بشير خان قريشيءَ جو تاريخي ۽ آخري خطاب
ڀائرو، ڀينرو ۽ سنڌ جا وارثو!
جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي آيل سنڌ جا وارثو، آئون توهان کي سنڌ جي تاريخي تخت گاهه ۽ سنڌ جي دل ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ تي ڀليڪار چوان ٿو.
عمريست ڪه آواز منصور ڪهن شد
من از سرنو جلوه دهم دارو رسن را
(عرصو ٿيو آهي ته منصور جو آواز پراڻو ٿي ويو آهي، هڪ ڀيرو وري نئين سر دارو رسن کي سينگارڻ گهران ٿو.)
فرزندان سنڌ!
جيئي سنڌو ديش، جيئي سائين جي ايم سيد. تاريخ جي ڪنهن به آڳاٽي درو ۾ پاڪستان نالي ڪو به ملڪ رهيو ئي ناهي. جڏهن ته سنڌو ديش هن دنيا ۾ ڌرتي جي گولي جو اهو ملڪ آهي، جنهن کي قدرت هزارن ورهين کان زرخيز لائق آباد زمين ۽ سنڌو درياءَ جي اڪيچار پاڻي ۽ سمنڊ جي ڪناري سان پئي نوازيو آهي، جنهن ڪري هتي جي رهاڪن گهڻي وقت کان شهريت ۽ تهذيب جا درجا طئه ڪرڻ شروع ڪيا هئا. آثار قديمه جي کوٽائيءَ جي تاريخ مان پتو پوي ٿو ته پنجن هزارن ورهين کان سنڌو ديش ملڪ قديم تهذيب جهڙوڪ: مصر، سمير، اسيريا ۽ بابل وغيره ملڪن جي تهذيبن جي وقت کان وٺي تهذيب ۽ تمدن جون منزلون طئه ڪيون آهن، ۽ گهڻي حد تائين ان وقت پنهنجي انهن هم عمر تهذيبن کان وڌيڪ سڌريل تهذيب ۽ تمدن رکندڙ هڪ ملڪ هو.
سنڌ واسيو!
شروع کان سنڌو ديش جي رهاڪن هڪ طرف امن ۾ رهي زرعي آبادي ۽ واپار جي ذريعي ترقي جي راهه ۾ قدم پئي وڌايا ته ٻئي طرف سندن معاشري جي مسلسل ترقيءَ جي واڌ ۾ ڪيتريون رڪاوٽون پئي پيش آيون آهن. وقت بوقت ڌرتيءَ جو ڌٻڻ، سنڌو درياهه جي رُخ بدلائڻ، درياهه جي ٻوڏن ۽ چوماسي هوائن جي تبديليءَ جي ڪري هڪ طرف کين نقصان پئي پهچايو آهي، ته وري ٻئي طرف طاقتور ۽ جنگجو ڌارين سامراجي قوتن جي حملن ۾ سندن سياسي پست حالي، اقتصادي استحصال ۽ مٿن ذهني تسلط ذريعي انهن جي فطري ۽ آزادنه ارتقا جي راهه ۾ رڪاوٽ پئي وڌي وئي آهي.
سنڌ واسيو!
جي چتائي نظر ڪجي ته، سنڌو ديش ملڪ گهڻي وقت کان ڌارين سامراجي قوتن، ڦورن، لٽيرن ۽ هتان جي رهاڪن جي وچ ۾ ميدان جنگ رهيو آهي. ايراني شهنشاهيت سنڌ تي قبضو ڪري ڪابه ڪسر نه ڇڏي، پر جڏهن يونانين ايرانين کي شڪست ڏني تڏهن هنن (يونانين) سنڌو ديش جي خوشحالي جي هاڪ ٻُڌي، سنڌ کي به پنهجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو. ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌو ديش جي مقامي ماڻهن يونانين مان جان ڇڏائي پنهنجي ملڪ کي آزادي ڏياري پاڻ ڀرو ٿيڻ کي ويجهو ٿيا ته وري ايران جي ساساني شهنشاهن اچي قبضو ڪيو، ان کان آزاد ٿيڻ بعد سنڌو ديش جا رهواسي عرب سامراج جي غلاميءَ جو شڪار ٿيا، ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ وري سنڌو ديش جي رهاڪن آزادي حاصل ڪري ترقيءَ طرف وکون وڌائڻ شروع ڪيون، ته وري ارغونن ۽ ترخانن جي وحشيانا ۽ غاصبانا قبضي ۾ سنڌو ديش آزادي وڃائي غلاميءَ هيٺ اچي ويو، نيٺ دهليءَ جي مغل شهنشاهن سنڌو ديش تي قبضو ڪري پنهنجي سلطنت سان ملائي ڇڏيو. دهلي ۾ مغل حڪمرانن جي ڪمزور ٿيڻ ڪري سنڌي ماڻهن وري سنڌو ديش آزاد ڪرائي پنهنجي قومي حڪومت قائم ڪئي. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ سنڌين اڃان پوري طرح آزاد ۽ خودمختيار حڪومت بنائڻ جي شروعات ئي مس ڪئي هئي ته انگريزن سنڌ کي فتح ڪري پنهنجي انتظامي سهولتن لاءِ بمبئي پرڳڻي جو حصو بنائي ڇڏيو. 1936ع ۾ سنڌ جي قومي اڳواڻن رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين اڳواڻن بمبئي پرڳڻي خلاف تحريڪون هلائي سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرايو. ياد رهي ته! سنڌ جي زرخيزي ۽ خوشحالي جي ڪري ڌارين سامراجي قوتن کي سدائين حرص پئي رهيو آهي ته ان تي تسلط قائم ڪري ان جو استحصال ڪن.
پيارا ڀائرو ۽ ڀينرو!
سنڌ جي گذريل پنجن هزارن سالن جي تاريخ تي نظر پوندي ته معلوم ٿيندو ته ڌارين طاقتن جي تسلط ۽ قبضي جي ڪري هنن جي تهذيبي ۽ تمدني ترقيءَ جي راهه ۾ نه فقط رڪاوٽون ۽ مشڪلاتون پئي پيدا ٿيون آهن پر اقتصادي طور پڻ بک ۽ بدحاليءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيندا رهيا آهن، پر وري جڏهن سجاڳ ٿي آزدي حاصل ڪئي اٿن، ته نه فقط تهذيبيءَ ۽ تمدني ترقي طرف وِکون وڌائڻ شروع ڪندا رهيا آهن، پر اقتصادي طور خوشحالي طرف موٽي پُر وقار ۽ پُر امن زندگي گذاريندا رهيا آهن.
ڀائرو ۽ ڀينرو!
قوي امڪان هو ته برطانيا، هندستان کي آزادي ڏيڻ وقت سنڌو ديش کي هڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ بحال ڪري ها. ڇاڪاڻ ته انگريزن سنڌو ديش کي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ فتح ڪيو هو. ان جي ابتڙ ٿيو ائين ته انگريزن پنهنجي وفادار پنجاب کي هن خطي جو چوڌري بنائي، پاڪستان جي نالي ۾ ملڪ ٺاهي، مالڪ بنائي، سنڌ کي ان جو حصو بنائي ڇڏيو. ان جي ثبوت طور آءٌ فقط هڪ حوالو، سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ مان ڏيڻ چاهيان ٿو ته، سَرفيروز خان نُون پاڪستان جي وزيراعظم پنهنجي آتم ڪٿا ”چشم ديد“ نالي ڪتاب ۾ لکيوآهي ته، ڇا جي مسلم ليگ؟ ڇا جي ڪانگريس؟ پاڪستان پنجابين کي پهرين مهاڀاري ۽ ٻين مهاڀاري لڙائي ۾ انگريزن جي خدمت عيوض تحفي طور مليو آهي.
سنڌ ڌرتي جا وارثو!
سائين جي ايم سيد جي دور انديش اک ٺهندڙ ان امڪاني پاڪستان کي ڏسي ورتو هو، تنهنڪري هن نهايت دانشمندي سان انگريزن طرفان ٺهندڙ ان ملڪ کي قومن جي رضاڪارانه، آزادانه ۽ برابري واري معاهدي ۾ تبديل ڪرايو. ياد رهي ته 23. مارچ 1940ع ۾ لاهور ۾ اهڙي قسم جي گهر ڪندي اهو واضح ڪيو ويو ته اڪثريتي مسلمان علائقن ۾ جدا رياستون هونديون، ۽ جتي قومي حڪومتون برپا ڪيون وينديون. انهيءَ ڪري سائين جي ايم سيد 3 مارچ 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙي قسم جو ٺهراءُ پيش ڪندي پاڪستان جي گهر ڪئي هئي.
سنڌ جا وارثو!
جيتوڻيڪ اڄ تائين پاڪستان جا حڪمران ۽ پنجاب 23 مارچ 1940ع واري ساڳي قرارداد جو ڏينهن پڻ ملهائيندا آهن، پر ان قرارداد تي هنن ڪڏهن به عمل ناهي ڪيو. ويتر هنن پاڪستان ٺهڻ کان هڪ سال اڳ 1946ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽي جي دهليءَ واري اجلاس ۾ 1940ع واري قرارداد جي ابتڙ پاڪستان کي هڪ مذهبي قومي اسٽيٽ جو درجو ڏئي ڇڏيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جدا قومي حڪومتن جي تصور، خيال ۽ ٺهراءُ کي مڪمل رد ڪندي زوري ۽ ڏنڊي جي طاقت سان اسيمبلين ۾ اڪثريت جي باوجود سرحد ۽ سنڌ جي حڪومتن کي ختم ڪري انهن جي تاريخي ۽ قومي حيثيت کي مضبوط مرڪز جي نالي ۾ پنجاب جي تابع ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته انهن اسيمبلين پنهنجي، پنهنجي وطني ۽ قومي مفادن جو تحفظ ڪرڻ پئي گهريو، پر انهن کي برداشت نه ڪيو ويو، بلڪه هتان جي اصلوڪن، شاندار ۽ هزارها سالن جي وجود رکندڙ تاريخي ٻولين کي پوئتي ڌڪي ڌاري ٻوليءَ کي قومي ۽ سرڪاري زبان طور ٿاڦيو ويو. ياد رهي ته! سنڌو ديش جي اصلي رهاڪن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ مذهبي فساد ڪرائي، 13 لک سنڌي هندن کي زوري لڏائي، سندن ملڪيتن ۾ شاندار گهرن سميت 25 لک ايڪڙ سنڌ جي زرعي زمين ڪوڙن ڪليمن ذريعي حوالي ڪئي وئي، هتان جي نوڪرين تي ٻاهريان ماڻهو گهرائي رکيا ويا، اڳتي هلي 1954ع ۾ ون يونٽ نافذ ڪري، سنڌ کي سابق سنڌ سڏڻ سان گڏ سنڌ جي سڀني وسيلن تي پنجاب جو قبضو ڪرايو ويو.
نون بئراجن، ڄامشورو ۽ گڊو بئراجن ٺهڻ کانپوءِ 35 لک ايڪڙ زمين پنجاب جي حوالي ڪئي وئي. نيٺ 1970ع جي اليڪشن کانپوءِ بنگالين جي اڪثريت کي تسليم نه ڪندي انهن تي فوجي آپريشن ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 1971ع ۾ بنگلاديش جي آزاد ٿيڻ سان برِصغير ۾ مسلمان هڪ الڳ ۽ جدا قوم آهن جو فرسودا ۽ غيرفطري (ٻه قومي نظريو) پنهنجي موت پاڻ مري ويو، ليڪن سنڌ تمام وڏي اوڙاهه، قبضي ۽ شڪنجي ۾ ڦاسي پئي. ان قبضي ۽ استحصال کي بظاهر قانوني شڪل ڏيندي، 1973ع جو نام نهاد آئين ٺاهي، سنڌ جي الڳ وطني ۽ قومي وجود کان انڪار ڪندي پنجاب جي اڪثريت کي هميشه لاءِ سنڌ - بلوچستان ۽ پختونستان مٿان ٿاڦيو ويو ۽ سنڌ کي 21 سيڪڙو نمائندگي ڏئي هميشه لاءِ اقليتي حيثيت ۾ تبديل ڪري ۽ سنڌ جا سڀ پيداواري وسيلا پاڪستان جي حوالي ڪيا ويا.
ڀائرو ۽ ڀينرو!
دنيا وارن کي معلوم هجي ته پاڪستان جي وفاقي بجيٽ جو %80 سيڪڙو سنڌ ڏئي ٿي، جڏهن ته پاڪستان جو %69 سيڪڙو گيس ۽ %75 سيڪڙو تيل پڻ سنڌ پيدا ڪري ٿي. پاڪستان حڪومت طرفان کيس ۽ تيل ڪڍڻ لاءِ قائم ٿيل OGDCL جي هڪ جهلڪ سان آءٌ سنڌ ۽ دنيا وارن کي آگاهي ڏيندو هلان ته OGDCL ۾ ڪُل 13 ڊائريڪٽر آهن، جن مان هڪ به سنڌي ناهي، ڪل 12 جنرل مئنيجر آهن، جن مان هڪ به سنڌي ناهي، 10 مئنيجر آهن، جن مان فقط ٻه سنڌي آهن. ايڏي پيداوار جي باوجود موٽ ۾ سنڌ کي ڌارين ماڻهن جي لوڌ نصيب ٿي آهي، ۽ اڃان وڌيڪ ڌارين ماڻهن کي آباد ڪرڻ لاءِ ذوالفقار آباد جهڙا خطرناڪ منصوبا جوڙي سنڌي ماڻهن کي هميشه اقليت ۾ تبديل ڪري پنهنجي سرزمين سنڌ تان حق حاڪميت کسڻ گهرن ٿا. ۽ سنڌ جا وسيلا. جهڙوڪ، ٿر ۾ 185 ارب ٽن ڪوئلو ڦٻائڻ جي چڪر ۾ به آهن، جنهن جي ماليت سنڌ حڪومت جي ساليانه بجيٽ جيڪا 460 اربن جي لڳ ڀڳ آهي، ڪوئلي جي پيداوار مان 1600 سالن تائين سنڌ جي بجيٽ ٺاهي سگهجي ٿي ۽ جيڪڏهن سنڌ جي ڪل آبادي 6 ڪروڙ ڳڻائجي، تڏهن به هر هڪ فرد کي يا ماڻهوءَ کي الڳ الڳ هڪ ڪروڙ پنجويهه لک روپيا اچي سگهن ٿا. سنڌ جي اقتصادي وسيلن کي پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب هڪ طرف ڦريندو ۽ لٽيندو رهيو آهي ته ٻئي طرف سنڌ کي پنجاب، رياستي ظلم ۽ جبر جو نشانو به بنائيندو رهيو آهي. رهبر سنڌ سائين جي - ايم سيد کي 32 سال قيد وَ بند ۾ رکيو ويو، سنڌ ۾ هلندڙ قومي ۽ جمهوري جدوجهد جي پاداش ۾ سنڌ جي ماڻهن تي گوليون ۽ بم وسائي هزارين ماڻهن کي ظلم جو نشانو بڻايو ويو. ٺوڙهي ڦاٽڪ واقعي ۾ سنڌ جي شاگردن کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، ۽ قومي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن کي سانگهڙ ۾ باکوڙي وٽ گوليون هڻي بي دردي سان باهيون ڏئي شهيد ڪيو ويو ۽ قومي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هزارين نوجوانن کي ٽارچر سيلن ۾ اذيتون ڏئي ڪن کي جيلن ۾ واڙيو ويو، ڪن کي گم ڪيو ويو ته ڪن کي شهيد ڪيو ويو. قومي اڳواڻن کي راهه تان هٽائڻ لاءِ انهن تي حملا ڪري انهن کي مارڻ جي سازش ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ شهيد عبدالقيوم منگي ۽ مشتاق خاصخيلي کي شهيد ڪيو ويو، اهڙا ڪيترائي ظلم جيڪي پنجاب طرفان ڪيا ويا آهن، جن جو تفصيل ڏجي ته ظلمن جا داستان ٺهي ويندا.
سنڌ واسيو!
سنڌ جا رهاڪو بين الاقوامي اصولن موجب وطن، زبان، ڪلچر ۽ تاريخي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي بنيادن تي هڪ جدا قوم آهن. ۽ عالمي طور مڃيل قومن جي حق آزادي واري اصول جي آڌار تي پنهنجا سياسي، اقتصادي، ڪلچرلي، خوشحالي ۽ ترقيءَ جا فيصلا ڪرڻ جا حقدار آهن، ٻي طرف تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ پاڪستان نالي سان نه ڪو ملڪ رهيو آهي نه اتي جي رهاڪن جي جديد قومي نظريي مطابق نه هڪ ٻولي رهي آهي نه ئي هتي جملي رهاڪن جو ڪلچر هڪ رهيو آهي، ۽ نه ئي سندن روايتون ساڳيون رهيون آهن، نه سندن سياسي اقتصادي مفادن ۾ هڪجهڙائي پيدا ٿي سگهي، تنهن ڪري پاڪستان کي هڪ ملڪ ۽ هتي جي رهاڪن کي هڪ قوم سڏڻ ۽ سمجهڻ ڌوڪي ۽ فريب کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. جڏهن ته سنڌو ديش هزارين ورهين جي هڪ جداگانه جاگرافيائي حدن واري وطن ۽ تاريخي روايت جي آڌار تي هڪ جُدا قوم، جُدا ڪلچر، زبان، سياسي اقتصادي مفادن جو حامل سمجهي ان کي پاڪستان کان آزاد ڪرائڻ ضروري سمجهون ٿا. ساڳي طرح بلوچستان ۽ بلوچن کي به الڳ ملڪ ۽ قوم سمجهندي انهن جي آزادي لازم ۽ ضروري سمجهون ٿا. واضح هجي ته، پاڪستان مذهب جي غلط تشريح جي نالي ۾ نفرت ۽ نفاق جي وسيلي وجود ۾ آندو ويو آهي. جنهن ڪري هن جو وجود نه فقط سڄي دنيا لاءِ نفرت ۽ تباهيءَ جو سبب بڻجندو پيو وڃي پر پاڪستان جي هجڻ ڪري جنهن تي نه فقط اقتصادي طرح ڏيهي ۽ پرڏيهي پاليسي تي پڻ پنجاب جي هڪ هٽي قائم آهي، ان سبب ڪري مذهبي انتها پسندي، دهشتگردي واري سوچ کي هٿي ۽ همٿ افزائي ڪئي وڃي ٿي، جنهن جو شڪارنه فقط سڄي دنيا ۽ انسانذات ٿي رهي آهي، پر سنڌ جيڪا صدين کان مختلف مذهبن کي سانڍڻ جي باوجود مذهبي رواداري وارو رويو برقرار رکيو اچي، ان جي ماڻهن ۾ مذهبي شدت پسندي جي سوچ وڌائڻ کي پنجاب طرفان پٺڀرائي ڪرائي وڃي ٿي، مثال طور بغير مذهب کان متاثر ٿيڻ جي شادي جو بنياد بنائي زوري سنڌي هندو نياڻين کي مسلمان بنائي انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙيا وڃن ٿا، نه فقط ايترو پر هتي جهيڙن ۽ جهڳڙن کي پڻ رياستي پٺڀرائي حاصل آهي، سنڌ جي هڪ يگاني شاعر چواڻي ته،
”ڪو آ رحمان جي پاسي
ڪو آ ڀڳوان جي پاسي
اسان جو سجدو اُنهيءَ کي آ
جيڪو آ انسان جي پاسي“
تنهنڪري پاڪستان جي وجود کي نه صرف سنڌ لاءِ پر جملي انسانذات لاءِ نقصانڪار سمجهندي ان جي جلد ختم ٿيڻ ۽ آزاد سنڌوديش جي قائم ٿيڻ کي سنڌين سميت پوري انسانذات لاءِ باعث نجات سمجهون ٿا.
سنڌ جا غيرتمند فرزندو!
هتي آءٌ هڪ ڳالهه جي به واضح، چٽي، صاف وضاحت ڪرڻ گهران ٿو ته ورهاڱي بعد سنڌ ۾ خاص طور تي ٻاهران آيل اردو ڳالهائيندڙن کي تاريخي حادثو سمجهندي انهن تي واضح ٿا ڪريون ته اسين انهن کي پنهنجو ڀاءُ ۽ سنڌي قوم جو حصو سمجهون ٿا، پر انهن کي به واضح ۽ چٽي طرح مسلم قوم جي ناڪاره ۽ دقيانوسي فلسفي ۽ ٻه قومي نظريي مان هٿ ڪڍي سنڌ ۽ سنڌي قوم جو حصو بڻجڻو پوندو. واضح هجي ته، پاڪستان جي قائم رهڻ ڪري سنڌ جي موجوده جاگرافيائي حدن جو تقدس ۽ احترام به سلامت نه آهي، جيتوڻيڪ هن وقت به موجود جاگرافيائي حدون سنڌين جي اختيار ۾ ناهن، پر ان صورت ۾ به ڪا اهڙي روش، سازش، ڳالهه يا نيت هر گز برداشت نه ڪئي ويندي. جيڪا موجوده سنڌ جي جاگرافيائي قومي وحدت لاءِ نقصانڪار يا خلاف هجي. ان ڪري آءٌ خاص طور تي اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن کي آگاهي ٿو ڏيان ته کين سنڌ جهڙي فراخ دل ماءُ جي صدوري سرزمين جي گود نصيب ٿي آهي، جنهن ڪري انهن تي فرض بڻجي ٿو ته سنڌي قوم جو حصو بڻجي ان جي آزادي جي جدوجهد ۾ ساٿ ڏين ۽ کين خبردار ٿو ڪيان ته اهڙي ڪنهن به سازش جو حصو نه ٿين، جنهن سان سنڌ جي تاريخي قومي وحدت کي نقصان پوي، ڇو ته اردو ڳالهائيندڙن جو مستقبل پاڪستان سان نه پر سنڌين سان جڙيل آهي. دنيا جي عالمي طاقتن خاص ڪري پنجن وڏين طاقتن آمريڪا، برطانيا، روس، چين، ۽ فرانس کي اپيل ٿو ڪريان ته سنڌ جي عدم تشدد واري آواز تي ڌيان ڏيئي سنڌ جي آزادي ۾ مدد ۽ سهڪار ڪيو وڃي، جيڪڏهن هن وقت دنيا جون عالمي طاقتون ۽ ڌريون دنيا توڙي هن خطي ۾ امن ڏسڻ چاهين ٿيون ته هو پاڪستان جو خاتمي ۽ سنڌو ديش جي آزادي جي حمايت ڪن، ڇاڪاڻ ته پاڪستان مذهبي انتها پسندي ۽ دهشتگردي جي علامت ٿي چڪو آهي ۽ جڏهن ته سنڌ ۽ سنڌي قوم پنهنجي مزاج ۾ امن پسند مذهبي رواداري، باهمي سمجهوتي يعني جيو ۽ جيئڻ ڏيو واري اصول جي پاسداري ڪندڙ محبت ۽ امن جي ڌرتي رهي آهي.
معزز صحافي ڀائرو،
آءٌ هن تاريخي موقعي تي پنهنجي رهبر جي ايم سيد جي فڪر جي روشنيءَ ۾ سڄي دنيا ۽ اقوام عالم آڏو هيٺيون ڳالهيون رکڻ چاهيان ٿو.
1. عالمي اصولن تحت اسان سنڌي هڪ قوم آهيون، جڏهن ته مذهب جي بيناد تي قوم جو نظريو دنيا جي ڪنهن عالمي اداري ۾ تسليم ٿيل ناهي، ان ڪري پاڪستان هڪ قوم ۽ ملڪ ناهي پر هتي جدا، تاريخي وجود رکندڙ قومون آهن، جن کي پاڪستان ۽ اسلام جي نالي ۾ زبردستي غلام رکيو ويو آهي، انهيءَ ڪري سنڌو ديش ۽ بلوچستان جي قومي حق آزادي تسليم ڪندي انهن کي آزاد ڪيو وڃي.
2. پاڪستان مذهبي انتها پسندي ۽ دهشتگردي جي علامت بڻجي چڪو آهي، تنهن ڪري ان جو خاتمو ڪري برِصغير، ڏکڻ ايشيا ۽ سڄي دنيا ۾ عالمي امن اتحاد انساني ۽ ترقي بني آدم جون راهون کوليون وڃن.
3. عالمي طور تي تشدد ۽ دهشتگردي وارو رويو ترڪ ڪري عدم تشدد واري سوچ، رويو ۽ رستو اختيار ڪيو وڃي.
4. باهمي رواداري، سمجهوتي، تعاون براءِ ترقي، سيڪيولر سوچ (سنڌي سوچ) سهپ ۽ در گذر وارو رويو اختيار ڪندي عالمي مسئلن کي نبيريو وڃي.
5. تشدد واري واٽ ۽ طريقي ۾ ايتري طاقت ناهي جيتري طاقت پُر امن عوام جي قومي ٻڌي، پُر امن جدوجهد ۽ آزادي جي چٽي ۽ واضح گهر ۾ آهي، انهيءَ ڪري هي سنڌ، هن عظيم الشان ميڙ، سنڌ جي ماڻهن جي قومي سمنڊ جي معرفت گهر ٿو ڪري ته اسان هڪ معاهدي تحت يعني 23 مارچ 1940ع ۾ پاڪستان ۾ رضاڪارانا طور شامل ٿيا هئاسين، پر ان معاهدي کي خود پنجاب 65 سالن ۾ 65 کان وڌيڪ دفعا رد ڪري ٽوڙي ۽ لتاڙي ختم ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري هاڻي پاڪستان جي رهڻ جو ڪو به اخلاقي جواز ڪونهي، اسان سنڌي هاڻي 1940ع واري معاهدي کي الوداع چوندي سنڌ جي آزادي جي واضح ۽ چٽي گُهر ڪيون ٿا. اي دنيا جا آزاد انسانو، قومون، طاقتور ملڪو، اقوام متحده ۽ دنيا جا ٻيا عالمي ادارئو! هن پوري دنيا ۾ امن ۽ اتحاد ۽ ترقي جا خواهان ملڪو!
ڏسو .... ڏسو .... ڏسو اڄ سنڌ ڇا ٿي گهري،
سنڌ گهري ٿي آزادي، سنڌ گهري ٿي آزادي،
سنڌ گهري ٿي آزادي.
(آخر ۾ بشير خان قريشي ڪراچي جي لکين سنڌي ماڻهن جي شرڪت تي سلام پيش ڪندي قومي ٻڌي جي واکاڻ ڪندي ٿورا پڻ مڃيا.)