پوءِ ميهڙ طرف قومي قافلو روانو ٿيو. ڪولاچي پُل وٽ پهتاسين ته رات جا 10.15 ٿيا هئا، ٿڌ گهڻي هجڻ باوجود به ماڻهو تمام گهڻي دير کان بيٺل هيا. جن قومي قافلي ۽ ان جي سربراهه بشير خان قريشي جو والهانه استقبال ڪيو ۽ پوءِ ڪيترن ئي اسڪوٽرن تي آيل همراهه اسڪواڊ جي صورت ۾ ميهڙ شهر طرف وڌڻ لڳا. جتي گهنٽا گهر چوڪ تي جلسي جو انتظام ٿيل هو. جلسي گاهه ۾ پهچڻ کان پوءِ اجرڪون اوڍايون ويون اعجاز کوکر آجياڻو ڏنو ۽ پوءِ نجف لغاري، حنيف ساگر، ڪيهر انصاري، آڪاش ملاح، مون (ڊاڪٽرنياز ڪالاڻي) پنهنجي پنهنجي علم ۽ سمجهه مطابق جلسي گاهه کي پنهنجي پارٽي جي موقف کان آگاهه ڪيو. ۽ آخر ۾ بشير خان قريشي تقرير ڪندي سامعين کي مخاطب ٿيندي چيو ته دوستو، ڀائرو! آخر ڪهڙو سبب آهي جو سائين جي ايم سيد ۽ جسقم جا ڪارڪن اهو چاهين ٿا کين پاڪستان نه کپي. ان ڪري ڀائرو! پاڪستان جي ٺهڻ جو مقصد، پاڪستان ۾ هر هڪ جي قومي وجود جي سلامتي جي ضمانت مليل هئي. هڪ معاهدو هو. جنهن تحت پاڪستان هڪ رياست نه پر رياستون هوندو. هر هڪ رياست کي پنهنجي زبان، ڪلچر، کي وڌائڻ ويجهائڻ ۽ پيداواري ذريعن تي پنهنجو حق حاصل هوندو پر پاڪستان 1947ع ۾ ٺهيو ته هتي سنڌ ۾ هٿ سان فساد ڪرائي 10 لک سنڌي هندن کي ڀڄائي ڇڏيائون انهن جون ڇڏيل ملڪيتون، جايون ۽ 25 لک زرعي زمين ٻاهران آيل ماڻهن جي حوالي ڪيون ويون. سنڌي زبان کي ختم ڪري اردو ٻولي. جيڪا پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ ڪنهن به خطي جي ٻولي نه هئي کي قومي زبان ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ون يونٽ ٺاهي سنڌ کي ”سابق سنڌ“ سڏيو ويو. ڪوٽڙي بئراج ۽ گڊو بئراج ٺاهي 35 لک ايڪڙ زرعي زمين 50 روپيه ايڪڙ قيمت مقرر ڪري ان جو چوٿون حصو يعني ساڍا ٻارنهن روپيه جي حساب سان فوجين، پنجابين کي ڏنيون ويون. سنڌ ۾ ڪارخانا لڳائڻ لاءِ غير سنڌين کي حڪومتي قرض ڏئي انهن ڪارخانن ۾ ڌارين کي ڀرتي ڪيو ويو. ٻاهرين ملڪن سان واپار ڪرڻ جون سهولتون ڌارين ماڻهن حوالي ڪيون ويون. سنڌ جون سرحدون کولي ڌارين جي لوڌ کي ڇيڪ ڇڏيو ويو ته هو اچي ڀلي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ماڪڙ وانگر ٽُٽي پون ۽ کين آباد ٿيڻ جون سڀ سهوليتون ڏئي وڏا شهر ڌارين حوالي ڪيا ويا. سنڌ مان نڪرندڙ تيل، گيس، قيمتي پٿر ۽ ٻين معدني وسيلن تي مڪمل طور تي پنجاب جو قبضو ڪرايو ويو. 1973ع جو آئين ٺاهي سنڌ جي الڳ قومي وجود کان انڪار ڪيو ويو. ڇا پوءِ به ڪو غيرتمند سنڌي اهو چاهيندو ته کيس پاڪستان کپي، نه ڪوبه پنهنجي وطن سنڌ سان پيار ڪندڙ ماڻهو ائين نه چاهيندو ته هو پنهنجي وطن ۾، اقليت ۾ تبديل ٿي غلامي جي زندگي گذاري، ان ڪري سنڌ واسيو! اچو ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي اهو اعلان ڪريون ته پاڪستان جو هاڻي معاهدو قبول ناهي ۽ سنڌ گُهرجي ٿي آزاد. جلسي ۾ شريڪ سڀني ماڻهن هٿ مٿي کڻي 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جو واعدو ڪيو. جلسي دوران اسان جي دوست صحافي انور ڪانڌڙي، جوهر بروهي جو ڪتاب”ڪاڇي پئي ڪُوڪَ“ قومي قافلي ۾ شريڪ سڀني دوستن کي ڏنو، جلسي ختم ٿيڻ کانپوءِ رات دوست اعجاز چانڊيو وٽ آرام ڪرڻ لاءِ سُمهي پياسين، سمهڻ کان اڳ زوهيب قريشي جيڪو انٽرنيٽ جي فيس بوڪ تي روزانه نڪتل فوٽو موڪليندو هو ، ان اهو ڪم ڪيو ۽ ٻيا دوست گپ شپ ڪري ليٽي پيا.
4 فيبروري 2012ع: صبح سان تيار ٿي ناشتو ڪري ميهڙ کان نصيرآباد طرف روانا ٿياسين. اعجاز چانڊئي جي اوطاق کان هلندي پُراڻي قومي ڪارڪن اقبال مهيسر سان سندس امڙ جي وفات تي عذرخواهي ڪئي سين. اقبال مهيسر اهو قومي ڪارڪن آهي جيڪو جڏهن جساف سان لاڳاپيل هو ۽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهندو هو تڏهن سائين جي ايم سيد جي سالگره تي ويندي نصيرآباد ڀرسان فوجين سڀني شاگردن کي بس مان لاهي پاڻي جي دُٻي ۾ ليٽائي مٿن تشدد ڪري ڇڏي ڏنو هو. ان کان پوءِ اِهي شاگرد سڌو سن سائين جي ايم سيد وٽ جڏهن پهتا ۽ اها حقيقت جڏهن سائين جي ايم سيد کي پئي ته شاگردن کي فوجين ماريو آهي ۽ اقبال مهيسر جي پٺي تي مار جي ڪري ڏنا ٺهي بيٺا آهن تڏهن سائين جي ايم سيد کانئس قميص لهرائي اهي ڌڪن جا نشان ڏٺا ۽ ان کان پوءِ سائين جي ايم سيد اقبال مهيسر جي جسم تي ٺهيل نشانن کي چُمي ڏني هئي ۽ پڪ سان اقبال مهيسر جي بدن کي ڏنل اها سائين جي ايم سيد جي چُمي دنيا جي سڀني اعزازن کان مٿانهين هئي.
عذر خواهي ۽ چانهه پيئڻ کان پوءِ قومي قافلو نصيرآباد طرف روانو ٿيو. ڌامراهه واهه تي سوين بيٺل ڪارڪن استقبال ڪري قومي قافلي کي نصيرآباد طرف وٺي هليا. شهر جي وچ چوڪ تي جلسي جو بندوبست ٿيل هو، جتي آجياڻي تقرير شاهد کوکر ڪئي. تنهن کانپوءِ ساگر حنيف بڙدي تقرير ڪندي چيو ته سنڌي ماڻهن جو بک، بدحالي، غريبي ۽ مفلسي مان ڇوٽڪاري جو رستو فقط سنڌ جي آزادي حاصل ڪرڻ ۾ آهي، تنهن کان پوءِ ڪيهر انصاري خطاب ڪيو. تنهن کان پوءِ محترم بشير خان قريشي تقرير ڪندي چيو ته سنڌ اڄ پنهنجي سڄي تاريخي دؤر ۾ سڀ کان وڏي دؤر مان گذري رهي آهي. سنڌي پنهنجي قومي وجود کي سلامت رکڻ واري چيلينج کي منهن ڏئي رهيا آهن. اڄ سنڌي ٻولي جي بقا جو مسئلو درپيش آهي. سنڌ جي الڳ ملڪي حيثيت ختم ٿيل آهي ۽ سنڌين جي هزارها سال شاندار ڪلچر کي ختم ڪرڻ جا جتن ڪيا وڃن ٿا. سنڌ جا سڀ وسيلا پنجاب حوالي ٿيل آهن، ان غلامي مان نجات جو فقط هڪ رستو آهي اُهو اِهو آهي ته سنڌي گڏ ٿي سائين جي ايم سيد جي فڪر تحت پنهنجي وطن سنڌ جي آزاديءَ جي گُهر ڪن. ان لاءِ اسان جسقم وارن 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي ته جيئن اتي سڀ سنڌي گڏ ٿي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪيون. ان تي جلسي ۾ شريڪ سڀني ماڻهن هٿ مٿي کڻي واعدو ڪيو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا.
جلسي کانپوءِ شهر جي معزز ماڻهن، استادن، ڊاڪٽرن، وڪيلن، واپارين کي نصيرآباد جي دوستن چانهه پارٽي تي گڏڪيو هو. جتي ساڻن ملي محترم بشير خان قريشي کين نه فقط دعوت ڏني پر کين اها به گذارش ڪيائين ته رضاڪارانه طور 23 مارچ تي ڪراچي ۾ نه فقط پاڻ اچو پر مدد به ڪيو. تنهن کانپوءِ پريس ڪلب نصيرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي وئي. محترم اختر مينگل جو ان ڏينهن اخبارن ۾ بيان ڇپيو هو جنهن ۾ هن سنڌين کي ڏراپو ڏنو هو ته سنڌين برهمداغ بگٽي جي ڀيڻ ۽ ڀاڻيجي جي قتل تي ردعمل جو اظهار نه ڪيو آهي. ياد رهي ته برهمداغ بگٽي جي ڀيڻ ۽ ڀاڻيجي کي ڪجهه ڏينهن اڳ سادن ڪپڙن ۾ ملبوث ايجنسين ڪراچي ۾ فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو هو. ان سلسلي ۾ محترم بشير خان قريشي پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي چيو ته اسين ايجنسين جي ان بزدلانه ۽ ڪريل حرڪت کي ننديون ٿا ۽ 6 فيبروري تي ان وحشي عمل جي مذمت ڪندي ان خلاف سڄي سنڌ ۾ مظاهرن جو اعلان ڪيون ٿا، پريس ڪانفرنس کانپوءِ وارهه شهر طرف روانا ٿيا سين، نصيرآباد، وارهه روڊ تي مختلف هنڌن تي ماڻهن قومي قافلي جي آجيان ڪندي گل نڇاور ڪيا. وارهه شهر ٻاهران، ڪامريڊ نصرت چانڊئي وٽ ماني جو بندوبست ٿيل هو، جتي ماني کائڻ کانپوءِ وارهه شهر ۾ وچ چوڪ تي جلسو ٿيو، چوڪ تي فاضل راهو چوڪ نالو لکيل هو. آجياڻي تقرير وحيد لاشاري ڪئي، حنيف ساگر بڙدي، آڪاش ملاح تقريرون ڪيون ۽ آخر ۾ بشير خان قريشي تقرير ڪندي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن، ويساهه گهاتين بابت ٻڌائيندي ڇوٽڪاري جو حل سائين جي ايم سيد جي فڪر جي رستي ۾ ٻڌايو ۽ چيو ته پُرامن جدوجهد ڪمزوري جي علامت نه آهي پر اها سڀ کان وڏي بهادري آهي ته انسان پنهنجي وطن جي آزادي لاءِ مستقل مجازي سان جدوجهد ڪندي سڀ تڪليفون برداشت ڪندي به ڏوراپا نه ڏي ۽ ساهه گهورڻ ۾ هٻڪ به محسوس نه ڪري، ان لاءِ بشير خان قريشي، سائين جي ايم سيد جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته اتر سنڌجي دوري ۾ ڪنڌڪوٽ شهر ۾ جڏهن نوجوانن تمام گهڻي فائرنگ ڪئي هئي تڏهن سائين جي ايم سيد ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي پنهنجي تقرير اڌ ۾ بند ڪئي هئي. نوجوانن حفيظ قريشي صاحب کي ايلاز ڪيا ته هو وڃي سائين جي ايم سيد کي پرچائي. تڏهن حفيظ قريشي، سائين جي ايم سيد کي چيو هو ته آزادي جي ويڙهه ۾ گوليون ته هلنديون آهن، تنهن تي سائين جي ايم سيد وراڻيو هو ته سنڌ ۾ هڪ به گولي نه هلندي. شرط اهو آهي ته سنڌي ماڻهو آزاديءَ جي گُهر ڪن. آئون کين پڪ ٿو ڏيان ته گولين هلائڻ بنا آزادي ملي ويندي. سو اها آزادي جي گُهر ڪرڻ لاءِ اسان 23 مارچ تي ڪراچي ۾ سنڌين کي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي ته اچو ته گڏ ٿي پُرامن نموني پنهنجي وطن سنڌجي آزادي جي گُهر ڪريون. تنهن تي جلسي ۾ بيٺل سڀني ماڻهن هٿ مٿي کڻي نعرا هنيا ته سنڌ گُهري ٿي آزادي.
جلسي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ شهر ۾ هندو برادري طرفان قومي قافلي کي پئنچائت هال ۾ آجياڻو ڏنو ويو. جتي بشير خان هندو برادري کي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ جو سڏ ڏنو. هندو برادري وٽان سُڪو ميوو، چانهه، ٿڌو وغيره پيئڻ کانپوءِ جوناڻي شهر ۾ قريشي برادري سان سندن وڏي جي وفات تي عذر خواهي لاءِ بشير خان اوڏانهن هليو. اتي عذرخواهي ڪرڻ کان پوءِ وارهه شهر ۾ ارشاد ٻگهيو سان عذر خواهي ڪرڻ کانپوءِ قومي قافلو وڳڻ طرف روانو ٿيو. لالو رائنڪ شهر ٻاهران بيٺل ماڻهن استقبال ڪيو ۽ شهر ٻاهران رائيس مل ۾ واپارين طرفان آجياڻو ڏنو ويو. جتي بشير خان کين 23 مارچ تي ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏني ۽ کين عرض ڪيو ته هو راضي خوشي سان دوستن جي مدد پڻ ڪن، اتي سرمد آڪاش، ابراهيم منشي جو گيت او سنڌ امان او سنڌامان ڳائي ماحول کي جهومائي ۽ گرمائي ڇڏيو. تنهن کان پوءِ قومي قافلو اڳتي وڌيو، رستي تي صديق فيول سروس وٽ بيٺل ماڻهن تمام گهڻو اسرار ڪيو ته ٻه منٽ ويهي چانهه پيئو. بشير خان قريشي سندن چوڻ تي F/S Siddique تي ڪجهه وقت ويٺو ۽ چانهه پيئڻ کان پوءِ قومي قافلو وري بشير خان جي اڳواڻي ۾ اڳتي وڌيو. رستي ۾ مغيري ڳوٺ وٽ بيٺل ماڻهن استقبال ڪيو ۽ قومي قافلو اڳيان وڌي وڳڻ شهر پهتو. گهڻي دير ٿيڻ ڪري فقط بشير خان قريشي وڳڻ ۾ وچ چوڪ تي بينچ تي بيهي ماڻهن کي مخاطب ٿيو ۽ کين چيو ته 23 مارچ وطن سنڌ جي آزاديءَ جي گُهر ڪرڻ جو ڏينهن آهي. اها گُهر اسان کي غلامي جي زنجيرن ٽوڙڻ لاءِ وڏو اتساهه ٿيندي ۽ سنڌ وطن پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻ واري منزل طرف وڌيڪ ويجهو ٿيندو. تنهن کان پوءِ قومي قافلو وڳڻ کان قمبر طرف روانو ٿيو. جتي قمبر شهر ٻاهران استقبال ٿيڻ کان پوءِ قومي قافلو جلسي گاهه طرف وڌڻ لڳو. جلسي گاهه ۾ قومي قافلو پهتو ته جلسو شروع ڪيو ويو. اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ڊاڪٽر الياس تونيي ادا ڪيا، ممتاز لاکي آجياڻي تقرير ڪئي. تنهن کان پوءِ نجف لغاري، عبدالله سومرو، حنيف ساگر بڙدي، ڪيهر انصاري، آڪاش ملاح، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي)، تقريرون ڪري ماڻهن کي اڄوڪي جلسي ۾ اچڻ کان آگاهه ڪيو، تنهن کان پوءِ آخري تقرير بشير خان قريشي ڪندي چيو ته سنڌ، قدرتي وسيلن سان مالا مال هئڻ جي باوجود به سنڌ جا ماڻهو بک ۽ مفلسي ۾ گذارڻ تي مجبور آهن، قمبر شهر جي اولهه طرف کير ٿر جي قطار ۾ نه فقط تمام گهڻي تعداد ۾ تيل ۽ گيس نڪتي آهي پر اتي قيمتي ۾ قيمتي ڌاتو يعني يورينيم پڻ مليو آهي، جنهن تي وفاق جي نالي ۾ پنجاب جو قبضو آهي، جتاب اربين روپيه ساليانه پيدا ٿين ٿا پر سنڌ کي ڪجهه به نه ٿو ملي. پاڪستان سنڌ لاءِ سورن سندو سڳڙو ثابت ٿيو آهي. سنڌ جا مسئلا پاڪستان ۾ رهندي حل ٿي ئي نه ٿا سگهن. ان ڪري اچو ته سڀ سنڌي گڏجي سائين جي ايم سيد جي فڪر تحت سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون. ان ڳالهه تي سڀني شريڪ ٿيل ماڻهن هٿ مٿي کڻي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ پهچڻ جو واعدو ڪيو. رات جو 10.30 بجي جلسو ختم ٿيو. ان مهل ٿڌ جو اثر پڻ تمام گهڻو ٿي چڪو هو. رات جو شهداد ڪوٽ پهچي آرام ڪيوسين.
5 فيبروري 2012ع: صبح جي ناشتي کانپوءِ شهدادڪوٽ ۾ اناج منڊي ۾ گڏ ٿيل دوستن کي خطاب ڪيو ويو. شهدادڪوٽ ۾ ٿيل جلسي کي ڏسي شهيد سرائي قربان کهاوڙ شدت سان ياد اچي ويو. جنهن جڏهن ان ساڳي اناج منڊي ۾ ڪيهر انصاري کي جيل مان آزاد ٿيڻ تي آجياڻو ڏنو هو ته هزارين ماڻهو ان جلسي ۾ شريڪ ٿيا هئا، شهيد سرائي قربان کهاوڙ کي سندس ساٿين نورالله تُنيو، روپلو چولياڻي ۽ نادر بگٽي سان گڏ سانگهڙ شهر ٻاهران باکوڙي موري وٽ گوليون هڻي شهيد ڪرڻ کان پوءِ باهه ڏئي ساڙيو ويو هو. جن جا لاش وصول ڪرڻ لاءِ آئون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) ۽ حنيف ساگر بڙدي سانگهڙ ويا هئاسين ۽ ايجنسين جي تمام گهڻي دٻاءُ باوجود به سندس لاش وصول ڪيا هئاسين. شهدادڪوٽ ۾ جلسي کي ذوالفقار مگسي آجياڻو ڏنو. آڪاش ملاح تقرير ڪئي ۽ پوءِ بشير خان تقرير ڪندي بيٺلن کي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جو سبب ٻڌايو ۽ کين اتي اچڻ جي اپيل ڪئي. جلسي کانپوءِ وحيد کوکر سان سندس ڀاءُ جي وفات تي تعزيت ڪئي وئي. تنهن کانپوءِ قومي قافلو قُبو سعيد خان طرف روانو ٿيو.
2010ع ۾ آيل ٻوڏ ڪري روڊ کي گهڻن هنڌن تان ڪَٽَ آيل هئا. جيڪي پوءِ مٽيءَ سان ڀريا ويا هئا. پتُوجا شاخ وٽ استقبال ڪيو ويو جتي بيٺل سوين ماڻهن جي اڳواڻي امتياز بروهي، نثار کوسو، طارق ڀٽي جن ڪري رهيا هئا. قومي قافلو اڳتي وڌندو رهيو. قُبي شهر ٻاهران پڻ سَوَن جي تعداد ۾ ننڍا ٻار، وڏا ماڻهو رئيس ڦوٽو خان مگسي جي اڳواڻي ۾ بيٺل هيا. تنهن کان پوءِ قومي قافلو وڏي جلوس جي صورت ۾ جلسي واري هنڌ پهتو. جلسو ان هنڌ تي رٿيل هيو جتي قُبي شهر مان وهندڙ شاخ تي پُل ٺهيل هئي. جڏهن آئون ننڍڙو هيس ته ان هنڌ کي نئين پُل جي نالي سان سڏيندا هئاسين. ڇاڪاڻ ته قُبي جي ڳوٺ استاد باقر خان بروهي ۾ منهنجو جنم ٿيو هو جتي منهنجا ناناڻا رهندا هئا. ان ڪري اتي تمام گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. ان پُل تي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيا بيٺا هئا. جن کي نجف لغاري، ڪيهر انصاري، حنيف ساگر بڙدي، آڪاش ملاح ۽ منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) خطاب کانپوءِ بشير خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي ڏکن کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي. سنڌ پاڪستان کان اڳ خوشحال ملڪ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ مشهور هيو. جتي اناج، مکڻ، ماکي ۽ کاڌ خوراڪ جي ڪڏهن به گهٽتائي نه ٿيندي هئي، جتي قدرتي آفتون اينديون هيون ته خوشحالي ڪري ماڻهو پنهنجو پاڻ کي جلد سنڀالي وٺندا هيا. پر هاڻي پنجاب پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي سڀني پيداواري ذريعن تي قابض ٿي سنڌ کي مصيبتن ۾ ڌڪيو آهي. سڄي سنڌ خوشحال ۽ معدنيات سان مالا مال آهي. ٻٽيهه هزار بيرل تيل روزانه جوهي مان نڪري ٿو، جنهن جي ماليت 30 ڪروڙ روپيه روزانه آهي جنهن مان سنڌ کي ڪجهه نه ٿو ملي، چوڏهن هزار چورس ميلن ۾ سنڌ کي وارياسو ٿر آهي جتان 185 ارب ٽن ڪوئلي ملڻ جا امڪان آهن، جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي موجوده بجيٽ سان ان ڪوئلي جي آمدني جو تقابلي جائزو وٺجي ته ان ڪوئلي مان ملندڙ رقم مان موجوده ساليانه سنڌ حڪومت جي بجيٽ 1600 سالن تائين حاصل ڪري سگهجي ٿي. اڃان به ان کي سولو ڪري سمجهائجي ته جيڪڏهن سنڌ جي 6 ڪروڙ آدمشماري ڄاڻائجي ته هر هڪ انسان کي هڪ ڪروڙ 25 لک روپيه فقط ان ڪوئلي مان ملي سگهن ٿا. ان ماليت تي به پنجاب جو قبضو آهي. سنڌ ماضي ۾ ايڏي خوشحال هئي جو پيٽ پالڻ خاطر هن کي ڪڏهن به ڀرواري ملڪ يا خوشحال علائقي تي حملي ڪرڻ جي ضرورت نه پئي. اهي امن پسند، روادار ۽ خوش اخلاق هوندا هئا جنهن سبب ڪري حضور ڪريم صلي الله عليه و آله وسلم جن سدائين سنڌ ڏانهن مُنهن ڪري ويهندا هئا، پُڇڻ تي کين جواب ڏيندا هئا ته مونکي سنڌ ڏانهن ٿڌڙي هير لڳندي آهي.
ان سنڌ کي اڄ نڌڻڪو ڪري بي يارو مددگار ڪيو ويو آهي جو جڏهن ٻوڏ ٿي اچي ته ڪو سار سنڀال لهڻ وارو نه ملندو آهي، ڪجهه ماڻهن جو فائدو ٿيندو آهي، اهي سرڪار کان ڪڻڪ جون ٻوريون وٺي رڳو پنهنجو ڀِڀ ڀريندا آهن پر عام ماڻهو اهو ئي سورن ۾، تنهنڪري ڀائرو! اچو ته پنهنجي سنڌ وطن جا پاڻ مالڪ بنجون. ان لاءِ سنڌ جي وڏي شهر ڪراچي ۾ گڏ ٿي نه فقط سڄي دنيا کي اهو ٻڌايون ته ڪراچي سنڌين جو شهر آهي پر اها پڻ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي گُهر ڪريون ته سنڌ گُهري ٿي آزادي. اسان اوهان سڀني کي اهو چئون ٿا ته اسان پنهنجي امڙ سنڌ جي ٿڃ ملهائي وينداسين پر اوهان کي به ڪجهه ڪرڻ گُهرجي.
مان ٻاڪاري ٻاڪاري هليو ويندس،
تون سڏنه ڏيندين ته ڇا ٿيندو؟!
ماءُ ته ٻنهي جي هڪڙي آ،
تون ڀاءُ نه ٿيندين ته ڇا ٿيندو؟!
ان ڪري سنڌ واسيو! سنڌ جا وارثو! اچو ته پنهنجي سنڌ جي وارثي ڪريون، تنهن کان پوءِ بشير خان قُبي سعيد خان ۾ گڏ ٿيل جلسي ۾ هزارين ماڻهن کان هٿ مٿي کڻائي اهو واعدو ورتو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ۾ ضرور ايندا. تنهن کان پوءِ ڪمبوهه برادري سان سندن چڱي مڙس جي وفات تي عذرخواهي ڪئي وئي، ان کانپوءِ علي حسن خان بروهي جي ڳوٺ عرضي خان بروهي جي وفات تي عذر خواهي ڪئي وئي. تنهن کانپوءِ نثار کوسي جي ڳوٺ ڪچي پُل طرف روانا ٿياسين. جتي پڻ وچ چوڪ تي بيهي ساگر حنيف بڙدي، آڪاش ملاح ۽ بشير خان قريشي گڏ ٿيل ماڻهن کي خطاب ڪري 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جو واعدو ورتو. تنهن کان پوءِ نثار کوسي سان سندس عزيز جي وفات تي عذر خواهي ڪئي وئي. تنهن کان پوءِ موٽندي قُبي سعيد خان جي ڀرسان مير ڪرم خان بروهي جي ڳوٺ ۾ ظهير بروهي طرفان ڏنل چانهه جي دعوت ۾ شريڪ ٿياسين. ان کان پوءِ واپس شهداد ڪوٽ کان ٿيندي ميروخان پهتاسين. جتي رات جو 9.30 ٽائيم ٿي ويو. اتر سنڌ ۾ ان مهل ٿڌ جو زور به عُروج تي هوندو آهي. ٽِي پوسٽن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جيئن مون ڏٺي“ ۾ لکيو آهي ته سياري جي ان مهيني ۾ اتر سنڌ ۾ پارو پڻ پوندو آهي. ان هوندي به تمام گهڻي تعداد ۾ ماڻهو جسقم جي چيئرمين بشير خان قريشي ۽ سندس ساٿين جي انتظار ۾ وچ روڊ تي بيٺل هيا. مزدا تي چڙهي شعبان آجياڻو ڏنو ۽ اشرف ڪلهوڙو، آڪاش ملاح تقريرون ڪيون ۽ آخر ۾ بشير خان قريشي تقرير ڪندي مجموعي ۾ بيٺل ماڻهن کي چيو ته اسان دير سان پهچڻ تي معافي جا طلبگار آهيون. حقيقت ۾ اسان ڪٿي ٿڪ ڀڃڻ يا آرام ڪرڻ لاءِ نه پر مسلسل دوري ۾ ماڻهن وٽ وڃون ٿا تنهنڪري ٽائيم تي پهچڻ ۾ دير ٿيو وڃي، جنهن لاءِ معافي ٿا گُهرون. تنهن کان پوءِ بشير خان قريشي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن کان کين آگاهه ڪيو ۽ سائين جي ايم سيد جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته هو ڊگهي تجربي کان پوءِ ان نتيجي تي پهتو هو ته سنڌ جي مسئلن جو حل سنڌ جي آزادي ۾ سمايل آهي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جو هن دؤر مطابق طريقو فقط عدم تشدد واري رستي ۾ آهي. ان لاءِ جسقم 23 مارچ تي سنڌين کي ڪراچي ۾ گڏ ٿي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻ جو سڏ ڏنو آهي. اچو ته گهڻي تعداد ۾ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون. تنهن کان پوءِ قومي قافلو ميروخان کان عرضي ڀُٽي طرف روانو ٿيو جتي 10 بجي ڌاري پهتاسين. اتي جلسي گاهه ۾ پهچڻ کانپوءِ عام ماڻهو ۽ ڪارڪن دانهون ڪرڻ لڳا ته اسان کي ٽائيم 2 وڳي منجهند جو ڏنل هو. ان ڪري آسپاس جي ڳوٺن جا هزارين ماڻهو بيهي بيهي هليا ويا. ان تي بشير خان دوستن سان معذرت ڪئي. جلسي جي شروعات ڪئي وئي جتي ساگر حنيف بڙدي، ڪيهر انصاري ۽ بشير خان قريشي، قومي قافلي جي اچڻ جو مقصد ٻڌايو ۽ 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني. جلسي کانپوءِ چانهه جو بندوبست ٿيل هو جتي چانهه پيتي وئي. پوءِ قومي قافلو رات ترسڻ لاءِ رتو ديرو روانو ٿيو. رات جو ماني کائي بشير خان قريشي جي اوطاق تي سُمهي پياسين.
6 فيبروري 2012ع: صبح جو تيار تي رتوديرو کان قمبر روڊ وٺي سارنگ کهاوڙ ڳوٺ لڳ غازي خان کهاوڙ ۾ رٿيل جلسي ۾ شريڪ ٿياسين، غازي خان کهاوڙ ۾ تمام وڏو ڳوٺاڻي طرز تي ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي مزار ڀر سان جلسو ٿيو. ڪلهوڙن جي دور ۾ هي علائقو چانڊڪا پرڳڻي سان سڏبو هو. جنهن جا حڪمران ڪلهوڙا هوندا هئا. جنهن مان بهار شاهه ڪلهوڙو ۽ ميان شاهل محمد ڪلهوڙو سيد سالار هئا جن چانڊڪا پرڳڻي تي ٿيندڙ 99 ڪاهن کي ناڪام بڻايو هو. ڪلهوڙن جا وزير کهاوڙ هئا ۽ هاڻي به هي علائقو ڪلهوڙن ۽ کهاوڙن جو آهي. اهي ٻئي ايترا ته حڪومتي ڪار وهنوار هلائڻ ۾ ماهر هئا جو هنن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ 19 لک آدمشماري هئي ۽ هي درياهه مان بغير بئراج جي هٿرادو واهه کوٽي 21 لک ايڪڙ زمين آباد ڪندا هئا، اها ڳالهه ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ ۾ نالي ڪتاب ۾ لکيل آهي جنهن کي شير محمد بلوچ (پاڻي منجهه پساهه) نالي ڪتاب ۾ لکيو آهي. جلسي ۾ اوسي پاسي کان سوين ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا. اُتي آجياڻو محسن ڪهاوڙ ڏنو ۽ آجياڻي تقرير کانپوءِ نجف لغاري ۽ ساگر حنيف بڙدي ۽ مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) تقريرون ڪيون، تنهن کان پوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪندي چيو ته پاڪستان نالي ڪو ملڪ 1947ع کان اڳ هن ڌرتي جي گولي تي ڪونه هيو. سنڌ ازل کان وٺي هن ڌرتي تي هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ قائم رهي آهي. مسلمان هڪ قوم آهن وارو نعرو دوکي ۽ فريب کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. ڇو ته سڄي دنيا ۾ 40 کن ملڪ مسلمان ملڪ آهن پر سڀ الڳ الڳ ملڪ ۽ قوم جي جدا حيثيت رکن ٿا. 11 کان وڌيڪ ته رڳو عرب ملڪ آهن جيتوڻيڪ سندن زبان، ڪلچر ۽ رسمون ساڳيون آهن پر ان هوندي به هر هڪ جدا جدا ملڪ ۽ قومون آهن. ڪنهن به مسلمان ملڪ جي ماڻهو کي اها اجازت نه آهي ته هو بغير ان ملڪ جي اجازت يعني ويزا جي وڃي سگهن. ڪوبه ديندار ۽ عالم سڳورو سنڌي جڏهن حج ڪرڻ ويندو تڏهن به کيس سعودي عرب جي ويزا وٺڻي پوندي آهي، تنهنڪري اها ڳالهه به غلط آهي ته مسلمان ڀائر آهن. ان ڪري سنڌ واسيو! اسان سنڌين ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو ڪنهن نسوارخور پٺاڻ کي بغير ويزا جي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ ڏيون. ڪو ڏونگهي مٿي وارو پنجابي گهران ڪاوڙجي ته حقو هٿ ۾ کڻي ٺڪاءُ اچي سنڌ ۾ ڪري، ڪوبه دنيا جو بدمعاش ڪاوڙجي ته بغير ويزا جي سنڌ ۾ اچي رهي ۽ هتي ووٽ ۽ شهريت جو حق حاصل ڪري ويهي رهي ۽ اسان ان کي ڪجهه نه چئي سگهون. اهو فقط رڳو ان ڪري آهي ته اسان پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جا غلام آهيون ۽ غلام قومن جي ملڪن جون سرحدون محفوظ نه هونديون آهن. اهڙي طرح نه فقط سنڌ ۾ ڌارين ماڻهن کي آڻي وڏي تعداد ۾ آباد ڪيو ويو آهي. پر انهن کي هتي مڪمل روزگار جون سهولتون پڻ ڏنيون ويون آهن، اڄ به 50 لک کان مٿي ڌاريا ماڻهو سنڌ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪن ٿا. سنڌ جي سڀني وڏين نوڪرين تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه مان ماڻهو گهرائي رکيا وڃن ٿا. سڄي پاڪستان جي تيل ۽ گيس جي پيداوار جو 70 سيڪڙو سنڌ پيدا ڪري ٿو پر سنڌ انهي پيداوار جي فائدن کان محروم آهي. هي جيڪا جمهوريت، جمهوريت جو راڳ ڳائي اسان سنڌين کي بيوقوف ڪيو ٿو وڃي. اهو طريقو دراصل پنجابي اڪثريت کي پنهنجي مٿان قانوني حڪمراني ڪرڻ جو حق ڏيڻ برابر آهي، تنهنڪري سنڌ واسيو! اسان سنڌين 64 سال پاڪستان جي غلامي ۾ رهي ڏٺا آهن ۽ سنڌين کي سواءِ وڃائڻ جي ٻيو ڪجهه پلئه نه پيو آهي. جيڪڏهن واقعي توهان چاهيو ٿا ته اسان سڀ سنڌي هاڻي مفلسي، غريبي ۽ بيروزگاري ۾ نه رهون ته اسان کي سڌوسنئون پنهنجي وطن سنڌ جي مالڪي ڪرڻي پوندي. ائين نه آهي ته ڪو اسين هٿين خالي آهيون، ڪمزور آهيون، نه ڪڏهن به نه. اسان ته سنڌي اهي بهادر قوم آهيون جنهن ڪڏهن به پنهنجي غلامي کي دل سان قبول نه ڪيو آهي نه ئي وطن جي ويڙهه کان لاپرواهه ٿي ويٺا هجون.
اسان شڪستون ضرور کاڌيون آهن پر شڪست کي ڪڏهن به دل سان قبولي ماٺ ٿي نه ويٺا آهيون. اسان ته بهادر آهيون جو تاريخ (تازه نواءِ مارڪ) نالي ڪتاب ۾ منشي عطا محمد لکي ٿو ته ”ڪابل جي پٺاڻن جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙي کان ڏن گُهريو ته، هن جواب ڏنو ته، هاڻي مون وٽ ڪجهه نه آهي. ها مان ذات جو ڪلهوڙو آهيان ڪ، ڪڍي باقي جيڪو بچي سو تون ڀلي کڻي وڃ“. سو ڪمزور نه آهيون، ڊڄڻا نه آهيون پر ڇڙوڇڙ ۽ پنهنجي سنڌ کان لاتعلق لڳا ويٺا آهيون. ان ڪري اچو ته سڀ گڏ ٿي، هڪ آواز ٿي، لکن جي تعداد ۾ ڪروڙن جي تعداد ۾ پُرامن اها گُهر ڪريون ته سنڌ گُهري ٿي آزادي ته ڏسون ته ڪيئن نه ان آواز کان غلامي جا زنجير ٽُٽي پون ٿا. پنجابين جا G3 کنيل هٿن ۾ ڏڪڻيون پئجي وڃن. ان ڪري منهنجي سڄي قافلي ۾ شريڪ ساٿين سان هٿ مٿي کڻي اهو واعدو ڪيو ته اوهان 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا. تنهن تي هزارين ڳوٺاڻن هٿ مٿي کڻي اهو واعدو ڪيو ته هو ڪراچي ضرور ايندا. ان تي بشير خان جلسي کي مخاطب ٿيندي چيو ته مان به انهن کنيل هٿن جو قسم کڻي ٿو چوان ته جن هٿن اسان تي اعتماد ڪيو آهي ته ساهه ڏينداسين پر پوئتي نه هٽنداسين ۽ سنڌ وطن کي سائين جي ايم سيد جي فڪر تحت آزادي ڏياري سنڌين کي مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين. بشير خان قريشي جي تقرير کان پوءِ ڳوٺاڻن طرفان ڏنل چانهه پيتي سين. تنهن کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ رٿيل مظاهري ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اوڏانهن روانگي ٿي. اڄ 6 تاريخ تي سڄي سنڌ ۾ مظاهرن جو ان ڪري اعلان ڪيو ويو هو جو ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ بلوچستان جي قومپرست اڳواڻ برهمداغ بگٽي جي ڀيڻ ۽ ڀاڻيجي کي شهيد ڪيو ويو هو. ان ظلم کي نندڻ لاءِ بشير خان قريشي سڄي سنڌ ۾ مظاهرن جو اعلان ڪيو هو. لاڙڪاڻي ۾ هوشو پارڪ اڳيان بشير خان جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ان دوران پريس سان ڳالهائيندي بشير خان قريشي اهو واضح ڪيو ته سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ جسقم وارا بلوچستان جي قومپرست ليڊرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي بلوچستان ۾ ٿيندڙ آپريشن ۽ ظلمت کي جيڪو پنجاب طرفان ٿي رهيو آهي مڪمل طور ننديون ٿا. قومي قافلو پوءِ باقراڻي طرف روانو ٿيو. باقراڻي ٻاهران رياض حسين ابڙو وٽ چانهه پيئڻ کانپوءِ جلسي گاهه طرف روانا ٿياسين. باقراڻي وچ بازار ۾ هلندي قومي قافلي ۽ ان جي سرواڻ محترم بشير خان قريشي جو ماڻهن والهانه استقبال ڪيو، دڪاندار دڪانن کان ٻاهر نڪري پرجوش نموني هٿ لوڏي آڌرڀاء ڪري رهيا هئا. جلسي گاهه ۾ پهچڻ کانپوءِ حنيف ساگر بڙدي سنڌ جي حالتن کان ماڻهن کي واقف ڪيو ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪر بابت ماڻهن کي ڄاڻ ڏني. تنهن کانپوءِ بشير خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ تاريخي طور تي هڪ الڳ، آزاد ۽ خوشحال ملڪ رهيو آهي. موهن جو دڙو، باقراڻي کان ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي آهي. پنج هزار سال اڳ ۾ اتي ان شهر ۾ Under ground drainage system هو پر هاڻي 5000 هزار سال گذرڻ کان پوءِ غلام سنڌ جي باقراڻي شهر کي ڏسو سواءِ بجلي جي بلب جي هن شهر ۾ ڪهڙي ترقي ٿي آهي. ڇا هي شهر ٺهيل موهن جي شهر کان بهتر حالت ۾ آهي؟ قطعي نه. اسان جي غربت، مفلسي، بدحالي جو سبب سنڌ جي غلامي آهي. قومن جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز آزادي ۾ سمايل هوندو آهي. سنڌ واسيو! سنڌ کان لاتعقلي وارو رويو ختم ڪري پنهنجي وطن جي مالڪي ڪريو. سنڌ رڳو بشير خان قريشي جي نه پر سڀني غيرتمند سنڌ جي پٽن ۽ نياڻين جي آهي. ان ڪري سڀني تي اهو گڏيل فرض آهي ته پنهنجي سنڌ جي مالڪي ڪري ان جي آزادي جي گُهر ڪريون. جيڪڏهن اها ڳالهه توهان کي قبول آهي ته پوءِ هٿ مٿي ڪري اسان کي يقين ڏياريو ته اوهان 23 مارچ تي ڪراچي ۾ سنڌجي آزادي جي گُهر ڪرڻ لاءِ ضرور پهچندؤ. تنهن تي باقراڻي ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ شريڪ سڀني ماڻهن هٿ مٿي ڪري 23 مارچ تي ڪراچي ۾ پهچڻ جو واعدو ڪيو. تنهن کان پوءِ قومي قافلو اڳتي آريجا شهر طرف وڌڻ لڳو، آريجا شهر وچ ۾ روڊ تي دوستن جلسي جو انتظام ڪيو هو، وقت گهٽ هجڻ ڪري فقط بشير خان قريشي جلسي ۾ شريڪ ماڻهن کي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن کان آگاهه ڪيو ۽ 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جي اهميت کان واقف ڪيو. بشير خان جي مختصر خطاب کان پوءِ قومي قافلو ڏوڪري طرف وڌڻ لڳو. جيئن جيئن وڪڙا ڳوٺ ويجهو اچڻ لڳو. تيئن تيئن سائين جي ايم سيد جي فڪر سان لاڳاپيل قومي ڪارڪن سارنگ ماڇي شدت سان ياد اچڻ لڳو. جيڪو ڪجهه وقت فالج جي بيماري سبب وفات ڪري ويو هو. سندس اوطاق تي ليڪچر پروگرام ٿيندا هئا. جتي بشير کٽي، عطا الله انڙ، باغي بجاراڻي، سڄڻ سنڌي، مان (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي)، گڏ ٿيندا هئاسين. آئون سڀني کان ننڍي عمر جو شاگرد هئس، جتي نظرياتي بحث مباحثا ڪري اسان کي سمجهڻ، سکڻ ۽ پڙهڻ جي تربيت ملندي هئي. انهن خيالن جو سلسلو نعرن ٽوڙي وِڌو. وڪڙا ڳوٺ وٽ بيٺل سوين ماڻهن بشير خان ۽ قومي قافلي جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ قومي قافلو آڌرڀاءُ کانپوءِ ڏوڪري طرف وڌندو رهيو. موهن جو دڙو ۽ ڏوڪري طرف ويندڙ رستن جي وچ ۾ بيٺل ماڻهن گلن ۽ نعرن سان استقبال ڪيو. قومي قافلو ڏوڪري شهر طرف هلندي شهر ٻاهران بئنڪ ۾ ويٺل فنڪار، حسين ساريو جي ڀاءُ سان حسين ساريو جي وفات تي عذر خواهي ڪئي. حسين ساريو، سائين جي ايم سيد جو پوئلڳ ۽ قومي سوچ رکندڙ فنڪار هيو. جنهن کي بعد ۾ ڪافي عرصو اڳ جسقم جو مون ميمبر ڪيو هو. هو پوءِ فنڪار ۽ سنڌ پرست انسان هو. ڪينسر جي بيماري ۾ هوندي به روز سائين جي ايم سيد جا قول ۽ سندس ڪتاب مان ٽڪرا ڪڍي SMS ذريعي مون ڏي موڪلڻ ڄڻ سندس ڊيوٽي هئي. پر افسوس اهڙو انسان اسان کان، سنڌ کان، بيماري کسي ڇڏيو.
ڏوڪري ۾ جلسي گاهه ۾ پهچي اسٽيج تي ويٺاسين، آجياڻو ارشاد ٻگهيي ڏنو، اسٽيج تي ادي فاطمه سولنگي پڻ پنهنجي پٽ سان گڏ اچي ويٺي، سندس اهو پٽ هاڻي ڪافي وڏو ٿي چڪو هو. اهو 6 مهينن جو هو ته ادي فاطمه کيس ڪراچي ۾ مرڻ گهڙي تائين ٻُک هڙتال تي ويٺل جسقم پاران دوستن وٽ کڻي آئي هئي ۽ اچي چيو هيائين ته يا ته بُک هڙتال ختم ڪريو يا آئون ٿڃ پياڪ هن ٻار کي کير نه پياريندس. بشير خان ۽ بک هڙتال تي ويٺل دوستن حنيف ساگر بڙدي، حفيظ هڪڙو جن کيس تمام گهڻين ڪوششن کان پوءِ مس مس وڃي کيس سمجهائي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته هو پنهنجي ٻار کي ٿڃ پياري اسان وقت آهر ان بک هڙتال لاءِ ڪو فيصلو ڪنداسين، ساگر حنيف بڙدي، ڪيهر انصاري، آڪاش ملاح، منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقريرن کانپوءِ بشير خان قريشي ڏوڪري واسين کي مخاطب ٿي اهو ٻڌايو ته جمهوريت جا نعرا غلام سنڌ جي مسئلن جو حل نه آهن. پر اها ترغيب ڏني ٿي وڃي ته پنجاب جي اڪثريت کي ماٺ ميٺ ۾ قبول ڪري سنڌ جي الڳ قومي وجود کان هٿ کڻي ڇڏجي. ان جمهوريت جي نالي ۾ سنڌي پنهنجي ٻولي کي ويساري ويهن. ان جمهوريت جي نالي ۾ سنڌ جي پيداوار جا سڀ ذريعا پنجاب حوالي ڪري سنڌين کي بک ۽ بيروگاري ۾ ڌڪي ذلت جي زندگي گذاريندي ڏسي ماٺ ڪري ويهن. پر سائين جي ايم سيد اسان کي اهو سمجهائي ويو آهي ته جمهوري نظام حڪومت بهتر آهي پر ان ۾ پنجاب جي اڪثريت جي تابع ٿي پنهنجي ملڪ سنڌ، قومي وجود ۽ وسيلن کان هٿ کڻڻ لاءِ اسان ڪڏهن به تيار نه آهيون. آزاد سنڌ ۾ جمهوري عمل لاڳو ڪنداسين ته جيئن ان جو ڦل سنڌين کي ملي سگهي ۽ آزادي گهر ويٺي ڪونه ملندي اها روڊن ۽ رستن تي گُهر ڪرڻ سان ملي سگهي ٿي ان لاءِ اسان ڪراچي ۾ 23 مارچ تي ميدان سجايو آهي ته اچي اتي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريو.
بشير خان جي خطاب کانپوءِ ارشاد ٻگهيو جي ڀاءُ جي وفات تي عذرخواهي ڪئي وئي ۽ قومي قافلو پوءِ باڊهه طرف روانو ٿيو. باڊهه شهر ٻاهران ڦاٽڪ وٽ ٿڌ گهڻي هئڻ ڪري استقبال لاءِ بيٺل ماڻهو باهه جا مچ ٻاري بيٺا هئا. هاڻي ٿڌ عجيب نموني ٿي رهي هئي ڏينهن جو ڪجهه گرمي ۽ رات جو زور سان ٿڌ پئي پوي.
باڊهه شهر ۾ رات جو 9.18 تي پهتاسين. وچ چوڪ تي سوين ماڻهو بيٺا هئا جن پرزور نموني سان استقبال ڪيو. تقريرون شروع ٿيون. ڪامريڊ عنايت ڦلپوٽي آجياڻو ڏنو. حنيف ساگر، آڪاش ملاح، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) ۽ بشير خان قريشي تقريرون ڪري جلسي ۾ شريڪ ماڻهن کي سائين جي ايم سيد ۽ سندس فڪر، سنڌ جي تاريخ، شاهه لطيف جي بيتن، سنڌ جي ٿيندڙ اقتصادي ڦرلٽ ۽ ان کان ڇوٽڪاري جو حل ٻڌائيندي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جي اپيل ڪئي. 11.15 منٽن تي جلسو ختم ٿيو. جلسي کانپوءِ لطف ساريو جي وفات تي سندس پونئرن سان عذر خواهي ڪري، رتوديرو طرف روانا ٿياسين. لاڙڪاڻي جي دوستن لاڙڪاڻي شهر ۾ موڪلايو. اسين 12.45 تي رتوديرو پهچي ماني کائي ٿوري گهڻي گپ شپ ڪري آرام ڪرڻ لاءِ سمهي پياسين ته جيئن وري صبح جو اٿي اڳئين منزل طرف وڌون.
7 فيبروري 2012ع: صبح جو تيار ٿي ويٺاسين بشير خان گهران ماني ٺهرائي کڻي آيو. سڀني گڏجي ماني کاڌي ۽ پوءِ ڳوٺ حسن جتوئي طرف روانا ٿياسين. جتي مشتاق جتوئي جي والده جي وفات تي تعزيت ڪرڻي هئي. اتي پهچي تعزيت ڪري وري واپس رتوديرو آياسين. ڇاڪاڻ ته اتي 23 مارچ جي سلسلي ۾ جلسو رکيل هو، رتوديرو ۾ سيد نياز حسين شاهه جي عَلَمَ ڀرسان جلسي جو بندوبست ٿيل هيو. بشير خان ۽ ٻي مرڪزي باڊي کي وچ بازار مان هڪ وڏي جلوس جي صورت ۾ جلسي گاهه طرف وٺي هليا. جتي اسٽيج تي پهچڻ کان پوءِ آجياڻي تقرير منظور گهانگهري ڪئي. مومن سمون، نجف لغاري، ساگر حنيف بڙدي، ڪيهر انصاري، آڪاش ملاح ۽ مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) پنهنجي پنهنجي سمجهه ۽ علم مطابق جلسي ۾ شريڪ ٿيل ماڻهن کي سنڌ ۽ ان سان ٿيندڙ ظلمن کان آگاهه ڪيو. آخر ۾ بشير خان قريشي تقرير ڪري ماڻهن کي هن جلسي ڪرڻ جو مقصد ٻڌايو. سنڌ سان ٿيل ظلمن جا تفصيل ٻڌائيندي سنڌي ماڻهن کي اهو رستو جيڪو سائين جي ايم سيد ٻڌائي ويو هو وري ياد ڏياريندي ٻڌايو ته سنڌ جي مالڪي ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته گڏ ٿيڻ ۾ طاقت آهي. دنيا متوجهه ٿي سگهي ٿي جيئترا گهڻا هونداسين اوترو وڌيڪ دنيا اسان ڏانهن، سنڌ ڏانهن متوجهه ٿيندي. ان ڪري 23 مارچ تي ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي پنهنجي سنڌ وطن جي وارثي ڪريون ۽ ان گڏ ٿيل سنڌي ماڻهن جي سمنڊ معرفت سڄي دنيا کي آگاهي ڏيون ته سنڌ اسان جو وطن آهي. مذهب ۽ نظرين جي بنياد تي قومن جو تصور جڙتو آهي اسان سنڌي هزارن سالن کان وٺي هڪ جدا، الڳ قوم ۽ ملڪ جي حيثيت رکون ٿا. ان ڪري اسين سڄي دنيا جي طاقتور ملڪن کي اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ جي آزادي ۾ اسان جي مدد ڪن، حقيقت ۾ سڄي برصغير ۽ ڏکڻ ايشيا مان دهشتگردي جي پاڙ تڏهن پٽي سگهبي جڏهن پاڪستان، جنهن جو بنياد ڪوڙ ۽ ٺڳي تي آهي کي ڊهي سنڌوديش سميت هر قوم ۽ وطن کي الڳ الڳ آزاد ملڪ جي حيثيت ملي. بشير خان قريشي جي ان دليل، تقرير کانپوءِ جلسي ۾ ويٺل سڀني شريڪ ٿيلن هٿ اُڀا ڪري 23 مارچ ڪراچي پهچڻ جو واعدو ڪيو. جلسي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه معزز ۽ وس وارن شهرين سان ملي بشير خان کين عرض ڪيو ته هو ڪراچي ماڻهن کي پهچائڻ ۾ مدد ڪن تنهن کانپوءِ قومي قافلو لاڙڪاڻي ۾ رٿيل جلسي طرف رُخ ڪيو. سابقه جناح پارڪ موجوده ۽ هوشو پارڪ ۾ جلسو رٿيل هو. اڄ صبح کان وٺي زور سان ٿڌي هوا هلي رهي هئي. جنهن ڪري اڄ سڄو ڏينهن ٿڌ رهي. ويتر جڏهن قومي قافلو هوشو پارڪ پهتو ته رات ٿي چڪي هئي ۽ ٿڌ ۾ زبردست اضافو ٿي چڪو هو. ان هوندي به تمام گهڻي تعداد ۾ جلسي ۾ ماڻهو ويٺل هيا. جلسو ٽالپر حڪمران گهراڻي جي حڪومت ۾ سنڌ جي وزيراعظم نواب ولي محمد لغاري جي قبر ڀرسان رکيو هو. نواب ولي محمد لغاري کي اتر سنڌ ۾ وفات ٿيڻ تي ڪجهه وقت امانت طور اتي رکيو ويو هو، جتي تقريباً سال کن کانپوءِ اتان کيس ڪڍي حيدرآباد پٺاڻ ڪالوني ۾ رکيو ويو هو. اها ڳالهه مونکي گهڻو وقت اڳ ڊاڪٽر اديب انقلابي ٻڌائي هئي، سنڌ جي تاريخ تي قومي اڳواڻن مان عبدالواحد آريسر ۽ اديب انقلابي وڏو عبور رکن ٿا.
جلسي ۾ اطهر سومري آجياڻو ڏنو، مظفر سانداڻو، ساگر حنيف بڙدي، نجف لغاري ڪيهر انصاري، آڪاش ملاح، ”سرفراز ميمڻ، فقير امداد منگي“، اهي ٻئي دوست قومي قافلي ۾ لاڙڪاڻي کان شريڪ ٿيا ۽ مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) تقريرون ڪيون. جنهن کان پوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪندي اهو چيو ته پاڪستان جو ٺهڻ ياد رکو. قومي ڪارڪنو! مان چوان ٿو ته پاڪستان ٺهيو آهي، آزاد نه ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته 1947ع کان اڳ پاڪستان نالي ڪنهن ملڪ جو وجود ئي نه هيو ته اهو آزاد ڪيئن ٿيو؟ بهرحال پاڪستان جو ٺهڻ سياسي سازش ۽ انگريزن جي مڪارانه چال جو نتيجو هو، پنجاب پهرين ۽ ٻي مهاڀاري عالمي جنگن ۾ انگريزن جو ساٿ ڏنو، ايتري قدر جو پهرين عالمي لڙائي ۾ پنجابين انگريزن جي حمايت ۾ تُرڪ خلافت خلاف وڙهندي ڪعبة الله شريف تي گوليون پڻ هلايون هيون ۽ جڏهن اتان ڪجهه مئل پنجابي فوجين جا لاش ڪراچي بندر تي آندا ويا هئا. تڏهن انهن جي جنازي نماز پڙهائڻ لاءِ انگريزن مولانا محمد صادق کڏي واري کي چيو هو. جڏهن ته مولانا محمد صادق انهن پنجابي فوجين جي اهو چئي جنازي نماز پڙهڻ کان جواب ڏنو هو ته انهن جي جنازي نماز جائز ناهي ۽ آئون اها نه پڙهائيندس ڇو ته هنن ڪعبةالله شريف تي گوليون هلايون آهن، ان انڪار جي عيوض مولانا صادق کي 3 سال جيل ڀوڳڻو پيو. ٻي مهاڀاري جنگ ۾ مصر ۾ جرمن سپهه سالار جنرل روميل جي پيش قدمي روڪڻ لاءِ پنجاب جا سک ۽ مسلمان سپاهي انگريزن طرفان وڙهيا هئا. ان مهل پنجاب جو وزيراعظم سر سڪندر حيات خان، پنجابي سپاهين جي همت افزائي لاءِ مصرو ويو هو. اتي برطانيه جي وزيراعظم چرچل پنجاب جي ان خدمت ڪارڻ سڪندر حيات کي چيو هو ته هو موٽي هندستان وڃي ته محمد علي جناح کي چئي ته هاڻي هو سڌو سنئون پاڪستان جي گُهر ڪري اسين برطانيه وارا ڪانگريس کي سبق سيکارينداسين. ڇوته ڪانگريس وارن ڏکئي وقت ۾ انگريزن جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ انگريزن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون آهن، ان ڪري کين سبق سيکاربو. سڪندر حيات مصر کان سڌو ممبئي پهچي محمد علي جناح کي مٿين ڳالهه کان آگاهي ڏني ۽ محمد علي جناح کي اهو به نياپو مليو ته هو وائسراءِ سان ملي ان ڳالهه جي پڪ وٺي. تنهن تي محمد علي جناح وائسراءِ سان ملي ان ڳالهه جي پڪ ڪئي ۽ انگريزن جي چوڻ تي پاڪستان جي گُهر ڪرڻ لڳو. ان وقت سائين جي ايم سيد سياسي دانشمندي کان ڪم وٺندي پاڪستان کي قومن جي وچ ۾ هڪ عهدنامي طور پيش ڪيو، جنهن مطابق پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ علائقا جدا جدا اسٽيٽ هوندا. جنهن مطابق هر اسٽيٽ خودمختيار هوندي. پر پوءِ 1946ع ۾ دهلي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس ۾ ان عهدنامي کي ختم ڪري پاڪستان کي هڪ رياست ڪرڻ جو چيو ويو. 1973ع ۾ بنگلا ديش جي آزادي کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي باقي بچيل قومن کي آئيني غلامي ۾ جڪڙي انهن جي الڳ وجود کان انڪار ڪندي انهن قومن جي وسيلن تي پنجاب جو قانوني قبضو ڪرائي ڇڏيو. دنيا هاڻي خبر ڄاڻڻ جي حوالي سان ڳنڍجي چڪي آهي، ان ڪري جيڪڏهن هاڻي اسان کي پنهنجو قومي وجود بچائڻو آهي، جيڪڏهن سنڌ جي وحدانيت کي محفوظ رکڻو آهي. جيڪڏهن پنهنجي وطن سنڌ کي آزادي ڏياري خوشحالي طرف وٺي وڃڻو آهي، ته پوءِ اسان کي ڪراچي ۾ 23 مارچ تي گڏ ٿي هڪ آواز ٿي اهو چوڻو آهي ته سنڌ گُهري ٿي آزادي. ته پوءِ آئون اوهان کي پڪ ٿو ڏيان ته سنڌ جي تقدير آزادي ۽ خوشحالي طرف تيزي سان وکون کڻڻ شروع ڪندي. جلسي جي اختتام کان پوءِ ماني کائي رتوديرو ۾ واپس رات رهڻ لاءِ روانا ٿياسين. جتي تقريباً 1.30 بجي ڌاري آرام ڪرڻ واري جڳهه تي پهتاسين. اتي آرام ڪرڻ کان ٿورو اڳ کل ڀوڳ، اڄوڪي ڏينهن تي ٽيڪا ٽپڻي، تنقيدي ۽ مثبت جائزو وٺي سمهي پياسين ته جيئن وري سڀاڻي تيار ٿي نئين منزل طرف روانو ٿجي.
8 فيبروري 2012ع: صبح سان اخبارن جو مطالعو ڪري انهن ۾ آيل خبرن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري تيار ٿي مدئجي طرف قومي قافلو روانو ٿيو. ڊکڻ شهر ۾ جڏهن قومي قافلو پهتو ته انتظار ۾ بيٺل دوست، ساٿي، گلن جا هار کڻي سڪ ۽ قرب وچان ائين ڊڪندا آيا جيئن رگ ويد ۾ سنڌو درياهه جي تعريف ڪندي لکيو ويو آهي ته ڳئون پنهنجي ٻچڙي ڏي سڪ مان رانڀاٽ ڪري ڀڄندي آهي، ائين ئي دوست پنهنجي محبوب چيئرمين بشير خان قريشي ڏي ڀڄندا آيا. گلن جي ورکا کانپوءِ مديجي طرف قومي قافلو هلڻ لڳو. مدئجي شهر ٻاهران استقبال کانپوءِ بشير خان کي ماڻهو جلوس جي صورت ۾ جلسي گاهه طرف وٺي هليا. رستي جي ٻنهي پاسن کان قطارون ٺاهي دڪانن مان ماڻهو ٻاهر نڪري آيا ۽ هٿ لوڏي نعرا هڻندا رهيا ۽ گرمجوشي سان بشير خان جو استقبال ڪندا رهيا. جلسي گاهه ۾ پهچڻ کان پوءِ عاطف پٺاڻ، عبدالستار بروهي کي ڪارروائي هلائڻ جو چيو، ستار بروهي سميع بلالي کي آجياڻي لاءِ سڏ ڪيو. جنهن قومي قافلي کي آجياڻو ڏنو. تنهن کانپوءِ نجف لغاري ۽ ساگر حنيف بڙدي جلسي کي مخاطب ٿيا، تنهن کانپوءِ جلسي کي بشير خان قريشي خطاب ڪيو. جنهن پنهنجي تقرير ۾ ماڻهن کي ٻڌايو ته سنڌ اسان سنڌين جو ملڪ آهي، قدرت سنڌ جا وسيلا اسان سنڌين لاءِ خلقيا آهن پر پاڪستان اسلام ۽ جمهوريت جي نالي ۾ سنڌ جي سڀني وسيلن جو ڌڻي پنجاب ٿيو ويٺو آهيَ اسان پنهنجي وطن، کان لا تعلق ٿي پاڻ ۾ پاڻي جي واري تي پنهنجن جا ڳڀا ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار نظر ايندا آهيون پر پنجاب طرفان درياءَ تي ٿيل قبضي کي نظر ۾ ئي نه ٿا رکون. پاڻ ۾ صدين کان گڏ رهندڙ هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهيون. رينجرس ۽ انتظاميه ڪيتري به بيعزتي ڪري پر ڪڇندا نه آهيون. اربين روپيه روزانه سنڌ پيدا ڪري ٿي پر سنڌي سڌريل انساني زندگي کان محروم آهن، ان وقت اسان سائين جي ايم سيد جو پيغام کڻي اوهان وٽ آيا آهيون ته اسان سنڌي هڪ قوم آهيون، سنڌ اسان جو وطن آهي ۽ پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جي غلامي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون. ان ڪري اچو ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ سڀ سنڌي گڏ ٿي پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون، تنهن تي جلسي ۾ شريڪ سڀني ماڻهن هٿ مٿي ڪري 23 مارچ ڪراچي پهچڻ جو واعدو ڪيو. جلسي جي خاتمي کان پوءِ مدئجي جي پراڻي قومي ورڪر مقصود سان گڏجي چانهه پيتي سين. تنهن کان پوءِ لکي غلام شاهه طرف قومي قافلو روانو ٿيو. رُڪ اسٽيشن ڀرسان ڦاٽڪ وٽ دوست ۽ عام ماڻهو سوَن جي تعداد ۾ بيٺل هئا. جن بشير خان قريشي جو والهانه استقبال ڪيو. ڀرسان رُڪ اسٽيشن هئي جيڪا ويران ۽ ڀڙڀانگ لڳي پئي هئي، رُڪ اسٽيشن تي سنڌ جي پيار، محبت، رواداري جي امين راڳي ڀڳت ڪنور رام کي شهيد ڪيو ويو هو. جنهن جو ڪيتو سنڌ اڃان پئي لوڙي. تصور ئي تصور ۾ مان ڀڳت ڪنور کي قومي قافلي کي آشيرواد ڏيندي ڏسان ٿو ته هو چئي ٿو نالي الک جي ٻيڙو تار سنڌ جو، لکي غلام شاهه شهر ٻاهران پُرجوش استقبال کان پوءِ قومي قافلي کي قومي ڪارڪنن پنڌ هلڻ جو چيو ۽ بشير خان قريشي پنڌ هلندي ماڻهن جي استقباليه نعرن جا هٿ لوڏي جواب ڏيندي جلسي جي اسٽيج طرف وڌڻ شروع ڪيو. جلسي کي جبل سنڌي آجياڻو ڏنو، آڪاش ملاح، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) ۽ بشير خان قريشي خطاب ڪيو. لکي غلام شاهه ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو ويٺل هئا جن نهايت دلچسپي سان اڳواڻن جون تقريرون ٻڌيون، ٻهراڙي جي ننڍي شهر ۾ جتي اڃان سردارن جي سرداري تمام گهڻي طاقتور روپ ۾ موجود هجي اتي هيڏا ماڻهو سائين جي ايم سيد جي فڪر سان لاڳاپيل قومي قافلي جي اڳواڻ بشير خان ۽ سندس ساٿين کي دلچسپي سان نه فقط ٻڌن پر عزت ۽ احترام به ڏين ته پڪ ۾ اضافو ٿيو ته سنڌي ماڻهو هڪ نه هڪ ڏينهن سائين جي ايم سيد جي فڪر تحت سنڌ کي آزاد ڪرائي وٺندا. لکي غلام شاهه جي شاندار جلسي کانپوءِ قومي قافلو چڪ شهر طرف روانو ٿيو. جهانيان وٽ بيٺل ماڻهن استقبال ڪيو ۽ پوءِ قومي قافلو اسڪوٽرن، گاڏين جي ڊگهي قطار سان اڳتي وڌڻ لڳو. ڀرڪڻ وٽ بيٺل سوين ماڻهن قومي قافلي جي سرواڻ بشير خان جو استقبال ڪيو ۽ کيس گذارش ڪيايون ته ٻه اکر ڳالهائي. تنهن تي بشير خان بيٺل ماڻهن جي ميڙ کي پنهنجي دوري جي مقصد کان آگاهه ڪيو ۽ ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جو سبب ٻڌائي کين اتي پهچڻ جي دعوت ڏني. اڳيان کاهي اسٽاپ وٽ پڻ سوين ماڻهو قومي قافلي جي آجيان لاءِ بيٺا هئا. بشير خان انهن سان ملي کين جلدي ۾ ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏئي اڳتي روانو ٿيو. چڪ شهر ۾ داخل ٿيندي موڙ تي بشير خان گاڏي مان لهي پيو. چڪ جي ماڻهن بشير خان جو دهلن، شرنانين ۽ ڏوڪن کي وڄائيندي آڌرڀاءُ ڪيو. بشير خان پنهنجي ساٿين سان پنڌ ڪندي جلسي گاهه طرف هلڻ لڳو. شهر ۾ ٻنهي طرفن کان چڪ واسي دڪانن کان ٻاهر نڪري آجيان ڪندي هٿ لوڏي استقبال ڪندا رهيا. چڪ شهر ۾ ماضي ۾ جواهر لعل نهرو ۽ سائين جي ايم سيد پڻ اچي چڪا آهن. اها ڳالهه پراڻي قومي ڪارڪن ۽ چترڪار هارون چني ٻڌائي. 2010ع ۾ ٻوڏن دوران پڻ چڪ جي بند تي محترم بشير خان قريشي سان اسان دورو ڪري چڪا هئاسين. جلسي ۾ اسٽيج تي ويهڻ کانپوءِ عبدالرؤف آجياڻو ڏنو. ساگر حنيف بڙدي ۽ ڪيهر انصاري تقريرون ڪيون. ڪيهر انصاري جي تقرير دوران بلب ڦاٽي پيو. تنهن کانپوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪري چڪ واسين کي سنڌ سان ٿيل ظلمن بابت آگاهي ڏيئي انهن کان ڇوٽڪاري جو حل ٻڌائيندي کين 23 مارچ ڪراچي پهچڻ جي اپيل ڪئي. جلسي کانپوءِ چڪ کان شڪارپور طرف روانا ٿياسين. شڪارپور شهر جنهن کي ياد ڪندي جواهر لعل نهرو پنهنجي آتم ڪٿا ۾ بئنڪنگ جي نظام جو پايو وجهندڙ شهر جو حوالو ڏنو هو. جتي جي قلفي فالوده، کٽاڻ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور آهي. هڪ ڀيري سائين جي ايم سيد کي سندس نوڪر چيو ته سائين هڪ همراهه آيو آهي جنهن کي هٿ ۾ مٺائي ۽ آچار جا دٻا آهن، سائين جي ايم سيد جهٽ وراڻي ڏني ته اهو قيوم منگي هوندو. جنهن کي عبدالواحد آريسر صاحب سردار به سڏيندو هو. ڪراچي ۾ بشير خان قريشي تي ٿيل حملي ۾ قيوم منگي شديد زخمي ٿيڻ کان پوءِ شهيد ٿي ويو هو. جلسو پريس ڪلب وٽ رکيل هو. جتي ستار بروهي جلسي جي شروعات ڪندي سميع بلالي کي آجياڻي لاءِ سڏيو. حنيف ساگر بڙدي، فقير امداد منگي، سرفراز ميمڻ جن تقريرون ڪيون ۽ ان کان پوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪندي چيو ته پنجابين کي فقط پنهنجو مفاد عزيز آهي، نه فقط اهو پر هو محسن ڪش به رهيا آهن. سائين جي ايم سيد سڄي برصغير ۾ سڀ کان پهرئين پاڪستان ٺهڻ جي قرارداد سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائي. موٽ ۾ ان شخص کي 32 سالن کان مٿي قيد ۽ نظر بند رکي ان جي وطن سنڌ سان انتهائي بيرحمانه سلوڪ ڪيو ويو ۽ سائين جي ايم سيد جي زندگي جون آخري گهڙيون به نظر بندي ۾ گذريون، محمد علي جناح، جنهن پنهنجي ڏاهپ سان پاڪستان ٺهرايو، ان کي زندگي جي آخري گهڙين ۾ زهر ڏئي مارايو ويو ۽ جڏهن آخري سفر ۾ هو ڪراچي جي مسرور ايئربيس تي پهتو ته کيس اهڙي ايمبولينس ۾ ليٽايو ويو جيڪا ڊرگ روڊ تي خراب هجڻ ڪري ٻه ڪلاڪ بيٺي رهي. لياقت علي پاڪستان ٺهرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پر پوءِ کيس پنهنجي مفادن جي راهه ۾ ڪنڊو ڏسي راولپنڊي جي هڪ باغ ۾ اڪبر نالي همراهه کان مارائي ڇڏيو ۽ ان همراهه کي اتي ماري سڄي معاملي کي لئي مٽي ڪيو ويو. جڏهن سندس موت جي تحقيقات ٿيل دستاويز هڪ جهاز کڻي اچي رهيو هو ته ان جهاز کي تباهه ڪري ان باب کي سدائين لاءِ بند ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي 1971ع ۾ پاڪستان ٽٽڻ کانپوءِ پنجابي مفادن جي نگهباني ڪندي 90 هزار هندستان وٽ قيد ٿيل قيدي ڇڏايا نه فقط اهو پر 1973ع جو آئين ٺاهي باقي قومن جي قومي حيثيت کي ختم ڪري پنجابين کي اهو ڪم ڪري ڏنو جيڪو رنجيت سنگهه به پنجاب لاءِ نه ڪري سگهيو هو. 1973ع جي آئين بابت رسول بخش انڙ هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي، جنهن ۾ رسول بخش انڙ 1973ع جي آئين کي قانوني ون يونٽ قرار ڏيندي لکيو آهي ته ان آئين ۾ سنڌ کي مڪمل طرح ختم ڪري پنجاب حوالي ڪيو ويو آهي. ان ڀٽي صاحب پنجاب ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ سنڌو مان چشمه جهلم لنڪ ڪئنال کوٽي ڏئي پنجاب جي سڪل درياهن کي آب سان ڀري ڇڏيو. ڪالا باغ ڊيم جو بنياد رکيو. پر پنجاب جي ايڏين خدمتن عيوض به کيس نه بخشيو ۽ آخر ۾ تارا مسيح کي 10 روپيه ڏئي ڦاسي ڏيارائي وئي. قدير خان پاڪستان کي ايٽم بم ٺاهي ڏنو اڳتي هلي پنجابين کيس گهر ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو ۽ کيس ڀيڻ جي وفات تي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ نه ڏنو.
پنجاب پاڪستان جي نالي ۾ عالمي دهشتگردي جو اڏو ٿي پيو آهي. پنجابي ۽ پٺاڻن پنهنجا ماڻهو سنڌ جي شهرن ۾ منتقل ڪري سنڌ جي وڏن شهرن جي دعويٰ ڪري رهيا آهن ته اهي سندن جا آهن. ان ڪري ضروري آهي ته سنڌي هڪ هنڌ تمام وڏي سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ گڏ ٿي لکن ڪروڙن جي تعداد ۾ هڪ آواز ٿي اها گُهر ڪن ته سنڌ سنڌين جي آهي، سنڌ جا مالڪ اسان سنڌي آهيون ۽ هاڻي سنڌ کي ٻيو ڪجهه نه فقط سنڌ جي آزادي گُهرجي. ائين اسان سنڌي ڪري وياسين جيڪو يقينن ٿيندو ته پوءِ پاڪستان کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ دنياوارا به مدد ۽ حمايت ڪندا. جلسي کان پوءِ شڪارپوري دوستن ماني کارائي ۽ پوءِ رات موٽي وري رتوديرو ۾ رهڻ لاءِ شڪارپور کان روانه ٿياسين ته واٽ تي بشير خان جي ذوالفقار علي ڀٽي بابت ڪيل تقرير تي سوچيم ته ڀٽي جا آخري ڏينهن نالي ڪتاب ۾ ڪرنل عارف بنگش لکيو آهي ته ڀُٽي ڦاسي گهاٽ ۾ رهڻ دوران آزاد ٿيڻ کان پوءِ سنڌوديش جي هلچل هلائڻ جو سوچيو هو. مون اها ڳالهه بشير خان قريشي ۽ ٻين دوستن جي موجودگي ۾ ميرپور ڀٽو ۾ ممتاز علي ڀٽي صاحب جي اوطاق تي کانئس پڇي هئي ته واقعي ذوالفقار علي ڀٽي آخر ۾ ائين سوچيو پئي ڇا؟ ته ممتاز ڀٽي صاحب سڀني جي سامهون وراڻي ڏني هئي ته ها. جڏهن مان ساڻس ڦاهي گهاٽ ۾ ملڻ ويو هئس ته اتي ڀٽي صاحب واش روم کان نڪرندي جنهن جي درتي کٿو ٽنگيل هيو مون کي ويٺل ڏسي اهو چيو هو ته پاڻ جيل کان ٻاهر نڪري تو واري ڳالهه سنڌ جي آزادي جي تحريڪ هلائينداسين. خيالن جو سلسلو رتوديرو ۾ بشير خان جي اوطاق تي پهچڻ کانپوءِ ٽُٽو. 12.30 بجي ڌاري رتوديرو اوطاق تي پهچي سمهي پياسين.
9 فيبروري 2012ع: صبح جو تيار ٿي اخبارن جو مطالعو ڪري، ناشتو ڪري، قومي قافلو جيڪب آباد ضلعي جي دوري لاءِ ڳڙهي خيرو روانو ٿيو، شهدادڪوٽ باءِ پاس وٽ اشفاق شيخ، جنهن کي سڀ دوست گُڏو شيخ به چوندا آهيون، فروٽ کڻي بيٺل هيو. ان کان فروٽ وٺي ڳڙهي خيري طرف روانا ٿياسين، ڏيڍ، ٻه سال ٿي چڪا آهن 2010ع ۾ ٽوڙهي بند ٽُٽو هو ته اهو پاڻي هن روڊ کي ٻوڙيندو شهدادڪوٽ جي وٽ ڏيئي اڳتي منڇر طرف وڌايو ويو هو. ان مهل ان ڳڙهي خيري واري روڊ کي هنڌان هنڌان ڪٽ ڏيئي پاڻي جي رُخ کي موڙيو ويو هو. ايترو وقت گذرڻ باوجود به ان روڊ جي ساڳي حالت هئي. اميد علي جوڻيجو (جنهن جي ڀرسان قديم ”ليمون جو دڙو“ جاکنڊر موجود آهن، جنهن جو ذڪر ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي پنهنجي تاريخي ڪتاب ”قديمي سنڌ“ ۾ پڻ ڪيو آهي) ۽ حاصل خان جمالي جو ڳوٺ ڪراس ڪري اڳتي پهتاسين ته جيڪب آباد ضلعي جو صدر بهرام لُهَر دوستن سان بيٺل هو. ساڻس ملي ٿورو اڳتي وڌياسين ته سوَن جي تعداد ۾ ڳڙهي خيري جا نوجوان استقبال لاءِ بيٺا هيا. ڪن کي هٿن ۾ ڪهاڙي وارا جهنڊا ته ڪن کي هٿيار هئا. انهن بشير خان ۽ سندس ساٿين جو شاندار استقبال ڪندي شهر طرف وڌڻ لڳا. قومي قافلو جڏهن شهر ۾ پهتو ته بشير خان کي دوستن پنڌ هلڻ لاءِ اسرار ڪيو، بشير خان جڏهن به جلسن جلوسن ۾ ويندو هو ته دوست کيس شهرن ۾ پنڌ هلڻ جو چوندا هئا پوءِ کڻي اتر سنڌ جي شديد گرمي جا ڏينهن هُجن يا سردي جا. بشير خان کي پنڌ ڪرڻ لاءِ گاڏي مان لهڻو پوندو هو. قومي قافلو جلوس جي صورت ۾ جلسي گاهه طرف وڌڻ لڳو. شهر ۾ روڊ جي ٻنهي پاسن کان شهري قطارون ٺاهي استقبال ڪري رهيا هئا. ۽ بشير خان مٿان گل نڇاور ڪري رهيا هئا. جلسي گاهه ۾ پهچي اسٽيج تي ويهڻ کانپوءِ اجرڪون اوڍايون ويون ۽ بهرام لُهر جلسي جي شروعات ڪندي آجياڻو ڏنو. ڳڙهي خيرو ۾ اڄ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيل هئا جنهن جو گهڻو تڻو سهرو به بهرام لُهر مٿان آهي. حنيف ساگر بڙدي، آڪاش ملاح، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) تقريرون ڪري سائين جي ايم سيد جي پروگرام کان ڳڙهي خيري وارن کي آگاهه ڪيو. بشير خان قريشي تقرير ڪندي ڳڙهي خيري واسين سان مخاطب ٿيندي کين چيو ته سنڌ هڪ ننڍو ملڪ آهي تنهنڪري هو آزادي نه وٺي سگهندو ۽ جيڪڏهن هن آزادي ورتي به ته خوشحالي ٿي نه سگهندي ۽ آزادي برقرار نه رکي سگهندو پر حقيقت اها آهي ته هن مهل 200 جي لڳ ڀڳ ملڪ اقوام متحده جا ميمبر آهن. انهن مان 100 جي لڳ ڀڳ اهڙا ملڪ آهن جيڪي سنڌ کان نه فقط ايراضي ۾ ننڍا آهن پر سنڌ جي آدمشماري ۽ پيداواري ذريعن ۾ پڻ گهٽ آهن پر اهي ملڪ نه فقط آزاد آهن پر خوشحالي طرف به وڌي رهيا آهن، تنهنڪري اها سراسر ڪوڙ تي ٻڌل پروپيگنڊه آهي ته سنڌ آزاد ٿي نه سگهندي. اسان سنڌي تاريخي طور تي نهايت بهادر ۽ پنهنجي وطن سان پيار ڪندڙ، سر قربان ڪرڻ واري قوم آهيون. هن مهل پنجاب طرفان پاڪستان، اسلام ۽ جمهوريت جي نالي ۾ سنڌين جي پيداواري ذريعن جي ڦرلٽ ٿي رهي آهي. سنڌ جا ٻيا پيداواري ذريعا ته ڦرجن ئي ڦرجن ٿا پر روڊن رستن جي ڪمائي جيڪا ساليانا اربين روپيه ٿئي ٿي اها پڻ وفاق جي نالي ۾ پنجاب حوالي ٿيو وڃي. تنهنڪري اسان سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ اوهان وٽ آيا آهيون ته اچو ته پنهنجي سنڌ امڙ جي مالڪي ڪريون. سنڌي ۾ هڪ بيت آهي ته:
مان ٻاڪاري ٻاڪاري هليو ويندس تون سڏ نه ڏيندين ته ڇا ٿيندو،
ماءُ ته ٻنهي جي هڪڙي آ تون ڀاءُ نه ٿيندين ته ڇا ٿيندو.
تنهن کانپوءِ بشير خان قريشي هميشه جيان جلسي ۾ شريڪ هزارن ماڻهن کان 23 مارچ تي ڪراچي اچڻ جو هٿ مٿي کڻي واعدو ورتو.
جلسي کانپوءِ ڳڙهي خيري جي صحافين جي زور ڀرڻ تي بشير خان پريس ڪلب هليو جتي چانهه پيئڻ کانپوءِ صحافين کان موڪلائي بهرام لُهَر جي جڳهه تي ريفريشمينٽ ڪئي وئي، تنهن کانپوءِ عبدالجبار سان عذر خواهي ڪري دوداپور رستي جيڪب آباد روانا ٿياسين، ڳڙهي خيري ٻاهران ڀٽين جي ڳوٺ وٽ بيٺل ڳوٺاڻن قومي قافلي جو استقبال ڪيو. تنهن کان پوءِ جيڪب آباد طرف روانا ٿياسين. جيڪب آباد باءِ پاس وٽ استقبال ٿيڻ کانپوءِ جيل واري روڊ کان جيڪب آباد شهر طرف قومي قافلو وڌڻ لڳو. وک وک تي آجياڻا ٿيندا رهيا. حرمين هوٽل کان جناح روڊ پيادل هلندي قومي قافلو جلسي گاهه طرف وڌڻ لڳو. منان مهر جيڪو غفار مهر جو فرزند ۽ نهايت سرگرم قومي ورڪر آهي تنهن جلسي ۾ آجياڻو ڏنو. حنيف ساگر بڙدي، ڪيهر انصاري، امداد منگي، SUP جو صدر ذوالفقار سولنگي تقريرون ڪيون. تنهن کان پوءِ آخر ۾ بشير خان تقرير ڪندي جيڪب آباد واسين کي سنڌ جي موجوده حالتن کان واقف ڪندي پنجاب طرفان سنڌ مان ٿيل ظلمن جو تفصيل ٻڌايو ۽ کين اهو پڻ ٻڌايو ته پاڪستان جي 65 سالا عمر ۾ اسان سڀ نظام حڪومت آزمائي ڏٺا پر سڀ حڪمران اهي وردي وارا هجن يا سويلين پر پنجاب جا تابعدار ۽ سنڌجي ڦرلٽ ۾ پنجاب جا هٿ ٻڌا ٻانها ثابت پئي ٿيا آهن، ان ڪري سنڌ جي ماڻهن جي نه فقط قسمت، خوشحالي ۾ تبديل نه ٿي ٿئي پر ويتر قدرتي آفتن ۾ به کين نڌڻڪو ۽ بي يارومددگار ڇڏيو ٿو وڃي. اسان جي پاڙيسري ملڪ بلوچستان تي ڪيترائي دفعا آپريشن ڪري ڪيترائي بلوچ قومي ڪارڪن شهيد ڪيا ويا آهن پر اڄ بلوچستان جي قومي آزادي جي تحريڪ ميچوئر ٿي چڪي آهي ۽ هو آزادي جي منزل ماڻڻ جي ويجهو اچي پهتا آهن. ان ڪري سنڌ واسيو! اچو ته اسان به پنهنجي حالتن مطابق عدم تشدد جي واٽ تي هلندي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون، ان لاءِ اسان 23 مارچ جو ڏينهن چونڊيو آهي ته ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي اهو نعرو گڏجي هڻون ته سنڌ گُهري ٿي آزادي، تنهن تي مجموعي ۾ بيٺل سوين ماڻهن هٿ مٿي کڻي بشير خان سان گڏ نعرا هنيا ته سنڌ گُهري ٿي آزادي. جلسي جي خاتمي کانپوءِ استاد نثار احمد ڪٽو جي وفات تي سندس پونئرن سان عذر خواهي ڪري همايون رستي ٺُل طرف هلڻ لڳاسين. ميرپور ٻرڙو شهر کان ٻاهر شهيد عرض محمد ڀٽي اسٽاپ وٽ بيٺل ماڻهن استقبال ڪيو. ميرپور ٻرڙي ۾ وچ روڊ تي 9.30 رات جو ٿڌ ۾ ماڻهو گڏ ٿي بيٺل هئا. جتي ڪيهر انصاري ۽ بشير خان قريشي خطاب ڪري بيٺل ماڻهن جا ٿورا مڃيا ۽کين قومي قافلي جي اچڻ جو مقصد ٻڌائي 23 مارچ تي ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏني، تنهن کانپوءِ ٺُل طرف روانا ٿياسين، شهر ٻاهران استقبال کانپوءِ قومي قافلو پنڌ هلندي جلسي گاهه پهتو ۾ جتي ساگر حنيف بڙدي، سرفراز ميمڻ، آڪاش ملاح ۽ مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) تقريرون ڪري ماڻهن کي سائين جي ايم سيد جي سياسي جدوجهد ۽ پروگرام کان آگاهه ڪيو. تنهن کان پوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪندي ٺُل واسين کي چيو ته پاڪستان هوندي پنجابين کي اسان جي سنڌ جي رڳو ڦرلٽ سان دلچسپي آهي. امن امان جو مسئلو، سنڌي ڪهڙن سورن ۾ آهن خاص طور تي سنڌي هندن جون اغوائون روز جو معمول بڻيل آهن ان طرف پجاب ۽ سندس اتحادي حڪومتن ڪڏهن به سنجيده رويو اختيار نه ڪيو آهي.
اڃان وڌيڪ تازو توهان ڏٺو هوندو ته ٺوڙهي بند کان درياهه ڀڳو ته اتر سنڌ ٻڏي وئي پر ٺُل شهر سميت هر ڪنهن پنهنجي مدد پئي ڪئي پر حڪومت ڪٿي به نظر نه آئي، جيتوڻيڪ سنڌ مان 950 ارب روپيه رڳو ٽيڪس جي صوصرت ۾ پنجاب ڦٻايو وڃي پر سنڌين جي واهر ڪرڻ لاءِ ڪڏهن تيار نه آهي. موجوده حڪمرانن کي سوات جي زلزلي متاثر وڌيڪ پيارا لڳندا آهن جو هو جڏهن ڪراچي پهتا هئا ته سنڌ جا سڀ وزير، مشير، پاڻي، گئس، تنبو کاڌ خوراڪ کنيو بيٺا هئا، پر ٺُل وارا ٻوڏ کان پاڻ بچائڻ لاءِ ڪراچي پنهنجي سنڌ جي گادي واري هنڌ ٿا پهچن ته کين ڌڪن، ٿاٻن، ڌڙڪن کانسواءِ ٻيو ڪجهه پلئه نه ٿو پوي. ان ڪري سنڌ واسيو! موجوده حڪمران، جمهوريت جو ڍونگ رچائي سنڌ جا سڀ ٽپڙ پنجاب حوالي ڪري ڇڏيا اٿن، پر سنڌ جي واهر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ان ڪري اچو ته سڌو ۽ چٽي نموني پنهنجي وطن سنڌجي مالڪي ڪندي سندس آزادي جي گُهر ڪيون، ان لاءِ اسان 23 مارچ جو ڏينهن چونڊيو آهي. ٻيا ڀلي ان ڏينهن کي پاڪستان جو ڏينهن ڪري ملهائين پر اسان ان ڏينهن کي پاڪستان کان ڇوٽڪارو گُهرڻ جو ڏينهن ملهائينداسين، جلسي م بيٺل هڪ گونگو رڙيون ڪري نعرا هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جلسي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ قريشي برادري طرفان تيار ڪرايل ماني کائي سندن اوطاق تي سمهي پياسين اوطاق جا بادوانا کُليل هئا جتان ٿڌي هوا پئي آئي ان تي بشير خان سان کل ڀوڳ ڪندي سمهي پياسين.
10 فيبروري 2012ع: صبح سوير اٿياسين ته سائين جي ايم سيد سان لاڳاپيل جهوني قومي ورڪر اضعر سهرياڻي فون ڪئي ان جي خلوص کي ڏسندي چانهه قريشي برادري وٽ پيئڻ کانپوءِ قومي قافلي جو هڪ حصو اصغر سهرياڻي ڏانهن ڪنڌڪوٽ روانو ٿيو اتي پهچي وهنجي تيار ٿياسين ته اصغر سهرياڻي بصريون، ڀڳل گوشت، انڊا، ماني گڏ کڻي آيو. ماني کائي ڪچهري ڪندي ڪجهه پراڻيون يادگيريون اورڻ لڳاسين. ماضي ۾ جيئي سنڌ اندر ٻه وڏا گروپ هئا هڪ عبدالواحد آريسر صاحب سان لاڳاپيل هو، ٻيو عطا الله انڙ سان لاڳاپيل. عطالله انڙ وارن جو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن وارن مان خاص طور گل محمد جکراڻي واري لڏي سان وڌيڪ گهرو رابطو هو. اصغر سهرياڻي به عطا الله وارن سان گڏ هوندو هو. هڪ دفعي عبدالواحد آريسر ۽ عطا الله وارن جون ڳالهيون رکيل هيون اتي عطا الله وارن پنهنجو نمائندو اصغر سهرياڻي کي ڪري موڪليو، ظاهر آهي عبدالواحد آريسر کي ڳالهين ۾ گاريون نصيب ٿيون هونديون. اتي ٻيو جهونو دوست باغي بجاراڻي به اچي پهتو جيڪو پڻ سائين جي ايم سيد جو پوئلڳ ۽ پراڻو قومي ڪارڪن آهي. 1983ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ جڏهن BSO سان لاڳاپيل ڪارڪنن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪارڪن مير اشتياق ٽالپر کي شهيد ڪيو هو ۽ اديب انقلاب کي زخمي ڪري ڀڳا هئا ته اسان انهن جي ڪڍ لڳا هئاسين، باغي بجاراڻي بند تي ڀڄندڙ BSO جي ڪارڪن نجيب بگٽي جي پويان ڀڳو آئون ساڻس گڏ هوس ته اوچتو هڪ گهوڙي وارو اسان جي اڳيان پئي ويو. باغي ان کان گهوڙو کسي ان تي نجيب بگٽي جي پويان ڀڳو هو ۽ پوءِ کيس (نجيب) زخمي ٿيڻ کانپوءِ استپال پهچايو ويو هو. يادون ساريندي ايتري ۾ بشير خان قريشي به اچي پهتو اصغر سان سندس عزيز جي وفات تي عذر خواهي ڪري چانهه پيئڻ کانپوءِ ڪنڌڪوٽ شهر طرف روانا ٿياسين. جلسو ڪنڌڪوٽ ۾ لائبريري واري روڊ تي رٿيو ويو هو. جتي چؤطرف مسجدون پڻ هيون. جمع جو ڏينهن هو. نماز جو ٽائيم هيو هر هڪ پنهنجي پنهنجي نقطه نظر موجب پئي واعظ ڪيو اسين به هزارين ماڻهن کي سنڌ جا سور ٻڌائڻ ۾ لڳي وياسين. ولي سهرياڻي آجياڻي تقرير ڪئي، ساگر بڙي آڪاش ملاح ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي تقرير کانپوءِ بشير خان تقرير ڪندي چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ ۾ مذهبي متڀيد سڄي برصغير جي ڀيٽ ۾ نه هئڻ جي برابر هو، برطانيه جي هڪ انگريز 1810ع ۾ سنڌ گهمندي ۽ ان جي تاريخي ڪتابن جو مطالعو ڪندي لکيو آهي ته سنڌ ۾ هندن ۾ ذات پات وارو ويڇو نظر ئي ڪونه ايندو هو وڌيڪ لکي ٿو ته سنڌ ۾ هندن خلاف ڪا به نفرت نه آهي. پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اهو نفرت جو ٻج ٻاهرين ماڻهن سرڪاري سرپرستي ۾ اچي ان نيت سان رائج ڪيو ته جيئن هندن کي سنڌ مان لڏائي هتان پڙهيل ڳڙهيل طبقي کي ڪڍي ڇڏجي ۽ ٻيو ته انهن جي ملڪيتن تي ڪوڙن ڪليمن ذريعي قبضو ڪجي ۽ ٽيون سنڌي قوم کي بحيثيت هڪ قوم جي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. اهو ئي سبب آهي جو هندن جي وڃڻ کانپوءِ 25 لک انهن جي ڇڏيل زرعي زمين تي قبضو ڪيو ويو. ٺهيل ٺڪيل عاليشان پڪن گهرن تي قبضو ڪيو ويو ۽ 10 لک هندن کي ان وقت سنڌ مان تڙيو ويو. ان کان پوءِ نوڪرين، ٻاهرين واپار تي قبضو ڪري سنڌين کي بدحال بنائڻ جي شروعات ڪئي وئي. 1948ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي زبان کي ختم ڪري ڌارين ٻولي کي سنڌ ۾ رائج ڪيو يو. 23 جولاءِ 1948ع تي ئي پير الاهي بخش جي معرفت ڪراچي کي سنڌ کان جدا ڪيو ويو. سڄي ڪراچي مان هزارن جي تعداد ۾ سنڌي اسڪول بند ڪري اتي جي ٻولي جا اسڪول قائم ڪيا ويا. ڪراچي شهر جي روڊن رستن تي ٻاهرين ماڻهن جا نالا رکي ان جي اصل حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اسان جي رهبر سائين جي ايم سيد جڏهن سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي ته کيس 32 سالن کان مٿي قيد و بند ۾ رکيو ويو. 1973ع جي آئين جي نالي ۾ سنڌ جا روڊ، پيداواري ذريعا، ڪارخانا، نوڪريون، واپار، ٽيڪس، سمنڊ، حتيٰ ڪه هر شيءِ وفاق جي حوالي ڪئي وئي. سنڌ جي ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ مسلمان هڪ قوم آهن جو فرسوده ۽ غير حقيقي نعرو هنيو ٿو وڃي ان ڪري اسان سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشني ۾ اهو چٽو ٿا چئون ته هاڻي اسان 1940ع جي قرارداد سان ٻڌل نه آهيون. 1973ع جي آئين کي قبول ڪونه ٿا ڪريون ۽ اهو واضع ٿا ڪريون ته سنڌ هڪ ملڪ آهي. اسان سنڌي هڪ قوم آهيون ۽ آزادي اسان جو حق آهي ان لاءِ اسان سڀني سنڌ ڌرتي جي حلالي پٽن کي سڏ ٿا ڏيون ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گهر ڪريون. تنهن تي جلسي ۾ شريڪ ماڻهن هٿ مٿي کڻي واعدو ڪيو ته هو 23 مارچ ڪراچي ضرور ايندا. جلسي کان پوءِ پراڻي دوست منير ملڪ هڪ شاندار پر تڪلف مانجهاندو ڏنو. اهو کائي صحافي دوست لياقت کوسو وٽ چانهه پيئڻ کانپوءِ ڪشمور طرف روانا ٿياسين. بخشاپور ڪراس ڪندي گل محمد خان جکراڻي جون يادون 1980ع کان وٺي هيل تائين ذهن تي ڦرڻ لڳيون. سندس دؤر جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو يادگار دؤر هو. مارشل لا جي سختين کيس ڪونه منجهايو پر پوءِ سڀ لوڏا دوستن کان وٺي اقتداري مزن تائين نه پچائي سگهيو. سڄي واٽ ڪنڌڪوٽ کان ڪشمور تائين ننڍن وڏن اسٽاپن تي سون جي تعداد ۾ بيٺل ماڻهو استقبال ڪندا رهيا. ۽ بشير خان قريشي انهن سان ملندو اڳتي وڌندو رهيو. ڪشمور شهر ٻاهران سوين ماڻهو استقبال ڪرڻ کان پوءِ سائين جي ايم سيد سنڌوديش ۽ بشير خان جا نعرا هڻندا، اسڪوٽرن، گاڏين جي قطار ۾ قومي قافلي کي وٺي، ڪشمور شهر طرف وڌڻ لڳا، شهر ۾ پراڻي نيشنل بئنڪ سامهون اسٽيج ٺاهيل هئي جتي هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا، نجف، حنيف ساگر ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي تقريرون ڪري پنهنجي پنهنجي سمجهه آهر سنڌي ماڻهن اڳيان سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن کي ظاهر ڪيو تنهن کان پوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪندي ڪشمور واسين سان مخاطب ٿيندي چيو ته قرآن شريف به فرمائي ٿو ته: ”خدا ڪنهن قوم جي حالت نٿو بدلائي جيستائين اهي خود پنهنجي حالت بدلائڻ لاءِ ڪوشش نه ٿا ڪن.“ تنهنڪري سنڌ واسيو! جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته سنڌ جا مالڪ فقط اوهان سنڌي هجو، سنڌ جي پيداوار جي ذريعن جا اوهين ئي حقدار هو ته اوهان کي پنهنجي سنڌ جي وارثي ڪرڻي پوندي. پاڪستان ۾ رهندي ڪهڙي به چڱي نظام تحت سنڌ پنهنجي مسئلن کي حل نه ٿي ڪري سگهي. جمهوريت فقط ظاهري ڏيکاءُ آهي، جنهن تحت اسان کي سدائين لاءِ پنجاب جي اڪثريت جو محڪوم ڪيو ويو آهي. ڪنڌڪوٽ، ڪشمور روڊ تي نڪرندڙ گئس ۽ تيل فيلڊن ۾ روزانه ڪروڙين رپيه آمدني هجڻ باوجود اصلي رهاڪن کي ڪجهه پلئه نه ٿو پئي ويتر سٺين نوڪرين تي پنجاب کان ماڻهو گهرائي کين لکين روپيه پگهارن تي رکيو ويو آهي. گڊو ۾ پيدا ٿيندڙ بجلي سنڌ لاءِ گهٽ ڪتب ٿي اچي ۽ اتي به ڪمپنين ۽ ٽرمل ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن جو تعداد پنجابين جو سڀ کان وڌيڪ آهي، اهڙي صورتحال ۾ اسان کي هاڻي چٽي ۽ واضح نموني پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گهر ڪرڻي پوندي ان لاءِ اسان 23 مارچ تي ڪراچي ۾ ميدان سجايو آهي اوهان کي رڳو اتي اچي پرامن نموني پنهنجي وطن جي آزادي جي گهر ڪرڻي آهي. تنهن تي جلسي ۾ ويٺل هزارين ماڻهن هٿ اڀا ڪري وچن ڪيو ته هو 23 مارچ ڪراچي ضرور ايندا. جلسي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ سرڪاري اسپتال ڀرسان چانهه پارٽي ۾ شريڪ ٿي گڊو طرف وڌڻ لڳاسين وک وک تي آجياڻا ٿيندا رهيا. گڊو ڪالوني سامهون اسڪول ۾ رات جو جلسو ٿيو. ڏاڏو جکراڻي، ولي سهرياڻي، ساگر بڙدي، سرفراز ميمڻ صاحب نهايت جوشيليون تقريرون ڪيون. ان کان پوءِ ڪيهر انصاري پر مغز ۽ ڊگهي تقرير ڪئي. تنهن کانپوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪئي ۽ جلسي ۾ شريڪ ماڻهن کي 23 مارچ ڪراچي ۾ اچڻ جي دعوت ڏني. جلسي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ رات گڊو ٿرمل ڪالوني ۾ آرام ڪري، صبح جو گهوٽڪي ضلعي طرف وڃڻ جو ذهن ۾ رٿي، سمهي پياسين.
11 فيبروري 2012ع: ٿرمل ڪالوني ۾ ناشتو احمد سومري وٽ ڪري روانا ٿياسين. گهوٽڪي ضلعي جو صدر نصرالله ڪالادي رات کان وٺي آيل هو جنهن صبح سان ساجهر کان ئي باهه ٻاري ڏني ته جلدي تيار ٿيو. ان ڪري روايت کان هٽي ڪري 10 بجي تائين سڄو قومي قافلو تيار ٿيو. ان ۾ ڏاڏي جکراڻي جو عمل به شامل هيو جو هن سهوليت خاطر قافلي ۾ شريڪ ساٿين کي مختلف ڪوارٽرن ۽ بنگلن ۾ رهايو هو ان ڪري آساني سان سوير تيار ٿي سگهياسين. گمبٽ کان گهوٽڪي طرف درياءَ جي پُل ڪراس ڪري اڳتي وڌڻ لڳاسين ٿورو اڳتي وڌياسين ته سوين نوجوان، پڪا پوڙها، ننڍا ٻار استقبال لاءِ بيٺا هئا، جيڪي پيار ۽ پاٻوهه مان بشير خان کي چنبڙي پيا ۽ کين هٿن تي چُميون ڏيڻ لڳا ۽ موٽ ۾ بشير خان طرفان به چُميون ۽ ڀاڪر نصيب ٿيندا رهيا. ڪچي واري پاسي مُڙڻ کان پوءِ گهوٽڪي ڪئنال ڪراس ڪري حيات خان مزاري ڳوٺ پهتاسين. جتي ڳوٺاڻي روايتن موجب حال احوال ٿيا ۽ تنهان پوءِ بشير خان مختصر خطاب ڪري ڳوٺاڻن کي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن کان آگاهي ڏني ۽ ڇوٽڪاري جو حل ٻڌائيندي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جي دعوت ڏني. چانهه پيئڻ مهل محمد عزيز مزاري، عبدالخالق مزاري، بشير خان کي ٽوپي ۽ اجرڪون پارايون. تنهن کان پوءِ اتان واپسي ٿي ۽ مريد شاخ ۾ استقبال کانپوءِ هڪ خانگي اسڪول ۾ استاد محمد بخش گُهنڃو سان عذر خواهي کانپوءِ هن جي درخواست تي بشير خان قريشي قطار ٺاهي بيٺل سنڌ جي مستقبل کي خطاب ڪيو، جتي بشير خان کين اهو چيو ته تعليم ۾ من لڳائي دلچسپي رکي پڙهو ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي سنڌ وطن کان واقف ٿيڻ لاءِ سياسي تعليم به حاصل ڪريو ۽ جتي به هڪ ٻئي سان ملو ته جيئي سنڌ ڪري ملو ته جيئن قومي سوچ پختي ۽ مضبوط ٿئي. بشير خان جي خطاب کانپوءِ کنڀڙا ۾ ميراڻي قومي ڪارڪن اي ڊي عباسي سان سندس عزيز محترم جي وفات تي قومي قافلي جي اڳواڻن عذر خواهي ڪئي. تنهن کان پوءِ قومي قافلو اڳتي وڌڻ لڳو. اٻاوڙو شهر ٻاهران استقبال کان پوءِ قومي قافلو شهر طرف وڌڻ لڳو. شهر جي وچ چوڪ تي جلسو ٿيو جتي به بشير خان مختصر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ وطن فقط سنڌين جو آهي جتان جي ذري ذري جو مالڪ فقط سنڌي آهي. ان ڪري اچو ته ان جي مالڪي ۽ وارثي کي ثابت ڪري سڄي دنيا کي 23 مارچ تي آگاهي ڏيون ته اسان کي ڪنهن به نالي ۾ غلامي قبول نه آهي. بشير خان جي مختصر خطاب کانپوءِ رفيق شر، بشير خان کي چيو ته سردار احمد يار شر سخت بيمار آهي. بشير خان بغير پروگرام جي قومي قافلي کي ريتي شهر طرف هلڻ جو حڪم ڏنو. جتي پهچي ساڻس عيادت ڪندي 23 مارچ تي ڪراچي اچڻ جي بشير خان کيس دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪندي اهو چيو ته پاڻ کي کٽ تي کڻائي به 23 مارچ کي ضرور ڪراچي ايندس ۽ پنهنجي سڄي قبيلي کي صحافين معرفت سردار احمد يار شر ڪراچي ۾ شريڪ ٿيڻ جو حڪم ڏنو. سردار احمد يار شر ڪجهه وقت اڳ جسقم جي شهيد ٿيل ڪارڪن عزيز ڦل جي ڳوٺ کرڙي اچي اهو وارثن ۽ بشير خان کي عرض ڪيو هو ته شهيد عزيز ڦل جي قتل ۾ ملوث شر برادري جي ماڻهن سان فيصلو ڪيو. تنهن تي شهيد عزيز ڦل جي وارثن شريف ڦل جي صلاح سان بشير خان، سردار احمد يار شر کي شهيد عزيز ڦل جو خون معاف ڪري ڇڏيو هو. سنڌ ۾ اهو نهايت گهٽ ٿيندو آهي جو قتل ٿيل جا وارث بغير معاوضي جي خون معاف ڪن، ان تي سردار احمد يار شر نهايت ٿورائتو ٿيو هو. شهيد جي وارثن ۽ بشير خان ريتي کان موٽي ڏهرڪي ۾ مين روڊ تي گڏ ٿيل سوين ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ، پاڪستان کان سواءِ رهي سگهي ٿي پر پنجاب پاڪستان ذريعي سنڌ جي ڦرلٽ جي آڌار تي پاڻ کي خوش رکيو ويٺو آهي، مذهب جي آڙ وٺي، غلط مذهبي پروپيگنڊا ڪري سنڌ جي الڳ قومي وجود کان انڪار ڪري زوري پاڪستاني قوم جو حصو بنايو ٿو وڃي. جنهن ڪري نه فقط ڌارين ماڻهن جي لوڌ سنڌ ۾ ۽ خاص طور تي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ڪاهي پئي آهي، ان ڪري امن تباهه ٿي ويو آهي. روزگار جا ذريعا ڌارين حوالي ٿي ويا آهن. سنڌ مان رڳو هر مهيني 24 ارب رپيا پٺاڻ پنهنجي علائقن ڏانهن موڪلي ٿو. ان کان علاوه اسان جا وڏا ڪارخانا ۽ انهن جي ڪمائي ڌارين حوالي ٿيل آهي. ڏهرڪي ۾ اينگرو يوريا جو ڪارخانو ساليانو 6 ارب روپيه بچائي ٿو. ان ۾ ڪم ڪندڙ اڪثريت غير سنڌين جي آهي. ماڙي گئس فيلڊ مان سؤ کوهه گيس جا نڪتا آهن. هڪ سال ۾ 119 ارب روپيه ڪمائين ٿا پر اتي 123 انجينئرن مان رڳو 5 ڄڻا سنڌي آهن. اهڙي طرح قادرپور وٽ گئس جا 80 کوهه کوٽيل آهن. جتان روزانو 10 ڪروڙ جي گئس پيدا ٿئي ٿي. خانپور مهر پريان هندستان جي سرحد لڳ تلو نالي گئس ڪمپني گئس ڪڍي ٿي. جتان روزانه 2 ڪروڙ جي گئس پيدا ٿئي ٿي. اها سڄي ڪمائي پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جي حوالي آهي. نه فقط سنڌ پر گهوٽڪي ضلعي کي به ان ڪمائي مان ڪجهه نصيب نه ٿو ٿئي، ان ڪري اسين چاهيون ٿا ته دنيا جي عالمي قانون موجب ملڪ ۽ قوم کي آزاد ۽ الڳ رهڻ جو آفاقي حق حاصل آهي ته پوءِ سنڌ ان حق کان محروم ڇو؟ ان ڪري اسان 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سڄي دنيا آڏو سنڌ جي آزادي جو ڪيس رکنداسين. جنهن ۾ اوهان جي ساٿ جي ضرورت آهي، اتي بيٺل سوين ماڻهن هٿ مٿي کڻي بشير خان کي يقين ڏياريو ته هو 23 مارچ ڪراچي ضرور ايندا. جلسي کانپوءِ ڄام فتاح سميجو جي چانهه دعوت ۾ شريڪ ٿياسين. ميرپور ماٿيلي ويندي وِکَ وِکَ تي استقبال ٿيندا رهيا. ماٿيلي ۾ ان چوڪ تي، جتي ڪتابي صورت ۾ شاهه جو رسالو ۽ تنبورو ٺهيل آهن اتي جلسو ٿيو. ڪتاب تي سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار لکيل هو.
جلسي کي حنيف ساگر بڙدي خطاب ڪندي چيو ته اسان جا رهبر امن پسند ۽ محب وطن هُيا جن هٿ ۾ تلوار بجاءِ تنبورو کڻي پنهنجي وطن جي محبت پيدا ڪئي ۽ ان ذريعي سڄي دنيا ۾ امن اتحاد ۽ ترقي جا خواهان هئا. اڄ وري هن تنبوري ۽ شاهه جي رسالي جي هيٺان بيهي اسان پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي سين هڻندي اوهان وٽ آيا آهيون ته پنهنجي وطن سنڌ جي گڏجي آزادي جي گُهر ڪريون.
حنيف ساگر کان پوءِ بشير خان قريشي ماٿيلي واسين سان مخاطب ٿيو. جنهن چيو ته سنڌ هزارين، لکين سالن کان وجود ۾ آيل ملڪ آهي. سنڌ جو خالق خود خدا آهي ۽ سنڌ پنهنجي وجود لاءِ ڪنهن جناح ۽ اقبال جي محتاج نه آهي. سنڌ ڪيترن تاريخي دورن مان گذرندي رهي آهي، ڪڏهن سنڌ تي اهڙو به وقت آيل ٿو ڏسجي جو ان مهل سندس بخت جو ستارو ڄڻ محسوس ٿيندو هو ته هميشه لاءِ لهي ويندو پر سنڌين وري پاڻ سنڀالي پنهنجي وطن سنڌ جي مالڪي ڪري سجاڳ ٿي. بيدار ٿي آزادي حاصل پئي ڪئي آهي. سنڌين ٻاهرين ماڻهن جون بهترين ڳالهيون حاصل ڪري پنهنجي ڪلچرلي مزاج ۾ رنگيتون سانڍيون اختيار ته ڪيون آهن پر پنهنجي الڳ قومي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه ٿيا آهن. ان ڪري سنڌ واسيو! اڄ پاڪستان مذهبي انتها پسندي جو مرڪز نه فقط پنهنجي پر سڄي برصغير جي ملڪن ۽ سڄي دنيا لاءِ خطري جي علامت بنجي چڪو آهي. ان ڪري پاڪستان هڪ غير فطري ملڪ آهي. اسان سنڌي مذهب جي مقدس نالي ۾ پنجابين جي غلامي قبول ڪرڻ لاءِ هرگز تيار نه آهيون، اسان در در، ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر وڃي سنڌ جي ماڻهن ۾ سجاڳي جي ڳالهه ڪندي پنهنجي وطن سنڌ سان محبت جو عملي ثبوت ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏيڻ آيا آهيون. سنڌي ۾ چوندا آهن ته:
مان ٻاڪاري ٻاڪاري هليو ويندس، تون سڏنه ڏيندين ته ڇا ٿيندو،
ماءُ ته ٻنهي جي هڪڙي آ تون ڀاءُ نه ٿيندين ته ڇا ٿيندو.
سو ان ڪري اسان پنهنجو قومي فرض پورو ڪندي اوهان وٽ آيا آهيون ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون. جيڪڏهن هاڻي اوهان کي اسان جي اها دعوت قبول آهي ته پوءِ هٿ مٿي کڻي منهنجي ساٿين کي يقين ڏياريو ته اوهان 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا. ان تي سڀني ماڻهن جيڪي هيٺ روڊن تي بيٺل هئا يا دڪان جي ڇتين تي ويٺل هئا انهن هٿ مٿي ڪري بشير خان کي چيو ته هو ڪراچي ضرور ايندا. تنهن تي بشير خان کين اهو چيو ته توهان جي انهن کنيل هٿن جو قسم جن اسان تي اعتماد ڪيو آهي. اسان سنڌ وطن جي آزادي لاءِ سر قربان ڪري ڇڏينداسين پر توهان جي اعتماد ۽ محبت کي ڪڏهن به ڌوڪو نه ڏينداسين. بشير خان جي تقرير کانپوءِ قومي قافلو گهوٽڪي طرف وڌڻ لڳو. گڻگي ۾ پهچڻ تي قومي قافلي جو نه فقط موليڏني ميراڻي جي سربراهي ۾ بيٺل سوين مردن ۽ ٻارن استقبال ڪيو پر انهن سان گڏ ڪيتريون ئي ادڙيون پڻ بيٺل هيون جن قومي قافلي جو والهانه استقبال ڪيو. اسڪول ۾ تقريب رٿيل هئي. اتي عذرخواهي ڪرڻ کانپوءِ ماڻهن جي پر زور اسرار تي بشير خان ٻه ٽي جملا تقرير جا چئي کين 23 مارچ تي ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏني. گڻگي ۾ دلچسپ واقعو ڏٺم. ميزبانن رش کان بچڻ لاءِ عام ماڻهن جي ماني جو بندوبست ٻي طرف ڪيو هو ۽ بار بار اهو اعلان ڪندا رهيا ته ماني فلاڻي طرف آهي، اوڏانهن هلو. تنهن تي ماڻهن ميزبانن کي ورندي ڏني ته بشير خان کي ڏسڻ لاءِ صبح کان وٺي بيٺل آهيون هاڻي وري انکي ڏسڻ ڇڏي ماني طرف وڃون ائين ڪيئن ٿيندو. بهرحال گڻگي کان نڪري گهوٽڪي طرف وڌڻ لڳاسين نصرالله ڪالادي جي وٺ سٺ لڳي پئي هئي ته جلدي جلدي هلو گاڏيون تيز هلايو ڇو جو ڪالادي جو ٽارگيٽ اهو هو ته گهوٽڪي جلد پهچجي جتي هنن هڪ شاندار جلسي جو بندوبست ڪيو هو. جنهن لاءِ هنن شهر ۽ ان کان ٻاهر ڪچي پڪي ۾ ڳوٺن ۾ وڃي دعوتون پڻ ڏنيون هيون. سرحد شهر ٻاهران استقبال کانپوءِ پنڌ هلندي قومي قافلو رٿيل جلسي واري هنڌ پهتو. ٽائيم جي گهٽتائي ڪري فقط بشير خان کان تقرير ڪرائي وئي، بشير خان جلسي ۾ شامل ماڻهن کي چيو ته قومون مذهب جي بنياد تي نه ٺهنديون آهن ۽ نه ئي وري قومون ننڍيون يا وڏيون ٿينديون آهن، قوم اقوام متحده جي طئي ڪيل اصولن، وطن، زبان، ڪلچر، تاريخي روايت ۽ سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي هڪجهڙائي جي بنياد تي هونديون آهن. ان ڪري اسان سنڌي نه فقط اقوامِ متحده جي طئي ڪيل اصولن تحت هڪ قوم آهيون پر اسان کي هزارين سالن کان پنهنجو هڪ جدا وجود رکندڙ ملڪ نصيب رهيو آهي، اهو آهي سنڌ، جنهن جون ماضي ۾ جاگرافيائي حدون گهٽ وڌ ٿينديون رهيون آهن، پر موجوده حدن واري ملڪ کي اسان سنڌوديش چئون ٿا، ان ڪري آزادي اسان جو فطري ۽ عالمي حق آهي، پاڪستان ۾ رهندي اسان سدائين پنجاب جي اڪثريت جا غلام رهنداسين ۽ آهستي آهستي پنهنجي سڀني حقن کان محروم ٿيندا رهنداسين، ان ڪري اچو سنڌ واسيو! ته 23 مارچ تي گڏ ٿي پنهنجي سنڌ وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون. بشير خان جي تقرير کان پوءِ قومي قافلو وري گهوٽڪي طرف وڌڻ لڳو. گهوٽڪي شهر ٻاهران استقبال ۽ گلن جي ورکا کانپوءِ قومي قافلو شهر طرف مين روڊ سان وڌڻ لڳو، پراڻي بس اسٽينڊ کان وڌندي نئين بس اسٽينڊ وٽ پهچي باءِ پاس وٺي شيلٽن هوٽل وٽ گڏ ٿيل ڪارڪنن ۽ ماڻهن سان ملي بشير خان قريشي جي اڳواڻي ۾ قومي قافلو وچ شهر طرف هلڻ لڳو. گهوٽڪي شهر ۾ جلسي واري جڳهه پهچي بشير خان قريشي سميت ٻيا عهديدار اسٽيج تي ويٺا. سيارو، ڦوهه جواني ۾ اچي ويو هو. تيز تيز ٿڌي هوا گهلڻ شروع ٿي هئي. ان جي باوجود به هزارين ماڻهو جلسي ۾ ويٺا ۽ پاسن کان بيٺا رهيا. سليم شاهه صاحب آجياڻو ڏنو. تنهن کانپوءِ نجف لغاري، ساگر حنيف بڙدي، فقير امداد منگي، آڪاش ملاح، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) تقريرون ڪري ٿڌ ۾ گرمي پيدا ڪري ماڻهن ۾ نه فقط شاهه لطيف جي سٽن سان وطن جي محبت کي جاڳايو پر سنڌ جي تاريخ، ماضي ۽ حال جي خوشحالي کان آگاهه ڪندي سنڌ جي پنجاب طرفان ٿيندڙ ڦرلٽ پڻ ظاهر ڪئي. مٿين عهديدارن جي تقرير کان پوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪندي گهوٽڪي واسين کي چيو ته سنڌ ۾ جڏهن جڏهن به پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي ۽ان جي حفاظت لاءِ سرفروش اڳواڻن سنڌي قوم آڏو سرن جون صدائون هنيون آهن تڏهن تڏهن سنڌ جي سپوتن سنڌ امڙ تان سر پئي قربان ڪيا آهن ۽ ائين چوندي فخر محسوس ڪندا آيا آهن.
هي سِرَ هيڪڙو ،آڇيندي لڄ مران،
هجن سِرَ گهڻا، ته واري واري وڍيان.
اڄ وري سنڌ غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي ۽ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد آزادي جو دڳ ٻڌائي ويو آهي ته سنڌين کي گڏجي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻي پوندي ۽ سنڌي رڳو پر امن نموني پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪن ته سڄي دنيا ان گُهر ۾ مددگار ٿي پوندي. تنهن کانپوءِ بشير خان جلسي ۾ ويٺلن کان هٿ مٿي کڻائي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ پهچڻ جو واعدو ورتو. جلسي کانپوءِ سليم شاهه جسقم ضلع گهوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري سان سندس عزيز جي وفات تي عذر خواهي ڪري چانهه پيئڻ کان پوءِ عادلپور طرف روانا ٿياسين. جتي عادل پور کان سڄي طرف مُڙي مهرن جي ڳوٺ شهيدن ۾ زبير مهر سان سندس والد جي وفات تي عذر ڪري، ماني کائي هڪ بجي رات حيدرآباد طرف واپس روانا ٿياسين. واپس موٽندي هالاڻي ۾ پنهنجي دوست ۽ قومي ورڪر دُر محمد سيال وٽ حسب معمول بشير خان ٿورو وقت ترسيو. جڏهن به نيشنل هاءِ وي سان اچبو يا وڃبو ته بشير خان قريشي، دُر محمد سيال وٽ ڪجهه وقت ضرور ترسندو هو. ڪڏهن ماني ته ڪڏهن چانهه پي پوءِ پنهنجي پروگرام موجب اوڏانهن وڃڻ ٿيندو هو. دُر محمد کي بشير خان دوري جا حال احوال ڏنا ۽ در محمد سيال چيو ته 1 لک کن هئنڊ بل ڇپرايو ۽ پوءِ در محمد سيال ڪٻٽ مان بشير خان قريشي کي 50000 پنجاهه هزار ڪڍي ڏنا ته سائين اهي ڪم آڻيو. بشير خان قريشي مونکي حڪم ڪيو ته تون ۽ آصف بالادي هئنڊ بل جو مواد تيار ڪيو.
14 فيبروري 2012ع: جسقم ملير ضلعي جي ڪانگريس يوسف عارفاڻي ڳوٺ ۾ ٿي. جنهن جي صدارت بشير خان قريشي ڪئي. ميٽنگ ۾ 23 مارچ بابت ڪارڪنن کي آگاهي ڏيئي ضلعي جي دوري جو شيڊيول ٺاهيو ويو. ميٽنگ ۾ ضمير حاجاڻو، مشفق، حمزو پنهور، منظور لولائي پڻ شريڪ هئا.
17 فيبروري 2012ع: جسقم ضلعي اوڀر ۾ مختلف هنڌن تي جلسن جو پروگرام رٿيل هيو. جمعي نماز کانپوءِ ڀٽائي آباد ۾ تمام وڏو جلسو ٿيو. جتي ضلعي اوڀر جي صدر بشير خاصخيلي جلسي ۾ آجياڻو ڏنو. آصف بالادي ۽ منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقرير کانپوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪندي چيو ته سنڌين، ان لاءِ پاڪستان نه چاهيو هو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ کانئن شهرن کان وٺي هر شيءِ تان حق مالڪي کسي وڃي. پر سنڌين سان 1947ع کان وٺي اڄ تائين ايئن ٿي رهيو آهي. 75 لک ڌاريا ماڻهو ڪراچي ۾ نه رڳو آباد آهن پر هو شهري حق جا حقدار لڳا ويٺا آهن. سنڌ جي شهريت کان وٺي سنڌ جي اعليٰ اداري اسيملي تائين به ميمبر لڳا ويٺا آهن. پر سنڌ جي اصلي رهواسين ۽ مالڪن کي اهو حق نه آهي ته هو ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺي سگهن يا سرڪاري ادارن کان وٺي ڪارخانن تائين به نوڪرين جا دروازا سنڌ اصلي رهواسين لاءِ بند آهن. ڪراچي پورٽ جي اربين روپيه ڪمائي پنجاب حوالي. اتي نوڪريون ڌارين حوالي، بئنڪن کان وٺي ٻاهرين واپار جون سهوليتون سڀ ڌارين حوالي ٿي چڪا آهن. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڪراچي جي ڪُل آدمشماري 3 لک هئي، جن مان ڌاريا فقط 2 سيڪڙو هئا. هاڻي ڪراچي شهر جي آدمشماري 2 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي ۽ ڌاريا هتي 1 ڪروڙ جي تعداد ۾ رهن ٿا. اهو سڀ ظلم رڳو ان ڪري آهي ته اسان پنهنجي وطن سنڌ کان لاتعلق ٿي ويهي رهيا آهيون. ان ڪري اسان کي چٽي ۽ واضح نموني سائين جي ايم سيد جي فڪر تحت سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻي پوندي تڏهن ئي اسان پنهنجو قومي وجود بچائي آزاد ۽ خوشحال گذاري سگهنداسين. ان لاءِ جسقم 23 مارچ تي سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ سڀني غيرتمند سنڌين کي گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻ جو سڏ ڏنو آهي ۽ اها ئي دعوت کڻي توهان وٽ به آيا آهيون، جيڪڏهن توهان کي اها دعوت قبول آهي ته پوءِ هٿ مٿي کڻي منهنجي ساٿين کي يقين ڏياريو، جنهن تي هزارن جي تعداد ۾ بيٺل ماڻهن هٿ مٿي کڻي 23 مارچ تي تبت سينٽر وٽ گڏ ٿيڻ جو اعلان ڪيو. جنهن تي بشير خان کين چيو ته اسان به توهان سان واعدو ٿا ڪريون ته پنهنجي جان ڏينداسين پر هڪ ڏينهن ضرور سنڌ کي آزاد ڪرائينداسين. جلسي کانپوءِ قومي قافلو سچل ڳوٺ طرف هلڻ لڳو جتي ڪارنر گڏجاڻي جو بندوبست ڪيو ويو هو، جتي آجياڻو اوڀر ضلعي جي صدر بشير خاصخيلي ڏنو. تنهن کانپوءِ ساگر بڙدي، ڪيهر انصاري ۽ آڪاش ملاح خطاب ڪيو. جن کان پوءِ بشير خان قريشي خطاب ڪندي ڪارنر گڏجاڻي ۾ شريڪ ماڻهن کي چيو ته پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ خاص طور تي سنڌي ماڻهو نڌڻڪو ۽ لاوارث بنجي ويو آهي. دنيا جو ڪٿان به ڌرتي ڌڪاڻو ڪراچي پهچي ٿو ته ان کي سڀ سهولتون مليون وڃن. رهائش لاءِ جتي جهوپڙا هڻي ويهندو اتان جو مالڪ ٿيو وڃي. سوات ۾ زلزلو اچي ته اتان جي ماڻهن کي رهائش لاءِ ڪراچي ۾ سڀ سهولتن سميت مفت زمين مهيا ڪئي وڃي ٿي پر جڏهن 2010ع ۾ اتر سنڌ ۾ ٻوڏون آيون ۽ ماڻهن پنهنجي وطن سنڌ جي گادي جي هنڌ جو رخ ڪيو ته هتي کين ڌڪا نصيب ٿيا. 2011ع ۾ لاڙ ۾ آيل برساتن کانپوءِ ڪراچي ۾ دربدر ٿيل هاري ناري پهتا ته کين واهر ڪرڻ وارو ڪوئي نه هو. سنڌ جا وارثو، سُستي ۽ غفلت ڇڏي پنهنجي وطن جي وارثي ڪيو. هتي هزارين ميل پري کان آيل پٺاڻ سنڌين سان بدمعاشي ٿو ڪندو وتي کين ڪير چوڻ لاءِ تيار نه آهي. ڌرتي کان لاتعلقي ماڻهن کي نڌڻڪو بنائي ڇڏيندي آهي، ان لاءِ هاڻي سڀ سنڌي گڏ ٿي پنهنجي هئڻ جو ثبوت ڏيون. 50 لک کان مٿي اسان سنڌي ڪراچي ۾ رهون ٿا پر اهي آهيون ڇڙوڇڙ. ان ڪري مِڙي هڪ مُٺ ٿيو ته وطن جي واهر ڪري سگهون. اهو ئي سائين جي ايم سيد جو سڏ ۽ پيغام آهي، جيڪو اوهان وٽ کڻي آيا آهيون. ڪارنر گڏجاڻي جي خاتمي کانپوءِ شانتي نگر ۾ رٿيل ڪارنر گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ قومي قافلو روانو ٿيو. شانتي نگر ۾ گل حسن وٽ چانهه پيئڻ کانپوءِ هڪ اسڪول ۾ ڪارنر گڏجاڻي ٿي، جتي بشير خاصخيلي آجياڻو ڏنو، تنهن کان پوءِ آصف بالادي خطاب ڪيو ۽ ان کانپوءِ بشير خان قريشي خطاب ڪندي شانتي نگر واسين کي چيو ته سنڌ اسان جو وطن آهي پر پاڪستان جي ڪري سنڌقومي غلامي ۾ جڪڙجي وئي آهي، جنهن ڪري سنڌ جا سڀ اختيار ۽ وسيلا ڌارين حوالي آهن. وفاق پرست پارٽيون سنڌ کي وطن نه پر ڪارڊ سمجهن ٿيون جيڪي ڌارين پنجابي آقاڻن جي آشيرواد سان وڏي حڪمت عملي سان ان ڪارڊ کي سنڌ جي خلاف استعمال ڪن ٿا ۽ اسان سنڌي نهايت سادگي سان پنهنجي وطن سنڌ جي سرزمين پنهنجي پيرن هيٺان کسڪڻ جي باوجود به ڪجهه ڪُڇي نه ٿا سگهون. ان ڪري اسين 23 مارچ تي ڪراچي ۾ سڀني سنڌين کي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي ته جيئن سڄي دنيا آڏو اهو واضح ڪري سگهون ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي انچ انچ جا وارث اسين سنڌي آهيون. ان کان پوءِ بشير خان ڪارنر گڏجاڻي ۾ شريڪ ماڻهن کان 23 تاريخ تي تبت سينٽر ۾ گڏ ٿيڻ جي لاءِ هٿ مٿي کڻائي واعدو ورتو. شانتي نگر جي ڪارنر گڏجاڻي کانپوءِ اڄوڪو شيڊول پورو ٿيو.
19 فيبروري 2012ع: ڪراچي جي جسقم ضلعي اولهه جي ڪارڪنن جي ميٽنگ فقيرا ڳوٺ ۾ ٿي. جنهن ۾ 300 ڪارڪنن جي لڳ ڀڳ شرڪت ٿي. جتي ضلعي صدر اصغر بروهي ۽ سيڪريٽري مختيار شاهه خطاب ڪيو. تنهن کان پوءِ ڪراچي جسقم DO الاهي بخش بڪڪ، آصف بالادي ۽ مان (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) ڪارڪنن سان مخاطب ٿياسين ۽ آخر ۾ بشير خان قريشي خطاب ڪندي جسقم جي ڪارڪنن کي هدايتون ڏيندي آگاهه ڪيو ته قومن جي ترجماني ٿورا پر قومي جذبي ۽ نظرئي سان سرشار ڪجهه منظم ماڻهو ڪندا آهن ۽ا هي ئي قومن کي اوج تي وٺي ويندا آهن نه رڳو اهو پر انهن قومي ڪارڪنن جي محنت ۽ قرباني ڪري قومون پنهنجو قومي وجود بچائي اڳتي وڌنديون آهن. ان ڪري موجوده دؤر ۾ جسقم جي ڪارڪن تي نهايت ڳري ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو قوم جي صحيح ترجماني به ڪري ۽ سڃاڻي، محنت ۽ قرباني وسيلي قوم کي غلامي جي ڌٻڻ مان ڪڍي سلامتي سان پار پڻ ڪري. ان لاءِ اسان کي پنهنجي راهه جو رهبر سائين جي ايم سيد کي سامهون رکڻو پوندو. ان جي فڪر کي سمجهڻو پوندو ۽ قوم کي اصل دوست ۽ قومي دشمن کان آگاهه ڪرڻو پوندو، جيستائين توهان قوم جون دليون نه ٿا کٽيو، جيستائين توهان قوم کي ذهني طور پاڻ ڏي مائل نه ٿا ڪيو. اوستائين توهان انقلاب نه آڻي سگهندا. انقلاب لاءِ عوام جو ساٿ بنيادي شرط آهي ۽ انهن وٽ وڃي انهن کي ٻڌائڻ ۽ انهن آڏو صاف سٿرو ڪردار ادا ڪرڻ کانپوءِ ئي توهان پنهنجي مٿان قوم جو اعتماد ويهاري سگهو ٿا ۽ پوءِ توهان ڏسو ته سنڌ ڪيئن نه اوهان سان گڏ هلي ٿي پئي. بشير خان قريشي ڪارڪنن کي آخر ۾ 23 تاريخ جي تيارين ۽ ڪارنر گڏجاڻين بابت هدايتون ڏنيون ۽ پوءِ ميٽنگ ختم ٿي.
22 فيبروري 2012ع: اڄ ضلعي سکر جو دورو رکيل هو. جنهن جو اڳواڻ ڦل پوٽو آهي. بشير خان رتيديري مان باگڙجي دوستن سميت پهتو مان (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) حيدرآباد مان صبح جو سوير سکر لاءِ نڪتس، واٽ تي مختيار چاڪراڻي ۽ غلام محي الدين به گڏ ٿيا. اسان وٽ هئنڊ بل هيا جيڪي ضلعي نوابشاهه، نوشهروفيروز ۽ خيرپور جي دوستن کي ڏيندا آياسين. هئنڊ بل جي ڇپائي لاءِ 50000 هزار دور محمد سيال ڏنا هيا. جنهن جو مواد لکڻ لاءِ بشير خان مونکي ۽ آصف بالادي کي حڪم ڪيو. مون آصف صاحب کي چيو ته توهان ڪجهه مواد لکي اچو حيدرآباد، اتي گڏجي ويهي ان کي آخري شڪل ڏينداسين، پر آصف صاحب لکي نه آيو. نيٺ حيدرآباد ۾ فراز ميمڻ جيڪو اسان جو بلڊر دوست آهي ان جي آفيس ۾ آصف بالادي کي مواد لکرايو ۽ پوءِ اهو ئي هئنڊ بل جي صورت ۾ ڇپرايو سين. مواد لکڻ مهل آصف بالادي سان گڏ سندس دوست به هيو.
بحرحال سکر ضلعي جي دوري جي شروعات باگڙجي کان ڪئي وئي. جتي هڪ وڏو جلسو ٿيو. جنهن کي قمر گُهمري آجياڻو ڏنو ۽ ان کانپوءِ ساگر حنيف بڙدي پنهنجي خطاب ۾ وطن جي حُب بابت شاهه جي بيتن معرفت سمجهايو. تنهن کانپوءِ بشير خان قريشي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ امان سنڌين جو وطن آهي. موجوده وقت ۾ پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب سنڌ تي قبضو ڪري سنڌ جي وسيلن جي ڦرمار ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف اقتداري پارٽيون سادن سودن سنڌين اڳيان نموني سان مظلوم بنجي ووٽ وٺي سندن ئي ووٽ کي سنڌ خلاف استعمال ڪن ٿيون ۽ اسان سنڌي برادري، ذات، قبيلن ۾ ورهايا پيا آهيون، تنهنڪري سائين جي ايم سيد اسان سنڌين آڏو هڪ رستو واضح طور ٺاهي ڏنو آهي ته سنڌي هزارين سالن کان هڪ جدا قوم ۽ ملڪ جي حيثيت رکن ٿا. سنڌي جيڪڏهن عزت ۽ وقار سان پنهنجي ڌرتي تي پنهنجو قومي وجود بچائڻ چاهين ٿا ته کين سنڌ جي آزادي جي پُرامن گُهر ڪرڻي پوندي، ان لاءِ جسقم 23 مارچ تي ڪراچي ۾ سڀني سنڌين کي اچڻ جي اپيل ڪئي آهي ته جيئن پنهنجي وطن سنڌ جي مالڪي ڪري سڄي دنيا آڏو آزادي جي گُهر ڪري سگهون. اها ئي دعوت توهان آڏو عرض رکجي ٿي جنهن تي اتي ڪارنر گڏجاڻي ۾ ويٺل سوين ماڻهن هٿ مٿي کڻي ڪراچي اچڻ جو واعدو ڪيو. ڪارنر گڏجاڻي کانپوءِ حاجي يار محمد گُهمرو کي بشير خان سندس گهر وڃي 23 مارچ جي دعوت ڏني. تنهن کانپوءِ عادل گهمري جي قومي قافلي چانهه پيتي، چانهه پارٽي کانپوءِ ڪنڌرا طرف قومي قافلو روان دوان ٿيو. درياءَ جي پُل ٽپي ڪنڌرا طرف وڌڻ لڳاسين، نارا ڪئنال جي پُل تي سوين ماڻهن استقبال ڪيو. اڳيان جانورين جي ڳوٺ پهتاسين. جانورين ۽ شيخن جو قبائلي جهيڙو هلندڙ آهي. جانورين سان عذر خواهي کانپوءِ ڳالهائيندي، بشير خان قبائلي جهيڙن جي نقصانن تي ڳالهائيندي کين ٻڌايو ته انهن جهيڙن ڪري اسان سڀ سنڌي پنهنجي قومي دشمن کان بيخبر ۽ لاتعلق بنجي رڳو پنهنجيون سسيون وڍڻ ۾ پورا آهيون ۽ بذات خود پنجاب به اهو ئي ٿو چاهي ته سنڌ ۾ قبائلي جهيڙا ختم ئي نه ٿين. تنهنڪري حڪمرانن انهن جهيڙن کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪڏهن سنجيده ڪردار ئي ادا ناهي ڪيو. جهيڙن ڪري زمينون ويران، اسڪولن ۾ ٻارن جي تعليم متاثر ۽ عام زندگي مفلوج ٿيو وڃي، ان ڪري اسان کي سهپ ۽ رواداري وارو رويو رکندي هڪ ٻئي سان ڳالهين ذريعي مسئلن کي حل ڪرڻ گهرجي. تنهن کانپوءِ قومي قافلو اڳتي وڌيو. اڳيان حاجي لشڪر علي شيخ جو ڳوٺ هو جتي پڻ شيخ برادري سان لاڳاپيل ماڻهن سان عذر خواهي کانپوءِ بشير خان انهن کي به قبائلي جهيڙن کي ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي ۽ کين عرض ڪيو ته قبائلي جهيڙا سنڌ لاءِ ناسور بنجي ويا آهن ان ڪري جيترو ٿي سگهي مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. قومي قافلو اڳيان وڌندو رهيو. عبدالعزيز گهانگهرو ڳوٺ ۽ روشن آبا د۾ بيٺل سوين ماڻهن قومي قافلي جي آجيان ڪئي. تنهن کان پوءِ ڪنڌرا پريس ڪلب ۾ صحافين سان سندن عزيز جي وفات تي عذر خواهي ڪئي وئي. ڪنڌرا ۾ وچ شهر جي بازار ۾ جلسو ٿيو. جتي هزارين ننڍا وڏا اچي شريڪ ٿيا. جلسي کي ڪيهر انصاري، ساگر بڙدي، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) خطاب ڪيو ۽ آخر ۾ بشير خان قريشي هزارين ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ کي قدرت تمام گهڻين نعمتن سان نوازيو آهي، سنڌ کي 2 ڪروڙ، 2 لک ايڪڙ آباد لائق زرعي زمين آهي. سنڌ آزاد ٿيڻ بعد ان ايراضي کي اڃان وڌائي سگهجي ٿو پر سنڌ هن مهل پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جي غلام آهي. ياد رهي ته سنڌ کي انگريزن 1843ع ۾ فتح ڪيو ۽ لڳ ڀڳ پنجاب ۾ ان عرصي دوران انگريزن جي قبضي هيٺ آيو هو. ان وقت سنڌ ۾ 10 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي، جڏهن ته سنڌ ۾ اڃان هڪ به بئراج نه ٺهيو هو. ان هوندي به سنڌي هٿرادو واهن ذريعي ايتري زمين آباد ڪندا هئا ۽ پنجاب ۾ 7 لک ايڪڙ زمين مس آباد ٿيندي هئي پر هاڻي پاڪستان ٺهڻ ڪري جيتوڻيڪ پنجاب پنهنجا 3 درياهه راوي، ستلج، بياس هندستان کي وڪڻي ڇڏيا آهن ۽ سنڌو درياءَ تي غير قانوني قبضي ڪري پنجاب هاڻي 4 ڪروڙ ايڪڙ زمين آباد ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ پاڻي جي گهٽتائي ڪري 1 ڪروڙ 10 لک ايڪڙ مس آباد ڪري رهي آهي، جڏهن ته پنجاب سنڌ کان فقط 2 هزار چورس ميل وڏو آهي پر اتي جابلو علائقا سنڌ کان گهڻا آهن. پر ڇاهي ته سنڌو جو پاڻي غير قانوني غير شرعي طرح پاڪستان جي ڪري پنجاب جي قبضي ۾ آهي ان ڪري ڏينهون ڏينهن سنڌ جون آباد زمينون تباهي طرف وڌي رهيون آهن ۽ پنجاب پنهنجا ويران علائقا آباد ڪري رهيو آهي، تنهنڪري اچو سنڌ واسيو! ته پنجاب جي غلامي کان بيزاري جو اعلان ڪري پنهنجي سنڌ وطن کي آزاد ڪرايون، ان لاءِ اسان کي گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻي پوندي جنهن لاءِ جسقم 23 مارچ جو ڏينهن مقرر ڪيو آهي. جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اوهان وٽ لنگهي آيا آهيون. جلسي دوران ڪنڌرا جي مُکي پاران بشير خان کي اجرڪ اوڍايو ويو. جلسي کان پوءِ، ڪنڌرا کان واهه ٻرڙا جي طرف کان صالح پٽ طرف قومي قافلو روان دوان ٿيو. رستي دوران نهايت وڻندڙ نظارا نظر اچڻ لڳا. پٿريلي ٽڪريون، ڪڻڪ جو بيٺل فصل، مٿان کجين جا وڻ، سنڌ کي قدرت نهايت ئي حسين ٺاهيو آهي پر سنڌ جي غلامي ڪاري داڳ جيان سندس سونهن کي تباهه ڪري رهي آهي. قومي قافلو جيئن اڳتي وڌيو ته موسوي سيدن جي ڳوٺ ۾ هڪ ٽڪري تي مسجد ٺهيل هئي جنهن کي نينهن جبل نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. جيڪا ٽڪري پڻ وڻندڙ نظارو پيش ڪري رهي هئي. اروڙ پهتاسين ته روڊ جي پاسي ۾ هڪ نهايت عاليشان ڊٺل جڳهه نظر آئي جنهن ۾ ماڻهو اوطاق ٺاهيو ويٺا هئا، هي اهو شهر آهي جيڪو سنڌ جو نهايت قديم شهر ۽ گادي جو هنڌ رهيو آهي، جنهن کي وحشي عربن تباهه ڪري لُٽ مار ڪري برباد ڪري ڇڏيو هو، تنهن کانپوءِ سنڌو درياهه به سندس ڪنڌيءَ کان وهڻ ڇڏي اولاهين پاسي وهڻ شروع ڪيو. تاريخدان چون ٿا ته اروڙ جي تباهه ٿيڻ کانپوءِ بکر شهر اروڙ جي ڊٺل، تباهه ٿيل جاين مان سرون ڪڍي اڏيو ويو هو. قومون جڏهن پنهنجي وطن تان حق حاڪميت وڃائي ويهنديون آهن، تڏهن انهن جي تهذيب، تمدن، ثقافت به پنهنجو اوج وڃائي ويهنديون آهن. صالح پٽ ۾ قومي قافلو پهتو، اوڀرين پاسي کان هن شهر ۾ واريءَ جا دڙا آهن. جنهن جي دامن ۾ جلسو ٿيو، جلسي کي سرفراز ميمڻ جيڪو لاڙڪاڻي کان دوري ۾ گڏ ٿيو ۽ هڪ ڏينهن به بشير خان کان پري نه ٿيو هو. ساگر حنيف بڙدي. آڪاش ملاح خطاب ڪيو، ساگر حنيف بڙدي حسب دستور (شاهه لطيف جنهن کي حنيف ساگر مرشد لطيف ڪري چوندو آهي جي) بيتن سان جلسي کي پنهنجي سحر ۾ وٺي ڇڏيو هو. آخر ۾ بشير خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو ذرو ذرو قدرتي نعمتن سان مالا مال آهي. هي توهان جي سامهون واريءَ جون ڀٽون به ناڪاره ناهن، انهن جي هيٺان به قدرت سنڌ کي نوازيو آهي. جتان تيل، ڪوئلو ۽ ٻيا قيمتي پٿر نڪرن ٿا پر غلامي سبب انهن نعمتن جا پاڻ مالڪ نه رهيا آهيون، اها مالڪي واپس وٺڻ لاءِ پُرامن طور پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪرڻ لاءِ اسان 23 مارچ تي سڀني غيرتمند سنڌين کي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي. جلسي جي خاتمي کانپوءِ صالح پٽ جي مکي سان سندس عزيز جي فوتگي تي عذر خواهي ڪري قومي قافلي پپو مهر وٽ چانهه پيتي. صالح پٽ کان پنو عاقل جو رستو ورتوسين. واريءَ جون ڀٽون ٿڌ جو اثر ڏيکاري رهيون هيون. دڙا ختم ٿيا. بئراجي زمين شروع ٿي. جتي ٻٽڙي نالي ڳوٺ وٽ قومي جهنڊو بشير خان قريشي ڦڙڪايو. تنهن کانپوءِ اتي مهرن وٽ پُلاءَ جا ٻه گرهه کائي پني عاقل طرف قومي قافلو وڌڻ لڳو. رات جو 11 بجي ڌاري پني عاقل پهتاسين. شعبان پٺاڻ وٽ عذرخواهي ڪري ڪارنر گڏجاڻي واري هنڌ پهتاسين، جتي شعبان پٺاڻ آجياڻو ڏنو. ٽائيم گهٽ هئن ڪري اتي رڳو بشير خان قريشي مختصر خطاب ڪري 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي ويٺلن کي دعوت ڏني. تنهن کانپوءِ مهرن وٽ ماني جا ٻه ٽي گرهه کائي کين 23 مارچ جي دعوت ڏني وئي ۽ پوءِ قومي قافلو وسيم جتوئي جي ڳوٺ پهتو جتي چانهه پيئڻ کانپوءِ قومي قافلي سکر جو رخ ڪيو، رات 2 وڳي سکر پهتاسين. سکر شهر ۾ پڻ ڪارنر گڏجاڻيون رکيل هيون پر تمام گهڻي دير ڪري اهي ملتوي ڪيون ويون. جتي رڳو ڪارڪنن سان ڪچهري ڪري کين 23 مارچ جي تياري جي سلسلي ۾ کين هدايتون ڏنيون ويون. اشفاق ڪمانگر سان سندس عزيز جي فوتگي تي عذر خواهي ڪري سمهڻ واري هنڌ وڃي سمهي پياسين. بشير خان وارا رات ئي خيرپور ميرس هليا ويا.
23 فيبروري 2012ع: صبح جو ناشتو فاروق مهر وٽ ڪري خيرپور ميرن واري طرف روانا ٿياسين. رات جنهن جڳهه تي بشير خان ترسيل هو. اتي پهچي بشير خان قريشي جي اڳواڻي ۾ قومي قافلو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي طرف وڌڻ لڳو. مين شاهراهه تي قومي قافلو پهتو. واپڊا ڪالوني جي گيٽ تي هزارين شاگردن ۽ عوام بشير خان جو استقبال ڪيو جتي بشير خان ڪهاڙي وارو جهنڊو ڦڙڪايو جنهن کانپوءِ قومي قافلو شهر طرف هلڻ لڳو. پنج هٽي وٽ سوين ماڻهن قومي قافلي جو گلن جون پتيون نڇاور ڪرڻ سان آڌر ڀاءُ ڪيو، جتي بشير خان قريشي مختصر ڳالهائيندي پاڪستان کانپوءِ سنڌ کي پهتل نقصان ٻڌايا ۽ اتي جي ماڻهن کي اپيل ڪئي ته، قومي غلامي جي خاتمي لاءِ 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گهُر ڪن. تنهن کانپوءِ قومي قافلو ڊسٽرڪٽ ڪورٽ طرف وڌڻ لڳو. مريم توپ وٽ بيٺل سوين ماڻهن پڻ قومي قافلي جو استقبال ڪيو.
سنڌ يونيورسٽي جي وي.سي کي هٽائڻ لاءِ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان 72 ڪلاڪن لاءِ بک هڙتال تي ويٺل ڪارڪنن جا 72 ڪلاڪ پورا ٿيڻ تي بشير خان کين جوس پياري بک هڙتال ختم ڪرائي. 10 جساف جا ڪارڪن بک هڙتال تي ويٺل هئا. ڊسٽرڪٽ بار ۾ وڪيلن طرفان ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪرڻ لاءِ بار روم طرف وياسين. جتي ڊسٽرڪٽ بار جي صدر منظور حسين انصاري آجياڻو ڏنو. بشير خان قريشي کي جيئي سنڌ لائرز فورم جي راجه الطاف شر اجرڪ پارائي، تنهن کان پوءِ بشير خان قريشي وڪيلن کي مخاطب ٿيندي چيو ته، تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته سنڌ هزارين سالن کان هڪ جدا ۽ آزاد خود مختيار ملڪ جي حيثيت ۾ هن ڌرتي تي قائم دائم رهيو آهي. انگريزن جڏهن برصغير تي قبضو ڪيو هو تڏهن به سنڌ هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت رکندڙ هو. انگريزن ٻن مهاڀارين جنگين ۾ هن سڄي خطي ۾ اهو محسوس ڪري ورتو هو ته پنجاپي جيڪي مستقل سندن وفادار رهي سگهن ٿا ان ڪري انگريزن هڪ غير حقيقي نعرو ته مسلمان هڪ قوم آهن پنهنجن ڇاڙتن معرفت اها ڳالهه ڦهلائي ۽ ان بنياد تي پاڪستان کي وجود ۾ آڻايو ويو. جيتوڻيڪ حقيقت اها آهي ته هن مهل به 1940ع کان وڌيڪ ملڪ اسلامي مذهب رکندڙ آهن پر هر ملڪ پنهنجي قوميت جي بنياد تي الڳ حيثيت ۾ اقوام متحده جو ميمبر آهي ۽ اقوام متحده پڻ قوم جي لاءِ هڪ مذهب جو شرط لازمي نه ٺهرايو آهي. پر هڪ وطن هڪ زبان، ڪلچر، تاريخي روايات سياسي ۽ اقتصادي مفاد هڪجهڙا هجڻ جي بنياد تي قوم جي تصور کي قبول ڪري ٿو. ان بنياد تي اسان سنڌي هڪ قوم آهيون 1940ع جي قرارداد به اصل ۾ هڪ معاهدو هو. جنهن کي پنجاب پاڻ سوين دفعا ختم ڪري چڪو آهي. پاڪستان هجڻ ڪري سنڌ سان هر فيلڊ ۾ بي انصافيون ٿي رهيون آهن. سندس زبان جو تقدس ۽ اهميت کي ڏينهون ڏينهن ختم ڪيو ٿو وڃي. سنڌ جي قومي وجود کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هر ڌاريي ماڻهو کي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ جو قانوني حق ڏنو ويو آهي. پيداواري ذريعن تي مڪمل طور تي ڌارين جي اجاره داري آهي، گئس سڄي پاڪستان ۾ 72 سيڪڙو سنڌ پيداوار ڪري ٿي پر ان جي پيداوار جو 20 سيڪڙو به سنڌ حوالي نه آهي، اتي ڪم ڪندڙ فيلڊ تي 10 سيڪڙو به سنڌي آفيسر مقرر ناهن. هزارين ارب ٽيڪس ڏيڻ جي باوجود به سنڌ ڏينهون ڏينهن غربت ۽ مفلسي ۾ ڌڪبي ٿي رهي. هتي جمهوريت معنيٰ پنجاب جي اڪثريت جي تابع رهڻ آهي. بنگال جڏهن گڏ هيو تڏهن پنجاب کي هڪ ماڻهو هڪ ووٽ جو شرط قبول ڪو نه هيو تنهن ڪري اسان وٽ هاڻي فقط هڪ رستو بچيو آهي ته اسان بين الاقوامي اصول تي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گهر ڪريون ان لاءِ اسان سائين جي ايم سيد جو ڏسيل گس اختيار ڪيو آهي، يعني عدم تشدد وارو رستو جنهن کي اڄ سڄي دنيا مسئلن جي حل لاءِ مفيد رستو سمجهي ٿي ان کي اختيار ڪندي ڪراچي ۾ 23 مارچ تي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي ته جيئن اسان دنيا آڏو اهو واضح ڪريون ته سنڌ جا مالڪ اسان سنڌي آهيون ڪنهن به نالي ۽ نعري ۾ اسان پنهنجي قومي وجود تان هٿ نه کڻنداسين. بار ۾ خطاب کانپوءِ ڊسڪٽرڪٽ ڪورٽ کان پنڌ هلندي ڦول باغ طرف پيادل قافلو روانو ٿيو، بشير خان قريشي اڳواڻي ڪندي اڳيان هلندو رهيو. گورنمينٽ لا ڪاليج سامهون قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو، پنج گولي تي بيٺل سوين ماڻهن بشير خان جو استقبال ڪيو، ڦول باغ طرف وڌندي هڪ بينر تي نظر پئي جنهن ۾ لکيل هو ته علي-معاويه ڀائي ڀائي. خبر ناهي ڪهڙي حوالي سان لکيل هو پر اها حقيقت آهي ته ٻئي عرب هئا ٻئي هڪ قوم جا هئا پر علي ۽ ان جو خاندان مظلوم هيو ۽ معاويه ۽ ان جو خاندان ظالم. سنڌ ۾ جيڪڏهن احمد علي ۽ پريم چند چئون ته ڀائر آهن ۽ هڪ قوم جا آهن ته مُلي کي اها ڳالهه نه وڻندي آهي. جيتوڻيڪ اهي ٻئي مظلوم به آهن ڪٽر ۽ انتها پسند مُلو فساد ۽ فتني جي جڙ رهيو آهي. ڦول باغ ۾ جلسو ٿيو جتي امجد مهيسر آجياڻو ڏنو، اتي گل حسن عباسي به آيل هو، جنهن عوامي آواز ۾ بشير خان قريشي جو اهو بيان پڙهيو جنهن ۾ بشير خان سنڌ واسين کي چيو هو ته سنڌ واسي هر گهر مان هڪ پٽ سنڌ خاطر جدوجهد لاءِ تيار ڪن ۽ ٻاهر ميدان ۾ ڪڍن کي موٽ ڏيندي پنهنجن 6 پتن کي سنڌ خاطر حوالي ڪرڻ آيو هو جن جا نالا هي هئا: ثاقب علي عباسي، عاقب علي عباسي، عاطف علي عباسي، باسط علي عباسي، حيدر علي حيدري، راهب علي حسيني. گل حسن عباسي جلسي کي مخاطب ٿيندي چيو ته بشير خان هڪ پٽ لاءِ حڪم ڪيو هو مان 6 پٽ سنڌ خاطر وٺي آيو آهيان. تنهن کانپوءِ تمام وڏي جلسي کي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پڻ مخاطب ٿيو ۽ آخر ۾ بشير خان قريشي ڳالهائيندي چيو ته، حيرت ان ڳالهه تي آهي ته پ پ پ وارا ووٽ سنڌين کان وٺن ٿا انهن جي آسري اقتدار جي ڪرسي تي ويهي اربين روپيه ڪرپشن ۾ حصو پتو وٺي ڀڀ ڀرين ٿا پر سنڌ لاءِ ڪوبه بنيادي فائدي وارو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ نه ئي وري پ پ وارن سنڌ کي ڪڏهن پنهنجو وطن سمجهيو آهي هو فقط سنڌ کي هڪ ڪارڊ جي حيثيت ۾ ڏسن ٿا جيڪو سندن کيسي ۾ پيو آهي.
خيرپور ميرس ۾ ناري تعلقي ۾ چونڊڪو ڀرسان سانوڻ گئس فيلڊ آهي جتان هر مهيني 10 ڪروڙ جي گئس پيدا ٿئي ٿي جنهن مان سنڌ کي نه ملڻ جهڙا پئسا ملن ٿا 547 مزدور ۽ آفيسر ڪم ڪن ٿا جن مان فقط 40 ڄڻا سنڌي آهن پ پ وارن ڪڏهن به اسيمبلي ۾ اڪثريت هئڻ جي باوجود اها قرار داد پاس نه ڪرائي آهي ته سنڌ مان نڪرندڙ گيس فيلڊ جا مالڪ سنڌي آهن، روزگار کان وٺي پيداوار تائين جا مالڪ سنڌي آهن. اها ڳالهه پ پ وارن کي ڪندي زبان سڙندي نظر ايندي. سنڌ واسيو اچو ته پنهنجي وطن سنڌ جي پاڻ مالڪي ڪريون ۽ 23 مارچ تي اها گهر ڪريون ته سنڌ گهري ٿي آزادي. بشير خان جو ائين چوڻ سان هزارين هٿ اڀا ٿي ويا جن هڪ آواز ٿي نعرو هنيو سنڌ گهري ٿي آزادي. آخر ۾ بشير خان گل حسن عباسي کي ساراهيندي چيو ته، سنڌ جي لاءِ اهڙا پيئر پيدا ٿين جيڪي پنهنجا ٻچا سنڌ خاطر قربان ڪرڻ لاءِ تيار هجن ته مان پڪ ٿو ڏيان ته سنڌ گهڻو وقت غلام رهي نه سگهندي.
بشير خان جي تقرير کانپوءِ قومي قافلو پير ڳوٺ طرف وڌڻ لڳو، فيض واهه تي چانهه پارٽي کانپوءِ بشير خان گڏ ٿيل ماڻهن کي مختصر خطاب ڪندي 23 مارچ ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني تنهن کانپوءِ ڳاڙهي موري وٽ وچ روڊ تي جلسو ٿيو. اتي بشير خان کي نواز مهيسر بوسڪي جو ڀٽڪو پارايو. ساگر حنيف بڙدي ۽ ڪيهر انصاري جي تقرير کانپوءِ بشير خان خطاب ڪيو تنهن کانپوءِ قومي قافلو اڳتي وڌيو ته ڪوٽ پل تي بيٺل سوين ماڻهن بشير خان جو استقبال ڪيو جتي امجد مهيسر آجياڻو ڏيندي بشير خان تقرير ڪرڻ لاءِ سڏ ڪيو. بشير خان سنڌ جا مسئلا ٻڌائيندي ماڻهن کي چيو ته ان مسئلن جو حل جمهوريت يا ٻيو ڪو نظام حڪومت نه پر سنڌ جي آزادي آهي اچو ته سڀ سنڌي ٻڌي ڪري سنڌ جي آزادي جي 23 مارچ پر امن گهر ڪريون. رستي ۾ وڏا ماڇيون ۾ استقبال ٿيو اتي ساگر حنيف بڙدي خطاب ڪندي چيو ته دوست ۽ دشمن جي سڃاڻپ هر سنڌي ماڻهو فردي طرح سان ته رکي ٿو پر هاڻي بحيثيت هڪ قوم جي دوست ۽ دشمن سڃاڻڻو پوندو. پنجاب ۽ پٺاڻ ڪنهن به ريت دوست ثابت نه ٿيا آهن. پنجاب جا سڄڻ سنڌ جا سڄڻ ناهن. بشير خان قريشي تقرير ڪندي چيو ته سنڌ اسان جو وطن آهي يا ته وطن کي آزاد ڪري پنهنجي قومي سڃاڻپ بچائي ترقي ۽ خوشحالي طرف وڌون يا پنهنجي ڌرتي تي بي اختيار ٿي غلامي واري زندگي گذاريون. اسان سنڌين کي آزاد وطن ۾ عزت ۽وقار سان زندگي گذارڻ جو سڏ ڏئي جدوجهد ۾ شامل ڪرڻ آيا آهيون. ڌاڙيل اعظم سڪندر مؤدوني کي سنڌ ۾ ماڇين اهڙا ته ٽوٽا چٻايا هئا جو هو سنڌ مان پڇ لٽڪائي وٺي ڀڳو ۽ سنڌ جي ماڇين جي لڳل زهريلي تير کان بچي نه سگهيو ۽ مصر ۾ ان تير جي زخم وگهي پيالو ڪري ويو تنهنڪري سنڌ واسيو بهادري ۾ ماضي کان وٺي حال تائين سنڌي قوم جو ڪو ثاني نه رهيو آهي اچو ته رڳو سجاڳ ٿي پنهنجي وطن جي واهر ڪريون سنڌ آزاد ٿي پوندي. قومي قافلو پير ڳوٺ طرف وڌڻ لڳو. ستون پير پاڳارو شاهه مردان شاهه سڪندر تازو وفات ڪري ويو هو. بشير خان قريشي جي اڳواڻي ۾ اسان به سندس تدفين ۾ شريڪ ٿيا هئاسين جتي پير صاحب جا مريد ۽ عقيدتمد تمام گهڻي تعداد ۾ پهتل هئا جنازي نماز ۾ بظاهر جتان ڪٿان جون وڏيون شخصيتون پڻ پهتل هيون ستين پير پاڳاري جي تدفين ۽ جنازي نماز کان اڳ اٺون پير پاڳارو خليفن کي چونڊڻو هو. اتي هر ڪنهن پئي ويچار ونڊيا ته اٺون پير پاڳارو ڪنهن کي چونڊيندا. ظاهر ۾ پير صدرالدين شاهه راشدي جيڪو مرحوم پير پاڳاري جو ٽيون نمبر پٽ آهي. وڌيڪ طاقتور اميدوار پيو نظر اچي ان مسند تي ويهڻ لاءِ ڇاڪاڻ ته سياست کان وٺي ٻين معاملن ۾ پير صدرالدين شاهه وڌيڪ سرگرم هيو، پر خليفن دورانديشي کان ڪم وٺي راجه سائين صبغت الله شاهه راشدي کي اٺون پير پاڳارو منتخب ڪيو. پاڳارو چونڊڻ کان پوءِ اڳئين پير پاڳاري جي جنازي نماز پڙهائي وئي اتي موجوده پير پاڳاري سان بشير خان مليو جنهن بشير خان کي ڀاڪر پائي کيس چيو ته دعا ڪجو هي بار سنڀالي سگهان.
23 فيبروري2012ع: خميس جي شام جو اسين قومي قافلي سان جيئن پير ڳوٺ پهتاسين ته موجوده پير پاڳاري جي ديدار ڪرڻ لاءِ هزارين مريد پير ڳوٺ پهتل هئا. وچ بازار ڪراس ڪندي جلسي واري هنڌ پهتاسين جيڪو بازار جي آخر ۾ هيو جلسي جي ڪارروائي اڪبر مڪول هلائي جيڪو اسٽيج سيڪريٽري ٿيڻ کانپوءِ پنهنجا پراوا شعر تمام گهڻا پڙهندو آهي. اتي آجياڻي تقرير امجد مهيسر ڪئي. قومي قافلي جي سربراهه بشير خان سميت سڀن کي اجرڪ اوڍايا ويا تنهن کانپوءِ ساگر حنيف بڙدي تقرير ڪندي چيو ته سنڌ جي آزاديءَ کانپوءِ تحقيقات ڪري شهيد صبغت الله شاهه جو مڙهه کي ڳولي قومي شان ۽ مان سان آخري رسمون ادا ڪري پوءِ کيس دفنايو ويندو. آڪاش ملاح پڻ خطاب ڪيو. بشير خان خطاب ڪندي جيئي سنڌ قومي محاذ سان لاڳاپيل مرحوم مجتبيٰ شاهه راشدي کي تمام گهڻو ساراهيو جيڪو قومي تحريڪ جو سڄاڻ ۽ دورانديش اڳواڻ هو. بشير خان وڌيڪ چيو ته پاڳاري خاندان ۾ اهڙيون به شخصيتون پيدا ٿيون آهن جن سامراج دشمن ۽ سنڌ دشمن سان پنهنجي وطن سنڌ خاطر مهاڏو پئي اٽڪايو آهي. اميد ته موجوده پير پاڳارو پڻ سنڌ جي طرف ٿي بيهندو. تقريرن کان پوءِ قومي قافلو ڊرب ميهر شاهه طرف هلڻ لڳو. سج لهي چڪو هو ٿڌ تمام گهڻي ٿي چڪي هئي هڪ اڇي ڏاڙهي سان خيرپور جي پنج هٽي واري هنڌ کان اسڪوٽر تي قومي قافلي سان گڏوگڏ هلي رهيو هو جنهن کي بشير خان قريشي مان ڏيندي پير ڳوٺ ۾ اسٽيج تي سڏائي اجرڪ پارايو هئو. گاڏيون روڪي بشير خان کيس تمام گهڻو زوربار ڪيو ته هو موٽي وڃي ٿڌ تمام گهڻي آهي پر هن موٽڻ کان انڪار ڪيو ۽ پوءِ بشير خان هڪ ڪارڪن کي چيو ته هو پوڙهي جو اسڪوٽر هلائي ۽ ان شخص کي ڪار ۾ ويهاريو ويو ان جو نالو رسول بخش شيخ هو. ڊرب ميهر شاهه پهچندي رات ڪافي ٿي چڪي هئي تنهنڪري اوس پاس کان آيل ماڻهو قبائلي جهيڙن ڪري پنهنجي پنهنجي ڳوٺن طرف موٽي ويا هئا ان جي باوجود به سوين ماڻهو جلسي ۾ بيٺل هئا جن کي فقير امداد منگي ۽ آڪاش ملاح جي خطاب کانپوءِ بشير خان مخاطب ٿيندي سنڌ سان پاڪستان ڪري پهتل نقصانن کان آگاهه ڪري وطن جي آزادي جي گهر ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني. تقريرن کانپوءِ قومي قافلو گمبٽ طرف هلڻ لڳو. گمبٽ ۾ پهچندي رات جا 10 وڄي چڪا هئا، رات تمام ٿڌي ٿي چُڪي هئي پر پوءِ به ماڻهو جلسي گاهه ۾ بيٺل هيا. جلسي جي ڪارروائي شروع ٿي امجد مهيسر آجياڻو ڏنو، ساگر حنيف بڙدي، ڪيهر انصاري، ادي ڊاڪٽر زرينه نوناري، سرفراز ميمڻ صاحب جي خطاب کانپوءِ بشير خان تقرير ڪندي گمبٽ واسين کي مخاطب ٿيندي چيو ته پي پي وارا غدارن جي فيڪٽري جو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن، جيڪي ماڻهن کي شخصي لالچ ڏيئي وطن کي غلام ڏسڻ ۾ خوشي محسوس ٿا ڪن سنڌ تاريخي طور هڪ آزاد ۽ الڳ ملڪ جي حيثيت ۾ رهندو آيو آهي هاڻي پاڪستان جي فرسوده نظريي نالي ۽ نعري ۾ سنڌين کي غلام رکي سنڌ جي وسيلن کي پنجاب حوالي ڪيو ويو آهي، ان ڪري جيسائين سنڌ جا ماڻهو پنهنجي دل مان پاڪستان کي ڪڍي سنڌ جي محبت نه ٿا اختيار ڪن اوستائين سنڌجي ماڻهن جا مسئلا حل ٿيڻا نه آهن، ان ڪري اچو ته پنهنجي وطن جي آزادي جي گهر ۾ جسقم وارن جو ساٿ ڏيو جيڪي سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ ۽ سچا ديشي آهن، جيڪي وطن سنڌ لاءِ جان ڏيڻ پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهن ٿا، سڀئي سنڌي هڪ ڏينهن سيڙائي ڪراچي پهچو ته ڏسندا ته سنڌ وري نوَن رنگن سان جيڪي انقلابي هوندا. ديش ڀڳت هوندا جرڪي پوندي. بشير خان جي تقرير کانپوءِ 11.30 بجي رات جو جلسو ختم ٿيو رات سنڌ هائوس گمبٽ ۾ ماني کائي آرام ڪرڻ لاءِ سمهي پياسين.
24 فيبروري 2012ع: صبح سان تيار ٿي اخبارن جو مطالعو ڪيوسين فقير امداد منگي جنهن ڏينهن پهنجو ڦوٽو ڏسندو آهي اخبارن ۾ ته پوءِ چوندو آهي ته اڄ اخبارن ۾ مزو آهي، جيڪڏهن فقير سائين جو فوٽو نه هوندو ته چوندو ته اڄ اخبارن ۾ مزو ئي نه آهي. قومي قافلو فقير آباد طرف روانو ٿيو، ان علائقي ۾ ڀٽي برداري جا ماڻهو اڪثريت ۾ رهن ٿا انهن مان ياد ڪرڻ جهڙي شخصيت مرحوم الله وسايو ڀٽي آهي جيڪو سنڌ جي ايريگيشن کاتي جو چيف انجنيئر ٿي رهيو، مرحوم هر هڪ جي ڪم اچڻ وارو انسان هو. فقير مل ۾ گڏ ٿيل هزارين ماڻهن پاران آجياڻو اسان جي ساٿي ايوب لاشاري ڏنو. جتي ساگر حنيف ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي خطاب کانپوءِ بشير خان تقرير ڪندي چيو ته دنيا جي هر قوم کي اهو حق حاصل آهي ته هو پنهنجي وطن مان پيدا ٿيل قدرتي نعمتن جو فائدو کڻي خوشحالي ماڻي پر پاڪستان هئڻ ڪري سنڌ جي سڀني وسيلن تي پنجاب قبضو ڪري خوشال سنڌ کي بدحالي ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي ايتري قدر جو 51 سيڪڙو سنڌي غربت جي طئي ڪيل لڪير کان هيٺ زندگي گذارين ٿا ۽ جيڪڏهن پاڪستان جي بجيٽ ۾ اڍائي سؤ ارب ترقياتي ڪمن لاءِ رکجن ٿا ته ان مان سنڌ کي فقط 11 ارب نصيب ٿين ٿا اهي سب نااهل حڪمران رکي رکي واپس ڪري ٿا ڇڏين. جلسي ۾ هزارين ماڻهن کان بشير خان حسب دستور هٿ مٿي کڻائي واعدو ورتو ته هو 23 مارچ ڪراچي ضرور ايندا. قومي قافلو فقير مل کانپوءِ ڪنب طرف روانو ٿيو جتي پڻ سئي گئس طرف کان ايندڙ رستي تي اسٽيج ٺاهي جلسي جو بندوبست ڪيو ويو هو. اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض مير حسن بوزدار ادا ڪيا، علي گلاب چانڊيو آجياڻو ڏنو وقت گهٽ هئڻ ڪري فقط بشير خان جلسي کي مخاطب ٿي سنڌ ۾ پاڪستان جي ڪري پيدا ٿيل مسئلن تي روشني وجهندي ان جو حل آزادي جي جدوجهد ۾ ٻڌائيندي ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿين ڪنب واري جلسي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل پڻ شريڪ ٿيو جنهن کي اسٽيج تي بشير خان سان گڏ ويهاريو ويو. قومي قافلي راڻيپور طرف رخ رکيو جتي شهر ۾ بس اسٽينڊ تي جلسو ٿيو. ثنا الله ميمڻ آجياڻو ڏنو ۽ نذير احمد ڄامڙو بشير خان کي اجرڪ اوڍايو ان کان پوءِ قومي قافلي ۾ شريڪ ٻين دوستن کي پڻ اجرڪ اوڍايا ويا. ڪيهر انصاري، آڪاش ملاح جي تقريرن کانپوءِ بشير خان تقرير ڪندي چيو ته پاڪستان ٺهڻ مهل انگريزن جي فوج ۾ سڀ کان وڌيڪ سپاهي پنجابي هئا اهو ان ڪري نه ته اهي بهادر هيا پر ان ڪري جو اهي انگريزن جا سڄي عمر پٺو ٿي رهيا ۽ انگريزن ڄاڻي واڻي اهڙا فاعدا ۽ قانون ٺاهيا هئا جو سنڌي فوج ۾ ڀرتي ٿي نه سگهن، ڇاڪاڻ ته انگريزن کي خبر هئي ته سنڌي پنهنجي وطن سان غداري نه ٿا ڪري سگهن، پنجابين جي انگريزن سان وفاداري جي سلسلي ۾ کين پاڪستان ٺاهي ڏنو ويو ته اڳتي هلي جيئن انگريزن جي مفادن جو بچاءَ ٿيندو رهي. راڻيپور ۾ جلسي کانپوءِ پريس ڪلب ۾ صحافين جي گهڻي اسرار تي بشير خان اوڏانهن وڃي چانهه پيتي. چانهه پيئڻ کانپوءِ قومي قافلو سوڀو ديرو طرف روانو ٿيو. سوڀو ديرو سنڌ جي سرموڙ شاعرن تاجل بيوس ۽ تنوير عباسي جو ڳوٺ آهي، مرحوم تنوير عباسي پنهنجي پٽ سرمد ڪري اسلام آباد ۾ دفن آهي، سندس هڪ ڀاءُ الطاف عباسي به هيو جيڪو ڪهاڻيڪار هيو ۽ روڊ ايڪسڊنٽ ۾ مري ويو هو ۽ ٽيون ڀاء اي اين جي عباسي پاڻي جي معاملن جو ماهر رهيو آهي. شهر م داخل ٿيڻ کانپوءِ ور وڪڙ گهٽين کان ٿيندي مين بازار جي مُهڙ وٽ بشير خان قومي جهنڊو ڪهاڙي وارو ڦڙڪايو. جهنڊي ڦڙڪائڻ کانپوءِ دهلن ۽ شرنائين سان جلسي گاهه طرف روانا ٿياسين. بازار جي ٻنهي پاسن کان ماڻهو قومي قافلي جو استقبال ڪندا رهيا. جلسي گاهه ۾ پهتاسين ته قومي قافلي سان هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا. جلسي کي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي عهديدار خادم سنڌي خطاب ڪيو. تنهن کان پوءِ فقير امداد منگي ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪيو.
مٿين اڳواڻن جي خطاب کانپوءِ بشير خان مخاطب ٿيندي سوڀي ديري واسين کي چيو ته توهان جي شهر جا ٻه بهترين شاعر سنڌي ٻولي جا ٿي گذريا آهن جن پنهنجي ٻولي ۾ شاعري ڪري پنهنجي ٻولي کي وڌائڻ ويجهائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر توهان ڪجهه سؤ روپين جي آمدنيءَ تي پنهنجي دڪانن مٿان سائن بورڊ به سنڌي ۾ نه ٿا لکرايو، اها نشاني آهي ته اسان سنڌي بحيثيت هڪ قوم جي تنزل طرف وڌندا پيا وڃون. دنيا ۾ جن قومن ترقي ڪئي آهي جهڙوڪ جپان، چين، مليشا، سنگاپور، انهن پنهنجي ٻولي ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ کي عيب نه پر ترقي جو ذريعو بنايو آهي، ان ڪري اسان کي به شين جي ٺاهيندڙ ڪمپنين کي چوڻ گهرجي ته سائن بورڊ اهي پنهنجي دڪانن مٿان هڻنداسين جيڪي سنڌي ۾ لکيل هوندا، توهان ڏسو ته ڪيئن نه ڪمپنين وارا مجبور ٿي اهي بورڊ سنڌي ۾ لکرائي اوهان کي ڏئي ٿا وڃن.
سنڌ سان اهڙي جند جُڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا،
ڀورا سهڻا ڀينڊ هتان جا ڇا جي چاندي ڇا جو سون.
سنڌ واسيو بشير خان وڌيڪ مخاطب ٿيندي سوڀي ديري وارن کي چيو ته پنهنجي وطن جي هر هڪ شيءِ جي واهر ڪريو ان لاءِ اسان ميدان مچايو آهي، اچو ته 23 مارچ ميدان ملهائي پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون. قومي قافلو جلسي کانپوءِ هنگورجا، طرف روانو ٿيو. رستي ۾ هڪ شاخ جي ڪَڙَ تي بيٺل ماڻهن بشير خان جو استقبال ڪيو ۽ کيس گذارش ڪئي ته جهنڊو شاخ ڪناري کوڙيو، بشير خان قريشي جهنڊو ڦڙڪايو نه پر قومي جهنڊي کي کوڙيو. هنگورجا طرف تمام آهستي آهستي هلي رهيا هئاسين ڇاڪاڻ ته سڄي سنڌ جي رستن جيان هي رستو به انتهائي خراب ۽ ڀڳل ٽٽل هو. هنگورجا ۾ داخل ٿيندي ئي قومي قافلي جو دهلن ۽ شرناين سان استقبال ڪيو ويو. بشير خان سدائين جيان گاڏي مان لهي پنڌ هلندي ماڻهن کي هٿ لوڏيندي ڀاڪر پائيندي جلسي گاهه طرف وڌڻ لڳو جتي اڳ ۾ ئي هزارن جي تعداد ۾ ٿڌ هئڻ جي باوجود به ماڻهو بيٺل هيا. جلسي کي امجد مهيسر، حنيف ساگر بڙدي، آڪاش ملاح جي خطاب کانپوءِ بشير خان خطاب ڪيو. جنهن پاڪستان ٺهڻ جي واقعي ۽ سنڌ جو ان ۾ شامل ٿيڻ ۽ ان کانپوءِ سنڌ کي پهتل نقصانن بابت ڳالهائيندي سنڌي ماڻهن کي همٿايو ته هو ماضي ۾ بهادر ڪردار واري قوم رهيا آهن هاڻي همت ڪري پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪن. آخر ۾ هزارين ماڻهن هٿ مٿي کڻي 23 مارچ تي ڪراچي اچڻ جو واعدو ڪيو.
هنگورجا ۾ جلسي کانپوءِ سيٺارجا پهتاسين. جتي ايوب جاگيراڻي پنهنجي پٽ محسن جاگيراڻي سميت سوين ماڻهن سان گڏ قومي قافلي جي آجيان لاءِ بيٺو هو. محسن جاگيراڻي ٻاراڻي دؤر کان سائين جي ايم سيد جي سالگرهه توڙي ورسي تي ايندو رهيو آهي، ننڍي عمر هئڻ ڪري بشير خان کيس تقرير ڪرائيندو هو. اڄڪلهه کانئس وڏي ٿيڻ کانپوءِ اها سهوليت کسيل آهي. سيٺارجا ۾ استقبال کانپوءِ قومي قافلو ٺري ميرواهه طرف وڌيو. سئي گيس وٽ شريف ڦُل سوين ماڻهن سان قومي قافلي جي سرواڻ بشير خان قريشي جو استقبال ڪرڻ لاءِ بيٺل هيو. استقبال کانپوءِ قومي قافلو ٺري ميرواهه طرف وڌڻ لڳو هنڊياري وٽ سوين ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن استقبال ڪيو. ٺري ميرواهه جلسي ۾ پهتاسين رات جا 10 ٿي چڪا هئا. رات ٿڌي ٿيڻ تي ٿي زور ڏنو ۽ ڪارڪنن نعرن تي زور پئي ڏنو. جلسو شروع ٿيو راجا الطاف آجياڻو ڏنو، سرفراز ميمڻ، ادي ڊاڪٽر زرينه نوناري ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي تقريرن کانپوءِ بشير خان جلسي کي مخاطب ٿيو. بشير خان جلسي ۾ شريڪ ماڻهن کي 23 مارچ جي دعوت ڏني ۽ ماڻهن هٿ مٿي ڪري، ان ڏينهن تي شريڪ ٿيڻ جو واعدو ڪيو، جلسي کانپوءِ عابد شر وٽ چانهه پارٽي رکيل هئي جتي قومي قافلي ۾ شريڪ اڳواڻن کي اجرڪ اوڍايا ويا. چانهه پيئڻ کانپوءِ سمهڻ واري هنڌ کرڙي طرف 12.30 وڳي روانا ٿياسين رات شريف ڦُل ۽ عزيز ڦُل جي اوطاق تي آرام ڪيوسين. عزيز ڦل، شر برادري جي ماڻهن هٿان شهيد ٿي چڪو هو جنهن جو خون بشير خان ۽ سندس وارثن بغير ڪنهن عيوضي جي سردار احمد يار خان شر کي معاف ڪري ڇڏيو هو. شهيد عزيز ڦل جڏهن جلسي ۾ ڪمپئيرنگ ڪندو هو ته ڏاڍي رواني سان عبدالواحد آريسر صاحب جي ڪتابن جا ٽڪرا پڙهندو هو.
25 فيبروري 2012ع: صبح جو تيار ٿي نوشهروفيروز ضلعي طرف قومي قافلو نڪري پيو، هالاڻي پهچڻ کان اڳ مين روڊ تي قومي قافلي جو استقبال ٿيو. هالاڻي ۾ جلسو ٿيو جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ذوالفقار نانگور آجياڻو ڏنو. ساگر حنيف بڙدي ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي تقريرن کانپوءِ بشير خان جلسي کي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ جا ويري چئني طرفن کان سنڌ کي ختم ڪرڻ ۽ هضم ڪرڻ لاءِ متحد ٿي چڪا آهن ۽ سنڌين جي ووٽ تي چونڊيل انهن جا ساٿاري ٿي بيٺا آهن. سنڌ انهن ماڻهن يعني پنجابين جي پاڪستان جي نالي ۾ غلام ٿي چڪي آهي، جن جو نه ئي ماضي شاندار رهيو آهي ۽ نه ئي وري هو ڪڏهن بهادر رهيا آهن. پر سڄي ماضي واري دؤر ۾ ڪرائي جا قاتل ۽ ٻاهرين حملي آورن جا ٻڌا ٻانها ٿي رهيا آهن، شورش ڪاشميري پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ٻاهرين حملا آورن پنجابين کي اهڙو حڪم ڏنو هو ته سندن عورتون گوڏ پائين ته جيئن کين دير نه ٿئي. اڄ تائين پنجاب ان آرڊر کي بجا آوري ڪري رهيو آهي.
سنڌ سڄي سون آهي ان هوندي به بک ۽ بدحالي جي وَرَ چڙهيل آهي ان جو سبب اسين پاڻ سنڌ کان لاتعقلي اختيار ڪري خاموش تماشائي جيان چپ ڪري ويٺا آهيون. سنڌ مان محبت کي پنهنجن دلين ۾ بيدار ڪري وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون.
بشير خان جي تقرير کانپوءِ قومي قافلو خانواهڻ طرف روانو ٿيو. واٽ تي وِکَ وِکَ تي قومي قافلي جو استقبال ٿيندو رهيو. خانواهڻ ۾ پهچي وچ بازار مان گذري ڪري جلسي گاهه ۾ گڏ ٿياسين، جتي هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا. اتي جلسي ۾ بشير خان کي امام ضامن ٻڌايو ويو. فقير امداد منگي جي تقرير کانپوءِ بشير خان قرشي ڳالهائيندي چيو ته هاڻي چٽي ۽ واضح نموني سان سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻي پوندي ۽ سنڌ جي آزادي حاصل ڪري اسين ڊاڪٽر نجم عباسي جي آخري خواهش جلد پوري ڪنداسين جنهن چيو هو ته جڏهن سنڌ آزاد ٿئي ته ان ڏينهن منهنجي قبر تي ڏيئو ٻارجو. ياد رهي ته ڊاڪٽر نجم عباسي سنڌ جو ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ آزادي پسند انسان هيو، جيڪو خانواهڻ ۾ دفن ٿيل آهي. بشير خان تقرير ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ جا حڪمران ڪيڏا به ڪمزور هوندا هئا تڏهن به قومي غيرت سندن للڪار مان ظاهر هوندي هئي. آخر ۾ بشير خان سڀني کي 23 مارچ ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني ۽ ماڻهن هٿ مٿي ڪري واعدو ڪيو ته هو ضرور 23 مارچ تي ڪراچي ايندا. جلسي کانپوءِ ڪنهن ڪارڪن آڪاش ملاح کي به امام ضامن ٻڌو.
قومي قافلو جلسي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ قومي ڪارڪن رفيق خشڪ جي والد صاحب جي وفات تي ساڻس عذر خواهي ڪئي ۽ پوءِ ڪمال ديرو طرف قومي قافلو وڌڻ لڳو. ڪنڊياري پُهچندي بشير خان جيڪو قومي قافلي جو سرواڻ اڳواڻ هيو تنهن جو ٻن ٽن هنڌن تي شاندار استقبال ڪيو ويو، ڪمال ديري پهچڻ کان پهرين ٻاهران شاخ تي بيٺل سوين ماڻهن بشير خان جو استقبال ڪيو. ماڻهو بشير خان کي گاڏي مان لاهي پاڻ سان گڏ پنڌ وٺي هليا. وچ شهر ۾ هزارين ماڻهن نعرا هڻندي بشير خان جو استقبال ڪيو. پنڊال ۾ پهتاسين. قاري گهانگهري اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سرانجام ڏنا جنهن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري صفدر تنيو کي خطاب لاءِ سڏ ڪيو. صفدر تنيي ۽ ساگر بڙدي شاعرانه انداز ۾ تقرير ڪئي، جنهن کانپوءِ بشير خان ٺيٺ ٻهراڙي واري انداز سان ڪمال ديري واسين سان مخاطب ٿيو ۽ کين چيو ته بابا پنهنجي ملڪ سنڌ جي پاڻ کي وارثي ڪرڻي پوندي، ان ڪري 23 مارچ تي گهڻي تعداد ۾ ڪراچي ۾ گڏ ٿيو ته جيئن دنيا کي ٻڌائي سگهون ته سنڌ جا وارث ۽ مالڪ اسين سنڌي آهيون، تنهن کانپوءِ بشير خان اتي بيٺل سڀني ماڻهن کان هٿ مٿي کڻائي ڪراچي اچڻ جو واعدو ورتو. جلسي کانپوءِ وري واپس ڪنڊياري طرف قومي قافلو روان دوان ٿيو. جتي پريس ڪلب ڀرسان شهيد سليم ابڙو چؤڪ تي گڏ ٿيل ماڻهن جي جلسي کي خطاب ڪرڻ لاءِ آڪاش ملاح کي سڏايو ويو. جنهن جذباتي انداز ۾ تقرير ڪندي ماڻهن کان سنڌ گُهري ٿي آزادي جا نعرا هڻايا. تنهن کان پوءِ بشير خان خطاب ڪندي ڪنڊياري واسين کي سائين جي ايم سيد جو پيغام ٻڌائيندي چيو ته اسان سنڌي هڪ قوم آهيون ۽ سنڌ اسان جو ملڪ آهي ۽ آزادي اسان جو حق آهي جيڪا مڪمل طور تي ممڪن به آهي ته اسين ان کي عدم تشدد جي رستي تي هلندي حاصل به ڪري وٺنداسين، ان لاءِ سڀ کان پهريائين اسان جسقم وارن ميدان ملهائڻ لاءِ سنڌين کي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي جتي گڏ ٿي اسان پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪنداسين ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان توهان وٽ به دعوت کڻي آيا آهيون ته ان سعادت ۾ توهان پنهنجو حصو ونڊايو. جنهن تي جلسي ۾ بيٺل سڀني ماڻهن هٿ مٿي کڻي ڪراچي پهچڻ جو واعدو ڪيو. ڪنڊياري ۾ جلسو ختم ٿيڻ کانپوءِ قومي قافلو ٺارو شاهه طرف وڌيو. واٽ تي حسين ڪلهوڙو نالي ڳوٺ ۾ وڃي گڏ ٿيل ماڻهن سان قومي ڪچهري ڪرڻي هئي جتي پهچڻ کانپوءِ تمام بهترين جلسو ٿي ويو. وقت جي گهٽتائي ڪري طئي ٿيو ته فقط بشير خان ماڻهن کي خطاب ڪري. شاهد سومري اسٽيج سيڪريٽري جا فرض سرانجام ڏنا جنهن بشير خان کي ماڻهن سان مخاطب ٿيڻ لاءِ سڏ ڪيو. بشير خان جلسي ۾ گڏٿيل ماڻهن کي پاڪستان ۽ اسلام جي نالي ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن بابت آگاهه ڪيو ۽ کين چيو ته ٻَڌي، جدوجهد ۽ همت ڪري پنهنجي سنڌ کي آزاد ڪرايون. جلسي کانپوءِ قومي قافلو ٺارو شاهه طرف روانو ٿيو. گهڻي وقت ٿيڻ ۽ ٿڌ هئڻ باوجود عوام ڪارنر گڏجاڻي واري هنڌ موجود هيو. جنهن کي شاهد سومرو، ڪيهر انصاري ۽ آڪاش ملاح جي خطاب کانپوءِ بشير خان خطاب ڪيو. هر هڪ ساٿي ۽ اڳواڻ پنهنجي انداز ۽ رنگ سان ماڻهن کي سنڌ بابت ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪارنر گڏجاڻي کانپوءِ علي شير ڪيريو سان سندس عزيز جي فوتگي تي عذر خواهي ڪئي وئي. ان کانپوءِ ممتاز ڪلهوڙي جي والده جي وفات تي ساڻس عذر خواهي ڪئي وئي. قومي قافلو ڀريا روڊ طرف وڌڻ لڳو. ڀريا ڀرسان پُهتاسين ته سوين ماڻهن دهلن ۽ شرنائين سان بشير خان جو استقبال ڪيو، بشير خان کي گاڏي مان لاهي سوين شهري ساڻس پنڌ هلڻ لڳا، ريلوي اسٽيشن ڀرسان پنڊال ۾ پهتاسين، رات جا 10.30 ٿي چڪا هئا. ان هوندي به پنڊال ماڻهن سان ڀريل هو. مختيار چاڪراڻي ۽ ڪجهه سنڌي فنڪارن قومي گيت چيا. قاري گهانگهري اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سرانجام ڏنا. ساگر بڙدي، ڪيهر انصاري، ڊاڪٽر زرينه نوناري ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي خطاب کانپوءِ بشير خان هزارن جي مجموعي کي خطاب ڪندي چيو ته قدرت فطري ورهاست ڪري ڇڏي آهي. پنجاب معنيٰ پنجن دريائن جو ملڪ، جيتوڻيڪ سنڌو درياءُ به پنجاب مان ڪراس ڪري سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو پر پنجاب، ڇهه آب نه ٿي سگهيو ۽ سنڌو تان ئي سنڌ ملڪ جو نالو پيو. جيڪي ٻئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم ٿي ويا. پاڪستان انگريز سامراج جي سياسي سازشن جو نتيجو هيو جنهن پنجاب کي هن سڄي خطي جو چوڌري ٺهرائي ڇڏيو ۽ پاڪستان نالي غير فطري ملڪ ٺهرائي اهو پنجاب حوالي ڪيو ويو ته جيئن پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ بنگلاديش جو استحصال ڪري سگهي ۽ پاڪستان اصل ۾ پنجاب هن خطي ۾ انگريز سامراج جو پالتو چوڪيدار ٿي ڪتب اچڻ لڳو. پاڪستان موجوده وقت سنڌ جي الڳ قومي وجود کان نه فقط انڪار ٿو ڪري پر ان جي جدا قومي تشخص کي اقليت ۾ تبديلي طرف تيزي سان ڌڪي رهيو آهي. اسان جي مادري ٻولي جي حيثيت کي ثانوي درجو ڏنو ويو آهي. اسان جي پيداواري ذريعن تي قبضو ڪري انکي پنجاب جي فائدي لاءِ ڪتب آندو ٿو وڃي. سنڌ جي مالڪي جي دعويٰ لاءِ پٺاڻ، پنجاب سميت ڪيتريون ئي ڌريون ميدانِ عمل ۾ سرگرم آهن. اهڙي صورتحال ۾ بچاءَ جو فقط هڪ ئي رستو آهي، ته 23 مارچ تي ڪراچيءَ ۾ لکن، ڪروڙن جي تعداد ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن سنڌ کي آزاد ڪرائڻ جو اعلان ڪريون. جنهن تي هزارين ماڻهن هٿ مٿي ڪري بشير خان کي يقين ڏياريو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا. جلسي کانپوءِ پڊعيدن روانا ٿياسين. جتي پياري ساٿي حنيف ساگر وٽ رات جي ماني کائي سمهي پياسين ته جيئن وري نئون صبح نئون ڏينهن تيار ٿي اڳتي لاءِ وڌجي.
26 فيبروري 2012ع: صبح سان تيار ٿي، اخبارن جو مطالعو ڪري يا فقير امداد منگي چواڻي ته اخبارن ۾ مزو آهي يا نه ڏسي، صحافين سان حنيف ساگر جي اوطاق تي جيڪا سدا واهه جي ڪَڙَ تي آهي ڪچهري ڪئي سين. بشير خان ۽ ساگر حنيف بڙدي ۽ آئون سال ٻن کان اهو پروگرام ٺاهيندا پيا اچون ته سڄي سنڌ ۾ ڪنهن خاص وڻندڙ هنڌ تي ڪنهن شاخ تي وهنجي پڪنڪ ملهائجي ۽ ان ۾ فلاڻا فلاڻا دوست هجن پر افسوس اها آس به پوري ٿي نه سگهي. صحافين سان ڪچهري کانپوءِ قومي ڪارڪن محمد عالم راڄپر جي وفات تي سندس پٽن سان عذرخواهي ڪئي وئي، ان کان پوءِ سعيد اُڄڻ جي گهر واري جي وفات تي سعيد اُڄڻ سان عذر خواهي ڪرڻ کانپوءِ چيهو ڳوٺ ۾ شفيق راڄپر وٽ ناشتو ڪيوسين جتي بشير خان اوطاق ۾ آيل ماڻهن کي مختصر خطاب ڪندي 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني. نوشهروفيروز ڏانهن قومي قافلو هلندو رهيو، واٽ تي سرور آريجو سان سندس چاچي جي وفات تي عذر خواهي ڪئي وئي، نوشهروفيروز ويندي واٽ تي ڪلهوڙا ڳوٺ وٽ گڏ ٿيل ماڻهن کي بشير خان خطاب ڪندي سنڌ جي پنجاب طرفان ٿيندڙ ڦرلٽ کان آگاهه ڪيو ۽ ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو. 23 مارچ تي ڪراچي پهچن ته جيئن سنڌين جي ٻڌي کان دنيا کي آگاهه ڪجي. نوشهروفيروز ۾ پروگرام طئي نه هئڻ جي باوجود به وچ روڊ تي گڏ ٿيل دوستن سان بشير خان ٻه منٽ ڪچهري ڪندي کين 23 مارچ جي دعوت ڏني. قومي قافلي پوءِ مٺياڻي طرف رُخ رکيو. ابڙان شهر ۾ بشير خان جو شاندار استقبال ٿيو. مشوري برادري سان عذر خواهي کانپوءِ ابڙان شهر جي وچ چؤڪ تي پروگرام نه هئڻ جي باوجود تمام گهڻا ماڻهو گڏ ٿي ويا جن کي بشير خان سائين جي ايم سيد جو پروگرام ٻڌايو ته سائين جي ايم سيد آڏو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خوشحالي ۽ آزادي سڀ کان وڌيڪ مقدم هئي ڇو ته آزادي کانسواءِ سنڌين جي خوشحالي ناممڪن آهي، ان ڪري اچو ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون. خطاب کانپوءِ مٺياڻي طرف روانا ٿياسين. ڳوٺ تڳيو خان ڇڄڙ وٽ تمام گهڻا ماڻهو استقبال لاءِ بيٺا هئا. گلن جي ورکا کانپوءِ قومي قافلو سوين ماڻهن سان گڏ مٺياڻي طرف وڌڻ لڳو. مٺياڻي ۾ وچ چؤڪ تي جلسي جو اهتمام ٿيل هو. جلسي کي آجياڻو فيصل مستوئي ڏنو. حنيف ساگر بڙدي ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي تقرير کانپوءِ بشير خان تقرير ڪندي چيو ته پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ، پنجاب جي غلامي هيٺ آهي، ان غلامي سبب هزارا سالا وجود رکندڙ سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن. سنڌين جي الڳ قومي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ لکين، ڪروڙين ڌاريا ماڻهو آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا آهن، جن کي روزگار ۽ رهائش جا سڀ وسيلا مهيا ڪري سنڌ جي اقتصادي ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي سڀني پيداواري ذريعن جهڙوڪ ٽيڪس، تيل، گيس، ڪارخاني، نڪرندڙ قيمتي پٿر، ڪوئلي، روڊن مان ملندڙ ٽول ٽيڪس، واپار وغيره تي پنجاب جو قبضو ۽ ڪنٽرول آهي جنهن وسيلي سنڌ جا پيداواري وسيلا پنجاب لاءِ ڪتب اچي رهيا آهن. هاڻي ته حد اها ٿي وئي آهي ته ڌاريا مورڳو سنڌ جا وارث هئڻ جا دعويدار ٿي چڪا آهن، جيڪو ٿو ڌاريو ڪاوڙجي اهو يا ته سڄي سنڌ جو دعويدار هجڻ جي دعويٰ ڪري يا سنڌ جي ڪنهن حصي جو مالڪ بڻجڻ لاءِ وَرَ کُنجيو تيار ٿيو بيٺو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌي جيڪو اصل سنڌ جو مالڪ آهي چُپ ٿي ويهي رهي. اسيمبلي ميمبرن جي آسري سنڌ سندن رحم ڪري تي ڇڏي ڏيون سو به اهڙن اسيمبلي ميمبرن جي آسري جيڪي ڪڏهن سنڌ جي مالڪي نه ڪري سگهيا آهن ۽ انهن جي آسري اسان ڪٿي سنڌي پنهنجن هٿن مان سنڌ نه وڃائي ويهون، ان ڪري اسان سائين جي ايم سيد جي پوئلڳن جسقم جي ڪارڪنن اهو فيصلو ڪيو آهي ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ وطن جي آزادي جي گُهر ڪري اهو ثابت ڪريون ته سنڌ سنڌين جي آهي. اسان هڪ قوم ۽ جدا وطن جا مالڪ آهيون ۽ آزادي اسان جو حق ۽ ممڪن آهي جنهن ذريعي سنڌين کي خوشحالي ۽ باوقار زندگي گذارڻ جو موقعو ملندو.
جلسي جي خاتمي کانپوءِ ڪيترن مهينن کان بک هڙتال تي ويٺل ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي طور تي بشير خان گڏ ويٺو. انهن ٻوڏ متاثرن وٽ ڪير به حڪومتي عملدار لڙي ڪونه آيو هو ته سندن تڪليفن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪا مدد ٿي سگهي. سرڪار جيڪا پ پ جي آهي اها پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پوري آهي جيڪا عام ماڻهن جي سار ڪٿي ٿي لهي. مٺياڻي کانپوءِ قومي قافلو نوان جتوئي طرف روانو ٿيو. نوان جتوئي شهر ٻاهران حبيب خاصخيلي پنهنجي پٽ رشيد خاصخيلي سميت سوين ماڻهن سان استقبال ڪرڻ لاءِ بيٺل هيو. بشير خان قريشي حسب روايت گاڏي مان لهي پيو ۽ بيٺل ماڻهو دهلن ۽ شرنانين سان، ساڻس گڏ هلندي جلسي گاهه طرف وڌڻ لڳا. نوان جتوئي شهر جي وچ مان گذرندڙ روڊ تي جلسي جو بندوبست ڪيو ويو هو. قومي قافلي جي اڳواڻ بشير خان سميت قومي قافلي ۾ شريڪ سڀني ساٿين کي اجرڪ اوڍايا ويا. آجياڻي کانپوءِ ساگر حنيف بڙدي ۽ آڪاش ملاح جي تقرير کانپوءِ بشير خان قريشي کي تقرير لاءِ سڏيو ويو جنهن تقرير ڪندي چيو ته سنڌ صوفين جي امن پسند ۽ مذهبي رواداري واري سرزمين آهي، جتان سدائين محبت جا گل ڦُٽندا آهن. هي نفرت جي سرزمين نه آهي. هتي ڪڏهن به مذهبي انتها پسندي نه رهي آهي پر پنجاب نه فقط پاڻ مذهبي ڪٽرپڻي ۾ مبتلا رهيو آهي پر پنجاب مان ئي مذهبي انتها پسند تيار ٿي سڄي دنيا جي امن کي تباهه ۽ برباد ڪري رهيا آهن. ان ڪري جيترو وقت پاڪستان قائم رهندو اوترو وقت سنڌ ته عذاب ۾ رهندي ئي رهندي پر سڄي دنيا به پنجاب جي تيار ۽ پيدا ڪيل دهشتگردن کان محفوظ نه رهندي، ان ڪري پاڪستان جو خاتمو نه فقط سنڌلاءِ پر سڄي دنيا لاءِ مفيد ۽ فائدي وارو ٿيندو. ان لاءِ سائين جي ايم سيد جي پوئلڳن، جسقم جي ڪارڪنن 23 مارچ جو ڏينهن مقرر ڪري سڄي دنيا آڏو اهو واضح ڪندا ته سنڌ کي آزادي ٿي گُهرجي جيڪا سڄي دنيا ۾ امن، اتحاد، ترقي جو پيش خيمو ثابت ٿيندو. بشير خان جي تقرير کانپوءِ قومي قافلو مورو شهر طرف وڌڻ لڳو. واٽ تي مناهي ڳوٺ وٽ آصف راهوجي جي اڳواڻي ۾ سوين ڳوٺاڻا روڊ تي استقبال لاءِ بيٺل هيا. جن گلن جي ورکا سان آجيان ڪئي ۽ بشير خان قريشي اتي بيٺل ماڻهن جي هجوم کي سنڌ سان پاڪستان هئڻ ڪري ٿيل ظلمن کان آگاهه ڪندي انهن کي 23 مارچ تي سنڌ جي آزادي جي گُهر ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت ڏني ته اتي بيٺل سڀني ماڻهن هٿ مٿي کڻي 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جو واعدو ڪيو. تقرير کانپوءِ قومي قافلي موري شهر طرف وڌڻ شروع ڪيو. مورو باءِ پاس تي سوين موٽر سائيڪل تي بيٺل نوجوانن استقبال ڪيو ۽ قومي قافلي جي اڳيان هلندي جلسي گاهه طرف وڌڻ لڳا. روڊ جي مختلف هنڌن تي ماڻهو هٿن ۾ گل جهليو بيقرار بيٺا هئا ته بشير خان قريشي سندن سامهون اچي ته جيئن هو عقيدت جو اظهار ڪري سگهن. گلن جي پنکڙين جي برسات ۾ سنڌي ٻولي جي شهيد، شهيد عبدالرزاق سومري جي مزار ٻاهران جلسي واري هنڌ پهتاسين ته بشير خان قريشي پهريائين شهيد عبدالرزاق سومري جي مزار تي هليو. ياد رهي ته 1972ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ جڏهن ٻولي جو بل پيش ٿيو هو، جيڪو اڪثريت سان اسيمبلي مان پاس به ٿيو هو ته سنڌ جي واحد سرڪاري زبان سنڌي هوندي. جنهن تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ غير سنڌين گوڙ ڪيا هئا ۽ حيدرآباد ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ مقرر ليڪچرار عبدالرزاق سومري کي ان وقت غير سنڌي غنڊن شهيد ڪري ڇڏيو هو. پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جيڪو سول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر پڻ هو. تنهن آرڊيننس نافذ ڪري اسيمبلي مان اڪثريت سان پاس ٿيل بل کي رد ڪري سنڌ کي ٻن ٻولين جو صوبو قرار ڏئي ڇڏيو هو ۽ ان سان گڏ اردو دانن سان اهو طئي ڪيو هو ته گورنر اردو زبان وارن مان کنيو ويندو. ذوالفقار ڀٽي پوءِ مير رسول بخش ٽالپر کي گورنري تان هٽائي بيگم رعنا لياقت علي خان کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو هو.
شهيد عبدالرزاق جي مزار تي قومي ترانو پڙهڻ کانپوءِ دعا گهري. جلسي گاهه ۾ بشير خان ساٿين سميت پهتو. جلسي جي ڪارروائي شروع ٿي ته اڪرم چانڊيي کي آجياڻي لاءِ سڏيو ويو جنهن آجياڻو ڏنو. جنهن کانپوءِ اجرڪن اوڍائڻ جي رسم شروع ٿي. صفدر تنيي ساگر حنيف بڙدي، فقير امداد منگي، آڪاش ملاح ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي تقرير کان پوءِ بشير خان قريشي جلسي کي مخاطب ٿيندي چيو ته آزاد سنڌ دنيا کي سُڌريل تهذيب کان متعارف ڪرايو نه فقط اهو پر سڄي دنيا ۾ ترقي جو راز ۽ پهريون ڏاڪو ڦيٿو به سنڌين جو ايجاد ٿيل آهي. آزاد سنڌ ڪپڙي ٺاهڻ جي به خالق آهي ان سنڌ کي جيڪا نينوا ۽ ميسوپوٽيما تهذيبن کان وڌيڪ شاندار تهذيب رکندڙ رهي آهي کي مذهب جي نالي ۾ غلام رکي کيس پسماندگي ۾ ڌڪيو ويو آهي، ان غلامي جي لعنت کان نڪرڻ لاءِ اسان سائين جي ايم سيد جي پروگرام تحت سڄي سنڌ ۾ گهر گهر وڃي سنڌ جي آزاد حيثيت بحال ڪرائڻ لاءِ ماڻهن کي پڪاري ۽ سڏي رهيا آهيون ته اچو نه فقط پنهنجو شاندار ماضي جياري وٺون پر پنهنجي حال ۽ مستقبل کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي وطن سنڌ کي آزاد ڪرائي وٺون. ان لاءِ جسقم 23 مارچ تي پُر امن طور ڪراچي ۾ سنڌين کي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي. اهو سڏ اوهان وٽ به کڻي آيا آهيون اسان کي پڪ آهي ته سنڌ جا حلالي پٽ پنهنجي وطن سنڌ جو سڏ ورنائڻ لاءِ ضرور گڏ ٿيندا. آخر ۾ بشير خان قريشي هي بيت پڙهي پنهنجي جڳهه ورتي ته:
مان ٻاڪاري ٻاڪاري هليو ويندس، تون سڏ نه ڏيندين ته ڇا ٿيندو،
ماءُ ته ٻنهي جي هڪڙي آ، جي ڀاءُ نه ٿيندين ته ڇا ٿيندو.
قومي قافلو موري کان شاهپور جهانيان طرف روانو ٿيو، رات جا 11.30 ٿي چڪا هئا پر پوءِ به ڪارڪن شهر ٻاهران استقبال لاءِ بيٺل هيا. وچ شهر ۾ بشير خان کان قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو. خالد حسين آرائين ۽ نديم حسين آرائين جي پيٽرول پمپ تي چانهه جي دعوت ۾ شريڪ ٿياسين جتي نديم آرائين نهايت احترام سان چيو ته آئون آهيان ته پنجاب کان آيل پر سنڌ جون سڀ ريتون رسمون، ڪلچر، مذهبي رواداري، زبان ۽ سنڌ وطن جي مفاد کي سڀ کان وڌيڪ اوليت ڏيان ٿو. تنهن تي بشير خان کيس چيو ته اسان اهڙي شخص کي پنهنجو ڀاءَ تسليم ڪندي اهو چئون ٿا ته ان جو به سنڌ تي اهڙو حق آهي جهڙو ٻين سنڌين جو. نديم آرائين کان موڪلائي الله بخش ڏاهري جي ڏاڏي جي وفات تي تعزيت ڪري اتي ماني کائي سمهي پياسين. نوشهروفيروز ضلعي جي دوري ۾ محبوب ابڙو جيڪو جسقم ضلعي صدر آهي، مسلسل گڏ هيو، حد ختم ٿيڻ کانپوءِ هو موڪلائي هليو ويو.
27 فيبروري 2012ع: صبح جو عام روز جيان تياري ڪري سنڌ نيشنل فرنٽ جي خادم انڙ سان سندس والد جي وفات تي عذر خواهي ڪري چانهه پيئڻ کانپوءِ قومي قافلو دولت پور طرف روانو ٿيو. دولت پور باءِ پاس تي پهتاسين ته سوين موٽر سائيڪل تي بيٺل ماڻهن، ڪارڪنن استقبال ڪري اسڪواڊ طور قومي قافلي جي اڳيان هلڻ لڳا. وچ شهر مان ٿيندي ڪارنر گڏجاڻي واري هنڌ پهتاسين جلسو شروع ٿيو، امام بخش ڏاهري آجياڻو ڏنو، جنهن کانپوءِ فقير امداد منگي، آڪاش ملاح تقريرون ڪيون، آخر ۾ بشير خان تقرير ڪندي بيٺل ماڻهو کي ٻڌايو ته سنڌ صدين کان قائم آهي، ڪيترائي حملي آور آيا ۽ ويا پر سنڌ پنهنجو وجود بچائيندي آئي آهي، سنڌ جي ٻيڙي لڏندي ضرور پر ٻڏڻي هرگز ناهي ان ڪري اچو ته گڏجي پنهنجي وطن سنڌ کي آزاد ڪرائي باوقار قومن ۽ ملڪن جي قطار ۾ شامل ٿيون.
جلسي کانپوءِ عبدالله ڪٽپر وٽ چانهه پيئڻ کانپوءِ نيشنل هاءِ وي سان قومي قافلو اڳتي وڌڻ لڳو علي آباد اسٽاپ وٽ گڏ ٿيل ماڻهن کي بشير خان مختصر خطاب ڪندي، سنڌ خاطر ماڻهن کي 23 مارچ ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏني. قومي قافلو اڳيان هلندي نواب ولي محمد لغاري ۾ پهتو جتي روڊ تي ڪارنر گڏجاڻي رکيل هئي اتي الله رکيو ڪلهوڙي آجياڻو ڏنو، ڪيهر انصاري جي خطاب کانپوءِ بشير خان تقرير ڪندي چيو ته جنهن روڊ تي اوهان بيٺا آهيو اهو روڊ به 1973ع جي آئين. پاڪستان ۽ وفاق جي نالي ۾ پنجاب حوالي ٿيل آهي. فقط اهو روڊ سنڌ مان ساليانه اربين روپيه ڪمائي ٿو پر سنڌ ۾ روڊ هئڻ جي باوجود سنڌ روڊ جي ڪمائي کان محروم آهي تنهنڪري 1973ع جو آئين سنڌ جي مسئلن جو حل نه پر قانوني طور غلامي کي قبول ڪرڻ برابر آهي پاڪستان ۾ ڪهڙي به نظام حڪومت هجي پر ڦرجي سنڌ. ان ڪري اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪَنَ ڇني. اچو ته پاڪستان کي طلاق ڏيئي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گهر ڪريون. جلسي مهل 65 ماڻهن جسقم ۾ شموليت اختيار ڪئي، جلسي کانپوءِ محمد هاشم ٻگهيو وٽ چانهه پيئڻ کانپوءِ کيس 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني وئي. محمد هاشم ٻگهي پيغام سنڌ مارچ ۾ نواب ولي محمد ۾ مارچ ۾ شامل ماڻهن کي پاڻ وٽ ترسائي وڏي خدمت چاڪري ڪئي هئي ۽ ان کانپوءِ راڳ رنگ ٻڌرائي پيرين پنڌ نڪتل قافلي ۾ نئون روح جوش ۽ ولولو پيدا ڪري ڇڏيو هو.
اسان جا قومي اڳواڻ سائين جي ايم سيد جي زندگي ۾ جڏهن به سنڌ جو دورو ڪري موٽي سائين جي ايم سيد وٽ ايندا هئا ته سائين جي ايم سيد انهن کان حال احوال پڇڻ کانپوءِ ٿَڪ ڀڃڻ لاءِ صوفي فقير گهراڻي انهن کان راڳ رنگ ٻڌرائيندو هو ته جيئن قومي اڳواڻ موٽي وڃي وري جوش ۽ جزبي سان سنڌ جي آزادي جي پرچار ڪن. قومي قافلو قاضي احمد طرف روانو ٿيو. واٽ تي سرڪاري کوهه2 وٽ بيٺل ماڻهن گل نڇاور ڪري استقبال ڪيو اتي بشير خان تقرير ڪندي چيو ته سنڌ وطن پنجاب جو مڪمل طور غلام ٿي چڪو آهي. زبان، قومي وجود، اقتصادي وسيلا سڀ پاڪستان جي ڪري سنڌ هٿن مان کسجي چڪا آهن، ان ڪري سنڌ جي آزادي ۽ وسيلا واپس وٺڻ لاءِ 23 مارچ ڪراچي پهچو. سرڪاري کوهه تي ڪريم بخش کورکاڻي، ڪرم علي ڪلوئي، غلام رسول کورکاڻي جي قيادت ۾ 10 دوستن جسقم ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. کوسا برادري جي نيڪ مرد رئيس محمد شريف کوسو قافلي سميت قومي قافلي ۾ شامل ٿي ويو. سرڪاري کوهه کانپوءِ قومي قافلو قاضي احمد طرف وڌيو واٽ تي ڪيترن ئي هنڌن تي قومي قافلي جو استقبال ٿيو. قاضي احمد ۾ هڪ تمام وڏو جلسو ٿيو جتي ڏاڏي مهر آجياڻو ڏنو، جنهن کانپوءِ ساگر حنيف بڙدي آڪاش ملاح ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪيو ۽ آخر ۾ بشير خان قريشي بيٺل ماڻهن کي چيو ته پاڪستان سنڌ لاءِ زهر قاتل بڻجي چڪو آهي، جيترو وڌيڪ وقت پاڪستان قائم رهندو سنڌ اوترو وڌيڪ مصيبتن ۽ مشڪلاتن ۾ رهندي سنڌ پاڪستان هئڻ ڪري هزارها سالا وجود رکندڙ شاهوڪار ٻولي وڃائي ويهندي، قومي تشخص جيڪو هن وقت خطري ۾ آهي، سو ختم ٿي سگهي ٿو سنڌ جا وسيلا تيزي سان ڪڍي پنجاب جي ترقي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. اُن ڪري اهي ختم ٿي رهيا آهن ان ڪري هاڻي هي وقت آهي ته 23 مارچ ڪراچي ۾ گڏ الڳ آزاد وطن سنڌوديش جي گهر ڪريون جلسي جي خاتمي کانپوءِ قومي قافلو اڳتي وڌيو. مشاخ قومي جهنڊو ڦڙڪائي اتي بيٺل ماڻهن کي بشير خان اپيل ڪئي ته اهي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سڄي دنيا کي اهو ڌيان ڏيارين ته سنڌي آزادي گهرن ٿا. قومي قافلو وري قاضي احمد کان نوابشاهه ويندڙ روڊ تي پهچي اتي نيازي خان سيال وٽ بشير خان قومي جهنڊو ڦڙڪايو قومي ڪارڪنن ان جڳهه کي سنڌو نگر پئي سڏيو. بشير خان سميت قومي قافلي ۾ شريڪ ٻين ساٿين کي اجرڪ اوڍايا ويا اتي بشير خان مختصر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ 65 سال پاڪستان لاءِ ڪم ڪندڙ پارٽين کي ووٽ ڏئي ڏٺو آهي پر سنڌ سک ۽ خوشحالي جا ڏينهن نه ڏٺا هاڻي ووٽ ڏيڻ وٺڻ جو وقت نه آهي پر سنڌ سان محبت جو اعلان مظاهرو ڪندي سنڌ جي آزادي جي گهر ڪرڻ گهرجي ان لاءِ جسقم جا ڪارڪن ۽ عهديدار توهان وٽ اچي حاضر ٿيا آهيون ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گهر ۾ شريڪ ٿيون. اتي بيٺل سڀني ماڻهن هٿ مٿي ڪري ڪراچي اچڻ جو واعدو ڪيو. تنهن کانپوءِ قومي قافلو سڪرنڊ طرف روانو ٿيو، سڪرنڊ ٻاهران هزارن جي تعداد ۾ بيٺل ماڻهو جيڪي اسڪوٽرن ۽ سوزوڪين تي ويٺل هئا تن پرڀور ۽ شاندار استقبال ڪري قومي قافلي کي هڪ وڏي جلوس جي صورت ۾ جلسي گاهه طرف وٺي هليو سڪرنڊ ۾ استقبال ڪندڙن جي اڳواڻي آصف مگسي ۽ غلام محي الدين مگسي ڪري رهيا هئا. اسٽيشن روڊ تي جلسي گاهه جو بندوبست ٿيل هو جتي اسٽيج تي ويهڻ کان پوءِ قومي قافلي ۾ شريڪ اڳواڻن کي اجرڪو اوڍايا ويا. بشير خان قريشي ۽ سائين منير حيدر شاهه کي (جيڪو اڄ وري اچي قومي قافلي ۾ شريڪ ٿيو هو) کي ٽوپي ۽ بشير خان ۽ سائين منير حيدرشاهه کي هڪ ديوان سائين جي ايم سيد جي فوٽو سان پٽڪا پارايا. بشير خان کي سائين جي ايم سيد جو لڳل فوٽو سان پٽڪو نهايت پيارو پئي لڳو ۽ مون اتي پنهنجي موبائيل ڪئمرا ۾ سندس فوٽو ڪڍيو.
جلسي ۾ آجياڻي تقرير غلام محي الدين ڪئي، ساجن مغيري، صفدر تنيو، علي رضا خاصخيلي، حنيف ساگر بڙدي، ڪيهر انصاري ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي تقريرن کانپوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪئي. تقرير ۾ بشير خان تفصيلن اهو ذڪر ڪيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ سان ڇا ڇا ٿيو آهي. آخر انهن مصيبتن کان ڇوٽڪارو جو حل ڇا آهي، جيڪو بشير خان کين ٻڌائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد جو موقف ۽ ٻڌايل جدوجهد جو عدم تشدد وارو رستو اسان کي آزادي جي منزل تان پار پهچائيندو. جلسي کانپوءِ دليل ديرو ۾ ساگر ملاح سان سندس ناني جي وفات تي عذر خواهي ڪري قومي قافلي نوابشاهه جو جو رخ ڪيو. قاعد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي هاسٽلن ٻاهران مين روڊ تي سوين شاگرد رات 10 بجي کان انتظار ۾ بيٺل هيا. اتي قومي قافلو بشير خان جي اڳواڻي ۾ 11.30 بجي ڌاري پهتو ته شاگردن استقبال ڪري هاسٽل جي ڪامن روم ۾ بشير خان ۽ سندس ساٿين کي وٺي هليا. سڄو هال شاگردن سان ڀرجي ويو. ياسر مهر هڪ شاگرد قومي قافلي کي آجياڻو ڏنو. صفدر تُنيو خطاب ڪري شاگردن سان درپيش مسئلن تي روشني وڌي. حنيف ساگر بڙدي شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيستائين شاگرد سنڌ جي محبت دل ۾ نه ٿو سمائي اوستائين اهو ڪيڏو به وڏو آفيسر ٿي وڃي پر اهو سنڌ لاءِ ڪارگر ٿي نه سگهندو. جيڪڏهن محبوب جو چاهه رکي زندگي گذاريو ٿا ته پوءِ سنڌ جهڙي محبوب کي ڇو ٿا وساريو. هاسٽل جي ڪمري ۾ بستري تي ليٽي جڏهن تنهائي ۾ پکي کي گهوريندي محبوب لاءِ ٿڌا ساهه ڀريو ٿا ته اتي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن تي به ٿورو سوچيو ۽ان جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو.
بشير خان قريشي شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته شاگرد سماج جو بيدار، سجاڳ، باخبر ۽ شعور رکندڙ حصو هوندا آهن، جيڪي پنهنجي قوم جي قسمت تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. دنيا جي جن ملڪن قومي آزادي ماڻي آهي يا ويندي جتي طبقاتي انقلاب ۽ آيو آهي اتي به شاگردن پنهنجي وطن جي آزادي ۽ طبقاتي اڻ برابري خلاف ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. غلام ملڪن جا شاگرد جڏهن پڙهڻ ٻاهرين ملڪن ويندا هئا ته کين احساس ٿيندو هو ته سندن ملڪ غلام آهي ته اتان گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ملڪ موٽي آزادي جي تحريڪن ۾ نمايان حصو وٺندا هئا. سڄي دنيا جي انقلابي تحريڪن کي پڙهي ڏسبو شاگردن جو ڪردار هر اول دستي طور نمايان نظر ايندو پوءِ اهو الجزائر جو قومي انقلاب هجي يا گني بسائو جو قومي انقلاب. انگولا کان وٺي ويٽنام تائين شاگردن جو قومي تحريڪن ۾ نه وسرندڙ ڪردار نظر ايندو، ريٽا ۽ چين جي انقلاب ۾ به شاگردن جو سگهارو ڪردار رهيو آهي. سنڌ ماضي ۾ اهڙن تمام گهڻن شاگردن کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي وطن جي آزادي ۾ مک ڪردار پئي ادا ڪيو آهي. ارغونن سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ٺٽي جي مدرسن جيڪي ان وقت يونيورسٽين جو درجو رکنديون هيون ۾ فارسي تعليم کي زوري لاڳو ڪيو هو ته ان وقت شاگردن فارسي پڙهڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي قطارون ٺهرائي انڪار ڪندڙ شاگردن جون زبانون ڪٽيون ويون. اهي شاگرد اهڙي ظلم جي باوجود به ڌاري ٻولي کي قبول نه ڪيو. هيمون ڪالاڻي، پرچو ودرياٿي انگريزن خلاف ويڙهه ۾ شاگردن جي ڀرپور نمائندگي ڪئي. ون يونٽ خلاف جدوجهد جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد، حيدربخش جتوئي، شيخ عبدالمجيد سنڌي جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ ڏاهن ماڻهن شروع ڪئي هئي پر ان تحريڪ کي وڌيڪ جلا ۽ قوت شاگردن بخشي هئي. 4 مارچ جو ڏهاڙو ان ڳالهه جو گواهه آهي. 1973ع جهڙو آئين جنهن ۾ هزارها سالا قومن جي وجود کان انڪار ٿيل آهي ته ان مهل نام نهاد قومي اسيمبلي ۾ رئيس عبدالحميد خان جتوئي، مير علي احمد ٽالپر، نواب خير بخش خان مري، عبدالحئي بلوچ انهي آئين تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته ٻي طرف سائين جي ايم سيد سان لاڳاپيل جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪارڪن اسماعيل وساڻ 1973ع جي آئين جي خالق عبدالحفيظ پيرزادي کي سنڌيونيورسٽي ۾ ٿڦ هڻي کيس ٻڌايو ته سنڌ جي غيرتمندن کي قومي وجود کان انڪاري آئين قبول ناهي. سنڌ جي هڪ نياڻي شيرين سومرو سان ميجر ڪفايت ڏاڍائي ڪئي ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن 2 آڪٽوبر تي سخت رد عمل ڏيکاريو هو ته ان پاداش ۾ ان وقت جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ان لاڳاپيل ٻن شاگردن علي حيدر شاهه ۽ قادر بخش جتوئي کي ڦاسي جون سزائون ملٽري ڪورٽ ٻڌايون هيون. جيئن قومي تحريڪ شاگردن جي ڀرپور ڪردار ڪري مضبوط ٿيندي وئي، تيئن رياستي مشنري ۽ ان جي دلال شاگرد ونگ قومپرست شاگردن خلاف رڻ ٻاري ڏنو. 1983ع ۾ مهراڻ ۽ سنڌ يونيورسٽي تي پوليس جي وڏن اٽالن آپريشن ڪري شهيد احسان ميمڻ کي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو ته ٻي سال يعني 1984ع ٺوڙهي ڦاٽڪ وٽ 17 آڪٽوبر جي ڏينهن ٻن بسن تي گوليون هلائي پنجن ڄڻن کي شيهد ڪري ڇڏيو جن ۾ شهيد امان الله وسطڙو، شهيد انور عباسي، شهيد عبدالمالڪ خشڪ، شهيد ذڪريا ميمڻ، ۽ شهيد مٺو بُليدي شامل هئا ۽ ان سان گڏ سوين شاگردن کي زخمي ڪري جيلن ۾ واڙي مسلسل 5 سالن تائين ٽارچر ڪيو ويو.
اڄ سنڌ جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ جيڪڏهن سائين جي ايم سيد جو پيغام پهتو آهي ته ان ۾ ڀرپور ڪردار شاگردن جو ئي آهي، هن مهل به شاگرد پنهنجي ڪورس جي تعليم سان گڏ قومي سوچ اختيار ڪري قومي ادب ۽ سائين جي ايم سيد جا ڪتاب پڙهي قومي جدوجهد ۾ کين ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. موجوده وقت ۾ سنڌ پنهنجي تاريخ جي سڄي دؤر ۾ انتهائي ڏکي دور مان گذري رهي آهي. جتي سندس قومي وجود خطري ۾ آهي، سندس شاندار ٻولي جي خاتمي جون سازشون ٿي رهيون آهن. سنڌ جا وسيلا پنجاب لاءِ ڪتب اچي رها آهن. پاڪستان جي نالي ۾ غلامي سنڌ کي بک، بدحالي، ۽ بيوسي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي. اڄ صورتحال اها آهي ته سنڌ جي مالڪي جي دعويٰ ڌاريا اچي ڪري رهيا آهن. دنيا جديد سائنس جي ترقي ڪري هڪ ڳوٺ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، اڄ جيڪو مصر جي تحرير اسڪوائر ۾ ٿئي ٿو ته پنجن سيڪنڊن ۾ اها خبر TV يا انرنيٽ وسيلي سڄي دنيا کي پئجيو وڃي. ان ڪري ضروري آهي ته سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ اسان سنڌي سائين جي ايم سيد جي پروگرام ۽ ڳاڙهي جهنڊي هيٺ 23 مارچ تي گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون. جنهن مان سنڌ جي ڇوٽڪاري ۽ آزادي جي اميد پيدا ٿي پوندي، اسان کي يقين آهي ته سنڌ جا غيرتمند شاگرد ان جدوجهد ۽ سڏ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. بشير خان جي تقرير کانپوءِ هڪ ڪمري ۾ چانهه پيئڻ دوران سوين شاگردن بشير خان سان فوٽا ڪڍرايا. رات 2 وڳي آرام ڪرڻ لاءِ پياري عبدالنبي جمالي جي جڳهه تي آرام ڪرڻ لاءِ روانا ٿياسين.
28 فيبروري 2012ع: صبح جو تيار ٿي اخبارن جو مطالعو ۽ انهن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري 1 فيبروري کان وٺي اڄ تائين ٿيل دوري جو جائزو ورتو ويو. ڪن دوستن جي راءِ هئي ته خيرپور ضلعو مجموعي طور تي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري ته ڪن دوستن جو وري اهو رايو هو ته محبوب ابڙي جو ضلعو نوشهروفيروز بهتر رهيو. بهرحال انفرادي طرح ڪنهن هڪ شهر جي حوالي سان ان تي مُتفق ٿياسين ته هيستائين ٿيل دوري ۾ سڪرنڊ بهتر رهيو. نوابشاهه شهر ۾ اسٽيشن روڊ تي جلسي جو بندوبست هيو. قومي قافلو اوڏانهن روانو ٿيو. پراڻي ناڪي وٽ بيٺل سوين ڪارڪن هٿ ۾ قومي جهنڊا کڻي استقبال لاءِ بيٺل هيا. نئين ناڪي وٽ پهچندي بشير خان قريشي به پنڌ هلندڙن سان گڏجي جلسي گاهه طرف پنڌ هلڻ لڳو. ريگل چؤڪ تي قومي جهنڊو ڪهاڙي وارو ڦڙڪايو ويو، چڪرا چوڪ تي پهتاسين اتي جلسي جو انتظام ٿيل هو اڄ وري اوچتو اُس اونهاري جيان وٺڻ لڳي هئي اُن هوندي به سوين ماڻهو جلسي گاهه ۾ ۽ ان جي ٻنهي پاسن کان بيٺل هيا. مسعود خاصخيلي ڪمپيئرنگ ڪندي دوستن کي تقريرن لاءِ سڏائيندو پئي ويو. صادق لاکو، شعبان ماٽي، علي رضا خاصخيلي، انور چانڊيو، ساگر حنيف بڙدي، ڪيهر انصاري، فقير امداد منگي ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي تقريرن کانپوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪري جلسي ۾ شريڪ ماڻهن کي ٻڌايو ته مذهب جي بنياد تي قومون نه ٿينديون آهن، سنڌي هڪ جدا قوم آهي. جيڪي سدائين پنهنجي وطن جي آزادي لاءِ سِرگهورڻ کي پنهنجو شان سمجهندا آهن. سنڌ جي آزادي نه فقط سنڌين لاءِ پر سڄي انسانذات لاءِ ڇوٽڪارو، امن، اتحاد ۽ ترقي جو سبب بڻبي. پ پ سنڌ جي نالي ۾ سدائين سنڌ دشمني جا ڪم پئي ڪيا آهن. سنڌ جا ماڻهو هاڻي ووٽ ذريعي پنهنجو پاڻ کي غلام رکڻ واري روش ترڪ ڪري پنهنجي وطن سنڌ جي آزاديءَ جي گُهر ڪن. ان لاءِ اسان سائين جي ايم سيد جي پوئلڳن ۽ جسقم جي ڪارڪنن اهو فيصلو ڪيو آهي ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ جي آزاديءَ جي گُهر ڪريون، جنهن جي دعوت اوهان کي ڏيڻ آيا آهيون. اُتي بيٺل هزارين ماڻهن هٿ مٿي کڻي 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جو واعدو ڪيو. جلسي کانپوءِ تاج ڪالوني وٽ قومي جهنڊو ڦڙڪائي پُراڻي قومي ڪارڪن ۽ موجوده وقت جي بيباڪ صحافي فدا چانڊيو وٽ چانهه پيئڻ کانپوءِ قومي قافلو ڄام صاحب روانو ٿيو. قومي قافلي جو بيگناهه موري وٽ استقبال ٿيو. قومي قافلو جيئن اڳتي وڌندي ڄام صاحب ڀرسان پهتو ته سوين ماڻهن بشير خان قريشي جو استقبال ڪيو. ڄام صاحب بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڄام سخي ڏاتار حقيقت ۾ راجا ڏاهر آهي. ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ ڄام سخي ڏاتار بابت لکيو آهي ته واسڻي ڀِٽ جي اوڀر ۾ راجا ڏاهر دفن ٿيل آهي. اڄ به ڄام ڏاتار جو مقبرو واسڻي ڀِٽ جي اوڀر ۾ آهي. ٻيون به ڪي ڳالهيون ڄام صاحب بابت مشهور آهن ته ڄام سخي ڏاتار قبرستان ۾ ڪورائي ذات جي ماڻهن کي دفن ڪبو آهي ته اهو لاش ڌرتي اڇلي ڇڏيندي آهي ۽ ٻيو اهو ته شهر ۾ هڪ ماڙ کان وڌيڪ ماڙيون ٺاهبيون آهن ته اهي ڊهي پونديون آهن. جنهن جا ڪيئي مثال شهر ۾ رهندڙ ماڻهو ٻڌائين ٿا. MCB بئنڪ وٽ جلسي لاءِ اسٽيج گاهه ٺاهيل هئي. اسٽيج تي ويهڻ ۽ اجرڪن اوڍائڻ جي رسم کانپوءِ حنيف ساگر ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي خطاب کانپوءِ بشير خان خطاب ڪندي بيٺل ماڻهن کي 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني.
جلسي کانپوءِ قومي قافلو بشير خان جي اڳواڻي ۾ مٺي طرف روانو ٿيو ڇاڪاڻ ته اتي بشير خان جي نهايت پياري دوست ارباب احسان الله ٿر جي ڪوئلي تي ٿرواسين يا مقامي ماڻهن جي مالڪي ۽ روزگار جي حوالي سان 27 تاريخ کان 3 ڏينهن جو مارچ اسلام ڪوٽ کان مٺي تائين شروع ڪيو هو. جيڪو 29 تاريخ مٺي پهچڻو هو ۽ ارباب احسان سان بشير خان واعدو ڪيو هو ته سندس مارچ ۾ آخري ڏينهن تي ضرور شريڪ ٿينداسين. ڄام صاحب کان شاهپور چاڪر جو رستو ورتوسين. شاهپور چاڪر پهچي سندس گهٽين مان هلندي جڏهن سانگهڙ طرف هلڻ شروع ڪيوسين ته واٽ تي اوچتو ڏٺوسين ته 20-25 ماڻهو روڊ تي قومي جهندو کڻي بيٺا هئا، گاڏين مان لهي بشير خان سميت اسان سڀ ساڻن ملياسين ۽ کانئن پڇيوسين ته اوهان کي ڪنهن ٻڌايو ته اسين هتان گُذر ڪنداسين جنهن تي هنن ٻڌايو ته شاهپور چاڪر مان توهان کي ڪنهن ڏٺو هو جنهن کين فون تي ٻڌايو ته بشير خان وارا شايد سانگهڙ وڃن ٿا اهو ٻڌي ڳوٺ کان نڪري اچي روڊ تي بيٺاسين ته اوهان سان ملجي. بشير خان قريشي پنهنجي ساٿين سميت انهن سان سڪ سان مليو ۽ پوءِ کانئن موڪلائي اڳتي روانا ٿياسين ان ڳوٺ جو نالو نور احمد شر هو.
سانگهڙ ضلعي ۾ ڪنڊياري وٽ هڪ تازو حادثو ٿيو هو جنهن ۾ مينگهواڙ برادري جا ننڍا وڏا 9 ڄڻا مٺڙائو ۾ چنگچي جي ڪلٽي ٿيڻ سبب مري ويا هئا، تن سان ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ انهن وٽ وياسين. بشير خان جيڪا ڌڻيءَ جي مرضي ڪرڻ کانپوءِ کين حال احوال وٺندي ۽ ڏيندي وراڻيو ته سانگهڙ ضلعي مان ٻوٻي آل فيلڊ ۽ سنجهورو مان OGDCL ذريعي اربين روپين جو تيل ٿو نڪري پر پوءِ به هتان جون حڪومتون واهن تي پُليون نه تعمير ڪن جن ذريعي ماڻهن جي اچ وڃ آساني سان ٿي سگهي. اتي بلاول پرهياڙ نالي ٽوٻو مليو جنهن ٻڌايو ته هن، ڪئنال مان اڄ تائين 150 ماڻهن کي ڪڍيو آهي. مينگهواڙن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪلوئي ذات سان لاڳاپيل ماڻهو پنهنجي خرچ پکي تي ٻڏل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ سرگرم آهن. ڇا سنڌ ۾ مذهبي رواداري جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو مثال ٿي سگهي ٿو. ميرپور خاص پهچي جرواري وٽ بشير خان ساٿين کان پڇيو ته جليبيون کائيندؤ ته سڀني دوستن وهه واهه ڪئي. اتان جليبيون گرم ڪرائي وٺي کائيندا هلياسين. جهڏو وٽ سائين عابد شاهه پڻ سفر ۾ شريڪ ٿيو. رات 2 وڳي مٺي پهتاسين. ماني وغيره کائي ارباب احسان جي بنگلي تي سمهي پياسين ته جيئن صبح جو ارباب احسان سان گڏ پنڌ ڪري سگهجي.
29 فيبروري 2012ع: اڄ فيبروري جي 29 تاريخ آهي. اها تاريخ هر چوٿين سال بعد ايندي آهي. هونئن فيبروري مهينو 28 ڏينهن جو هوندو آهي، وسوسن ۽ وهمي دنيا ۾ رهجي ته پوءِ ان مطابق هي سال ڳورو ثابت ٿيندو يا ٻيو ڪجهه. اهو سوچي رهيو هيس صبح سان تيار ٿيندي مهل. تياري وٺي اسلام ڪوٽ کان مٺي طرف ايندڙ رستي ڏانهن قومي قافلو نڪري پيو. ڊسمبر جي آخر ڌاري جڏهن اشتياق انصاري جي ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ڀاڱو ٻيو نالي ڪتاب جي مهورت رني ڪوٽ ۾ ٿي هئي. جتي بشير خان ۽ اسان جي سنگت، بابو درس، شهزاد جوڻيجو، ۽ ٻيا دوست هئاسين. اتي ئي رني ڪوٽ جي ديوار وٽ علي محمد شاهه لڪياري ۽ ٻن شاعر دوستن، بخشل باغي ۽ ستار سُندر سان به ملاقات ٿي. اتي ارباب احسان کي رني ڪوٽ اندر ميري ڪوٽ گهمندي بشير خان کيس چيو هو ته توهان سان پنڌ ۾ ضرور گڏباسين. ان ڳالهه کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ارباب احسان جي اڳواڻي ۾ پيادل قافلي سان ڪجهه ميل پنڌ ڪرڻ لاءِ قومي قافلو نڪري پيو هو. مالڻهور جي نالي چيو ويندو آهي ته اها ٺاڪر عورت هئي. جيڪا کوهه تي ويهي ايندڙ ويندڙ مسافرن کي پاڻ پاڻي پياريندي هئي ۽ نهايت سخي عورت هئي. اتان اهو قافلو مٺي طرف روانو ٿيو. بشير خان قريشي، ارباب احسان ۽ ٻيا ڪيترائي مقامي وڏيرا ۽ ترقي پسند پارٽي جو نند لعل مالهي، عوامي تحريڪ جو وسند ٿري، سرفراز ميمڻ، فقير امداد، حنيف ساگر، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ قومي قافلي ۾ شريڪ ٻيا دوست ان پنڌ ۾ گڏ هئاسين لانگ مارچ مالڻهور وڃڻ لاءِ 12 وڳي روانو ٿيو. واٽ تي جمن دربدر گيت ٻڌائيندو هليو. امان الله جهنجهي شاعري ٻڌائيندو هليو. حنيف ساگر اهڙي گهڙي ڪٿي تو چپ ڪري ويهي. اهو شاهه جا بيت ۽ وايون ٻڌائيندو هليو. آئون پنهنجن خيالن ۾ گم قافلي اڳيان سرفراز ميمڻ سان پنڌ ڪندو هلندو رهيس ۽ دنيا جا مشهور لانگ مارچ ذهن آڏو ڦرڻ لڳا. مهاتما گانڌي لوڻ جي ٽيڪس جي مسئلي تي هندستان ۾ مارچ شروع ڪيو هو جيڪو مڪمل عدم تشدد تي ڪاربند رهندي 79 ماڻهن سان شروع ٿيو ۽ سمنڊ تائين پهچندي لکن ۾ تبديل ٿي ويو هو. مائوزيتنگ 2 لک 70 هزار ماڻهن سان چين ۾ مارچ ڪيو هو، جنهن ۾ سندس 2 لکن کان وڌيڪ ڪامريڊ مارجي ويا هئا ۽ باقي ڪجهه هزارن ۾ سندس مارچ ختم ٿيو هو. بشير خان قريشي جي اڳواڻي ۾ 18 مارچ 2007ع ۾ پيغام سنڌ مارچ سکر مان هيمون ڪالاڻي کي ڏنل ڦاهي واري هنڌ تي گلن جي ورکا ڪرڻ کانپوءِ شروع ٿيل سوَن جي تعداد ۾ هيو ۽ ڏسندي ڏسندي 26 ڏينهن ۾ سکر کان ڪراچي تائين روڊ رستا شهر ۽ واهڻ ڳاڙهن جهنڊن سان سينگارجي ويا ۽ وڻ ٽڻ پڻ اها ئي وائي پيا وات ڪن ته تنهنجو رهبر منهنجو سائين جي ايم سيد سائين جي ايم سيد تنهنجو ديش منهنجو ديش سنڌوديش، سنڌوديش. ۽ جڏهن اهو قافلو آخري ڏينهن جوڳي موڙ کان جيڪو لڳ ڀڳ لانڍي جيل ڀرسان آهي جيڪو گلشن حديد کان ٿيندو شاهراهه فيصل وارو رستو آهي نڪري پريس ڪلب ڪراچي طرف وڌڻ لڳو هو ته ڪراچي جي ماڻهن شايد پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪهاڙي وارا ڳاڙها جهنڊا هٿ ۾ کڻي ايڏي رش ڏٺي هجي سڄو شاهراهه فيصل 20 ميلن تائين ڳاڙهن جهنڊن ۽ سنڌي ٽوپي پاتل مٿن سان ڀريل هو. جنهن جي اڳواڻ بشير خان قريشي ڪري رهيو هو اوچتو خيالن جو سلسلو ٽٽو. جڏهن بشير خان ڪلهي کان ڌُونڌاڙي چيو ته هلندي هلندي ڪهڙن خيالن ۾ گم لڳو پيو آهين ائين چئي زور سان ڀاڪر پاتائين. اڳيان ترقي پسند وارن جي ڪئمپ لڳل هئي. جتي پيادل قافلي لاءِ پاڻي ۽ جوس جو بندوبست ٿيل هو. جوس، پاڻي وغيره پيئڻ کانپوءِ اهو قافلو مٺي شهر طرف پيادل هلڻ شروع ٿيو. ڪشمير چؤڪ تي پهچي اتي ڌرڻو هنيو ويو. ڪشمير چوڪ کي اڄڪلهه ارباب احسان صاحب بشير خان چوڪ نالي ياد ڪندو آهي. ٽيڪسي اسٽينڊ تي جلسي جو بندوبست ٿيل هو جتي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو ويٺل ۽ بيٺل هيا جتي مختلف پارٽين جي اڳواڻن ۽ ارباب خاندان سان لاڳاپيل فردن تقريرون ڪيون. ارباب احسان تقرير ڪندي لانگ مارچ جو مقصد ٻڌايو ته ڪوئلو ٿر ۾ نڪتو آهي پر هتي زيادتي جي حد اها آهي ته ٿر جا بورچي ڪراچي کان وٺي ويندي (ڀوڳ واري انداز ۾) ارباب احسان وراڻيو ته آمريڪا جي صدر وٽ به ٿري بورچي آهي. پر هتي ڪوئلي واري هنڌ آفيس ۾ بورچي به پنجاب کان گهرايو ويو آهي، ان زيادتي ۽ ڏاڍ خلاف اسان ٿري نڪري پيا آهيون جنهن ۾ جيڪي به سياسي پارٽيون شريڪ ٿيون آهن تن جا ٿورائتا آهيون. خاص ڪري بشير خان قريشي جا، جيڪو پنهنجي ساٿين سميت نوابشاهه کان رات پيٽ ۾ مٺي پهچي اسان سان شريڪ ٿيو آهي. بشير خان قريشي تقرير ڪندي چيو ته سنڌ جو ڪوئلو 185 ارب ٽن آهي جتان بجلي پيدا ڪرڻ جي صورت ۾ سڄي ڏکڻ ايشيا کي هڪ هزار سال تائين بجلي مهيا ڪري سگهجي ٿي. سڄي سنڌ جي بجيٽ 6 سؤ ارب جي لڳ ڀڳ آهي. ٿر جي ڪوئلي مان ملندڙ آمدني مان 1600 سؤ سالن تائين سنڌ جي بجيٽ ٺاهي سگهجي ٿي ۽ جيڪڏهن سنڌ جي آدمشماري 6 ڪروڙ ٻڌائجي ته ان ڪوئلي جي ڪمائي مان سنڌ جي هر هڪ ماڻهو کي هڪ ڪروڙ 25 لک روپيه اچي سگهن ٿا. سنڌ جو ايڏو وڏو خزانو پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب حوالي ٿيل آهي ۽ سنڌي اتي بي اختيار نوڪرين لاءِ پريشان آهن ان ڪري ئي اسين سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته سنڌ ۽ سنڌين جي نجات پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي ۾ ئي آهي. باقي سڀ طريقا آزمائي چڪا آهيون ۽ ان ۾ هاڻي ٿڪا آهيون اچو ته اوهان سڀني کي 23 مارچ جي دعوت ٿو ڏيان جتي ڪراچي ۾ گڏجي سنڌ وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون. جلسي کان پوءِ لڪشمي اسپتال ڀرسان ماني جو بندوبست هيو جتي برياني کائي، اسان ڀٽ گڊي گهمڻ وياسين گڊ ٿري ٻولي ۾ قلعي کي چئبو آهي، گڊي معنيٰ ڪوٽ يا ننڍو قلعو. ڀٽ گڊي هڪ نهايت اوچي واري جي ڀٽ تي ٺاهيو ويو هو جتي مٿي چڙهڻ کانپوءِ آسپاس جو نظارو نظر ايندو آهي، مٺي شهر جو وڻندڙ نظارو، آس پاس واري جون اوچون ڀٽون ۽ رات جو مٺي شهر جون ٻرندڙ بتيون انتهائي دلفريب ۽ دلڪش نظارو هيو، انهن نظارن مان لطف اندوز ٿي سنڌ تي قدرت جون مهربانيون ساراهيندي موٽي اچي ارباب احسان جي جڳهه تي پهتاسين. ارباب صاحب رات جو راڳ رنگ جو بندوبست پڻ ڪيو هو، راڳ رنگ ٻڌي محفل ختم ڪري سمهي پياسين.
01 مارچ 2012ع: صبح جو تيار ٿي جميل ڌونڪائي جيڪو عمرڪوٽ ضلعي جو صدر پڻ آهي، سان گڏجي عمرڪوٽ، چيلهار واري رستي کان روانا ٿياسين. عمرڪوٽ شهر ٻاهران سومرن جي ڳوٺ وٽ بيٺل سوين ماڻهن قومي قافلي جو استقبال ڪيو. ان کانپوءِ قومي راڳي جمن دربدر جنهن جي سٽ ”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو“. سائين جي ايم سيد ٻڌي اکين مان لڙڪ هاري ويهندو هو، جي مامي جي وفات تي عذر خواهي ڪئي سين. جتي راڳي فنڪار شفيع فقير پڻ ويٺل هو. عذر خواهي ڪري لال مالهي جي اوطاق تي ڪچهري ڪري ماني کاڌي سين جنهن نهايت ئي سڪ ۽ قرب مان سبزين جا مختلف قسم پچرايا هئا ۽ ان سان گڏوگڏ گوشت جا پڻ مقرر ۽ لذيذ ڊش تيار ڪرايا هئا. مور کوسو ۽ نور کوسو سان سندس ڀاءُ جي وفات تي عذر خواهي ڪري جسقم عمر ڪوٽ ضلعي جي ڪانگريس جو اجلاس ڪيو ويو. جنهن ۾ پارٽي معاملن بابت فيصلا ڪري 23 مارچ جي تيارين بابت سڄي عمرڪوٽ ضلعي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي حڪمت عملي ٺاهڻ لاءِ پابند ڪيو ويو. اعجاز پلي جي وفات تي سندس عزيزن سان عذر خواهي کانپوءِ صوفي صادق ۾ صوفي عبدالعلي سان ڪچهري ڪئي وئي، جتي نواز بنگلاڻي پڻ موجود هيو. نواز بنگلاڻي شهيد رضا محمد بنگلاڻي جو ڀاءُ آهي، شهيد رضا محمد کي 1986ع ۾ ميرپورخاص ۾ پنجاپين شهيد ڪيو هو. ان جي بدلي ۾ ميرپورخاص ۾ پنجابين جي مک اڳواڻ ميرزمان کي بشير خان پنهنجن ساٿين فيض جکرو، امداد جکرو، منير شاهه، شهيد محمود سلطان چانڊيو، نواب لغاري، دودو کٽياڻ وارن سان گڏجي ماري پلئه ڪيو هو. ان وقت حڪومتي ڪارندن فيض جکري کي گرفتار ڪرڻ لاءِ فيض جکري جي ڀاڄاين ۽ ڀينرن کي گرفتار ڪيو هو، جنهن تي سائين جي ايم سيد، سائين امداد محمد شاهه کي حڪم ڪيو هو ته جيئن ته هو سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبر آهي، اتي اسيمبلي ۾ ان عورتن جي گرفتاري تي احتجاج ڪري. سائين امداد محمد شاهه تازو باءِ پاس آپريشن ڪرائي آيو هو. ان جي باوجود به سائين امداد شاهه اسيمبلي جي ڏاڪڻين تي بک هڙتال تي ويٺو هو ۽ پوءِ غوث علي شاهه جيڪو ان وقت سنڌ جو وزيراعليٰ هو ان گرفتارين تي نوٽيس ورتو هو.
بشير خان صوفي عبدالعلي کي عرض ڪيو ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ سنڌ گُهري ٿي آزادي لاءِ بسون کپن ۽ اهي به ماڻهن سان ڀريل کپن، صوفي صاحب کلي بشير خان کي ٻانهون ٻڌي چيو ته حاضر سائين ائين ڪبو. صوفي صاحب بشير خان جو ذاتي دوست آهي ۽ بشير خان ۾ اها پڻ خاصيت آهي ته هو ذاتي دوستن کان به قومي ڪم ۾ ڪمال مهارت سان مدد وٺي ويندو آهي ۽ سندس ذاتي دوست به دل کولي مدد ڪندا اٿس. صوفي فقير کان پوءِ ميرپورخاص ۾ سيد حيات شاهه وٽ مچ ڪچهري جو بندوبست ٿيل هو جيڪو ذيشان لغاري ارينج ڪيو هو. جتي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو خاصو تعداد موجود هيو. مختلف مسئلن تي هنن بشير خان سان سوال جواب ڪيا. ان ڪچهري کانپوءِ ماني کائي اتي ئي اوطاق تي سمهي يپاسين.
2 مارچ 2012ع: صبح جو تيار ٿي اخبارن جو مطالعو ڪري قومي قافلو اڄوڪي دوري لاءِ نڪري پيو. ميرپور خاص ۾ هندو پئنچائت طرفان پئنچائت هال ۾ گڏجاڻي رکيل هئي، جتي لڇمڻ داس هندو پئنچائت جي صدر استقباليه ڏيندي ٻڌايو ته گذريل مهينن کان هندو برادري سان تمام گهڻيون ناجائزيون ۽ ظلم ٿي رهيا آهن، جنهن ۾ اغوا کان وٺي ڦُرلٽ تائين جون وارداتون شامل آهن. ان ڏاڍ مڙسين کان تنگ ٿي گهڻا هندو سنڌ مان لڏيندا ٿا وڃن. لڇمڻ داس وڌيڪ چيو ته اسان وٽ ڪوئي به حڪومت جو ڪارندو ۽ پ پ اڳواڻ لڙي ڪونه آيو آهي. سواءِ جسقم اڳواڻن جي. لڇمڻ داس وڌيڪ چيو ته آئون بشيرخان ۽ سندس ساٿين جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جيڪي حال آهر اسان جي پرگهور لهن ٿا. بشير خان خطاب ڪندي چيو ته اسان سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ هندن کي اقليت نه ٿا سمجهون. پر هو سنڌ ۽ سنڌي قوم جو اڻٽٽ حصو آهن ۽ انهن جو به سنڌ تي اوتروئي حق آهي، جيترو ٻين مذهبن جي مڃڻ وارن سنڌين جو. بشير خان کين وڌيڪ چيو ته ڊڄي ڀڄي وڃڻ جي ڪا ضرورت نه آهي. پنجاب اهڙي حڪمت عملي ٺاهي آهي، جو سنڌ جا وارث اصل مسئلي يعني قومي غلامي طرف سوچن ئي نه، فقط پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيا يعني وڙهيا پيا هجن. قبائلي جهيڙن کي نه فقط روڪڻ، پر انهن کي وڌائڻ ويجهائڻ ۾ حڪومتي ۽ ان جي ايجنسين جو ڪردار آهي، اهڙي ئي طريقي سان هندو برادري کي ڊپ ۾ مُبتلا ڪري کين سجاڳ، بيدار ۽ خوش برادري هئڻ جي باوجود ۽ قومي تحريڪ بابت سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت کان پري رکيو آهي ته جيئن قبيلائي جهيڙن ڪري سنڌي ڇڙوڇڙ ۽ پنهنجي ڄُنڊاپٽ ۾ مُبتلا هوندا ۽ هڪ ٿي وڌي ڪري پنجاب سان نه وڙهي سگهندا. ته ٻي طرف هندن جي ڀَوَ، ڊڄ ڪري اهي قومي تحريڪ کي نوان لاڙا ۽ مدد نه ڪري سگهندا. ان ڪري آئون هندو دوستن کي اپيل ٿو ڪيان ته ڊڄڻ ڇڏي ڏيو ۽ سنڌ جيڪا اسان جي جيجل ماءُ آهي، انکي ڇڏي نه وڃو. پر پنهنجي وطن سنڌ، سان محبت جو جذبو مضبوط ڪري پنهنجي ۽ ٻين سنڌين جي مستقبل کي بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان ذريعي ئي اسان سنڌ جي آزادي حاصل ڪري پنهنجو پاڻ کي بچائي سگهون ٿا.
هندو پئنچائت سان ڪچهري کان پوءِ ارجن داس سان سندس مامي ۽ والد جي وفات تي عذرخواهي ڪئي سين. قومي قافلو ڪوٽ غلام محمد ڀرڳڙي طرف رُخ رکيو. مکڻ سمون ۾ وچ روڊ تي بيٺل سوين ماڻهن قومي قافلي جي آجيان ڪئي، اجرڪ پارايا ۽ بشير خان کي ٽوپي پارائي وئي. ميرواهه گورچاڻي واري لاڙي وٽ سوين بيٺل ماڻهو جيڪي اسڪوٽرن ۽ ڪارن تي هئا، استقبال ڪري قومي قافلي ۾ شريڪ ٿيا. ڪوٽ غلام محمد ويندي ڏهون ميل ۾ قومي ڪارڪن ۽ اسان جي ساٿي نجف لغاري ۽ امر سنڌو جي والد صاحب قومي قافلي کي روڪي اجرڪ پارايا. هڪ تلقين ڪئي ته پرائمري تعليم تي تمام گهڻو ڌيان ڏيو ۽ ٻيو ته ڪارڪن تمام گهڻا پيدا ڪيو ۽ انهن کي پابند ڪيو ته هو اخلاق بهتر رکن. چاچي کان موڪلائي اڳتي وڌياسين ته روڊ تي ٺهيل ٻنهي پاسن کان دڪانن مان ماڻهو ٻاهر نڪري آيا ۽ بشير خان ۽ قومي قافلي کي هٿ لوڏي حمايت جو يقين ڏياريندا رهيا. لانڍيون وٽ پهتاسين ته سوين ماڻهو گهرن ۽ دڪانن کان ٻاهر نڪري قطارون ٺاهي قومي قافلي جي آجيان ڪرڻ لڳا. قومي قافلو جيئن جيئن ڪوٽ غلام محمد طرف وڌڻ لڳو تيئن تيئن اهو قومي قافلو وڌندو رهيو. ڪوٽ غلام محمد ڀُرڳڙي شهر ٻاهران پڻ سوين ماڻهن کي استقبال لاءِ بيٺل ڏٺوسين. ڪوٽ غلام محمد جو اڳي جيمس آباد نالو هو. غلام محمد ڀُرڳڙي سنڌ جو پهريون پڙهيل، ڳڙهيل بئريسٽر ۽ بمبئي اسيمبلي جو ميمبر هو. هُو قومپرست خيال رکندڙ شخص هو. سائين جي ايم سيد غلام محمد ڀُرڳڙي کي قومپرست سياست ۾ استاد ڪري سڏيندو هو. غلام محمد ڀُرڳڙي جو پٽ غلام مصطفيٰ ڀُرڳڙي، سائين جي ايم سيد سان هر وقت گڏ هوندو هو. غلام مصطفيٰ ڀُرڳڙي ون يونٽ خلاف ووٽ پڻ استعمال ڪيو هو. غلام مصطفيٰ ڀُرڳڙي جي هڪ مشهور چوڻي سائين جي ايم سيد ٻڌائيندو هو ته پاڪستان جو هر ايندڙ حڪمران، ويندڙ حڪمران کان وڌيڪ ڪرپٽ ۽ وڌيڪ خراب هوندو. جلسي گاهه ۾ بشير خان هميشه جيان شهر مان پيادل پنڌ ڪندي جلسي گاهه پهتو. جتي جلسي جي شروعات ڪندي نديم ڀُرڳڙي آجياڻو ڏنو. جميل ڌونڪائي، ذيشان لغاري، نجف لغاري، ساگر حنيف بڙدي ۽ مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقرير کانپوءِ بشير خان تقرير ڪندي چيو ته سنڌ، پاڪستان جي غلامي ڪري اڄ چئن پاسن کان گهيري هيٺ آيل آهي. ووٽ وٺي نام نهاد سنڌ جا نمائنده سنڌين لاءِ ڦاهي جا ڦندا ثابت ٿيا آهن، اهي ڪرپٽ حڪمران اها پروپيگنڊا ٿا ڪن ته قومپرست عوام کي ورغلائين ٿا. ڀائرو! اوهان ٻڌايو حڪمران سمجهن ٿا ته هو ڀلي من مستيون ڪن. ڦرلٽ ڪن، سنڌ وڪڻن، سنڌ پنجاب حوالي ڪن پر اسان کين ڪجهه نه چئون. وات ۾ مڱ وجهي موڳا، گونگا لڳا چُپ ڪري ويٺا هجون، پر سنڌ واسيو! ائين ممڪن ناهي. هاڻي ظلم، زيادتيون ان انتها تي پهچي چڪيون آهن، جو هاڻي وطن جي آزادي جي گُهر ڪرڻ کانسواءِ ٻي بچاءَ جي واٽ ئي نه رهي آهي. ان ڪري 23 مارچ تي ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي وطن سنڌ جي آزادي لاءِ پُرامن طور جدوجهد جو آغاز ڪري سنڌ جا وارث، مالڪ بڻجي آزاد سنڌو ديش حاصل ڪريون. جلسي کانپوءِ حاجي نوشاد ڀُرڳڙي کي 23 مارچ جي دعوت ڏيئي بشير خان کين چيو ته هو نه فقط پاڻ دعوت قبول ڪري پر ان سلسلي ۾ مدد پڻ ڪري. حاجي نوشاد ورندي ڏيندي وراڻيو ته هڪ بس جو بندوبست ڪري دوستن کي ڏيندس.
قومي قافلي تنهن کانپوءِ ٽنڊو جان محمد طرف رخ رکيو. جتي ڳوٺ خداداد ۾ تمام سٺو ۽ عاليشان جلسو ٿيو. جتي سوين ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا. اتي سارنگ آجياڻو ڏنو. عبدالشڪور ابڙينگ، صابر علي ملڪاڻي، صفدر تنيو، حنيف ساگر ۽ بشير خان خطاب ڪري 23 مارچ جي ماڻهن کي دعوت ڏني.
مسلسل اوجاڳن ۽ موسم جي ڦيرگهير، پاڻي جي مٽ سٽ ۽ کاڌن سبب بشير خان ۽ فقير امداد منگي جي طبيعت خراب ٿي پئي هئي. پر پوءِ به بشير خان هر جلسي ۾ نه فقط شريڪ هوندو هو، پر لازمي طرح تقرير ڪري ماڻهن کي پنهنجي پارٽي پروگرام کان واقف ڪري 23 مارچ جي دعوت پڻ ڏيندو هو. رات ڏهين وڳي ٽنڊي جان محمد لڳ ڳوٺ خداداد ۾ جلسو ختم ٿيو. حيدرآباد ۾ قمر مهر، زين مهر، عمران مهر جي ڀيڻ جي شادي رٿيل هئي. جنهن ۾ پڻ شريڪ ٿيڻو هو. اهي ٽئي ڀائر 36-37 سالن کان وٺي جيئي سنڌ ٻارڙا سنگت ۾ نهايت چست ڪردار ادا ڪندا پئي آيا آهن ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪر سان مسلسل لاڳاپيل رهيا آهن، رات 1 بجي ڌاري حيدرآباد ۾ ڄامشورو روڊ تي شادي هال ۾ بشير خان سميت پهتاسين. مهر برادري وڏي چاهه سان بشير خان سان مليا ۽ پوءِ کيس ليڊيز هال ۾ به وٺي ويا جتي بشير خان اتي ادي ڪنوار کي مبارڪ ڏني. پوءِ سڀني گڏجي ماني کائي آرام ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي جڳهه تي پهتاسين ۽ اتي آرام ڪري وري صبح جو تيار ٿي نڪرڻو هيو.
3 مارچ 2012ع: روزاني جيان صبح جو معاملن کان فارغ ٿي ٽنڊي الهيار ضلعي طرف قومي قافلو روانو ٿيو. قُبي اسٽاپ وٽ نادرشاهه، رفيق شاهه سميت سوين ڪارڪن استقبال لاءِ تيار بيٺا هئا. استقبال کانپوءِ ٽنڊي الهيار شهر مان ٿيندي پريس ڪلب ٻاهران رٿيل ڪارنر گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿياسين. نادرشاهه آجياڻو ڏنو. شهمير قومي گيت ٻڌايا. آصف بالادي تقرير ڪندي چيو ته جيئن چوڻي آهي ته All roads are going to rome تيئن 23 مارچ تي سڀني روڊن، رستن جو رُخ ڪراچي ڏانهن هوندو. آڪاش ملاح ۽ مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقرير کان پوءِ بشير خان تقرير ڪندي چيو ته هي اسان جو قومي قافلو سڄي سنڌ کي سجاڳ ڪندي. آگاهه ڪندي ڄاڻ ڏيندو پيو اچي ته پاڪستان پنجابين کي انگريزن پهرين ۽ ٻي مهاڀاري واري لڙائي ۾ خدمتن جي عيوض تحفي طور ڏنو هو، جنهن جي گواهي پاڪستان جي هڪ وزيراعظم فيروزخان نون (چشم ديد) نالي ڪتاب ۾ لکندي ڄاڻايو آهي ته ڇا جي مسلم ليگ؟ ڇا جي آزادي جي تحريڪ. پاڪستان پنجابين کي انگريزن ٻن مهاڀاري لڙائين ۾ خدمت جي عيوض طور ڏنو آهي ته جيئن پنجابي هن سڄي خطي ۾ انگريزن جو نمائندو ٿي راڄ ڪري. سو سنڌ کي پاڪستان ڪري سنڌي ٻولي کي ثانوي حيثيت ملي آهي ۽ قومي تشخص خطري ۾ آهي ۽ اقتصادي وسيلن جي ڦرلٽ ٿي آهي. 65 سال ڦُرلٽ ۽ ظلم سنڌين برداشت ڪيا آهن، هاڻي بک، بدحاليءَ سنڌ جي ماڻهن کي پاڪستان کان بيزار ڪري وڌو آهي ۽ سنڌ وطن جي آزادي لاءِ گُهر ڪرڻ ضرورت بنجي حقيقت جو روپ ڌارڻ لاءِ بيچين نظر ٿي اچي. ان لاءِ اسان سڀني سنڌين کي 23 مارچ تي لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن جي آزادي جي گهر ڪنداسين، تنهن تي جلسي ۾ ويٺل ماڻهن هٿ مٿي کڻي ڪراچي پهچڻ جو واعدو ڪيو. قومي قافلو جلسي کان پوءِ عثمان شاهه جي هُڙي طرف روانو ٿيو، شهر ٻاهران بيٺل ماڻهن استقبال ڪيو. تنهن کان پوءِ جلسي گاهه ۾ پهتاسين. اجرڪن اوڍائڻ جي رسم کانپوءِ ڊاڪٽر K-B ٽالپر آجياڻو ڏنو، حنيف ساگر، ڪيهر انصاري امداد منگي، آصف بالادي ۽ بشير خان خطاب ڪري پنهنجي پنهنجي صلاحيت ۽ تدبر وسيلي ماڻهن کي آماده ڪري 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني. پريس ڪلب ۾ چانهه پيئڻ کانپوءِ غلام حسين کوکر جي علائقي ۾ ذوالفقار کوکر سان تعزيت ڪئي وئي. ٽنڊي الهيار کان حيدرآباد طرف موٽندي ٽنڊي ڄام ۾ هدايت الله وسير جي چانهه پيئڻ کانپوءِ حيدرآباد ۾ قومي ڪارڪن زين ڳن جي شادي ۾ شرڪت ڪئي وئي. رات وري ساڳي جڳهه تي سمهڻ لاءِ پهتاسين.
4 مارچ 2012ع: اڄ حيدرآباد ۾ قومي قافلي جي دوري جو شيڊول آهي. جسقم ميڊيا سينٽر تان قومي قافلو بشير خان قريشي جي سربراهي ۾ نڪري پيو. قاسم آباد ۾ سئي گيس آفيس ٻاهران ويٺل بک هڙتال تي ماڻهن سان يڪجهتي طور ڪجهه ويٺاسين. بک هڙتال تي ويٺلن جو مطالبو هو ته کين ڪافي عرصو ٿي چڪو آهي، پر انهن کي ملازمت ۾ پڪو نه ٿو ڪيو وڃي. بک هڙتالي ڪيمپ کانپوءِ قومي قافلو اڳتي وڌيو. گِدو چوڪ تي بيٺل ماڻهو، جن جي اڳواڻي مشتاق چانڊيو ۽ مرزا جسڪاڻي ڪري رهيا هُئا استقبال ڪيو. اتي بشير خان ٻه لفظ ڳالهائيندي کين 23 مارچ جي دعوت ڏني. قومي قافلي حسين آباد چوڪ تي پهتو ته سوين ماڻهن استقبال ڪيو. اتي به مختصر طور بشير خان ڳالهائيندي کين 23 مارچ جي دعوت ڏني. قومي قافلو حسين آباد کان پٺاڻ ڳوٺ وارو روڊ وٺي سحرش نگر طرف وڌڻ لڳو. بشير خان پٺاڻ ڳوٺ ٽپڻ کانپوءِ هڪ گهٽي طرف اشارو ڪيو ۽ چيو ته ڊاڪٽر هي گهٽي اها آهي نه جنهن ۾ 17 جولاءِ 1988ع ۾ ميئر آفتاب تي ٿيل حملي کانپوءِ پوليس جي ناڪابندي ڪري گهٽي ۾ آيا هئاسين ۽ ڦاسي پيا. هئاسين. مان هائوڪار ڪندي ماضي کي ساريو ته 18 جون 1988ع ۾ حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ تي فوٽن جي مسئلن تي جڏهن گوڙ وڌيو ته پوءِ ڪراچي ۾ حيدر منزل تي هڪ دفعو گڏ ٿيا هئاسين. اتي بشير خان کي هڪ لسٽ ملي جنهن ۾ مئيرآفتاب شيخ (ايم ڪيو ايم اڳواڻ) ۽ ڊپٽي ميئر رشيد ڀيا ۽ ڪجهه ڪائونسلر جا مليا نالا هيا ٻي ڌُر جنهن جي نمائندگي غلام شاهه ڪري رهيو هو جنهن کي وصي مظهر ندوي ۽ ڪجهه ڪائونسلرن جي نالن جي لسٽ ملي هئي. بشير خان پنهنجي ٽيم سان 17 جولاءِ تي ٽارگيٽ تي حملو ڪيو. جنهن ۾ آفتاب شيخ زخمي ٿي پيو هو. مان يعني ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، بشير خان قريشي، مصطفيٰ جانوري هڪ اڇي F.X گاڏي ۾ سوار هياسين ۽ ٻي گاڏي ۾ فيض جکرو، منير شاهه، انيس پيرزادو ۽ لياقت ڪٽوهر جن هئا. فيض جکري جي گاڏي اسان کان نڪري وئي ۽ اسان ٽئي ڄڻا ان گهٽي ۾ ڪار ۾ ڦاسي پياسين. پويان تمام گهڻي پوليس هئي، اسان گاڏي جا شيشا ڀڃي نڪري پياسين. اڳيان پاڻي جي وڏي کڏ هئي مصطفيٰ جانوري ان ۾ مٿان گاهه ڏئي ويهي رهيو. اسان ۽ بشير خان وڙهندي اڳيان وڌي رهيا هئاسين. هڪ هنڌ ٻئي گڏ ويٺا هئاسين اسان جي طرفان ۽ پوليس جي طرفان هڪ ٻئي تي گوليون هلي رهيون هيون. ڪجهه وقت کانپوءِ مون بشير خان کي چيو ته سائين ائين ويٺي يا ته ٻئي ٻڌباسين يا وري ٻئي گڏمرنداسين ان ڪري ائين ڪجي ته هڪ نڪري پئي. پوليس يقيني طور تي ان جي پويان لڳندي ۽ ٻيو بچي سگهي ٿو. بشير خان مونکي چيو ته سگريٽن پيئڻ ڪري آئون هلي يا ڀڄي ڪونه ٿو سگهان، تون نڪر ۽ پوءِ مون کي چُمي ڏئي روانو ڪيائين. مان جيئن ٻاهر نڪتس ته پوليس سڄي منهنجي ڪڍ لڳي پئي ۽ بشير خان کي موقعو ملي ويو ۽ هو هڪ گهر ۾ هليو ويو، جتي هڪ عورت کيس پناهه ڏني ۽ مان پوليس کي ڪجهه وقت رلائيندو رهيس پر گرفتاري يقيني هئي ۽ مان گرفتار ٿي پيس. سحرش نگر ۾جلسي گاهه تي پهتاسين، خيالن جو سلسلو ٽُٽو. اڄ حيدرآباد جون هوائون پنهنجي اوج ۾ اچي ويون هيون، لائوڊ اسپيڪر ۾ آواز رڳو هوائن جو اچي رهيو هو. ان هوندي به ڪارنر گڏجاڻي جي تقريب شروع ٿي. فتح ڏاهاڻي آجياڻو ڏنو. حنيف ساگر ۽ بشير خان اڄوڪي ڪارنر گڏجاڻي ڪرڻ جو مقصد ٻڌائيندي 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني. قافلي وري ڀٽائي ٽائون جو رخ رکيو. نسيم نگر کان اڳيان شيراز سهتو اسڪوٽر تي بيٺو هو جنهن ڪجهه وقت هڪ ڪچهري ۾ بشير خان کي گيت ٻڌايا هئا. نسيم نگر پُل کان ڀٽائي ٽائون تائين مختلف هنڌن تي استقبال ٿيندا رهيا. ڀٽائي ٽائون جي پارڪ ۾ جلسو ٿيو. جتي فقير امداد منگي. صفدر تنيو، آڪاش ملاح، منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي خطاب کانپوءِ بشير خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته قاسم آباد جي حالت سڄي سنڌ جي حالتن جيان آهي. قاسم آباد ڀر سان ڦلجي ڪئنال جي پاسي ۾ JJVL نالي هڪ گئس پوائنٽ آهي، جتان روزانه 500 سؤ ٽن گئس نڪري ٿي جنهن جي ڪمائي 5 ڪروڙ روپيه روزانه آهي. نوڪرين تي قاسم آباد واسي نه پر پنجاب مان آندل پنجابي آهن ۽ پئسا وفاق جي نالي ۾ پنجاب حوالي آهن. اهي پئسا هڪ سال قاسم آباد کي ملن ۽ اتي خرچ ٿين ته قاسم آباد پئرس کان وڌيڪ سهڻو ٿي سگهي ٿو. پر غلامي جيڪا پاڻ بدصورت آهي ان خوبصورت سنڌ کي به بدصورت بنائي ڇڏيو آهي. ان ڪري اچو ته ان غلامي جي طوق کي لاهي ڦٽو ڪيون ۽ پنهنجي وطن جي آزادي جي گهر ڪريون جنهن لاءِ اسان 23 مارچ تي ڪراچي ۾ پهچڻ جي توهان سڀني کي دعوت ڏيڻ آيا آهيون.
بشير خان جي خطاب کانپوءِ قومي قافلو واڻڪي وسي طرف روانو ٿيو. اتي اجرڪن اوڍائڻ جي رسم کانپوءِ مُحب لغاري آجياڻو ڏنو. حنيف ساگر ۽ بشير خان خطاب ڪري واڻڪي وسي وارن کي 23 مارچ جي دعوت ڏني. واڻڪي وسي کانپوءِ قومي قافلو ٽنڊي آغا طرف روانو ٿيو. ٽنڊو ٺوڙهو وٽ اقبال شاهي سوين ماڻهن سان گڏجي قومي قافلي جو استقبال ڪيو. ٽنڊو مير محمد ۾ ڪارنر گڏجاڻي رکيل هئي، اتي قومي قافلو پهتو جتي راجا ميمڻ آجياڻو ڏنو. مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي خطاب کانپوءِ بشير خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته پ پ جا حڪمران چون ٿا ته اسين سنڌي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون آهن. تنهنڪري هو چُپ ٿي ويهي رهن. پاڪستان 73 جي آئين ۽ جمهوريت جي نالي ۾ غلامي قبول ڪري خاموش ٿي ويهي رهن. اسان کين ٻڌايون ٿا ته سڄي سنڌ ۾ جيڪي به نوڪرين ۾ آهن. انهن ماڻهن تي 6 ارب روپيه خرچ ايندو آهي 12 مهينن ۾. اهي 72 ارب ٿين ٿا جن تي پ پ وارا ايڏو ناز ڪن ٿا. کين چڱي طرح خبر آهي ته حيدرآباد مان نڪرندڙ تيل جي رڳو هڪڙي پوائنٽ ٽنڊو مير عالم مري مان سال ۾ اربين روپين جو تيل نڪري ٿو ٻي نڪرندڙ معدنيات ان کان علاوه آهي. اهي پ پ وارا 73 جي آئين جي نالي ۾ پنجاب حوالي ڪن ٿا. ان ڪري سنڌ واسيو! سنڌ جو هڪ ئي مسئلو آهي ۽ اهو آهي سنڌ جي غلامي، اچو ته ان غلامي کان بيزاري جو اعلان ڪريون ۽ پنهنجي وطن سنڌ جي 23 مارچ تي آزادي جي گُهر ڪريون. جلسي کانپوءِ ٽنڊو طيب ۾ گڏ ٿيل ڪارڪنن جن جي اڳواڻي جنيد قاضي ۽ اطهر ٻرڙو ڪري رهيا هئا. تن کي بشير خان مختصر خطاب ڪندي 23 مارچ جي دعوت ڏني.
قومي قافلي ڪانچ مل طرف رخ رکيو. مڪي شاهه وٽ عمران مهر جي اڳواڻي ۾ قومي قافلي جو استقبال ٿيو. قومي قافلو ڪانچ مل پهتو ته اتي ڪارنر گڏجاڻي ۾ مصطفيٰ پنهور آجياڻو ڏنو. اجرڪن اوڍائڻ جي رسم کانپوءِ ساگر حنيف ۽ بشير خان خطاب ڪري جلسي ۾ ويٺلن کي 23 مارچ جي دعوت ڏني. رات دير سان قومي قافلو آرام ڪرڻ لاءِ سمهڻ واري هنڌ روانو ٿيو. اڄ سڄو ڏينهن فتاح مهيسر، مسرور ٿيٻو، مصطفيٰ پنهور، رحمان پيرزادو، نديم چنا، شيردل قريشي قومي قافلي سان گڏوگڏ هئا.
5 مارچ 2012ع: اڄ معمول جيان صبح جو تيار ٿي حيدرآباد جي ٻهراڙي واري علائقي ڏي شيڊول مطابق وڃڻو هو ته 2 بجي ڌاري خبر پئي ته قومي شاعر ۽ جسقم جو مرڪزي اڳواڻ سرڪش سنڌي گذاري ويو آهي، ان ڪري اڄوڪو پروگرام ملتوي ڪري انتظار ۾ بيٺل ماڻهن ۽ ڪارڪنن کان معافي گُهرڻ ۽ کين آگاهه ڪرڻ لاءِ مسرور ٿيٻو ۽ سندس ٽيم کي اوڏانهن روانو ڪيو ويو.
6 مارچ 2012ع: اسان سمجهيو هيوسين ته بشير خان قريشي 5 تاريخ منجهند جو لاڙڪاڻي سرڪش سنڌي جي تدفين ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ اڄ دير سان پهچندو پر حيرت ٿي ته بشير خان صبح سان فون ڪري چيو ته اچو ته رٿيل دوري تي نڪري هلون. ملڻ کانپوءِ بشير خان ٻڌايو ته 5 تاريخ تي 3 بجي حيدرآباد مان نڪتاسين 8 بجي لاڙڪاڻي پهتاسين رات 12 بجي ڌاري لاڙڪاڻي مان نڪتاسين صبح اچي حيدرآباد پهتاسين 2-3 ڪلاڪ آرام ڪري اوهان کي فون ڪري گهرايو اٿم ته جيئن شيڊول مطابق نڪري هلجي. قومي قافلو مٽياري طرف روانو ٿيو. مٽياري شهر ٻاهران بيٺل ماڻهن ۽ ڪارڪنن قومي قافلي جو استقبال ڪيو. پريس ڪلب ٻاهر انتظار ۾ بيٺل سوين ماڻهن کي فقير امداد منگي جي تقرير کان اڳ رشيد ڏيٿي آجياڻو ڏنو، آڪاش ملاح پڻ تقرير ڪئي. بشير خان قريشي ڪارنر گڏجاڻي ۾ شريڪ عوام کي ٻڌايو ته سنڌ جي سڀني مصيبتن جي جڙ فقط پاڪستان آهي. جيستائين ان مان جان نه ڇُٽندي اوستائين سنڌ جو ماڻهو سک جو ساهه کڻي نه سگهندو ان ڪري وطن سنڌ جي آزادي لاءِ 23 مارچ ڪراچي هلي سنڌ گهري ٿي آزادي جي لکين ڪروڙين ماڻهو گهر ڪندا، ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اوهان کي پڻ دعوت ڏيڻ آيا آهيون، ڪارنر گڏجاڻي کانپوءِ علمدار شاهه وٽ چانهه پي کيس 23 مارچ ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني وئي. غفور ميمڻ صاحب وٽ پڻ چانهه پي ان کي به 23 مارچ ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي
قومي قافلي اڏيري لعل اسٽيشن طرف رخ رکيو. خيبر کان پوءِ خاصخيلي ڳوٺ ۾ ڳوٺاڻي ڪچهري ۾ شريڪ ٿياسين. جتي اجرڪ اوڍائڻ کانپوءِ بشير خان گڏ ٿيل ڳوٺاڻن کي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن کان آگاهه ڪيو ۽ ان جو حل سنڌ جي آزادي ٻڌايو.
قومي قافلي پنهنجي منزل طرف رخ رکيو. اڏيرو لعل شهر ۾ بيٺل سوين ماڻهن استقبال ڪيو. اڏيرو لعل سنڌ جي مذهبي رواداري جو چٽو مثال، مسجد ۽ مندر گڏوگڏ، اڏيرو لعل کي سنڌ جو قلندر پڻ چوندا آهن. اڏيرو لعل اسٽيشن پهتاسين شهر ٻاهران بيٺل ماڻهن استقبال ڪري قومي قافلي کي جلسي گاهه وٺي هليا. بجلي بند هجڻ باوجود به هزارين ماڻهو جلسي ۾ بيٺل هئا، جلسي کي آڪاش ملاح جي خطاب کانپوءِ جي يو آئي جي اڳواڻ مولانا اعظم جهانگيري خطاب ڪندي چيو ته جتي توهان سنڌوديش جي آزادي جا نعرا هڻندا اتي اسان به ان سان گڏوگڏ نعره تڪبير جا نعرا هڻندا توهان سان گڏ هونداسين. مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقرير کانپوءِ بشير خان خطاب ڪندي ماڻهن کي 23 مارچ جي ڏينهن ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني. ماڻهن هٿ مٿي ڪري واعدو ڪيو ته اهي 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا. جلسي ۾ اجرڪ ڪافي تعداد ۾ اوڍايا ويا. جلسي ۾ مولانا اعظم جهانگيري صاحب جي چانهه پارٽي ۾ شريڪ ٿياسين جيتوڻيڪ شيڊول مطابق منعقد پوين جلسن ۾ دير ٿي رهي هئي ان هوندي به بشير خان سان گڏجي مولانا اعظم جي پُرخلوص دعوت کي قبول ڪري سندس چانهه پارٽي ۾ شريڪ ٿياسين. مولانا صاحب آدمشاري ۽ ٻين مسئلن تي سنڌ جي قومپرستن سان گڏوگڏ عمل ۾ شريڪ هوندو آهي ۽ بشير خان کي نهايت پيارو آهي. چانهه پيئڻ کانپوءِ قومي قافلو پنهنجي منزل طرف روانو ٿيو. واٽ تي سائين شاهه نواز شاهه ماڻهن جي هجوم سان استقبال لاءِ بيٺل هيو. خدا بخش بلوچ ڳوٺ پهتاسين ته اتي بشير خان سميت سڀني ساٿين کي اجرڪ اوڍايا ويا اتي بشير خان جلسي کي جيتوڻيڪ اتي ڳوٺاڻي ڪچهري رکيل هئي پر اتي جلسو ٿي ويو اُن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي حلالي پٽن کي هاڻي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جو چٽو ۽ واضح اعلان ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته سنڌ وطن جي آزادي سنڌي ماڻهن جي قومي وجود، زبان ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر ٿي چڪي آهي ۽ اڄ حالتون سنڌ جي آزادي جي حق ۾ آهن. هاڻي رڳو گڏجي گُهر ڪرڻي آهي. ان لاءِ اسين 23 مارچ تي ميدان سجايون پيا ان ميدان ۾ حصو وٺڻ لاءِ اوهان وٽ به آيا آهيون ته ان ۾ شريڪ ٿي جيجل امڙ جي ٿڃ ملهايو. ماڻهن هٿ مٿي کڻي اعلان ڪيو ته اهي ضرور ايندا. قومي قافلو جيئن اڳتي وڌيو ته طاهر هنگورو وارن جي پرزور اسرار تي چانهه پيئڻ کانپوءِ کين 23 مارچ جي دعوت ڏني وئي. تنهن کانپوءِ قومي قافلو ڀٽ شاهه پهتو. جتي تنبوري وٽ ڪرسيون رکي عوام کي ويهارڻ جو بندوبست ٿيل هو. جتي رافع قريشي آجياڻو ڏنو تنهن کانپوءِ جي يو آءِ جو ۽ شاهه لطيف فائونڊيشن جي سليم سنڌي خطاب ڪيو. مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) پڻ خطاب ڪيو. خاور شاهه جيڪو ڀٽ جي گادي نشين سيد نثار حسين شاهه جو فرزند آهي، تنهن خطاب ڪندي يقين ڏياريو ته ڪراچي ۾ 23 تاريخ ضرور اينداسين. آخر ۾ بشير خان تقرير ڪندي چيو ته اڄ اسين ڀٽ ڌڻي جي اڱڻ ۾ بيهي ان جي پيغام کي پکيڙڻ ۽ ڪامياب ڪرڻ لاءِ سنڌ جي آزادي جي جدوجهد هلائي رهيا آهيون. جيڪا اصل ۾ ڀٽ ڌڻي جي پيغام جو روح آهي. سنڌ جي آزادي معرفت سڄي دنيا ۾ امن اتحاد ۽ خوشحالي آڻي سگهجي ٿي ۽ شاهه لطيف جي ان بيت کي حقيقت جو روپ ڏئي سگهجي ٿو ته:
سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
شاهه لطيف ڪنهن به پاڪستان جي قومي شاعرن جيان ڌارين جي لقبن ۽ پينشن جو محتاج نه رهيو هو. اقبال کي انگريزن سر جو خطاب ڏنو جنهن ڪڏهن ان کي واپس نه ڪيو ۽ آخرتائين انگريزن کان مراعتون وٺندو رهيو. شاهه لطيف مارئي ذريعي اسان کي پنهنجي وطن سان محبت جو سبق ڏيندي تلقين ٿو ڪري ته اي نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائين سون. تي شاهه لطيف سسئي معرفت جدوجهد جو سبق ڏيندي فرمايو آهي ته:
سڌائتي سڀڪا، بک نه باسي ڪا،
جيهي تيهي ذات جي، جُنبش ناهي جاءِ،
مون سان هلي سا، جا جيءَ مٺو نه ڪري.
ان ڪري سنڌيو! اچو ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون، ان عمل سان يقيني طور تي اسان مرشد لطيف جي درگاهه ۾ سرخرو ٿينداسين. جلسي کانپوءِ ڀٽ شاهه تي حاضري ڀري اتي هلندڙ راڳ ٻڌو ويو. راڳ ٻڌندي مون دل ۾ خيال ڪيو ته جيڪڏهن الفاظ ڪڍڻ کي ٿورو سمجهه ۾ اچڻ جوڳو، وارو تلفظ ڪڍجي ته بهتر ٿيندو. ڇو ته جڏهن استاد منظور علي خان، علڻ فقير، محمد يوسف ۽ عابده پروين شاهه کي ڳائيندا آهن ته ڏاڍو سرور ۽ زهني آرام پڻ ملندو آهن. راڳ ٻڌي، رات پراڻا هالا ۾ نديم مهدي وٽ رهائش اختيار ڪئي سين. نديم مهدي، عرفان مهدي جو ڀاءَ آهي. عرفان مهدي 1991ع ۾ ڄامشورو پُل وٽ درياءُ ۾ ٽپو ڏنو هو. هُو نهايت خوبصورت، شاهه لطيف جي بيتن جو ڄاڻو، بهترين مقرر ۽ سائين جي ايم سيد جو پيارو ورڪر هو، افسوس جو هن زماني جي گردش ۾ اچي پنهنجو سفر پورو نه ڪري سگهيو، پراڻا هالا ۾ قومي تحريڪ سان لاڳاپيل سائين جي ايم سيد جي ساٿي ۽ پيروڪار حفيظ قريشي جو پڻ ڳوٺ آهي. حفيظ قريشي قومپرست ۽ اعليٰ پائي جو مقرر هو. جنهن کي سائين جي ايم سيد سنڌ جو مولانا ابوالڪلام چوندو هو. هو جڏهن اسٽيج تي بيهي ڀائرو چوندو هو ته سڄو مجموعو سندس سحر ۾ وٺجي ويندو هو. پڪو پختو ديش ڀڳت انسان هو. ميئر ڪيس حيدرآباد ۾ اسان جو وڪيل به رهيو هُو. هن تي لکڻ لاءِ الڳ ڪتاب گهرجي. ايڏو وڏي پايي جو هو انسان هُو. سندس مرتئي تي ڪجهه مسئلو ٿي پيو هو. ڪجهه اڳواڻن جو خيال هو ته کيس سن ۾ سائين جي ايم سيد ڀرسان دفن ڪجي پر سندس پوين ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو. اڄ جون حالتون ٻڌائين ٿيون ته سندس پوين جو اهو فصلو درست نه هيو.
7 مارچ 2012ع: پراڻا هالا جي ماڻهن سان نديم مهدي جي جڳهه تي ڪارنر گڏجاڻي ٿي. جتي سرفراز ميمڻ ۽ بشير خان خطاب ڪندي کين 23 مارچ ڪراچي پهچڻ جون دعوتون ڏنيون. اتي ويٺائي هياسين ته يونيورسٽي ۾ جهيڙي جو اطلاع مليو. جنهن ۾ جسقم جي جساف سان لاڳاپيل ڪارڪن دين محمد دل جي شهيد ٿيڻ جو اطلاع مليو. ڀاڻوٺ طرف قومي قافلو هلڻ لڳو. واٽ تي جي ايم سيد ڪالوني عباس علمدار گيٽ تي ماڻهن استقبال ڪيو ۽ پوءِ قومي قافلو ڀاڻوٺ طرف وڌڻ لڳو. جي ايم سيد ڪالوني ايريگيشن ۾ انجنيئر عباس لغاري صاحب ٺهرائي سائين جي ايم سيد کان افتتاح ڪرايو هو. ڀاڻوٺ ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي رشيد ڏيٿي آجياڻو ڏنو. فقير امداد منگي تقرير ڪندي چيو ته غلامن جي نماز به قبول ناهي هوندي. مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي خطاب کانپوءِ بشير خان خطاب ڪندي چيو ته خوشحال سنڌ، پاڪستان جي هئڻ ڪري بدحالي جو شڪار ٿي وئي آهي. پاڪستان جي ڪري سنڌ جي تاريخي حيثيت ختم ٿيندي پئي وڃي. ظلم جي انتها اها آهي ته پنجاب جي غلامي ڪري سنڌ جا اصل وارث ۽ مالڪ پنهنجن شهرن ۾ اوپرا ٿيندا پيا وڃن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي دلين مان پاڪستان ڪڍي سنڌ جي محبت کي جڳهه ڏيڻي پوندي. نه فقط اهو پر چٽي ۽ واضح نموني سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻي پوندي. سنڌين جو بدحال رهڻ مقدر نه آهي پر غلامي ڪري اسان پنهنجو پاڻ وڃائي ويٺا آهيون. سائين جي ايم سيد هڪ ڀيري ڪچهري ڪندي ٻڌايو هو ته ڪنهن ٻهراڙي ۾ ٻڪرين جي واڙ هئي هڪ دفعي ڇوڪري پنهنجي پيءَ کي صبح جو اچي ٻڌايو ته بابا پنهنجي واڙ جي ٻاهران بگهڙن جا پيرا آهن تنهن تي ان پير مرد وراڻيو هو ته بابا بگهڙن کي ڪهڙو ڏوهه ڏيون پنهنجي گهر جا ڪتا ڀاڙيا ٿي پيا آهن، نه ته بگهڙن کي اها طاقت ئي ناهي جو اهي اسان جي واڙ جي ڀرسان به اچي سگهن. ان ڪري سنڌ واسيو! هاڻي اسيمبليون سنڌ جو مقدر بدلائي نه سگهنديون. هاڻي فقط سنڌ جي آزادي واري واٽ ئي سنڌ جي خوشحالي جي ضمانت ٿي سگهي ٿي. ان لاءِ اچو ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون، ڀاڻوٺ جي جلسي کانپوءِ قومي قافلو نيو سعيد آباد طرف روانو ٿيو. واٽ تي مين روڊ تي ڪميجا شاخ وٽ بيٺل سوين ماڻهن قومي قافلي جي اڳواڻ بشير خان جو استقبال ڪري کيس اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پارائي، بشير خان کين 23 مارچ تي ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏني، قومي قافلو نيو سعيدآباد شهر ۾ اندر داخل ٿيو جتي شهر ۾ روڊ جي ٻنهي طرفن کان ماڻهو بيهي رهيا ۽ هٿ لوڏي آڌر ڀاءَ ڪندا رهيا. بشير خان ماڻهن سان ملندو رهيو ۽ ماڻهو هڪ وڏي جلسي ۾ تبديل ٿي ويا جتي بشير خان کين خطاب ڪندي ماڻهن کي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن کان آگاهه ڪيو ۽ کين ٻڌايو ته پنجاب کان آزادي گُهرڻ جو وقت اچي ويو آهي، هاڻي پاڪستان ٽُڪرا ٽڪرا پيو ٿئي. سنڌين کي گُهرجي ته پنهنجي سنڌ کي بچائي سائين جي ايم سيد جي تخيل واري سنڌ کي آزاد ڪرايئن. رياست قومي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ ڪيترن ڪارڪنن کي کڻي کنڀي ڪم ڪندي رهي آهي. بشير خان وڌيڪ چيو ته اسين مير عالم مري کي رياستي ادارن هتان کڻي گم ڪرڻ جي مذمت ڪندي عبدالواحد آريسر طرفان ڏنل 12 تاريخ واري هڙتال جي حمايت ڪريون ٿا.
بشير خان وڌيڪ چيو ته اردو ڳالهائڻ وارن جو مستقبل سنڌ سان لاڳو آهي جيڪڏهن هو چاهين ٿا ته هتي ڌرتي جا فرزند ٿي رهن ته پوءِ پنهنجو لاڳاپو پاڪستان ۽ پنجاب کان ڇني سنڌ ۽ ان جي آزادي سان ڳنڍڻو پوندن پر جيڪڏهن هنن کي مهاجر ئي رهڻو آهي ته پوءِ مهاجرن جي جڳهه وطن نه پر خيما هوندا آهن ۽ اڳي پوءِ خيمي وارن کي اها ڌرتي ڇڏڻي پوندي ۽ خيما پٽڻا پوندا. ان کان پوءِ بشير خان اتي بيٺل سمورن ماڻهن کي 23 مارچ جي دعوت ڏني ۽ ماڻهن هٿ مٿي ڪري اها دعوت قبول ڪئي. قومي قافلو نيو سعيدآباد کان بکر جمالي طرف روانو ٿيو. واٽ تي ڄام واهه ۽ علي محمد ڪاڪا ڳوٺ وٽ بيٺل سوين ماڻهن بشير خان جو والهانه استقبال ڪيو. قومي قافلو بکر جمالي جي وچ روڊ تي پهتو جتي اسٽيج ٺاهي جلسي جو هنڌ ٺاهيو ويو هو. ماڻهو سڄي روڊ تي، دڪانن جي ڇتين تي. وڻن تي ويٺل هيا. جاڏي نگاهه پئي وئي اوڏانهن رڳو ماڻهو ئي ماڻهو هئا. اجرڪ اوڍائڻ کانپوءِ جلسو شروع ٿيو. اسان سان گڏ جيلن ۾ رهندڙ پراڻي ساٿي عبدالغفور جمالي آجياڻو ڏنو. صفدر تنيو، فقير امداد منگي، منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) خطاب کانپوءِ بشير خان ماڻهن کي نهايت دلفريب انداز ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر کان آگاهه ڪندي سنڌ سان ٿيل ظلمن جا تفصيل ٻڌائيندي همٿايو ته سنڌي قوم بهادر پٽن جي قوم آهي. اها رڳو هڪ دفعو گڏجي پوي ته سنڌ جي آزادي مشڪل نه آهي ۽ ان لاءِ اسان جسقم وارن 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي. اتي بيٺل هزارين ماڻهن پنهنجا هٿ اُڀا ڪري بشير خان کي يقين ڏياريو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا.
جلسي کانپوءِ رئيس حاجي ڪامل خان جمالي سان سندس گهر واريءَ جي وفات تي عذرخواهي ڪئي وئي. تنهن کانپوءِ قومي قافلو پنهنجي منزل طرف روانو ٿيو، رواني ٿيڻ مهل يوسف جمالي سان سندس عزيز جي وفات تي عذر خواهي ڪئي وئي. ميوو ڇڇر نالي ڳوٺ ۾ عذر خواهي ڪري قومي قافلو اڏيرو لعل اسٽيشن طرف روانو ٿيو جتي سنڌ يونيورسٽي ۾ شهيد ٿيل شاگرد دين محمد دل جي وارثن وٽ پهچي انهن سان ڏک ۾ شريڪ ٿيو هو. اتي پهچي سندن عزيزن سان ملاقات ڪري FIR بابت ڄاڻ وٺي انتظاميه سان ڳالهايو ويو. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ خاص طور تي پ پ سان لاڳاپيل سندن ذيلي تنظيم شروع کان وٺي غنڊه گردي ڪندي آئي آهي ۽ انهن غنڊن معرفت ڪيترائي شاگرد پنهنجي زندگي وڃائي ويٺا آهن.
9 مارچ 2012ع: اڄوڪي شيڊول ۾ قومي قافلي کي ٽنڊي محمد خان جو دورو ڪرڻو هيو. شام جو قومي قافلو ٽنڊي محمد خان ٻاهران پهتو ته هزارين ماڻهن سندن استقبال ڪيو ۽ قومي قافلو هزارين ماڻهن سان گڏجي جلسي گاهه پهتو. جلسي کي زاهد جسڪاڻي، منير نظاماڻي، حنيف ساگر، ڪيهر انصاري، فقير امداد منگي، آڪاس ملاح جي تقريرن کان پوءِ بشير خان خطاب ڪري سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن ۽ ويساهه گهاتين کان ماڻهن کي آگاهه ڪيو. بشير خان چيو ته ٽنڊي محمد خان ضلعي مان هر روز 20 ڪروڙ جو تيل نڪري ٿو ليڪن آئل فيلڊن تي نوڪريون پنجابين حوالي ۽ ڪمائي وفاق معرفت پڻ پنجاب حوالي ٿيل آهي، ان ڪري سنڌ جي مسئلن جو حل اهو نه آهي ته هڪڙي پارٽي کي ڇڏي ٻي پارٽي کي ووٽ ڏجن. سڌو ۽ واحد رستو اهو وڃي بچيو آهي ته پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون، اها گُهر تڏهن طاقتور ۽ اثرائتي ٿيندي جڏهن تمام گهڻي تعداد ۾ هڪ هنڌ گڏ ٿي واضع نموني سڀ گڏجي چئون ته سنڌ گُهري ٿي آزادي، ان لاءِ اسان اهو ڏينهن مقرر ڪيو آهي جيڪو چيو ٿو وڃي ته ان ڏينهن سنڌين به پاڪستان ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي هئي يعني 23 مارچ. اسان اهو ڏينهن چونڊي، ان ڏينهن تي پاڪستان کان لاتعلقي ڏيکاري، پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪنداسين ۽ اها ئي دعوت اوهان وٽ پڻ کڻي آيا آهيون جيڪڏهن اها دعوت توهان کي قبول آهي ته پوءِ هٿ مٿي کڻي منهنجي ساٿين کي يقين ڏياريو ته اوهين ان ڏينهن ضرور ايندا. ان تي جلسي ۾ بيٺل سڀني ماڻهن هٿ مٿي کڻي بشير خان کي يقين ڏياريو ۽ پوءِ بشير خان انهن هزارين ماڻهن کي آخر ۾ اهو چيو ته مان به توهان کي يقين ٿو ڏياريان ته ساهه ڏينداسين پر سنڌ ضرور آزاد ڪرائينداسين.
جلسي کانپوءِ ابراهيم ڪاتيار وٽ ماني کائي شهر ۾ ميمڻن جي پاڙي ۽ ٻن ٻين مختلف هنڌن تي قومي جهنڊو ڦڙڪائي اڄوڪو دورو پورو ڪري حيدرآباد طرف روانا ٿياسين. رات آرام ڪري وري نئين سر شيڊول مطابق نڪرڻ جو سوچيو سين.
10 مارچ 2012ع: اڄ صبح حيدرآباد ۾ سول سوسائٽي ۽ سينيئر صحافي دوستن سان ڪچهري رکيل هئي. جن مختلف موضوعن تي سوال پُڇيا ۽ بشير خان قريشي انهن جا تفصيلي جواب ڏنا ۽ ان سان گڏوگڏ 23 مارچ تي ٿيندڙ سنڌ گُهري ٿي آزادي جي اجتماع بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. تنهن کان پوءِ چانهه پارٽي ٿي. اتي ساگر حنيف بڙدي سول سوسائٽي وارن سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڪهڙو باضمير ۽ باخبر انسان پنهنجي وطن جي غلامي برداشت ڪندو. ان ڪچهري کانپوءِ سول سوسائٽي جي فردن ۽ سينئر صحافين مليل جليل جذبن جو اظهار ڪيو. کين قومي تحريڪ سان لاڳاپيل قيادت خاص طور تي بشير خان ۽ ان سان لاڳاپيل دوستن بابت مختلف ڳالهيون ٻڌايل ۽ ڪنن ۾ پيل هيون. ڪچهري کان پوءِ انهن جي خيالن ۾ تبديلي محسوس ٿي.
قومي قافلي ان ڪچهري کانپوءِ بدين طرف رخ رکيو. بدين ضلعي جي حد شروع ٿي ته حيدرشاهه جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪن استقبال لاءِ بيٺا هئا. استقبال کانپوءِ بشير خان جي اڳواڻي ۾ قومي قافلو ماتلي طرف روانو ٿيو. شهر جي مين روڊ تي اسٽيج ٺاهي وئي هئي جتي آڪاش ملاح جي تقرير کانپوءِ بشير خان قريشي خطاب ڪندي ماتلي واسين کي اهو ٻڌايو ته بدين ضلعو سنڌ ۾ قدرتي نعمتن سان مالا مال هئڻ جي باوجود به سڄي سنڌ ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ضلعن ۾ سڀ کان پهرئين نمبر تي آهي. خاصخيلي آئل فيلڊ مان 1985ع کان تيل نڪرڻ شروع ٿيو آهي. روزانه 32 هزار بيرل تيل بدين مان نڪري ٿو. ان حوالي سان 27 سالن جي عرصي ۾ سڄي بدين ضلعي جي ڏهه لکن ماڻهن ۾ اها رقم ورهائجي ته هر هڪ ماڻهو کي 15 لک روپيه اچن ٿا. پر افسوس ان قدرتي نعمت تي به پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جو قبضو آهي ۽ بدين ضلعو پيئڻ جي صاف پاڻي کان به محروم آهي. انهن سڀني مصيبتن جي جڙ پاڪستان آهي. جيستائين سنڌي سڀ گڏجي سنڌ جي آزادي جي گُهر نه ڪندا اوستائين سنڌين جو تڪليفن مان ڇوٽڪارو ناممڪن آهي، ان لاءِ اچو ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون. بشير خان جي ائين چوڻ سان اتي بيٺل سڀني ماڻهن هٿ مٿي کڻي واعدو ڪيو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا.
قومي قافلي پوءِ حاجي سانوڻ خان طرف رخ رکيو، جتي استقبال کان پوءِ روڊ تي گڏ ٿيل ماڻهن ۽ ڪارڪنن کي بشير خان قريشي 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني. دعوت ڏيڻ کانپوءِ قومي قافلو راڄو خاناڻي طرف روانو ٿيو. راڄو خاناڻي ٻاهران بيٺل ماڻهن جي هجوم بشير خان جو استقبال ڪري کين پاڻ سان گڏ پيادل جلسي گاهه طرف وٺي هليا. جتي حنيف ساگر ۽ بشير خان خطاب ڪري کين ٻڌايو ته ڪهڙي طريقي سان سنڌ سان ظلم ٿي رهيا آهن ۽ انهن جو حل ڪهڙي واٽ وٺڻ سان آهي. ان کان پوءِ بشير خان کين 23 مارچ جي دعوت ڏني. جلسي کان پوءِ مير الله بخش ٽالپر سان سندس نياڻي جي وفات تي عذر خواهي ڪئي وئي. مير الله بخش ٽالپر ٻه دفعا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. قومي قافلو فاتح کان پوءِ تلهار طرف وڌڻ لڳو. دل پور جي موري وٽ استقبال ٿيو. قومي قافلو اڳيان وڌندي تلهار بدين روڊ تي جلسي ۾ تبديل ٿي ويو. جتي ڪيهر انصاري جي تقرير کان پوءِ بشير خان تقرير ڪندي کين اهو ٻڌايو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جو مطلب پنجاب جي اڪثريت کي سنڌين مٿان قانوني طور قبضي هيٺ ڏيڻ آهي. جنهن نظام سان رڳو پنجاب کي فائدو ٿئي ٿو ته اهو کيس منظور هوندو آهي. سنڌ لاءِ ته پاڪستان ۾ رهندي ڪوبه نظام بهتر ناهي سواءِ آزادي حاصل ڪرڻ جي. جنهن لاءِ جسقم 23 مارچ تي ڪراچي ۾ سڀني سنڌين کي گڏ ڪرڻ جو سڏ ڏنو آهي. اها دعوت اوهان آڏو به عرض رکجي ٿي ته وطن سنڌ جي غيرتمند پٽن جيان ان ڏينهن ميدان ۾ نڪري اچو.
تلهار کان پوءِ قومي قافلي پنگريو طرف رخ رکيو. جتي سمن سرڪار جي ڀرسان سائين عابد شاهه راشدي وٽ رات رهڻ جو بندوبست ٿيل هو. اڄ ڊاڪٽر مير عالم مري جي آزاد ٿيڻ جي خبر پئي. جنهن کي ڪجهه ڏينهن اڳ ايجنسين پاران کڻي گُم ڪيو ويو هو. پنگريو کان سمن سرڪار ويندي اهو منظر ياد آيو جڏهن 2011ع ۾ لاڙ ۾ برساتن سبب اهو سڄو علائقو پاڻي هيٺ هيو. ڪٿي 5 فوٽ ته ڪٿي 10 فوٽ پاڻي بيٺل هيو. عابد شاهه راشدي چواڻي ته تقريبن 30 ميلن اندر رڳو درياءَ جو نظارو هيو، ماڻهو ٻيڙين کانسواءِ اچي وڃي نه پئي سگهيا. چؤطرف درياهه ئي درياهه هو. ان مهل جسقم طرفان بشير خان قريشي سان گڏجي اسان سڀ سندس ساٿي ٻه ٽرڪون اٽو، چانور ۽ ٻيو سامان پنگريو کڻائي آيا هئاسين. جتي عام ماڻهن سان ڪچهري ۾ اها خبر پئي ته عام ماڻهو کي امداد نه ملڻ جهڙي ملي آهي. باقي خاص ماڻهن ڍؤ ڪيا آهن. هي حڪومت به آهي پيپلز جي پر اُن مان ڪڏهن به عام ماڻهو کي فائدو ناهي ٿيو. وڏن ماڻهن، خاص ماڻهن کي ٿورو گهڻو فائدو ٿيندو آهي نه ته بس. سنڌ جو ماڻهو اهو سڀ ڪجهه به قدرت ڏانهن سمجهي ٿو. حڪومتن ۽ پنجاب جي حاڪميت ۾ ٿيندڙ وسيلن جي ڦرلٽ جي کين نه نظر ٿي پوي ۽ نه ئي ان کان چڱي ريت آگاهه ٿي سگهيا آهن. سائين عابد شاهه راشدي وٽ ماني کائي سمهي پياسن.
11 مارچ 2012ع: صبح جو تيار ٿي پنگريو طرف قومي قافلو روانو ٿيو. پنگريو هڪ شيدي جو نالو. هيو جنهن جي لاءِ چون ٿا ته سمن سرڪار چيو هو ته پنگريو دهلي ٿيندو. سيلمان پنهور ڳوٺ ۾ تعزيت ڪئي وئي، پريس ڪلب پنگريو ۾ صحافين سان ڪچهري ٿي. پنگريو کان ٽنڊو باگو ويندي ڳوٺ محمد عمر جوڻيجو ۾ ڳوٺاڻي ڪچهري ٿي. جتي محمد علي جوڻيجو وڏي تعداد ۾ ماڻهن سان گڏجي بشير خان جو استقبال ڪيو.
KTN جي صحافي دوست دودي چانڊيي جي ڳوٺ وڃي سندس ڀاءُ جي وفات تي سندس ڀاءُ ۽ چاچي سان عذر خواهي ڪئي وئي، پوءِ قومي قافلو ٽنڊو باگو طرف وڌيو. جتي شهر ٻاهران استقبال ٿيو، مير باگو سنڌ جي تاريخ ۾ مشهور رهيو آهي، سندس گهر واري سنڌ راڻي جي نالي سان مشهور هئي. شهر جي وچ روڊ تي جلسو ٿيو جنهن کي حيدرشاهه، فقير امداد منگي ۽ بشير خان خطاب ڪيو. قومي قافلو ٽنڊي باگي کان پوءِ بدين طرف روانو ٿيو. 3 مهينا اڳ ڳُجهن ادارن هٿان کنيل جيئي سنڌ متحده محاذ جي بشير آريسر سان بدين ۾ بشير خان ملاقات لاءِ هليو. جيڪو تازو آزاد ٿي آيو هو. ملاقات دوران بشير آريسر ٻڌايو ته گرفتار ٿيڻ مهل فوجين کيس بيدردي سان ماريو هو، جنهن ڪري سندس منهن جو اڳيون حصو گهڻي حد تائين ختم ٿي چڪو هيو، ايتري کيس تڪليف ٿي هئي جو هو مرڻ ڪنڌي ويجهو پهچي چڪو هو. ساهه کڻڻ ۾ کيس تڪليف ٿيندي هئي، ان ڪري فوجين کيس اسپتال منتقل ڪيو هو. جتي هو مهينو مسلسل زير علاج هيو. ڇڏڻ مهل به آءِ ايس آءِ وارن کيس چيو ته تنهنجي علاج تي 5 لک خرچ اچي چڪو آهي. بشير آريسر سان گڏ ٻه ڄڻا ٻيا به کنيا ويا هئا، جن کي پڻ آزاد ڪيو ويو هو. بشير آريسر سان ڪچهري کانپوءِ قومي قافلو پنهنجي منزل طرف روانو ٿيو. سائين عابد شاهه راشدي موڪلايو جنهن رات ۽ صبح تمام سٺي خدمت ڪئي هئي. گولاڙچي ۾ پهچڻ مهل اوندهه ٿي چڪي هئي بجلي به بند هئي. جنريٽر جو انتظام پڻ ٿيل نه هيو ان هوندي به بشير خان بغير لائوڊ اسپيڪر جي گڏ ٿيل ماڻهن کي خطاب ڪري 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني. تنهن کان پوءِ اڄوڪي طئي ٿيل شيڊول جو خاتمو ٿيو. قومي قافلو وري سڀاڻي لاءِ تيار ٿيڻ کان اڳ هر هڪ پنهنجي پنهنجي پسند مطابق رات رهڻ واري پاسي هليو ويو. رات جو موٽندي فون تي مير عالم مري سان ڪچهري پڻ ٿي ۽ کيس آزاد ٿيڻ تي مبارڪ ڏني.
12 مارچ 2012ع: صبح جو گلشن حديد مان تيار ٿي ٺٽي ضلعي جي دوري لاءِ قومي قافلو بشير خان قريشي جي اڳواڻي ۾ روانو ٿيو. داٻيجي ۾ هڪ عذر خواهي کانپوءِ داٻيجي مارڪيٽ ۾ جلسو ٿيو جنهن کي بشير خان خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ انڊسٽري ته قائم ٿي آهي پر انهن ڪارخانن جا مالڪ ۽ مزور ٻئي ڌاريا آهن جنهن جو سبب پاڪستان آهي، جيستائين ان پاڪستان مان جان نه ڇڏائبي اوستائين سنڌ سک جو ساهه نه کڻندي ان ڪري اچو ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن جي مالڪي به ڪيون ۽ دنيا آڏو اها پُرامن گُهر به ڪريون ته سنڌ گُهري ٿي آزادي.
بشير خان جي خطاب کانپوءِ قومي قافلي گهارو طرف روانو ٿيو. جتي مين روڊ تي گڏ ٿيندڙ عوام کي سرور خشڪ، فقير امداد منگي ۽ بشير خان خطاب ڪري ماڻهن کي پاڪستان ڪري سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين کان آگاهه ڪيو ۽ ان کان ڇوٽڪاري جو حل سنڌ وطن جي آزادي ٻڌايو.
قومي قافلو ميرپور ساڪري ڏانهن وڌيو جتي گڏ ٿيل ماڻهن کي بشير خان خطاب ڪندي سائين جي ايم سيد جي فڪر بابت آگاهه ڏيندي کين چيو ته سنڌ هزارها سالن کان هڪ الڳ ۽ آزاد وطن طور ملڪ رهيو آهي، جيڪو هاڻي پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جو غلام آهي. ان ڪري اچو ته هن مهيني جي 23 تاريخ کي ڪراچي ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون. قومي قافلو غلام الله طرف روانو ٿيو. واٽ تي هڪ عام هوٽل ۾ چانهه پيئڻ جي نيت سان قومي قافلو رُڪيو ته سوين سنڌي ڳوٺاڻا اتي گڏ ٿي ويا. جن کي بشير خان مختصر خطاب ڪندي پنهنجي دوري جو مقصد ٻڌايو. غلام الله ۾ به سوين ماڻهو استقبال لاءِ بيٺا هيا. واپارين جي هڪ تنظيم قومي قافلي جي سرواڻ بشير خان قريشي کي اجرڪ ۽ لنگيون پارايون. جتي سرفراز ميمڻ ۽ بشير خان خطاب ڪري پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ووٽ سنڌ جي قسمت تبديل نه ڪري سگهيو آهي، هاڻي سڌو سنئون سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻي پوندي. جنهن تي ماڻهن جي ميڙ هٿ مٿي ڪري 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جو واعدو ڪيو. قومي قافلو گجي طرف روانو ٿيو. جتي جسقم جو قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو، سيٺ احمد ميمڻ اجرڪ ۽ لُنگي بشير خان کي پارائي اتي به بشير خان ماڻهن کي خطاب ڪندي 23 تاريخ جي دعوت ڏني. قومي قافلو وڏا ٿهيم طرف روانو ٿيو جتي نويد ٿهيم جي والد جي وفات تي عذر خواهي ڪئي وئي. اتي تڏي تي سوين ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا جن جي اسرار تي بشير خان خطاب ڪري کين 23 مارچ جي دعوت ڏني. اتي ماني کائي قومي قافلو وري گهاري پهتو، جتي عذر خواهي ڪئي وئي، اهڙي طريقي سان اڄوڪو دورو پورو ٿيو.
13 مارچ 2012ع: صبح جو تيار ٿي قومي قافلو ٺٽي جو رهيل دورو پورو ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. گجي وٽ ارباب احسان قومي قافلي ۾ شريڪ ٿيو. اتي احمد ميمڻ جي چانهه پيئڻ کانپوءِ ٺٽي طرف روانا ٿياسين. ٺٽي شهر ٻاهران باءِ پاس وٽ سوين ڪارڪنن، غلام نبي کٽي، بابو خشڪ ۽ سرور خشڪ جي اڳواڻي ۾ قومي قافلي جو استقبال ٿيو. قومي قافلو مڪلي کان ٿيندي ٺٽي شهر طرف روانو ٿيو. پريس ڪلب ٺٽو ٻاهران پنڊال ٺاهيو ويو هو. جتي پهچڻ کانپوءِ اجرڪون اوڍايون ويون. شرف الدين. اسحاق خشڪ، بابو خشڪ، سرور خشڪ، آڪاش ملاح ۽ منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقريرن کانپوءِ بشير خان خطاب ڪندي ٺٽي واسين کي چيو ته هي شهر خوشحال ۽ آزاد سنڌجي گادي جو هنڌ رهيو آهي. تاريخدان لکن ٿا ته هي شهر ايترو شاهڪار هيو جو جڏهن پرتگالين هن شهر تي حملو ڪيو هو تڏهن کين هتان جيڪو سون مليو هو اهو کين دنيا جي ٻي ڪنهن به شهر جي ڦُرلٽ مان نه ملي سگهيو هو. هن شهر ۾ هزارين ڪپڙن ٺاهڻ جا اُڏاڻا هوندا هئا جن جو ٺهيل ململ سڄي دنيا ۾ مشهور هوندو هو. هتي سنڌ آزاد هوندي مکڻ ۽ ماکي ڪوڏر جي لپن سان ڀري ڏيندا هئا، پر هاڻي جڏهن سنڌ غلام آهي ته هن شهر جو حال 13 صدي کان به خراب صورتحال ۾ آهي. ٺٽي ۾ جهمپير مان ساليانو 9 ارب روپين جو ڪوئلو نڪري ٿو جن جا مالڪ پنجاب وارا آهن. سونڊا مان قيمتي پٿر ڪڍي کپائين ٿا جن جي ماليت کان سنڌ محروم آهي. ان ڪري اسين سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ سنڌ کي آزاد ۽ ڄام نظام الدين سمون دؤر واري خوشحال سنڌ ڏسڻ چاهيون ٿا.
جلسي کان پوءِ قومي قافلو سجاول طرف روانو ٿيو. جتي سجاول شهر ٻاهران بشير خان جو استقبال ڪري سندس لاءِ سجاول ۾ وچ روڊ تي ڪارنر گڏجاڻي جو بندوبست ڪيو ويو هو. اتي جمن سنڌي ۽ ساگر حنيف جي تقريرن کانپوءِ بشير خان تقرير ڪري سجاول واسين کي مخاطب ٿيندي چيو ته پنهنجي وطن سنڌ جي مالڪي اسان ۽ توهان کي پاڻ ئي ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن اسان ئي پنهنجي وطن جي مالڪي نه ڪئي ته پوءِ ڌاريا هڙپ ڪري ويندا. اچو ته پنهنجي وطن سنڌجي مالڪي ڪري ان کي آزاد ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي ۾ گڏ ٿيون. سجاول کانپوءِ چوهڙ جمالي طرف قومي قافلو روانو ٿيو، چوهڙ جمالي شهر کان پهريائين سردار اشرف اوٺو ڳوٺ واري لاڙي تي سوين بيٺل ماڻهن بشير خان جو استقبال ڪيو ۽ پوءِ قومي قافلي سان گڏ جي چوهڙ جمالي طرف هلڻ لڳا. چوهڙ جمالي شهر ٻاهران پڻ استقبال ٿيو. بشير خان سوين ماڻهن سان پنڌ ڪندي جلسي گاهه طرف وڌيو، جلسي ۾ ڪرسيون رکي ماڻهن جي ويهڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو، اجرڪون اوڍائڻ کانپوءِ جلسي جي ڪارروائي شروع ٿي. اياز آخوند آجياڻي تقرير ڪئي، حنيف ساگر جي تقرير شروع ٿيڻ مهل ڪرسيون ماڻهن سان ڀرجي ويون هيون ۽ سوين ماڻهو اوسي پاسي کان بيهي کين ٻڌڻ لڳا. ساگر حنيف ماڻهن کي تقرير ڪندي چيو ته وطن سنڌ جي مالڪي ۽ حفاظت ڪرڻ اوهان، اسان سڀني سنڌين جو فرض آهي. بشير خان تقرير ڪندي چيو ته پاڪستان ٺهڻ ڪري اسان سنڌي سنڌواسين سان ظلم جي حد اها آهي ته چوهڙ جمالي شهر ٻاهران ٿيل ڪوسٽ گارڊ ۽ اتي ٺهيل مئرين هيڊ ڪوارٽر ۾ وڃي ڏسو ته گهڻا سنڌي، آهن ۽ گهڻا ڌاريا آهن ته توهان کي پاڻ ئي پڪ ٿي ويندي ته ڪيترو نه ظلم ٿيل آهي سنڌ سان. وڃي ڏسو مان اوهان کي ٻڌايان ٿو ته انهن ڪوسٽ گارڊن ۾ سنڌي اٽي ۾ لوڻ برابر به نه هوندا. جيتوڻيڪ سنڌ جا ملاح سمنڊ ۽ ان جي موسمي حالتن کان چڱي طرح باخبر آهن پر جن جي ابن ڏاڏن به سمنڊ نه ڏٺو هو اهي هاڻي سامونڊي فوج ۾ ڀرتي ٿي سنڌ تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن. چوهڙ جمالي سمنڊ جي ويجهو هئڻ باوجود به ان جا نوجوان ڊگريون کڻي بيروزگار ڦرندا ٿا رهن ۽ ڌاريا هتي مزي سان ويٺي نوڪريون پيا ڪن، اهو سبب رڳو سنڌ جي غلامي ڪري آهي، ان ڪري اچو ته هاڻي غلامي کان بيزاري جو اعلان ڪندي 23 مارچ تي وطن سنڌ جي آزادي جي گهر ڪريون. قومي قافلو بشير خان جي تقرير کانپوءِ ميرپور بٺورو طرف روانو ٿيو، واٽ تي قومي قافلي کي روڊ تي ماڻهو بيٺل نظر آيا جن قومي قافلي جي سرواڻ بشير خان جي گاڏي آڏو اچي کيس سڪ سان لهڻ جو چيو. بشير خان گاڏي مان لهي سندن بيٺڪ تي ويو ۽ اتي ساڻن ڪنهن عزيز جي فوتگي تي عذرخواهي ڪرڻ کانپوءِ انهن ڳوٺ جو ٺهيل حلوو کارايو جيڪو نهايت ئي لذيذ هيو. ان ڳوٺ جو نالو حاجي احمد سومرو هو.
قومي قافلو بٺورو طرف روانو ٿيو، جتي پهتاسين ته اتي وچ چوڪ تي جلسي جو اهتمام ٿيل هو. جسلي کي عباس پرهياڙ آجياڻو ڏنو، ڪيهر انصاري ۽ منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) خطاب کانپوءِ بشير خان خطاب ڪري بٺوري واسين کي 23 تاريخ جي دعوت ڏني. قومي قافلو بٺوري کان پوءِ دڙو شهر جو رخ رکيو جتي ٽوڙهي ڦاٽڪ جو هڪ شهيد، ذڪريا ميمڻ دفن ٿيل آهي. رات جا 11.30 کان مٿي ٿي چڪا هئا پر پوءِ به سوين دوست ۽ عام ماڻهو استقبال لاءِ دهل ۽ شرنايون کڻي چاڪ چوبند بيٺا هئا مُخاطب جن دهل شرنايون وڄائي بشير خان ۽ سندس ساٿين جو استقبال ڪيو، جلسي ۾ آجياڻو علي حسن جلالاڻي ڏنو. فقير امداد منگي، آڪاش ملاح ۽ بشير خان قريشي پنهنجي پنهنجي انداز سان بيٺل ماڻهن کي ٿي 23 مارچ جي دعوت ڏني. رات اتي ماني کائي پوءِ گلشن حديد روانا ٿياسين ته جيئن سڀاڻي وري ٻي ڪنهن ضلعي جو دورو ڪري سگهون.
14 مارچ 2012ع: روز جي معمول جيان صبح جو تيار ٿي ڪراچي جي ملير ضلعي جي دوري تي قومي قافلو پنهنجي سرواڻ بشير خان قريشي جي اڳواڻي ۾ نڪري پيو. ڪراچي جي سنڌي آبادين ۾ سماجي ورڪر ۽ سنڌ دوست سائين خدا ڏنو شاهه وٽ رزاق آباد پهتاسين. جنهن کي 23 مارچ جي دعوت ڏئي کيس ساڻ کڻي ابراهيم حيدري طرف روانا ٿياسين جتي شفيع محمد ڄاموٽ قافلي جي انتظار ۾ ويٺو هو. اتي پهچڻ بعد بشير خان سميت سڀني دوستن کي اجرڪون اوڍايون ويون. شفيع محمد ڄاموٽ صاحب قومي قافلي کي آجياڻو ڏيندي چيو ته اسان محسوس ڪيو آهي. ٻڌو به آهي ۽ ڏٺو به آهي ته بشير خان قريشي سنڌ جي حقن خاطر سدائين ميدان عمل ۾ رهيو آهي ۽ هاڻي بشير خان جيڪو سڏ ڏنو آهي ان ۾ اسان هر قسم سان سندس ساٿ ڏينداسين.
آجياڻي کانپوءِ بشير خان قريشي اتي شفيع محمد ڄاموٽ وٽ گڏ ٿيل ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو ته گڏ ٿيڻ ۾ طاقت آهي، ان لاءِ جڏهن اسان خاص طور تي ڪراچي ۾ ڇڙوڇڙ آهيون جيڪو صدين کان سنڌ جو شهر ۽ سڃاڻپ آهي اتي هڪ ڀرپور طاقت جو مظاهرو ڪري سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن جو اصل سبب وائکو ڪرڻو آهي. ان لاءِ اسان ڏينهن به اهڙو چونڊيو آهي، جنهن ڏينهن لاءِ چيو ٿو وڃي ته سنڌين جي به مرضي هئي ته پاڪستان ٺهي. هاڻي ان ڏينهن يعني 23 مارچ تي سڄي دنيا کي ٻڌائينداسين ته اسان کي 1940ع جي قرارداد نه ٿي کپي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جنهن معاهدي تحت ٺاهيو ويو هو ان تي پاڻ پنجاب هڪ ڏينهن به عمل ناهي ڪيو. ان پاڪستان ٺاهڻ ڪري اسان کي زبان، ٻولي کي ثانوي حيثيت ڏني وئي آهي اسان جي ڪلچر کي ختم ڪرڻ جون سازشون ٿينديون رهيون آهن. ان سان گڏوگڏ اسان جي سڀني وڏن شهرن ۾ وڏي تعداد ۾ ڌاريا ماڻهو آڻي انهن کي آباد ڪرڻ جون سڀ سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن. ائين ڪرڻ سان حقيقت ۾ اهي اسان جي قومي وجود ۽ الڳ تشخص کي ختم ڪرڻ جي پويان پيل آهن. ان کانسواءِ هاڻي ته حد ٿي وئي آهي جو اسان جي سنڌ امڙ جي وحدت بابت به سازشون ٿيڻ لڳيون آهن. ان ڪري ضروري آهي ته پاڪستان کان سنڌ کي آزاد ڪرائجي.
هاڻي بين الاقوامي طور تي دنيا هڪ ٻئي سان نه فقط ڳنڍ جي چڪي آهي پر هزارين ميل پري ويٺل کي 5 سيڪنڊن ۾ خبر پئجيو وڃي ته دنيا جي ڪهڙي خطي ۾ ڇاٿو ٿئي. ان ڪري هاڻي اسان کي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر کي زورائتي ۽ اثرائتي انداز سان دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڏسو ته پوءِ دنيا ان جو ڪيئن نه ٿي نوٽيس وٺي، اسان کي هاڻي واضح نموني بيهڻو پوندو ان پاسي جنهن طرف اها گُهر هجي ته سنڌ گُهري ٿي آزادي. ان ۾ هر هڪ سنڌي کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اها ئي دعوت کڻي هتي پهتا آهيون. پنهنجن وٽ. اميد ته پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر لاءِ سڀ گڏ ٿي 23 مارچ تي ضرور شريڪ ٿيندا. قومي قافلو بعد ۾ ريڙهي مياڻ طرف موٽيو جتي يوسف جت سان ڪچهري ڪري کيس دعوت ڏني وئي ته هو 23 مارچ تي نه فقط پاڻ شريڪ ٿئي پر سڄي ڳوٺ سميت اتي اچي، يوسف جت دعوت جي موٽ ۾ ٻڌايو ته سائين ڪراچي ۾ ڌاريا ايترا ته گهڻا ٿي ويا آهن جو 5-10 سال اڳي پٺاڻ نالي ڪا قوم سامونڊي ڪناري تي نه هوندي هئي پر هاڻي نه فقط هوڙن ۽ ٻيڙين جا مالڪ پٺاڻ آهن، پر ٺيڪيدار به اهي آهن. هاڻي سنڌين کي فقط ٻيڙين تي مزدوري ڪرڻي آهي سو به ان ڪري جو سمنڊ کان ڌاريو واقف ناهي. لکن جي تعداد ۾ بهاري، برمي، بنگالي، هتي شناختي ڪارڊ ٺهرائي هتان جا شهري لڳا ويٺا آهن. پ پ حڪومت سنڌين جي ووٽ تي چونڊجي اچي ٿي پر سنڌ سان ٿيندڙ ايڏي وڏي ظلم جنهن ۾ سندن سنڌين جي قومي شناخت ختم ڪئي پئي وڃي، ان ۾ ڌارين سان گڏ بيٺي آهي. ان ڪري هاڻي خاص طور تي سنڌين کي پاڻ محنت ڪري پنهنجي وطن کي بچائڻو پوندو. يوسف آخر ۾ اها خاطري ڪرائي ته 20 کان 25 بسون ڀرائي توهان سان شريڪ ٿبو. سنڌ جي گادي واري هنڌ ۾ جيڏانهن ڪيڏانهن رڳو اوپرائي اوپرا نظر پيا اچن ٿڌا شوڪارا ڀريندي اکين ۾ غم ۽ غصي کي سانڍيندي اڳئين منزل طرف روانا ٿياسين.
ڳوٺ عمر مارئي ۾ گڏ ٿيل سوين سنڌين استقبال ڪيو ۽ رٿيل ڪارنر گڏجاڻي واري هنڌ پهتاسين. جتي صابر ڀريائي، سائين جهان شاهه، حنيف ساگر، آڪاش ملاح کان پوءِ بشير خان خطاب ڪري چيو ته اسان جي اکين آڏو ڪارخانا ته ٺهيا پيا آهن، پر انهن جا ملڪ ۽ مزدور ڌاريا آهن، توهان جي آڏو دوائن ٺاهڻ جو ABBOT نالي ڪارخانو آهي مان پڪ سان چوان ٿو ته ان ۾ مزدور رڳو ڌاريا هوندا. همت ڪيو، سستي ڇڏيو، لاپرواهه نه ٿيو پنهنجي وطن کان. اچو ته گڏجي پنهنجو پاڻ کي بچايون، پنهنجي وطن کي آزاد ڪرايون. قومي قافلو نيشنل هاءِ وي روڊ لڳ دائود شورو ڳوٺ ۾ رکيل جلسي ۾ شريڪ ٿيو. مين روڊ تي استقبال ٿيڻ کانپوءِ پنڊال ۾ پهتاسين جتي ڪيهر انصاري، منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) خطاب کانپوءِ بشير خان خطاب ڪندي چيو ته قدرت انسانن کي سڃاڻپ لاءِ قومن ۾ ورهايو آهي جنهن کي وطن زمان ۽ ڪلچر الڳ الڳ ڏنو آهي. ايران جا رهواسي ايراني ٿا سڏائين سندن ٻولي فارسي آهي. سعودي عرب جا رهواسي سعودي عرب جا مالڪ آهن. انهن جي مرضي ۽ منشا کانسواءِ ڪوبه بزرگ ان ملڪ ۾ حج جي نيت سان ئي سهي پر داخل ٿي نه سگهندو پر هتي سنڌ ۾ ڪنهن کي به اهو اختيار نه آهي ته ٻاهران ايندڙ ماڻهو کان اهو پڇي سگهي ته ڪنهن جي مرضي سان هتي آيا آهيو. اهو حق پاڪستان جي ڪري سنڌين کان کسجي چڪو آهي. پاڪستان جي ڪري اسان جي اقتصادي وسيلن جي ڦرلٽ ٿي ٿئي. هر مهيني رڳو ڪراچي مان 24 ارب روپيه ڪمائي پٺاڻ پنهنجي علائقي ڏانهن موڪلي ٿو، هاڻي ته مورڳو سنڌ اسان کان ڦري پئي وڃي. تنهنڪري اچو ته نه فقط سنڌ بچايون پر وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون. گڏ ٿينداسين ته سنڌين جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيندو ۽ عزت ۽ مانُ شان سان پنهنجي وطن سنڌ جا مالڪ ٿي سگهنداسين ۽ سک سان جيءُ سگهنداسين. ان ڪري گڏ ٿيڻ جي تاريخ اسان مقرر ڪئي آهي جيڪا 23 مارچ آهي. محنت اسان ڪيون پيا توهان سستي ڇڏي ان ڏينهن تبت سينٽر اچو. قومي قافلو عبدالله ڳوٺ پهتو جتي دهلن ۽ شرناين سان استقبال ڪري بشير خان ۽ قومي قافلي کي پنڊال ۾ پهچايو ويو جتي هڪ همراهه لٺ تي دلو رکي ڪرتب به ڏيکاريا. رمضان ڀٽي اجرڪون اوڍايون. تنهن کان پوءِ فقير امداد منگي ۽ بشير خان قريشي جلسي ۾ آيل سوين سنڌين کي پنهنجي اچڻ جو مقصد ٻڌايو ۽ کين ٻڌايو ته 65 سالن کان ووٽ ڏيندا پيا اچون پر اسان سنڌي پنهنجي ڌرتي جا مالڪ ۽ وارث ٿيڻ بجاءِ تيزي سان اقليت ۾ تبديل پيا ٿيون. ان ڪري هاڻي ووٽ نه وطن سنڌ جي آزادي جو اعلان ڪرڻو آهي. اهو اچو ته سڀ گڏجي ڪريون ڏسون ته اها گُهر ڪيئن نه سنڌين کي غلامي کان ڇوٽڪارو ٿي ڏياري. قومي قافلو پپري طرف وڌيو. مين روڊ تي استقبال کانپوءِ جلسي گاهه طرف روانا ٿياسين. جيڪو پپري ۾ ٺهيل فوٽ بال گرائونڊ ۾ منعقد ڪيو ويو هو. اتي پهچڻ کانپوءِ معشوق پنهيار آجياڻو ڏنو. صفدر تنيي، نجف لغاري، حنيف ساگر، حبيب ڀٽي، ڪيهر انصاري، فقير امداد منگي، آڪاش ملاح ۽ بشير خان جلسي ۾ شريڪ سوين ماڻهن سان مخاطب ٿيندي سائين جي ايم سيد جي فڪر، سنڌ سان ٿيل ظلم زيادتين ۽ ويساهه گهاتين، سنڌ جي تاريخ، شاهه لطيف جي بيتن، جنهن ۾ همت ۽ اعتماد پيدا ٿئي، سائين جي ايم سيد جي شخصيت سميت مختلف پهلوئن تي ٻڌندڙ کي ٻڌائيندي کين آمادهه ڪيو ته هو 23 مارچ واري جلسي ۾ ضرور شريڪ ٿين. ايڏن گهڻن مقررن باوجود به ماڻهو تمام گهڻي سنيجدگي سان ڳالهيون ٻڌندا، هيئن سان هنڊائيندا رهيا ۽ آخر ۾ بشير خان کي هٿ اُڀا ڪري ڏيکاريندي يقين ڏنائون ته هو 23 مارچ تي ضرور ايندا.
جلسي کان پوءِ گلشن حديد ۾ سنڌ جي ڀلوڙ فنڪار حنيف لاشاري سان سندس گهر واريءَ جي وفات تي سندس گهر وڃي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، رات آرام ڪرڻ لاءِ بشير خان جي جڳهه تي پهچي آرام ڪيو ويو.
15 مارچ 2012ع: حسب معمول صبح جو تيار ٿي گهگهر ڦاٽڪ طرف روانگي ٿي. جتي استقبال کانپوءِ ڪارنر گڏجاڻي کي حنيف ساگر ۽ بشير خان خطاب ڪري 23 مارچ جون دعوتون ڏنيون. قومي قافلو ڊم لوٽي نمبر 8 ۾ پهتو. جتي يار محمد بلوچ کي 23 مارچ جي دعوت ڏني وئي. قومي قافلو درساڻو ڇنو پهتو. جتي مشفق سنڌي آجياڻو ڏنو، آجياڻي کانپوءِ الاهي بخش بڪڪ سامعين کي خطاب ڪندي چيو ته اسان سنڌين پنهنجا شهر ڌارين حوالي ڪري ڇڏيا. اسان جي جسم تي ڪيولي به چڪ نه پاتو، هوٽلن تي ويهي تاش راند کيڏڻ ۾ پورا لڳا پيا هئاسين. هاڻي ته گهٽي گهٽي ۾ ڌاريا ماڻهو ڪُت خلق جيان ڪاهي پيا آهن. جيئن ماڪڙ فصلن تي حملو ڪندي آهي، تيئن ڌاريا سنڌ تي ڪڙڪي پيا آهن ۽ سنڌ کي کائڻ شروع ڪيو اٿن. دوستو! اچو ته سنڌ بچايون. اچو ته سنڌ کي آزاد ڪرايون تنهن کان پوءِ حنيف ساگر خطاب ڪندي غلام سنڌ جا سور ٻڌائيندي کين همت، قوت، جوش ۽ جذبو ڏياريو ته جيئن اهي پنهنجي وطن سنڌ جي وارثي ۽ مالڪي ڪن. اتي اجرڪون به اوڍايون ويون. آخر ۾ بشير خان، ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ تاريخ جي انتهائي ڏکي دؤر مان گذري رهي آهي. تاريخ ۾ اهڙو ڏکيو دؤر سنڌ مٿان ڪڏهن به نه گذريو آهي. اسان پاڻ وسارڻ واري دؤر ۾ پيدا ٿيا آهيون. هاڻي جيڪڏهن اسان سُستي، لاپرواهي، ڪوتاهي ختم ڪري سنڌ جي بقا خاطر، سنڌ جي آزادي خاطر متحرڪ ۽ منظم نه ٿياسين ته هي سرزمين سنڌ ته هوندي پر ان جا مالڪ سنڌي نه هوندا. اسان ووٽ گُهرڻ نه آيا آهيون، اسان فقط اهو چاهيون ٿا ته توهان پنهنجو لاڳاپو سنڌ سان ڳنڍيو، قرباني جو وقت هي آهي، اڄ سجاڳ ٿياسين ته رڳو وقت جي قرباني ڏيڻي پوندي پر جيڪڏهن دير ٿي وئي ته سسيون قربان ڪنداسين تڏهن به ڪجهه نه ورندو. اسان وطن جي آزادي لاءِ جهول جهلي هٿ، هٿ ۾ ڏئي وچ ڪراچي ۾ بيهي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪنداسين ته پڪ سان سنڌ جُهومي اُٿندي. مُرڪي اُٿندي، جلسي دوران ڄنگهن کان معذور شخص سائيڪل تي ويهي جلسي گاهه ۾ پهتو ۽ هٿ مٿي کڻي اعلان پيو ڪري ته سنڌ وطن جي آزادي لاءِ مان هر وقت جان ڏيڻ لاءِ به حاضر آهيان. سندس ان جذبي کان سڀ متاثر ٿيا. جلسي کانپوءِ ماجد جوکيو، اعجاز جوکيو، وسند جوکيو جيڪي Leads نالي پنهنجي مدد پاڻ تحت هڪ تنظيم هلائي رهيا آهن. جيڪي سڄو ڌيان ڳوٺن ۾ تعليم ڏانهن ڏين ٿا. سندن سينٽر ۾ 60 شاگرد ڪمپيوٽر ڪورسز ۾ زير تعليم آهن. ان سان گڏوگڏ Political awareness پيدا ڪرڻ لاءِ ڳوٺن ۾ ليڪچر ڏياريندا آهن انهن جي چانهه پيئڻ کانپوءِ سندن آفيس جو دورو پڻ ڪيو ويو.
قومي قافلو اتان روانو ٿي ڳوٺ دُر محمد بلوچ پهتو. جتي عبدالحڪيم بلوچ جي چانهه پيئڻ کانپوءِ کين 23 مارچ جي دعوت ڏني وئي. عبدالحڪيم بلوچ ٻڌايو ته سپر هاءِ وي تي لڪي سيمنٽ ڀرسان DHA ڊفينس هائوسنگ اسڪيم فيز 10-9 شروع ڪئي اٿن. جتي 27 هزار ايڪڙ زمين سرڪار پنهنجي قبضي ۾ ڪري، اتي ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ اسڪيمون شروع ڪيون آهن، جنهن ۾ هڪ هزار ايڪڙ زمين انهن فوجين کي الاٽ ڪئي پئي وڃي جيڪي اتر وزيرستان ۾ مذهبي انتها پسندن سان وڙهندي امر ٿي ويا آهن. سنڌ جي پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هيستائين لکين ايڪڙ زمين سنڌ حڪومت کان ڀڳڙن مُٺ عيوض فوجين کي وڪڻي وئي آهي. محمد ميان سومري پنهنجي دؤر ۾ 5 لک ايڪڙ زمين کين ڀڳڙن مُٺ وڪڻي هئي، ڪراچي، حيدرآباد ۾ هزارين ايڪڙ زمين فوجين حوالي آهي. قومي قافلو عبدالحڪيم بلوچ کان موڪلائي دنبا ڳوٺ ۾ پالارين وٽ عذرخواهي ڪري کين 23 مارچ جي دعوت ڏني. قومي قافلو پوءِ سومار ڪُنڊاني پهتو. جتي جلسي کان پهريائين عبدالستار خاصخيلي جي وفات تي سندس پونئرن سان عذر خواهي ڪئي وئي. ڪارنر گڏجاڻي واري هنڌ پهچي قومي قافلي کي ضمير حاجاڻي آجياڻو ڏنو. اتي ڪارنر گڏجاڻي ۾ شهيد مشتاق خاصخيلي جو والد صاحب پڻ بشير خان سان گڏاسٽيج تي ويٺو. آصف بالادي گڏ ٿيل ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته حق جو آواز ڪڏهن به بند يا ختم ٿي نه سگهندو آهي، ٿورو يا گهڻو ان آواز جو پڙلاءُ وڌندو رهندو آ، اڄ سنڌ جي جهر جهنگ، ننڍن وڏن شهرن ۾ سنڌ گُهري ٿي آزاي جو نغارو وڄي چڪو آهي. هاڻي هر سنڌي جي هٿ ۾ جيئي سنڌ جو جهنڊو ۽ زبان تي سنڌ گُهري ٿي آزادي جو نعرو آهي. قومون ڪڏهن ڪڏهن اگهور ننڊ ۾ سمهي پنهنجي ڪيل ڪمائي چٽ ڪري ڇڏينديون آهن ۽ جڏهن اهي ستل قومون سجاڳ ٿينديون آهن، تڏهن صدين جا فاصلا سالن ۾ ۽ سالن جا پنڌ منٽن ۾ طئي ڪنديون آهن. منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي خطاب کانپوءِ بشير خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ هر ايندڙ ڏينهن، اسان لاءِ نوان سور ۽ مصبيتون کڻي ٿو اچي. روز سنڌ لاءِ نوان مسئلا سامهون ٿا اچن. صبح جو ننڊ مان اٿ ته نئون مسئلو تيار ٿيو بيٺو هوندو آهي. مسئلا پيدا ئي پاڪستان جي ڪري ٿين ٿا ان ڪري ان مسئلستان، پاڪستان مان جان ڇڏائي سنڌ وطن کي آزاد ڪرايون. پنجابين سميت سڀ ڌاريا فقط سنڌ ۽ ان جي وسيلن کي ڦٻائڻ ٿا چاهين. تنهنڪري هاڻي سنڌ جي مالڪي جيڪڏهن اوهين چاهيو ٿا ته سنڌين وٽ هجي ته پوءِ پنهنجي وطن سنڌ کي آزاد ڪرائڻو پوندو. تنهن تي اتي ويٺل سڀني هٿ مٿي کڻي واعدو ڪيو ته هو سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻ لاءِ 23 مارچ واري پروگرام ۾ ضرور شريڪ ٿيندا. اڄ سڄو ڏينهن غلام حسين جوکيو نالي 80 ساله جهونو شخص مشفق سنڌي سان گڏ اسڪوٽر تي ويهي دوري ۾ هلندو رهيو. ان جوکيي مونکي ٻڌايو ته سندس والد اڃان جيئرو آهي جيڪو 100 سالن جو آهي. قومي قافلو پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ بشير خان قريشي جي جڳهه تي آرام ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو.
16 مارچ 2012ع: صبح جو تيار ٿي اخبارن جو مطالعو ڪري جسقم ضلع اولهه ڪراچي جي پاسي نڪري پياسين. سپر هاءِ وي، نيو سبزي منڊي جي ڀرسان چاڪر خان هوٽل وٽ ۽ عبدالله شاهه غازي ڳوٺ پاسي کان ايندڙ رستي تي سپر هاءِ وي تي ٺهيل پُل هيٺان. سوين ڪارڪن هٿن ۾ جهنڊا کڻي، اسڪوٽرن ۽ ڪارن تي تيار لڳا بيٺا هئا. بشير خان سان ملڻ کانپوءِ قومي قافلي خادم سولنگي ڳوٺ طرف رخ رکيو. جتي خادم سولنگي جيڪو ڳوٺ جو چڱو مڙس به آهي سان ملي کيس 23 مارچ جي دعوت ڏني وئي.
قومي قافلو فقير ڳوٺ پهتو. اتي بشير خان، مومن خان ڊومڪي سان ملي کيس دعوت ڏني ته هو راڄ ڀاڳ سميت 23 تاريخ تي شريڪ ٿئي. جنهن ڀرپور مدد جو يقين ڏياريو. سنڌتحفظ ويلفيئر ايسوسيئيشن وارن سان ملياسين. جتي ڊاڪٽر عبدالحليم ميمڻ، جمال مگسي، بشير احمد، سان ملي کين 23 مارچ تي سنڌ گُهري ٿي آزادي جي ريلي ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي. قومي قافلو جمالي ڳوٺ طرف روانو ٿيو. جتي لقمان مزاري، شوڪت جاگيراڻي جيڪي ڳوٺ جا چڱا مڙس هئا تن کي 23 مارچ جي دعوت ڏني وئي اتي ڳوٺ وارا سڀ گڏ ٿيل هئا. تن سڀني يقين ڏياريو ته هو 23 مارچ واري جلسي ۾ ڀرپور استقبال ڪري بشير خان کي عرض ڪيو ته هتي پروگرام شيڊول مطابق نه آهي پر ان هوندي به ٻه پير ڀري هلو. جيڏانهن بشير خان ساٿين سميت هليو ۽ اتي ويٺل سڀني سنڌين کي 23 مارچ جي دعوت ڏني. اتي ويٺل سڀني سنڌين دعوت کي قبول ڪيو.
قومي قافلو اڳتي روانو ٿيو. مين روڊ تي استقبال کانپوءِ نور خان ڳوٺ طرف هلياسين جتي گڏ ٿيل ماڻهن جي ميڙ کي الاهي بخش بڪڪ تقرير ڪندي چيو ته سنڌ جي حفاظت اسان توهان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. حنيف ساگر خطاب ڪندي ماڻهن کي ٻڌايو ته پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ سان تمام گهڻا ظلم ٿيا آهن، ان ڪري جيڪڏهن ظلمن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي ته پوءِ پاڪستان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سنڌ جي آزادي لاءِ ميدان ۾ لهي پئو. اصغر بروهي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض انجام ڏيندي بشير خان کي تقرير لاءِ سڏ ڪيو. جنهن اتي ويٺلن کي ٻڌايو ته پاڪستان نالو آهي، هڪ معاهدي جو. جنهن تحت ان ۾ شامل ٿيڻ ۾ برابر جا شريڪ آهن، پر پنجابي پنهنجي حڪمت عملي ذريعي سڄي پاڪستان تي قابض ٿي سنڌ جي وسيلن جا مالڪ لڳا ويٺا آهن. ان ڪري هاڻي ان پاڪستان کان ئي جان ڇڏايون ته جيئن پنهنجي سنڌ وطن جا پاڻ مالڪ ٿيون ۽ 23 مارچ تي لکين سنڌي گڏ ٿي هڪ ئي نعرو سنڌ گُهري ٿي آزادي هڻي وطن سنڌ کي آزاد ڪرائي وجهون. ماڻهن هٿ مٿي 23 تاريخ پهچڻ جو واعدو ڪيو، قومي قافلي بوزدار برادري وٽ چانهه پيئڻ کانپوءِ کين 23 مارچ جي دعوت ڏني. لاسي ڳوٺ ۾ عذر خواهي ۽ ماني کائي عبدالستار بگٽي، نواز بگٽي کي 23 مارچ جي دعوت ڏني. سيف الله جتوئي وٽ عذر خواهي ڪرڻ کانپوءِ کيس 23 مارچ جي دعوت ڏني. پوءِ تنيا، جتوئي ۽ هندو برادري وٽ وڃي کين 23 مارچ جي بشير خان دعوت ڏني. ايوب ڳوٺ ۾ راڄپر برادري وٽ وڃي کين 23 مارچ جي دعوت ڏني وئي. انهن سڀني برادرين وڏي پئماني تي 23 تاريخ پهچڻ جو يقين ڏياريو. ايوب ڳوٺ ۾ ئي حامد برفت جي وفات تي سندس پوين سان تعزيت ڪئي وئي، جتي غلام قادر برفت يقين ڏياريو ته سڄي ڳوٺ سميت 23 تاريخ اينداسين. خميسو بروهي ڳوٺ ۾ وک وک تي ماڻهن استقبال ڪري وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان اظهار ڪندي اطمينان ڏياريو ته هو هر صورت ۾ 23 تاريخ تبت سينٽر وٽ ايندا. اڄوڪي سڄي ڏينهن جو دؤرو اهو ڏيک پيو ڏئي ته قومي قافلي سان گڏ سوين موٽرسائڪلون، گاڏيون گڏجي هلن پيون ته ڄڻ قومي قافلو کُٽندي نظر ئي نه پيو اچي، جنهن سنڌي آبادي ۾ وڃڻ ٿئي پيو ته هر هڪ سنڌي پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪري جوش ۽ جذبي سان اهو اظهار پئي ڪيو ته هو 23 مارچ تي هر صورت ۾ گهڻي تعداد ۾ جسقم جي رٿيل جلسي ۾ تبت سينٽر وٽ ضرور ايندا. اڄوڪي دوري جي پڄاڻي ڪري وري بشير خان جي رهائش گاهه پهچي آرام ڪري وري سڀاڻي نئين سر قومي قافلي کي نڪرڻو هو.
17 مارچ 2012ع: اڄ ڪراچي کي ڇڏي وري حيدرآباد ڏانهن روانا ٿياسين. خصوصي طور تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان، سنڌ ٽي وي کي بشير خان انٽرويو ڏنو. تنهن کانپوءِ ڪاوش آفيس جو دورو ڪري اتي نياز پنهور سان ڪچهري ڪئي وئي ۽ بچيل سوالن جا بشير خان جواب ڏنا. اتي هڪ صحافي بشير خان کان پڇيو ته اوهان صفدر سرڪي جي 18 مارچ واري ڌرڻي بابت ڇا ٿا چئو. جنهن تي بشير خان کيس تفصيلي ٻڌائيندي چيو ته اخبارون ان ڳالهه جون گواهه آهن ته اسان گذريل ڊسمبر ۾ ئي 23 مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪيو هو. تنهن کان پوءِ محترم ڊاڪٽر صفدر سرڪي 18 مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪيو. اسان وري به آصف بالادي ۽ بشير خاصخيلي، محمد خان شيخ، اديب ۽ صحافي جهڙوڪ اعجاز منگي، ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ، همسفر گاڏهي، حميد سبزوئي وارن کي ڊاڪٽر صفدر ڏانهن موڪليو ثبوت کڻي ته اسان تاريخ جو اعلان اڳ ۾ ڪيو آهي. ان هوندي به ڊاڪٽر صفدر پنهنجي ڳالهه تي اڙيل رهيو. هاڻي سندس مرضي، باقي اسان هر صورت ۾ 23 مارچ جيڪو ان حوالي سان تاريخي ڏينهن آهي ته پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪنداسين. غازي ڳوٺ ۾ گڏ ٿيل ميڙ کي بشير خان خطاب ڪندي چيو ته ڌاريا جتي ويهي ٿا رهن ته اهي هنڌ کين الاٽ ڪري پڪا ٺاهي ڏنا ٿا وڃن پر سنڌي جڏهن پنهنجي ڌرتي تي ويهي ٿو ته بهانا ڪري کين زوري ٽپڙ اڇلايا ٿا وڃن ان بي انصافي خلاف به اسان کي گڏ ٿيڻو پوندو. چپل گارڊن ٻاهران گڏ ٿيل ماڻهن کي بشير خاصخيلي، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) ۽ بشير خان تقرير ڪندي چيو ته سنڌ جا مالڪ توهان سنڌي آهيو، جيڪڏهن توهان پنهنجي مالڪي تان هٿ کڻي لاپرواه ۽ لاتعلق ٿي ويهي رهندا ته سنڌ مستقل غلامي هيٺ رهندي ۽ سنڌي ان صورت ۾ پنهنجو قومي وجود وڃائي ويهندا. ان ڪري اچو ته سنڌجي آزادي جي گُهر ڪري سڀني مسئلن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪريون. مخدوم بلاول سوسائٽي ۾ ڪارنر گڏجاڻي ٿي جتي محبوب عباسي آجياڻو ڏنو. آڪاش ملاح، (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقرير کان پوءِ بشير خان خطاب ڪندي کين 23 مارچ جي دعوت ڏني. جتي سڀني شريڪ ماڻهن هٿ مٿي کڻي شرڪت جو اعلان ڪيو. قومي قافلو شر ڳوٺ لياقت نگر ۾ پهتو، جتي بشير خان کين پڻ 23 تاريخ تي تبت سينٽر پهچڻ جي دعوت ڏني. سچل ڳوٺ ۾ تقريرون ڪري حنيف ساگر ۽ بشير خان ماڻهن کي 23 تاريخ جي دعوت ڏني. خاصخيلي اتحاد طرفان چانهه پارٽي ڏني وئي جتي پڻ بشير خان کين 23 مارچ تي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني. عوامي آواز جي حيدرآباد جي بيورو انچارج اقبال ملاح سان سندس آفيس ۾ ڪچهري ڪئي وئي. عبرت آفيس جو دورو ڪري اتي صحافين سان ڪچهري ڪري کين به دعوت ڏني وئي ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ۾ شريڪ ٿين. مهراڻ ٽي وي چئنل تي وڃي ساڻن ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سوڀ اخبار جي دفتر وڃي سندس بيورو چيف ۽ صحافين سان ڪچهري ڪئي وئي.
18 مارچ 2012ع: صبح جو تيار ٿي ميرپور خاص طرف قومي قافلي رخ رکيو. جتي هندو مذهب سان لاڳاپيل دوستن طرفان مذهب جي بنياد تي ٿيندڙ ظلمن خلاف ميرپور خاص کان حيدرآباد تائين مارچ جوا اعلان ٿيل هو. تنهن ۾ شرڪت لاءِ اوڏانهن وڃڻ ٿيو. واٽ تي ٽنڊو ڄام، ميرڪالوني ۽ زرعي يونيورسٽي وٽ دوستن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ استقبال ڪيو ۽ گڏجي ميرپورخاص هليا. ميرپورخاص پريس ڪلب وٽ اهي هندو دوست ۽ ادڙيون تمام گهڻي تعداد ۾ بيٺل هيون. اتي انهن سان گڏ اُس ۾ روڊ تي ڌرڻو هڻڻ کانپوءِ ذيشان لغاري، حنيف ساگر، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقرير کان پوءِ بشيرخان تقرير ڪندي کين پنهنجي پارٽي جو موقف ٻڌايو ته اسين سنڌ جي هندن کي اقليت نه ٿا سمجهون پر اسين انهن کي سنڌ جو اڻٽٽ حصو ۽ جسم جو عضوو سمجهون ٿا. ڪافي عرصي کان سنڌ ۾ اهڙي قسم جون حرڪتون ٿي رهيون آهن جن جي پٺيان پنجاب جا ڳُجها ادارا ملوث رهيا آهن، جنهنڪري هندو پنهنجي وطن سنڌ کي لاچار ٿي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن. اسان سڀني کي گُهرجي ته اهڙين سازشن جو ڄمي ۽ گڏ ٿي مقابلو ڪريون ۽ هندن کي به عرض ٿا ڪريون ته تڪليفن جي باوجود به هو سنڌ امڙ کي ڇڏڻ جو نه سوچين. تقريرن کانپوءِ ڪجهه وقت پيادل پنڌ انهن ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏجي ڪيو ويو. آخر ۾ بشير خان پيادل قافلي ۾ شريڪ ڀينرن کي اجرڪون پارايون. پيادل قافلي کي الوداع چئي قومي قافلو حيدرآباد طرف روانو ٿيو. ڄامشورو ۾ ڦاٽڪ تي بيٺل سوين ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن استقبال ڪري جلسي گاهه ڏي وٺي هليا. جتي قربان سومري آجياڻو ڏنو. بشير خان خطاب ڪري پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن کي 23 مارچ جي مظاهري ۾ شريڪ ٿيڻ جو سڏ ڏنو. ان پنڊال ۾ اسان جو جهونو ساٿي ڊاڪٽر مولا بخش ٿيٻو ۽ ساجن پنهور وارا پڻ ويٺل هئا. قومي قافلو حيدرآباد باءِ پاس طرف وڌيو. جتي سوين اسڪوٽر ۽ گاڏين تي بيٺل تمام وڏي هجوم استقبال ڪيو ۽ وڏي ريلي جي صورت ۾ ڪوٽڙي طرف قومي قافلو وڌيو. قومي قافلو ڪوٽڙي جو چڪر لڳائيندي وچ شهر ۾ هر هنڌ گلن جي ورکا ٿيندي رهي. بشير خان کي اجرڪون اوڍايون پئي ويون، واٽ تي سنڌيونائيٽيڊ پارٽي جا 3 ڪارڪن پنهنجي پارٽي جا جهنڊا کڻي استقبال لاءِ بيٺا هيا جن گلن جا هار پارايا، بشير خان کي جلسي گاهه ۾ پهچندي قومي قافلي کي ڏيڍ ڪلاڪ استقبال ۾ لڳي ويو. جلسي ۾ هزارين ماڻهو شريڪ هئا. جتي آجياڻو عالم ٻگهي ڏنو. حنيف ساگر بڙدي، آڪاش ملاح، ۽ منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقريرن کانپوءِ بشير خان هزارن جي مجموعي کي خطاب ڪندي کين 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جو سبب ٻڌايو ۽ اتي اچڻ جي اپيل ڪئي. تمام وڏي جلسي کانپوءِ سنڌيونيورسٽي جي استادن سان ملڻ لاءِ قومي قافلو سنڌ يونيورسٽي جي ٽيچرس هال پهتو. جتي پروفيسر جن ۾ عرفانه ملاح، امر سنڌو، اظهر شاهه ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي هئا جن سان گڏ غلام رسول چانڊيو پڻ انتظار ۾ ويٺل هيو. اتي پروفيسرن سنڌيونيورسٽي سان لاڳاپيل مسئلن ۽ ان تي هلندڙ جدوجهد بابت آگاهي ڏني. قومي قافلو سنڌيونيورسٽي جي شاگردن سان هاسٽل تي ڪچهري لاءِ روانو ٿيو. جتي هوشو هاسٽل جي هال ۾ شاگرد گڏ ٿيل هئا. ذوالفقار ملاح حبيب ڀٽو، صفدر تنيو، حنيف ساگر، ڪيهر انصاري جي خطاب کانپوءِ بشير خان شاگردن کي مخاطب ٿيو. رات دير سان ڪڙيو گهنور وڃي نظاماڻين جي وڏي جي وفات تي بشير خان تڏي تي پهچي ساڻس دلي همدردي جو اظهار ڪري گلشن حديد طرف روانا ٿيا.
19 مارچ 2012ع: ٻنپهرن جو تيار ٿي لياري ۾ قتل ٿيل رشيد ڪڇي جي جنازي نماز ۾ قومي قافلو پنهنجي اڳواڻ بشير خان جي قيادت ۾ پهتو. جتي ميوا شاهه قبرستان ۾ پهچي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي وئي. قومي قافلي کي آگرا تاج کان اسڪوٽرن جي قافلي ۾ قومي ڪارڪن گڏ وٺي هليا. رشيد ڪڇي، ڪڇي برادري جو سربراهه هيو. انهن چواڻي ته پيپلز امن ڪميٽي جي همراهن رشيد ڪڇي کي شهيد ڪيو هو. گهڻي وقت کان پيپلز امن ڪاميٽي لياري ۾ عام سنڌي ماڻهن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. بشير خان مواڇ ڳوٺ ۾ مختلف برادرين وٽ وڃي انهن کي 23 مارچ جي دعوت ڏني، قومي قافلو مشرف ڪالوني پهتو جتي برسات کان متاثر ٿيلن جا ڪيمپ لڳل هئا، انهن وٽ وڃي کين 23 مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي. ماڙيپور ۾ سوين گڏ ٿيل ماڻهن کي 23 مارچ جي دعوت محترم بشير خان کين ڏني. اجرڪون اوڍائڻ کانپوءِ اتي ويٺل جسڪاڻي اعلان ڪيو ته 10 گاڏيون ڏيون ٿا جيڪي ماڻهن سان ڀريل هونديون. نئين آباد ۾ سنگهار جماعت خاني ۾ گڏ ٿيل ماڻهن کي دعوت ڏني وئي. اتي بشير خان کين خطاب ڪري دعوت ڏني. جکوئي پاڙي ۾ وڃي ماڻهن کي دعوت ڏني وئي. لياري ۾ گُهمندي رشيد ڪڇي جي قتل ڪري سڄو شهر بند ۽ گهٽيون ويران نظر آيون. ڪڇي جماعت خاني ۾ گڏ ٿيل ماڻهن کي پڻ دعوتون ڏنيون ويون. سڀني برادرين 23 مارچ تي تبت سينٽر وٽ ريلي ۾ شرڪت جو واعدو ڪيو. رات جو مخدوم بلاول سوسائٽي ۾ مختلف اديبن سان ڪچهري ڪئي وئي.
20 مارچ 2012ع: صبح جو تيار ٿي بلاول ڳوٺ طرف قومي قافلو روانو ٿيو. جتي ککراڻي برادري، شاهنواز ۽ ٻين برادرين کي دعوتون ڏيڻ کانپوءِ شهيد مرتضيٰ چوڪ ٿي سوين گڏ ٿيل ماڻهن کي 23 مارچ جي دعوت ڏيندي اهو ٻڌايو ته آخر اسان 23 مارچ جي ئي ڏينهن جي ڇو چونڊ ڪئي آهي. کين تفصيل سان بشير خان سمجهايو. قومي قافلو پوءِ چڪرا ڳوٺ روانو ٿيو. هي اهو ڳوٺ آهي جتي ڪجهه سال اڳ قومي ڪارڪن دلبر ميراڻي کي شهيد ڪيو ويو هو ۽ ڪجهه وقت اڳ دهشتگردن سڄي ڳوٺ تي حملو ڪري ڪيترن ئي سنڌين کي ڦٽي وڌو هو. انهن جون هلايل گوليون اڄ به ان ڳوٺ جي گهرن تي ائين داغ ڏنيون بيٺيون آهن جيئن سنڌ جي شهرن ۾ ڌاريا ماڻهو. اتي ٻن ٽن برادرين وٽ وڃي دعوت ڏيڻ کان پوءِ وچ چوڪ تي بيهي قومي قافلي جي سرواڻ محترم بشير خان قريشي کين چيو ته حملا ۽ دهشتگرديون اوستائين ٿينديون رهنديون جيستائين اسان منظم ۽ گڏ نٿا ٿيون. ان ڪري اچو ته 23 تاريخ تي گڏ ٿي سنڌ دشمنن ۽ ڌارين کي ٻڌايون ته سنڌي هاڻي پنهنجي شهرن ۽ وطن جي سار لهڻ لاءِ جاڳي پيا آهن. قومي قافلو چنيسر ڳوٺ طرف وڌيو، جيڪو ڪالا پُل ۽ نيشنل اسپتال ڀرسان آهي.
بشير خان اتي گينگسٽرن طرفان قتل ٿيل ماڻهن جي وارثن سان عذرخواهيون ڪيون. سڄي چنيسر ڳوٺ ۾ سوين نوجوان، ننڍا، وڏا ڏونڪن ۽ دهلن تي نچندا، ڪڏندا جيئي سنڌ جيئي سنڌ، وارا جيئن احمد مغل گانو ڳايو آهي جيڪو سرمد مغل جو ڀاءُ آهي ان گاني تي نچندا سڄي ڳوٺ ۾ پيادل هلندي ماڻهن کي دعوتون ڏيندي هينڊبل، اسٽيڪر ڏيندا عيد جي سمان جيان ماحول ٺاهي درگاهه محمد شاهه بخاري وٽ پهتاسين. جتي اڳ ۾ ئي بقول سرفراز ميمڻ جي سڄي ڳوٺ جون مايون اتي هيون. انهن جي وڃڻ کانپوءِ قومي قافلي جو سرواڻ بشير خان درگاهه ۾ داخل ٿيو. اتي سنڌ جي آزادي لاءِ دعا گُهرڻ کانپوءِ ٻاهر نڪري قومي قافلو ماڊل ڪالوني روانو ٿيو. ماڊل ڪالوني ٻاهران بيٺل سوين ماڻهن قومي قافلي جو استقبال ڪري کين جلسي گاهه تائين پهچايو، جتي بشير خان تقرير ڪري کين 23 مارچ جي دعوت ڏني. کوکرا پار واري علائقي ۾ جيڪو شهيد حڪيم نوتيار جو علائقو آهي، اتي وڃي سومرا جماعت خانو ۾ قومي قافلي جي سرواڻ 23 مارچ جي دعوت ڏني. دعوت ڏيندي بشير خان کين آمادهه ڪيو ته سنڌ جي مسئلن جو حل عوامي طاقت ۽ سنڌين جي قومي سجاڳي ۾ ئي آهي. ان ڪري 23 تاريخ تبت سينٽر ضرور اچو ته جيئن نه فقط سنڌ بچايون پر آزادي به حاصل ڪرڻ طرف وڌون. راهمان جماعت خاني ۾ پڻ گڏ ٿيل ماڻهن کي بشير خان سنڌ جي صورتحال کان واقف ڪري کين آمادهه ڪيو ته هو به 23 تاريخ تي اچي گڏ ٿين ته جيئن گڏ ٿيل ماڻهو سمنڊ جو ڏيک ڏين. آدم هنڱورو جي سنڌي اسڪول ۾ پڻ ڪارنر گڏجاڻي ٿي جتي بشير خان تقرير ڪري ماڻهن جي حمايت ورتي، واگها برادري جي جماعت خاني ۾ وڃي پڻ اتي گڏ ٿيل ماڻهن کي 23 مارچ جي دعوت ڏني.
قومي قافلو بچل ڳوٺ طرف روانو ٿيو جتي گڏ ٿيل ماڻهو جلسي جي صورت اختيار ڪري ويا. رمضان بروهي، ڪيهر انصاري، بشير خان تقريرون ڪري ماڻهن کي ٻڌايو ته اڄ سنڌ ۽ سنڌي قوم مڪمل طور ڌارين جي گهيري ۾ آهن. سنڌي ماڻهن سان آباد ڪراچي ۾ آباديون اڄ به کنڊر بڻيل آهن، پر اوهان ڏسندؤ ته ٻين آبادين سان لاڳاپيل ماڻهن وٽ زندگي جون سڀ سهولتون موجود آهن، سندن پاڙا ۽ محلا جديد سهولتن سان آراسته آهن. اهو فقط ان ڪري آهي جو سنڌ غلام آهي، پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ تي پنجاب جي حاڪميت آهي، ان ڪري اچو ته گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون. جلسي ۾ شريڪ سڀني ماڻهن هٿ مٿي کڻي اعلان ڪيو ته هو 23 تاريخ تبت سينٽر ضرور ايندا. چنيسر ڳوٺ جي دوري کانپوءِ مونکي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) حنيف ساگر ۽سرفراز ميمڻ کي بشير خان حڪم ڪيو ته هو KTN وڃن پئي انهن طرفان پروگرام ۾شريڪ ٿي پنهنجي پارٽي جو موقف رکن. جي طرف آصف بالادي ۽ الاهي بخش بڪڪ، جيو چينل، جنگ اخبار ARY TV، آواز چينل، عوام اخبار Online نيوز ايجنسي سان ڳالهه ٻولهه ڪري نه فقط پارٽي موقف کان آگاهه ڪيو پر کين 23 مارچ تي شريڪ ٿيڻ جي پڻ دعوت ڏني.
21 مارچ 2012ع: اڄ ضلعي اوڀر طرف قومي قافلو روانو ٿيو جتان جو تنظيمي صدر بشير خاصخيلي آهي. ڀٽائي آباد ۾ خادم مگسي، ڪرم مگسي، ڌڻي بخش مگسي وارن کي بشير خان قريشي 23 مارچ جي دعوت ڏني. سهتا ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران آجياڻو ڏنو ويو. جن جي اڳواڻ جو واسطو SUP سان هو، اتي بشير خان مختصر خطاب ڪندي کين 23 تاريخ جي دعوت ڏني، ڀٽائي آباد ۾ ئي محمد ابراهيم سومرو، عالم سومرو، رشيد سومرو جي سربراهي ۾ سومرا برادري کي 23 تاريخ جي دعوت ڏني وئي. ڀٽائي آباد ۾ شابراڻي برادري سچوا پاران آجيان ڏني وئي، جتي بشير خان کين 23 تاريخ جي دعوت ڏني. قومي قافلي پوءِ جلباڻي برادري وارن وٽ وڃي کين 23 تاريخ جي دعوت ڏني، انهي برادري جي اڳواڻي طارق جلباڻي جو ڀاءُ ڪري رهيو هو. قومي قافلو گبول ڳوٺ طرف روانو ٿيو جتي وڏيري الله يار گبول جي فرزند لکمير گبول قيصراڻي سان ڪچهري ڪري کيس 23 مارچ جي دعوت ڏني وئي، جنهن دل سان يقين ڏياريو ته هو 23 تاريخ ساٿين سميت هر حال ۾ تبت سينٽر پهچندا. اتي صحافين سان پڻ ڪچهري ٿي جتي صحافين پاران پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ بشير خان قريشي کين وراڻي ڏني ته اسين چئون ٿا ته 23 تاريخ تبت سينٽر ۾ سنڌ گڏ ٿيندي باقي تعداد توهان ٻڌائجو. قومي قافلو شهيد ٿيل علي رضا گبول قاسماڻي جي تعزيت سندس والد سان ڪئي. اتي گڏ ٿيل سڄي برادري کي بشير خان 23 تاريخ تي سنڌ گُهري ٿي آزادي واري اجتماع جي دعوت ڏني: انهن کي بشير خان وڌيڪ ٻڌايو ته اوهان جنهن به ظلم جو پيرو ۽ نشان کڻندؤ ته اِهي پيرا ۽ نشان پاڪستان طرف ئي ويندا. ان ڪري هاڻي چٽي ۽ واضح نموني سان ان پاڪستان کان جان ڇڏائڻي پوندي، تنهنڪري اچو ته وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر گڏ ٿي ڪريون. اتي هڪ جهوني ماڻهو بهرام گبول اٿي جذباتي انداز ۾ تقرير ڪندي چيو ته ساهه ڏينداسين. سسي ڪيرائينداسين پر سنڌ جي آزادي لاءِ هر صورت ۾ بشير خان تو سان گڏ هونداسين. قومي قافلو الياس گبول وٽ وڃي کيس به 23 تاريخ تي تبت سينٽر پهچڻ جي دعوت ڏني. الياس گبول سابق يو.سي ناظم پڻ آهي جنهن تمام گهڻي سٺي موٽ ڏني.
قومي قافلو اڳتي وڌندو مين روڊ تي لڳايل ڪئمپ وٽ پهتو جتي ابوبڪر خاصخيلي ۽ عبدالغني آجيان ڪئي، تن کي پڻ 23 تاريخ جي دعوت ڏني وئي. ڪالم نگار اعجاز منگي سان سندس سس جي وفات تي بشير خان عذرخواهي ڪئي. سيتا ڳوٺ جي مين روڊ تي بشير خان خطاب ڪيو. سيتا ڳوٺ ۾ سومرا برادري آجياڻو ڏنو. بشير خان غلامي کان نفرت ڪرڻ جو ٻڌائي ماڻهن کي آزادي جي گُهر ڪرڻ لاءِ 23 تاريخ تي تبت سينٽر وٽ گڏ ٿيڻ جي دعوت ڏني. سيتا ڳوٺ ۾ ئي سولنگي برادري قومي قافلي کي آجياڻو ڏنو، جتي بشير خان خطاب ڪندي کين 23 مارچ جي دعوت ڏني، قومي قافلي پوءِ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جن جو واسطو تعليم ۽ صحت سان هيو تن سان ڪچهري ڪري کين دعوت ڏني ته هو به 23 تاريخ تي نوڪري هئڻ باوجود به پنهنجو قومي فرض نڀائيندي شريڪ ٿين جن پڻ خاطري ڪرائي ته هو ضرور ايندا. ائين اڄوڪو دورو پورو ڪري گُلشن حديد طرف روانا ٿياسين.
22 مارچ 2012ع: اڄ مختلف ڪاميٽيون ٺاهي جلسي جي سڄي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. جن ۾ لائوڊ اسپيڪر کان وٺي سيڪيورٽي مسئلن لاءِ حبيب ڀٽي جي نگراني ۾ ڪاميٽي ٺاهي وئي. جن شام کان ئي تبت سينٽر وڃي ڪم شروع ڪيو اتي جلسي کي ڦٽائڻ لاءِ رات جو تبت سينٽر تي ٺهيل ڏاڪڻ ڀر سان هڪ ماڻهو کي ماري سندس لاش اڇلي ويا.
23 مارچ 2012ع: صبح جو ساجهر ئي ننڊ پيا هئاسين ته دروازو زور زور سان وڄڻ لڳو. اٿيم ته سردار احمد يار شر ڪجهه نوجوانن سان بيٺو هو. سردار صاحب چيو ته مان تمام گهڻو بيمار آهيان پر پنهنجي اولاد آندي اٿم جيڪا اوهان سان گڏ هلندي. ڏينهن جو بشير خان قريشي جي گهر گلشن حديد وٽان قافلو تبت سينٽر روانو ٿيو سڄو شاهراهه فيصل وڻندڙ نظاري جو ڏيک ڏئي رهيو هو. قافلو ڪنگري هائوس کان ٿيندي آغا خان اسپتال ڪراس ڪري جناح جي مزار وٽان پنڌ تبت سينٽر هلڻ لڳو جنهن جي اڳواڻي بشير خان قريشي ڪري رهيو هو. ائين ڀٽائي، هي بيت انهن محبوبن ۽ ان جي اڳواڻ بشير خان لاءِ ڄڻ ٺاهي ڇڏيو هو ته:
ناز منجهان نڪري جڏهن، پرين ڪري ٿو پنڌ،
ڀونءِ پڻ بسم الله چئي، راهه چمي ٿي رند،
سائين جو سوڳنڌ، ساجن سڀنؤ سهڻو.