تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ گُهري ٿي آزادي

هي ڪتاب سِپ پبليڪيشن نواب شاهه پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي آزادي مارچ واري لکيل ڪتاب ۾ خوبصورت ۽ دلچسپ انداز سان سمورا واقعا ۽ روز مرهه جي جدوجهد کي تحرير ڪيو آهي. جو هو جڏهن آزادي مارچ ڊائري جي شروعات ٿو ڪري ته اُها پنهنجي سموري تاريخي پسمنظر ۾ خوبصورت حوالن سان تاريخي معلومات به فراهم ڪندي هلي ٿي ته ٻي طرف پڙهندڙ مطالعو ڪندي ايئن ٿو محسوس ڪري ڄڻ هُو به هن آزادي مارچ ۾ آزادي جي سرواڻ بشير خان قريشي سان سڄي سنڌ پيرين پنڌ هلندي ڏسندو پيو وڃي.

Title Cover of book Sindh Ghury Thi Azadi

قوم تحريڪ جو عوامي اُڀار

آصف بالادي

23 مارچ 2012ع سنڌ جي سياسي تاريخ جو نهايت ئي اهم ڏينهن آهي. خاص طور تي قومي تحريڪ ۾ هڪ فيصله ڪُن موڙ آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن کان رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد پنهنجي دُورانديشي ۽ گهري غور ۽ فڪر کان پوءِ ”سنڌو ديش“ جي آزادي جو پروگرام ڏنو، تڏهن کان ان سفر جو آغاز ٿيو ۽ اُن جو گهڻو تڻو اثر ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ظاهر ٿيو، ان کان پوءِ مُسلسل جدوجهد جو هڪ اڻ کُٽ سلسلو ۽ داستان آهي، جنهن ۾ تمام گهڻو ڪجهه اچي وڃي ٿو ۽ اها تاريخ لکڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ۽ تحقيق جي ضرورت آهي. اُنهيءَ سڄي پس منظر ۽ تاريخ جي تسلسل طور قومي جدوجهد ۾ 23 مارچ وارو ڏينهن هڪ اهڙو عروج آهي، جنهن کان پوءِ ٻه نتيجا لازمي طرح اڻ ٽر ٿي وڃن ٿا.
1. اهڙي چاڙهه، عُروج ۽ اُڀار کان پوءِ اهڙي تحريڪ هڪ تاريخي ارتقا جي نتيجي طور يا ته ايڏي وڏي مقدار کان پوءِ بدلجي هڪ اعليٰ معيار جي شڪل ۽ صورت اختيار ڪري وڌيڪ منظم، سگهاري پارٽيءَ جي صورت اختيار ڪري. پنهنجي قوم جي عوامي سگهه ۽ قومي ٻڌيءَ وسيلي پنهنجي منزل ماڻڻ لاءِ اڳتي وڌي.
يا
2. ٻيو امڪاني نتيجو هي ٿي سگهي ٿو ته ايڏي وڏي اُڀار ۽ قومي سگهه ۽ ٻڌيءَ جي اُڀار کانپوءِ اُها دشمن جي سازشن جو شڪار ٿي مُنتشر ٿيڻ لڳي.
23 مارچ 2012 جي ان تاريخي ڏاينهن جو ڪريڊٽ ظاهر ڳالهه آهي ته اُن انسان ڏانهن ئي منسوب ٿئي ٿو جنهن جي ليڊرشپ ۾ اِهڙو تاريخي ڪارنامو جنم وٺي ٿو ۽ تاريخ ان کي شهيد سنڌوديش بشير خان قريشي جي نالي سان نهايت ئي مانُ ۽ شان سان قبول ڪري ٿي، سنڌ جي جديد قومي تاريخ ۾ سنڌ جو هي سورهيه پُٽ هڪ سداحيات قومي سرواڻ ۽ لازوال هيري طور سدائين جرڪندو رهندو ۽ هن جي مزار تان آزاديءَ جا علم کڻي ڪئي قافلا پنهنجي منزل مقصود ڏانهن روان دوان رهندا.
هاڻي جيڪڏهن 23 مارچ جي ان تاريخي ڏينهن جي تفصيل ۾ وڃبو ته اهو ڏينهن ڪو ايئن ئي اوچتو ظاهر ڪونه ٿي پيو هو، ان جي پس منظر ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪري نظرئي جا تاريخي بنياد، نظرياتي سگهه ۽ طاقت ڀريل هئي، شهيد جي بااعتماد ساٿين جي پُرجوش، ڪارڪنن جي محنت ۽ جدوجهد شامل هئي. تنهن ڪري ان تاريخي ڏينهن جي نتيجي ۾ جيڪو مانُ مرتبو، قومي ليڊر ۽ سرواڻ طور شهيد بشير خان قريشي جي حصي ۾ اچي ٿو، ان کانپوءِ ان مانُ، مرتبي جا حقدار شهيد جا اُهي سڀ ساٿي پڻ ٿين ٿا، جن رات ڏينهن هڪ ڪري پنهنجي عظيم ليڊر جي اڳواڻيءَ ۾ شهر، ڳوٺ، واهڻ، وستي، جهرجهنگ ۾ ”سنڌ گهري ٿي آزادي“ جي واضع ۽ چٽي پروگرام سان ڪاهي پيو، جنهن ۾ اسان جي ان وقت جي مرڪزي قيادت جا سڀ ساٿي ۽ جيئميسٽ ڪائونسل جا معزز ميمبرز ۽ سڄي سنڌ جا مُخلص ڪارڪن اچي وڃن ٿا.
خاص طور تي شهيد سان نظرياتي ۽ سياسي صلاح مشورن ۾ ان وقت ۾ پارٽيءَ جو سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئميسٽ ڪائونسل جو ميمبر ۽ سينيئر ساٿي سرفراز ميمڻ ۽ آئون پڻ شامل هوس. ڊاڪٽر صاحب ۽ مون کي شهيد جي هدايتن ۽ صلاح مشورن جي روشنيءَ ۾ اهو فرض سونپيل هو ته اسان چٽي ۽ واضع نموني سان رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪري ۽ نظرياتي بنيادن ۽ اُصولن تي ٻڌل تاريخي مواد گڏ ڪري هڪ اهڙي تقرير تيار ڪريون جنهن ۾ فڪر سيد جو روح ڀريل هجي ۽ پارٽي چيئرمين پنهنجي رهبر جي آزاديءَ واري پيغام کي پنهنجي عشق ۽ عقيدت سان بيان ڪري، سنڌي قوم تائين سيد جي فڪري پيغام کي هڪ امانت وانگر پهچائي، سنڌ سان گڏوگڏ عالمي سطح تائين سيد جي فڪر ۽ نظرئي جو پڙاڏو گونجي. اُن پورهئي ۾ گهڻو حصو ۽ محنت هن ڪتاب جي ليکڪ منهنجي سينيئر ساٿي محترم ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ جو آهي. خاص طور تي 23 مارچ 2012ع جي تاريخ چونڊڻ ”سنڌ گُهري ٿي آزادي“ جو عنوان رکڻ ۽ سائين جي ايم سيد جي ڪتابن مان مواد سهيڙڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي محنت جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي.
23 مارچ 2013ع جي سلسلي ۾ هن قافلي جي شروعات ڄام شوري ضلعي مان ٿي ۽ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي درگاهه تي دُعا گُهري هي ڪاروان باقاعدي سڄي سنڌ جي سفر تي نڪري پيو، ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ پنهنجي حال آهر يوسف جي خريدارن ۾ هي فقير به شامل رهيو، بحرحال عجيب سلسلو هو، اُتساهه ۽ اعتماد جي ماحول ۾ هڪ انتهائي مُتحرڪ ۽ پُرڪشش اڳواڻ ۽ ليڊر طور شهيد بشير خان قريشي جون لڪل صلاحيتون نئين رنگ ۽ ڍنگ ۾ پنهنجو اظهار ڪرڻ لڳيون، سنڌ ۽ سيد جو هي سچو عاشق سراسري طور پنهنجي تقريرن ۾ هي سٽون ورجائيندو رهيو ته ”سنڌ جا وارثو! اوهان سان وچن ٿو ڪريان ته هاڻي سنڌ وٺندس يا ساهه ڏيندس ۽ ايئن ئي ٿيو. هن پنهنجي عشق کي نڀايو ۽ سنڌ جي آزاديءَ واري سفر ۾ ساهه ڏيئي ويساهه قائم ڪيائين.
23 مارچ 2012ع تي قوم ۽ اڳواڻ ۾ هڪ تاريخي رشتو جُڙي چُڪو هو ۽ جسقم هڪ قومي پارٽيءَ طور عوامي شڪل ۽ صورت اختيار ڪري ورتي هئي. سيد جي فڪر ۽ نظرئي جي حقيقت جو ميلاپ عوام سان ڀرپور نموني سان ٿي چُڪو هو ۽ شهيد پنهنجي ساٿين ۽ پارٽي ڪارڪنن وسيلي سنڌي قوم ۽ سيد جي فڪري پروگرام جي وچ ۾ هڪ پُل وارو ڪردار بنجي چُڪو هو. آخري ڏينهن ۾ ڪراچيءَ جي دوري دوران به مون پنهنجي عظيم ليڊر ۽ مهان انسان جا ڪيئي روپ ۽ رنگ ڏٺا، اڻ ٿڪ، اَجهل، اڻموٽ. سچ پچ ته وڏي حوصلي، همت وارو اڳواڻ هو، ڪڏهن به نااُميدي واري ڳالهه ئي نه ڪيائين. سدائين پُرجوش، پُراُميد، وفا جي راهن جو هي مسافر هلندو رهيو.
23 مارچ 2012ع تي سنڌ جي تاريخي تخت گاهه ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ گُهري ٿي آزادي“ جي واضع ۽ چٽي گُهر ڪندي.سنڌ جو هي ارڏو پٽ للڪاري رهيو هو. هن جي گُونجار ۽ للڪار ۾ سندس روح ڀريل هو، سِر جو سانگهو لاهي، پنهنجي عظيم رهبر سان ڪيل وچن ۽ واعدي کي پاڻي ڏئي رهيو هو. ”Report To Greeko“ وانگر ڄڻ ته پنهنجي رهبر ۽ وطن کي پنهنجي ڪيل وفائن جي رپورٽ ڏئي رهيو هو. اُن ڏينهن سنڌ جو پنهنجي هن سرواڻ تي اعتماد اڃان به گهڻو وڌي چُڪو هو ۽ موٽ ۾ اڳواڻ طور سنڌ مٿان سندس اعتماد پڪي ويساهه ۾ تبديل ٿي چُڪو هو.
اياز چواڻي، ڄڻ ته ڌرتيءَ کي هن عاشق جي چُمي اَڌ ۾ رهجي وئي. هن ته ساقيءَ جي چپن جي چُمي وٺڻ ٿي چاهي پر سمورا شراب خانا سندس خلاف ٿي ويا.
هڪ گهري ۽ سوچيل سمجهيل سازش وسيلي سنڌ جي آزاديءَ جي قافلي جو هي روح روان، اڳواڻ ۽ سپهه سالار سنڌ کان جدا ڪيو ويو. اسان درد، ڪرب ۽ ڏُک جي سمنڊ حوالي ٿي وياسين، نه مئخانو رهيو نه ساقي رهيو ۽ نه ئي رقصِ رندي رهيو، بهارن کي نظر لڳي وئي. هڪ گهات لڳو، ڌاڙو لڳو، دغا ٿي، دوکو ٿيو ۽ اسان جو قافلو راهه ويندي لُٽجي ڦُرجي ويو.