تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سماج کي نئين سر اڏڻ جا اصول

هي ڪتاب ”سماج کي نئين سر اڏڻ جا اصول“ جنهن جو ليکڪ برٽرينڊرسل آهي اهو ليڪچرن تي مشتمل آهي، سنڌي ترجمو عامر عطار/احسان “فائق” پنهور ڪيو آهي.
انهن ليڪچرن کي تحريري صورت ۾ پيش ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته هڪ اهڙو نظريو سامهون آندو وڃي، جنهن ۾ سياست جي فلسفي کي نئين انداز ۾ پيش ڪري سگهجي؛ جنهن جو بنياد يقين ۽ جوش تي هجي ۽ جيڪو انساني زندگي جو رُخ تبديل ڪرڻ تي قادر هجي.
Title Cover of book سماج کي نئين سر اڏڻ  جا اصول

باب ٻيو : رياست ۽ حڪومت

اشتراڪيت جي اثرهيٺ موجوده دؤر ۾ اڪثر ۽ گهڻي ڀاڱي حڪومت جي حق ۾ وڌنڌا پيا وڃن. ٻئي طرف صنعت ۽ ڪاريگري جي ڀائيواري جي تنظيم ذاتي ملڪيت جي مسئلي تي مخالفت اختيار ڪيون ويٺي آهي. مون کي يقين آهي ته ان معاملي ۾ صنعت ۽ ڪاريگري اشتراڪيت کي وڌيڪ ويجهو آهن. ان جو سبب هي آهي ته ٻئي مضبوط ادارا ذاتي ملڪيت ۽ رياست اڄ جي زندگي کي نقصان پهچائي رهيا آهن. ان جو هڪ سبب هي به آهي ته سندن طاقت گهڻو زور وٺي وئي آهي. اهڙي طرح ٻئي تيزي سان ڏينهون ڏينهن تباهه ۽ برباد ٿيندا پيا وڃن، جنهن سان تهذيب کي سراسر نقصان ٿي رهيو آهي. اهي ٻئي ادارا هڪٻئي سان ڪافي حد تائين جڙيل آهن، پر منهنجي خواهش آهي ته فوري طور تي رڳو رياست تي توجهه ڏني وڃي. مان اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته اهو معاملو ڪيتريقدر اهميت رکندڙ آهي يا ڪيترو نقصان ڏيندڙ آهي. پر مان اهو به تسليم ڪندس ته ڪجهه پاسا انهيءَ جي ذميوارين ۾ گهٽتائي جي بدران واڌارو ڪري سگهن ٿا.
رياست جي ڪجهه ذميوارين منجهان، مثلن مواصلاتي نظام ۽ بنيادي تعليم کي غيرسرڪاري ادارن جي ذريعي نڀائڻ گهرجي. حڪومت رڳو ان صورت ۾ مناسب حد تائين دخل اندازي ڪري جتي ڪو مسئلو پيش اچي. پر ٻيا مسئلا جيئن قانون، پوليس، آرمي ۽ نيوي جيڪي حڪومت لاءِ انتهائي اهم آهن، سرڪاري سرپرستي ۾ ئي رهندا. اهي آهن بنيادي ۽ ضروري فرض جيڪي انفراديت پسندن، ڀائيواري پسندن ٽوڙي ٻنهي کي قبول آهن.
رياست وٽ اندروني معاملن سان مقابلي لاءِ پوليس ۽ قانون موجود آهن ۽ ٻاهرين صورتحال تي قابو پائڻ لاءِ آرمي ۽ نيوي. رياست جو آئين بنيادي طور تي رڳو ٻن ڳالهين جي گهر ڪري ٿو. پهرين اها ته سڀني شهرين لاءِ گڏيل مفادن جي نگراني ۽ ٻي انهن جي ڀائيواري سان قانون لاڳو ڪرڻ ۽ حڪومت جي بالادستي. هڪ مهذب رياست ۾ فوج رڳو انهي صورت ۾ ڀرتي ڪئي ويندي آهي جڏهن ان جو مقصد پنهنجي شهرين جي حفاظت هجي ۽ جڏهن ڏوهه ڪندڙ ماڻهن جي پاڙ پٽڻ لاءِ ضرورت هجي. پر فوج جي ڳجهي لغت مطابق (بري ۽ بحري فوجي ادارن جي ضابطن ۽ قائدن جو مجموعو) قانوني ڪارروائي ڪرڻ ۽ انهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جيڪي قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ چاهيندا هجن، فوج جو مقصد آهي.
اندروني طور تي بغاوت جي ڪري ۽ ٻاهرين طور تي جنگ ۾ شڪست جي خوف کان رياست جي طاقت داخلي طور تي محدود آهي، دستور موجب رياست تي انهيءَ ڳالهه جو حق آهي ته عوامي مفاد ۾ جيڪڏهن ڪنهن جي زمين يا ذاتي ملڪيت کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکي. ان کان سواءِ شادي جو قانون مقرر ڪرڻ، ملڪي نظرين جي خلاف جوش ڏياريندڙ گفتگو ڪرڻ، غدارن کي موت جي سزا ڏيڻ ۽ انهن بزدل ۽ ڀڄي ويندڙن کي سزا ڏيڻ جيڪي پنهنجي جان بچائڻ خاطر جنگ مان ڀڄڻ چاهيندا هجن، وغيره وغيره، انهن سڀني ڳالهين تي نظر رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي. خارجي پاليسي تي تنقيد جرم آهي. جن جي هٿن ۾ اقتدار آهي انهن جو خيال آهي ته ائين ئي جابراڻين ۽ ظالماڻين ڪارواين ذريعي پنهنجو اقتدار محفوظ رکي سگهن ٿا.
هڪ عالمي فوج جو قيام يقيناً هڪ بهترين خيال آهي. اهڙي طرح هر رياست جي رهاڪن جي رهائش ۽ معاشري جو جائزو وٺي سگهجي ٿو ۽ پوءِ انهن جي وچ ۾ ڀائيچاري جو جذبو پيدا ڪري سگهجي ٿو.
هڪ فرانسيسي آرٽسٽ ۽ سياستدان ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ آرٽسٽ جنهن کي پنهنجي پينٽنگز کانسواءِ ڪنهن سان ڪو به واسطو نه آهي، اچانڪ هو حيرت زده رهجي وڃي ٿو جڏهن هن کي جرمنن کي مارڻ جو حڪم ڏنو وڃي ٿو، جڏهن ته هي انهن کي پنهنجو دوست ۽ قدردان سمجهندو رهيو آهي. هڪ جرمن موسيقار جيڪو هن آرٽسٽ وانگر معصوم آهي، ان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته هو فرانسيسن کي ماري ڇڏي. انهن ٻنهي ماڻهن کي غيرجانبدار ڇو نٿو رهڻ ڏنو وڃي ۽ جيڪي جنگ کي جاري رکڻ چاهين ٿا اهي انهن جي نيڪ ۽ سٺي صلاح تي ڇو جنگ نٿا ڇڏن. پر مسئلو هي آهي ته آرٽسٽ ۽ موسيقار جنگ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪندا آهن ته اهي پنهنجي ئي هم وطنن جي هٿان ماريا ويندا آهن. ان صورتحال ۾ انهن لاءِ لازم ٿئي ٿو ته اهي ٻئي هڪٻئي کي قتل ڪري ڇڏين. دنيا جڏهن هڪ سٺي آرٽسٽ کان محروم ٿي ويندي آهي ته جرمن خوشي جا ساز وڄائيندا آهن ۽ جي موسيقار هلي پيو ته فرانسيسي. ڪو به ان ڳالهه تي غور نه ڪندو ته اهو هڪ تهذيب ۽ انسان جو موت آهي. جيڪڏهن انهن فنڪارن کي جنگ جي باهه ۾ نه اڇلايو وڃي ته انسانيت لاءِ ان جو نتيجو يقيناً شاندار نڪرندو. پر حڪومت ان ڳالهه کي نٿي مڃي. ان جو چوڻ آهي ته ان کي آرٽسٽ ۽ موسيقار جي حيثيت سان نه پر رڳو جرمن ۽ فرينچ جي حيثيت سان معاملي کي ڏسڻو آهي.
ماضي ۾ ڪليسائي طاقت غيرمضبوط عقيدي جي سوچ رکڻ وارن کي موت جي سزا ڏئي ڇڏيندي هئي. جيڪڏهن هاڻي به امن جي زماني ۾ هڪ بين الاقوامي انجمن قائم ڪئي وڃي، جيڪا جرمنن ۽ فرانسيسن سان برابري جي بنياد تي ڳالهه ٻولهه ڪري ته فنڪار جنگ ۾ حصو نه وٺندا ۽ هڪٻئي کي بيدردي سان قتل نه ڪندا، ڇو ته سٺن قدرن جي حفاظت فرض به آهي ۽ ضرورت به.
فوج جو فرض آهي ته اها پنهنجي آقائن سان وفادار رهي، پوءِ ڀلي اهي ڪيترائي ئي ظالم ۽ جابر ڇو نه هجن يا وچئين دؤر جي ايشيائي بادشاهن وانگر وحشي درندا هجن. رياست جي طاقت برداشت ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي ٿي جيئن انگلينڊ ۾ ٿيندو آهي. هتي عوام جي راءِ کي به اهميت ڏني ويندي آهي. عوامي راءِ حاصل ڪرڻ لاءِ رياست جي طرف کان راءِ شماري ڪرڻ جو انتظام ڪيو ويندو آهي. پر هڪ جابراڻي حڪومت جيڪڏهن اهڙو انتظام ڪندي آهي ته عوام ان کي رد ڪري ڇڏيندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سمجهندو آهي ته ان طرح سندس آزادي ۾ خلل وڌو وڃي ٿو. جيڪڏهن هڪ نوجوان جنگ جي خلاف آهي ته ان کي نوڪري مان ڪڍيو ويندو آهي، هو ان ڳالهه جو گهرو اثر وٺندو آهي. هي اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي، ڄڻ ته سڀني جي سامهون هن جي تذليل ڪئي وئي آهي. ان جا دوست کانئس بي رُخي اختيار ڪري وٺندا آهن ۽ محبوبه به لعنت ملامت ڪري ڌڪاري ڇڏيندي آهي. اندازو لڳايو ته هن کي ڪيتريقدر ڏک پهچندو. هن کي ته ائين محسوس ٿيندو ڄڻ هو جيئري جاڳندي ئي مري ويو هجي. هڪ آزاد معاشرو قابل قبول عوامي جذبن جو مطالبو ڪري ٿو ۽ ان جي اها ئي خواهش هوندي آهي ته ان کي ڪنهن ڳالهه تي مجبور نه ڪيو وڃي.
پاڙيسري ملڪن وچ ۾ جيڪڏهن زندگي جو ڪاروبار سٺي طريقي سان هلندو رهي ته اهو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته ٻئي حڪومتون اعلى مرتبي واريون آهن ۽ اتي اعلى قدرن جي حڪمراني آهي. سٺا ماڻهو ٻين جي باري ۾ به سٺي راءِ رکندا آهن ۽ ظلم و ستم ڪرڻ جو خيال ئي دل ۾ ناهن آڻيندا. اهڙي طرح رياست تي لازم آهي ته اها عوام جي ذهن ۾ شعور پيدا ڪري ۽ سٺي اخلاق جو جذبو انهن جي دلين ۾ اڀارڻ جي ڪوشش ڪري.
جابراڻيون حڪومتون عوام جي امن جي خواهش کي رد ڪري ڇڏينديون آهن. جن لاءِ انهن کي پنهنجي طاقت جو اظهار ڪرڻ ضروري هوندو آهي. اهڙي طرح موجوده حڪومت کانسواءِ، گذريل ويهن سالن جي دوران اهڙيون حرڪتون ننڍين رياستن جي طرف کان توڙي وڏين طاقتن جي طرف کان بار بار ڪيون ويون آهن. انگلينڊ ڏکڻ آفريڪا ۾، آمريڪا فلپائن ۾، فرانس مراڪش ۾، اٽليءَ طرابلس ۾، جرمنيءَ ڏکڻ اولهه آفريڪا ۾، روس ايران ۽ منچوريا ۾، جاپان به منچوريا ۾ جيڪا دهشتگردي ڦهلائي، اها اسان جي اکين ڏٺي ڳالهه آهي.
ماڻهو رياست جي طاقت يا ظلم کي خاموشي سان ڇو برداشت ڪري وٺندا آهن؟ ان جا ڪيترائي سبب آهن. ڪجهه روايتي، ڪجهه حالاتن جي تحت ۽ ڪجهه جبري طور تي. گهڻا ئي ماڻهو شهنشاه جي تابعداري کي اولين فرض سمجهندا آهن. يورپي رياستن ان جاگيرداڻي نظام تحت پرورش حاصل ڪئي آهي، جنهن ۾ گهڻا ئي علائقا جاگيردارن ۽ سردارن جي اثر هيٺ هوندا هئا پر صدين جي تابعداري کانپوءِ فضا ۾ هاڻي ڪجهه تبديلي جا آثار نمايان نظر اچڻ لڳا آهن، جنهن ۾ روسي ۽ جاپان جا وڌيڪ معزز ماڻهو شامل آهن.
گهڻو ڪري اهي قبيلا جيڪي پنهنجي وفاداري برسرِاقتدار طبقي جي حوالي ڪري ڇڏيندا، سي سدائين فائدي ۾ رهندا آهن. اڄ به سڄي دنيا ۾ اهو ئي رويو اپنائجي رهيو آهي. هر خود غرض پارٽي ۽ ماڻهو انهن جو ساٿ ڏيندا آهن، جن جو اقتدار تي قبضو آهي. هر شخص جو فرض ۽ انساني ذميواري آهي ته هو ان طبقي جو ساٿ ڏيئي، جيڪو قومي مفادن ۽ گڏيل دوستي کي سامهون رکندو آهي. هڪ معاهدي هيٺ اندروني ۽ بيروني معاملن ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏين. اهڙا قبيلا ٻن قسمن جا هوندا آهن. پهريون اهو جيڪو حڪومت سان جڙي رهڻ کي ترجيح ڏيندو آهي ۽ ٻيو اهو جيڪو خودغرضي کي پري رکي رڳو قومي ۽ گڏيل مفادن کي سامهون رکندو آهي.
ڀائيواري اها اميد زنده رکي آهي ته جنگ ٿيڻ کان پوءِ معاشري جي تجديد ۽ نئي سر تعمير ممڪن آهي. پر في الحال صورتحال هي آهي ته بي اعتمادي قبائلي احساسن کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي ۽ انهن کي اهو غرور ٿي ويو آهي ته اهي وڌيڪ طاقتور ٿي چڪا آهن. ڪجهه سچن عيسائين ۽ ڀائيواري پسندن گڏجي اهو رستو اختيار ڪيو آهي ته ڪنهن جي قومي غيرت تي حملو ڪرڻ درست نه آهي. پر انهن جو تعداد تمام ٿورو آهي. انهن کي خطرو رڳو ان ڳالهه جو آهي ته اهي غير معقول جذبا ڪٿي انهن جي اندر سُتل بدمعاشي ۽ غنڊاگردي کي اجاگر نه ڪري وجهن ۽ پوءِ اهي ڦرلٽ ۽ قتل و غارت تي نه لهي اچن.
اندروني ٺاهه ٺوهه ۽ سلڇڻائپ هڪ معاشري جي تمام وڏي ڪاميابي آهي، خاص طرح رياست جي وڌنڌڙ اقتدار جي ڪري. هي ڳالهه چوڻ بي مهلائتي آهي ته جيڪڏهن پرامن شهري مصيبت جي خوف کان ڊنل رهندا آهن ۽ انهن کي ڦريو وڃڻ ۽ قتل ڪيو وڃڻ جو خدشو آهي ته اهي ڇو نٿا سوچن ته مهذب معاشري ۾ ائين ٿيڻ ممڪن نه آهي.
ڦرلٽ ۽ رهزني جي مقصد سان غنڊا ۽ بدمعاش پنهنجي ذاتي فوج رکي ڇڏين ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ائين ئي هڪ صورتحال وچئين دؤر ۾ پيدا ٿي هئي ۽ وڏي جدوجهد کانپوءِ ان کي قابو ڪيو ويو. چڱا مڙس گڏجي ويٺا ۽ انهن اهو نتيجو ڪڍيو ته رياست ئي قانون ۽ آئين سختي سان نافذ ڪري ان بدانتظامي ۽ لاقانونيت تي قابو پائي سگهي ٿي. انهن جو خيال هيو ته اهڙين تنظيمن کي جنرل ڪنفڊريشن جي ذريعي ئي قابو ۾ رکي سگهجي ٿو. انهن کي فرانسيسي انقلاب ياد آهي ۽ انهن جي فطري خواهش آهي ته پنهنجو سِرُ بچائڻ. اهي اهڙي سياسي نظريي کان ڊنل آهن جيڪو ڏوهن جي حوصلا افزائي ڪندو آهي، مثلاً فتني بازي، ڪينو ڦهلائڻ، قتل ۽ ڦر مار. انهن خطرن کي ڏسندي هو سمجهن ٿا ته انهن جي حفاظت لاءِ ڪو به بندوبست ڪونهي سواءِ ان جي ته رياست جي اقتدار کي برقرار رکيو وڃي ۽ ان تي اعتماد ڪيو وڃي.
اها قبائلي سوچ جيڪا رياست قدرتي طور تي اڳتي وڌائيندي آهي ۽ اهو خوف جيڪو رياست جي طاقت جو سبب بڻجندو آهي، موجوده حالتن ۾ بيحد مناسب آهي. ان کانسواءِ طاقت جو ٽيون سبب حب الوطني جو جذبو يا وري مذهبي پاسن کي مڃڻ آهي. وطن سان محبت هڪ تمام ئي لطيف جذبو آهي ۽ جنون، جوش ۽ روشن خيالي جو ميلاپ آهي. اسين گهر، خاندان ۽ دوستن جي محبت کان مجبور ٿي غيرمعمولي طور تي پريشان ٿي ويندا آهيون.
پنهنجي ملڪ کي ٻاهرين حملي يا غيرملڪي مداخلت کان ڪيئن محفوظ رکيو وڃي، هتي اسين پنهنجي ملڪ يا دوستن وغيره سان تعلقات جي بنياد تي مجبور ٿي ويندا آهيون ته غير ملڪن ۾ رهڻ وارن سان نفرت ڪريون. ان جذبي جي اندر هڪ تڪبر ۽ غرور به شامل آهي ته اسان جو تعلق اعلى طبقي سان آهي. پر تاريخ ان ڳالهه کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته انسان جي ترقي ۾ جيڪڏهن ڪا اهم شي آهي ته اهو صرف ۽ صرف فڪري خيال آهي جيڪو سنگِ ميل به ثابت ٿي سگهي ٿو. انهن سڀني ڳالهين کانسواءِ هڪ ٻيو عنصر به موجود آهي. عبادت جو ڪو به عنصر، اهو مذهبي عنصر وطن جي محبت لاءِ ۽ رياست جي سگهه لاءِ بيحد ضروري آهي. جڏهن ته جذبا انهن جي بهترين ترجماني ڪندا آهن جن کي دلين ۾ قوم خاطر قرباني جو جذبو موجود آهي.
مذهبي ۽ اعلى تعليم خاص طرح سان پنهنجي ملڪ جي تاريخ ۽ ادب جي مطالعي سان. گڏيل طور تي حب الوطني جي جذبن کي وڌيڪ طاقت بخشي ٿي، هر مذهب ۽ ملڪ جا نوجوان ئي ان ملڪ جي تهذيب و تمدن جي نمائندگي ڪندا آهن. جيڪڏهن اهي پنهنجي قابليت ۽ صلاحيت کي اجاگر ڪندا رهندا ته ٻيون قومون به انهن کان سبق حاصل ڪنديون. هڪ عالمي نظريو هي آهي ته جيڪڏهن ڪا قوم پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي ترقي ڪندي آهي ته اها جنگ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿي. هي عقيدو سچو ۽ صاف آهي ۽ اهو انسان جي برداشت جي قوت ۾ اضافو ڪندو آهي، بلڪه ان جي دل خوش ٿيندي آهي ۽ جنگ ۾ جيڪي نقصان ٿيندا آهن انهن کي به کلندي خوشي سان برداشت ڪري وٺندي آهي. دنيا جي سڀني مڃيل مذهبن مطابق اهو جذبو انسان کي زندگي جون سڀ خوشيون عطا ڪري ٿو، جنهن جو بنياد جيتوڻيڪ هڪ خاص عنصر آهي، پر تهذيب جي ارتقا جي لاءِ ان جي خاص اهميت آهي. انهيءَ سبب جو هي آهي ته جانثاري ۽ پرستش جو جذبو هڪ خاص زاويي سان پنهنجي آخري حد کي پيو ڇهندو آهي ۽ گهڻا ئي مسئلا ان جي اڳيان ختم ٿي ويندا آهن.
حب الوطني هڪ مذهب جي حيثيت سان ڪو مطلب نٿي رکي، ڇاڪاڻ ته ان جي عالمگير حثيت تسليم ڪيل نه آهي. پر هڪ سٺي ڳالهه جيڪا ان جي اندر لڪيل آهي، سا هي آهي ته اها رڳو انهيءَ قوم لاءِ ٺيڪ آهي جيڪا پنهنجي مزاج مطابق ان کي مڃيندي آهي. اهي خواهشون ۽ جذبا جيڪي هڪ انگريز جي غيرت کي اڀاريندا آهن ۽ متاثر ڪندا آهن، انهن خواهشن ۽ جذبن جهڙا ناهن هوندا جيڪي ڪنهن جرمن جي دل ۾ هوندا آهن. دنيا جيڪا وطن سان پيار ڪندڙن سان ڀري پئي آهي، اها لڙائي، جھڳڙن ۽ جنگ و جدل ڪندڙن سان به اوتري ئي ڀري پئي آهي. هڪ قوم پنهنجي وطن سان جيترو وڌيڪ محبت جو دم ڀريندي آهي، اوترو ئي اختلاف ۽ فساد جا سبب اڀرندا ۽ وڌندا ويندا آهن. جڏهن هڪ دفعو ماڻهو اهو ڄاڻي وٺي ته ان جون ذاتي خواهشون ڪو وجود نه ٿيون رکن ته انسان جي ترقي جي راهه ۾ ڪا به شي رڪاوٽ نٿي بڻجي سگهي. اها رڳو قومي فخر واري سوچ ۽ وڏائي آهي جيڪا وڏي آساني سان انسان ۾ جوش، ولولو ۽ پنهجي ملڪ جي سرحدن لاءِ قرباني جا جذبا ڀري ڇڏيندي آهي. حب الوطني انهن جذبن ۽ انهن مقصدن کي اجاگر ڪندي آهي ته انسانيت جي حفاظت سندس پهرين ذميداري آهي. اسين پنهنجي حڪومت ۽ قوم لاءِ ضرورت کان وڌيڪ محبت جو نذرانو نٿا ڏئي سگهون ۽ ٻيو ڪو اهڙو سبب نه آهي جنهن جي ڪري اسين ان کي دل مان ڪڍي نٿا سگهون.
عملي طرح حب الوطني جي جذبي ۾ بيشمار خرابيون موجود آهن جن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ضروري آهي. سڄي ڪائنات ماڻهن جي تصورن ۽ مرضي مطابق نٿي بڻجي سگهي. انانيت جو هڪ ٻيو به قسم آهي جيڪو آهستي آهستي وڌندو پيو وڃي. هڪ تصور ته هر ماڻهو پنهنجي مقصد جي چونڊ ڪرڻ ۾ آزاد آهي. ان تي ڪو به جبر ناهي، نه معاشري کان ۽ نه ئي ڀائيواري يا ڪنهن ٻي تنظيم جي طرف کان. موجود رياست اميرن جي مفادن ۾ اڳتي وڌندي پئي وڃي. رياست جي وچ ۾ گهڻا ئي فساد موجود آهن ۽ اهي سڀ جا سڀ دولتمندن کي وڌيڪ ڌولتمند بڻائڻ لاءِ آهن.
آسٽريليا، جتي مزدور سمجهندا آهن ته اهي محفوظ آهن ۽ انهن کي طاقت حاصل آهي، ته اهو غلط به ناهي. انگلينڊ به انهيءَ طرح ترقي ڪري سگهي ٿو جيڪڏهن اهو به هڪ ڀائيواري پسند رياست بڻجي وڃي، پر ان صورت ۾ هي به ممڪن آهي ته خالص دفاعي رياست بڻجي رهجي وڃي. رياست ۾ مختلف منصوبا، زندگي ۽ مال ميڙڻ جي ڊوڙ، وڏي سختي سان متعارف ڪرايا ويندا ۽ اهو سڀ ڪجهه انهن جي ذريعي ٿيندو جن جي مڪمل قبضي پهريان کان ئي پنهنجون پاڙون پاتال ۾ هليون ويون آهن.
سڀ کان وڏو نقصان جيڪو رياست کي پهچايو ويو، اهو جنگ ۾ خدمت گذاري جي بنياد تي ترقي ڏيڻ آهي. جيڪڏهن سڀ رياستون پنهنجي فوجي قوت ۾ اضافو ڪنديون وڃن ته طاقت جي توازن ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي ۽ نه ئي ڪا رياست پهريان جي نسبت سان جنگ ۾ ڪاميابي جو موقعو حاصل ڪري سگهندي. دفاع جو مقصد دفاع هئڻ گهرجي، نه ڪي پنهنجي طاقت جو مظاهرو. رياست خرابي جي طرف وڌي رهي آهي، ان حقيقت سان گڏ ته جڏهن به ڪنهن جنگ ۾ ملوث ٿيندي ته غنڊن ۽ شرپسندن جي ٿي ويندي ۽ ڦرلٽ، قتل و غارت گري شروع ٿي ويندي. موجوده نظام ناڪارا بڻجي ويو آهي ۽ اندروني طور تي ملڪ بدانتظامي ۽ لاقانونيت جو شڪار آهي.
جنگ کانسواءِ به وسيع ۽ ڪشادي رياست نقصان ڏيندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي ڪشادگي انصاف جي راهه ۾ رنڊڪ ٿي سگهي ٿي. حڪومت هر شهري تي پورو توجهه نه ٿي ڏئي سگهي ۽ نه ئي سڀ علائقا ان جي نگاهه ۾ رهي سگهن ٿا، ايتري تائين جو جمهوريت ۾ به ائين ناممڪن آهي. اها ڳالهه خاص طور تي ذهن ۾ رکي ڇڏجي ته ڪنهن ملڪ ۾ جتي جمهوريت جي باوجود ماڻهن جي اڪثريت ان ڳالهه جو ادراڪ رکي ٿي ته گهڻا ئي مسئلا گينڊجي ويا آهن ۽ حڪومت لاءِ اهڙا ڪم بڻجي ويا آهن جيڪي نه حل ڪري ٿا سگجهن نه ئي ڇڏي ٿا سگهجن. وسيع ۽ ڪشادي ملڪ ۾ فوج به قابو ۾ ناهي رهندي. جيڪڏهن توهان گهري نظر سان جائزو وٺو ته توهان کي اندازو ٿي ويندو ته آمريڪا ۾ ئي نه بلڪه سڀني وڏين وڏين رياستن ۾ بيزاري ۽ بي همتي گهر ڪري چڪي آهي ۽ حڪمران بس روايتي طور تي حڪومت هلائي رهيا آهن.
وڏيون رياستون جيڪي ننڍين رياستن جون مخالف آهن، جيئن قديم يونان يا وچئين دؤر جو اٽلي، انهن جي ملڪ ۾ عام ماڻهن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا تمام گهٽ نصيب ٿيندا آهن. رڳو ڪي ٿورڙا ئي ماڻهو هوندا آهن جيڪي اقتدار ۽ اعلى عهدا حاصل ڪري وٺندا آهن، جن کي اقتدار جو لالچي چئي سگهجي ٿو. اهي ماڻهو ڪجهه ٻيون خوبيون به رکندا آهن، مثلاً چاپلوسي، خوشامد، فريب ڪاري، هوشياري ۽ مڪاري وغيره وغيره.
هڪ محتاط اندازي موجب خودمختيار رياستن جو نظريو هي آهي ته ڪنهن به آبادي يا ملڪ کي ماتحت ڪيو وڃي. جيڪڏهن آئرلينڊ ۽ پولينڊ آزادي گهرن ٿا ته انهن جي ان خواهش کي طاقت جي ذريعي دٻايو وڃي ۽ جيڪو به انهن جي حمايت ڪري، ان کي غدار قرار ڏئي سخت سزا ڏني وڃي. جڏهن ناروي ۽ سوئيڊن کي آزادي عطا ڪئي وئي ته انهن کي تمام گهڻيون سهولتون به ڏنيون ويون پر جنگ ۾ شڪست کانپوءِ اهو نتيجو ورتو ويو ته رياستن کي مرڪزي سلطنت کان عليحده ٿيڻ گهرجي.
رياست جي بنيادي ضرورت هيءَ آهي ته طاقت جي نظام کي مضبوط ترين بڻائي رکجي. پر آمريڪا لاءِ اهو خيال ڪا خاص اهميت نٿو رکي ڇاڪاڻ ته آمريڪا هر قسم جي حملن کان محفوظ آهي.
پر ٻين وڏين قومن جو خاص مقصد ننڍن ننڍن ملڪن تي قبضو ڪرڻ آهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻي کان گهڻي تعداد ۾ فوج جي ضرورت آهي. هتي شهرين جي آزادي محدود ٿي ويندي آهي ۽ فوج جي خلاف ڳالهيون ڪندڙ سخت ترين سزا جا حقدار آهن. هن عمل جي ڍنگ جو بنياد فخر ۽ خوف ٻئي آهن. غرور، جيڪو باهمي صلح کان انڪار ڪندو آهي، جيڪو بيروني ۽ اندروني لڙائي جو هڪ خوفناڪ نتيجو آهي.
رياست کي اهو حق حاصل آهي ته ڪنهن قسم جي جھڳڙي کي طئي ڪرڻ لاءِ اها طاقت به استعمال ڪري ۽ دڙڪن ڌمڪين کان به ڪم وٺي سگهي ٿي. اهي ماڻهو جيڪي هڪ طويل عرصي کان مختلف قسم جي طاقت استعمال ڪرڻ جا عادي آهن، ڪو وقت ايندو آهي ته اهي ظالم ۽ جابر حڪمران بڻجي ويندا آهن. ان وقت اهي ٻين جي حقن ۽ برابري جي بلڪل پرواهه ناهن ڪندا ۽ شيطان جو روپ اختيار ڪري وٺندا آهن. بدنامي سر تي کڻي خوب نالو ڪمائيندا آهن ۽ واعدن جي دل کولي خلاف ورزي ڪندا آهن.
جتي حڪومت ۽ سرڪاري اختيارن جو سوال اچي ٿو. اتي ملڪ جو انتظام ۽ بندوبست به لازمي آهي. اهو سچ آهي ته جتي به جمهوريت جو ٿورو گهڻو دخل آهي اُتي ڪٿي نه ڪٿي ٿوري گهڻي ڪمزوري به نظر ايندي آهي. سڀني ملڪن ۾ جڏهن ته وزيراعظم، وزير خارجه ۽ وزير داخله تي حڪومت هلائڻ جو ذميواريون آهن، انڪري انهن کي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي دلچسپي وٺڻي پوندي. قومي وقار کي ٻين مفادن جي مقابلي ۾ ترجيح ڏني ويندي ۽ خارجي معاملن کي سٺي انداز ۾ حل ڪيو ويندو.
فرانس جي ڀائيواري پسند صنعتڪارن ۽ واپارين باضابطه اعلان ڪيو آهي ته رياست فقط سرمائيداراڻي نظام جي پيداوار آهي. جنهن جو هڪ حصو هٿيارن جي فراهمي آهي ته جيئن انهن کي مزدورن جي خلاف استعمال ڪري سگهجي، ايتري تائين جو جمهوري رياستن ۾ به اهو ئي انداز ۽ طرزِ فڪر نمايان آهي. هڙتالن جي دوران سپاهن کي حڪم ڏنو ويندو آهي ته هڙتال ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو وڃي. جڏهن مزدور ڪنهن ملڪ جي صنعت يا ڪاروبار کي مفلوج ڪري ڇڏين، تڏهن اهي ملازم ئي هوندا آهن، جيڪي ان موقعي تي محب وطن هجڻ جو ثبوت ڏيندا آهن، نه ڪي مالڪ نه؛ جيتوڻيڪ ذميواري ٻنهي تي عا. ئد هوندي آهي. ان طرزِ عمل ۾ حڪومت جي ذميواري آهي ته اهي ماڻهو جيڪي هڙتال ڪندڙن کي هدايتون ڏئي رهيا آهن، توڙي ڪاميابي هجي يا ناڪامي، انهن جي هروڀرو طرفداري نه ڪري. دراصل اهي ٻئي عمل گڏجي هڙتال جو پس منظر پيدا ڪندا آهن ۽ اميرن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي ويندا آهن.
جمهوريت ۾ عوامي راءِ ۽ سياسي ميل جول هڪ حد تائين درست آهي، پر سرمائيدارن کان ٿورو پري پري رهڻ گهرجي. مختلف ادارا مزدورن جي مفادن ۽ انهن جي معاملن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪن ۽ حڪومت سان سوديبازي ڪن.
رياست کي تمام گهڻي طاقت اصولي طور تي جنگ جي خوف جي ڪري آهي. مهذب دنيا جي حوصلي ٽٽڻ جو سبب هي آهي ته اها پنهنجي ڪارڪردگي جي قوت جو اظهار ناهي ٿيڻ ڏيندي. ان بي پناهه قوت جو ڪو علاج دريافت ڪرڻ گهرجي، جيئن رومن دؤر ۾ ڪيو ويو. رياست جي قيام جو هڪ ئي مقصد آهي ۽ اهو مقصد هي آهي ته ملڪ ۾ خوشحالي جي ذريعي سلطنت، ۽ ماڻهن کي سڪون ۽ امن ميسر ٿئي. ۽ جتي قانون جي حڪمراني هجي.
گهڻو ۽ خاص ڪري اندروني جذبن کي بيروني حملي کان ان وقت روڪي سگهجي ٿو جڏهن تياري ۽ سوچ سمجهه سان ڏوهن تي قابو پائڻ جي صلاحيت موجود هجي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته اهي حرڪتون طاقت کي ٽوڙي مروڙي رکي ڇڏينديون. دنيا جي رياستن جي انجمن جوڙڻ تمام ئي ضروري آهي. جيڪڏهن اها انجمن ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته اها اهو فيصلو ڪندي ته انهن قانوني ضابطن کي هيگ عدالت جي ذريعي نافذ ڪيو ويندو. پر جيڪڏهن فرض ڪيو وڃي ته اهو فڪر جو انداز غير اخلاقي آهي ته ڇا ٿيندو؟ اهو به چئي سگهجي ٿو ته تهذيب جو مقصد انصاف حاصل ڪرڻ آهي، نه اهو ته طاقتور جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا وڃن. پر جڏهن ان تضاد کي ڪجهه ڪري ڇڏڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي، تڏهن اهو وساريو ويندو آهي ته انصاف جي محبت خودبخود هڪ تحريڪ بڻجي ويندي آهي. رياست کي آئين مطابق ڇا ڪرڻ ۽ ڇا نه ڪرڻ گهرجي، جنگ جي سنگين مسئلي کي هڪ طرف رکندي اندروني انتظام کي به قائم رکڻو آهي. ان کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جن تي توجهه ڏيڻ گهرجي.
اسين ٻن اصولن کي، انهن جي مثبت پاسن کي مدِنظر رکندي، فوقيت ڏئي گهون ٿا.
پهريون: اهڙا ڪيترائي معاملا آهن جتي عملي طور تي معاشري جي بهتري ۽ ڀلائي جو دارومدار رياست تي آهي ۽ رياست تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اها عوام کان به پنهنجا فرض ادا ڪرڻ جي درخواست ڪري.
ٻيو: قانون کي نافذ ڪري برقرار رکڻ جا ڪيترائي رستا آهن. رياست جيڪڏهن ناانصافي نه ڪرڻ جو ارادو ڪري وٺي ته اها عوام جي قهر ۽ غضب کان بچي سگهي ٿي.
جيتريقدر عوام جي بهتري ۽ ڀلائي جو تعلق آهي ان ۾ صحت، صفائي ۽ وچرندڙ بيمارين جو علاج خاص مسئلا آهن. مثلاً طاعون (هڪ قسم جي وچرندڙ ۽ ماريندڙ بيماري) جي معاملي کي کڻون ٿا. جيڪڏهن ان جي حل ۽ تدارڪ ۾ گهٽتائي وڌندي وڃي ته اها سڄي مخلوق لاءِ عبرتناڪ مسئلو اختيار ڪري سگهي ٿي. هڪ ماڻهو جيڪو طاعون جو شڪار آهي، جيڪڏهن ان کي آزاد ڇڏيو وڃي ته هو اها بيماري معاشري ۾ پري تائين ڦهلائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. بلڪل اهڙي طرح پاڻي جي اُپت جي کوٽ جو مسئلو آهي. ان کانپوءِ کڻون ٿا مليريا ۽ وڏي بخار جي مسئلي کي. مڇرن جي قلعي کي ڀڃي تباهه ڪرڻ شهري حڪومت جو فرض آهي. انهيءَ کانسواءِ به ڪيترائي اهڙا مسئلا آهن جن سان انسان جو واسطو پوندو رهي ٿو.
لازمي ۽ بنيادي تعليم انهيءَ صفائي ۽ حفاظت علم جو حصو آهي، ان ۾ ڪوتاهي دنيا ۽ ان جي آبادي لاءِ تمام ئي خطرناڪ آهي. جيڪڏهن ائين ٿيو ته حڪومت جا سڀ پرزا ڍلا ٿي پوندا ڇاڪاڻ ته اقتدار انهن ماڻهن جي هٿ ۾ اچي ويندو، جيڪي نالي ماتر تعليم يافته ۽ غير هنرمند هوندا ۽ اهڙي طرح جمهوريت ناڪام ٿي ويندي.
خانه بدوش ماڻهن جي رهڻ جو ڍنگ ڪافي حد تائين ناقلِ برداشت هوندو آهي. انهن جي باري ۾ هر مهذب ۽ تعليم يافته طبقي جو چوڻ آهي ته انهن کي سندن حالتن تي ڇڏي ڏجي ڇاڪاڻ ته اهو ئي انهن جي زندگي جو حسن ۽ دلڪشي آهي. انڪري اهي هر سختي ۽ جبر کان ڌار آهن. انهن جي لاءِ تعليم ڪا به معنى نٿي رکي ۽ جيڪڏهن انهن کي علم جي روشني سان مالامال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته اها ڪوشش ناڪام ثابت ٿيندي.
في الحال مسئلو هي درپيش آهي ته رياست کي ٻارن جي بهتري ۽ مستقبل لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ بلڪه ان ڳالهه تي غور ۽ فڪر شروع ڪري ڇڏڻ گهرجي ته فوري طور تي ڪهڙا ڪهڙا اُپاءَ وٺي سگهجن ٿا. ٻار ان جي قابل ناهن هوندا ته پنهنجي مستقبل جي باري ۾ سوچي سگهن ۽ والدين به ايترا سمجهدار ناهن هوندا ته انهن لاءِ ڪو خاص نصب العين طئي ڪري سگهن. اهڙي طرح واضح طور تي اها رياست جي زميواري آهي ته اها عوام ۾ بنيادي تعليم ۽ صحت جي حفاظت جي اصول جي باري ۾ فهم ۽ ادراڪ پيدا ڪري، ۽ اهو ڪم ايتريقدر وسيع پيماني تي ٿيڻ گهرجي جو هر شخص مطمئن ٿي وڃي، ۽ خود حڪومت کي به اطمينان رهي ته ان پنهنجي ذميواري ضمير ۽ ايمان مطابق پوري ڪري ڇڏي آهي.
علمي ۽ سائنسي تحقيقات جي حوصله افزائي هڪ الڳ معاملو آهي، جيڪا سئو سيڪڙو رياست جي هٿن ۾ رهندي آهي، پر ايجادن جا فائدا سڄي معاشري ۾ بهتري ۽ ڀلائي لاءِ هوندا آهن. ڇنڊڇاڻ ۽ معلومات (Research) جا انفرادي طور تي خرچَ برداشت کان ٻاهر هوندا آهن، تنهنڪري اها خدمت به سرڪاري طور تي سرانجام ڏني ويندي. مونکي وڏي افسوس سان چوڻو پئي ٿو ته عظيم برطانيه ان معاملي ۾ دنيا جي مهذب ملڪن کان ڪافي پوئتي آهي.
طاقت جا ٻيا قسم جيڪي رياست وٽ هجڻ گهرجن، اهي آهن؛ انصاف، اقتصادي معاملن کي درست سطح تي قائم رکڻ، اشتراڪين جي قانون مطابق تجارت جو حق، اجاره داري يا بنا شريڪ هئڻ جي قبضو. اهي بيان ڪيل قانون اها صلاحيت رکن ٿا ته اهي ماڻهن کان مناسب ٽيڪس وصول ڪري سگهن، جنهن جو سڀ کان روشن خيال مثال زمين جي ذاتي ملڪيت آهي.
ريلوي جي شعبي تي رياست ڪنٽرول ڪري رهي آهي. جڏهن ته ڪرايا قانون مطابق مقرر ڪيا ويا آهن. اها ڳالهه واضح آهي ته جيڪڏهن ان اداري کي آزاد ۽ بي لگام ڇڏيو وڃي ته اهو پنهنجي طاقت ۽ اختيارن جو جو ناجائز استعمال شروع ڪرڻ لڳندو. تنهنڪري حڪومت کي گهرجي ته پنهنجي گرفت کي برقرار رکي نه ته اشتراڪيت کي ليڙون ليڙون ڪري بدنام ڪيو ويندو. مان سمجهان ٿو ته اهو انصاف بذات خود قانون وانگر آهي ۽ اعلى ترين سياسي اصولن تي پابند رهڻ جي صلاحيت رکي ٿو، پر ڇا ائين نٿو ٿي سگهي ته ٻئي ادارا گڏجي ڪم ڪن ۽ ترقي جي راهه تي تيزي سان گامزن ٿي وڃن.
جڏهن اسين ناانصافي جو ڪو تدراڪ تلاش ڪندا آهيون ته سڀ کان پهريان اهو ڏسڻو پوندو آهي ته ڇا اهو ضروري آهي ۽ ڇا واقعي ائين ٿي رهيو آهي؟ يا اسين هروڀرو وقت ۽ دولت ضايع ڪري رهيا آهيون. ذاتي ملڪيت، جنهن جو تعلق زمين يا زميني ڍَل سان آهي ته حڪومت کي گهرجي ته پهريان ڍَل وصول ڪري.
انفرادي آزادي کي جابر حڪومت کان بچائڻ جي سلسلي ۾ ڇا ڪرڻو پوندو؟ هي هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن سان هر حڪومت جو واسطو پوندو رهندو آهي. اهي ماڻهو جيڪي اڄ به آزادي جي تصور کي سيني سان لڳايون ويٺا آهن، انهن کي ڪنهن نه ڪنهن تنظيم ۾ شامل ٿيڻو پوندو. ان جو سبب هي آهي ته سياست ۽ اقتصاديات اڪثر وڏين تنظيمن جي اثر هيٺ آهن. اهي سمجهندا آهن ته جيڪڏهن اهي انفرادي طور تي چاهيندا ته انهن کي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، پر ماڻهن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته دهشت ۽ ڌمڪي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ رياست کان وڌيڪ طاقتور تنظيم ٻي ڪا به ناهي. ان جي پهچ گهڻو وسيع آهي ۽ جنهن ڪم يا ڳالهه کي روڪڻ چاهي، ان کي روڪي سگهي ٿي.
تنظيم ۽ آزادي جي معاملي کي هڪ جهنڊي هيٺان آڻڻ جو طريقو هڪ ئي آهي ۽ اهو هي ته طاقت حاصل ڪئي وڃي. ٻين رضاڪار تنظيمن کي پاڻ سان گڏ شامل ڪيو وڃي ۽ پوءِ سڀ ميمبر انهن مقصدن جي حاصلات لاءِ گڏيل طور تي جدوجهد ڪن جن کي هو سمجهندا هجن ته انهن جي بقا لاءِ بيحد ضروري آهن. اهو ڪو فرض ناهي جيڪو طاقت جي ذريعي يا ڪنهن حادثي جي نتيجي ۾ مسلط ڪيو ويو هجي. رياست کي جيڪڏهن عوام جي حمايت حاصل نه هجي ته اها جاگرافيائي صورت ۾ ڪڏهن محفوظ ٿي رهي سگهي. گهڻا ئي معاملا ان وقت تائين محفوظ رهي سگهن ٿا جيستائين ان جو اتحاد به قائم رهي.
رياست جا هاڪاري مقصد، انتظام ۽ بندوبست جي نظرثاني، جيتريقدر ممڪن ٿي سگهي رياست کي پاڻ ئي حاصل ڪرڻا پوندا. خود مختيار تنظيمن کي جيڪڏهن مڪمل طور تي آزاد ڇڏيو وڃي ته اهي ان وقت تائين پنهنجو ڪم سرانجام ڏئي سگهنديون، جيستائين حڪومت کي مطمئن نه ڪن. تعليم جي تعلق سان ترقي جو ڪارڻ ائين ثابت ٿيندو آهي ته جڏهن اعلى تعليم ۽ تحقيقات جي نظرثاني ۾ يونيورسٽون به تسليم ڪيون وڃن. ان کان علاوه به گهڻا ئي موقعا موجود آهن جن کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي ۽ انهن کي موقعو فراهم ڪرڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين نه ڪيو وڃي ته ڪو به ڪمزور خيال ذهنن ۾ جنم وٺي سگهي ٿو. اهڙي طرح اهو طئي ٿيو ته گهڻي کان گهڻا مثبت رستا حڪومت جي هٿن ۾ هئڻ گهرجن ته جيئن رياست پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگهي.
اشتراڪيت جي قانون ۾ هي آهن اهي اصلي خيالَ ۽ اهي ان لحاظ کان به خاص اهيمت رکن ٿا ته ٻين تي نظر رکي سگهن ۽ جنگ جي خطري کي پري رکي سگهن. ان نظام جي تحت اسين عوامي نظريو رکندڙ تنظيم کي به شامل ڪري سگهون ٿا. آزادي جي حفاظت ۽ ان جي قيام لاءِ ٽريڊ يونين، ڪو آپريٽو سوسائٽيز، مختلف هنرمندن ۽ يونيورسٽين کي ڀليڪار ڪري سگهجي ٿو.
هڪ روايتي اعتراض هي به آهي ته هر نظام شهنشاهي، آمراڻو ۽ جابراڻو آهي. حقيقت ۾ مهذب رياست بي شمار تنظيمن تي مشتمل هوندي آهي، جن کي آزادي نٿي ڏئي سگهجي، سواءِ ان وقت تائين جو جڏهن عوامي راءِ ان جي خلاف ڀڙڪي اٿي. مسٽر لائيڊ جارج جي طبي شعبي ۾ ڊگهي جدوجهد هومر طرز جو (Homeric) هڪ ڀرپور حملو هيو. ان کان سواءِ ويلش (Welsh) کاڻ کوٽيندڙ، جن پٺيان هڪ قومي تحريڪ ڪم ڪري رهي هئي، 1915ع ۾ رياست جي فوج کي شڪست ڏئي ڇڏي. جنهن حد تائين سرمائيدارن جو تعلق آهي ته ڪابه حڪومت انهن سان لڙائي جهڳڙي جو تصور به نٿي ڪري سگهي.
برطانوي حڪومت جي طرف کان سڀني محبِ وطن ماڻهن کي ساڍا چار في سيڪڙو (4. 5%) هُنڍي جي طور تي رقم عطا ڪئي ويندي آهي جيڪا بطور قرض هوندي آهي. انهن کي چڱي طرح سمجهي ڇڏڻ گهرجي اهو انهن جو حق آهي ۽ انهن کي واپس ناهي ڪرڻو. پوليس جو خدمتون حاصل ڪرڻ حڪومت جو حق آهي پر ڪنهن جي بي حرمتي تمام خراب حرڪت آهي.
رياست جي اندر مضبوط تنظيمن جو وجود، جهڙوڪ ٽريڊ يونين، تمام گهڻو ضروري آهي. اهو سرڪاري آفيسر جيڪو گهڻي کان گهڻا اختيار ۽ طاقت رکڻ جو خواهشمند هجي ۽ ان جو ناجائز استعمال ڪندو هجي، اهو پهنجي عهدي جو حقدار نه آهي. رياست جي بيشمار اختيارن جي اڳيان اڪثر ماڻهو سياسي نڪاسي جو رستو ڪڍي وٺندا آهن، سواءِ انهن ماتحت تنظيمن جي جيڪي خاص مقصد لاءِ عمل ۾ آنديون ويون آهن
جڏهن بدمعاش ماڻهو اقتدار حاصل ڪري وٺندا آهن ته پوءِ پنهنجي دلچسپين جا رستا به تلاش ڪري وٺندا آهن. اهي سدائين پنهنجي شڪار جي تلاش ۾ رهندا آهن ۽ عوام جي بهتري ۽ ڀلائي جي رستي کان هٽي ويندا آهن. اهي بدتميز ۽ ضمير فروش ماڻهو جيڪي عوام کي بيوقوف بڻائڻ جو فن ڄاڻيندا آهن. انهن کي فوراً ڪڍي ٻاهر ڪيو وڃي ته جيئن نيڪ طريقا ۽ عوام جي همدرد ماڻهن کي موقعو ڏنو وڃي جيڪي رياست جي شهرت ۽ عزت جو سبب بڻجي سگهن.
رضاڪار تنظيمن جي اها ذميواري آهي ته امن جي قيام لاءِ مناسب قدم کڻن. رياست جي به اها ذميواري آهي ته اها ذاتي فوج جو قلعو ڊاهي جيڪو بااثر ماڻهن ۽ دولتمند ماڻهن قائم ڪيو آهي. اهڙي ذاتي فوج ۾ خرابي هيءَ هوندي آهي ته اها رياست جي اندروني معاملن ۾ دخل اندازي ڪندي آهي ۽ جمهوريت کي بدنام ڪري ڇڏيندي آهي. مان توهان کي پنهنجو هڪ ليڪچر جيڪو جنگ جي مسئلي تي هيو، ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو. توهان ان کي پنهنجي ذهن ۾ پروڙي وٺو.
انساني شعور ۽ عقل جي کوٽ، انفرادي مجبوري نٿي چئي سگهجي. شهري حڪومت کي مشيني دؤر ۾ داخل ٿيڻو پوندو ۽ اهو موقعو ان وقت حاصل ٿي سگهي ٿو جڏهن موجوده رجحان ترقي جي طرف گامزن ٿئي. اهي ادارا جيڪي مختلف مقصدن لاءِ وجود ۾ آيا آهن انهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ وفاقي فيصلا ۽ عدالت جو اختيار رياست کي سونپو وڃي. تڏهن رياست کي حق حاصل ٿي ويندو آهي ته ڪنهن فرد يا تنظيم کي جائيداد جي ورهاست جو ڪم حوالي ڪري سگهي. هڪ اصول هيٺ اهو پيمانو تلاش ڪيو وڃي جنهن جي مطابق انصاف ٻنهي ٽولن يا فرقن جي وچ ۾ قابلِ قبول بڻجي سگهي. هڪ اهڙو رهنما اصول جنهن ۾ سڀ جمهوري رياستون پنهنجي پنهنجي شهرين جي دلين مان جنگ جو خوف ختم ڪري سگهن. جنگ قربانيون گهرندي آهي بلڪل ائين جيئن هڪ ديوتا مولوڪ (Moloch) تي ٻارن کي قربان ڪيو ويندو هيو.