تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ گُهري ٿي آزادي

هي ڪتاب سِپ پبليڪيشن نواب شاهه پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي آزادي مارچ واري لکيل ڪتاب ۾ خوبصورت ۽ دلچسپ انداز سان سمورا واقعا ۽ روز مرهه جي جدوجهد کي تحرير ڪيو آهي. جو هو جڏهن آزادي مارچ ڊائري جي شروعات ٿو ڪري ته اُها پنهنجي سموري تاريخي پسمنظر ۾ خوبصورت حوالن سان تاريخي معلومات به فراهم ڪندي هلي ٿي ته ٻي طرف پڙهندڙ مطالعو ڪندي ايئن ٿو محسوس ڪري ڄڻ هُو به هن آزادي مارچ ۾ آزادي جي سرواڻ بشير خان قريشي سان سڄي سنڌ پيرين پنڌ هلندي ڏسندو پيو وڃي.

Title Cover of book Sindh Ghury Thi Azadi

سڄڻ ڏٺو جن

فقير امداد منگي

23 مارچ 2012ع واري آزادي مارچ لاءِ سڄي سنڌ جي دوري کان پوءِ ڪامياب آزادي مارچ لاءِ ڪراچيءَ شهر ۾ لکين سنڌي ماڻهن کي گڏ ڪري سنڌ جي قومي آزاديءَ لئه وچن ورجايو ويو هو. ان ساري (سموري) سرگذشت کي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي صاحب جيڪو قلم بند ڪيو آهي، ان لاءِ ٻه اکر لکڻ لاءِ اسان کي به شرف حاصل ٿيو آهي. هي منهنجو پنهنجو ذاتي تجربو آهي. ڇو ته مان گذريل ڏهن سالن کان جسقم جي مرڪزي عهديدار رهڻ جي ڪري شهيد سنڌوديش بشير خان قريشي جي سياست، ڪردار ۽ جدوجهد تي تمام ويجهو کان ڏسڻ جي دعويٰ ڪريان ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. ۽ شهيد بشير خان جي توسط سان ئي مون سڄي سنڌ جو بار بار طواف ڪيو آهي ۽ بشير خان کي سنڌ جي هڪ سچي عاشق ۽ پوڄاري واري رنگ ۾ ڏٺو آهي. شايد آئون ايئن سنڌ نه ڏسي سگهان ها جيئن مون کي هن شخص سان گڏ رهڻ ڪري سنڌ پنهنجو جلوو پسايو ۽ مانُ ڏنو.
ان پيغام آزادي مارچ، جيڪو سکر کان ڪراچي تائين پنهنجي پيرن سان پنڌ ڪري سنڌ جي واهڻ واهڻ، وستي وستي، ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر مان پير پٿون ڪندي سنڌ ۽ سيد جو پيغام پهچايو ۽ پهريون دفعو ڪراچي شهر، جيڪو ڌرتي ڌڻين لئه ڄڻ ته نوگو ايريا بنجي چڪو هو اُتي لکن جي تعداد ۾ وطن جي آزادي جي نعري جي گونجار ۾ سنڌي ماڻهن جو سمنڊ گڏ ڪري ان خوف ۽ ڀوَ جي ديوَ جي منڍي مروڙي ڇڏي.
ڇا ڪنهن کان وسري سگهي ٿو 7 نومبر 2012ع وارو فريڊم مارچ جنهن ۾ به سڄي سنڌ مسلسل هڪ مهينو بنا وقفي جي، جنهن جي هر ڏينهن جو اکين ڏٺو گواهه آهيان ته هڪ ڏينهن جي اندر 23، 20، 19 پروگرام، گڏجاڻيون جلسا ڪندي ڪاري رات مان اڇو صبح اُڀري ايندو هو، هڪ ڏينهن ٺٽي ضلعي جي دوري تي هياسين، ايتريون ته گڏجاڻيون هيون جو جتي رات جي ماني جو بندوبست هو اتي صبح جو 30-6 وڳي وڃي ماني نصيب ٿي. ايئن ان دوري ۾ ميرپور خاص ضلع جو پروگرام ۽ صبح جو عثمان شاهه جي هُڙيءَ ۾ ٽنڊوالهيار پهتاسين، جتي به ميزبانن سڄي رات پئي اوڄاڳو ۽ انتظار ڪيو. يادگار واقعا آهن، اهڙي ريت نتيجي ۾ 7 نومبر وارو فريڊم مارچ سنڌ جي آزاديءَ واري ڪيس کي عالمي سطح تي کڻي ويو.
هي وڏيون ڪاميابيون، وڏيون محنتون، قربانيون ۽ جدوجهدون گُهرندڙ هونديون آهن، جيڪي سڀ وصفون منهنجي هن عظيم شهيد چيئرمين بشير خان قريشي ۾ موجود هيون. هو جڏهن ارادو ڪندو هو ته پوءِ ”ٽڪر ٽرن هي ٽري نه ڄاڻي“ واري ڪار تي ڪاربند هوندو هو، هو عاشق هيو منصور جو آواز بنجڻ هن کي ايندو هو، هو سرمد به بنجي ويندو هو ته ڏاهر، دودو، دولهه، دريا خان، مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت شهيد به.
شهيد بشير خان قريشي 23 مارچ 2012ع لئه پنهنجي ساٿين کي ساڻ کڻي ٻه مهينا سُجاڳي مهُم لاءِ سڄي سنڌ ۾ نڪري پيو ۽ در، در وڃي سنڌي قوم کي اها ڳالهه ٻڌائِي جيڪا ڳالهه سائين جي ايم سيد کيس سمجهائي ۽ ٻڌائي ويو هو. ۽ ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏيندو رهيو ۽ ان سڄي سموري سرگذشت کي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي صاحب پنهنجي قلم ذريعي قابو ۾ آندو آهي. ڊاڪٽر نياز صاحب اسان جي سنڌ ڌرتيءَ ۽ قومي تحريڪ جي اهڙن فردن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو جن جي ثابت قدمي ۽ فڪري ڪمٽمينٽ لازوال رهي آهي ۽ هو شهيد بشير خان جي با اعتماد ساٿين ۾ شمار رهيو آهي. اسان وٽ به سندن لاءِ الاهي گهڻو ادب ۽ احترام آهي. ڊاڪٽر صاحب جو هي قلمي پورهيو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهم اضافو ثابت ٿيندو ڇاڪاڻ جو هي سنڌ جي هڪ سچي تاريخ آهي.