تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سماج کي نئين سر اڏڻ جا اصول

هي ڪتاب ”سماج کي نئين سر اڏڻ جا اصول“ جنهن جو ليکڪ برٽرينڊرسل آهي اهو ليڪچرن تي مشتمل آهي، سنڌي ترجمو عامر عطار/احسان “فائق” پنهور ڪيو آهي.
انهن ليڪچرن کي تحريري صورت ۾ پيش ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته هڪ اهڙو نظريو سامهون آندو وڃي، جنهن ۾ سياست جي فلسفي کي نئين انداز ۾ پيش ڪري سگهجي؛ جنهن جو بنياد يقين ۽ جوش تي هجي ۽ جيڪو انساني زندگي جو رُخ تبديل ڪرڻ تي قادر هجي.
Title Cover of book سماج کي نئين سر اڏڻ  جا اصول

باب پهريون : ترقي جو سرچشمو

اهي سڀ ماڻهو جيڪي نون تصورن ۽ تازن خيالن جا پوڄاري آهن ۽ اهي جيڪي پراڻن خيالن سان تيار ٿي جنگ کان پوءِ اسان جي زندگي ۾ داخل ٿي ويا آهن، ڇا اهي ڪا تبديلي ۽ انقلاب چاهن ٿا؟ انهن کي گهرجي ته عمل جي ميدان ۾ اچن ۽ واضح ڪن ته عالمي طور تي اهي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا؟
منهنجي راءِ مطابق خاص ڳالهه جيڪا هجڻ گهرجي، سا هي آهي ته جنگ جي نتيجي ۾ ٿيڻ وارن واقعن ۽ نظرين جي مطابق اها انساني قدرن جي ڇلانگ تي مدار رکندڙ آهي ۽ اهي قدر ڪهڙا آهن؟ قانون جي بنياد تي، باقائده طور تي انهن کي ظاهر ٿيڻو آهي. انهيءَ سوچ ۽ فڪر جو انداز جيڪڏهن صحيح آهي ته پوءِ اهو سياسي نظرين جي مطابق آهي ۽ مڪمل طور تي درست به آهي. ٻئي طرف پراڻي علم ۽ حڪمت ۽ آزاد پسنديءَ پنهنجي حيثيت کي ثابت ڪيو آهي. هيٺ ڏنل ليڪچرن مان جيتوڻيڪ صرف هڪ جو تعلق جنگ ۽ لڙائي سان آهي، باقي سڀ جا سڀ انهن واقعن جي منظر ڪشي ڪن ٿا، جيڪي جنگ جي نتيجي ۾ سامهون آيا آهن ۽ ان ڳالهه جي گهر ڪندڙ آهن ته انهن اميدن کي نظر ۾ رکندي اڳتي وڌجي جيڪي سياسي ادارن قائم ڪيون. اهو نظريو انسان کي جنگ کان پري رکڻ گهري ٿو، جيتوڻيڪ اها عظيم بنيادي نئين سر جوڙجڪ معاشي ۽ معاشرتي زندگي کانسواءِ ناممڪن آهي.
اهي ماڻهو جيڪي يقين ۽ اعتماد واري ماحول کان پري، جوش ۽ ولولي کان محروم آهن ۽ جيڪي جنگ کي قابلِ برداشت حد تائين تڪليف ڏيندڙ سمجهندا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ ان کي عالمگير سانحو قرار ڏيندا آهن، انهن جو خيال آهي ته رحم جو جذبو پاڻ ئي مجبور ڪندو آهي ته وڏائي ۽ جلدبازي کان صفا پري رهجي، پر انهيءَ ئي مسئلي سڄي يورپ کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي. بي سهارن انسانن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ جيڪو طوفان تيزي سان وڌندو پيو اچي، ضروري آهي ته ان طوفان کي روڪڻ جو حل ڳولهيو وڃي، يا ان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي خطري ۾ وڌو وڃي يا سخت ويڙهه ڪئي وڃي. معاهدي وارو رويو اختيار ڪري ٻين کي روڪڻ به ناممڪن آهي. پر اهو ٿي سگهي ٿو ته جوابي حملو ڪري پنهنجو پاڻ کي بچايو وڃي. توهان تخليقي سوچ ۽ انداز کي ان طرح تبديل ڪريو جو ان جي بدلي ۾ همدردي جا جذبا موٽي اچن. پر اڄ ڪلهه جي دنيا سوچ ويچار ۽ همدردي جي جذبن کي هڪ طرف رکي بيشمار براين ۾ مبتلا ٿي وئي آهي.
جنگ جي متعلق اڄ ڪلهه دنيا ۾ ٻه نظريا ملن ٿا، پر مونکي اهي ٻئي خيال مناسب نٿا لڳن. هن ملڪ جون عام حالتون هي آهن ته اڪثريت جي خيال ۾ اهو سڀ ڪجهه بدمعاش جرمنن جي ڪئي ڪمائي آهي جيڪا ڪنهن حد تائين مذهبي عقيدي، سفارتي مهارت يا ڏيکاءُ پسند پيچيدگي تي مشتمل آهي. منهنجو خيال آهي ته ٻئي نظريا اهو سمجهڻ ۾ ناڪام آهن ته اصل معاملو ڇا آهي؟ هڪ قديم نسخي مطابق اهو انساني فطرت جو حصو آهي، جنهن ۾ جنگ جي صورتحال پيدا ٿي ويندي آهي. جرمن ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي حڪومت ٺاهيندا آهن، انهن جون صلاحيتون وچولي درجي جون هونديون آهن ۽ انهن ماڻهن جي اندر ايتريقدر جوش ۽ جذبو هوندو آهي جيڪو دنيا جي ٻين ماڻهن ۾ گهڻو مختلف نه آهي. جنگ ان وقت قابلِ قبول ٿي ويندي آهي، جڏهن ماهرن جي حڪمت عملي ناڪام ٿي تمام وڏي نفرت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي، جنهن جي ڪري جنگ پکڙجندي آهي.
اهي نقلي شيون جن تي عوام ڀروسو ڪندو آهي، جڏهن ته حقيقي شين کي تسليم نٿو ڪري، جوش ۽ جذبي جو صحيح ادراڪ ڪندو آهي. ضروري آهي ته انفرادي جنون هر معاملي ۾ داخل هجي. پر عوام جي مجموعي اميدن کي نظر ۾ رکندي اسين سڀ ماڻهو گهڻين ئي ڳالهين تي يقين رکندا آهيون، جن جو ڪو به مضبوط دليل نه هوندو آهي. جيتوڻيڪ شعوري طور تي اسان جي فطرت ڪجهه خاص ڳالهين جي اميد رکندي آهي جن کي اسين مڃيندا ۽ تسليم ڪندا آهيون. منجهائيندڙ وهم ۽ عقيدا جيڪي اجاين خيالن کي سگهه بخشيندا آهن، انسانن جي وچ ٿورو وڌيڪ اختلاف پيدا ڪندا آهن ۽ اڳتي هلي انهن کي عقيدن جي ٻه طرفي فضائن ۾ ورهائي ڪري ڇڏيندا آهن.
جنگ يقيناً نقصان ئي ڏيندڙ آهي، بلڪه اها هڪ طرح جي چريائپ آهي. جيڪڏهن اُٻهرائپ کي ضابطي ۾ رکجي، پوءِ ڀلي اها ڪاوڙ ۾ اچڻ جي ڪري ئي ڇو نه هجي ته پوءِ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي قابو ۾ رکندا، جنگي جذبن جي خلاف ٿيندا ۽ مسئلن جو حل پاڻ ۾ ويهي ڪري طئي ڪري وٺندا. اها هڪ حقيقت آهي، جيتوڻيڪ ناڪافي آهي. اهو مسئلو رڳو انهن جي لاءِ قابلِ توجهه آهي جيڪي سنجيدگي سان مسئلي جو حل ڪڍڻ چاهيندا ۽ جوش ۽ جذبن کي جنگي جنون تي فوقيت ڏيندا هجن. صرف هوش ئي جوش کي قابو ڪري سگهي ٿو ۽ هڪ عقلي دليل ئي جنون کي دٻائي سگهي ٿو. سبب ڪهڙو آهي؟ جيئن ته اسان جا واعظ ڪندڙ حضرات عوام کي لالچ ڏيندا آهن، اهو انداز تمام گهڻو منفي انداز آهي. زندگي کي خوشگوار بنائڻ لاءِ سادگي کي اپنائڻ گهرجي، پر جنگ کي روڪڻ لاءِ اهو طريقو ناڪافي آهي . هڪ پرسڪون جذبو ان معاهدي واري رويي کي ختم ڪري سگهي ٿو ۽ انهن ماڻهن تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو، جيڪي جنگ جي حق ۾ دليل ڏيندا آهن. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته هروڀرو جي جوش ۽ اٻهرائپ واري روش کي تبديل ڪيو وڃي. رڳو احساس ڪرڻ ۽ سوچڻ سان ڪجهه نه ٿيندو.
انساني سرگرمين جي وڌڻ ويجهڻ جا ٻه رستا آهن؛ هڪ جذبو ۽ ٻيو خواهش. انهن ٻنهي جذبن کي اهميت ڏني وئي آهي ۽ پڻ تسليم ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ماڻهو محسوس ڪري ته هو مڪمل طور تي انهن خيالن کي پسند نه ڪندو آهي ۽ ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ ۾ ٻڏتر محسوس ڪندو آهي ته ان جو نتيجو ڇا ٿيندو؟ ان صورتحال ۾ تصورَ هاڻي ان کي ڀانت ڀانت جا خواب ڏيکاريندا آهن ته نتيجو خوشگوار به ٿي سگهي ٿو. انهن سمورن خواهشن جي دوران هڪ وقفو ايندو آهي، پنهنجو پاڻ کي تسلي ڏيڻ جي لاءِ. خواهشن جي اثر هيٺ ٿيڻ واريون حرڪتون تڪليف ڏيندڙ به ٿي سگهن ٿيون. مطمئن ٿيڻ کان اڳ پنهنجو پاڻ تي قابو پائڻ ڪنهن حد تائين مشڪل به ٿي سگهي ٿو. پر مقصد ڪڏهن نه به ملندو آهي.
خواهش هڪ طاقتور جذبو آهي جيڪو ان ڳالهه تي مدار رکي ٿو ته مقصد ڪيترو مضبوط آهي؟ تمام ڏکيو هئڻ جي باوجود اميدون ۽ خواهشون پوريون به ٿي سگهن ٿيون. اهو سڀ ڪجهه قابلِ قبول آهي ۽ سياسي نفسيات اڃان تائين ان ڳالهه تي قائم آهي ته انساني جذبا ڪهڙن بنيادن تي عمل ڪري رهيا آهن؟ پر خواهش جي ابتدا انسان جي حرڪتن ۽ عملن جي مطابق هئڻ گهرجي. ان جي حيثيت هاڻي ايتري گهڻي نه آهي پر اسان کي وڌ کان وڌ عقل ۽ ڏاهپ، سوچ ويچار ۽ مهذب انداز اپنائڻو پوندو.
اسان جي فطرت جي فطري ۽ وجداني انداز ۾اسان کي خاص قسم جي جذبن تي غلبو حاصل آهي، پر ڪنهن مثبت انداز ۾ نه، جيڪي سوچڻ سمهجڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آهن. جڏهن ته جذبو ۽ جنون تمام گهڻو تيزي سان گردش ۾ آهي. ڪتا چنڊ جي طرف منهن ڪري ڀونڪندا آهن، ان لاءِ نه ته انهن جي خيال ۾ ائين ڪرڻ انهن جو فرض آهي پر انهن جو جوش ۽ ڪاوڙ انهن کي ان ڳالهه تي مجبور ڪندي آهي. اهو ڪنهن خاص سبب جي ڪري نه هوندو آهي، بس اها هڪ بيچيني آهي جيڪا انهن کي ائين ڪرڻ تي آماده ڪندي آهي، جيئن بک، اُڃ، ويڙهه جهيڙو، پيار محبت يا پاڻ وڻائڻ جي خواهش. اهي ماڻهو جيڪي يقين رکندا آهن ته انسان هڪ وچٿرائي کي پسند ڪندڙ جانور آهي، سي چوندا آهن ته انسان خود غرضي ۽ پاڻ پڏائڻ جي خواهش رکندا آهن ته جيئن ٻيا ماڻهو انهن جي باري ۾ سٺي راءِ قائم ڪن. پر اسان مان گهڻا ماڻهو موقعي جي تلاش ۾ هوندا آهن ته پنهنجو پاڻ پڏائڻ جي بدران عام موقعن تي اهڙا نتيجا حاصل ڪري سگهن ته جيئن عام ماڻهو کين پسند ڪن. پر اهي ماڻهو منفي نتيجي لاءِ تيار نه هوندا آهن. اهي وقتي جنون جي اثر هيٺ هوندا آهن ۽ انهن جو جوش تمام ئي مضبوط هوندو آهي، جڏهن ته عام خواهش اهي نتيجا ناهي ڏيندي. ذهني طور تي اڻ پختا ماڻهو پنهنجي سوچ مطابق سمجهندا آهن ته اهي ٻارن ۽ ڪتن جي ڀيٽ ۾ انصاف ۽ اعتدال پسند آهن. غير ارادي طور تي پنهنجو پاڻ کي پاڻ کان ئي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهو غير ارادي ۽ جڙتو انداز هميشه يقين جي پٺيان لڳو پيو هوندو آهي. جڏهن هڪ جذبو اميد مطابق نتيجو ناهي ڏيندو، تڏهن هڪ خواهش ڪَرُ کڻندي آهي جيڪا جذبن کي وڌيڪ نشوونما عطا ڪندي آهي. جيڪڏهن ڪو منطقي نتيجو جيڪو مرضي جي برخلاف هوندو آهي تڏهن دورانديشي ۽ جوش جي وچ ۾ هڪ جنگ ڇڙي پوندي آهي. اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن اٻهراپ ۽ جوش ۾ ٿورڙي به ڍرائي ايندي آهي ته دورانديشي فتح حاصل ڪري وٺندي آهي. انهيءَ ڳالهه کي تمام ئي ڏاهپ واري ڪمن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. ٻي صورت ۾ جيڪڏهن جوش وڌيڪ جاندار آهي ته دورانديشي دم ٽوڙي ڇڏيندي، يا جيڪڏهن ماڻهو وڌيڪ وڏي همت ۽ حوصلي وارو آهي تڏهن نتيجا بنا خوف جي منظور ڪيا ويندا. جڏهن ميڪبٿ اعتراف ڪري ورتو ته هو يقيني شڪست ڏسڻ وارو آهي ته هن جنگ کان ذري جيترو به ٻڏتر يا ويچار محسوس نه ڪيو. هن بي اختيار چئي ڏنو:
”دنيادار ميڪ ڊف! توتي لعنت هجي جو تون ڪمزورن تي حملو ۽ انهن تي ظلم ڪندو آهين. “
پر اهڙِي همت ۽ بي ڊپائي ڪٿي ڪٿي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. گهڻا ماڻهو، جنهن وقت انهن جي همت جوان هوندي آهي، پنهنجو پاڻ کي اڪثر هڪ ٿورڙي شعور، اخلاقي توجهه ۽ پسنديده منطقي نتيجي جي اثر هيٺ خواب ۾ قيد ڪري ڇڏيندا آهن. رڳو اها ئي سوچ منطقي آهي جيڪا روشن خيالي ۽ دانائي، سان گڏوگڏ جستجو ۽ تحقيق جي ذريعي پيدا ٿيندي آهي ۽ جيڪا سوچڻ سمجهڻ جي طرف رهنمائي ڪندي آهي. پر گهڻي ڀاڱي ڳالهيون رڳو جذباتي هونديون آهن ۽ خود اهي سوچ ويچار ۾ مبتلا رهنديون آهن. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته اسان کي نا اميد ٿيڻ نه گهرجي ۽ پنهنجي جذبن کي صدمو نه پهچائڻ گهرجي.
جڏهن ڪنهن جوش يا جذبي کي دٻايو ويندو آهي ته ان وقت تمام گهڻي بيچيني پيدا ٿيندي آهي، اڃا به ائين چئجي ته اها تڪليف هڪ اهڙي هوندي آهي وڌنڌي ئي ويندي آهي. اسين ان تڪليف کي وس آهر دٻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ۽ اسان جو ڪم ان صورت ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو جڏهن ان جي پٺيان ڪو مقصد لڪيل هجي. پر پيڙا هميشه ان وقت اڀرندي آهي جڏهن ان کي ائين ڪرڻ تي ڪو اڀاريندو آهي. ولولو هردم رت ۾ شامل رهندو آهي ۽ ان وقت جاڳندو آهي جڏهن جنون کي عارضي طور تي قابو ڪيو وڃي.
جذبو اسان جي حرڪتن جي اثر هيٺ هوندو آهي، پر اڃا به ائين چئجي ته خواهشن کان به وڌيڪ طاقتور هوندو آهي. پنهنجي خواهش کي ايتري به اهميت نه ڏيڻ گهرجي جو انهن کي هرشيءِ تي فوقيت ڏني وڃي. جوش ۽ جذبو پنهنجي همراه ۽ گهڻين ئي ڳالهين کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندو آهي جيڪي خيالي ۽ تصوراتي به هونديون آهن. اهي انسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون ته انهن جون خواهشون انهن لاءِ گهربل نتيجا ڏيڻ واريون آهن جيڪي جوش کي پنهنجي مرضي مطابق هلائينديون آهن ۽ هي ته اهي پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن. جڏهن ته حقيقت ۾ اهي حرڪتون پنهنجي اندر ڪو خاص مقصد ناهن رکنديون. هڪ ماڻهو ان يقين ۽ اعتماد سان هڪ ڪتاب لکي سگهي ٿو يا هڪ تصوير ۾ رنگ ڀري سگهي ٿو، ته اها ان جي شهرت ۽ مشهوري ۾ اضافو ڪندي. پر هيءَ جيئن ئي سندس ته تڏهن اهو هڪ نئين ڪم جي ذميواري سنڀالي وٺندو آهي. هڪ فنڪاراڻو خيال ان کي اڳتي وڌڻ تي اتساهيندو آهي جيڪو زندگي لاءِ بيحد اهم آهي. صحيح چاه اهو آهي جيڪو اسان کي ڪجهه ڪري ڏيکارڻ تي اتساهيندو آهي ۽ اهي خواهشون جيڪي صرف تصورن تي ڇانيل رهنديون آهن، اهي ذهني تسلي لاء صرف پڙدا آهن.
خواهش، جوش جي حريف جي حيثيت رکندي آهي ۽ حقيقت ۾ هڪ تمام وڏو ۽ اڀرندڙ جذبو آهي. اهو عام زندگي جي عملن ۾، جوش، ڦڙتي واري چرپر ۽ انارڪسٽ مزاج رکندو آهي جيڪو آساني سان هڪ ترتيب ڏنل نظام ۾ پير نٿو کوڙي سگهي. اهو ٻارن ۽ فنڪارن ۾ ڪافي پسند ڪيو ويندو آهي پر سنجيده مزاج ۽ مهذب ماڻهن ۾ نه. عام طور تي معاوضي تي ڪيل ڪم جوش ۽ جذبي سان نه پر زبردستي ڪيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪم پنهنجو پاڻ ٿڪائيندڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ امر آهي، پر معاوضي جي ڪشش ڪم کي دلچسپ بڻائي ڇڏيندي آهي. سنجيده شرط جيڪي مردن کي ڪم لاءِ آماده ڪندا آهن، سي سواءِ ٿورڙن ماڻهن جي، عام طور تي ڪنهن مقصد جي اثر هيٺ هوندا آهن نه ڪي جوش ۽ جذبي جي. ان معاملي ۾ شايد ئي ڪو برائي محسوس ڪندو هجي ڇاڪاڻ ته جوش مطمئن زندگي جي جاءِ نٿو وٺي سگهي.
اهڙو شخص جيڪو حقيقت ۾ جوش ۽ جذبن جي اهل ناهي، يا خيالي طور تي چرين جهڙو لڳندو آهي، ان لاءِ سمورا چاههَ يقيني طور تي بيڪار آهن. ڇو ته اهو مستقبل جي باري ۾ دورانديشي جو ادراڪ نٿو ڪري سگهي. هو يقيناً ٻئي انداز ۾ سوچيندو ته ان جا نتيجا ڪهڙا ٿي سگهن ٿا ۽ ڇا اهي نتيجا ان جي مرضي جي مطابق هوندا؟ فڪر جي انداز جو اهو اختلاف اخلاقي هوندو يا روشن خيالي تي مبني، جڏهن ته ان جو بنيادي اختلاف جنون جي باري ۾ آهي. اصل ٺاهه ان وقت تائين ممڪن ناهي جيستائين جنون جي باري ۾ پنهنجي موقف تي قائم نه رهجي. اهي سڀ مرد جيڪي طاقتور ۽ چست چالاڪ هوندا آهن، انهن جي اندر جوش ۽ جذبن جي ڪثرت هوندي آهي ۽ انهن جي ٻين تي اک ئي ناهي ٻڏندي. انڌو جوش ڪڏهن ڪڏهن تباهي ۽ بربادي اڃا به ائين چئجي موت ڏانهن وٺي ويندو آهي، پر ٻئي طرف اهڙا ماڻهو ڪاميابين سان به هم ڪنار ٿيا آهن. انڌا جذبا جنگ سان متضاد ٿي سگهن ٿا، ٻئي طرف اهي علم، ادب ۽ محبت جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا. جوش جو رُخ زندگي ۽ خوشين جي طرف هئڻ گهرجي ٻي صورت ۾ ان جو رُخ تباهي ۽ بربادي جي طرف هوندو.
ولولي ۽ جنون تي قابو ان وقت پائي سگهجي ٿو، جڏهن اها خواهش دل ۾ پوري طرح ويهڻ سان گڏوگڏ ڪنهن دانشور جي تقرير کان به مطمئن هجي. اهو جذبو به ڪڏهن ڪڏهن بنا ڪنهن انتظام جي پڄاڻي تي پهچي ويندو آهي ان ڪري اهو درحقيقت توهان جي اثر هيٺ هجي، ۽ ان ۾ جوش ۽ جذبو به نه هجي، ته پوءِ اها محنت واري زندگي آهي. غير دلچسپ ۽ انهن مقصدن کان پري آهي جن کي حاصل ڪرڻ جي باري ۾ هن ڪڏهن سوچيو هيو. جڏهن سموري قوم انهيءَ انداز ۾ زندگي گذاري رهي هجي ته قوم ڪمزور ۽ منجهيل بڻجي رهجي ويندي آهي. ڪنهن مقصد کي سامهون رکي ڪوشش ڪرڻ بنا ڪا به قوم بلندي ڏانهن وڃڻ تي آماده نٿي ٿي سگهي.
هڪ ترقي يا فته قوم لاءِ ڪنهن خاص مقصد سان جيئڻ لاء صنعتي ترقي ۽ نظام بنيادي ضرورتون آهن. بجاءِ ان جي جو صرف خواب ۽ جنون جي سهاري زنده رهجي. اهڙي مجهول انداز جي زندگي مستقبل ۾ نوان نوان جذبا پيدا ڪندي آهي. ان انداز سان نه جيڪي مختلف عادتن تي قابو پائڻ کان پوءِ حاصل ڪري سگهجن ٿا. هي نوان جذبا انتهائي مناسب آهن، پر انهن جا اثر خراب به نڪري سگهن ٿا نسبت انهن جي جيڪي آزمائجي چڪا هجن. اهو به هڪڙو سبب آهي ته ڇا جي ڪري قومي نظام تي فوجي نظام بُرا اثر وجهندو آهي، يا ته قوتِ حيات جي کوٽ ان جو سبب اهي يا جنون جي جابراڻي ۽ ظالماڻي ڪاروائي. جيڪڏهن ذهانت جو ڪو رستو تلاش نه ڪيو ويو ته اهڙا حادثا زندگي تي يقيناً اثر انداز ٿيندا ڪنهن ماڻهو جا جذبا ان جي قدرتي خواهش ۽ مزاج سان ڪنهن گهري مطالعي جي کانسواءِ هڪ خاص حد تائين مستحڪم نٿا رهي سگهن، ۽ نه ئي حالاتن مطابق تبديل ڪري سگهجن ٿا. انهن تبديلين جي قدرتي ڪيفيتن جو مطالعو لازمي آهي ۽ ان جا نتيجا قبول ڪرڻ گهرجن، پوءِ ڀلي اهي سٺا هجن يا خراب ۽ اهو جائزو ڪنهن سماجي يا سياسي اداري تحت ورتو وڃڻ گهرجي.
پوري قوت سان جنگ پکڙجندي ٿي وڃي، جنهن جو ڪو خاص سبب نه آهي. جنگ رڳو دشمن تي ڪڙڪي پوڻ جو هڪ جذبو آهي جيڪو ڪنهن نه ڪنهن موقعي تي جاڳي پوندو آهي ۽ ڪيترن ئي موقعن تي انهيءَ جا ڪيترائي متضاد سبب به هوندا آهن. هر جذبو مختلف خيالن جو هڪ مڪمل نتيجو پيدا ڪندو آهي. اهي جنوني نظريا برن هارڊي (Bernhardi) (سينٽ برنارڊ جو راهب) يا وري مسلمان فاتحن جي ابتدائي دؤرن ۾ ڏسي سگهجن ٿا. ان کان سواءِ جوشوا (Joshua) جي ڪتاب ۾ ته اهي جذبا پوري جوڀن تي آهن. هتي هڪ برتري احساس نظر اچي ٿو، يعني اهو يقين ته سڀ ڪجهه ڪنهن عقلي دليل جي تحت ڪيو ويو آهي ۽ چونڊيل ماڻهن، ان تي مهر لڳائي آهي. اهو انهيءَ ڳالهه جو يقين ڏياري ٿو ته صرف پنهنجي اندر جي سٺائي يا خرابي هڪ اهميت رکندي آهي. پر گڏوگڏ هي به ته باقي دنيا جو به ادب ڪيو وڃي. جديد سياست جي لحاظ اهو رويو شاهي قانون ۾ شامل ٿي ويو آهي. سڄو يورپ اجتماعي طور تي اهو رويو اپنائي چڪو آهي. ايشيا آفريڪا ۾ ۽ ڪنهن حد تائين جرمن به اهوئي رويو رکندا آهن.
جوش واري حملي کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ هي لازمي آهي ته اهڙو رويو اپنايو وڃي جهڙو اسرائلين جو فلسطينن سان آهي يا وچئين دؤر جي يورپ جو مسلمانن سان هوندو هو. هي اهي عقيدا آهن جيڪي شيطاني يا ڪنهن ڪليسائي گروه جي ماتحت ڪيا ويندا آهن ۽ جن کي ٻڌي ٻڌي وار ئي اُڀا ٿي ويندا آهن. جڏهن انهن کي فتح حاصل ٿي وڃي ته نيڪ قدرن ۽ قومي رسمن رواجن تي پابندي لڳائيندا آهن. جڏهن جنگ شروع ٿي ته انگلينڊ ۽ فرانس جي رجعت پسندن شور مچائڻ شروع ڪري ڏنو ته جمهوريت خطري ۾ آهي، جڏهن ته ان کان اڳ ۾ اهي جمهوريت کي روڪڻ ۾ سڀ کان اڳرا هئا. اهي ان معاملي ۾ سچا نه هئا. بس جنگي جوش و جنون جي جذبي انهن کي مجبور ڪيو، جيڪو جرمن جي حملي جي ڪري انهن جي دلين ۾ ويهي ويو هيو. انهن کي جرمني کان نفرت هئي پر انهن جو خيال هيو ته اهي جمهوريت پسند به آهن. انهن حالتن ۾ سڄي دنيا جي اندر حملي جو جوش ۽ ان جي مزاحمت، ٻئي جذبا هڪ ئي وقت ڪم ڪري رهيا هئا.
اسين ان جوش ۽ جنون کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا.
پهريون:اهي ماڻهو جن جو انهيءَ ملڪ جي لاءِ، جنهن ملڪ جي اهي رعيت آهن. قومي رجحان دشمنن وارو هوندو آهي، ان ان درجي ۾ ڪجهه آئرش، پولستاني، يهودي ۽ ڪيترن ئي مظلوم قومن جا ماڻهو شامل آهن. منهنجي خيال موجب انهن جي ان غلط سوچ کي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته قدرتي طور تي اهي به اهو ئي جوش ۽ جذبو رکندا آهن، جيڪو جنگي نقطه نظر سان هجڻ گهرجي.
ٻيون: درجو انهن ماڻهن تي مشتمل آهي جيڪي جنگ ۾ فوجي قوت يا طاقت جو ڪارڻ نه بڻيا آهن ۽ هي اهي ماڻهو آهن جن جو قدرتي جوش ۽ جذبو ڪافي حد تائين گهٽ ۽ جذبن کان خالي آهي. اهي ماڻهو انهن کانسواءِ جيڪي جرمنن کان پئسا وٺندا آهن، امن پرست ۽ مذهبي سڏيا ويندا آهن. جيڪڏهن اهو سمجهيو وڃي ته امن پسند ماڻهو بي حس ۽ جوش و جذبي کان خالي هوندا آهن، جڏهن ته انهن جا ٻيا ڀائر پنهنجي ملڪ لاءِ پنهنجن زندگين جا نظرانا پيش ڪري رهيا آهن. تن مان اهي ماڻهو جن تي ٿوري گهڻي بي حسي ڇانيل آهي ۽ اهي ان کانسواءِ ڪجهه ناهن ڪندا ته جنگ ۾ عملي طور تي حصو وٺڻ کان پاسيرا هتي هڪ ٿورڙو تعداد اهڙن ماڻهن جو به آهي جن جي باري ۾ چئي سگهجي ٿو ته اهي حق تي آهن. منهنجو خيال آهي ته جيڪي ماڻهو جنگ جي حمايت ڪندا آهن، اهي اهڙن ماڻهن کي بدنام ڪندا آهن. اِنهن منفي ڳالهين کانسواءِ اهي جذبا جيڪي جنگي جوش و جنون جي تحت ڪم ڪري رهيا آهن، قوم کي اميد آهي ته جوشيلا جذبا انهن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا. جوش زندگي جو هڪ اهڙو جذبو آهي جيڪو ڪاميابي جي طرف وٺي وڃي ٿو ۽ جيستائين اهو جاري آهي، زندگي کي خوشين سان ڀرڻ جي اميد قائم رهندي. پر جنون جي پڄاڻي رڳو موت آهي ۽ موت کانپوءِ ٻي زندگي ناهي ملندي.
ٽيون: سرگرم پر امن پسند، هي ماڻهو بهرحال جوش ۽ جذبن کان خالي نه آهن پر اهڙن ماڻهن جو فرض بڻجندو آهي ته اهي جنگ جي انداز کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. جوش جو هي عمل اهڙو ناهي ته ماڻهو پنهنجي اندروني جذبي جي خلاف ڪو اهڙو عمل اختيار ڪري، جيڪو مايوس ڪندڙ هجي ۽ پنهنجو پاڻ کي خطري ۾ وجهي ڇڏي. جوش کان بچاءَ جي لاءِ عوامي مخالفت انسان جي فطري ۽ طاقتور جبلت آهي، جنهن تي صرف انهيءَ صورت ۾ ئي قابو پائي سگهجي ٿو، جڏهن خطرناڪ جوش ۽ جذبو ان تي حاوي ٿي وڃي.
تحريڪ ۽ جوش کي مختلف حصن ۾ ورهائي ڪري سگهجي ٿو، جيڪي زندگي کي روشني بخشيندا آهن يا وري بي حسي ڏانهن وٺي وڃن ٿا. جنگ ۾ جوش ۽ جذبا پختا ٿي ويندا آهن ۽ انهن جا اثر موت جي طرف وٺي وڃن ٿا. جيڪڏهن انسان جو مثبت جذبو مضبوط آهي ته پوءِ اهي زندگي جي طرف موٽي ايندا آهن. انسان کي جيڪو جذبو جنگ جو رستو ڏيکاريندو آهي، انهن مان ڪجهه ڳالهيون صرف روشن خيال ۽ حوصلي وارن ماڻهن ۾ هونديون آهن. فنڪار، سائنسدان ۽ اعلى تعليم يافته ماڻهو ان فهرست ۾ شامل آهن. ائين انهن ماڻهن جو رجحان جنگ جي طرف ناهي.
زندگي جي وهڪري ۾ ٽي رستا ايندا آهن جيڪي ڪنهن خاص ۽ اهم خوبين جي طرف اشارو ڪندا آهن.
1. پيار ۽ محبت
2. ڄاڻ ۾ واڌارو ۽ تعميري جذبو
3. جواني جو مزو ۽ خوشي.
اسان جا ادارا ناانصافي ۽ اختيارن جي کوٽ جا شڪار آهن، ان وجه سان اسان جون دليون تنگ ٿي چڪيون آهن ۽ همدردي کان خالي آهن. اسين صرف اهو رستو تلاش ڪندا آهيون جنهن ۾ اسان جو فائدو هجي. رسمي ۽ غير طبعي تصور جيڪو ڪاميابي جي طرف وٺي وڃي ٿو، ان جي ڪمي وڌندي پئي وڃي. انهن خرابين جي وجه سان زندگي جو حسن تباهه ۽ برباد ٿي ويو آهي.
اسان جو اقتصادي نظام اڪثريت کي مجبور ڪندو آهي ته اهي پنهنجو بار کڻڻ سان گڏوگڏ ٻين جو به بار برداشت ڪن ۽ انهن کي ڪمتري جو احساس ڏياريندو آهي. اهي سڀ ڳالهيون ڀائيچاري جي سگهه ۽ ٻڌي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏين ٿيون، پر عقل ۽ ڏاهپ جو مظاهرو ڪري انهن مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن ايئن ٿي وڃي ته انسان جي مجبور زندگي بلڪل مختلف صورت ۾ گذري ۽ انسان هڪ نئين حوصلي سان، نئين خوشگوار زندگي جي طرف روانو ٿي پوي. هنن مقالن ۽ ليڪچرن جو اصل مقصد هي آهي ته ماڻهن ۾ جوش پيدا ڪيو وڃي ته جيئن اهي مستقبل کي خوشحل بنائڻ جي راهه تي نڪري پون.
جنون ۽ خواهشون زندگي جون بي حد اهم حقيقتون آهن، جن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اهي جذبا هڪ خاص ترتيب سان اڳتي وڌندا آهن. بدنامي کڻي ڪهڙي به سبب جي ڪري ٿئي پر ان بدنصيبي کي پنهنجي حڪمت عملي سان پري ڪري سگهجي ٿو، پر انسان ۾ هر صلاحيت محدود هوندي آهي. سماجي ادارا هڪ انسان جي ذهني ترقي ۽ آزاداڻي نشوونما لاءِ ڇاٿا ڪري سگهن؟ انسان ۾ هڪ خاص جوش ۽ جذبو هوندو آهي ۽ ڪيترن ئي قسمن جو خواهشون هونديون آهن؛ مثال طور تي ڪجهه ماڻهو نشي جا شوقين بڻجي ويندا آهن، جيڪو ذهني طاقت کي اڳتي وڌڻ ناهي ڏيندو. اهڙن ماڻهن کي گهرجي ته پنهنجي اصلاح ڪن ۽ اصول ٺاهن ۽ پوءِ انهن تي سختي سان پابند رهن. ڪيتريون ئي شيون اهڙيون به ٿينديون آهن جيڪي ٻين کي نقصان ناهن پهچائينديون پر پوءِ به انهن کان احتياط ڪرڻ گهرجي.
انسان وڻن وانگر پنهنجو اوٿپ ۽ واڌ ويجهه گهرندا آهن، سڀني انديشن کان پاڪ ۽ هر قسم جي پريشانين کان آزادي چاهيندا آهن. اهي ڪنهن سياسي اداري جي تحت به وڌي ويجهي سگهن ٿا ۽ انهن ادارن جي راهن ۾ رڪاوٽون به وجهي سگهن ٿا. زمين ۽ آزادي انسان جي واڌ ويجهه ۾ مختلف ڪردار ادا ڪنديون آهن. مڪمل واڌ ويجهه جنهن جي اميد ڪري سگهجي ٿي، ان وقت تائين واضح ناهي هوندي جيستائين ان جي تشريح نه ٿي وڃي. اهي بيحد لطيف ۽ نازڪ مرحلا آهن ۽ صرف ان ئي وقت محسوس ڪري سگهجن ٿا جڏهن نازڪ، ڌنڌليون ۽ غير واضح ڳالهيون، تصور ۽ خيال ۾ اينديون آهن. اهو رڳو ماحول تي مدار نٿو رکي پر اهو جذبو ايمان، رجحان ۽ سڄي انساني برادري تي يقين رکندو آهي. وڌيڪ ترقي ۽ واڌويجهه ان معاشري جي تحت ٿيندي آهي جنهن ۾ اهي رهندا آهن. هڪ مرد جون خواهشون ۽ اميدون صرف ان جي پنهنجي زندگي تائين محدود نه آهن. جيڪڏهن ان جا جذبا ۽ خيال وسيع ۽ بلند آهن ته معاشري جي ناڪامي جو تصور ناممڪن آهي ۽ معاشري جي ڪاميابي ان جي پنهنجي ڪاميابي آهي.
جديد دؤر ۾ مرد ۽ عورت جي وچ ۾ ترقي جي رڪاوٽ اهو قانون آهي جيڪو ورثي (رسمون، رواج ۽ عقيدا) جي ذريعي ملندو آهي. ذهانت جي ترقي ۽ علم جيڪو جسماني ۽ فوجي انداز ۾ ايندو آهي، ان جي ڪري ترقي جا نوان امڪان پيدا ٿيندا آهن ۽ نون خيالن ۽ جذبن کي جنم ڏيندا آهن، جيڪي انهن ماڻهن کي بخوبي مطمئن ڪري سگهن ٿا، جن آئين ۽ ورهاست جو قانون منظور ڪيو آهي. هتي ڪنهن حد تائين انهن امڪانن کي تسليم ڪري سگهجي ٿو، جيڪي هڪ سٺي زندگي ٺاهڻ ۾ ڪارآمد ثابت ٿي سگهن ٿا. هن ميدان ۾ اهي ادارا جيڪي تعليم ۽ تربيت جي لحاظ کان سٺا خاصا موقعا ميسر ڪندا آهن، انهن کي به لڳاتار جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي. ان مقام تي هڪ عالمي فساد شروع ٿي ويندو آهي، جنهن جي اندر آزادي ۽ انصاف جي خلاف روايتون ۽ اقتدارَ اُٿي کڙا ٿيندا آهن. اسان جي اخلاقيات جيتوڻيڪ فرسوده ٿي چڪي آهي ۽ ان جي جاءِ تي هڪ فسادي جذبو زندگي ۾ داخل ٿي ويو آهي. جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.
اسان جا درسگاهه هڪ تاريخي پيڙه ۽ بنياد رکندا آهن. ايشائي قومن پنهنجي قادرِمطلق کي سڃاڻي ورتو آهي، جنهن جو شان نرالو آهي. جنهن جي مرضي جي کانسواءِ انسان بلڪل بيوس آهي. قادرِمطلق، شهنشاه ۽ يورپ کي اهڙو ئي رتبو عطا ڪيو آهي، جنهن جو اظهار ان جي عظيم الشان سلطنت ۽ مذهبي ڪليسائي حڪومت جي ذريعي ٿئي ٿو ۽ نه رڳو اهو پر پنهنجي بخشش جو اظهار ان طرح به ڪندو آهي جيئن هڪ پيءُ پنهنجي پٽن سان ڪندو آهي. چرچ ۽ بادشاه جو حڪم خدا جو حڪم سڏيو ويندو آهي.
جيڪڏهن اسان به غور ڪري ڏسون ته صاف معلوم ٿيندو ته جنهن به طاقت جي ذريعي قبصو ڪري ورتو اها زمين ان جي ٿي وئي يا جن کي حڪومت جي طرف کان اجازت ڏني وئي يا جن کي حڪومت پاڻ جاگيرون عطا ڪيون. وچئين دؤر جي آئين ۾ ٿورڙا ڪي اهڙا خوش قسمت آهن جن کي پوري آزادي حاصل آهي ته اهي جيئن چاهن پنهنجي زندگي گذارين. پر هڪ عظيم اڪثريت وڏن ۽ طاقتور ماڻهن جي خدمت ڪري ئي زندهه رهي سگهي ٿي. هڪ ڊگهي عرصي تائين جيستائين عهدي يا اقتدار جو صحيح طرح قدر ڪيو ويو ۽ ان کي تسليم ڪيو ويو، ته پنهنجي ڪجهه براين جي باوجود وچولو معاشرو نامياتي طور تي قائم رهيو. جڏهن کان بيروني تسليم، رضا ۽ مناسب روحاني آزادي جي اصولن کي مڃيو ويو آهي تڏهن کان اهو نظريو مغربي مسيحت جي دنيا ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
وچئين دؤر جي تاريخ ۾ زندگيءَ جي باري ۾ نظريا گم آهن. ان جي ناڪامي جا سبب هي ٿيا ته آزادي ۽ انصاف لاءِ ماڻهن جا اهي مطالبا پورا نه ٿي سگهيا، جن جي کين اميد هئي. جڏهن حڪمران پنهنجن حدن ۽ طاقت سان تجويزون پيش ڪري ويندا آهن تڏهن مظلوم شڪار، يعني عوام کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي ته ان جا حق ڦٻايا وڃن ٿا ۽ فقط زنده رهڻ لاءِ به انهن کي پنهنجي عزت جو سودو ڪرڻو پوندو. اهو هڪ عام دستور آهي ته جڏهن ماڻهن وٽ طاقت اچي ويندي آهي ته اهي ان جو غلط استعمال ڪرڻ لڳندا آهن ۽ پوءِ اها ئي طاقت ظالماڻي حڪومت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. جيئن ته انصاف جي دعوى ڪوڙي ثابت ٿي رهي آهي. انهيءَ ڪري ماڻهو گهڻي کان گهڻي تعداد ۾ پنهنجا پنهنجا ٽولا قائم ڪرڻ لڳا آهن ۽ هر ڪو پنهنجي حقن جي لاءِ وڙهڻ لڳو آهي. پر اڃاتائين ڪا حقيقي تنظيم متحد ٿي سامهون ناهي آئي ۽ رڳو غم ۽ ڏک جو نمونو بڻجي وئي آهي. جنهن ڳالهه انسان کي متحد ڪيو اُها جنگ ئي آهي. ماڻهو ان نئين اتحاد ۽ نقطه نظر جي تصور سان خوش ٿي ويا ۽ جٿي ڪٿي جشن جي ڪيفيت پيدا ٿي وئي.
آزادي جي جنگ هڪٻئي کي ويجهو آڻڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن هڪ منظم معاشري جو قيام عمل ۾ آڻڻو آهي ته ان لاءِ اسان جي ادارن کي ايتريون وڌيڪ تبديليون آڻڻيون پونديون، جو انهن جو روح تبديل ٿي وڃي ۽ هڪ ٻي تهذيب اڀري سامهون اچي وڃي. وچئين دؤر جون سلطنتون ۽ چرچَ اسان کي تباه ڪري ويا. ڇو ته ان دؤر ۾ مذهب جا مڃيل عقيدا موجود هئا پر انهن کي نهايت بيدردي سان چٿيو ويو. جن تي ٿورو به شڪ يا شبهو ٿيو انهن کي شڪ جو فائدو ڏيڻ کانسواءِ ئي نهايت بي رحمي سان ماريو ويو يا وري انهن کي مجبور ڪيو ويو ته اهي ڪنهن نه ڪنهن چرچ جي عقيدن کي اپنائي وٺن. ڪجهه ماڻهو سوچ ۽ فڪر جي ڪشمڪش ۾ مبتلا رهيا ته ڪهڙو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ بيداري ۽ نئين دؤر جي سجاڳي جا ڪرڻا ڦٽي پون. پر بااثر ماڻهن جي ظالماڻن نظرين تمام سٺن ۽ نيڪ خيالن جو ٻيڙو ئي غرق ڪري ڇڏيو. پهريون اهم ٽڪراءُ لوٿر Luther)) جي دعوى سان ٿيو، جنهن جو مطلب هيو پنهنجي حق تي بيهي رهڻ، انفرادي انصاف جو حق ۽ جنرل ڪائونسل جو انصاف. انهيءَ دعوى سان اهو احساس اڀري ٿو ته ماڻهن کي طاقت جي ذريعي دٻائي نٿو سگهجي پر هر ماڻهو کي پنهنجي مرضي جو اختيار آهي. مذهبي معاملن ۾ بگاڙ جو سلسلو آزادي جي جنگ کان شروع ٿيو ۽ تمام جلدي هڪٻئي جي ويجهو ٿي ويا.
ويڙهه کانپوءِ ٻيهر متفق ٿي وڃڻ جي اميد هڪ حد تائين ناممڪن آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته انصاف جي نالي تي صرف دعوائون ڪيون وينديون آهن. قديم رسمن يا رواجن، آئين ۽ قانون جي نالي تي عوام جي راهن ۾ رڪاوٽ وڌي وئي. ان جي باوجود ٻئي ٽولا ان ڳالهه تي يقين رکندا آهن ته ڪاميابي انهن جي ٿيندي. جڏهن ته اها جنگ ڊگهي به آهي ته ڏکئي به. ان ڪري عام نظريا آهستي آهستي وسري رهيا آهن، نتيجو نڪرندو آهي ته آخر ۾ ڪجهه به باقي ناهي رهندو سواءِ ان جي ته جڏهن مظلوم آزادي حاصل ڪري وٺندو آهي، تڏهن اهو پنهنجي مالڪن جي خلاف ظالماڻو رويو اختيار ڪندو آهي.
آخر قومي آزادي جي پاليسي ڇا آهي؟ اصلي مسئلي موجب اهو عقيدو آهي ته، ماڻهن کي پنهنجي همدردي ۽ ريتن رسمن کي هڪ قدرتي جٿي ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. پر عملي طرح اهو عقيدو بحث مباحثي ۾ منجهي معاملي کي خراب ڪري ڇڏي ٿو. هاڻي هتي ٻه گروپ بڻجي ويا آهن. قوم A جو چوڻ آهي ته مان قوم B جي غلام آهيان ۽ اها ناانصافي آهي. قوم A اعلى مرتبي واري تعليم يافته ۽ مهذب آهي. جڏهن ته قوم B جابراڻي طور تي اقتدار ۾ آهي. قوم A واڌ ويجهه جو حق رکي ٿي ۽ قوم B کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ گهرجن. اهي ماڻهو ذاتي دشمني ۽ هڪٻئي کي ڪمتر سمجهڻ جو احساس کڻي هلي رهيا آهن. بهرحال قوم A کي آزادي جو حق حاصل آهي. ڇا توهان ان کي قوم C جو نالو ڏئي سگهو ٿا جيڪا اسان جي حڪومت جو هڪ حصو آهي ۽ اهي خيالات رکندي آهي جيڪي توهان A جي خلاف رکندا آهيو؟ قوم C فساد پسند آهي ۽ هڪ سٺي حڪومت لاءِ نااهل آهي. اهي قومون پنهنجو پاڻ کي پڏائڻ ۽ برتري جي احساس کي ظاهر ڪرڻ لاءِ عجيب و غريب حرڪتون ڪري رهيون آهن.
انگريز آئرش ڳالهائڻ پسند ڪندا آهن، پر جرمن ۽ روسي پولستاني ڳالهائيندا آهن ۽ آسٽريلين هنگري جي تاتاري ٻولي ڳالهائڻ پسند ڪندا آهن. هنگري جا اڪثر رهاڪو سربيا جي ٻولي ڳالهائيندا آهن. اهڙي طرح سربيا جا رهڻ وارا مقدونيه طرز جي بلگر پسند ڪندا آهن. اهو نظريو ظلم، زيادتي ۽ ڏاڍائي ذريعي قبضي ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو. پندرهين صدي ۾ فرانس انگريزن کان آزادي حاصل ڪري ورتي ۽ جنگ ۾ شامل ٿي اٽلي تي قبضو ڪري ورتو. جلد ئي اسپين به آزاد ٿي ويو ۽ مورون (عرب ۽ بربري گڏيل قوم) جي مدد سان فرانس سان هڪ صدي تائين وڙهندو رهيو ته جيئن يورپ ۾ غلبو ۽ اقتدار حاصل ڪري سگهي. ان معاملي ۾ جرمني جو ڪردار وڏو دلچسپ رهيو آهي. ارڙهين صدي جي آغاز ۾ جرمني جي تهذيب فرينچ هئي ۽ اها عدالتي ٻولي هئي. ان ٻولي ۾ ليبنز (Lebniz) فلسفو لکيو. فرينچ بين الاقوامي ۽ شائسته ٻولي آهي. جنهن جي اندر قومي شعور ۽ احساسِ برتري موجود هيو. ان سبب جي ڪري جرمني اهم ڪم انجام ڏيندي غزل، موسيقي، نفسيات ۽ سائنس ۾ بيحد ترقي حاصل ڪئي. پر 1813ع ۾ نپولين جي ڏاڍ ۽ ظلم جي عروج جي ڪري جرمن قوميت جو جذبو پلجڻ لڳو. صدين جي فساد ۽ بيقراري کان پوءِ يورپ ۾ امن ۽ سڪون جو دؤر شروع ٿيو. جڏهن فرينچ، سوئڊش ۽ روسي مداخلت جرمني ۾ شروع ٿي ته جرمنن کي معلوم ٿيو ته اهي غير ملڪي فوجين کي پنهنجي سرحد کان ٻاهر رکي ئي هڪ اتحاد برقرار رکي سگهن ٿا، پر ايئن ان وقت ٿي سگهي پيو ته جڏهن نپولين کي شڪست اچي وڃي.
جيڪڏهن ڪا مضبوط قوم سرحدن جي حدبندي جو ڪو حل ڪڍي سگهي ٿي ته اهو صرف طاقت جي ذريعي ئي ممڪن آهي، اهڙي طرح وقت گذرڻ سان گڏوگڏ سرمائيدارن ۽ محنت ڪندڙن جي مسئلن جو به حل دريافت ڪري سگهجي ٿو. پر ٻئي اهو چاهيندا آهن ته طاقت جي ذريعي پنهنجا پنهنجا مفاد ۽ حق حاصل ڪيا وڃن، جيتوڻيڪ جيڪو ٽولو طاقتور هوندو اهو پنهنجي ڳالهه مڃائي وٺندو. هتي اهڙا ادارا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي ناانصافي جو خاتمو ڪري سگهن. وڌيڪ اهو ته جڏهن اهي ادارا قائم ٿي وڃن ته انهن کي مضبوط ترين بنيادن تي قائم رهڻ گهرجي. ان کان سواءِ ٽولن کي مطمئن ڪرڻ جو ڪو ٻيو رستو نه آهي. ٻنهي کي پنهنجي انا ۽ خودي قربان ڪرڻي پوندي. اسان جي بقا ۽ سلامتي جو راز ان ۾ لڪيل آهي ته اسين هڪٻئي سان خوشگوار تعلقات قائم ڪيون. اهي سڀ ادارا انفرادي نشوونما ۾ رڪاوٽ پيدا نه ڪرڻ سان ئي پنهنجو وجود قائم رکي سگهن ٿا. جيڪڏهن دنيا کي بچائڻو آهي ته اهي تبديليون آڻڻيون ئي پونديون.
ٻن قومن جي وچ ۾ خوشگوار تعلقن جا بنيادي اصول هي آهن ته فطري زنجير ۽ هڪ گڏيل مقصد کي قائم رکڻ تي زور ڏنو وڃي. خوشگوار تعلقاتن جي معنى دراصل اهي جذبا آهن، جيڪي اسان کي خوشين سان سرشار ڪندا آهن. ڪنهن ٻئي جي ڪم ۾ همراهي ڪندي ڪجهه لمحا گذاري، ڪنهن کي ڏسي سرهائي ۽ خوشي محسوس ڪندا آهيون يا ڪنهن سٺي ساٿي سان گڏ ڪم ڪري دل ۾ اها اميد جاڳندي آهي ته ڪاش! اهو ساٿ هميشه قائم رهي. ڪنهن دوست سان سير يا تفريح ڪري هڪ خوشگوار احساس ٿيندو آهي ۽ پوءِ اهي ئي جذبا اڳتي هلي محبت ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. هاڻي اچون منفي پاسي جي طرف. ڪڏهن ڪڏهن ساٿي جي بيهودگي، بدتميزي يا ڪميڻائپ ڏسي نفرت ٿيڻ لڳندي آهي. پر ڇا ايئن نٿو ٿي سگهي ته ناپسنديده جذبن کي پيار ۽ محبت ۾ تبديل ڪري ڇڏجي.
انسان جو مزاج مختلف انداز رکندو آهي؛ جذباتي، نرمي، شدت پسندي وغيره وغيره. ڪو ڪارلائل کي پسند ڪندو آهي ۽ ڪو والٽ وهائٽ مين کي. پوءِ اها انتها پسندي هڪ جهڳڙي جي صورت اختيار ڪري وٺندي آهي. اڪثر ماڻهو ڪارلائل کي پسند ڪندا هئا ۽ ڪي ان جي باري ۾ خراب راءِ به رکندا هئا. جواب ۾ ڪارلائل به نفرت انگيز جذبن جو اظهار ڪيو ۽ اها خواهش ظاهر ڪئي ته هن جي مخالفن کي گلوٽين جي حوالي ڪيو وڃي. پر پوءِ ان پنهنجي سوچ جو رُخ موڙي ڇڏيو ۽ گارين جي جواب ۾ دعائون ڏئي عوام جي دل کٽي ورتي. ڪجهه عرصي کانپوءِ هن جي ڪاوڙ جو رُخ حڪومتي ميمبرن جي طرف ٿي ويو، جنهن ۾ فريڊرڪ اعظم، ڊاڪٽر فرانسيا ۽ گورنر آئر جهڙا ماڻهو شامل هئا. ٻئي طرف والٽ وهائٽ مين هڪ پرجوش ۽ وسيع القلب طبعيت جو مالڪ هيو، ان کي انسان جي فطرت جو مطالعو بيحد پسند هيو ۽ هن کي خوش مزاج ۽ چست ۽ چالاڪ ماڻهو سٺا لڳندا هئا. ماڻهن جي پسند جو معيار به الڳ الڳ هوندو آهي. ڪجهه ماڻهو حسين صورت ڏسي دل ۾ هڪ خوشي جو جذبو محسوس ڪندا آهن ۽ ڪي وري عاليشان عمارتون، دريا، سمنڊ ۽ پهاڙ وغيره ڏسي. انهيءَ طرح والٽ وهائٽ مين پنهنجي لياقت ۽ صلاحيت جو رُخ انساني ذهن تي مرڪوز رکيو ۽ مختلف واقعن کي سمجهڻ کان پوءِ ”اميد پرستي“ جو نظريو قائم ڪيو. (اهو رجحان ته هر ڳالهه جو مثبت پاسو اجاگر ڪيو وڃي) ۽ پوءِ سڀ کان اعلى ۽ بلند، اهو خيال ته انسانن ۾ محبت، ملڻ جلڻ ۽ جهموريت تي يقين پيدا ڪيو وڃي ۽ سڀني کي امن ۽ سڪون سان رهڻ جي تلقين ڪئي وڃي.
گروپن جي وچ ۾ بهترين تعلقات پيدا ڪرڻ لاءِ ڪجهه ادارن جي امداد جي ضرورت هوندي آهي؛ جيئن ٽريڊ يونين ۽ سياسي پارٽين، ۽ ادارن هڪ ماڻهو جي ڀلائي لاءِ بي شمار خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. انهن ئي گڏيل مقصدن جو نتيجو آهي ته اقتصادي تنظيمون ۽ ريلوي ڪمپنيون وجود ۾ آيون، جن جو مقصد هي آهي ته انهيءَ ڳالهه جو خيال رکو ته مزدورن جي مفادن کي نقصان نه پهچي. هڪ عام مزدور کي پنهنجي مزدوري جي کانسواءِ ڪنهن ڳالهه سان واسطو نه رکڻ گهرجي.
شادي هڪ خوشگوار فرض ۽ بهتر تعلقاتن جو بنياد آهي، پر جيئن ئي ٻار پيدا ٿيڻ لڳندا آهن يا وري ٻار جي خواهش جاڳندي آهي، ته پوءِ اختلاف پيدا ٿي ويندا آهن. گهڻا مڙس خواهشمند نه هوندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن عورتون ان جي مخالفت ڪنديون آهن. اهڙي طرح نه چاهيندي به اڪثر نفرت جو سمنڊ پيدا ٿي ويندو آهي ۽ اڳتي هلي اها نفرت دشمني ۾ بدلجي ويندو آهي. انهيءَ ڪري ٻنهي جو فرض هي آهي ته ان معاملي ۾ گڏيل مفادن کي سامهون رکن ۽ معاملن کي پاڻ ۾ ملي جلي طئي ڪري وٺن. اهڙيءَ طرح هڪ مضبوط تعلق باقي رهندو آهي ۽ ازدواجي زندگي جو گاڏو هلندو رهندو آهي.
ٻن قومن جي وچ ۾ به خوشگوار تعلقات پيدا ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ٻئي هڪٻئي سان تعاون ڪن ۽ ڪجهه وٺو ۽ ڪجهه ڏيو جي بنياد تي سوديبازي ڪن. جڏهن هڪ انگريز ڪجهه عرصو ٻاهر گذاري پنهنجي شهر ڊووريا فوڪ اسٽون ۾ واپس ايندو آهي ته اهو محسوس ڪندو آهي ته شهر جي ماڻهن جو انداز ڪجهه وڌيڪ ئي ”دوستاڻو“ آهي. هر طرف هڪ هنگامو برپا آهي ۽ هر شخص جوش ۽ ولولي سان ڀرپور آهي. نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون خوشين ۾ آهن ۽ پوڙهيون عورتون بي سواد چانهه سان مهمان نوازي ڪري رهيون آهن. پر انهن جي دلين ۾ محبت ۽ خلوص آهي.
پر ٻئي طرف اهڙو رويو به سامهون آيو آهي. جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته سڀ انگريز سٺن طريقن ۽ نيڪ روحن جا حامل آهن، جڏهن ته غير ملڪي ماڻهو بدمعاش ۽ ڪميڻا هوندا آهن. هي اهڙا احساس آهن جن کي حاڪماڻي گروه جي ذهنيت چئي سگهجي ٿي. غير ملڪي ۽ ٻاهريان عنصر ته اهو ئي چاهيندا آهن ته انهن کي اسان جي ملڪ ۾ چغل خوري جو موقعو ملي وڃي ۽ اهي ان کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏين. جنگ ڪري اسان جي ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏين ۽ اسان جي ملڪ جي عزت ۽ ناموس کي پرزا پرزا ۽ ٽڪرا ٽڪرا ڪري مٽي ۾ ملائي ڇڏين. اهي ماڻهو جيڪي اسان سان تعاون ڪندا آهن ۽ ان طوفان کي روڪڻ ۾ اسان جي مدد ڪندا آهن، اهي ئي اسان جا دوست آهن ۽ انهن جو تعاون خوشگوار تعلقاتن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ شدت پيدا ڪندو آهي. پر اهي گڏيل مفاد ان وقت تائين جڙي نٿا سگهن، جيستائين ٻي ڌر جو رويو به نرم ۽ بهتر نه هجي. خوشگوار تعلقات اسان جي روايتن ۽ سماجيات جو حصو ۽ حب الوطني جي جذبي جا ضروري عنصر به آهن.
جيڪڏهن ماڻهن جي نشوونما کي وڌيڪ سگهه بخشي وڃي ۽ ڪنهن به ذريعي سان ڪا رڪاوٽ نه وڌي وڃي، سڀ رستا کوليا وڃن ۽ انهن جون سڀ خواهشون پوريون ٿين ته، هي دنيا گهڻي قدر خوبصورت ٿي ويندي. سياسي ادارن کي گهرجي ته جنهن حد تائين ممڪن ٿي سگهي، گڏيل مقصد ۽ خواشگوار تعلقاتن کي سانڍي تاتي وڏو ڪن. اهي ٻئي مقصد پاڻ ۾ جڙيل آهن ۽ انهن جي اندر رنڊڪ يا غلط فهمي پيدا ڪرڻ جي گنجائش موجود نه آهي. جڏهن ڪنهن جي قدرتي نشوونما ۾ رڪاوٽ ناهي ته ان جو مطلب هي آهي ته ان جي خوداري سلامت آهي ۽ ان جو وقار قائم آهي. پر جيڪڏهن ان جي راهه ۾ رڪاوٽ پيدا ڪجي يا ان کي مجبور ڪيو وڃي ته هو پنهنجي خيالن ۽ ذهني نشوونما کي ڪنهن ٻئي طرف موڙي ڇڏي، تڏهن ان جي جبلت ۾ پنهنجي دشمن جي خلاف نفرت ۽ ڪينو ڀرجي ويندو آهي. زندگي جو رُخ ان کي ڪنهن بيزار ڪندڙ ماحول جي طرف وٺي ويندو آهي.
اسان جي اندر اهو ڪهڙو جذبو آهي جيڪو تبديل نٿو ٿي سگهي، پر سرسري طور تي قابلِ قبول ٿي سگهي ٿو ۽ ان کي بهتر انداز ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو؟ اهڙي طرح ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اسين ماڻهو هڪ مقرر طبعي ضابطي تحت اڳتي وڌي رهيا آهيون، جيڪو مختلف ماڻهن ۾ الڳ لڳ هوندو آهي ۽ اسان کي بيروني حالاتن سان تعاون ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. اسان جي ڪردار جو لچڪدار تخليقي حصو اعتماد جي ذريعي، مادي ۽ جسماني تبديلي جي ذريعي، معاشرتي حالتن جي ذريعي ۽ آئين جي ذريعي تبديل ڪري سگهجي ٿو. هڪ ولنديزي ڪنهن جرمن جي نسبت ۾ وڌيڪ فطري ضابطي رکندڙ آهي، پر ان جي جبلت بيحد مختلف آهي. اهو سپاهن واري نظام هيٺ اِنهيءَ غرور ۽ تڪبر ۾ مبتلا آهي ته هو هڪ عظيم طاقت جو نمائندو آهي.
اها ڳالهه بلڪل واضح آهي ته وجدان هڪ نهايت ڳنڀير ۽ متحرڪ جذبو آهي جيڪو مردن ۽ عورتن ۾ الڳ الڳ هوندو آهي. ڪارلائل جي فلسفي موجب اهو انهن ماڻهن تي چنبڙيل هوندو آهي جن جي جبلت، پسند ۽ ناپسند جي وچ ۾ چُرپُر ۽ حرڪت ڪري رهي آهي جڏهن ته اسان جا خيال ڪڏهن ڪڏهن ڌوڪو ڏئي ويندا آهن ۽ اسان جي مفادن کي وساري اونداهي رستي ڏي وٺي ويندا آهن. انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهي حرڪتون بااصول آهن ۽ اسان جي جذبن ۽ احساسن جي عين مطابق آهن.
اسان سڀني کي خبر آهي ته اسان جا پنهنجا ڪردار موجوده حالتن کان وڌيڪ متاثر آهن، جيڪا ڳالهه انفرادري طور تي سچ آهي ۽ اها هڪ قوم لاءِ به سچ آهي. تبديلي جو بنياد سبب انساني فطرت آهي جنهن ۾ عام طور ڪا نه ڪا تبديلي ظاهر پئي ٿيندي آهي، مثال جي طور تي . . . . . . . . پاڻي ۽ هوا. . . . . . . يا انسان جي ذهني اپت ۾ لاها چاڙها. آئيني لحاظ کان اهي تبديليون انسان جي ذهني قوت، مادي دنيا تي حاوي ٿيڻ جي صلاحيت، ايجادن ۽ سائنس جي ذريعي صنعتي انقلاب سان مقابلو ڪري سگهن ٿيون. عام حالتن موجب اندروني اثَر، انهن حالتن کان جيڪي ارڙهين صدي ۾ هئا بيحد مختلف آهن، پر اسان جا ادارا ايتريقدر ترقي يافته نه آهن جو اسان جي اميدن تي پورا لهي سگهن. هر اداري جي پنهنجي هڪ الڳ دنيا آهي. انهن سڀني ادارن شاندار پر مختلف سوچ اختيار ڪئي آهي ۽ ان قائدي جي مطابق ڪم ڪندا آهن، جن جي خيال ۾ سڄو ملڪ رياست جي ملڪيت آهي. جيڪو سياسي حاڪم هوندو آهي اهو قبيلي جو سردار به هوندو آهي، هڪ ادارو، ڪليسا گهر، آرمي ۽ نيوي کي مقدس ڳئون سمجهندي انهن جي اختيارن کي ترجيح ڏيندو آهي جيڪي آهستي آهستي ظالماڻو انداز اختيار ڪندا پيا وڃن.
ڪنهن سياسي مدد جي تڪرار ۾ اهو گهڻو ضروري آهي ته اسين اهم ۽ غير اهم ڳالهين جو غيرجانبداري سان جائزو وٺون. اهو بلڪل دستور جي مطابق آهي. جيتري تائين سياست جو تعلق آهي، اها به پنهنجي جاءِ تي اهم آهي ۽ اقتصادي ضرورت جي تحت ڏٺو وڃي ته موجوده جنگ جي لحاظ کان اهو فڪر جو انداز بلڪل ناڪافي آهي. يورپ جي موجوده نظام ۾ معاشرت کي خاص درجو حاصل آهي، جنهن ۾ مشينن تي مبني صنعت به شامل آهي. گهڻيون ئي اهڙيون ضرورتون آهن جيڪي عام حالاتن ۾ عورت ۽ مرد لاءِ عمل جي قابل آهن. پر اهي قديم خاص حقن جو مطالبو ڪري رهيا آهن جنهن جي مطابق انسان جي وجود کي قائم رکڻ سڀ کان وڌيڪ ضروري آهي. سوشلزم جنهن ۾ اهو فرض ڪيو ويو آهي ته بهتر اقصادي حالتون ماڻهن کي خوشيون فراهم ڪندا. يعني وڌيڪ آزادي، وڌيڪ خودمختياري، وڌيڪ رستا. زرعي پيداوار ۾ اضافي جا، وڌيڪ رضاڪاراڻو تعاون ۽ زندگي کي وڌيڪ خوشگوار بنائڻ جا موقعا ميسر ٿي سگهندا، جيڪڏهن اسانجي تعليم جو معيار ۽ قدرت جو امانت طور ڏنل دماغ ان قابل ٿي وڃي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اسان هڪ خوشگوار زندگي جا گهڻي قدر ڦل ۽ نتيجا حاصل ڪري ورتا آهن ۽ اسان جو مستقبل شاندار آهي.