آزادي مارچ
منهنجي ننڍي لاڪون وٺي. شهيد سنڌوديش محترم بشير خان قريشي سان لاڳاپو ۽ محبت رهي ۽ ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته شهيد سنڌو ديش مونکي موٽ ۾ ڏهوڻ تي محبت ۽ عزت ڏني ۽ تقريبن هر اهم قومي گڏجاڻي ۾ مونکي پاڻ سان گڏ کڻي هلندو هو.
2011ع ۾ شهيد سنڌو ديش محترم بشير قريشي ”سنڌ گُهري ٿي آزادي“ جي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هو ۽ مونکي ان لانگ مارچ جي دعوت ڏيڻ لاءِ مرڪزي باڊي سان گڏ هلڻ لاءِ چيائين، منهنجو شهيد ۽ مرڪزي باڊي سان گڏ دعوت ڏيڻ جو سلسلو مانجهند کان شروع ٿيو. جتي مانجهند جي قومي ڪارڪنن پروگرام لائبريري ٻاهران رکيو. جلسي دوران شهيد ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي کي ان لائبريري متعلق ڳالهائيندي ٻُڌم ته مونکي حيرت ٿي. ڇو ته مانجهند منهنجي تر ۾ موجود آهي، پر هنن جي ڪچهري مان ائين لڳو پئي جيئن هو پاڻ مانجهند جا رهواسي هجن. جڏهن اسين ڳوٺ محمد عارف شاهاڻي ۾ رئيس محمد موسيٰ شاهاڻي جي چانهه جي دعوت تي پهتاسين ته موسيٰ شاهاڻي شهيد کي چيو ته، وڏا! اسين ٻروچ چانهه مان ڇا ڄاڻون اسان کي ماني جو بندوبست ڪرڻ جي اجازت ڏيو ها. شهيد مُسڪرائي جواب ڏنو ته هن تر اندر مون سائين جي ايم سيد جي راڄ جي تقريبن سڀن جي ماني کاڌي آهي، ۽ شهيد رئيس موسيٰ شاهاڻي ۽ ٻين معتبر ميزبانن جي وڏن جا نالا وٺي ٻڌايو ته رهبر اسان قومي سپاهن کي توهانجي وڏن جي حوالي ڪندي اسان جو خيال رکڻ جي پارت ڪندو هو. ان کان پوءِ اسان سن پهتاسين ته سن جي ذميوار قومي ڪارڪن مظهر ميمڻ، سن اسٽاپ تي تمام وڏي گڏجاڻي جو احتمام ڪيو. جنهن کي ڏسي ائين لڳو پئي جيئن عيد جو ميلو.
گڏجاڻي دوران سن جي ڀرسان هڪ اين جي اوز جون ڪجهه نياڻيون ترسيل هيون. جڏهن هنن ٻڌو ته سنڌ گُهري ٿي آزاديءَ جي دعوت کڻي شهيد سنڌوديش سن ۾ هڪ گڏجاڻي ۾ موجود آهي ته هنن نياڻين بغير ڪنهن شيءِ جي پرواهه ڪندي سن اسٽاپ تي هزارين ماڻهن جي وچ ۾ اچي شهيد بشير خان کي چيائون ته، هُو جسقم ۾ شموليت ڪرڻ چاهين ٿيون، جنهن تي وڏي پنهنجون اجرڪون ڪلهي تان لاهي هن نياڻين جي مٿن تي اوڍايائون.
سن کان پوءِ ننڍن وڏن ڳوٺن مان ٿيندي آخري گڏجاڻي سيوهڻ ۾ ٿي. جيڪا گڏجاڻي ڪري اسين رات واپس سن آياسين. جتي ماني کائي صبح جو 4 بجي تائين ڪچهري ڪئي سين. مونکي حيرت ان ڳالهه تي ٿي ته صبح جو ڏهين وڳي ڌاري جيڏي مهل آئون پنهنجي اوطاق ۾ آيس ته سڄي مرڪزي باڊي تيار منهنجي انتظار ۾ ويٺي هئي.
اسين سن مان نڪري دادو ضلعي ڏانهن دعوتن لاءِ نڪتاسين،آئون پاڻ هڪ اڌ ضلعي ۾ دعوتون ڏيئي رات تائين واپس سن موٽي آيس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وڏي فون ڪئي ته سڪرنڊ ۾ گڏجاڻي آهي، توهان اتي اچو. شام ڇهين وڳي ٻيڙي ذريعي پتڻ ٽپي سڪرنڊ پهچي، گڏجاڻي ۾ شامل ٿي وري رات يارهين وڳي ڌاري پتڻ ذريعي واپس سن پهتس.
22 مارچ تائين اهو طئي ٿيو هو ته سن واري رستي تان جيڪي به دوست گُذر ڪندا اهي منهنجي قافلي سان گڏ ويندا.
23 مارچ تي جڏهن آئون نڪتس ته منهنجي اڳيان ۽ پويان سوين گاڏيون ۽ بسون موجود هيون. ڄامشوري ۾ هڪ جاءِ تي لٿس ته هڪ يونيورسٽي جي بس ۾ ڪجهه هٿيار بندن کي ڏٺم ته مون ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي کي فون ڪري آگاهه ڪيو. ۽ هن شهيد سنڌوديش سان ڳالهائڻ کان پوءِ مونکي اها هدايت ڏني ته قافلي کي هٿياربندن واري بس کان پري رکان. سپر هاءِوي تي پهتس ته خبر ئي ڪانه پئي ٿي ته ڪهڙي گاڏي مون سان آهي ۽ ڪهڙي ٻئي ڪنهن قافلي سان، ڇو ته هر گاڏي تي رهبر جي ڪهاڙي واري فڪر جو جهنڊو لڳل هو. واٽ تي مرڪزي باڊي سان مڪمل طور تي رابطي ۾ هيس. ڪا ٺوڙ پار ڪيم ته شهيد پاڻ فون ڪري جلدي اچڻ لاءِ چيو. پر جڏهن حديد پهتس ته هزارين بسن جي قافلي ۾ گم ٿي ويس. ۽ مون لاءِ اهو ممڪن نه هو ته آئون وڏي جي گهر پهچي سگهان. جنهن تي محترم آصف بالادي چيو ته سائين وڏو چوي ٿو ته توهان ڀلي اڳيان هلو، اسين پويان اچون پيا. رستي ۾ اڳيان ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي کي شهيد جو انتظار ڪندي ڏٺم ته آئون به ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سان گڏ بيهي ويس. ڪجهه دير کان پوءِ شهيد جو قافلو گذريو ته آئون به هلڻ لڳس. شاهه فيصل کان ٿيندي آغا اسپتال واري رستي تان ٿيندي دائود ڪاليج پار ڪندي، گُهتون هڻندي نماش چورنگي کان ٿورو پوئتي وڃي بيٺس. اتي دوستن سان گڏ تبت سينٽر ڏانهن هلڻ شروع ڪيوسون. رستو اڃا مس ٿيو هو ته آئون ٿڪجي پيس پر ان جي باوجود به هلندا وياسين اوچتو وڏي کي ڏٺم ته سڀ ٿڪ ختم ٿي ويا ۽ وڃي وڏي سان پنڌ ڪرڻ شروع ڪيم. اسٽيج ويجهو پهتاسين ته وڏي مرڪزي باڊي سان گڏ منهنجو نالو به کنيو ۽ چيائين ته رڳو اهي اسٽيج تي ايندا، اسٽيج تي جڏهن پهتس ته لکين ماڻهن جو نظارو ڏسي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. شهيد مونکي پنهنجي پاسي ۾ بيهاري تقرير شروع ڪئي ۽ پوءِ سنڌ جي تاريخ جي عظيم آزاديءَ مارچ جي شروعات ٿي وئي.